| 
								 بسم الله الرحمٰن الرحيم 
                                  
                                
                                قاضِي قادن 
                                
                                
                                قاضي قادن ولد قاضي ابو سعيد بکري: (ولادت 868هه 
                                مطابق 1463ع – وفات 958هه مطابق 1551ع). هو پنهنجي 
                                وقت جو عالم ۽ فاضل شخص ٿي گذريو آهي. ميران محمد 
                                جونپوري جو مريد هو. شاهه بيگ ارغون سندس پير ڀائي 
                                هو، تنهنڪري کيس گهڻي عزت ڏيندو هو. شاهه بيگ کان 
                                پوءِ شاهه حسن ارغون هن کي بکر جو وڏو قاضي مقرر 
                                ڪيو. ويهه سال کن انهيءَ عهدي تي رهي، مديني پاڪ 
                                ڏانهن هليو ويو. هو ڪيترن ئي علمن جو ماهر هو. هن 
                                جو ڪلام سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنيادي پٿر آهي. 
                                سندس بيت ۾ تصوف جا نڪتا بيان ٿيل آهن. 
                                
                                  
                                
                                بيت 
                                
                                جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ 
                                
                                تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري 
                                
                                _______ 
                                
                                ڪنز قدوري قافيا جي پڙهين پروڙين سڀ 
                                
                                ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀ 
                                
                                _______ 
                                
                                ڪنز قدوري فاقيا ڪو ڪونه پڙهيوم 
                                
                                او پارئي ٻيو جِيان پرين لڌوم 
                                
                                _______ 
                                
                                سيئي سيلهه ٿيام پڙهيام جي پاڻ ئي 
                                
                                اکر اڳيان اڀري واڳو ٿي وريام 
                                
                                  
                                
                                سائر ڏيئي لت اوچي نيچي ٻوڙئي 
                                
                                هڪائي هيڪ ٿيو وڃي سڀ جِهَت 
                                
                                ______ 
                                
                                لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين 
                                
                                سوئي پڙهيو سو پڙهان سوئي سو حرف 
                                
                                _______ 
                                
                                سڄڻ منجهه هئام  مون ويٺي واڪ ٿيا 
                                
                                هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا هئين جاڙ وڌام 
                                
                                  
                                
                                _______ 
                                
                                
                                 
  
                                
                                شاهه عبدالڪريم رحه 
                                
                                
                                سيد عبدالڪريم شاهه ولد سيد لعل محمد شاه متعلوي؛ 
                                
                                
                                (ولادت 944 هه -- وفات 1032 هه) پنهنجي وقت جو وڏو 
                                عابد، زاهد، صوفي درويش هو. شاهه عبداللطيف رحه  
                                ڀٽائي جو پڙڏاڏو هو. پنهنجي هٿن سان پوک ڪري گذران 
                                ڪندو هو. 
                                
                                
                                پنهنجي مريدن کي سلوڪ جي واٽ سمجهائيندي شعر  
                                چوندو هو. سندس ڪلام سريلو ۽ هر ڪنهن لاءِ دلپسند 
                                آهي. سندس بيتن ۾ معرفت جا موتي پوتل آهن. 
                                
                                  
                                
                                
                                بيت 
                                
                                تون چئو الله هيڪڙو  وائي ٻي مَ سک 
                                
                                سچو اکر من ۾ سوئي لکيو لک 
                                
                                _______ 
                                
                                اٿي چل چرين جئن سڱ سڀئي ڇن 
                                
                                جي ڀانئين پرين مڙان ته مَت منهنجي ڳنهه 
                                
                                _______ 
                                
                                جي جاڳيندي من ۾ ستي پڻ سيئي 
                                
                                من پريان نيئي پڳهيو پاڻ ڳري 
                                
                                _______ 
                                
                                مٺ ڀيڙائي ڀلي جو اپٽي ته واءُ 
                                
                                جو پڌر وڌي ڳالهڙي تو ڇڏي  وڃي ساءُ 
                                
                                _______ 
                                
                                ورَ سا سڃي ويڙهه جتي سڄڻ هيڪڙو 
                                
                                سو ماڳوئي ڦير جتي ڪوڙ ڪُماڻهوئين 
                                
                                _______ 
                                
                                ڀنڀوران ٻه ٿوڪ ڪنين نه نئا پاڻ سين 
                                
                                سڪڻ سپڙين کي ۽ لاڳاپوسين لوڪ 
                                
                                _______ 
                                
                                نينهن نياپي نه ٿئي سڌين سيڻ نه هون 
                                
                                ڪارئين راتين رت ڦڙا جان نيڻ نه رُون 
                                
                                _______ 
                                
                                پاڻي اتي جهوپڙا مورک اڃ مرن 
                                
                                دانهون ڪن مَٺن جيئن دم نه سڃاڻن 
                                
                                _______ 
                                
                                مورک مور نه ٻجهڻا هيڏان هوڏان ڪن 
                                
                                ڪٽر جن اکين ۾  سي ڪيئن پرين پسن 
                                
                                _______ 
                                
                                اسين سڪون جن کي تان سي اسين پاڻ 
                                
                                هاڻي وڃي گُمان صحيح سڃاتا سپرين 
                                
                                _______ 
                                
                                هوت نه ڏٺائون ڏوهه نه ڏيان جيڏئين 
                                
                                مٿي ڪري هٿڙا هوند مون جيئن رُنائون 
                                
                                _______  |