| 
                                 
                                سامي 
                                
                                ڀائي چين راءِ بچو مل سامي:- (جنم سنبت 1800ع، مرتيو 1907ع، 
                                شڪارپور جوويٺل هو. الله لوڪ شخص هو. سندس پيءُ 
                                واپاري هو، مگر هن جي دل ساڌ - سنگت ڏانهن مائل 
                                هئي. رياست بهاولپور جو هڪ ساڌو مينگهراج سامي، 
                                هاٿي در جي ڀرسان اچي رهيو، جنهن کي پنهنجو گرو 
                                ڪري ورتائين. ان کانپوءِ سندس دل جي دري کلي پئي ۽ 
                                شعر چوڻ لڳو. سندس ڪلام ويدانت جي اصولن تي ٻڌل 
                                آهي. 
                                
                                  
                                
                                شلوڪ 
                                
                                وڏي وڏائي ’سامي‘ ڄاڻ ڀڳت جي 
                                
                                نيچ اوچ ٿيا ڪيترا ڪري ڪمائي 
                                
                                ڍيڍ چمار جُلاها پيڃارا نائي 
                                
                                جنين لنؤ لائي سي سڀئي سڌريا 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                محبت مست ڪري عاشق نيا اسگاهه 
                                
                                پرچي ڪيائون پانهنجو ’سامي‘ پٽ پري 
                                
                                پرين پاڻ ڀري ڏئي پيالو نُور جو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                من ماري مهين ڪر پريت پريان سان جوڙ 
                                
                                نيڻ پنهنجا نام سان خوشي منجهئون کوڙ 
                                
                                جن ميڙي لک ڪروڙ سي ڀڄن ريءَ ڀري ويا 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ويڙا سڀ لڏي سوربير سنسار مون 
                                
                                هاٿي گهوڙا پالڪيون لشڪر ڪوٽ ڇڏي 
                                
                                تون ويٺين گهر اڏي مٽيءَ جو مستان ٿي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                نڪا جوڳ جڳت نڪا مون ڀاء ڀڳت 
                                
                                نه ڪو ڄاڻان جپ تپ نه ڪا رکان رهت 
                                
                                ’سامي‘ شيوا ٽهل جي مون ۾ ڪانهي مت 
                                
                                پاڻ رکندو پت اچي عيب ڀريءَ جي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                لکين جيءَ لڙهن ٿا اڻ هوندي درياهه ۾ 
                                
                                چڱو ڄاڻي چت ۾ مورک ڪين مڙن 
                                
                                ’سامي‘ ڪيئن ڇڙن جي ٻڌا ڪلپت پنهنجيءَ 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ويا پٽيندا ڪيترا منهن کي هٿ هڻي 
                                
                                تون نيندين ڪين ڪي ڪوڏي ساڻ کڻي 
                                
                                سار سنڀار ڌڻي ته سکي ٿئين ’سامي‘ چئي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڪلپت ڪيا خوار سڀئي جيءَ جهان جا 
                                
                                ويهي پنهنجي گهر ۾ ڪرن ڪين ويچار 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڪوڙين ۾ ڪو هڪڙو هرجن رهي هشيار 
                                
                                ڪيو جنهن ديدار ’سامي‘ سپرين جو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                عاشق رهن غرق سدا پنهنجي حال ۾ 
                                
                                جاڳي ڪڍيائون جيءَ مؤن ’سامي‘ چئه سڀ شڪ 
                                
                                ڏيئي ويٺا ٽڪ ڏهن درن کي هيڪڙو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                  
                                
                                خليفو نبي بخش 
                                
                                  
                                
                                خليفو نبي بخش لغاري قاسم: (ولادت 1777ع وفات 1863ع ) هو سنڌي ۽ 
                                سرائڪي  جو هڪ قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پير 
                                سائين پاڳاري حضرت محمد راشد رح روضي ڌڻيءَ جو 
                                خليفو هو. سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو. سندس 
                                ڪيڏارو گهڻو مشهور آهي. سندس ڪلام جي اهم خصوصيت 
                                جوش ۽ جذبو آهي. 
                                
                                  
                                
                                بيت 
                                
                                هتين چڪئين ڪاتئين وڙهيج ويرين ساڻ 
                                
                                پهرئين مارج پاڻ ته سوڀ مليئي سٿري 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                جي تون ڀڄي آئيين تان تون ڪانڌ مَ ڪُڇ 
                                
                                ويهه ڪوڙائي ڪوڏ سين مادر جهولي مُڇ 
                                
                                جو ڏاڙهي  پکيءَ پڇ سا کونڌ ته کاڏي اجري 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                جي تون ڀڄي آئيين ته اوڏو مون نه اچ 
                                
                                تو ڳل ڏين ٻانهڙي ڪر کي لايان ڪچ 
                                
                                مون سهائي سچ ڪوڙيون ڪانڌن ڪوڏيون 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                جي تون ڀڄي آئيين ته آئون تنهنجي ڀيڻ 
                                
                                نڪ تنهنجي نڪ ۾ وجهان ڏيئي ويڻ 
                                
                                تو ڏي کڻان نيڻ ته ڪر پسان پٽ کي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                پاکر اوڍ مَ تن کي آڏي جهل مَ اوٽ 
                                
                                ڪوڙين آڏا ڪوٽ ته پڻ ڪان قضا جو نه گئسي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                رڻ راوت رڪ ٽيئي پرتا پاڻ ۾ 
                                
                                پيتائون پر ٿيا منجهان سيف سرڪ 
                                
                                تيموري ترڪ هاڃون ڪري هليا 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڳائو ڳجهه نه کاءُ ماهئي ماس نه هيرئين 
                                
                                تنين کي واجهاءِ ڪلنگيون جن ڪاپار ۾ 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڳجهون ڳاڙهي وات مون لمندي ڏٺيون 
                                
                                جيڪس مانجهي مارئيا رڻ ۾ ٻين رات 
                                
                                پڪارون پرڀات ٻڌو ٻانهيارين جون 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                جنين گهوري گهاتئين سندي پاڻي پڪ 
                                
                                تنين چوسي چڪ ڏان لڌائون ڏيڏريون 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                جان جان جئين جڳ ۾ مڇي مور نه کاءُ 
                                
                                پلي سندي پريءَ کي هاريا هٿ مَ لاءِ 
                                
                                جنهن ۾ ککيءَ ساءُ اوڏو وڃ مَ ان کي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                گهاتو گهيريا مڇ مڇ نه گهيريو گهتوئين 
                                
                                تنين سندا رڇ جهلي رپ رهائيا 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                گهاتو گهڙيا مَ وريا وڏي لڳين وير 
                                
                                تنين سندا سير اڀي نت نهاريان 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                تُهه اَن مان نِڱئو تهه ۾ اَن اصل 
                                
                                پوکيو سو پيدا ٿيو ذرو ناهي نقل 
                                
                                ڦر مان سرجيو ڦُل ريءَ ڦُل نه سپجي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڪانو ابن ڪڻ جو ڪانو والد ڪڻ 
                                
                                ايءَ ڳالهه هنئين ساڻ هڻ ته ’قاسم‘ پيسين ڪل کي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                پنج ست ذاتيون پکڻا چوڏهن چار چون 
                                
                                قاسم‘ منجهان تن هيرو آندو هنجهڙي 
                                
                                ‘ 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                  
                                
                                بيدل فقير 
                                
                                فقير قادر بخش ”بيدل“ ولد ميان محمد حسن: (ولادت 1814ع- وفات 
                                1842ع) روهڙي جو مشهور بزرگ ۽ صوفي شاعر هو. نثر 
                                خواهه نظم ۾ سندس ڪافي تصنيفون آهن. سندس ڪلام 
                                ادبي ۽ فني خوبين سان سينگاريل آهي. 
                                
                                  
                                
                                بيت 
                                
                                  
                                
                                مستي کي هم اُوست ۾ جنين گم ڪيو 
                                
                                تنين ترت پيو آڇوڙو اثبات جو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                حالت ۾ حلاج جي سموري آهه سور 
                                
                                مردن ۾ منصور ڪو ڪو لڀي ڪاٿهين 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                حقيقت ۾ هڪ ٿيو اڇو ۽ ڪارو 
                                
                                نينهن هنيو نعرو هر مظهر ۾  هڪڙو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                اونهي هن اسرار جو کليو جن تي در 
                                
                                جاڏي ڪن نظر تاڏي پسن پرِ کي 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڳولا ڪري جنهن جي ساڳيو تون سوئي 
                                
                                جي پروڙين پاڻ کي ناهين ٻيو ڪوئي 
                                
                                هي هو هڪوئي سڏ پڙاڏو سمجهه تون 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                اچي ٿيو اثبات ۾ مشتاقن جو ماڳ 
                                
                                ربُوبي جو راڳ ڪن ريءَ سناسين سڻيو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                جي تون پيسين پاڻ کي ته جهل جو جام 
                                
                                هوءِ جا عبادت عام سا صوفي ڏوهه سنهڙو 
                                
                                
                                _____ 
                                
                                ڪافي 
                                
                                  
                                
                                پکيئڙا ولر کان وڇڙيا وڃي اوکيءَ منجهه اڙيا 
                                
                                زهري زلف زوراور جا توکي دُهرا دام پيا 
                                
                                  
                                
                                1.      ڇو ٿو پنهنجا پَر پَٽين توکي پختا پيچ پيا 
                                
                                ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏيندين ڄار به نه ڇٽڻ جا 
                                
                                  
                                
                                2.      وارن جي وراڪن ۾ ڪيئن ڪامل قيد ٿيا 
                                
                                هت ڪاڪ ڪڪوريا ڪيترا هت ڪيئي ڍينگ ڍريا 
                                
                                  
                                
                                3.      مانڊن منڊيا ڪين ڪي ۽ جو ڳين ڪين جهليا 
                                
                                وهه رکن واسينگن وانگر آهن زهر ڀريا 
                                
                                  
                                
                                4.      چڻندي داڻا خال سندا توکي ڪل نه پيئي ڪا 
                                
                                هائي هئي هئي ٿو ڪرين جڏهن وار اٿئي وچڙيا 
                                
                                  
                                
                                5.      ”بيدل“ ڏنگ جهلياسين ڏاڍا آهن اوکيرا 
                                
                                هيبتي حيوان الاڙي اڃا ڪين مڙيا 
                                
                                  
                                
                                ڪافي 
                                
                                آءُ آهيان اسرار عالم ليکي آدمي 
                                
                                  
                                
                                1. عرشون اچي اتهين عشق ڪيس اظهار 
                                
                                2. ڪين هلي ٿي قرب ۾ دين ڪفر جي ڪار 
                                
                                3. ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا نور آهيان نروار 
                                
                                4. ”بيدل“ بندو ناهين تون آڻ اهو اعتبار 
                                
                                  
                                
                                ڪافي 
                                
                                بيڪس ڪاڻ ڀنڀور ۾ آرياڻي تون اچيج 
                                
                                1.      هيءَ جا تنهنجي آسري تنهن جي سار لهيج 
                                
                                2.      نماڻيءِ جي نجهري پيهي حال پڇيج 
                                
                                3      .       سوز عشق جو سپرين بهرو ڪو بخشيج 
                                
                                4.      پنهون هٿئون پنهنجي وحدت وٽ وٽيج 
                                
                                5.      لالن لائق پنهنجي وحدت ڪوهيارل ڪريج 
                                
                                6.      محويت ڏي مون پرين ”بيدل“ کي منهن ڏيج 
                                
                                  
                                
                                ڪافي 
                                
                                پربنءَ کان پروڙ هي پرايم جيڏيون 
                                
                                1.      اندر اکيرو ڪيو سپريان جي سور 
                                
                                2.      وحدت سندي واس کئون ملا ٿيا منصور 
                                
                                3.      ڪوڙئين ڪان لڳا مون کي گهايس گُهور 
                                
                                4.      ”بيدل“ عهد الست کئون محبت ڪيس مخمور 
                                
                                  
                                
                                ڪافي 
                                
                                صورت جو سردار ڀلي ڪري آيو 
                                
                                وعدا پنهنجا سڀئي پاڙيا سهڻي يار سچار 
                                
                                اڱڻ اسان جي پير گهمايا مهر منجهئون منٺار 
                                
                                پاڻئون ڄاڻي پنهنجي پاڄيءَ جو غور ڪيو غمخوار 
                                
                                اچي اچانڪ سار لڌائين جانب جيءَ جيار 
                                
                                ”بيدل“ اصلئون آهي وڪاڻل در تنهنجي دلدار 
                                
                                  
                                
                                ڪافي 
                                
                                  
                                
                                سر اِسرار حقيقي آهيان صورت ڪر انسان ميان وو 
                                
                                فرش اتي ٿو عبد سڏايان، عرش اتي رحمان 
                                
                                نوح واري اوتار ۾ ڪيڙم، عالم تي طوفان 
                                
                                جسم جي اولي ڏنم ڏيکالي، آهيان جان جهان 
                                
                                ذات صفات کان آهيان نيارو نڪو نانءُ نشان 
                                
                                ”بيدل“ سير سڀوئي منهنجو لامڪان مڪان 
                                
                                  
                                
                                ڪافي 
                                
                                سالڪن جي سر تي سدائي جوش جلالي اچي اچي 
                                
                                وحدت جي درياهه ۾ پلپل موج منصوري مچي مچي 
                                
                                رنگ ربوبيت واري ۾ روح رندن جو رچي رچي 
                                
                                اذ اتم الفقر فهوالله چيو سائين سچي سچي 
                                
                                حلاجي حالت ۾ يارو ”مان“ ”تون“ مول نه بچي بچي 
                                
                                انحد جي آواز سان ”بيدل“ لنؤ لنؤ نيهئون نچي نچي  |