| 
								 
                                
                                ڪو شعر چوڻ ۽ سچ به لکڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا 
                                مٺا 
                                
                                
                                ۽ سو به وري سـُر لئي سان پڙهڻ ڪا راند ته ناهي 
                                منهنجا مٺا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هر ڏک جي آهه لذت به جدا، صورت به جدا، قيمت به 
                                جدا  
                                
                                
                                هر ڏک جو پر اڀياس رکڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا 
                                مٺا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هي جذبو منهنجو پنهنجو سهي پر حوصلو تنهنجي پيار 
                                ڏنو  
                                
                                
                                نه ته لحظي لحظي زهر پيئڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا 
                                مٺا  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪنهن گل جي رنگ ۽ خوشبو کان، ڪنهن رات جي چنڊ ۽ 
                                تارن کان  
                                
                                
                                ڪنهن ماڻهوءَ کي محروم ڪرڻ، ڪا راند ته ناهي 
                                منهنجا مٺا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                محبوب سان دل جون ڳالهيون ڪرڻ دنيا سان نئون انداز 
                                سخن  
                                
                                
                                پابند روايت جو به هجڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا 
                                مٺا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                جا پيڙا پربت ڏاريو ڇڏي ۽ ماڻهوءَ جو من ڳاريو ڇڏي
                                 
                                
                                
                                تنهن پيڙا سان پرچاءُ ڪرڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا 
                                مٺا 
                                
                                
                                
                                ڪراچي.  31-7-1984ع 
                                  
                                
                                
                                پيار ۾ پنهنجو هي اصول ٿيو 
                                
                                
                                جيڪي سڄڻن چيو قبول ٿيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                وقت جا پيچرا ڪٿي ٿا کٽن 
                                
                                
                                رهبرن سان رلڻ فضول ٿيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                حسن جي تنهنجي شل هجي شهرت 
                                
                                
                                مون کي رسوا ٿيڻ قبول ٿيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                توکي ٽڙندو ڏسي بهارن سان 
                                
                                
                                مون تي نغمن جو ڄڻ نزول ٿيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                عشق ئِي دين عشق ئي دنيا 
                                
                                
                                عشق رَحمت بڻيو رسول ٿيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                دور دنيا جا پيا اچن ۽ وڃن 
                                
                                
                                آهي مجروح ڇو ملول ٿيو 
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 1973ع 
                                  
                                
                                
                                ڳالهيون نه ڳڻ نه زخم ئي دل جا شمار ڪر 
                                
                                
                                ڪنهن سان وفا ڪرين ٿو ته ديوانه وار ڪر 
                                 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هرڪو کِلي چئي ته اچي ٿو ستم زده  
                                
                                
                                اُن کي نه اُن جي غم کي ائين آشڪار ڪر  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪنهن طرح زلفِ يار جي سرهاڻ آڻي ڏي  
                                
                                
                                مون تي ڪرم تون ايترو بادِ بهار ڪر 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ظاهر ڪڏهن نه ٿيندو، تنهنجو غم جهان تي 
                                 
                                
                                
                                جي ٿي سگهي ته مون تي رڳو اعتبار ڪر  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                منهنجي اڱڻ به آس جون مکڙيون ٽڙي پون  
                                
                                
                                رستو ڪو اهڙو موج صبا اختيار ڪر 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                شامِ غزل جي سونهن ۽ ساٿين جي قرب سان  
                                
                                
                                ڪي لحظا زندگيءَ جا اچي خوشگوار ڪر 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                آءٌ ته پاڻ ئي پيو کلان پنهنجي حال تي  
                                
                                
                                توکي هي ڪنهن چيو ته اکيون اشڪبار ڪر  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                لڙڪن کي منهنجي جيئن تنهنجو دامن ملي سگهي 
                                 
                                
                                
                                تدبير ڪا ته اهڙي منهنجا غم گسار ڪر  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                مجروح هن زماني جون سڀ چاهتون ڇڏي  
                                
                                
                                دل ٿي چئي سدا پيو پرينءَ جي پچار ڪر 
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 7-8-1991ع 
                                  
                                
                                
                                ڏکن تي پنهنجي کلان ٿو الائي ڇا آهي  
                                
                                
                                فريب دل کي ڏيان ٿو الائي ڇا آهي 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                وري به تنهنجي تمنا وري به تنهنجو خيال 
                                 
                                
                                
                                هي ڪهڙا خواب ڏسان ٿو الائي ڇا آهي  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                جڏهن زماني ڏني ڪا سزا وفائن جي  
                                
                                
                                مان بي خبر ٿي چوان ٿو الائي ڇا آهي  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هي رنگ رنگ بهارون هي آب آب اکيون  
                                
                                
                                تضاد ڪيڏو ڏسان ٿو الائي ڇا آهي  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                خلوص ۽ قرب جون ڳالهيون ٻڌي زماني ۾  
                                
                                
                                مان دوستن ڏي ڏسان ٿو الائي ڇا آهي  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪڏهن ڪڏهن ته اي مجروح سوچڻو ٿو پئي 
                                
                                
                                مان ڪنهن جي سڪ ۾ جيان ٿو الائي ڇا آهي 
                                 
                                
                                
                                اوهان جا ڀاڳَ اوهان لاءَ جنتون آهن  
                                
                                
                                اسانجي راهه ۾ حائل قيامتون آهن  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هي ڪهڙي دور مان گذري پيو قافلو پنهنجو 
                                
                                
                                صبح ۽ شام جون ساڳيون ئي صورتون آهن  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                وڃي ته ڪيڏانهن وڃي پيار جو ڪٺل ماڻهو  
                                
                                
                                قدم قدم تي حياتيءَ جون وحشتون آهن  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                سدا بهار هجن ڏک نه زندگيءَ ۾ ڏسن  
                                
                                
                                اُهي ئي جن جي نگاهن ۾ چاهتون آهن  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                لٿل لٿل ٿا ڏسون چهرا غم گسارن جا  
                                
                                
                                اڃا به ڪهڙيون اسان لئه عقوبتون آهن 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                جي ڪنهن کي پيش ڪريون پاڻ شرمسار ٿيون  
                                
                                
                                اسان جي جهولي ۾ مجروح تهمتون آهن  
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 1984ع 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                جڏهن جوڳي هتان رمي ويندا 
                                
                                
                                توکي سـُورن جي سڌ ڏئي ويندا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪانه ڏيندا ميار ماڻهن کي  
                                
                                
                                سورَ صدما ستم سهي ويندا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                سڪ جي سـُرهاڻ مـُرڪ جا موتي  
                                
                                
                                تنهنجي جهوليءَ ۾ سڀ وجهي ويندا  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                رڻ جا راهي ڪٿي ٿا رات رهن  
                                
                                
                                لڪَ لنگهي لوڪ کان لڪي ويندا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                پوءِ ايندا نه جـُوءِ ۾ جاني 
                                
                                
                                آس جا سڀ ڏيا اجهي ويندا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                آهي دنيا سمونڊ سورن جو  
                                
                                
                                ڪي ٻڏي ويندا، ڪي تري ويندا  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                دردَ تنهنجا هجن يا دنيا جا  
                                
                                
                                ڏک ڏکن سان رِلي ملي ويندا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                آهين مجروح ايڏو ڇو مايوس  
                                
                                
                                رُت بدلبي ته ڏک لهي ويندا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 24-6-1984ع 
                                
                                
                                بس انهي سوچ ۾ سدا آهيان  
                                
                                
                                ڪجهه نه آهيان ته نيٺ ڇا آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                تون بهارن جو دلربا نغمو  
                                
                                
                                آءٌ صحرا جي ڄڻ صدا آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪيئن ڏسان لڙڪ اُن جي اکين ۾ 
                                
                                
                                جنهن جي هر مـُرڪ تي فدا آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                مون کي ڳولهيندين ڪهڙي راهن تي  
                                
                                
                                آءٌ رڻ جي ٿڌي هوا آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                آءٌ پنهنجي وجود ۾ رهندي  
                                
                                
                                پنهنجي ئي روح کان جدا آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                غم جو مجروح هي اثر آهي  
                                
                                
                                اڄ زماني ۾ بي بها آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 6-3-1988ع 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                نيهن اڙائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                درد پرائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                دل جي پراڻي ديوارن تي  
                                
                                
                                زخم سجائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                اُن جي زلفن جي خوشبوءَ سان 
                                
                                
                                من مهڪائي ويٺو آهيان 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                واچوڙن جي واٽ سهي پر  
                                
                                
                                جوت جلائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                پاڇن پويان ڊڪندي ڊڪندي  
                                
                                
                                پاڻ وڃائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                اس جي هڪ هڪ مکڙِي ميڙي  
                                
                                
                                باغ بڻائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                کير پياريندي نانگن کي  
                                
                                
                                ڏنگَ پرائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                بيخود 
                                راز 
                                گراميءَ 
                                جهڙا  
                                
                                
                                دوست وڃائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڇا ٿو گهري مجروح زمانو  
                                
                                
                                گهر ته لـُٽائي ويٺو آهيان  
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 21-10-1988ع  
                                  
                                
                                
                                تنهنجي ويجهو جڏهن به آياسين  
                                
                                
                                سورَ ويتر، وڏا  پرايا  سين 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                توکي ڇڏيوسين خوش بهارن سان  
                                
                                
                                حادثا پنهنجي سِرَ وساياسين  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                وقت آيو ته شاهڪار ٿيا  
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                 لفظن جا چٽ بڻاياسين  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                پوءِ به مقروض آهيون يارن جا 
                                
                                
                                هونئن ته ليکا سوين چڪاياسين  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                دل ۾ هيري ڪڻين جيان ٿا لهن  
                                
                                
                                لڙڪ اکين ۾ جي لڪاياسين  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪو نه ويٺاسون ڇانوَ ۾ تن جي  
                                
                                
                                جي شجر شوق مان لڳاياسين  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                دل جي جذبن جي ترجماني لئه  
                                
                                
                                شعر مجروح جا ٻڌاياسين  
                                
                                
                                
                                ڪراچي 4-2-1987ع 
                                  
                                
                                
                                اکين کي انتظار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                هو يار غمگسار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                بس تنهنجو قرب آهي ته دنيا کي ڇا ڪبو 
                                
                                
                                دل کي هي اعتبار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                جنهن جي زيان ۾ به هئو دل جو فائدو  
                                
                                
                                سو غم جو ڪاروبار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هر شام اُجهندو ٻرندو هئس جنهن جي آس ۾ 
                                
                                
                                اُن بت جو انتظار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                زلفن کي تنهنجي پيار جي وڻڪار ٿي چيم  
                                
                                
                                مون کي سو اختيار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                راتين جو رول سڏبو هو جو تنهنجي شهر ۾  
                                
                                
                                سو تنهنجو بيقرار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                هو محفلن جو مور ۽ يارن جو سدا يار  
                                
                                
                                مجروح دلفگار به هاڻي ڪٿي رهيو 
                                
                                
                                
                                ڪراچي 13-4-1989ع 
                                  
                                
                                
                                هيءَ تمنا ته جيسين جڳ ۾ جيان 
                                
                                
                                چنڊ تارن جي محفلن ۾ رهان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                آهي پياسي هي درد جي ڌرتي 
                                
                                
                                ساهه سانوڻ هجي ته خوب وسان 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                رنگ ۽ خوشبو جا قافلا آڻي 
                                
                                
                                تنهنجي راهن تي گل وڇائي ڇڏيان 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                منهنجي شعرن سان منهنجي پرک ٿئي 
                                
                                
                                شل اکين سان اِهو مقام ڏسان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                آس بڻجان اُداس اکين جي 
                                
                                
                                ڪنهن کي مايوسين ۾ شل نه ڏسان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                تون ئي دل ۾ وسين تون اکين ۾  
                                
                                
                                تون ئي چئو توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                دل ۾ اڪثر خيال ايندو آهه  
                                
                                
                                ڪير آهيان مان، ڪنهن کي پنهنجو چوان 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                چاهي سوَ ڏکَ هجن يا ڏوراپا 
                                
                                
                                توسان جڏهن ملان ته مرڪي ملان  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                غم جي مجروح اُداس راتين ۾  
                                
                                
                                ڪنهن جي قربت جي ٿڌڙي هير گهران 
                                
                                
                                
                                ڪراچي. 1984ع 
                                
                                 |