|
زنده رود
|
اي جو حاصل توکي درد جستجو |
شعر هن پنهنجي تي ڪا ڪا گفتگو |
قمري کف خاکسترو بلبل قفس رنگ
اي ناله نشان جگر سوخته چيست؟(1)
غالب
|
دانهن جا پيدا ڪري سوز جگر |
مون ڏٺو هر جاءِ تي ان جو اثر |
|
آهه قمري سوز کان انجي جليل |
رنگ بلبل کي انهيءَ کان آ مليل |
|
موت ان ۾ آهه آغوش حيات |
نقش هي هت آ حيات ۽ هت ممات |
|
آ جدا رنگن ۾ يڪرنگي سندس |
رنگ اهڙو جنهن کان بيرنگي سندس |
|
تون نه ڄاڻين هي مقام رنگ و بو |
آهه هو دل جو حصو هي هاءِ هو |
رنگ وٺ يا ڪر تون بيرنگي گذر
جئن نشان توکي ڏئي سوز جگر
زنده رود
سؤ جهان اندر رکي نيري فضا
هر جهان کي اوليا ۽ انبيا
غالب
ڏس چڱائي ساڻ اندر هست و بود
آ مسلسل هي جهانن جو ورود
آ بپا هنگامهء عالم جتي
رحمة اللعالمين آهي تتي
زنده رود
فاش چؤ آ فهم منهنجو نارسا؟
غالب
هي سخن ظاهر چوڻ آهي خطا
زنده رود
اهل دل جي گفتگو حاصل سوا؟
غالب
نڪتي جي منهن تي اچڻ آ ناروا
زنده رود
تون سراپا آگ ۽ سوز طلب
ڇو نه ٿئين غالب سخن تي آ عجب
غالب
خلق تدبير ۽ هدايت ابتدا
رحمة اللعالمين آ انتها
زنده رود
مون ڏٺي معنى اڃا آهي نه ڪاءِ
آگ جي تو ۾ اٿي، مونکي جلاءِ
غالب
|
اي جو مون وانگر ڏسين اسرار شعر |
هن سخن کي ڪين سمجهي تار شعر |
|
شاعرن بزم سخن کي ڪيو بپا |
پر ڪليم آهن يد بيضا سوا |
|
تون گهرين مون کان جو آهي ڪافري |
ڪافري جا ماورائي شاعري |
حلاج
|
جت ڏسين جي ڪو جهان رنگ و بو |
جا مٽي انجي مان اسري آرزو |
|
يا ته نور مصطفى ان جي بها |
يا اڃا اندر تلاش مصطفى |
زنده رود
|
ٿو پڇان توکان پڇڻ هي آ خطا |
راز ان جوهر جو آ جو مصطفى |
|
آدمي يا آهه جوهر در وجود |
جو اچي ٿو گاه گهه اندر وجود |
حلاج
|
انجي آڏو نرڙ گيتي جو جهڪي |
پاڻ کي خود عبده جو نانءُ ڏي |
|
عبده کي سمجهه نا سمجهي سگهي |
ڇو ته هو آدم به ٿي جوهر
به ٿي |
|
انجو جوهر نا عرب آ، نا عجم |
آهه آدم، پر انهيءَ کان وڌ قدم |
|
عبده صورت گر تقدير آهه |
ان ۾ ويران جاءِ پڻ تعمير آهه |
|
عبده آ جانفرا ۽ جانستان |
عبده شيشو به ۽ سنگ گران |
|
عبد ٻيو، شي عبده ٻي آ مگر |
انتظار آهيون اسان، هو آ نظر |
|
عبده دنيا آ، دنيا عبده |
رنگ سڀ آهيون ۽ هو بي رنگ و بو |
|
عبده کي ابتدا بي انتها |
عبده کي صبح و شام آهي نه ڪا |
|
عبده جي ڳجهه کان ڪو آگاهه ناهه |
عبده ري سر الا الله ناهه |
|
لااله تلوار آ، دم عبده |
صاف چؤ آهي مڪرم عبده |
|
عبده آ رهنمون ڪائنات |
عبده راز درون ڪائنات |
|
مدعا پيدا نه ڪن ٿا هي ٻه بيت |
جيستائين تو نه سمجهيو، ”مارميت“ |
ڇڏ ٻيو گفت وشنود اي زنده رود
غرق ٿي اندر وجود اي زنده رود
زنده رود
گهٽ سڃاتم عشق کي آ ڪار ڇا
ذوق ديدار آهه، پر ديدار ڇا
حلاج
|
معنيءَ ديدار آ آخر زمان |
حڪم تي گردن نمائڻ هر زمان |
|
جيءُ جهان ۾ جئن رسول انس و جان |
تا ٿئين ان جان قبول انس و جان |
|
پاڻ کي ڏس پوءِ اهو ديدار آهه |
انجي سنت هڪ سندس ديدار آهه |
زنده رود
ڇاهه ديدار خدائي نو سپهر
حڪم سان جنهنجي هلي ٿو ماه و مهر
حلاج
|
نقش حق اول آ صدقو جان ڏيڻ |
پوءِ گڏ ان سان جهان ۾ آ جيڻ |
|
نقش جان دنيا ۾ بڻجي جئن تمام |
ٿو ٿئي ديدار حق ديدار عام |
|
خوب آ او مرد، جو هو ٿو ڪري |
نوفلڪ جنهنجي گهٽي ۾ ٿو ڦري |
|
واءِ هو درويش جو هو کي ڄڻي |
چپ ٻڌي دم، پنهنجي اندر ۾ کڻي |
|
جنهن جهان ۾ حڪم حق جاري نه ڪيو |
جوکي کائي جو نه ڪراري سکيو
|
|
خانقه ٺاهي ۽ خيبر کان ڇٽو |
راهبي ۾ پئي حڪومت کان ٽٽو |
|
نقش حق بڻجي؟ جهان نخچير ٿي |
هم عنان تقدير با تدبير ٿي |
عصر حاضر جنگ توسان ٿو رٿي
نقش حق کي هڻ انهيءَ ڪافر مٿي
زنده رود
نقش حق اندر جهان اڇليو اٿن
مان نه ڄاڻان ٿو ڪٿان اڇليو اٿن؟
حلاج
|
يا ته روز دلبري جو هيءُ ڪم |
يا ته زور قاهريءَ جو هيءُ ڪم |
|
ڇو ته آهي دلبري کان زور حق |
دلبري ۾ قاهري کان زور حق |
زنده رود
چؤ وري اي صاحب اسرار شرق
زاهد و عاشق ۾ ڇا آهه فرق؟
حلاج
زاهد اندر عالم دنيا غريب
عاشق اندر عالم عقبى غريب
زنده رود
معرفت جي انتها نابودگي
آ فنا جي زندگي آسودگي
حلاج
|
سڪر
يارن جو تهي پيمانگي |
معرفت کان نيستي بيگانگي |
|
تون فنا ۾ ٿو ڏسين مقصود کي |
ڪٿ عدم حاصل ڪري موجود کي |
زنده رود
|
پاڻ کي آدم کان جو بهتر ڏسي |
ان جي مٽ ۽ جام ۾ مي آ ڪٿي؟ |
|
خاڪ جي مٺ آهه گردون آشنا |
آگ هي بي سرو سامان ڪٿ ڀلا؟ |
حلاج
|
بد نه چو خواجهء اهل فراق |
آ، ازل کان تشنه ۽ خوني مذاق |
|
سڀ اسان جاهل ۽ او عارف زمان |
ڪفر انجي راز هن کي ڪيو عيان |
|
ڏي ڪرڻ کانپوءِ لذت ٿو اٿڻ |
آ خوشي جي واڌ درديلو هئڻ |
|
عاشقي آ، آگ ۾ انجي جلڻ |
آگ انجي ري جلڻ ناهي جلڻ |
|
عشق و خدمت ۾ اهو آ پيشوا |
راز انجي کان نه آدم آشنا |
چاڪ ڪر پيراهن تقليد کي
سک وڃي ان کان ره توحيد کي
زنده رود
آ ولايت روح جي توکي سدا
هڪ گهڙي مون ساڻ صحبت ڪر اڃا
حلاج
|
آ، اسان کي ڪين هردم هڪ مقام |
ذوق پروازي کان آهيون در خرام |
|
هر گهڙي آهي ڏسڻ سان گڏ جلڻ |
آهه کنڀن ري اڏامڻ ۽ هلڻ |
ظاهر ٿيڻ اهل فراق جي سردار ابليس جو
|
نيڪ مردن ساڻ صحبت هڪ ٻه دم |
سچ ته آ سرمايهء بود و عدم |
|
عشق کي شوريده تر هي ٿي ڪري |
عقل کي صاحب نظر هي ٿي ڪري |
|
اک کي ٻوٽيم ته ان سان گڏ هجان |
جئن مقام ديده کان دل ۾ ڏسان |
|
اوچتو دنيا ڏسان تاريڪ ٿي |
هن مڪان کان لامڪان تاريڪ ٿي |
|
رات ان ۾ شعلو هڪ ظاهر ڏٺم |
پيرسن ايندي اتان ٻاهر ڏٺم |
|
سرمئي ان کي قبا جو پوش هو |
ور وڪڙ دونهين ۾ بي پر جوش هو |
هن چيو رومي هي سر اهل فراق
آ سراپا سوز ۽ خوني مذاق
|
گهٽ کلڻ وارو هي پوڙهو ڪم سخن |
اک انجي جان ڏسي اندر بدن |
|
رند ۽ ملا، حڪيم ۽ خرقه پوش |
آ عمل ۾ گهٽ نه زاهد سخت ڪوش |
|
انجي فطرت ۾ نه آ ذوق وصال |
زهد ڇا، ترڪ جمال لا يزال |
|
ٿي جمال يار کان نا آشنا |
ترڪ سجدي کان ڪئي ان ابتدا |
|
ڏس ذرا ٿوريئي انجي واردات |
مشڪلات انجي نهاري ڏس ثبات |
آهه ان وٽ جنگ خير و شر اڃا
سؤ پيمبر هن ڏٺا ڪافر اڃا
|
جان تن ۾ سوز ان کان ٿي طپان |
آهه غم آلود ان کان ٿي عيان |
|
هئن چيائين اڌ پٽي اک کي کڻي |
مون بنا ڏس ڪو عمل جو ٻيو ڌڻي |
|
ايترو مشغول ڪم ۾ مان سدا |
آهه جمعي جي به فرصت ڪانه ڪا |
|
ڪين مونکي آ فرشتو يا غلام |
وحي منهنجو ري پيمبر آ مدام |
|
نا ڪتاب ۽ نا حديث آهي ملي |
جان شيرين مان فقيهن کان کسي |
|
دين جو رشتو فقيهن کان فنا |
منهدم
ڪعبي جي ٿي تن کان پنا |
|
منهنجي آئين جي اها تاسيس ڪٿ |
فرقو اندر مذهب ابليس ڪٿ! |
|
مان ڇڏيو جي آ سجود اي بي خبر |
ساز ٺاهيم ارغنون خير و شر |
|
ذات حق کان مونکي منڪر ڪين وٺ |
کول اک باطن تي ظاهر ڪين وٺ |
|
جي چوان مان نيست هي آ ابلهي |
ديد کان پوءِ نيستي ڪاڏهن ٺهي |
|
مان ’بلى،
۾ ’لا ‘ جي آ چيو |
مون چيو جو ڪينڪي خوشتر هيو |
|
پنهنجي بڇڙائي ڪئي مون آشڪار |
توکي آيو ذوق ’ترڪ و اختيار‘ |
|
باهه منهنجي کان مونکي آزاد ڪر |
آءُ آدم ڪار هن ۾ پير ڀر |
|
اي جو منهنجي بند ۾ ڦاسي پئين |
رخصت عصيان شيطان کي ڏئين |
|
ڌار همت پاڻ ۾ مردانه جيءُ |
غمگساري ڇڏ، مونکان بيگانه جيءُ |
|
منهنجي نيش و نوش کان ٿي بي نياز |
نامهء اعمال کي ڪر سرفراز |
|
هٿ اٿي صياد جي نخچير سؤ |
تون جي نخچير آنهه مون وٽ تير سؤ |
صاحب پرواز کي افتاد ناهه
صيد جي دانا ٿئي صياد ناهه“
|
مون چيس ڇڏ هيءُ آئين فراق |
ابغض الا شياء عندي الطلاق |
|
چيائين ”ساز زندگي سوز فراق |
ٿي وڻي هي مستي روز فراق |
|
منهنجي منهن تي وصل جو ناهي سخن |
وصل جي چاهيان ته ڪٿ هي انجمن |
|
وصل جي ٿيس حرف کان مان دور دور |
دل ۾ انجو آهه تازو سوز سور |
|
پنهنجي دونهين ۾ گهڙي سوزان وري |
پنهنجي دونهين ۾ ٿيو پنهان وري |
ور وڪڙ دونهين مان ٿيو واڪو بلند
ڪيتري جان خوش اها جا دردمند
ابليس جي فغان
|
اي خداوند صواب و نا صواب |
صحبت آدم ڪيو مونکي خراب |
|
حڪم منهنجي کان نه هن منهن موڙيو |
پاڻ کي هٿ سان پنهنجي ٻوڙيو |
|
خاڪ هنجي ڪٿ سکيو آهي ”اَبا“
|
هي نه ڄاڻي ٿو شرار ڪبريا |
|
صيد ٿو صياد سان ٿي ڪن وزير |
الامان هي بندهء فرمان پذير |
|
صيد اهڙي کان مونکي آزاد ڪر |
منهنجي طاعت ڪالهه واري ياد ڪر |
|
پست همت منهنجي هن کان هاءِ هاءِ! |
واءِ مونتي واءِ مونتي واءِ واءِ! |
|
خام فطرت، عزم هنجو آ ضعيف |
منهنجي ڌڪ جي تاب کان روئي حريف |
|
بندهء صاحب نظر مون کي کپي |
هڪ حريف پخته تر مونکي کپي |
|
آب و گل جي هي گڏي بيڪار آهه |
پيرسن آڏو نڪمو ٻار آهه |
|
ابن آدم آهه ڇا؟ مٺ آ ڪکن |
مٺ ڪکن ليء چڻنگ هي آهي ڪفن |
|
هن جهان ۾ جي ڪکن جي هست وبود |
آگ هي بيسود منهنجي بي نمود |
|
شيشه کي ڳارڻ سڄوئي عار آهه |
پري ڳري پٿر ته او با ڪار آهه |
|
هي فتوحات آهه مون ليءَ درد سر |
مان وٺي انصاف آيس، ڪجهه ته ڪر |
|
پاڻ کان منڪر هجي جو ٿو کپي |
مردان ڏي، ڪا ته مون کي راهه ڏي |
|
او کپي ٻانهو جو گردن کي وٺي |
جسم هي جنهن جي نگاهن کان ڏڪي |
|
جو چوي منهنجي نظر کان ٿي پري |
ٻن جون کان وڌ نه قيمت جو ڪري |
اي خدا هڪ زنده مرد حق پرست!
آهه منهنجي لاءِ بهتر او شڪست!
|