|
فلڪ مريخ
مريخ جا رهندڙ
|
اک کي پاڻي ۾ ٻوٽيم هڪ گهڙي |
پاڻ کان پرتي وڃي ٿيم هڪ گهڙي |
|
اک کوليم نئون جهان آيو نظر |
ٻيو زمان ۽ ٻيو مڪان آيو نظر |
|
اڀ تي گر سج ساڳو چمڪيو |
رات ڏينهن پر ات نظر آيو ٻيو |
|
جسم راهه جان کان بيگانه آهه |
گردش دوران کان بيگانه آهه |
|
جان هي هر سوز سان راضي رهي |
جئن به آ هر روز سان راضي رهي |
|
بي اثر آهي مٿس پرواز روز |
ڏينهن انجي نور کان عالم فروز |
رات ڏينهن جي گردش پيهم اها
سير ڪر انجو، هر عالم اها
|
هڪ رصد گهه هو بلند ۽ مرغزار |
دور بين جنهن جي ثريا درڪنار |
|
نو کنڊي ٿي خضر جي خلوت ڏٺي |
يا اسان جي خاڪدان جي هئي مٽي |
|
ان جي وسعت جو ڏٺو ٿي مان نشان |
ٿي ڏٺم انجي فضائي آسمان |
|
پير رومي مرشد اهل نظر |
هئن چيو مريخ هي آهي هوش ڪر |
|
هن کي آ پنهنجي جهان جان رنگ و بو |
ملڪ، جن ۾ شهر، جن ۾ ڪاخ ڪو |
|
هن جا رهندڙ مغربين جان ذوفنون
|
جان و تن جي علم ۾ ماهر، فزون |
|
هي زمان جا ۽ مڪان جا مختيار |
آ فضا جو علم تن وٽ آشڪار |
|
آهه هر شيءِ تي سندن قادر قدم |
آ فضا جو تن ڏٺو هر پيچ و خم |
|
خاڪين جي دل آ اندر آب و گل |
هن جهان ۾ جسم پر پابند دل |
|
آب و گل ۾ دل جڏهن منزل ڪري |
پوءِ ان کان جئن وٺي حاصل ڪري |
|
ذوق مستي تي رکي ٿو حڪم روح |
تن جي هستي تي رکي ٿو حڪم روح |
|
آ ٻٽو پنهنجي جهان ۾ هي وجود |
جان و تن آ بي نمود بانمود |
|
خاڪين جو جان و تن: مرغ و قفس |
مريخي فڪر آهه الٽو دور رس |
|
ٿو اچي ڪنهن تي جڏهن روز فراق |
چست ٿو ان کي ڪري سوز فراق |
|
موت کان اڳ ۾ ڏسي فرحان موت |
ٿو ڪري سڀ جي اڳيان اعلان موت |
|
جان هت ڪجهه تابع اندام ناهه |
جسم کان ان جي جدا هر گام ناهه |
|
جسم کي اندر ڇڪڻ هت موت آهه |
پاڻ ۾ گم ٿي وڃڻ هت موت آهه |
|
فڪر تنهنجي کان مٿي هي آ سخن |
ڇو ته تنهنجي جان محڪوم بدن |
هڪ ٻه ڏينهن منزل هتي ڪر شادمان
ٻي جي قسمت ۾ ڪٿي اهڙو جهان
ستاره شناس مريخي
جو رصد گاهه کان اچڻ
|
پيرسن، هئي ريش جنهنجي برف جان |
علم حڪمت کي پڙهيو جنهن جاودان |
|
مغربي ڄاڻن جيان هو تيز بين |
راهبن جان هو لباس ان جو امين |
|
پيرسن پر قد بالا ڄڻ ته سرو |
رخ چمڪ سان جئن ٿين ترڪان مرو
|
|
علم ۾ ان جي هيو هر هڪ طريق |
انجي اکين مان ڏٺو فڪر عميق |
|
آدمي کي هو ڏسي شادان ٿيو |
طرز خيامي ۽ طوسي ۾ چيو: |
|
”بت مٽي جو هي اسير ماه و سال |
هيٺ کان آيو مٿي ڪئن باڪمال |
|
خاڪ بي طياره ڪئن ٿي سرفراز |
ٿو ڏئي تارن کي سياري جو راز“ |
|
گفتگو ۽ سمجهه انجي بي مثال |
محو حيرت ٿيس ٻڌي ان جي مقال |
|
خواب سمجهيم يا سڄي جادوگري |
فارسي ۾ مريخي جي برتري |
|
چيائين ”هو اندر زمان مصطفى |
مريخن مان مرد هڪڙو باصفا |
|
هن جهان کي اک جهان بين سان ڏٺو |
خطهء آدم ڏسڻ ليءَ هو لٿو |
|
کنڀ کولي هو اڏاڻو شاهباز |
سامهون انجي ٻيو ملڪ حجاز |
|
مغرب و مشرق ڏسي جو گڏ ڪيو |
نقش انجو باغ جنت کان وڌيو |
|
مون ڏٺو پڻ آهه ايران و فرنگ |
نيل وارو ملڪ ۽ درياهه گنگ
|
|
آمريڪا پڻ ڏٺم جپان و چين |
ٿي ڪيم ڌاتن ليءَ تحقيق زمين |
|
آ زمين جي روز شب جي هر خبر |
مون ڪيو ٿي بحر و بر ۾ پئي سفر |
آدمي جي هر عمل جي آ خبر
گرچه هو آهي اسان کي دور تر
رومي
|
آسماني مان ۽ ساٿي خاڪ کان |
ري شراب آ، جنهن کي ڪيف جاودان |
|
مرد بي پرواهه نالو ”زنده رود، |
جنهن کي هر دم آهه تحقيق وجود |
|
شهر ۾ تنهنجي اسانجو ٿيو گذر |
ڪجهه نه آهي، ٻي جهان جو ڪو اثر |
|
نوبنو جلوي جي آ ڳولها سدا |
سير هن ۾ ٿي اسان جو رهنما |
حڪيم مريخي
|
”هي نواح مرغدين برخيا |
برخيا منهنجي وڏن مان باصفا |
|
فرمرز حاڪم هيو هت بي حيا |
هئن وڃي جنت ۾ چيائين برخيا |
|
تون هتي سک ۾ جدا ڇو ٿو رهين |
عمر محڪوم خدا ڇو ٿو رهين |
|
هن جڳهه کان آ مٿي روشن مقام |
جنهن جي سامهن آهه جنت بي ڪلام |
|
هو جهان آ هر جهان کان شاد ڪام |
هو جهان آ، لامڪان کان شادڪام |
|
آ خدا بي ان جهان کان بي خبر |
سچ ته هو عالم آهي آزاد تر |
|
جوڙ جڪ ۾ ات خدا بي دخيل |
نا ڪتاب آ، نا رسول و جبرئيل |
|
نا طواف آهي اتي نا ڪو سجود |
نا دعا آهي اتي نا ڪو درود |
|
برخيا ان کي چيو ’اي بدخبر |
اٿ وڃي ڏيکار ٻي جا، هي هنر |
|
مڪر کان ان جي ڇٽو او رهنما |
هي جهان بخشيو تڏهن ان کي خدا |
هن خدا جي ملڪ مان شادان گذر
راهه و رسم مرغدين تي ڪر نظر“
مرغدين جي شهر جو چڪر
|
مرغدين ۽ انجو هو جايون بلند |
آ چوڻ کان وڌ مقام ارجمند |
|
انجا ساڪن سڀ آهن شيرين سخن |
خوبرو ۽ نرم خو، سادو رهن |
|
ڪجهه نه تن وٽ درد سوز اڪتساب
|
علم تن وٽ ڪيميائي آفتاب |
|
سون چاندي هو وٺن ٿا نور کان |
لوڻ جئن حاصل ٿي آب شور کان |
|
آهه خدمت تنجي هڪ علم و هنر |
آهه هت بيڪار تنهنجو سيم و زر |
|
هت طبيعت تي نه قادر آ مشين |
آسمان دونهين کان هت نا سرمگين |
|
محنتي ڪڙمي جو ڏيئو جلوه گر |
دهه جي مالڪ جو نه آ خوف و خطر |
|
پوک تي جڳهڙو نه پاڻي تي فساد |
غير جي شرڪت سوا حاصل مراد |
|
هت نه لشڪر يا لڙائي جو فنون |
نا وري روزي ڏئي ڪا ڪشت و خون |
|
نا قلم کي مرغدين ۾ ڪو فروغ |
جو ڪري تحرير تشهير دروغ |
|
ناهه بازارين ۾ بيڪاري ڪٿي |
آ فقيرن جي نه هت زاري ڪٿي |
حڪيم مريخي
هت سوالي يا ڪوئي محروم ناهه
عبد و مولا حاڪم و محڪوم ناهه
زنده رود
|
سائل ۽ محروم تقدير خدا |
حاڪم ۽ محڪوم تقدير خدا |
|
ري خدا ٻيو خالق تقدير ناهه |
چارهء تقدير ڪجهه تدبير ناهه |
حڪيم مريخي
|
هڪ ڪري تقدير خون تنهنجو جگر |
بي وري تقدير حڪم حق کان گهر |
|
تون گهرين تقدير نئين جي آ روا |
حق جو تقديرون اٿي لا انتها |
|
آ زمين وارن، خودي پنهنجي وڪي |
نڪتهء تقدير کان سڀ ٿيا تهي |
|
رمز باريڪ ان جي دل ۾ ذري اثر |
هو به ٻي ٿي، جي ٿئين تون ٻيو اگر |
|
خاڪ جي ٿيندين اڏائيندءِ هوا |
جي ٿئين پٿر ته شيشي ليءِ فنا |
|
ماڪ آهين: تنهنجي تقدير آ سڪڻ |
بحر جي آهين: ته تقدير آ وهڻ |
|
هر زبان سازي اها لات و منات |
ڏس بتن ۾ نا ثبات اي بي ثبات |
|
رنج بي گنج آهه، تقدير آ، ائين |
گنج بي رنج آهه، تقدير آ، ائين |
|
اصل دين آ، گر اهو ئي بيخبر |
ٿو ٿئي محتاج وڌ محتاج تر |
|
ڇا هي ان دين کي جو ننڊ ڏي |
پوءِ گهري ننڊ ۾ توکي وجهي |
سحر و افسون آهه يا دين آهي
حب افيون
آهه يا دين آهي
|
ٿو سڃاڻي طبع دراڪ آ ڪٿان؟ |
حور اندر قالب خاڪ آ ڪٿان؟ |
|
قوت فڪر آ حڪمين جي ڪٿان؟ |
طاقت ذڪر آ ڪليمن جي ڪٿان؟ |
|
دل ۾ انجي واردات آهي ڪٿان؟ |
هي هنر ۽ معجزات آهي ڪٿان؟ |
|
گرميءَ گفتار هي توکان نه آهه |
شعلهء ڪردار هي توکان نه آهه |
|
هي سڄوئي فيض فطرت جي بهار |
جنهن جو مالڪ فطرت پروردگار |
|
زندگي ڇا، موتين جي کاڻ آهه |
تون امين: مالڪ انهيءَ جو پاڻ آهه |
رســـم ۽ ره سان هلڻ پيغمبري
ملهه خدمت جو گهرڻ سوداگري
|
ان طرح هي خاڪ، بادل ۾ هوا |
باغ، ماڙي، سر ۽ پٿر جي بنا |
|
تون چوين هي ملڪيت منهنجي سدا |
مرد نادان هي سڄو ملڪ خدا |
|
ارض حق کي تون چوين پنهنجي زمين |
آيهء لا تفسدو پڙهه ٿي اَمين
|
|
ابن آدم آهه ابليسي ۾ شاد |
آهه ابليسي فقط فتنو فساد |
|
ڪو امانت کي امانت نا چئي |
آ چڱو جو ملڪ حق، حق کي ڏئي |
|
جا نه تنهنجي آ اها شي تون کڻي |
داغ بي شايان توکي ٿو وڻي |
|
تون جي شي جو آنهن مالڪ ڪر وصول |
جي نه آهين، ڪين ڪر ان کي قبول |
|
آ خدا جو ملڪ ان کي ڏي وري |
ڪار تنهنجي جي ٿئي جئن برتري |
|
زير گردون ڇاهه مسڪيني ڀلا |
جو اچي مولا کان آ افضل سدا |
|
آب و گل کان جو نه ٻانهو ٿي جدا |
ان ڀڳو شيشي کي پنهنجي برملا |
|
اي جو منزل جي نه ڄاڻي واٽ ڪا |
تنهنجو انداز نگهه آ پر خطا |
|
تنهنجو گوهر ملڪ جو، گوهر اٿي |
ورنه ڪوڏي کان به هي ڪمتر اٿي |
نوع ٻي سان ڏس جهان، ٻيو ٿي پوي
هي زمين و آسمان، ٻيو ٿي پوي
احوال مريخ جي دوشيزه جو
جنهن نبيـــﮧ
هئڻ جي دعوا ٿي ڪئي
|
سو هزارن ماڙين کان ٿيو گذر |
شهر کان ٻاهر پيو ميدان نظر |
|
گڏ ڏٺم ات مان هجوم مرد و زن |
ان جي وچ ۾، زال هڪ جلوه فگن |
|
منهن سندس روشن مگر بي نور جان |
هئي بيان کان انجي معنى دل گران |
|
بي نمڪ اکيون ۽ لفظن ۾ غرور |
آرزو جو ڪين ڪو حاصل سرور |
|
هو وٽس نا عشق ناآئين عشق |
رد هي لقمو ڪيو شاهين عشق |
|
هئن چيو ات ان حڪيم با صفا |
هي دوشيزه مريخن کان آ جدا |
|
سادي ۽ آزاد، بي مڪر و ريا |
فرز مرز آ ندي فرنگين کان اها |
|
پخته آ ڪار نبوت ۾ بڻي |
هن کي هن عالم ۾ اڇليو ان کڻي |
|
ٿي چوي نازل ڪيو ٿم آسمان |
منهنجي دعوت، دعوت آخر زمان |
|
آ مقام مرد و زن ان جو سخن |
ٿي چوي هي فاش اسرار بدن |
آهه تقدير حيات ان جو بيان
ٿو زمين جي مان زبان ۾ او چوان
ذڪر مريخ جي نبيـــﮧ جو
|
عورتو! مائرو! اي ڀينرو |
دلبرن وانگر جيئڻ هي آهه ڇو؟ |
|
دلبري اندر جهان مظلومي آهه |
دلبري محڪومي ۽ محرومي آهه |
|
ڇوٽين کي ڏئي ڦڻي ويڙهي ڇڏيون |
مرد کي نخچير پنهنجو ٿا سڏيون |
|
مرد پر نخچير ٿي کيڏي شڪار |
تنهنجي چوڌاري وجهي مضبوط ڄار |
|
آ سندس هي شوق سڀ مڪر و فريب |
درد، داغ ۽ ذوق سڀ مڪر و فريب |
|
گرچه هو توکي بڻائي ٿو حرم |
پر ڏئي ٿو توکي ڪيڏو درد و غم |
|
ان سان گڏ گهارڻ ٿي آزار حيات |
وصل زهر آ ۽ فراق آهي نبات
|
|
نانگ ٿي او، ور وڪڙ انجي کي ڇڏ |
زهر کي رت سان پنهنجي ڪين گڏ |
ماءُ بڻجڻ مائرن ليءِ خستگي
مرد ري آزاد بهتر زندگي
|
وحي حق هردم اچي ٿو مون مٿان |
لذت ايمان وڌائي هر زمان |
|
وقت آيو آهه جو اعجاز فن |
ٻار کي پيدا ڪري اندر بدن |
|
زندگي جي کيٽ کان وٺ جو چوين |
ڌيءَ يا پٽ، جا به خواهش تون رکين |
|
جو نه مرضي سان ٿئي حاصل جنين |
بي محابا انجو مارڻ عين دين |
|
عصر هن جي پوئتان اعصار ٻيا |
آشڪارا ٿين وري اسرار ٻيا |
|
هي جنين جي پرورش نوع دگر |
رحم جي راتين بنا بڻجي سحر |
|
خودبخود جئن ٿي فنا او اهرمن |
جئن ته حيوانات ايام ڪهن |
|
لاله جئن بي داغ، باد امان چاڪ |
ماڪ ري پيدا ڪري، پاڪيزه خاڪ |
|
پاڻ ظاهر ٿي هي اسرار حيات |
نغمه ، بي مضراب ڏي تار حيات |
|
وٺ نه او جيڪو ڏئي توکي ڪڪر |
اي سپي، درياهه ۾ بي اڃ مر |
|
اٿ ۽ فطرت سان وڙهه ٿي هوشيار |
تان وري ٻانهي ٿئي آزاد ڪار |
زال جي توحيد ”دوتن“ کان نجات
ٿي نگهبان آڻ مردن کان نجات
رومي
|
عصر نوجي ڏس نئين آئين کي |
حاصل تهذيب هن لادين کي |
|
زندگي جي شرع و آئين آهه عشق |
اصل تهذيب آهه دين: دين آهه عشق |
|
ان جو ظاهر سوز ناڪ و آتشين |
انجو باطن نور رب العالمين |
|
انجي گرمي کان آ باطن علم و فن |
آ جنون کان انجي روشن علم وفن |
دين پختو ٿي نه ري آداب عشق
دين ڏي ٿو صحبت ارباب عشق
|