| 
											1 | 
											
											
											
											به نام آن که جان را فکرت آموخت 
											
											
											چراغ دل به نور جان برا فروخت  | 
											
											
											شروع ٿو آءٌ ڪريان نالي انهي جي 
											ڏني جنهن روشني روحاني دل کي 
											سيکاريئين روُح کي اوّل ڪرڻ فڪر 
											ٿئي علم ۽ عمل جو جنهن کان پوءِ ذڪر | 
										
										
											| 
											2 | 
											
											
											
											ز فضلش هر دو عالم گشت روشن 
											
											
											ز فيضش خاک آدم گشت گلشن  | 
											
											 
											
											انهيءَ جي فضل ٻئي عالَم ڪيا روشن 
											انهي جي فيض کان ٿي خاڪ گلشن 
											 
   | 
										
										
											| 
											3 | 
											
											
											
											توانائي که در يک طرفة العين 
											
											
											ز کاف و نون برون آورد کونين  | 
											
											 
											
											اُهو قادر، جنهين منجھ طرفته العين 
											ڪيو پيدا بنائي ڪُن مان ڪونَين 
											 
   | 
										
										
											| 
											4 | 
											
											
											
											چو قاف قدرتش دم بر قلم زد 
											
											
											هزاران نقش بر لوحِ عدم زد  | 
											
											 
											
											هنيون قدرت سندس دم جڏهن قلم تي 
											هزارين نقش ٿيا لوح عدم تي 
											 
   | 
										
										
											| 
											5 | 
											
											
											
											از آن دم گشت پيدا هر دو عالم 
											
											
											و ز آن دم شد هويدا جانِ آدم  | 
											
											 
											
											انهي دم کان ٿيو پيدا دو عالم 
											اُنهيءَ کان ٿي هويدا جانِ آدم 
											 
   | 
										
										
											| 
											6 | 
											
											
											
											در آدم شد پديد اين عقل و تمييز 
											
											
											که تا دانست ازان اصل همه چيز  | 
											
											 
											
											تميز ۽ عقل پوءِ آدم ۾ آيو 
											پيو ايئن معرفت جو اُن ۾ پايو 
											 
   | 
										
										
											| 
											7 | 
											
											
											
											چو خود را ديد يک شخص معين 
											
											
											تفکر کرد تا خود چيستم من  | 
											
											 
											
											ڏٺئين جڏهن هڪ معيّن شخص آهيان 
											ڪيئين تڏهن فڪر تا آءٌ پاڻ ڇاهيان 
											 
   | 
										
										
											| 
											8 | 
											
											
											
											ز جزوي سوي کلي يک سفر کرد 
											
											
											وز آنجا باز بر عالم گذر کرد  | 
											
											
											تڏهن هن جُزوَ مان ڪُلَ ڏي سفر ڪيو 
											
											اُتان اُن موٽي عالم تي گُذر ڪيو  | 
										
										
											| 
											9 | 
											
											
											
											جهان را ديد امر اعتباري 
											
											
											چو واحد گشته در اعداد ساري 
											  | 
											
											
											ڏٺئين عالم کي هڪ اَمر اعتباري 
											حقيقت هڪڙي سمجهيئن سڀ ۾
											ساري | 
										
										
											| 
											10 | 
											
											
											
											جهان امر وخلق از يک نفس شد 
											
											
											که هم آندم که آمد باز و پس شد  | 
											
											
											ٿيَس معلوم تڏهن ڪثرت ۾ وحدت 
											ڳڻڻ ۾ جيئن وجھي هڪڙو ٿو برڪت | 
										
										
											| 
											11 | 
											
											
											
											ولي آن جايگه آمد شدن نيست 
											
											
											شدن چون بنگري جز آمدن نيست  | 
											
											 
											
											[هن جاءِ (جھان) ۾ اچڻ وڃڻ آهي ئي 
											ڪونه، جيڪڏهن تون وڃڻ جو تصور ڪرين ٿو 
											ته اچڻ آهي ئي ڪونه!] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											12 | 
											
											
											
											باصل خويش راجع گشت اشيا 
											
											
											همه يک چيز شد پنهان و پيدا  | 
											
											 
											
											اصل ڏي سڀ شيُون جيئن موٽ کائِن 
											هَمہ ٿيو هڪ ۽ حق ظاهر ۽ باطن 
											 
   | 
										
										
											| 
											13 | 
											
											
											
											تعالي الله قديمي کو به يک دم 
											
											
											کند آغاز و انجامِ دو عالم  | 
											
											 
											
											[الله تعاليٰ جيڪو قديم (ازلي) آهي، 
											هڪ لحظي ۾ ٻنهي جھانن کي وجود ۾ آڻي 
											ٿو ته وري ان کي 
											
											 معدوم 
											(عدم) پڻ ڪري ٿو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											14 | 
											
											
											
											جهان امر وخلق اينجا يکي شد 
											
											
											يکي بسيار و بسيار اندکي شد  | 
											
											 
											
											اندر ٻاهر ٿيو عالم ۾ ڄڻو هڪ 
											ٿيو هڪڙو گھڻو ۽ ٿيو گھڻو هِڪ 
											 
   | 
										
										
											| 
											15 | 
											
											
											
											همه از وهم تُست اين صورت غير 
											
											
											که نقطه دايره ست از سرعت سير  | 
											
											 
											
											ٿيو هي وهم کان صورت ۾ سڀ غير 
											ٿو نقطو دائِرو ٿئي تيز منجھ سَير 
											 
   | 
										
										
											| 
											16 | 
											
											
											
											يکي خطّست از اول تا بآخر 
											
											
											بر او خلق جهان گشته مسافر  | 
											
											 
											
											آهي هڪ خط ڪڍيل اوّل کان آخر 
											سڄي خلق آهي نِت ان تي مسافر 
											 
   | 
										
										
											| 
											17 | 
											
											
											
											درين ره انبيا چون ساربانند 
											
											
											دليل و رهنماي کاروانند  | 
											
											 
											
											سڀن جي انبياء ڪن پيشوائي 
											سفر ۾ قافلي جي رهنمائي 
											 
   | 
										
										
											| 
											18 | 
											
											
											
											وز ايشان سيّد ما گشته سالار 
											
											
											هم او اوّل هم او آخر درين کار  | 
											
											 
											
											ٿيو سيّد اسان جو تن ۾ سردار 
											اوّل آخر ٿيو عالم جو مَهندار 
											 
   | 
										
										
											| 
											19 | 
											
											
											
											 احد در ميم احمد گشت ظاهر 
											
											
											درين دور آمد اوّل عين آخر  | 
											
											 
											
											اَحد ٿيو ميمَ احمد جي ۾ ظاهر 
											ڦِري اَوّل اچي ٿيو عَين آخر 
											 
   | 
										
										
											| 
											20 | 
											
											
											
											 ز احمد تا احد يک ميم فرق است 
											 جهاني اندر آن يک ميم غرق است | 
											
											 
											
											ٿيو احمد احَدَ ۾ ميم هڪ فَرق 
											ٿيو اُن ميم ۾ عالم سڄو غرق 
											 
   | 
										
										
											| 
											21 | 
											
											
											
											در او ختم آمده پايان اين راه 
											 بر او منزل شده 
											
											’اَدعوا 
											الي الله‘ | 
											
											 
											
											[هن (محمد ﷺ) تي انهيءَ راھ (هدايت) 
											جي پڄاڻي ٿي، انهيءَ ڪري کيس ’الله ڏي 
											سڏڻ‘ جو حڪم نازل ٿيو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											22 | 
											
											
											
											مقام دلگشايش جمع جمعست 
											 جمال جان فزايش شمع جمعست | 
											
											 
											
											ٿيا پوءِ اولياء اُن راھ تي جمع 
											ٿيو هڪ هڪ بدرجي جمع جي شمع 
											 
   | 
										
										
											| 
											23 | 
											
											
											
											 شده او پيش و دلها جمله در پي 
											 گرفته دست جانها دامنِ وي | 
											
											 
											
											[هو سڀني جو اڳواڻ بنيو ۽ ٻين سڀني 
											جون دليون هن سان اٽڪيل آهن. هنن سندس 
											دامن کي دل و جان سان پڪڙي جھليو 
											آهي..] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											24 | 
											
											
											
											درين ره اوليا باز از پس و پيش 
											 نشاني ميدهند اند از منزلِ خويش | 
											
											 
											
											[انهيءَ راھ تي هلندڙ اڳين توڙي پوين 
											اوليائن پنهنجي نموني ۾ منزل جو ڏس 
											پتو ڏنو آهي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											25 | 
											
											
											
											بحد خويش چون گشتند واقف 
											
											
											سخن گفتند در معروف و عارف  | 
											
											 
											
											[اهي الله جا دوست جڏهن پنهنجو پاڻ 
											کان واقف ٿيا، تڏهن هنن ٻڌايو ته عارف 
											(سڃاڻندڙ) ڪير آهه معروف (سڃاڻپ وارو) 
											ڪير آهي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											26 | 
											
											
											
											يکي 
											
											از بحر وحدت گفت انا الحق 
											
											
											 يکي 
											
											از قُرب و بُعد و سير زورق | 
											
											 
											
											چيو هِڪَ، مَحو ٿي حق ۾، اَنا الحق 
											ڪيو ٻئي پاڻ کي حقَ تان تصدّق 
											 
   | 
										
										
											| 
											27 | 
											
											
											
											يکي 
											
											را علم ظاهر بود حاصل 
											 نشاني داده از خشکي ساحل | 
											
											 
											
											[هڪڙو جنهن کي فقط ظاهري علم حاصل هو، 
											تنهن رڳو خشڪيءَ تي هلڻ جون خبرون 
											ڏنيون ۽ ان بابت ٻڌايو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											28 | 
											
											
											
											يکي گوهر بر آورد و هدف شد 
											
											
											 يکي 
											
											بگذاشت آن نزد صدف شد | 
											
											 
											
											[ٻيو جيڪو موتي ڳولي آيو ته ان سان 
											حسد ڪيو ويو، ليڪن جيڪو ان جي ويجھو 
											نه ويو اهو موتي (مقصد) سان ويجھو 
											ٿيو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											29 | 
											
											
											
											يکي 
											
											در جزو و کلّ گفت اين سخن باز 
											
											
											 يکي 
											
											کرد از قديم و محدث آغاز | 
											
											 
											
											ڏيکاريو جُزوَ ۾ هڪڙي اچي ڪُلُ 
											قديم ۽ مُحدث اندر ٻِئي وڌو هُلُ 
											 
   | 
										
										
											| 
											30 | 
											
											
											
											 يکي 
											
											از زلف و خال و خطّ بيان کرد 
											
											
											شراب و شمع و شاهد را عيان کرد  | 
											
											 
											
											پڙهي هڪُ زلفَ خال ۽ خط جي ٻاڻي 
											شراب ۽ شمع شاهد جي ڪهاڻي 
											 
   | 
										
										
											| 
											31 | 
											
											
											
											يکي 
											
											از هستي خود گفت و پندار 
											
											
											 يکي 
											
											مستغرق بُت گشت و زنار | 
											
											 
											
											[هڪڙا پاڻ کي ڀانئڻ ۾ لڳي ويا ۽ اهڙي 
											گفتگو ڪيائون، ٻيا وري بُتن ۾ گم ٿي 
											ويا ۽ جڻيو ٻڌي ڇڏيائون.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											32 | 
											
											
											
											سخنها چون بوفق منزل افتاد 
											 در افهامِ خلايق مشکل افتاد | 
											
											 
											
											ڪئي هر هڪ جُدا اِت پنهنجي منزل 
											جدا ٻولي سنديَن سمجھڻ ٿي مشڪل 
											 
   | 
										
										
											| 
											 
											33  | 
											
											
											
											کسي کو اندرين معني است حيران 
											 ضرورت مي شود دانستن آن | 
											
											 
											
											ڏيڻ سَمجھاڻي تن جي آهي بهتر 
											سوالن ۽ جوابن سان چڱي پَر 
											 
   | 
										
										
											| 
											
											
											سبب نظم کتاب | 
											
											 
											
											ڪتاب جي لکڻ جو سبب  | 
										
										
											| 
											 
											
											(34)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 گذشته هفت و ده از هفتصد سال 
											 ز هجرت ناگهان در ماه شوال 
											 
   | 
											
											 
											
											[ست صديون ۽ سترهن سال هجرت نبويءَ کي 
											گذري چڪا هئا ۽ اهو شوال جو مهينو 
											هو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(35)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 رسولي با هزاران لطف و احسان 
											 رسيد از خدمت اهل خراسان 
											 
   | 
											
											 
											
											[تڏهن هڪڙو مهربان قاصد خراسان ملڪ 
											مان خط کڻي اچي پهتو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(36)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 بزرگي کاندر آنجا هست مشهور 
											 باقسام هنر چون چشمئه نور 
											 
   | 
											
											 
											
											[انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو مشهور بزرگ رهندڙ 
											هو، جيڪو ڪيترين ڳالهين ۾ روشنيءَ جي 
											مينار وانگر هو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(37)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 همه اهل خراسان از که و مه 
											 جهاني معني اندر لفظ اندک 
											 
   | 
											
											 
											
											[انهيءَ زماني ۾ خراسان جو هر ننڍو 
											وڏو شهري ان جي نيڪي ۽ بزرگيءَ جا ڳُڻ 
											ڳائيندو هو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(38)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 نوشته نامه اي در بابِ معني 
											 فرستاده بر اربابِ معني 
											 
   | 
											
											 
											
											[هن جي طرفان نهايت معنيٰ خيز لکيل خط 
											مليو، جيڪو ڳوڙهي معنيٰ سمجھندڙن 
											ڏانهن مخاطب هو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(39)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 در آنجا مشکلي چند از عبارات 
											 ز مشکلهايي اربابِ اشارات 
											 
   | 
											
											 
											
											[انهيءَ خط ۾ اهڙين مشڪل عبارتن ۽ 
											اصطلاحن جي سمجهاڻي پڇي وئي هئي، جيڪا 
											فقط اهلِ دل سمجهڻ وارا هئا.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(40)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 بنظم آورده و پرسيده يکيک 
											 درين عصر از همه گفتند او به 
											 
   | 
											
											 
											
											[هن نظم ۾ هڪ هڪ سوال ڪري پڇيل هو، هر 
											هڪ لفظ ۾ وڏي معنيٰ جو جھان سمايل 
											هو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(41)           
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 رسول آن نامه چون برخواند ناگاه 
											 فتاد احوال آن حالي در افواه  
											 
											 
   | 
											
											 
											
											[جڏهن ان قاصد جو آندل اهو خط کولي 
											پڙهڻ لڳا ته ٻُڌندڙ سڀئي حيراني مان 
											هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(42)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 در آن مجلس عزيزان جمله حاضر 
											  بدين درويش هر يک گشته ناظر 
											 
   | 
											
											 
											
											[انهيءَ مجلس ۾ جيڪي حضرات ويٺل هئا، 
											سي سڀئي اتي ويٺل هڪ درويش ڏانهن ڏسڻ 
											لڳا.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(43)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 يکي کو بود مرد کار ديده 
											 ز ما صد بار اين معني شنيده 
											 
   | 
											
											 
											
											[اهو پير مرد داناءُ انسان هو، جيڪو 
											اڪثر مون کان اهڙا سوال پڇندو رهندو 
											هو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(44)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 مرا گفتا جوابي گوئي در دم 
											 کز آنجا نفع گيرند اهل عالم 
											 
   | 
											
											 
											
											[اهو تڏهن يڪدم مون کي مخاطب ٿي چوڻ 
											لڳو ته آءٌ انهن جا جواب ڏيان ته جيئن 
											سموري جھان وارن کي ان جو فائدو 
											پهچي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(45)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 بدو گفتم چه حاجت کين مسائل 
											 نوشتم بارها اندر رسائل 
											 
   | 
											
											 
											
											[مون ان کي جواب ڏنو ته ڪهڙي ضرورت 
											مون اهڙن سوالن جي باري ۾ ڪيترا رسالا 
											لکيا آهن.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(46)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 بلي گفتا ولي بر وفق مسؤل 
											 ز تو منظوم مي داريم مامول 
											 
   | 
											
											 
											
											[ان تي اهو شخص چوڻ لڳو ته جڏهن ڪو 
											سوالي آيو آهي ته، اهو بهتر ٿيندو ته 
											توهان ان جو جواب نظم ۾ لکو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(47)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 پس از الحاح ايشان کردم آغاز 
											 جواب نامه در الفاظ ايجاز 
											 
   | 
											
											 
											
											[مطلب انهن جي چوڻ تي مون قلم هٿ ۾ 
											کنيو ۽ مختصر نموني خط جو جواب لکڻ 
											شروع ڪيم.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(48)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 به يک لحظه ميان جمع احرار 
											 بگفتم اين سخن بي فکر و تکرار 
											 
   | 
											
											 
											
											[بلڪ انهيءَ وقت انهن سڀني حاضرينن جي 
											آڏو مون کي جيئن ذهن ۾ ايندو ويو تيئن 
											کين ٻڌائيندو ويس.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(49)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 کنون از لطف و احساني که دارند 
											 ز ما اين خُرده گيهاي در گذارند 
											 
   | 
											
											 
											
											[منهنجو خيال آهي ته اُهي سڀ جنهن سٺي 
											روش جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، منهنجي 
											ڪمين ڪوتاهين کي نظر انداز ڪندا.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(50)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 همه دانند کين کس در همه عمر 
											 نکرده هيچ قصد گفتن شعر 
											 
   | 
											
											 
											
											[سڀني کي خبر آهي ته سموري حياتيءَ ۾ 
											آءٌ ڪڏهن شعر جي ويجھو نه ويو آهيان.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(51)           
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 بر آن طبعم اگرچه بود قادر 
											 ولي گفتن نبود الا به نادر 
											 
   | 
											
											 
											
											[جيتوڻيڪ آءٌ شعر چوڻ تي قادر هوس، 
											ليڪن مون ورلي شعر چيو هوندو!]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(52)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 ز نثر ارچه کتب بسيار ميساخت 
											 بنظم مثنوي هرگز نپرداخت 
											 
   | 
											
											 
											
											[مون نثر ۾ گهڻو ڪجھه لکيو هو، پر 
											ڪڏهن به مثنويءَ جھڙي نظم ۾ طبع 
											آزمائي نه ڪئي هيم.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(53)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 عروض و قافيه معني نسنجد 
											 بهر ظرفي دُر معني نگنجد 
											 
   | 
											
											 
											
											[قافيه ۽ عروض سان ڪهڙي معنيٰ ادا ڪري 
											سگهجي ٿي، ڇو ته ان بندش سان معنيٰ جا 
											موتي هٿ اچي نه سگهندا.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(54)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 معاني هرگز اندر حرف نآيد 
											 که بحر قلزم اندر ظرف نآيد 
											 
   | 
											
											 
											
											[اصل معنيٰ تائين پهچڻ لاءِ الفاظ ساٿ 
											ڪونه ٿا ڏين، اهو ائين آهي جيئن سمنڊ 
											کي ڪنهن ٿانءَ يا برتن ۾ سمائڻ جي 
											ڪوشش ڪجي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(55)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 چو ما از طرف خود در تنگنايم 
											 چرا چيزي دگر بر خود فزايم 
											 
   | 
											
											 
											
											[جڏهن اسان پهريائين اهو مفهوم ادا 
											ڪرڻ کان قاصر آهيون ته پوءِ ڇو وڌيڪ 
											شعر جي مصيبت ۾ هٿ وجھون.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(56)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 نه فخرست اين سخن کز باب شکرست 
											 به نزد اهل دل تمهيد عذرست 
											 
   | 
											
											 
											
											[بهرحال مون کي ان تي ڪو فخر ناهي بلڪ 
											شڪر، ان تي راز جي واقفن وٽ اهو هڪ 
											عذر عرض ڪريان ٿو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(57)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 مرا از شاعري خود عار نآيد 
											 که در صد قرن چون عطار نآيد 
											 
   | 
											
											 
											
											[مون کي پنهنجي هن قسم جي شاعريءَ تي 
											ڪا گهٽتائي محسوس ڪونه ٿي ٿئي، ڇو ته 
											هونئن به عطار جھڙا وڏا شاعر صدين ۾ 
											پيدا ٿيندا آهن.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(58)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 اگرچه زين نمط صد عالم اسرار 
											 بود يک شمه از دکان عطار 
											 
   | 
											
											 
											
											[آءٌ هن قسم جي شاعريءَ ۾ ڪهڙا به راز 
											کڻي سموهيان، پر آءٌ سمجھان ٿو ته اهي 
											عطار جي هڪ چپٽيءَ برابر به ناهن.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(59)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 ولي اين بر سبيل اتفاقست 
											 نه چون ديو از فرشته استراقست 
											 
   | 
											
											 
											
											[مون جيڪي چيو آهي اهو اتفاق سان ٻئي 
											ڪنهن سان ملي پوي ته ٻي ڳالھه آهي، 
											باقي نقل کي آءٌ چوري ۽ شيطاني فعل 
											چوان ٿو.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(60)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 علي الجمله جواب نامه در دم 
											 نوشتم يک بيک نه بيش نه کم 
											
											
											 
											 
   | 
											
											 
											
											[بهرحال خط ۾ آيل سڀني سوالن جا جواب 
											مون ٿڏي تي لکرايا ۽ انهن ۾ گهٽ وڌائي 
											ڪونه ڪئي.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(61)           
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 رسول آن نامه را بستد باعزاز 
											 وز آن راهي که آمد باز شد باز 
											 
   | 
											
											 
											
											[آخر اهو قاصد منهنجو لکيل جواب کڻي، 
											ان طرف روانو ٿيو جتان آيو هو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(62)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 دگر باره عزيزي کار فرمايي 
											 مرا گفتا بر آن چيزي بيفزايي 
											 
   | 
											
											 
											
											[ان کان پوءِ منهنجو هڪ دوست ان باري 
											۾ وڌيڪ لکڻ جي فرمائش ڪندو رهيو.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(63)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 همان معني که گفتي در بيان آر 
											 ز عين علم با عين عيان آر  | 
											
											 
											
											[هن جو مطلب هو ته ان جي مفهوم کي 
											وڌيڪ کولي بيان ڪريان ته جيئن سڀني جي 
											علم ۾ پورو پورو اضافو ٿئي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(64)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 نمي ديدم در اوقات آن مجالي 
											 که پردازم بدو از ذوق حالي 
											 
   | 
											
											 
											
											[ليڪن ان کان بعد ايتري همت ڪونه ٻڌم 
											ته هر حال ۽ ان جي لذت جي جدا جدا 
											سمجھاڻي ڏئي سگهان.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(65)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 که وصف آن به گفت وگو محال ست 
											 که صاحب حال داند آن چه حال ست 
											 
   | 
											
											 
											
											[اهو ان ڪري به ڇاڪاڻ ته انهن جي حال 
											جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ مشڪل آهي، اهو 
											فقط صاحبِ حال کي معلوم آهي ته حال ڇا 
											آهي؟] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(66)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											ولي بر وفق قول قائلِ دين 
											 نکردم ردّ سؤال سائلِ دين 
											 
   | 
											
											 
											
											[بهرحال ان ديني نصيحت مطابق ته سائل 
											جي سوال کي رد نه ڪجي، مون وس آهر 
											ڪوشش ڪئي آهي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(67)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 ولي تا خود شود روشن تر اسرار 
											 در آمد طوطي نطقم به گفتار 
											 
   | 
											
											 
											
											[انهيءَ لحاظ سان ته معنيٰ ۽ مفهوم 
											وڌيڪ روشن ٿئي، مون پنهنجي زبان کي 
											حتي المقدور ڪم آندو آهي.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(68)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 بعونِ فضل و توفيق خداوند 
											 بگفتم جمله را در ساعتي چند 
											 
   | 
											
											 
											
											[خدا جي فضل ۽ مهربانيءَ سان مون جيڪي 
											ڪجھه چيو آهي، ان ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه 
											لڳو اٿم.] 
											
											
											   | 
										
										
											| 
											 
											
											(69)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											 دل از حضرت چو نام نامه درخواست 
											 جواب آمد به دل کين گلشن ماست 
											 
   | 
											
											 
											
											[جڏهن منهنجي دل خدا جي حضور ۾ ان جي 
											نالي لاءِ رجوع ڪيو ته دل ۾ جواب آيو 
											ته اهو اسان جي ‘گلشن يعني باغ’ وانگر 
											آهي.]  | 
										
										
											| 
											 
											
											(70)          
											
											
											   | 
											
											 
											
											
											چو حضرت کرد نام نامه گلشن 
											 شود زو چشم جانها جمله روشن 
											
											
											 
											 
   | 
											
											 
											
											[جڏهن مالڪ پاڻ ان جو نالو ’گلشن‘ رکڻ 
											فرمايو ته پوءِ پڪ ان سان سڀني جون 
											دليون منور ٿينديون.]  |