سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

 

صفحو :1

محڪريءَ جا مضمون

محمد ابراهيم جويو

پنهنجي طرفان

اداري جو ٽيهون ڪتاب، توهان جي هٿن ۾ آهي. ۽ جويي صاحب جو هي ٻيو ڪتاب آهي جنهن کي ڇپرائڻ جو شرف اداري کي حاصل ٿيو آهي. انهيءَ کان اڳ اسان جويي صاحب جو ترجمو ڪيل ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ڇپرائي چڪا آهيون.

ڊاڪٽر جي. ايم محڪري جنهن صاحب جا هي مضمون اصل انگريزيءَ ۾ لکيل آهن، تنهن جي شخصيت ۽ ادبي ڏات کان پڙهيل ڳڙهيل طبقو چڱيءَ ريت واقف هوندو ۽ مترجم جي شخصيت ۽ ترجمي متعلق منهنجو ڪجهه چوڻ فضول ٿيندو جو سائين جويو صاحب جن کي سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي. تنهن هوندي به مصنف جي شخصيت ۽ڪتاب ۾ شامل مضمونن متعلق جويو صاحب جو مهاڳ ڪتاب ۾ شامل آهي.

اداري طرفان مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري ڪتاب پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙ اسان جي پيش ڪيل ڪتابن جي معيار کان مطمئن هوندا. ڪتابن جي وڪري متعلق پڙهندڙن جي خدمت ۾ هي عرض ڪرڻو آهي ته اسين هر نئين ڪتاب جي اشاعت تي اخبارن ۾ اشتهار ڏيون ٿا، جي ڪنهن شهر يا ڳوٺ جي بوڪ اسٽال تي اسان جا ڪتاب موجود نه هجن ته مهرباني ڪري ٽيهه پئسي وارو هڪ ڪارڊ لکي سڌو سنئون اسان کان گهرائي وٺندا ڪن ڇو ته انهيءَ سان توهان کي ڪو وڌيڪ خرچ نه ڪرڻو پوند ۽ اداري کي به مالي اعانت ملي ويندي. اسان جي خواهش آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان جا ڪتاب موجود هجن، پر پئسن جي وصوليءَ جو معاملو ڪجهه ڏکيو آهي جنهن ڪري اسين اهو قدم نٿا کڻي سگهون.

پڙهندڙن جي تعاون جي اميد رکندي، ايندڙ ڪتاب تائين اجازت.

توهان جو پنهجو

عمر ميمڻ

8-7-1985ع

پيش لفظ

محترم عزيز ڊاڪٽر جي.ايم. محڪريءَ جو سنڌ سان تعارف پاڪسان کان ڪجهه اڳ جو آهي مون کي بهرحال سندن واقفيت جو شرف پاڪستان کان پوءِ نصيب ٿيو، ۽ اُن لاءِ آءُ پنهنجي بزرگ دوست- ڳُڻَ، ڳَتِ ۽ ڌُنَ جي ڳولائوءَ- محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم، جو شڪر گذار آهيان. غالباً، پنجاهه جي ڏهاڪي جي شروع ۾ هڪ موقعي تي آءُ اُن لائق صد احترام پنهنجي ساٿيءَ، ڏيپلائي مرحوم، سان گڏجي، ڊاڪٽر صاحب جي جاءِ تي، پاڪستان گورنمنٽ آفيسرس ڪوارٽرس، گارڊن نارٿ، ڪراچيءَ، ۾ ويو هوس، ۽ سندن ڪمال محبت ۽ اخلاص جي ورتاءُ سان گڏ سندن وسيع علم ۽ آزاد خياليءَ کان بيحد متاثر ٿي موٽيو هوس- ۽ اُن کانپوءِ اڄ تائين  منهنجو ساڻن نيازمنديءَ ۽ عقيدت جو سٻنڌ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو ۽ پختو ٿيندو پئي آيو آهي. پاڻ اصل بئنگلور، انڊيا، جا آهن، ۽ انهيءَ ڪري بعضي پنهنجو ادبي نالو ’بئنگلوري‘ به لکندا رهيا آهن. سندن مضمونن جي هِن سنڌي مجموعي لاءِ ٻن اکرن لکڻ لاءِ نياپو موڪليومانِ، ته موٽ ۾ هيءَ هڪڙو پُر لطف مختصر خط ڏياري موڪليائون:

”منهنجا پيارا جويو جي،

”دوست مظهر يوسف کان ٻُڌي، دل ڏاڍي خوش ٿي ته اوهين منهنجي چاليهارو کن ’ٽڪرن ٽوٽن‘ جو پنهنجو مُلهائتو ترجمو پريس ۾ ڪتابي اشاعت لاءِ موڪلي رهيا آهيو. ڇا منهنجا  لفظ ’اوهان جي ڏاڍي مهرباني!‘ منهنجي احسانمنديءَ جي جذبي جو پورو اظهار ڪري سگهندا! سچ ته هيءَ مون لاءِ ۽ مظهر لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي ته سڀ کان وڌيڪ جويو منهنجي اِنهن ’روڙيل رنڊن‘ جو ايترو قدر ڪري! پنهنجي فوٽي جي نِگيِٽو هِن گڏ موڪليان ٿو، ۽ ڏاڍي خوش ٿينديم ته ڪتاب ۾ هيءَ منهنجي تصوير به ڇپجي، ته سنڌي، منهنجا هم وطن ۽ هم قوم ڀائر ڀينرون، ڏسن ته آئون ڪهڙو هوس! منهنجي پڇڻ کان سواءِ منهنجن مائٽن مون تي ’غلام محي الدين مِهڪري‘نالو رکيو هو. اُن کي مون ننڍو ڪري، پاڻ کي ’جي . ايم مِهڪري‘ سڏيو، پر اُن مان منهنجو هاڻي مطلب پنهنجو ادبي نالو ’گلاب- موتيار مِهڪ‘ آهي! اميد اٿم ته اِهو منهنجونالو اوهان کي پورو دنيوي نالولڳندو! مون پوري ءَ طرح معلوم ڪيو آهي ته ڪنهن به عرب پنهنجي نالي کي ڪڏهن به ’غلام‘ جي اڳياڙي ڪانه ٿي ڏني، جيتوڻيڪ لفظ ’غلام‘ خالص عربي لفظ آهي، ۽ وٽن خريديل ٻانهي..... لاءِ مخصوص آهي. آءُ سمجهان ٿو ته ’غلام‘ اُنهن ماڻهن جي ذهنيت جي ئي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي اڀاڳن ۽ بيوس معصومن جي پيشانيءَ تي ڳولي ڳولي اها مُهر داغي ٿا ڇڏين- توڻي جو وٽن ڄمي، اُنهن ڪو سندن ايڏو وڏو ڏوهه به ڪونه ٿي ڪيو! ڪنهن به عرب کي پاڻ تي يا پنهنجي اولاد تي اِن نالي رکڻ لاءِ چئو، ته اوهان کي اُنهن جو غضبناڪ رد عمل اُنهيءَ ئي مهل معلوم ٿي ويندو. اِنهيءَ سبب کان ڏسجي ٿو ته عربَ پاڪستان ۽ انڊيا جي مسلمانن کي ’رفيق‘ به سڏين ٿا،  پر اوهين جواب ۾ اُنهن کي ’رفيق‘ سڏيو ته هو اوهان کي اُتي ئي هوند ڪچو کائي ڇڏين! ’رفيق‘ مان، مون ٻڌو آهي ته سندن مطلب ’ماڻهو‘ نه پر...... هوندوآهي.“ ( هِن ۾، اصل لفظن جي جاءِ تي ، خالَ راقم جا ڇڏيل آهن.)

        ڊاڪٽر محترم جي نالي جي صفاتي حصي- Mehkri- جي ڳالهه به هڪ سمجهاڻي گهري ٿي. سندن مضمونن جي سنڌي ترجمن جي اخباري اشاعت ۾، سڄو وقت مون پاڻ اِن سندن ادبي نالي ’گلاب- موتيا مِهڪ‘ ( مهڪ بعمنيٰ ’سرهاڻ‘) جي نسبت سان سندن نالو ’مهڪري‘ پئي ڪم آندو ۽ ڇپايو آهي. پر سندن مضمونن جي هِن مجموعي ۾ سندن دستوري آزاد فڪر ۽ اُن جي بي خوف اظهار جي نسبت ’مَحَڪ ّ/ مِحَڪ ّ‘ (بمعنيٰ ’ڪسوٽي‘، ’پئمانو‘) سان ڪندي، سندن سڃاڻپ ’محڪري‘ جي نالي سان ڪرائڻ جي جرئت ڪئي اٿم- سندن عالي ظرف ۽ ڪشادي دليءَ ۾ اميد رکندي، ته هيءَ منهنجي حُجّت پاڻ مون کي معاف ڪندا.

 ڊاڪٽر محڪري واقعي پاڻ وٽ هڪ ڪسوٽي، هڪ سڃاڻپ،هڪ پيمانو رکن ٿا- کري ۽ کوٽي جو، روشنيءَ ۽ تاريڪيءَ جو، سچ ۽ ڪوڙ جو؛ ۽ اِن خيال کان پاڻ اسان لاءِ هڪ ٻهڪندڙ روشن مشعل آهن. نه رڳو روشني ڏيڻُ ۽ روشني پکيڙڻُ پنهنجي زندگيءَ جو پاڻ مقصد سمجهن ٿا، پر اُهو مقصد هو پورو ڪندا رهيا آهن، ڪندا رهن ٿا ۽ڪندا رهندا- اوستائين جيستائين، چؤڦير پنهنجي انساني دنيا ۾، پاڻ تاريڪي ۽ جهالت ڏسندا، اونداهه ڏسندا- ’اوهامن ۾ مڃتا‘ جي اوندهه.

هڪڙو وڏو وهم، جنهن اسان جي ذهنن کي، اسان جي پنهنجي زندگين ۾، دنيا جي اسان جي پنهنجي حصي ۾، چؤکنڀو ٻڌي ۽چڪرائي رکيوآهي، اُهو ’نظريي جو وهم‘ آهي- پاڻ کي اُهو ’نظريو‘ چوارائي ٿو. ۽ جيتوڻيڪ، پاڻ کي نظريو سڏيندي، اُن لاءِ پاڻ ثابت ڪرڻ به پهرين ضروري هو، ته جيئن اُهو اصولي طور قبوليو يا رد ڪيو وڃي- ۽ اِئين ڪنهن به ريت يا نِيت سان اُهو اڃا تائين ڪري به نه سگهيو آهي- اِهو پوءِ به اسان سان چنبڙيو پيوآهي ۽ اسان تي مڙهجي ويو آهي، توڻي جو پنهنجي ڪارج، يعني برصغير جي سياسي تقسيم جي ڪارج، ادا ڪرڻ کان پوءِ اُهو، ٻئي ڪنهن ڪم جي شيءَ نه هجڻ سبب، ڇڏي ڏيڻو هو- جيئن وقت سر قائد اعظم جهڙي ذميدار ماڻهوءَ پاڻ اُن کي ڇڏي ڏيڻ جو واضح، پر عزم ۽ بي ڌڙڪ اعلان ڪيو- ( ملاخطو ٿئي سندن تقرير، آگسٽ 13، 1947ع جو متن)

اُن کانپوءِ اُن نظريي جي وڌيڪ پاڻ وٽ سياسي پذيرائي ۽ پرورش نه رڳو هڪ وهم پرستي هئي- خالص ۽ محض- ڇو ته اُن وٽ باقي اسان لاءِ ڪو به انسان دوست افادي ڪارج ادا ڪرڻ لاءِ رهيل نه هو؛ پر وڌيڪ اُن جي پذيرائيءَ اُن کي اسان لاءِ هڪ بت ئي بنائي ڇڏيو، بلڪ فقط اسان جي عقل ۽ ماڻهپي کي توائي ڪرڻ لاءِ اُن کي هڪ ڀينڪر راڪاس جي صورت ملي ويئي- بي حس ۽ مبهم راڪاس جي – جنهن اسان کان، قومن ۽ ماڻهن طور، اسان جي بندگيءَ، اسان جي رت ۽اسان جي غيرت جو، اُٿندي ويهندي، بکُ ٿي گهريو، ۽ فورن ئي اُهو ڦِري هڪ دليلُ يا جهَلو بڻجي پيو- هڪ سڀ- زوري اندروني پرمار مفاد ۽  ٻيو سڀ- زوري بيروني پرمار مفاد جي هٿن ۾ پاڪستان جي ماڻهن ۽ قومن جي قطعي غلاميءَ جو- اندروني طور بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ جو ، جنهن کي Colonialism ٿو چئجي، ۽ بيروني طور گهڻ- قومي نؤ- بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ جو، جنهن کي Neo-colonialism ٿو چئجي. ۽ اسين اُن هولناڪ وهم جي، اُن وڏي بت جي، بي حس ۽ رٿيل ٺهيل ’خدائيءَ‘ جي پيرن ۾ چپجي ۽چيڀاٽجي، ڇا مان ڇا ٿي وياسون، اُن جو هڪ تُزبيان مون فريڊرڪ نٽشي (Nietzsche) جي مقالن ۾ تازو پڙهيو- جيڪو پڻ منهنجي معرز دوست، ڊاڪٽر محَڪريءَ، وانگر پنهنجي زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ جرمنيءَ تي ڇانيل تاريڪي جي خلاف – سماجي، روحاني ۽ هر قسم جي تاريڪي جي خلاف- گفتن ۽ مثالن جي صورت ۾ پنهنجي حڪيمانه ٻوليءَ ۾ بي ڌڙڪ ڳالهائيندو ۽ لکندورهندو هو.

هِن موقعي تي، جڏهن ڊاڪٽر محڪريءَ جي هِنن مضمونن کي پيش ڪرڻ جي خوشي ۽ اعزاز حاصل ڪري رهيو آهيان- جن مان هر هڪ مضمون کي آءُ پنهنجي چؤگرد ڇانيل تاريڪيءَ ۾ روشنيءَ جي شعاع مثل سمجهان ٿو- فريڊرڪ نٽشي جو اُهو مقالو، بعنوان ’رياست- هڪ نئون بت‘ اميد ته لائق پڙهندڙن کي موزون ۽ مناسب نظر ايندو. ۽ آءُ پنهنجي طرفان اُن مقالي کي هِن موقعي تي، خود محترم بزرگ ڊاڪٽر محَڪريءَ جي خدمت ۾ پنهنجي دلي عقيدت جي هڪ ڳُڻائتي پيشڪش سمجهان ٿو. ۽ مون کي پڪ آهي ته، هِتي پيش ٿيندڙ ڳالهه جي حوالي سان، سڀني کان ۽سڀ کان بهتر، اِئين هِن منهنجي اُڌاريءَ آندل پيشڪش جو قدر سڃاڻي،پاڻ اُن کي قبوليت جو مانُ ڏيندا- ڇو ته پاڻ ئي سمورو وقت، يڪسانو ۽ پوريءَ همت سان، هِن وهمن جي وهم، سرد روح مبهم وهم، بي ترس لُوءَ، ڪِني سُوڻل بُت، سان هيءَ سڄي ساري طويل مدت، پوري پنهنجي فهم ۽ دليل سان، جهيڙيندا رهيا آهن- جنهن وهمن جي وهم سڄي پنهنجي آهني چنبي ۾ - رڳو ”ڏينهن جي انڌن چٻرن، زبان بندين، فرمانن، قيد و بند جي ڌپ، سنترين جي مٽ سٽ، هٺ ڌرميءَ ۽بنهه کِٿل سمجهه“ سان – هيلتائين رڳو ئي پئي اسان کي چاڀوٽيو ۽ نپوڙيو آهي. نٽشي جي هن مقالي ۾ مون رڳو هڪ لفظ کي تبديل ڪيو آهي-  اُن جي بلڪل آخر ۾، پنهنجي روان مراد ۽ حوالي جي خيال کان ، لفظ ’فوق البشر‘ جي جاءِ تي مون ’آزاد بشر‘ ( ’آزاد انسان‘) رکيو آهي -  اِنهيءَ لاءِ ته آزاد بشر کان وڌيڪ ٻيو ڪو فوق البشر ٿي ئي نٿو سگهي- درحقيقت آزاد بشر ئي فوق البشر هجي ٿو.

نئون بُت

”ڪٿي ڪنهن هنڌ اڃا قومون ۽ ماڻهو آهن، پر اسان وٽ نه آهن، منهنجا ڀائرو: هِتي اسان وٽ رياستون آهن. ”رياست؟ اِها ڇا آهي؟ چڱو، هاڻي پنهنجا ڪن کولي منهنجي ڳالهه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوهان کي هاڻي قومن جي موت متعلق پنهنجو فيصلو ٻڌايان ٿو.

”رياست نالو آهي بي حس راڪاسن مان هڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس جو، هو ڪوڙُ به بي حسيءَ سان ڳالهائي ٿو؛ ۽ اُهو ڪوڙُ، سُرندو، اُن جي وات مان ٻاهر نڪري ٿو: ’آءُ رياستَ، قومَ آهيان‘!

” اِهو هڪ ڪوڙ آهي! تخليق ڪار هئا اُهي جن قومون تخليق ڪيون، ۽ اُنهن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون؛ ۽ اِئين اُنهن زندگيءَ جي خدمت ڪئي.

”تباهه ڪار آهن هِي، جيڪي گهڻن لاءِ ڄار پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي رياست سڏين ٿا: اُنهن جي مٿان هو تلوار لٽڪائين ٿا ۽ آڏو سوين لالچون پکيڙين ٿا.

”جتي اڃا ماڻهو آهن، قومون آهن، اُتي رياست جي اِها معنيٰ ڪانهي، بلڪ ’نظر بد‘ وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي ٿي، ۽ اُن کي پنهنجن قانونن ۽ رواجن خلاف گناهه سمجهيو وڃي ٿو.

” آءُ اوهان کي هڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: هر قوم پنهنجي، ڀَلي جِي ۽ بُري جِي ٻولي ڳالهائي ٿي: اُها اُن جي پاڙيسري قوم نٿي سمجهي. ڇو ته اُن پنهنجي ٻولي، پنهنجي لاءِ، پنهنجن قانون ۽ رواجن ۾ رهي ايجاد ڪئي آهي. ”پر رياست ڀَلي ۽ بُري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿي، ۽ جيڪي ڪجهه اُها ڳالهائي ٿي، اُهو ڪُوڙ ڳالهائي ٿي؛ ۽ جو ڪجهه به وٽس آهي سو چوريءَ جو مال آهي.

” اُن جي هر شيءَکوٽي آهي، فريب آهي؛ چَڪُ هڻي ٿي، ته چوريءَ جي ڏندن سان، لڪي. خود سندس پيٽ جا آنڊا به دوکي جا آهن.

” ڀَلي ۽ بُري جي ٻوليءَ جو مونجهارو: اِهو نُڪتو آءُ اوهان کي رياست جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ، اِها نشاني موت جي خواهش ۽ موت جي ارادي  جو دليل آهي! سچ پچ اِها نشاني ’موت جي مبلغن‘ کي اڳتي وڌي اچڻ لاءِ سڏي ٿي.

” گهڻا، تمام گهڻا، ماڻهو ڄمن ٿا: ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻهن لاءِ ئي رياست ايجاد ٿِي.

”ڏسو، هيءَ اُنهن کي، گهڻن- تمام گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽ لالچائي پنهنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِها اُنهن کي ڳڙڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي!

” ’ڌرتيءَ تي مون کان وڏو ٻيو ڪو به نه آهي: مان ئي آهيان، جيڪا خدا جي منتظم آڱر آهيان‘- هيءُ راڪاس اِئين ٿو گجڪاري، ۽ اُن گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاهه نظر ۽ دراز گوش ماڻهو ئي سربسجود ڪو نه ٿا ٿين!

”افسوس، اي عالي دماغوُ، خود اوهان جي ڪَنن ۾ اِها پنهنجا ڪارا ڪُوڙ ڀري ٿي! اِها اُهي وزني دليون به ڳولي هٿ ڪري ٿي، جيڪي اُن جي چانئٺ تي پنهنجي رضا خوشيءَ سان سڀڪجهه لُٽائي ڇڏين ٿيون.

”هائو، اِها اوهان کي به ڳولي لهي ٿي، جن پراڻي ’خدا‘ کي جيتيو هو! اوهين، اُن معرڪي ۾ وڙهندي، ٿڪجي پيا آهيو، ۽ هاڻي اُها اوهان جي نِستائي هِن نئين بت کي ڪم اچي ٿي ۽ اوهين اُن جي ٻانهپ ۾ لڳي ويا آهيو!

”هيءُ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنهنجي چؤڌاري گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿو! ۽ تمام گهڻي اطمينان سان نيڪ ضميرن جي اُس ۾ ويهي پاڻ سيڪي ٿو- هيءُ سرد راڪاس!

” هر شيءَ، هيءُ نئون بت اوهان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوهين هِن جي پوڄا ڪريو: اِئين هيءُ اوهانجي نيڪيءَ جي رونق ۽ اوهان جي پروقار اکين جي چمڪ اوهان کان خريدي ٿو.

” اِهو اوهان جي وسيلي گهڻن- تمام – گهڻن کي ڀنڀلائي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو! اِهو هڪُ جهنمي سنَجَٽُ اِنهي ريت اڏيو ويو آهي- هڪ موت- جو – گهوڙو، الاهي اعزازن جي و‎ڄندڙ گهنگهروئن سان جهنجهيل!

” هائو، عام خلق لاءِ، گهڻن-  تمام- گهڻن لاءِ، اِئين نسورو هيءَ هڪ موت ايجاد ڪيو ويو آهي، پر پاڻ کي زندگي سڏي، اِهو پاڻُ واکاڻي ٿو ۽ چؤڦير جَس وٺي ٿو: تحقيق وڏي هڪ دعوت آهي، هيءَ ’موت جي مبلغن‘ لاءِ!

” آءُ اِن کي اسٽيٽ (State) (بمعنٰي، مَسندَ ڪُرسي) سڏيان ٿو، جتي سڀئي، ڀلا ۽ بُرا، زهر جو پيالو پيئن ٿا؛ جتي سڀئي، ڀلا ۽بُرا، پاڻ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل ’زندگي‘ سڏجي ٿو. ڏسو، هِنن غير ضروري، زائد ماڻهن کي ڏسو! هي ڏاهن جا خزانا ۽ ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنهنجي اُن چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا- ۽ هر شيءَ اُنهن جي هٿ ۾ بدلجي محض بيماري ۽ بدبختي بڻجيو پوي!

 ” ڏسو، هنن غير ضروري ، زائد ماڻهن کي ڏسو! بيمار روح آهن اِهي سدائين؛ پنهنجو پِتُ قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي هو ’اخبار‘ سڏين ٿا. هڪٻين کي هو هڙپ ڪن ٿا، ۽ هڪٻين کي هو هضم به نٿا ڪري سگهن! ”ڏسو، هِنن غير ضروري ، زائد ماڻهن  کي ڏسو! دولت هو حاصل ڪن ٿا، ۽ اُن سان هو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. هي بي- ستا، طاقت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا- اُن کان به وڌ، هو طاقت جي ڪُنجيءَ پٺيان – پئسي پٺيان، وڌيڪ پئسي پٺيان- ڊوڙون پائين ٿا.

” اِنهن تيز باندرن کي مٿي چڙهندي ڏسو! هڪٻين کي لتاڙيندا، هڪٻين تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙهندا، سڌا گپ ۾ ڪِن جي کڏن ۾ ڪرندا ٿا رهن.

”سڀيئي مَسنَدَ ڏانهن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آهن: ڇا نه ديوانگي آهي اِنهن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مسَنَدَ تي هَنن لاءِ آتا ويٺا آهن! پر مسَنَدَ  تي، گهڻو ڪري، ته گند ئي ويٺل هجي ٿو- ۽ گهڻو ڪري ته مسَنَدَ خود به گند تي ويٺل هوندي آهي!

” مون کي اِهي سڀ پاڳل نظر اچن ٿا، بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا ڏيکارجن – بيحد بي صبر ۽ بد حواس. مون کي اِن سندن بت مان، انهيءَ سرد راڪاس مان، بدبوءِ ٿي اچي: اِهي سڀيئي اِن جا پرستار پاڻ به فقط بدبوءِ ئي ڦهلائين ٿا.

” منهنجا ڀائرو، اوهين اِنهن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بُک جي ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آهي ته بدبوءَ جي اِنهيءَ چؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي ، ٻاهر کُليءَ هوا ۾ نڪري اچو!

” ان بدبوءِ جي سڄي پهچ کان ٻاهر نڪري اچو! آءُ چوان ٿو ته اِنهن غير ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪِن جي گنُدن جي پوڄا ڇڏي ڏيو!

” اِن بدبوءِ جي سڄي پهچ کان ٻاهر نڪري اچو! انساني ٻَليُن جي اِنهيءَ زهريلي دونهانٽ کان بچو ۽ نڪري ٻاهر ٿيو!

”اعليٰ دلين لاءِ زمين جون وسعتون اڃا به کليل آهن. تنها دل توڙي ساٿي دلين لاءِ، زمين جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي پيا آهن، جتي سانتيڪن سمونڊن جون هُٻڪار ڀريل هيرون گهُلي رهيون آهن.

” اعليٰ دلين لاءِ اڃا به آزاد زندگيءَ جا دڳ کليل آهن. سچ ته جنهن وٽ جيترو گهٽ اوترو وڌ اُهو آزاد. جيترو ڪو گهٽ قابض اوترو گهٽ اُهو مقبوض: مبارڪ آهي وچٿري غريبي!

” جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جي وجود جي ابتدا ٿئي ٿي، جو زائد نه آهي، غير ضروري نه آهي. اُتان ئي ضروري انسانن جو، اصلي انسانن جو، گيت شروع ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو!

” منهنجا ڀائرو، اُتي، اُن هنڌ تي نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي ٿي! دور، افق تي، اوهان کي انڊلٺ جا رنگ ۽ آزاد بشر جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“-------

(فريڊرڪ نٽشي: ”بقول زردشت“، ص 64-66)

آءُ، راقم، هاڻي اِن کان وڌيڪ اوهان مهربان پڙهندڙن ۽ محترم عزيز ڊاڪٽر مَحڪريءَ جي حڪمت ڀريل مضمومنن جي وچ ۾ روڪ بڻجي بيهڻ نٿو گهران، ۽ اِن اميد ۽ اعتماد سان ته اوهين سندن هِن” مَحَڪِ زرّين“ بلڪ ”مَحَڪِ زر ّ ِ ايمان“ کي توجهه سان پڙهندا ۽ اُن مان پورو افادو ڪندا، ۽ وڌيڪ سنڌ ۽ هند جي عظيم بلڪ بي بدل فارسي شاعر، حضرت ابوالفيض ”فيضي“ جي هيٺين سونَ ۾ تُرڻ جهڙي ڳالهه اوهان جي گوش گذار ڪرڻ سان، اوهان کان اجازت ٿو وٺان- يار زنده صحبت باقي!

مرد بايد ڪ زبان آئينه دل سازد،
خواه ڪافر بود و خواهه مسلمان گردد.
 

مڪنش باور اگر باتو فلاطون گويد،
آنچه برعقلِ تو ثابت نه ببرهان گردد

 

سربزانو بنهه و دل بتگاپوي درآر،
گوي شرطست ڪ در عرصه بچو گان گردد.

۽ اِهائي ڳالهه، ۽ بلڪل اِئين ئي، ڊاڪٽر مَحڪري هِنن پنهنجن مضمونن ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو.

محمد ابراهيم جويو

حيدرآباد سنڌ

16- جون، 1985ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org