سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

باب :1

صفحو :6

هڪ ڀيري جڏهن اهڙي هڪڙي انگريزن جي ريزيڊنٽ ايجنٽ هڪڙي اهڙي راجا ( يا مهاراجا؟) کي چيو ته ”مائي باپ انگريز بهادر جي سرڪار عاليه تو کان جيڪڏهن پنهنجي رياست واپس وٺي ته پوءِ ......؟“ تڏهن، لازمي آداب بجا آڻيندي، اُن جو جواب ڏنو ته ”نه، اوهين ائين نٿا ڪري سگهو!“

”ڇو نٿا ڪري سگهون؟“ ريزيڊنٽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيو.

”ڇاڪاڻ ته منهنجي رياست اوهان مون کي خيرات طور ڏني آهي. ماڻهو پنهنجي خيرات ڪنهن کان واپس ٿورو ئي وٺندا آهن!، اِهو هو ذليل جواب پنهنجي آڏو گوڏن ڀر ڪريل رعيت جي اُن مغرور راجا جو.

”هر دڙٻاٽي ڪانئر هوندو آهي“- اِن حقيقت جو پورو پورو عملي مثال، سچ پچ ته، 1857ع کان 1947ع تائين برصغير جي اهڙن اڪثر اعليٰ حضرتن جي نوي سالن جي حڪمرانيءَ دوران، قدم قدم تي، دنيا جي آڏو ظاهر ٿيندو رهندو هو.

۽ پوءِ جڏهن جمهوريت جو اجهل طوفان اُٿيو ۽ قومي آزاديءَ جو اٽل سيلاب اڳتي وڌيو، تڏهن هِنن پر هترو- آتم هترو دڙٻاٽي ڪانئرن جون قطارون پٺيان قطارون سندن سامراجي آقائن جي فصيلن سميت، واريءَ جي ڀتين وانگر ڀور ڀور ٿِي ۽ ڪکن پنن اونگر اُڏامي، تاريخ جي پولار ۾ ائين گم ٿي ويون ڄڻ اُنهن جو وجود هئڻ لاءِ هِتي ڪڏهن هوئي ڪونه.

ههڙي پرهترائي- واڌو آتم هترائي، ههڙو دڙٻاٽي ڪانئرپڻو. رڳو ڪو ”موروثي شهزادن“ تائين محدود ڪونهي، نه، هر گز نه. ڪنهن به طرح رڳي موروثي شهزادا ان علت يا لعنت جا موروثي ملامتي نه آهن.

ڪو به طاقت ۾ آيل صاحب جڏهن طاقت جي نشي ۾ اچي ٿو، ته اُهو نشو اُن ۾ چريائي بلڪ ڇتائي پيدا ڪري ٿو. ۽ چريائيءَ يا ڇتائيءَ ۾ باقي اُن جي ڪهڙي ڳالهه هوش واري يا وزنائتي رهي سگهندي؟- ڪڏهن رهي سگهندي، ۽ ڪيئن رهي سگهندي؟

فقط ۽ فقط جمهوري ذهنيت ئي آهي، جيڪا پاڻ وٽ اهڙي هوش ۽ اهڙي وزن يا هڪ ڪرائيءَ جي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

۽ ان جو، يعني جمهوري ذهنيت جو اثرائتو اظهار سياسي دائري ۾ ڪڏهن ممڪن ٿي ئي نٿو سگهي، جيڪڏهن پهريائين اُها شخصي ۽ سماجي دائري ۾ موجود نه آهي.

سڀ کان اول ۽ سڀ کان مٿي، جمهوريت هڪ ذهنيت آهي- من جي هڪ ڪيفيت، روح جو هڪ لاڙو- زندگيءَ جي روش ۽ زندگي ڏانهن نگاهه جو هڪ رخ يا هڪ نقطو- ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي دلي تمنا، هڪ اها تمنا ۽ دلي رضا، جيڪا ماڻهن جي اڪثريت زندگيءَ جي هڪ رستي يا طريقي طور پنهنجي لاءِ سهل ۽ مفيد سمجهي قبول ڪري ٿي.

جمهوري ذهنيت هڪ پختو منفي ارادو آهي پنهنجي خاص طرز زندگيءَ کي واحد طرز زندگي سمجهي ٻين جي  مٿان عائد نه ڪرڻ جو.

اهو هڪ اڏول ۽ اٽل فيصلو آهي زندگيءَ جي راهه تي گڏجي هلندي، ٻين جي پيرن کي نه چيڀاٽڻ جو، ۽ نه ٻين کي پنهنجي پيرن چپڻ جي اجازت ڏيڻ جو- ڇا به هجي ۽ ڇا به ٿي پوي.

اُها پرهترائيءَ ۽ آتم هترائيءَ جي پوري وچ ۾ بيٺل، خودشناس ۽ خلق شناس، محڪم ۽ پروقار انفراديت آهي.

جيڪڏهن يورپ کي گذريل ٽن هزار سالن کان وٺي سياست جو هڪ ۽ فقط هڪ، تجريبگاهه سمجهي سگهجي، جتي سماج ۽ سياست جي هر صورت ۾ هر قسم جي آزمائش ٿي آهي- وحشي پڻي يا حيوانيت کان وٺي، بربريت، قبائليت، نراجيت، ملوڪيت، جاگيريت، خواصيت، اُمراگردي، شاهوڪارشاهي، ويندي انبوهه شاهيءَ تائين ( ڇو ته فرينچ انقلاب جي اوائلي ڏينهن ۾ ائين ئي هو)، ۽ فسطائيت-انهن سڀني صورتن جي جتي آزمائش عمل ۾ آئي آهي ۽ اُهي سڀئي ناڪام، غلط ۽ مدي خارج ثابت ٿي چڪيون آهن: اُتي ئي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي اُها صورت- جيڪا پڻ سڀيئي تسليم ڪن ٿا ته اڻپوري ۽ نامڪمل آهي ۽ اِنهيءَ ڪري وڌندڙ ۽ اُسرندڙ به آهي- جنهن کي جمهوريت ٿو چئجي، اُها ئي زندگي جي انفرادي توڙي اجتماعي گذاري جي اهڙي هڪ صورت آهي، جا ڏسجي ائين ٿو ته نه پرهترڪ آهي ۽ نه آتم هترڪ.

اُن ۾ هڪ نقص يا ٻه نقص نه آهن.

اُن ۾ گهڻا نقص آهن.

پر اُن ۾ اهڙا ته اندورني خود اصلاح جا طريقا موجود آهن، جيڪي اُن جي ساخت جا لازمي جزا يا عنصر آهن، جو چرچل جهڙو سخت گير ماڻهو، جيڪو، وس پڄندي، پنهنجي آخري عمر تائين، اُن جي ڌارا کي پنهنجي زوال پذير برطانوي شهنشاهيت کي سيراب ڪرڻ کان روڪيندو رهيو، تنهن جو قول آهي ته ”جمهوريت جي سڀني خرابين جوعلاج هڪ ئي آهي: وڌيڪ جمهوريت ، اڃا وڌيڪ جمهوريت.“

جمهوريت جي اعليٰ خوبيءَ جو بيان اِن کان بهتر ڪنهن ڪيو ئي ڪونهي ۽ نه شايد ڪو ٿيندو.

جمهوري ذهنيت لاءِ عقيدت ۽ اُن جي انساني اعتماد جو اظهار اِن کان بهتر ٻيو ٿي نٿو سگهي.

جمهوريت جا ست جنم

لوڪ ڪٿا جي ٻليءَ وانگر جمهوريت جا ست جنم ٿين ٿا. شايد اُن کان به وڌيڪ.

اِهو سڀ انهيءَ ڪري جو، جيئن ابرهام لنڪن چيو آهي، جمهوريت ”ماڻهن لاءِ ، ماڻهن پاران، ماڻهن جي“ حڪومت آهي.

پر يوناني ڏند ڪٿائي سورمي’ايڪلس‘ وانگر، جنهن کي بت تي ڪٿي به سواءِ پير جي کڙيءَ جي، ڌڪ لڳندو هو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو هوس، جمهوريت جي به هڪڙي ڏکندڙ کڙي آهي. اُن ڏکندڙ کڙيءَ سڄيءَ دنيا ۾ جمهوريت کي وري وري پئي هيڻو ڪيو ۽ نقصان رسايو آهي. جمهوريت جي اُها ڏکندڙ کڙي- اُن جي اِها ئي ڪمزوري چئجي- هيءَ آهي ته فقط جمهوري طرز حڪومت جي سايي ۾ ئي غير جمهوري ماڻهو رهي سگهن ٿا- نه فقط رهي سگهن ٿا، پر وڌي ويجهي به سگهن ٿا.

ڪابه غير جمهوري حڪومت پنهنجي انڪار ڪندڙن يا مخالفن کي برداشت نه ڪندي آهي. هڪ ڀيري، ڪٿان جو ڪو فيلسوف هوندو هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته هُن کي جمهوريت کان چڙ هوندي هئي، اُن ڏانهن هڪڙي ڊيڄو، ڪم طاقت بادشاهه پنهنجو هڪڙو غلام موڪليو ته حڪومت جي ضابطي جو ڪو گُر هن کان پڇي اچي. فيلسوف ڇا ڪيو، جو غلام کي ساڻ ڪري، ترار هٿ ۾ کڻي، هڪڙي باغ ۾ ويو، ۽ اُتي گلن جي هڪڙي ٻاري مٿان بيهي، ترار جي هڪ ئي ڌڪ سان وڏا وڏا گل ڪپي ڇڏيائين، جيڪي خوش خوش، پنهنجون سهڻيون چوٽيون ٻين گلن کان مٿي کنيو، هوا ۾ لُڏي رهيا هئا_ ۽ پوءِ پنهنجي علم، ۽ دانش جي هوا ۾ ڦوڪجي، غلام کي ڇڙٻ ڏيندي، چيائين: ”وڃ، وڃي پنهنجي بادشاهه کي سلام چئو، ۽ جيڪي اکئين ڏٺئي سو وڃي هن کي ٻڌاءُ“

بادشاهه کي ايترو ته عقل هو_ سو ڇا ڪيائين، جو جيڪي به ماڻهو سندس بادشاهيءَ ۾ پنهنجا سِر اوچا ڪيو يا ڪنڌ ڊگهيريو، ڪجهه اڳڀري ٿيڻ يا اڳيان اچڻ جي ڪوششش ڪري رهيا هئا، تن جا فورن ڪنڌ ڪپائي ڇڏيائين، ۽ اُن کان پوءِ هو مزي سان ۽ پوريءَ چپ چپات ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو.

مطلب ته ڪابه ڇڙواڳ حاڪميت، ڪو به ڏاڍ يا استبداد ۽ ڪابه آپيشاهي پنهنجن اندروني دشمنن کي برداشت نه ٿي ڪري. پر جمهوريت، ڇاڪاڻ ته آهي ئي رهائيءَ جي هڪ راهه ۽ آزادگيءَ جو هڪ سرشتو، ان جو اهو ايمان آهي ۽ اُن جي دل ۾ اها اُميد رهي ٿي ته سندس مخالف سندس نعمتن کي سڃاڻيندا ۽ انهن جو قدر ڪندا ۽ انهيءَ ڪري اُها هر حال ۾ کين موقعو ڏئي ٿي ته جيڪڏهن هو چاهين ته ڀلي کيس ”آزمائي پڪ ڪن، وڌيڪ آزمائين ۽ وڌيڪ پڪ ڪن!“

جمهوريت جي معنيٰ ئي آهي تنهنجي، منهنجي ۽ سڀ جي آزادي، ذاتي آزادي ۽ گڏيل آزادي_ ڇاڪاڻ ته تون ۽ آءُ ۽ اسين سڀئي جڏهن لوڻ چپٽي به خريد ڪريون ٿا ته ٽئڪس ڏيون ٿا، ماچيس جي ڪا تيلي وٺون ٿا، چانورن جو ڪو داڻو، رڳي واريءَ جي ڪا مُٺ خريد ڪريون ٿا، ته اُن  لاءِ به پنهنجي حصي جو ٽئڪس ڏيون ٿا.

اڳين ڏينهن ۾ اسين ٽئڪسون ”ڏيندا“ ڪونه هئاسون؛ پر بادشاهه، ظالم، فاتح ٻين ماڻهن جا ملڪ فتح ڪندا هئا، ۽ انهن کان زوريءَ زمينون کسيندا هئا، ۽ گذاري لاءِ اُنهن کي پنهنجين ئي اُنهن زمينن کي آباد ڪرڻُ تڏهن ڏيندا هئا، جڏهن اُنهن کان زوريءَ هو ٽئڪسون ”وٺندا“ بلڪ ”ڦريندا“ هئا_ ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه هو اسان کان ائين ”ڦريندا“ هئا ان جي عيوض ۾ هو پنهنجي طرفان اسان کي نه ڪائي سهوليت ڏيندا هئا، نه اسان جي ڪا ڀلائي ڪندا هئا.

هو جيڪڏهن پنهنجي دشمنن کان اسان جو بچاءَ به ڪندا هئا، ته اُهو به ائين هوندو هو ڄڻ هنن پنهنجي کير ڏيندڙ مال جو يا آنن لاهيندڙ ڪڪڙين جو ٻين جانورن کان بچاءُ ٿي ڪيو. هو اسان جو بچاءُ اسان جي خاطر ڪو نه ڪندا هئا، اُهو به هو پنهنجي خاطر، پنهنجي فائدي ۽ پنهنجي دٻدٻي خاطر ڪندا هئا،

اُن جي مقابلي ۾ ، جمهوريت ۾، اسين عام ماڻهو جيڪي پنهنجي پنهنجي منهن الڳ الڳ ڪمن ۾ رڌل رهون ٿا، تن جي گڏيل  سهوليت ۽ فائدي لاءِ، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ اسان جي جمهوري حڪومت، شعوري طور ۽ رٿائتي نموني، وڏي پيماني تي ۽ ڏاڍن الجهيل جديد طريقن سان اسان جي واپاري جنسن جي ڏي وٺ، کڻڻ آڻڻ ۽ مٽاسٽا، صحت ۽ تعليم، امن امان ۽ صلح سلامتيءَ جا اِئين بندوبست رکي ٿي، ڄڻ هوءَ اسان جي زر خريد خادم آهي_ جيئن واقعي آهي به، ۽ اُن کي ائين هئڻ به گهرجي.

اِنهيءَ ڪري قائداعظم ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۾ 15 ڊسمبر 1947ع تي حڪومت جي عملدارن کي جيڪي ”پبلڪ سرونٽس“ (عام جا خادم) سڏجن ٿا ۽ سڏائين ٿا خطاب ڪندي سڌو سنئون ۽ ڏاڍن زوردار لفظن ۾ ياد ڏياريو هو ته ”اوهين خادم لوڪ آهيو، نه صاحب لوڪ!“ ۽ اِهو انهيءَ ڪري، جو هو پگهاردار هئا، ۽ جيڪي پگهار اُنهن کي مليا ٿي، سي عام (ماڻهن) جي ڪمائيءَ مان ۽ اُنهن جي کيسي مان مليا ٿي.

مطلب ته جمهوريت ۾ جتي پڪيءَ ملازمت ۾ بيٺل عملدار آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي سونپيل ڪم جا ماهر ليکجن ٿا ۽ جن کي هر هر تبديل نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته کين خاص تربيت مليل آهي ۽ سندن تجربي ۽ ڄاڻ سبب سماج کي سندن لاڳيتي ضرورت رهي ٿي، اتي عوام جا چونڊيل عيوضي به آهن، جيڪي جمهوري طرز حڪومت جا قانون ۽ دستور ٺاهين ٿا ۽ پڻ عوام پاران سندن پگهاردار ملازمن تي ضابطو رکن ٿا ۽ پاڻ ڪنهن سوچيل سمجهيل ۽ آزمايل اصول هيٺ وقفي وقفي  کان پوءِ نئين سر چونڊجن ٿا ۽ بدلجن ٿا_ اُهي ملازم توڙي عيوضيءَ سڀ عوام جا خادم آهن ۽ هر گز هرگز عوام جا مالڪ، ڌڻي يا آقا نه آهن.

هن ڳالهه جو سڌو سنئون ۽ صاف مثال تڏهن ملي ٿو جڏهن اسين هڪ پاسي ملڪ برطانيه جي هڪ ڳوٺ جي حڪومتي نظام ۽ ٻئي  پاسي پنهنجي بلڪ سڄي برصغير هند و پاڪ جي هڪ ڳوٺ جي طرز حڪومت جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪريون ٿا.

پاڪ هند جي ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻو راڄ يا ڳوٺاڻي حڪومت تقريباً موروثي_ واڌو_ جاتي يا قبائلي بنيادن تي هلندڙ هئي (۽ اڄ به اڪثر ائين ئي هلندڙ آهي). ڳوٺ جا ڪي بزرگ_ ڇاڪاڻ ته اُهي اوچيءَ جات جا هئا، يا وڌيڪ شاهوڪار هئا، ۽ اِنهيءَ ڪري وڌيڪ عزت ۽ مان وارا شمار ٿي ٿيا، اُنهن مان پنجن جي پئنچات ٿي ٺِهـي‏، ۽ اُهي اُن جا تاحيات ”پئنچ“ هئا،  ۽ اڪثر اُنهن جي جاءِ سندن اولاد مان ڪنهن اچي ٿي، والاري. (ڪن ڪن هنڌن تي وڏيرپ، ” چئن چڱن مڙسن“ يا جرگائي قسم جي ڳوٺاڻي راڄ جا بنياد به اُهڙا ئي نسل ۽ دولت جي بنياد تي موروثي صورت جا هئا_ پڳ ٻڌڻ يا ٻڌائڻ جو رواج اِن جي علامت بلڪ سَندَ طور اسان وٽ اڃان به موجود آهي.)

پر انگلنڊ جي ننڍي ڳوٺ ۾ جتي ”پئنچ“ يا ”چڱا مڙس“ کڻي ٽي ئي هجن، پر اُهي سال بسال نوان چونڊيا ٿي ويا، ۽ چونڊجن ٿا_ انهن ٽن مان هڪڙو ”شيرف“  (Sheriff) ٿي سڏيو.

هاڻي، سمجهو ته اتي ڳوٺاڻيءَ ڪائونسل تي ٽي ميمبر چونڊجي آيا آهن- هڪڙو نڪلسن، ٻيو جانسن ۽ ٽيون پيٽرسن، ۽ اُنهن مان شيرف آهي پيٽرسن.

هاڻي، فرض ڪيو ته ڳوٺ جي ماڻهن، جن اُنهن کي چونڊيو، تن جي اُنهيءَ ٿوري يا احسان جي بدلي ۾ هي ٽي اُنهن جا چڱا مڙس فيصلو ڪن ٿا ته پٽاٽن جي في سير ڳوٺاڻي ٽئڪس ۾ پنجن ”پينسن“ جي ڪمي ڪري ڇڏجي_ جيڪي سندن ڳوٺ ۾ وڪري لاءِ ٻاهران ٿي آيا.

ڇا،  اوهين ائين ٿا سمجهو ته اِنهيءَ ٽئڪس جي تخفيف يا لاٿ سبب ڳوٺاڻا پنهنجي ڳوٺ جي گڏيل ڀلائيءَ جي ٻين ڳالهين جي سلسلي ۾ پنهنجي چوڪسي گهٽائي ڇڏيندا يا اُنهن پنهنجن هڪ سال لاءِ چونڊيل ٽن چڱن مڙسن جي ٻئي ڪم ڪار ۽ انتظام جي باري ۾ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ويهندا يا پنهنجون اکيون پوري ڇڏيندا!

نه، بلڪل نه.

”مئڪ“، هڪڙو ڪو اُنهن مان ميخاني ۾ ٻئي کي ٺونٺ هڻي يا رستي تي سڏ ڪري چوندو، ”مئڪ، ڳالهه مڙيئي ڪجهه اٿئي، ڪا اٽڪل مڙيئي ڪٿي آهي!“

”ڇا ٿو چوين، ٽام؟ ڇا ٿو چوين؟“

”مئڪ“، هنن يارن پٽاٽن تان پنج پينس ٽئڪس لاٿي آهي، پر ڏسجان، هي کنڊ تي وري ڏهه پينس وڌائي ڇڏيندئي! سڄا ڏهه پينس کنڊ تي، مئڪ!“

۽ پوءِ هي، جن اُنهن ٽن کي چونڊي پنهنجو چڱو مڙس بڻايو، سي اها واڌو ٽئڪس لڳندي ته به ڏيندا، يعني کنڊ تي واڌو ڏهن پينسن جي ٽئڪس، پر هو پنهنجو واري لاءِ ترسيا ويٺا هوندا، سچ پچ ته اکيون کوليو، ڪن سرلا ڪيو، ترسيا ويٺا هوندا، ۽ جڏهن ٻئي سال چونڊن جو وقت آيو، تڏهن اِهي ٿا وڃن پنهنجي گهر اُهي ٽي ”چڱا مڙس“، جن پنج پينس پٽاٽن تان ٽئڪس لاهي کنڊ تي ڏهه پئنس ٽئڪس چاڙهي ڇڏي هئي! اُهي ٻئي واري وري چونڊجي سگهن، سا ڳالهه ڪانه ٿيندي.

انگلنڊ جي ڳوٺ ۽ اسان جي ڳوٺ جي وچ ۾ ٻيو فرق: اُتي انگلنڊ  ۾ لارڊر (نوابن، جاگيردارن، وڏيرن) جي زوال سان گڏو گڏ جيڪو اُنهن جي بادشاهه هينري ستين جي (1485ع ۾) تخت نشينيءَ سان شروع ٿيو، انگلنڊ جي شهري تاجر طبقي جو عروج به شروع ٿيو، جنهن پورو پختو زور اُن جي پٽ هينري اٺين جي (47_1509ع) ۾ ورتو.

پر هتي هند- پاڪ جي ڳوٺن ۾، ويندي، ماضي قريب تائين، ائين ڪو نه ٿيون. (بلڪ اسان وٽ ته اڄ به ائين ڪونهي). هتي ڳوٺاڻيون پنچائتون، راڄ  يا برادريون هر گز اُهي مثالي جمهوريتون ڪين هيون، جيئن پروپيگنڊائي مفادن لاءِ اُنهن کي مشهور  ڪيو پئي ويو آهي. ڇو ته هتي زميندار ۽ جاگيردار، وڏيرا ۽ سردار، نواب ۽ صوبه دار، سڄن سارن ڳوٺن جا مالڪ هئا؛ جي هو ڪيترن هنڌن تي خريد فروخت ڪري ٿي سگهيا. ۽ پوءِ  جڏهن جديد زماني جي پارليماني يا ووٽن واري جمهوريت اڌو گابري شڪل ۾ هتي رائج ٿي، ۽ سا به ”مٿان کان هيٺ“ يعني ”راجا کان رعيت“ تائين، تڏهن اُن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻن جا ”ووٽ“ اُنهن ئي زميندارن ۽ جاگيردارن، اُنهن ئي ”چڱن مڙسن“ ۽ ”پئنچن“ جي ائين قبضي ۾ اچي ويا، جيئن اُنهن جا پنهنجا رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳن ڍورن جا ڌاريل ڌڻ.

برطانوي ڳوٺ جي جمهوري راڄ ۽ هند، پاڪ جي ڳوٺاڻي پئنچاتي (وڏيراڻي، ”چئن چڱن“ جي يا جِرگائي) راڄ ۾ مکيه ۽ اهم فرق اِهو آهي.

برطانوي ڳوٺ جو هڪ هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي ووٽ جي پوري پوري قيمت ڄاڻي ٿو. هن وٽ ووٽ ئي هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن جي وسيلي هو پر امن نموني  اڳين چونڊيل شخصن کي ڊوڙائي ڪڍي ٿو ڇڏي ۽ اُنهن جي جاءِ تي هو ٻين اهڙن پنهنجن عيوضين کي چونڊي ٿو، جن کي هو پنهنجي خدمتگار عيوضين طور ٻئي سال لاءِ آزمائڻ گهري ٿو.

۽ چونڊ لاءِ ڳوٺ يا تڪ جي ووٽرن جو بنيادي خيال يا امنگ اُتي هڪ ئي هوندو آهي، يعني ڳوٺ يا تڪ جا مخصوص فائدا جيڪي چونڊ لاءِ بيٺل هڪ اميدوار کي نه پر ٻئي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ سان حاصل ٿي سگهن ٿا، ۽ جيڪڏهن سڄو سال يعني ٻين چونڊن تائين اُهي فائدا حاصل نه ٿي سگهيا، ته اڳ چونڊيل  عيوضيءَ يا عيوضين جي وڌيڪ ڪاميابيءَ جي اميدن کي وري به اُن ساڳيءَ بئلٽ باڪس يعني ووٽ جي پيتيءَ ۾ دفن ٿيڻو هو.

اِها آهي ڌرتيءَ مان ڄاول ۽ ڌرتيءَ مان اُڀريل جمهوريت، جنهن جا ست جنم آهن، ڇو ته  اُن جون پاڙون پاتال ۾ کُتل آهن.

اِها ڳوٺ جي سدا سائي سَتابي ۽ صاف سُرهيءَ عوامي مت ۽ مريادا مان اٿيل جمهوريت آهي، جيڪا اُتان اٿي، اُڀري ۽ وڌي، ملڪ جي سڄي حڪومتي چرخي ۽ اُن جي عملداري مانڊاڻن کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ لاءِ، اهڙوئي چوڪس ۽ باخبر، مٿي پارليامينٽ هائوس تائين وڃي پهچي ٿي.

هِتي، سچ پچ به ته، هزارين ڪوهن تان ۽ اسان جي سامراجي حاڪمن وٽان مٿان يعني لنڊن جي برطانوي هائوس آف پارليامينٽ جي رعبدار فرمان سان جمهوري ادارا مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين کان وٺي ضلعي ۽ تعلقي جي بورڊن تائين قائم ٿيا، ۽ اُنهن سڀني جو مالڪ ۽ مختار ۽ حاڪم اعليٰ برطانوي گورنر جنرل هو، جنهن کي ”وائسراءِ“ (نائب بادشاهه) به سڏيندا هئا، ۽ جيڪو اُن ڏورانهين، رعبدار، اسان جي اعليٰ برطانوي پارليامينٽ جو پگهاردار ملازم هو (جيتوڻيڪ هن جو اُهو پگهار اسان کان ”ورتل“ ٽئڪس مان هندستان جي خزاني کي ئي ڀرڻو پوندو هو)، ۽ اُنهن مٿان کان مرحمت ڪيل يا مڙهيل جمهوري ادارن جي ٺاهڻ ڊاهڻ توڙي هلائڻ نه هلائڻ جون چاٻيون به ان جي يا ان جي ٻين ننڍن حڪم جي بندن، حاڪمن ۽ عملدارن جي ئي هٿ ۾ هونديون هيون، ۽ اُنهن اعليٰ حاڪمن کان عطا ٿيل جمهوريت ۽ اُن جي جمهوري ادارن لاءِ خود ووٽ جو حق به اسان وٽ هتي اسان جي بالغ آباديءَ جي سڀني ماڻهن کي نه پر فقط ڏهن کان پندرهن في سيڪڙو ماڻهن کي مس مليل هوندو هو. ۽ اِها صورتحال برصغير ۾ 1947ع تائين اِئين قائم هئي.

۽ ڇاڪاڻ ته اُن برطانيه جي مقرر ڪيل گورنر جنرل جو پگهار هندستان جي خزاني کي ڀرڻو پوندو هو، مهاتما گانڌيءَ اُنهن ڏينهن جي وائيسراءِ لارڊ ريڊنگ کي هڪڙو خط لکيو، جنهن ۾ هن کي چيائين ته ”دهليءَ جي انگ اکر آفيس مان نڪتل هڪ رپورٽ مطابق هڪ هندستاني شهريءَ جي سراسري روزاني آمدني ٻه پئسا (ان وقت جي  هڪ آني جو اڌ) آهي، ۽ لنڊن  جي هڪ اعليٰ سرڪاري پڌرنامي ۾ ٻڌايل آهي ته تنهنجو پنهنجو ماهيانو پگهار چاليهه هزار رپيا آهي. ڇا، اهو اسين معلوم ڪري سگهون ٿا ته جيڪو مالڪ روزانو فقط ٽڪو ڪمائي، سو پنهنجي ڪنهن نوڪر جو چاليهه هزار في ماهه پگهار ڀري سگهي ٿو؟.“

ساڳئي مهاتما گانڌيءَ، 23 سال پوءِ 1947ع ۾، آزاد هندستان جي پهرئين گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن جي، هيٺين تاريخي لفظن سان آجيان ڪئي: ”ڪالهه تائين لارڊ مائونٽ بيٽن هندستان جو حڪمران هو. اڄ هندستان جي خادم طور اسين هن جي آجيان ڪريون ٿا. اڄ اهو عهدو هن کي هندستان جي ماڻهن پاڻ ڏنو آهي.“ (ملطب ته جي هو چاهين، ته سڀاڻي هو اُن کي لاهي به سگهن ٿا.)

ان کان گهڻو اڳ 1918ع ۾ پاڪستان جي بانيءَ به اهڙي بلڪ اُن کان به زوردار نموني ٽئڪس ڏيندڙ ”هندستاني شهريءَ جي حق“ جو اعلانيه اعلان ڪيو هو. ٿيو هيئن هو، جو ان زماني ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمني جي شڪست کان پوءِ برطانوي اوج جو سڄيءَ دنيا تي ڌاڪو ويٺل هو (غلام ملڪ هندستان جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي!) ‏، تڏهن سوال اٿيو ته بمبئيءَ  جي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان، بمبئي جي گورنر، لارڊ ويلنگڊن، کي، رٽائر ٿيڻ جي موقعي تي الوداعي پارٽي ڏني وڃي ۽ قدر افزائيءَ جو خطبو پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي قائداعظم وڏي حوصلي ۽ سياسي جرئتمنديءَ جو مظّاهرو ڪندي، ان ٺهراءَ جي خلاف هلچل هلائي_ جنهن ۾ ڪيترائي سندس وطن دوست ساٿي، هندو مسلمان، به واقعي ساڻس شامل هئا.

هتي هيءَ ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي، ۽ خاص طرح جديد سياسي جمهوريت جي ارتقا ۾ اِن ڳالهه جي بنيادي اهميت آهي، ته پاڪستان جو باني ۽ هندستان جو ”ٻاپو“ مهاتما گانڌي ٻيئي تاجر طبقي جا فرد هئا ۽ ٻنهي جي برادرين جو مفاد، دلچسپي ۽ واسطو پوريءَ طرح وڻج واپار سان هو.

۽ تاريخ جي هر دور ۾ ۽ هر هنڌ واپاري برادري کي ئي ڏٺو ويو آهي ته سماج جي سڻڀن ۽ سڀرن طبقن ۾ اُها ئي انساني زندگيءَ جي ذاتي توڙي سماجي ۽ سياسي دائرن ۾ جمهوري ذهنيت ۽ جمهوري نظام ڏانهن زياده مائل رهي آهي ۽ انهن جي تعمير ۽ ارتقا ۾ به اڪثر هِـن ئي برادريءَ اڳواڻيءَ جو رول ادا ڪيو آهي. قديم يوناني تاريخ جي اٿينس ۽ ٻين شهري جمهوريتن ۽ ان کان به اڳ هتي اسان وٽ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي شهري رياستن ۾، ۽ تاريخ جي مذهبي انقلابن جي سلسلي ۾ بداعمال  ۽ منافق مذهبي پيشوا طبقي جي محروم فردن ۽ گروهن سان گڏجي، ۽ فرينچ انقلاب جي ابتدا توڙي ان جي ترقيءَ ۾،  ۽ ان کان اڳ انگلنڊ جي ٽيوڊر شاهيءَ کان پوءِ اتان جي صنعتي انقلاب جي تحريڪ ۾، ۽ بنهه هاڻي تائين جيئن اسان جي بنهه اکين اڳيان ايران جي هلندڙ عظيم اسلامي جمهوري انقلاب ۾ ٿيو_ مطلب ته انساني تاريخ جي سڄي هيتري ساري انقلاب آفرين عرصي ۾ واپاري برادرين جو اِنهيءَ ئي قسم جو جمهوريت پسند، جمهوريت ساز ۽ جمهوريت نواز ڪردار رهيو آهي.

ساڳيءَ طرح هندستان ۾ به آزادگي پسند جمهوريت جي مطالبي، مختلف ماڻهن ۽ ننڍن ننڍن حلقن مان اٿي، مٿي اڀري، نيٺ تاجر طبقن ۽ واپاري ۽ صنعتي برادرين جي هٿن ۾ اچي ۽ انهن جي حمايت ۽ سرپرستيءَ ۾ پنهنجا تنظيمي ۽ عمل آفرين اثر ڏيکاريا.

ائين، برصغير ۾ جمهوري امنگ ۽ مطالبي جا بنياد، ظاهري طور ئي، جو تاجر برادريءَ ۽ واپاري طبقي جي مرڪزن مان اٿيل ۽ انهن جي مفادن سان وابسته ٿي ڏٺا، ۽ ڇاڪاڻ ته ڪانگريس  ۾ با اثر ۽ عملي سياسي گورهه جي تشڪيل ۽ تنظيم به خود واپاري طبقي يا انهن جي ترجمان سياستڪارن مان ئي ٿيل هئي، انهيءَ ڪري ڪانگريس هڪ منزل تي پوري اعتماد سان ۽ بيڌڙڪ اعلان ڪري سگهي  ته طاقت ۾ اچڻ سان هوءَ ملڪ مان زمينداري سرشتو فوراً ختم ڪري ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته ان سرشتي جي ئي آڌار تي جيئن ڏيهي رياستن جي نوابن، راجائن ۽ مهاراجائن جي ئي آڌار تي جيڪي سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏا زميندار ئي هئا، هندستان ۾ برطانوي سامراج پنهنجو اقتدار شروع ۾ به قائم ڪري سگهيو هو ۽ پوءِ به قائم ڪيو ويٺو هو.

اُن جي برعڪس ليگ جي تشڪيل ۽ تنظيم ائين هئي، جو  ان ۾ اثرائتي طاقت ۽ عملي زور رئيسن، نوابن ۽ وڏن زميندارن جي هٿن ۾ هو، ۽ نه واپاري برادرين ۽ تجارت ۽ صنعت ڏانهن مائل حلقن يا مفادن جي هٿن ۾ ڇاڪاڻ ته سياسي طور اهڙا ڪي به فعال ۽ طاقتور واپاري ۽ صنعتي مفاد يا حلقا ليگ ۾ موجود ڪو نه هئا.

ليگ جي زميندارن لاءِ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي معنيٰ اُهائي هئي، جيڪا بادشاهه ”جان“ (1216_1199ع) کان برطانوي لارڊن ٿي گهري ته ڪنهن طرح انگلنڊ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ”هائوس آف لارڊس“ قائم هجي، جنهن ۾ هو يا هنن جا ”لارڊ زادا“ موروثي طور موجود هجن! هنن کي اُها خبر ڪانه هئي ته ڪو 1904ع جو سال به ايندو، ۽ هڪ عوامي ماڻهو، ڪاسائي جو پٽ، لائڊ جارج، به وزير اعظم ٿيندو، ۽ سندن ”پونگڙن“ جي موروثي نشست گاه يعني ”هائوس آف لارڊسنس“ کي پري کان بيهي دڙڪو ئي هڪ ڏيندو: ”هائوس آف ’عوام‘ جي آڏو پيش پئو! نه  ته پنهنجا هٿرادو ’لارڊ‘ ٺهرائي، هائوس آف ’لارڊس‘ کي ائين ڀري ڇڏيندس، جيئن انگلنڊ جي ڪارخانن ۾ ’انگلنڊ ۾ ٺهيل، اکر جون چٽڪي لڳل تجارتي شيون ٺهي، مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ وڃي رهيون آهن!“

ساڳئيءَ طرح، ليگ جي زميندارن لاءِ، وجود ۾ ايندڙ پاڪستان توڙي هندستان جي يو- پيءَ ۾، جمهوريت جي جيڪڏهن ڪا معنيٰ هئي ته هڪ هئي- زميندارن جي بي روڪ ۽ بي ٽوڪ طاقت_ بس ٻيو ڪجهه به نه. يو-پي جي مسلمان زميندارن ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ هليل ڳالهين ٻولهين جي ڇپيل  ۽ شايع ٿيل رڪارڊ مان صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڪانگريس ساڻن رڳو اهو واعدو ڪري ها ته هوءَ يو-پيءَ ۾ زمينداريءَ جو خاتمو نه آڻيندي، ته هو پاڪستان سان نه پر هندستان سان گڏ رهڻ لاءِ تيار هئا؛ ۽ اِهو رڳو تجارت- واڌو- ڪاروبار- واڌو- صنعتڪاريءَ ڏانهن مائل ڪانگريس جو اهڙي واعدي ڪرڻ کان صاف انڪار هو، جو انهن يو-پي جي مسلمان زميندارن پوءِ پاڪستان لاءِ ووٽ ڪيو؛  ۽ جڏهن پاڪستان ٺهيو، تڏهن هو هيڏانهن لڏي آيا ۽ هتي کين يو –پيءَ ۽ هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ ڇڏيل زميندارين جا معاوضا زمينن توڙي نقديءَ جي صورت ۾ مليا.

۽ هتان جا مڪاني زميندار ۽ جاگيردار، جن کي هندو واپارين جي هتان نڪري وڃڻ سبب اُنهن جي وسيع قرضن مان ڇوٽڪارو مليو، سي به اِن ڳالهه جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا ته سندن عوام جي مغز ۾ هتي جمهوريت جي ڪا هوا ڀرجي وڃي ۽ هو اُن جي ڪنهن اثر ۾ اچي وڃن ۽ سندن من وڌي وڃي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org