سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :6

7

سنڌي ناٽڪ جو ٽيون دور

 

هن دؤر ۾ شروعات جيئن ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان ٿي هئي، سو 1947ع سال جي پڄاڻي کان سنڌي ادب ۽ فن جي ميدان ۾ هونئن ته ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا هئا پر هن ڏس ۾ عام طور ائين پئي ڀانئيو ويو ته اسٽيج ڊرامو به ڄڻڪ اهي هندو ناٽڪ ڪار پاڻ سان کڻي ويندا. اهو انهي ڪري جو تنهن وقت جيڪي ناٽڪ منڊليون ٿيون هيون تن جا ڪرتا ڌرتا هندو اديب ۽ فنڪار ئي هوندا هئا.

اهڙي حالت ۾ هتي سنڌ ۾ مسلمان سنڌي اديب توڙي فنڪار همت هاري نه ويٺا ۽ فن جي ٻين شعبن جيان اسٽيج ڊرامي جي ميدان ۾ به پاڻ پتوڙڻ لڳا. هنن نئين نسل کي اسٽيج جي فن ڏانهن متوجه ڪيو. سنڌي اخبارن، رسالن ۽ منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ مقالا پڙهي، سنڌي ناٽڪ کي نئين سر ترقي ڏيارڻ لاءِ نوجوان اديبن ۽ فنڪارن ۾ نئون روح ڦوڪيو ويو. ساڳئي وقت جا ماهر تعليم دان گھڻو ڪوشان رهيا، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي ۾ اهي مسلمان سنڌي تعليمدان پنهنجو هڪ خاص مقام رکيو آيا. سندن ڪوششن سان سنڌي ڊرامي جي تاريخ وري دهرائجڻ لڳي، سو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نئين سر ناٽڪ منڊليون ٺهيون ۽ گڏوگڏ سنڌي ادبي سوسائٽين جي اتساهه سان خانگي ڊرئميٽڪ سوسائٽيون به قائم ڪيون ويون.

هوڏانهن ڀارت  ۾ به  هتان لڏي ويل سنڌي هندن  جي ڪوششن سان بمبئي  ۽ دهلي ۽ پوءِ  جتي  جتي سنڌي  هندو گھڻائي ۾ وڃي  آباد  ٿيا، اتي سنڌي  ناٽڪن پيش ڪرڻ  جو سلسلو  جاري ٿي ويو. جئه هند ڪاليج بمبئي  ۾ پروفيسر رام پنجواڻي جي سرپرستي  هيٺ شاهه  جي آکاڻين  تي ٻڌل ڪي ناٽڪ پيش ٿيا.  ۽ سنڌي ساهتيه منڊل (بمبئ)  اڌ ڊزن کان  مٿي ايڪانڪي  سميلن، سيمينارن ۽ وڏن  ڏينهن ملهائڻ جي موقعن  تي پيش انهن سڀني ۾  م .ع ڏيپلائي جو’شاهدي، ڪافي  ڪامياب رهيو(1) ان کانسواءِ  هندو اديبن  سنڌ  ۽ سنڌي  ادب  سان اهڙيءَ  ته لَنءُ  لڳائي، جو لڏي وڃڻ بعد  هنن اتي هندستان  ۾ به  ساڳي  چاهت  سان قلمي  پورهيو  ڪيو،  جنهن ڪري ڪهاڻين ۽ ناولن  کانسواءِ  ڊرامن جي ميدان ۾  به خاطر  ترقي ٿي (2) ڀارت ۾  سنڌي ناٽڪن کي  ترقي جي  دؤر ۾ آڻڻ  ۽ نون فنڪارن  ۾ جذبي  اڀارڻ  ۽ سجاڳي  آڻڻ  ۾ منگھارام  ملڪاڻي،  رام پنجواڻِي،  جيٺانند ناگراڻي،  جيون گرسهاڻي  ۽ گوبند مالهي  جو وڏو هٿ رهيو .(3)

 هتي سنڌ ۾ وري  صد آفرين ٿي  ڏجي انهن  بزرگن  پروفيسرن  ۽ استادن کي، جيڪي  ساڳئي  ئي عزم  سان سنڌي  اسٽيج  ڊرامي  جي  واڌاري لاءِ  نوجوان  نسل  ۾ جذبو  پيدا ڪندا رهيا. انهن بزرگن  ۾  پروفيسر  لطف  الله بدوي ، پروفيسر  اڪرم  انصاري ۽ پروفيسر  عبدالعلي قلباڻي، پروفيسر  مير محمد  ڀيو سرفهرست آهن، جن جي ڪوشش سان  پنهنجن  پنهنجن  تعليمي  ادارن  ۾ ڊرئيميٽڪ سوسائيٽيون  برپا ٿيون. اهڙي ريت  سنڌ  توڙي  هند ۾  سنڌي ناٽڪ  پيش ڪرڻ  لاءِ پهرئين  ۽ ٻئين  دور  جيان  ٽئين  دور ۾  به انيڪ  ناٽڪ منڊليون  ٺهيون  جن جو تاريخوار  تفصيل  هيٺ  ڄاڻائجي ٿو:-

 

ناٽڪ منڊليون

 

1- سنڌي ناٽڪ ساهيته  منڊل، بمبئي:

 

1948ع ڌاري هيءَ  ناٽڪ منڊلي  بمبئي ۾ برپا ٿي، جنهن جو پايو رکندڙ  منگھارام ملڪاڻي. گوبند مالهي، بهاري لعل ڇاٻڙيا ۽ گل آسناڻِي هئا. هن جا مکيه ليکڪ گوبند  مالهي ، جيون  گرسهاڻِي، سنڌي اتم چنداڻي ۽ ڪرشن راهي، هئا ۽ هدايتڪار منگھارام ملڪاڻي مدن  جماڻي، جيون گرسهاڻي ۽ گوبند مالهي هئا. هن منڊلي جا رچيل  مشهور  ناٽڪ ڪفن،  املهه ماڻڪن  جو واپار، حقن جو رکپال نيلام ، شاهدي ۽ گامٽو اسٽوڊنٽ هئا. هنن اٽڪن ۾ حصو  وٺندڙ اداڪار هئا: ڪملا ڀاڳناڻي، ڪيرت مهرچنداڻي، سندري اتمچنداڻي، مدن جماڻي، جگديش شهدادپوري، جسونت ڪمار، چندر ساوناڻي، رام گيانچنداڻِي ، ايشور ناواڻي، سريش ڀاڳيا  ۽ ويريندر وسواڻي.

 

2- ٽريننگ ڪاليج فارمين ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1950ع کان  هن سوسائٽي  سنڌي ناٽڪن  کي اسٽيج  تي پيش ڪرڻ  واري  روايت  کي جاري رکندي سال به سال  بهترين ناٽڪ رچايا، جن ۾ 1950ع واري سالياني جلسي ۾ پيش ٿيندڙ ڊرامو آزادي ڏانهن........ تمام گهڻو ڪامياب رهيو. هن ڊرامي ۾ انسان جي حقيقي آزادي جو خيال تمام سهڻي نموني چٽيل هو. هن  ناٽڪ جو ليکڪ محمد ابراهيم جويو هو ۽ پارٽ ادا ڪندڙ ڪاليج جا شاگرد هئا.

 

3- سنڌي ساهتيه سڀا، دهلي:

1950ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊلي جو روح روان ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي هو. دهلي ڪاليج جي هيءَ سوسائٽي علمي جذبي تحت استادن ۽ شاگردن جي ڪوششن سان ٺهي ۽ لائبريري ۾ سنڌي سيڪشن کولڻ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. هن ناٽڪ منڊلي جا مشهور ليکڪ جيون گرسهاڻي، هيمراج ناگواڻي ۽ سڳومل هئا ۽ هدايتڪار جيون گرسهاڻي هو. هن منڊلي جا مشهور اداڪار هئا: شيام گيانچنداڻي، درگو اچتاڻي، ايشور ڀاٽيا، هيمراج ناگواڻي، ارجن بجلاڻي، پيتو ناگواڻي، نامو نوتاڻي، گل هڱوراڻي، گوپي جڳتياڻي، وشني ماکيجاڻي، ڀاڳ چاولا، ڀاڳ بٽاڻي، اُتم بيلاڻي ۽ لڇمڻ ڀاٽيا.

 

4- سنڌو ڪلاڪيندر، دهلي:

1950ع ۾ ڪان موتيهار ۽ ساٿين جي سرپرستي هيٺ هي ڪلاڪيندر قائم ٿيو. شروعات ۾ هي ڪلاڪيندر صرف سنگيت پروگرام پيش ڪندو هو. شروعاتي سال 1950ع ۾ هن منڊلي اسٽيج تي هڪ دوگانو ’پيارا مون کي موٽر جو سئر ڪراءِ پيش ڪيو هو. ان بعد 1951ع‘ ۾ مان پيڪي هلي ويندي سانءِ.......‘ ۽ 1956ع ۽ 1957ع ۾ ’راءِ ڏياچ ۽ عمر مارئي جا منظر پيش ڪيا، جيڪي راءِ پنجواڻيءَ جا لکيل هئا. اهڙي ريت 1967ع ۾ گيتن ڀري ڪهاڻي ’سرسامونڊي‘ پيش ڪيو هو. ان کان سواءِ هيءَ منڊلي سال به سال مشهور دوگانا جهڙوڪ، جوءِ جو غلام، مرچو ماءُ، ٻڍي مائي وغيره پيش ڪندي رهي هئي. هن ڪلاڪيندر لڇمڻ ڀاٽيا جا ٻه سنگت ناٽڪ، سر سورٺ ۽ مومل راڻو به پيش ڪيا، جن جا هدايتڪار ڪان موتيهار ۽ جيون گرسهاڻي هئا؛ جڏهن ته اداڪار هئا: موهن چندر شهاڻي، گل مٽريجا، ڪماري شوڀنا رام رکياڻي مايا مسنک، لڇمڻ  ڀاٽيا، منجو باگرو، آتم تلريجا، گهنشيام آسواڻي ڪماري شيلا ڪرپالاڻي ۽ سرلا بچاڻي.

 

5- گربي ناٽڪ منڊل، احمد آباد:

1951ع ۾ هن ناٽڪ منڊل جو پايو شري مرچومل ۽ چئنلال گڏجي وڌو. هن منڊل جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار شري مرچومل، لڇمڻ جسوجا ۽ ڀڳواڻ شرما هئا، جن جي سرپرستي هيٺ جيڪي مشهور ڌرمي، عشقيه ۽ سماجي ناٽڪ پيش ٿيا سي هئا: مهاراجا هريشچندر، ليليٰ مجنون روپ بسنت، هنن ناٽڪن جا مشهور اداڪار هئا: ٿڌل پياسي، ٽوپڻداس، چئنلال، ڀڳوان شرما، لڇمڻ جسوجا ۽ هري مستانا.

 

6- سنڌو ساهتيه سڀا، جئپور:

1952ع ڌاري جئه ڪرشن شرما، سندر اگناڻي ۽ سوڀراج آسومل هن ناٽڪ منڊلي جو پايو وڌو. جنهن جو بعد ۾ لڇمڻ ڀمڀاڻي بانيڪار رهيو. هن منڊل طرفان پيش ٿيل ناٽڪن ۾ نيلام، مڪان خالي آهي، اشتهاري شادي وغيره بيحد ڪامياب رهيا هئا. هن منڊل جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار جيون گرسهاڻي ۽ سندر اگناڻي هئا، جڏهن ته ٽيڪم ڀاوناڻي ۽ سريش ڀاڳيا مشهور اداڪار هئا.

 

 

7- جئه هند ڪاليج سنڌي سرڪل، بمبئي

1952ع کان قائم ٿيل هن سرڪل جو بانيڪار پروفيسر رام پنجواڻي هو. جنهن پنهنجا مشهور سنڌي ناٽڪ مومل راڻو، پکي ۾ پدمڻي (عمر مارئي) راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي وغيره پيش ڪيا. ان کان سواءِ هن سرڪل انٽرڪاليجئيٽ ناٽڪ چٽاڀيٽين ۾ شل چور اچن، مائٽي، چڪر وغيره ناٽڪ به پيش ڪيا. هن ۾ حصو وٺندڙ مشهور اداڪار نرملا ميرچنداڻي ۽ موهن بيلاڻي هئا.

 

8- سنڌي نو جيون سڀا، دهلي:

1953ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊلي جا بانيڪار هوند راج سڪايل، هري نارائڻ سبناڻي، موتي لال جوتواڻي ۽ ڪي. ايس ٻالاڻي هئا. هن سڀا جا ليکڪ هوندراج سڪايل ۽ موتي لال جوتواڻي هئا، جڏهن ته هدايتڪار ڀڳوان رامناڻي ۽ هوندراج سڪايل هئا. نئون زمانو، هار يا جيت، ليلا چنيسر ۽ ٽي گهوٽ هن سڀا جا مشهور ناٽڪ آهن جن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: ڪماري نانڪي، آوتراماڻي، ڀڳوان رامناڻي، جيرام ڀڳواناڻي، ڪي. ايس ٻالاڻي، ڪشن ٻالاڻي ۽ پرڀو پارداساڻي.

 

9- سنڌو ناٽڪ منڊل، الهاس نگر، بمبئي:

1953ع ۾ هن ناٽڪ منڊل جو بنياد هرولعل ستايل رکيو، جيڪو هن منڊل جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو. هن منڊل جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ هئا: آپگهات، وير حقيقتراءِ، باغي جوان، راجا ڏاهرسين، فئشن جي پتلي، وير هيمون ڪالاڻي، چريو نٿو، ڪنجوس ڦتو ۽ گهُرجي مسواڙي، هنن ناٽڪن ۾ جن اداڪارن حصو ورتو سي هئا: امبرت واسواڻي، اوتار گرناسنگهاڻي، رمڻ لعل راجپال ۽ جئديو تنواڻي.

 

10- سنڌي پئنچات، پٽيل نگر، دهلي:

1954ع ڌاري روپچند موٽواڻي، خوشي هزاري ۽ پرڀو وفا جي گڏيل محنتن سان هيءَ ناٽڪ منڊلي برپا ٿي هي. هن منڊلي جا اسٽيج تي پيش ڪيل مشهور ناٽڪ جيون گرسهاڻي جو ”ڪاڪو بهلاڻي وارو“ ۽ ڄيٺانند ناگراڻي جو ”گامٽو اسٽوڊنٽ“ هئا، جن ۾ حصو وٺندڙ مشهور اداڪار: دهلي جي پهرين جرئت واري ڇوڪري ڪماري جسي هنڱوراڻي، شيام گيانچنداڻي ۽ لڇمڻ ڀاٽيا هئا.

 

11. ڪلاڪار منڊل، ڀوپال:

1954ع ۾ هيءُ ناٽڪ منڊل خاني  صاحب  جي رهنمائي  هيٺ  قائم ٿيو هو.  هن منڊل جا پيش  ڪيل مشهور ناٽڪ رام بنواس  ۽ وطن  جي ياد آهن. هنن ناٽڪن ۾ حصو وٺندڙ ادڪار  هئا:  نڀيداس  جڳواڻي، مرليڌر بلواڻي  ۽ پرڪاش ماکيجا.

 

12- سنڌو ساهتيه منڊل، آگرو: 

1954ع ڌاري  هن ناٽڪ منڊل جو پايو  رگھو  نندن  پر ساد  وڌو  هو . هن منڊل اڪثر  طور سنڌي  قومي  ۽ تاريخي  ناٽڪ پيش ڪيا، جن جا مکيه  ليکڪ هدايتڪار  چيتن ديو  ورما ، واڌو رام شرما ۽  رگھو  نندن  پرساد هئا.  هن جا پيش ڪيل  مشهور  ناٽڪ  ساهيته  جو  اثر ، والميڪ، مهاراجا ڏاهرسين، گدو مل جي نياڻي جو ٻليدان، سنڌي تلوار، نقلي ڊاڪٽر  ۽ ڪنارو ڪٿي آهي،ليکيا وڃن ٿا. موهن  لعل  ناگديو  هن ناٽڪ  منڊل  جو مشهو ر اداڪار هو.

 

13- اتحاد آرٽ ڪلب، حيدرآباد:

1955ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ  ڪلب کوکر  محلي  حيدرآباد  نوجوان فنڪارن جي  سر جوشيءَ  سان قائم ٿي، جنهن طرفان سڀ کان  پهرين ميٺارام هال ۾ ’سسئي پنهون‘ ناٽڪ پيش ڪيو ويو هو. هن ناٽڪ جو ليکڪ  نور احمد نور هو  ۽ گيت جي ايم. فقير لکيا هئا. هن ڊرامي جي پس پرده  موسيقي سنڌ جي نامياري  گويي استاد  گامڻ خان جي پوٽي  ۽استاد  بيبي خان جي پٽ ماسٽر  نياز  حسين ڏني هئي.  هن ناٽڪ جو هدايتڪار  باقي پرويز  ۽ اداڪار هئا:  ساران، خير محمد پشوري، لال محمد پشوري، غلام محمد پشوري، سومر لاکو، استاد پنهون، اعظم دائود پوٽو ۽ ڪامران ڀٽي. هن ڪلب طرفان پيش ڪيل ٻيو مشهور سنڌي ڊرامو ’انسانيت‘ هو جنهن جا ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار ساڳيا هئا، جڏهن ته اداڪار هئا: غلام حسين کوکر، غلام محمد پلپلي، ڪامران ڀٽي، لال محمد پشوري، غلام محمد پشوري، خير محمد پشوري، غلام حيدر قمبراڻي ۽ قربان جيلاني. هي ساڳيو ڊرامو هن ڊرئمٽڪ ڪلب حيدرآباد شهر جي لڳ هوسڙي ۾ پڻ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو جتي نون اداڪارن ۾ عبدالرحمان ميمڻ، محمد يوسف پنهور ۽ محمد رمضان شامل هئا. اتي هن ناٽڪ ڪار علي آحمد ٿيٻو هو ۽ پس پرده مشهور سنڌي ڳائڻي محمد يوسف پيش ڪيا هئا.

 

14. ڪوهه نور ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد:

1956ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ڊرئميٽڪ ڪلب جو باني ستار نوحاڻي هو، جنهن جي نگراني هيٺ مشهور ڊراما ’مومل راڻو‘ ۽ ’درد دل‘ رچايا ويا هئا. هنن ناٽڪن جا ليکڪ ۽ هدايتڪار غلام حيدر صديقي، محمد رحيم غزنوي، جي. ايم فقير ۽ اداڪار هئا: ستار نوحاڻي، محمد رحيم غزنوي، جي. ايم فقير، قربان جيلاني، لال بخش، ايم بچل منو ، ايوب سرحدي،  محمد شاهه، قاسم فاني، مشتاق چنگيزي ۽ غلام حيدر صديقي.

 

15- سنڌو سماج دهلي:

1956ع ۾ هي ناٽڪ منڊل برپا ٿيو، جنهن جو بانيڪار  گورڌن ڀارتي هو. هن جا مکيه ليکڪ  گوبند مالهي  ۽ جيون  گرسهاڻي  هئا، جڏهن ته هدايتڪار  جيونم گرسهاڻي ۽ گوبند ناٿاڻي هئا.  هن منڊلي جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ گامٽو ڊاڪٽر، گامٽو گھوٽ عرف بابو جي، بگڙيل گھر، ورثي جي ورهاست ۽ نيلام هئا، جن ۾ حصو وٺندر اداڪار هئا: ڪماري نانڪي آوتراماڻي، ڪماري کميا، رائسنگهاڻي، هريڪاٺ  جيٺواڻي، هيمراج ناگواڻي، شنڪر لال گوالاڻي، ڪماري پشپا گرسهاڻي، شيام گيانچنداڻِي، سرلاجئسنگھاڻي، نچي وڻجاڻي،  درگو اچتاڻي، لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، مينڪاراءِ، نرملا موٽواڻي، پيتو ناگواڻي، ڀڏو آڏواڻي.

 

16- مهراڻ آرٽ سرڪل، حيدرآباد:

1957ع ۾ هن ڊرئميٽڪ سرڪل جو پايو ريڊيو پاڪستان  حيدرآباد جي اديبن  ۽ فنڪارن جي ڪوشش سان  رکيو ويو هو.  هن ڊرئميٽڪ سرڪل طرفان سنڌ يونيورسٽي، ايلسا قاضي اولڊ ڪيمپس  جي اسٽيج  تي پهريون ناٽڪ (ٽئبلو) ’ليلا چنيسر‘ پيش  ڪيو ويو . جنهن جو  ليکڪ  ۽ هدايتڪار  سيد  منظور نقوي هو،  ۽ اداڪار هئا: روبينه ،زرينه بلوچ، سيما، سيد صالح محمد شاهه ۽ غلام حيدر صديقي، هي ساڳيو ڊرامو ٻيهر  سنڌ  مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي گولڊن  جوبلي واري جلسي ۾ پڻ  پيش ڪيو ويو هو.  هن سرڪل جو پيش ڪيل ٻيو ناٽڪ ’خوني‘ هو جيڪو 1934ع ڌاري  لکيو ويو هو. هي شهره آفاق ڊرامو  ليکڪ  جي ننڍي ڀاءُ  علي محمد  چاڳلا (تنهن  وقت جو ريجنل ڊاريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد) جي نگرانيءَ هيٺ گورنمينٽ ڪاليج  ڦليلي، حيدرآباد جي آڊيٽوريم  ۾ اسٽيج ڪيو ويو هو.  هن ڊرامي جا اداڪار ريڊيو جا صداڪار هئا جن جا نالا هئا: نسيم مغل، محمد بخش انصاري، مصطفيٰ قريشي،  سيد  صالح  محمد شاه، عبدالڪريم  بلوچ، عبدالحق  ابڙو ۽ ڪامران ڀٽي.

 

17- وديارٿي ناٽڪ منڊل، احمد آباد:

1957ع ۾ برپا ٿيندڙ  هن ناٽڪ  منڊل جو  سرپرست منوهر نهالاڻي هو.  هن منڊل جو مکيه  ليکڪ  منوهر نهالاڻي  ۽ هدايتڪار  لکي، ڇوٽراڻي هو. هنن ٻنهي جي ڪوششن سان ٻه مشهور ناٽڪ ’نئون سنسار‘ ۽ ’ مسٽر  زيد‘ اسٽيج تي پيش  ڪيا ويا، جن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: رام موهناڻي، آسن وسياڻي، نانڪ  گناِڻي، دوارڪو ڀاٽِيا،  لکي چوٽراڻِي ۽ خوبو.

 

18-سنڌو  سنگت، دهلي:

 1957ع  ۾ قائم ٿيل  هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ  جا روح  روان  اتان جا  نوان  لڏي آيل سنڌي رهواسي  هئا،  جن پنهنجي  سنڌي ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ سنڌي ناٽڪ جو اتي بنياد رکيو. هن سوسائٽي جا مکيه  ليکڪ واسو ناواڻي ۽ ليکراج هنس ۽ هدايتڪار ناري ڀوڄواڻي هو.  هن جا پيش  ڪيل  ناٽڪ  بمبئي ريسٽورينٽ، زماني جي هوا، ۽ بک جا چڪ هئا،  جن ۾ حصو وٺندڙ  اداڪار  گھڻو ڪري  ڪاليج  ۽ اسڪول جاشاگرد هئا.

 

19- ڪلاڪار منڊل، بمبئي:

1958ع ۾  هي ڪلاڪار منڊل گوبند مالهيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ  هلڻ شروع ٿيو.  هن منڊل جو  مکيه ليکڪ  گوبند مالهي  هو،  جنهن بعد ڪرشن راهي،  ڪشور  پهوجا ۽ چيتن سندراڻِيءَ به هن منڊل لاءِ  ناٽڪ لکيا هئا.   اهڙي ريت گوبند مالهي، ڪرشن راهي، سوڀراج گيانچنداڻي  ۽ آنند مٽائي هن منڊل جا مشهور هدايتڪار  هئا. هن منڊل جا ڪامياب ناٽڪ گستاخي معاف نالو،  ڏوهه  ڪنهن جو؟، جھوءَ جي ڪناري، مهمان، انصاف، جنهن ڏئي ۾ تيل ناهي. ناٽڪ ۾ ناٽڪ، نمي ۽ گھوٽ  ڪنوار راضي هئا. هنن ڊرامن جا مکيه  اداڪار هئا: آنند مٽائي، رميش ڄاڃاڻي، سوڀراج مينگھاڻي، واشو چانگلاڻي، ايشور ناواڻي، امرچندنواڻي، داس طالب، راجن چاولا ۽ مدن  جماڻي.

 

20-سنڌو سماج، لکنو:

1959ع  ڌاري برپا ٿيل هن ناٽڪ منڊل جا روح روان خوشي مولواڻي. ٽي.ٽي واڌواڻي ۽ راڌا ڪشن  عالم چنداڻي هئا. هن منڊل جا ليکڪ خوشي مولواڻي، سندر اگناڻي ۽ سريندر  شاهه  هئا، جڏهن ته هدايتڪار خوشي مولواڻي هو. هن منڊل جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ هئا: طلاق، فائيل گم، شل موت اچي، چور چور، چڪر پروموشن جو، مون کي پئسو کپي، وغيره، جن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار هئا:  ريٽا، وجيه، گيتا، چندناڻي ۽ خوشي مولواڻي.

 

21- گورنمينٽ ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي،  حيدرآباد:

1960ع کان گورنمينٽ ڪاليج (ڦليلي) حيدرآباد ۾ سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي ۽ اسٽيج تي  پروفيسر  مير محمد  ڀيو جي نگراني هيٺ سنڌي ناٽڪ  پيش ٿيڻ لڳا هئا. 1964ع ڌاري  سالياني  ڊرامه  فنڪشن  ۾ ’ گل ڇنو گرنار جو‘ پيش ڪيو ويو. جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ يادگار ٽيبلو ليکيو وڃي ٿو. هي ٽيبلو  لکيو  هو آغا سليم، صدابندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٿئي هئي. اسٽيج  تي هدايتڪاري جا فرائض غلام محمد ملاڻو ڏنا هئا ۽ اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا.

 

22. سنڌو ڪلامندر، بمبئي:

1960ع ۾ هن ناٽڪ منڊليءَ جو بنياد سوڀراج مينگهاڻي، موتي پرڪاش ۽ ڀڏو آڏواڻي رکيو. بعد ۾ مرليڌر آسواڻي ۽ بوني رتنپال هن جا بانيڪار ليکيا وڃن ٿا. هن جا مکيه ليکڪ گورڌن ڀارتي ۽ واسديو نرمل هئا، جڏهن ته هدايتڪارن ۾ سوڀراج مينگهاڻي، سنيل آڏواڻي ۽ ڀرت ڪمار قابل ذڪر آهن. هن منڊلي جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ هئا: انڊر سيڪريٽري، ياد ڪندا، پاڙي واري، ٽي باندر، جوت جلي، رات جي راڻي، هيءَ يا هُوءُ، انيتا، شادي ته ڪر، گهر گُروءَ جو در، پل جو پتي، ڇورا اڳيان پوڙها پٺيان، ڪلجڳ ۽ ڍونگي، هن ناٽڪن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: شرت ڀڳتياڻي، آشاهرگناڻي، سرلا جئسنگهاڻي، شيلا ساجناڻي، سنگيتا ڊنگرا، جيوتي ناواڻي، لتا منواڻي، صوڀراج مينگهاڻي، گيتاراج، بوني رتنپال، ڀڏو آڏواڻي، هرڪشن پريمي لڇو جسيواڻي، ڀرت ڪمار ڊنگرا، آنند آڏواڻي، لڇمڻ ساٿي، جسوت ڪمار، سنيل آڏواڻي، سريچند ماکيجا، واشو چانگلاڻي، مدن جماڻي، امرچندناڻي، هيرو رامچنداڻي، انيل آڏواڻي، شردڪمار کلواڻي ۽ مهيندر پنجواڻي.

 

23- لوڪ يسر، بمبئي:

1960ع ۾ موهن ڇاٻڙيا ۽ هيرو چاولا جي سرپرستيءَ هيٺ قائم ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊلي جي  پيشڪش گهڻي قدر شئڊو پليز ۽ نرتيه ناٽڪ هئي. هن منڊلي جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار موهن ڇاٻڙيا هو. هن جا پيش ڪيل يادگار ناٽڪ هئا: هيمون ڪالاڻي، سنڌ جي هڪ رات، سرحد ٿي سڏڙا ڪري، مهاتما گانڌي، ساهڙ لهج سنڀار، مرڪي مليا جي موت سان ۽ ڀڳت ڪنورام. هنن ناٽڪن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: پونم برج موهن، شيلا پنجابي، امبرت واسواڻي، هيرو چاولا ۽ گورڌن شرما.

 

24- سنڌو ٻال ڪلاڪار منڊل، احمد آباد:

1960ع ۾ هي ناٽڪ منڊل سجاڳ شاگردن ڄيٺو لالواڻي، ڪشور نانڪاڻي، گهنشيام ڀاٽيا، سريچند راگهاڻي، پرتاب ڀاڳچنداڻي، ٽوپڻداس ۽ رميش ريجهواڻي جي گڏيل ڪوششن سان برپا ٿيو هو. هن منڊل جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار ڄيٺولالواڻي هو ۽ مٿي ڄاڻايل سڀئي شاگرد هن منڊل جي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪندا هئا. منڊل جا مشهور ناٽڪ قيدي نمبر 312، انسپيڪٽر، مڱڻو وغيره هئا.

 

 

25- سنڌو ڪلاسنگم، دهلي:

1961ع ڌاري هن ناٽڪ منڊل کي رامچند گرسهاڻي ۽ هري آر. مٿراڻي برپا ڪيو. جنهن جا مکيه ليکڪ رام گيانچنداڻي، هريڪانت ڄيٺواڻي، جيون گرسهاڻي، واسديو نرمل، لڇمڻ ڀاٽيا، مينگهراج گرناڻي ليکراج هنس، هيمراج ناگواڻي هئا ۽ هدايتڪار هئا: ميول آهوجا، رام گيانچنداڻي، جيون گرسهاڻي ۽ هيمراج ناگواڻي، هن ناٽڪ منڊل جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ آخرجيت اسان جي، الجهن، مڪان خالي آهي، هي پياسو من منهنجو وغيره هئا جن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: موهني وجيه، وملا ڀاٽيا، هري ميداڻي، ڊالي ناواڻي، صوڀراج مينگهاڻي، پشپا ڀاوناڻي، نانڪ آهوجا، رام گيانچنداڻي، اندر ڪيولراماڻي. منوهر لعل مٽائي، ڪمليش گنگواڻي، آتم تلريجا، شنڪر مولواڻي، ليلو جهانگياڻي، نند لعل ڀاٽيا،مينگهراج گرناڻي، جڳديش موٽواڻي، موهيندر ڌاميجا ۽ هيمراج ناگواڻي.

 

26- زرعي ڪاليج  ڊرئميٽڪ سوسائٽي،ٽنڊو ڄام:

1962ع ۾ زرعي ڪاليج  ٽنڊوڄام جي استادن  ۽شاگردن هيءَ ڊرئميٽڪ  سوسائٽي  ٺاهي  هئي. جنهن بعد ڪاليج جي پرنسيپال  پروفيسر  عبدالغني  پيرزادي  صاحب  جي  سرپرستي  هيٺ  هر سال ڊراما فنڪشن ڄاڃاڻيءَ جو ’انٽرويو‘۽ م.ع  ڏيپلائي  جو ’شاهدي‘ ناٽڪ  نهايت ڪاميابيءِ سان  پيش ڪيا هئا. ان کانپوءِ  ڪاليج جي شاگرد محمد شاگرد محمد يوسف پنهور جيڪو هن ڊرئميٽڪ  سوسائٽيءَ جو مکيه  ليکڪ ۽ هدايتڪار  به هو  تنهن  جا لکيل  ناٽڪ  جھڙوڪ:  عمر ماروي، ڪاڪ محل، سسئي پنهون، واديءَ مهراڻ، هوشو، سنڌِڙيءَ  تان صدقي، ابوالحسن، گويهء اعظم، پرمتڙيو، مهمان، اڃا ڪي آهين،  ڪمرو نمبر 10، ڪواٽر نمبر 10 ۽ بنگلو نمبر 10 بيحد ڪاميابيءَ سان پيش ڪيا ويا هئا. آخري ٽنهي ناٽڪن ’نمبر10‘ جي سيريز  ڪاليج جي  ماحول  ۾ ٿيندڙ  واقعن  اصلاحي طنزو مزاح سان ڀرپور  جائزو پيش ڪيو ويندوهو. اسٽيج سيٽنگ،ملبوسات ۽ رائيٽنگ ڪنٽرول جو ذمو  محمد يوسف  پنهور  ۽  سجاد ڀٽي جي  هو  جيڪي ان جو هر سال تمام  سهڻو  مظاهرو  ڪندا هئا. هن سوسائٽي جا مشهور اداڪار  هئا: مشتاق  چنگيزي، بدرالدين سومرو، نثار علي هڪڙو، علي اڪبر شاهه،  عبدالرحيم پنهور، قاسم رند، علي محمد يوسفاڻي، نورالدين عباسي، بخشل عباسي، محمد امين خاصخيلي، رهبر ڀٽي، محمد  صديق ميمڻ، غلام اڪبر پنهور،  غلام سرور پنهور،  بشير احمد شاه،  مير محمد پيرزادو، محمد خان لوهار، شفيق چنا، محمد حسين چنا، صدرالدين سومرو،  محمد عمر چنڊ. سترامداس، مختار قريشي، فقير محمد  جماڻي، اي، ايڇ، ابڙو، سجاد ڀٽي ۽ محمد يوسف پنهور.

 

27- سنڌو ڪلاڪار منڊل، احمدآباد:

1962ع ڌاري چندر ساوناڻي، ارجن ڀمڀاڻي، ويڙهو رفيق ۽ گورڌن تنواڻي جي گڏيل ڪوششن سان هي ناٽڪ منڊل برپا ٿيو، هن جا مشهور ليکڪ گورڌن ڀارتي، گوبند مالهي، هوندراج بلواڻي ۽ چندر ساوناڻي هئا، جڏهن ته هدايتڪار ارجن ڀمڀاڻي، داس طالب ، چمن شرما ۽ چندر ساوناڻي هئا، هن منڊل طرفان پيش ڪيل مشهور ناٽڪ هئا: طوفاني رات، بک هڙتال، ڏٺي تنهنجي بمبئي ۽ ڏس رنگيء جا رنگ. هن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ مشهور ڪلاڪار هئا: پونم روپاڻي، تلسي رچنداڻي، رتنا رامناڻي، مينا ناگراڻي، نينا آسوداڻي، شيلا رائسنگھاڻي، هود راج بلواڻي، ٽيڪم ڀاوناڻي، چندر ساوناڻي، ديا لعلچنداڻي، خوشيرام خوبچنداڻي، ڏيول سيرواڻي، سريش ڀاڳيا، سيول گناڻي، ڪنعيو روپاڻي، ٽهل منگهراجاڻي، پون ڪمار ماٽا، چندر سين ناواڻي، سريش سنڌو، منگهو ڌرمداساڻي، چمن شرما، جڳديش شرما، سريچند ڪيسواڻي ۽ ارجن ڀمڀاڻي.

 

28. سنڌ ٿيئٽرس، حيدرآباد:

1963ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ٿيئٽرس جي پهرين پيشڪش ’گونگي زال‘ هئي جنهن جو ليکڪ الهبچايو لغاري هو. اهڙي ريت ٻيو ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’انڪوائري آفيسر‘ هو. آغا سليم جا ٽي مشهور ناٽڪ جھڙوڪ: دولهه دريا خان، دودو چنيسر ۽ تماشو هئا، ۽ غالب لطيف جو مشهور ڊرامو ’چورن مٿان مور‘ به هن ناٽڪ منڊل به سهڻي نموني پيش ڪيا، هنن ناٽڪ جا هدايتڪار آغا سليم، مصطفيٰ قريشي، غزاله خورشيد، انوري بيگم، الهبچايو لغاري، عبدالڪريم بلوچ، غلام حيدر صديقي، عبدالحق ابڙو، قاسم فاني، انور سولنگي، انور بلوچ، سڪندر بلوچ ۽ منظور قريشي.

 

29. پرڀات آرٽ سرڪل، حيدرآباد:

1964ع کان قائم ٿيندڙ هن اداري سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقي ۽ ترويج توڙي ادب جي صحتمند قدرن کي نئين سر اجاگر ڪرڻ جي لاءِ وڏي لڳن سان ڪم ڪيو آهي. هن سرڪل جي بانيڪار ۽ هدايتڪار نثار حسيني اسٽيج تي پنهنجي وقت جا يادگار ڊراما پيش ڪيا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ جا انڪوائري آفيسر، منشي، حرڪت مان برڪت، ڪوڙو نوٽ، نيم طبيب خطره جان.................؛ نثار حسيني جي اڳتي وڌبو، سلطان ٽيپو، جل جل مشعل جل، مڙيا مڇ هزار، ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا، ڏات جي لات، سامونڊين سڙهه سنڀايا ۽ ڪي جو ٻيجل ٻوليو؛ محمد ابراهيم جويو جو آزادي ڏانهن......؛ م. ع ڏيپلائي جو نجومي؛ مرزا اسد بيگ جو ’سهڪار‘ غزاله شاهين ڀٽو جو ’چنڊ ۽ رلي‘؛ محمد بخش دائود پوٽو جو چنڊ جو سئر؛ ماڻڪ منير جو شهيد بختاور، شوڪت حسين شورو جو ’ٻرندي رهندي لاٽ‘ ۽ عبدالعزيز سمون جو ’ڀوت‘. هن سرڪل جا مشهور اداڪار هئا: مشتاق مغل، الهبچايو لغاري، سڪندر بلوچ، محمد بخش دائود پوٽو، اشرف بلوچ، اڪبر بلوچ، الهبچايو ناز ڀٽو، اختر مرزا، مرزا جاني بيگ، امام بخش ڀٽي، زاهد مرزا، ستار بروهي، فيض ڀٽي.

 

30- ڪلا سنڌو ڪلچرل سوسائٽي، جئپور:

1964ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ڊرئميٽڪ سوسائٽي جا روح روان سندر اگناڻي، واشديو سنڌو ڀارتي ۽ لڇمڻ ڀمڀاڻي هئا. هن جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار هري ڪانت ڄيٺواڻي ۽ سندر اگناڻي هئا. هن سوسائٽي جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ ’ڊاڪٽر ڏوڪلاڻي‘، مڪان خالي آ، ڪفن. نيلام وغيره هئا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ مکيه اداڪار منو گدواڻي ۽ ڏيپل سيرواڻي هئا.

 

31- سچل آرٽس ڪاليج سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1964ع کان هن سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي تمام سٺا ڊراما پيش ڪيا جن جا ليکڪ ۽ هدايت ڪار عبدالحق ابڙو ۽ قاسم فاني هئا. ان کان سواءِ هن سوسائٽي محمد يوسف پنهور جو هڪ مزاحيه ننڍو ناٽڪ اڃا ڪي آهين، پڻ پيس ڪيو هو. هن سوسائٽي جا پنهنجا مشهور ناٽڪ هاءِ پيري!، دولتمند ٺڳ، کُتل کاتو ۽ بس حل ٿي ويو، هئا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار: قاسم فاني، الياس مغل، جنيد ڀٽي ۽ عبدالحق ابڙو هئا.

32. جئه ڀواني ڪلاڪار منڊل، احمد آباد:

1965ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊل جا بانيڪار چئن لال، ڀڳوان شرما، لڇمڻ جسوجا ۽ هري مستانا هئا. هن جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار لڇمڻ جسوجا، ۽ هري مستانا هئا. سندن پيش ڪيل ناٽڪ قرباني، ڪاڪو ڪنجوس، امير غريب وغيره هئا جن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ هئا: پرشوتم، لڇو ڏيواڻي، آسن وسياڻي، نانڪ ٻالاڻي، ٿڌل پياسي، ٽوپڻداس، ڪشن پرتاب ۽ گورڌن هئا.

 

33- سنڌو ساهت سڀا، بڙودا:

1965ع ۾ ميول آهوجا ۽ هرگوبند للا هن ناٽڪ منڊل جو بنياد رکيو جن سان بعد ۾ آنند ٽهل راماڻي ۽ هريشچندر ڄيٺملاڻي ساٿ ڏنو. هن منڊل جو ليکڪ ۽ هدايتڪار هريشچندر ڄيٺملاڻي هو جنهن جي ڪوششن سان ڏينهن جا سپنا، سڄڻ ڏنو سور، چور چور ۽ معاف ڪجو مشهور ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا ويا. هن ناٽڪن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار هئا: شانتا آهوجا، هري ميراڻي، مولو پمناڻي، موتي ڪلواڻي ۽ ميول آهوجا.

 

 

34. سنڌو آرٽ ٿيئٽر، بمبئي:

1965ع ۾ هن ٿيٽر جو پايو رميش ڄاڃاڻي وڌو. هن ٿيئٽر گھڻو ڪري ٽه فصلا ناٽڪ پيش ڪيا، جن ۾ انسان ۽ آتما، ڌس پئسي جا رنگ، آيو نئون زمانو. هاءِ منهنجي دل وغيره بيحد ڪامياب ناٽڪ ليکيا وڃن ٿا. هن ٿئيٽر جو مکيه ليکڪ  ۽ هدايتڪار رميش ڄاڃاڻي هو. ان کان سواءِ هن ٿئيٽر رام پنجواڻي ۽ واسديو نرمل جا ناٽڪ پڻ پيش ڪيا. هن ٿئٽر جا مشهور ڪلاڪار هئا: سشي بولاڪاڻي، سشيلا ساجناڻي، شرت ڀڳتياڻي، سشيلا رائسنگھاڻي، ڪانتا ڇاٻڙيا، پدن شرما، آنند مٽائي، پرتاب پرسوراڻي، ڀڳوان چاولا، رميش ڪرناڻي، کيئل گولاڻي، مدن جماڻي، موهن ڊونگرا، چندر گيان چنداڻي، منوج ڪمار، جڳديش شرما، جيا آسراڻي، رميش مهتا، ڪمل چاندناڻي، نرمل جادواڻي، پرڪاش ابيچنداڻي، ليلو پنجواڻي، نرنجن آسراڻي، منو گيهاڻي، سريش روهڙا، دليپ بچاڻي، ڀرت ڪمار ڊنگرا، جسونت ڪمار، ايس ستپرو ۽ رميش ڄاڃاڻي.


 

(1) گوبند مالهي: ’ساهتيه ڪلادرسني‘  پر ميلا پبليڪيشن  ، الهاس  نگر ، ڀارت ، 1980ع ص.295 296

(2)پروفيسر  منگهارام  ملڪاِڻي: ’ هندستان ۾ سنڌي  نثر  جي تاريخ،’  مهراڻ  سنڏي ادبي بورڊ  حيدرآباد  سنڌ 1955ص. 146

(3) هيمراج ناگواِڻي: ’ مورنچندا رهن‘ سنڌو  ڪلاسنگم دهلي،ڀارت ، 1970ع ص. 5.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com