سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :6

35- جهنڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، الهاس نگر، بمبئي:

1965ع ۾ هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي جنهن جو پايو وجھندڙ شيام آهوجا هو. هن سوسائٽي ڪيترائي ايڪانڪي پيش ڪيا جن جو ليکڪ شيام آهوجا ۽ هدايتڪار نندلعل هندوجا ۽ شيام آهوجا هئا. پيش ڪيل ناٽڪن ۾ ڪنجوس مکي چوس، ڪنجوس سهرو، شرابي، نٿو چريو ۽ نرواسي ڪاڪا بيحد ڪامياب ناٽڪ ليکيا وڃن ٿا. هن سوسائٽي جا مشهور اداڪار هئا: چندر گيان چنداڻي، مهندر ٽيڪاڻي، رمڻ لعل جئپال، چندر ساوناڻي، شيام آهوجا، پي. بي چاند، رام چند رهيجا، گلاب هيرا، گوبند نهالاڻي، جئه ديو تنواڻي ۽ سيتل هيمراجاڻي.

 36. سنڌي ساهتيه ۽ ڪلانڪيتن، احمد آباد:

1965ع ۾ گورڌن تنواڻي جي سرپرستيءَ هيٺ برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊل انيڪ ناٽڪ پيش ڪيا. هن منڊل جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار مهر چنداڻي، ٻلديو گھنشاڻي، رامداس لکاڻي ۽ ڄيٺو لالواڻي هئا. هن ڪلا نڪتين جي پيشڪش  جي ميدان ۾ جهڙي کي مليو تهڙو، نيم حڪيم خطره جان..........، مون کي في موٽائي ڏيو، ڪسان ڪوئي به نه بچندو وغيره مشهور ناٽڪ هئا. هنن ناٽڪن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: شيلا رائسنگهاڻي، ڪيرت مهرچنداڻي، جيوتي مهتا، اُتم هنڱوراڻي، دولت رتواڻي، چندر امبواڻي، اشوڪ چنچلاڻي، ٻلديو گھنشاڻي، ديپڪ چاند، ڪمار گھنشاڻي، سريچند ڪيسواڻي ۽ ڪنعيالعل ميٺواڻي.

 37. سنڌو ڪلامندر گانڌيڌام،آديپور:

1965ع ڌاري رام بيلاڻي خمار ۽ رمييش  راجپال جي ڪوشش سان هيءَ ناٽڪ  منڊلي برپا ٿي. هتي شروعاتي دور ۾ کل، مسخريءَ  جي  گانن ۽ ممڪريءَ سان  ناٽڪ  فن جو آغاز ڪيو  ويو پر پوءَ اڳتي هلي  هن هڪ باقائدي  ڊريئميٽڪ  سوسائٽيءَ جو روپ اختيار ڪيو. هن ناٽڪ منڊلي جا  مشهور ليکڪ  ۽ هدايتڪار  هوندراج  دکايل  ۽ رام بيلاڻي،’خمار ‘ هئا جڏهن  ته اداڪار هئا: ڪرشنا ڀمڀاڻي، تلسي آننداڻي، ڪمار کلواڻي، رميش رچواڻي، پمي ڀاواڻي، ڀڳوان ڀاوناڻي، درڳا شنڪر شرما، مايا شاهاڻِي، ۽ ايل. ڪي. رائسنگھاڻي.

 38- سنڌو ڪلا نڪيتن بمبئي:

1966ع کان برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊلي عمدا ناٽڪ پيش ڪيا. هن جا بانيڪار موتي پرڪاش، مدن جماڻي، سچو آڏواڻي ۽ رام لهيجا هئا. هن منڊلي ڪيترائي مشهور ناٽڪ جهڙوڪ رات هڪ طوفان جي، پيار ڪري ڏس، رات جو يارهين بجي وغيره پيش ڪيا. هن منڊلي جا مشهور ليکڪ واسديو نرمل ۽ موتي پرڪاش ۽ هدايتڪار آنند مٽائي ۽ مدن جماڻي هئا؛ جڏهن ته هنن ڊرامن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: آشا هرگناڻي، سشي بولاڪاڻي، مونانچناڻي، گيتا چندناڻي، نرملا ميرچنداڻي، امر چندناڻي، موهن بيلاڻي، لڇو آڏواڻي، رام لهيجا، ايشور شرما، موهن ڊنگرا، موتي پرڪاش، مدن جماڻي ۽ آنند مٽائي.

 39- سنڌي ڪلچرل سوسائٽي، دهلي:

1966ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي جنهن جيون گرسهاڻي جو مشهور ناٽڪ ’بملا جو برٿ ڊي‘ ۽ گورڌن ڀارتي جو سنڌي لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل ناٽڪ ’عمر مارئي‘ پيش ڪيا. هن منڊلي جا هدايتڪار جيون گرسهاڻي ۽ شيام گيانچنداڻي هئا، جڏهن ته حصو وٺندڙ اداڪار آشاڪٽاريا، شيلا ماکيجاڻي ۽ ديو هئا.

 40- سنڌوساگر ڊرئميٽڪ سوسائٽي، بمبئي:

1967ع ۾ قائم ٿيندڙ هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو پايو رام رسيلا وڌو هو. هن جو ليکڪ ۽ هدايتڪار به گهڻو ڪري پاڻ رام رسيلا رهيو. هن منڊليءَ جو پيش ڪيل ڪامياب ناٽڪ ’رنڌڻي ۾ رولو‘ هو جنهن جا ڪلاڪار ايسر سپرو ۽ موهن ڊنگرا هئا.

41- سنڌو ويلفيئر سوسائٽي، جئپور:

1967ع ۾ ٽي . سي ڀڳت ۽ سوهن لعل ٿڌاڻي هن ناٽڪ منڊلي جو پايو وڌو هو. هن سوسائٽي جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار ڪنعيا لعل ميٺواڻي، موهن لعل اداسي ۽ ڍولڻ راهي هئا. هن منڊلي ڪيترائي مشهور ناٽڪ جهڙوڪ دوستن جي مهرباني گهرجي، هيرئي سندي هير، شادي جي ڳالهه، جوءِ کپي ۽ مائٽي رچايا هئا. هن سوسائٽي جا مشهور اداڪار هئا: تلسي نرياڻي، ڪمار گهنشاڻي، ڍولڻ راهي، ڪنعيا لعل ميٺواڻي ۽ موهن لعل اُداسي.

 42- سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1968ع ۾ سنڌي ثقافت  توڙي سنگيت جي ڄاتل سڃاتل شخصيت عنايت الله عباسي جي سرپرستي هيٺ هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي. هن سوسائٽي پنهنجن ناٽڪن جي پيشڪش کي سنگيت سان خوب سينگاريو هو. هن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار عنايت الله عباسي هو، جنهن جو مشهور ناٽڪ ’هوشيار ٺڳ‘ بيحد ڪامياب ۽ پنهنجي وقت جو هڪ انوکو مزاحيه ناٽڪ ليکيو وڃي ٿو. هن ڊرامي جا مکيه اداڪار هئا: نجمه شاهين، غلام علي، پرويز اختر، نذير ميمڻ ۽ عنايت الله عباسي.

 43- سنڌو ڀارتي سوسائٽي، دهلي:

1968ع ڌاري قائم ٿيندڙ هن سوسائٽي جو بانيڪار رام رکياڻي هو. هن ڊرئميٽڪ سوسائٽي جو مکيه ليکڪ رام گيانچنداڻي ۽ هدايتڪار رام رکياڻي هو. هن جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ هئا: ڍونگ ئي ڍونگ، ڳولها ۾، وهمي، انارڪليءَ جي واپسي، ضرورت آ جوءِ جي، وڏا ماڻهو، يار دلدار ۽ کٽي آيو خير سان، هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙڪلاڪار هئا: ڊالي ناواڻي، ڪمليش گنگواڻي، موهن ٽهلياڻي، منوهر لعل مٽائي، رام گيانچنداڻي، رميش نوتاڻي، اي. جي هرپالاڻي، رام رکياڻي، اندر ڪيولراماڻي، آتم تلريجا، گهنشيام آسواڻي،  ڀڳو کلناڻي، ارجن موتيهار ۽ نچي وڻجاڻي.

 44- سنڌو ڪلا سرڪل، احمدآباد:

1969ع ۾ هن سرڪل جو پايو ڪيرت مهرچنداڻي وڌو ۽ بعد ۾ جنهن جا ساٿي بنيا هئا منگهو، جيوت، گيان، ۽ موهن لعل. هن منڊل جا مکيه ليکڪ ويڙهو رفيق، ۽ هدايتڪار ڪيرت مهرچنداڻي هئا. هن سرڪل ڪاڪو بهلاڻيءَ وارو، ڏٺي تنهنجي بمبئي ۽ ڀولو ڀوپو، مشهور ناٽڪ پيش ڪيا. هن منڊل جا مکيه اداڪار هئا: جيوت، گيان، موهن لعل ۽ منگهو ڌرمداساڻي.

 45. پوڄا ٿيئٽرس، بمبئي:

1970ع ۾ سنڌي ناٽڪ جي معروف ڪلاڪار پرتاب پرسواڻي جي سرپرستي هيٺ هي ٿيئٽر برپا ٿيو. هن جو مشهور ليکڪ ۽ هدايتڪار به پاڻ پرتاب پرسواڻي هو. هن ٿيئٽر جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ هئا: ٻال برهمچاري، ڪچا ڌاڳا پريم جا، عورت ۽ بوتل، بابا مون توبهه ڪئي، ليڊر ۽ ڀلي ڪري آيا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: سشي بولاڪاڻي، ڀيرو ڀمڀاڻي، کيئل گوالاڻي، منوج ڪمار، مهندر پنجواڻي، رام رسيلا، چندر گيانچنداڻي، رام لهيجا، ونود پرتاب پرسواڻي.

 46. للت ڪلا سنگم، بمبئي:

1971ع ۾ ڀرت ڪمار ڊنگرا  جي ڪو ششن سان  هيءُ ناٽڪ منڊلي قائم ٿي. هن جو ليکڪ واسديو نرمل ۽ هدايتڪار خود ڀرت  ڪمار هو. هن منڊلي جا پيش  ڪيل ناٽڪ مشهور  بنڊلباز، مڪان ۽ مصيبت ۾ نئين هيروئن  ۽ بي ڏوهيءَ جو  ڏوهه هئا.  هن ڊرامن ۾  مختلف پارٽ ادا ڪندڙ  ڪلاڪار هئا: سنگيتا ڊنگرا، ڀڳوان چاولا، منو گيهاڻي، منوهر لعل مٽائي، موهن ڊنگرا، لڪشمي منسکلاڻي ۽ ڀرت ڪمار ڊنگرا.

 47- سنڌ آرٽ ائنڊ ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد:

1972ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي اسرار شام ۽ اشرف بلوچ ٺاهي هئي. هن سوسائٽي طرفان پيش ڪيل مشهور ناٽڪ ’لوئي ۽ لڄ‘ جو ليکڪ اسرار شام ۽ هدايتڪار اشرف بلوچ هو. هن ڊرامي ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: نازلي، الطاف سومرو، حفيظ الرحمان، زاهد مرزا، عبدالغفور سومرو، رفيق بلوچ ۽ اشرف بلوچ. 

48-مهراڻ ناٽڪ منڊلي، دهلي:

1972ع ڌاري گوپال پنجواڻي ۽ آتم تلريجا جي ڪوششن سان هي ناٽڪ منڊلي برپا ٿي. هن جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار به پاڻ گوپال پنجواڻي ۽ آتم تلريجا هئا. امي يا ممي، زال ڪري ٿي تال، ڄيٺو ميٺو، موالي ملڪ جا والي، هن ناٽڪ منڊلي جا ڪامياب ناٽڪ هئا، جن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ مشهور ڪلاڪار هئا: پشپا ڀاوناڻي، وملا ڀاٽيا، ڪويتا پنجواڻي، موهني لالواڻي، شنڪر مولواڻي، ليلو جھانگياڻي، نندلعل ڀاٽيا، راجن نارائڻ مولواڻي، ڪئلاش روچاڻي ۽ گوپال پنجواڻي.

 49. ناٽيه سنڌو، بمبئي:

1972ع کان هيءَ ناٽڪ منڊلي قائم ٿي جنهن جا بانيڪار واسديو نرمل، مدن جماڻي، ۽ آنند مٽائي هئا. هن جا مشهور ليکڪ واسديو نرمل ۽ مدن جماڻي هئا؛ جڏهن ته هدايتڪار مدن جماڻي ۽ آنند مٽائي هئا. پلئه پلي، واهه ڙي زمانا واھ!، اٿيلو، ۽ سوامي شري 108 هن منڊلي جا مشهور ناٽڪ هئا جن ۾ مختلف پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: رجني تولاڻي، سشي بولاڪاڻي، ڀڳونتي ناواڻي، لڇو آڏواڻي، رميش مهتا، شيلا ساجناڻي، شيام آهوجا، مدن جماڻي.

 50. سنڌ پيپلز ڪلچر ائنڊ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد:

1973ع ۾ سنڌ آرٽ ڊرئميٽڪ سوسائٽي جو نالو بدلائي سنڌ پيپلز ڪلچر ائنڊ آرٽس ڪائونسل (سپڪاڪ) رکيو ويو، جنهن جا بانيڪار اسرار شيام ۽ اشرف بلوچ هئا. هن ناٽڪ منڊلي پنهنجو مشهور ناٽڪ ’لوئي ۽ لڄ‘ سنڌ  جي ٻين شهرن قاضي احمد، خيرپور، روهڙي، ٽنڊو ڄام وغيره ۾ پيش ڪيو. ان کان سواءِ هن منڊليءَ الطاف سومرو جا ٻه ناٽڪ زندگي يا طوفان  ۽ زندگي يا موت؛  اشرف بلوچ جا هيبت خان ۽ ڌرتي ۽ ماءُ؛ ۽ قاسم فاني جو ماڊرن  هير رانجھو پيش ڪيا. هن ڊرئميٽڪ ڪائونسل جو هدايتڪار اشرف بلوچ ۽ اداڪار هئا: نازلي، جميله اقبال، فريده، الطاف سومرو، ابو بلاول، اسرار شيام، رشيد همدم، اشرف بلوچ، ايم ملوڪ، منظور مراد، حشمت جگو، عاشق انصاري، زاهد مرزا، سليم غوري، قاسم فاني، ناصر بلوچ، تسليم ملڪ، فضل ٽالپر، سرواڻ ڪمار، محمد علي ۽ انور رنگيلو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com