سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :6

51. جوتي ڪلا مندر، بمبئي:

1973ع ڌاري هي ناٽڪ منڊلي مرلي ميرچنداڻي، پي. بي. چاند، آوت دوداڻي، سي رام، جوتي ٺاهي. هن جا مشهور ليکڪ رميش مهتا، پي.بي چاند، رم ٻيلاڻي ’خمار‘ ۽ مدن جماڻي هئا، جڏهن ته هدايتڪار به ساڳيا ليکڪ هئا. هن منڊلي جا مشهور ناٽڪ هئا: سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، هليو آ پُٽ ائڪٽر ٿيڻ، تنهنجو ئي آڌار، رشتا ناتا، ڪاڪو ڪلو مل، ماءُ منهنجي، ڊاڪٽر مان ڪي تون، ساري رانگ نمبر، لنگڙو ڊاڪٽر، ليک مٽائي ڪير سگھندو، زندگي، هڪ ناٽڪ، ۽ پکيئڙا پڃري جا. هنن ڊرامن جا ڪلاڪار هئا: لڪشمي منسکاڻي، چندرا سپي، وينا دوداڻي، پونم برج موهن، شيلا ساجناڻي، رجني، سنڌو جماڻي، مڌو بخشاڻي، منوج ڪمار، رميش مهتا، رميش راجپال، رم لهيجا، شيام آهوجا، ڀڳوان ڀاوناڻي، منوهر دادلاڻي، پي.بي چاند، رميش ڪرناڻي، گلاب هيرا، خوشي مٽائي، رامچند رهيجا، رام رسيلا، جسونت ڪمار، ڪشنچند پريمي ۽ مدن جماڻي.

 

52- گلفام آرٽس سرڪل، حيدرآباد:

1974ع کان هن آرٽ سرڪل جو پايو شهزادو گلفام رکيو ۽ ناٽڪ ڏسندڙن جي لاءِ تفريحي پهلو نظر ۾ رکي فن جو مظاهرو ڪيو. هن منڊلي جا ليکڪ ۽ هدايتڪار: عبدالغفور سومرو ۽ شهزادو گلفام هئا. هن جا مشهور ناٽڪ هئا: جوڳي ڏاڍي ذات، ۽ رک موليٰ تي،  جن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: شهنيله قريشي، شمامه، بينا، اقبال بيگم، نورجهان، روماناز، نادر بلوچ، ناصر بلوچ، عبدالغفور سومرو، خميسو جانوري ۽ گلاب گل.

 53- شاهه لطيف ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1975ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊليءَ جا روح روان قاسم فاني ۽ اشرف بلوچ هئا، جيڪي هن جا ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هئا. هن منڊليءَ جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ شيشي جو گھر، ۽ ظالم انسان هئا. هنن ناٽڪن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ  ڪلاڪار هئا: روما ناز، زاهد مرزا، مولا بخش، غلام علي ٽالپر، الطاف سومرو، انور شيخ، ايم. اي. عارف، رسول بخش شاهه، اشرف بلوچ ۽ قاسم فاني.

 54. سنڌو ساهتيه سنگت، اجمير:

1975ع ۾ هي ناٽڪ منڊل گورڌن ڀارتي جي سرپرستي هيٺ قائم ٿي، جيڪو هن منڊلي جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو. هن ناٽڪ منڊلي جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ پاڙي جي وڏڙي، شاعر پنج هزاري، راما پير وغيره نهايت ڪاميابي سان پيش ڪيا ويا هئا. هنن ڊرامن جا مکيه اداڪار: شيوڪ رام سوني، مرچو مل سوني، ڀڳوان ٽلواڻي، ۽ ڍولڻ راهي هئا.

 55. سنڌو ڪلاڪار سنگم، سانگانير- جئپور:

1976ع ۾ برپا ٿيل هن ناٽڪ منڊل جو بانيڪار کيمچند گوڪلاڻي هو. پوءِ هن منڊل جا بانيڪار  ڀڳوان رام رکياڻي ۽ لعل چند گنگواڻي رهيا. هن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار کيمچند گوڪلاڻي هو، جنهنجي ڪوشش سان هن منڊل دهليءَ جو ٺڳ، ڏائڻ ڏيتي ليتي، چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي، جهڙا ڪامياب ناٽڪ پيش ڪيا هئا. هنن ناٽڪن جا مکيه ڪلاڪار هئا: گوپيچند، لال گنگواڻي، گلاب هيرا، ديال رامچنداڻي، سريش ڀاڳيا ۽ ڀڳوان رام رکياڻي.

 56. رسڪلا ٿيئٽر يونٽ، احمد آباد:

1976ع ۾ هي ٿيئٽر قائم ٿيو جنهن جو روح روان وڪرم شهاڻي هو.  هن ٿيئٽر جو مکيه ليکڪ ڄيٺو لالواڻي ۽ هدايتڪار وڪرم شهاڻي هئا. سندن ڪوششن سان هن ٿيئٽر طرفان ڪيترائي مشهور ناٽڪ جهڙوڪ انڌير نگري، ٻوڙا اچي مڙيا هڪ ماڳ، راهو ڪيتو، قاتل ڪير، چورن مٿان مور، هيلٿ سينٽر وغيره اسٽيج تي رچايا ويا جن ۾ ناٽڪ ڪلا جو مظاهرو پسائيندڙ ڪلاڪار هئا: نينا آسوداڻي، تلسي رچنداڻي، جيوتي مهتا، شيلا رائسنگهاڻي، بيلا اڇڙا، چندر ساوناڻي، چندر سين ناواڻي، سيول گناڻي، ڪشن چاند، اُتم هڱوراڻي، ديپڪ چاند، ڄيٺو لالواڻي، اشوڪ چنچلاڻي، چندر پارواڻي، ڪمار گھنشاڻي، منگھو ڌرمداساڻي، هنسراج پنجابي، ماڌو نينواڻي، موتي ڪلواڻي ۽ وڪرم شهاڻي.

 57. سنڌي ليکڪ فورم، بمبئي:

1976ع ۾ برپا ٿيندڙ هن فورم جو سرپرست، برج موهن هو جيڪو هن ڊرئميٽڪ سوسائٽي جو ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو هن منڊل جا مشهور ناٽڪ هئا: پُڇ، آدم بيبي هوا، بندوبست، هن جو ڊپ، موت جو انتظار وغيره. هن فورم ’سنڌي ڊراما ورڪشاپ‘ احمد آباد جي سهڪار سان پڻ ڪيترائي مشهور ناٽڪ اسٽيج تي رچايا. هن منڊل جا مکيه ڪلاڪار هئا: پونم، برج موهن، شرت ڀڳتياڻي، رميش مهتا، رام لهيجا.

 58. سنڌي ڊراما ورڪشاپ، احمد آباد:

1976ع کان هي ادارو پريم پرڪاش ۽ ساٿين جي سهڪار سان قائم ٿيو. هن جا مشهور ناٽڪ نويس پريم پرڪاش، ڀڄن لعل تيڪچنداڻي ۽ هريش چندر ڄيٺملاڻي هئا ۽ هدايتڪار هريش ڄيٺملاڻي، ڄيٺو لالواڻي ۽ جسونت ڪمار هئا. هن منڊل انيڪ ڪامياب ناٽڪ پيش ڪيا جن مان: پردا، فرشتن جي دنيا، چؤ راڌي شام، ڪوئي ڪڏهن ايندو، گاسليٽ جو دٻو، لوچو، پاڙيسري، وڻ، جڏهن زندهه هوندا هئاسين،  عدد جمع عدد واحد، ماچيس ڪٿي آهي، موبائيل مساڻ، قدم، مورچابندي وغيره مشهور ناٽڪ هئا. هن ڊراما ورڪشاپ جا مشهور ڪلاڪار هئا: جيوتي مهتا، پون ڪمار ماٽا، چندر پارواڻي، ويريندر واسواڻي، هريش ڪمار ڪڪواڻي، ديپڪ چاند ۽ ڄيٺو لالواڻي.

 59- انواد سوسائٽي بمبئي؛

1977ع ڌاري هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي جنهن جا بانيڪار جسونت ڪمار، رميش مهتا، وشنو ڀاٽيا ۽ هرن جماڻي هئا. هن جا معروف ليکڪ جسونت ڪمار، رميش مهتا ۽ واسديو نرمل هئا؛ جڏهن ته هدايتڪار مدن جماڻي ۽ جسونت ڪمار هئا. هن سوسائٽيءَ جا رچايل مشهور ناٽڪ؛ ادو عبدالرحمان، ميونسپل ڪائونسلر، انڌڪار، شڪار، پريم پکيئڙا، گرائونڊ فلور، سچ ڇا آهي، وغيره هئا، جن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار هئا؛ بينا منسکاڻي، رتنا پنجابي، آشا چاند، شيلا ساجناڻي، هير رامچنداڻي، لڪشمي منسکاڻي، لتا منواڻي، شرت ڀڳتياڻي، بنسي هرياڻي، رينو لعلواڻي، ليلو پنجواڻي، اجيت وڇاڻي، جڳديش  شرما، مدن جماڻي، منوج ڪمار، پريم لالا، دليپ چڳاڻي، جسونت ڪمار، رميش ڪرناڻي، سريچند ماکيجا، نريندر بجاج، سريش بلواڻي، اشوڪ کتري، رميش ڀاوناڻي، رام لهيجا، موهن ڊنگرا ۽ پرڪاش چوڌري.

 60- رنگ ڪرم ٿيئٽر، احمدآباد:

1977ع ۾ هن ٿيئٽر جڳديش شهدادپوري رکيو. هن ٿيئٽر ٻارن جي تفريح ۽ اصلاح لاءِ تمام گهڻا ٻال ايڪانڪي ناٽڪ پيش ڪيا. هن ٿيئٽر جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار جڳديش شهدادپوري ۽ ڄيٺو لالواڻي هئا، جن جي ڪوششن سان هن منڊل دغا. ڏيوالو، ڊائلاگ بدلائي ڇڏيو. تنهنجي پيار ۾ رات جو ٽين بجي، طوفان، نئون ٽيليفون  وغيره جهڙا مشهور ناٽڪ رچايا هئا. هن منڊل جي ناٽڪن کي اداڪاري سازن سان سينگاريندڙ ڪلاڪار هئا جيوتي مهتا، شيلا رائسنگهاڻي، ديپڪ چاند. ڪشن چاند، ڄيٺو لالوناڻي ۽ جڳديش ۽ شهدادپوري.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com