سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: چار درويش

امام بخش خادم

صفحو :1

ڪتاب:چار درويش

نالو: امام بخش ”خادم“

 

ڇپائيندڙ پاران

          ڪنهن به سماج/ قوم جي مهان ۽ معتبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي، ته اهو سماج/ قوم علمي ڪمن ۽ مطالعاتي سرگرمين ۾ اڳڀري هجي. ڇاڪاڻ جو اهڙيون  سرگرميون ئي ڪنهن به معاشري کي بُري ۽ ڀلي جي وچ ۾ تميز سيکارين ٿيون.... ۽ اهڙي تميز ئي قومن کي عظمت بخشي ٿي. اجتماعي سطح تي علمي ۽  مطالعاتي ذوق کي سگهاري بنائڻ لاءِ پڻ ضروري آهي، ته قوم جي نئين نسل کي انهيءَ ڏس ۾ متحرڪ ۽ متوجهه ڪجي. ظاهر آهي ته نئين ٽهيءَ ۾ پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جي عادت وجهندي، کيس ابتدائي مرحلي ۾ ڏکين ۽ گهرين تحريرن سان متعارف ته ڪو نه ڪرائبو! بلڪه کيس شروعاتي دور ۾ اهڙين آسان پرسبق آموز لکڻين کان واقف ڪبو، جيڪي پنهنجي سادي پر سحر انگيز اسلوب سان دلين تي نقش ٿينديون وينديون ۽ اجتماعي سطح تي اخلاقي تربيت سان گڏ، مطالعي لاءِ پڻ اُتساهه پيدا ڪنديون.

گذريل صديءَ جي، سنڌ ۾ اهڙي اعليٰ ڪارج پيدا ڪرڻ ۾ جتي ٻين داستانن، قصن، ڪهاڻين، ناولن ۽ تحريرن مڃتا ماڻي آهي، اُتي زير مطالعه تصنيف ”چار درويش“ جي اهميت کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ سموئيل اخلاقي تربيت جا گوهر، قصه خوانيءَ جا جوهر ۽ مقصديت جا موتي اهڙي دلفريب انداز ۾ پوئيل آهن، جو ڪو به نئون پڙهندڙ گهڻي قدر ”چار درويش“ کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پرو ڪرڻ جي خواهش رکندو. اهڙيءَ طرح هيءَ تحرير ڪنهن به سيکڙاٽ کي وڌيڪ مطالعي تي اُتساهيندي، منجهس آخرڪار سنجيده ۽ گهري فڪر سان سلهاڙيل بامقصد ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهي ٿي.

          ”چار درويش“ جيتوڻيڪ بنيادي طرح فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، پر اُن جي لکندڙ بابت محققن ۾ اختلاف آهي. مختلف محققن گهٽ ۾ گهٽ چئن مختلف صاحبن کي هن تحرير جو ليکڪ ڳڻايو آهي، پر اوهان جي مطالعي هيٺ هي ڪتاب اردوءَ ۾ نامياري ليکڪ ”مير امن“ جي اردو ترجمي تان سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو ويو آهي. اها حقيقت آهي ته ”چار درويش“ ترجمي جو به  ترجمو آهي، پر جيئن ته اهو ترجمو حاجي امام بخش ”خادم“ جهڙي علمي شخصيت جي هٿن کي ڇُهي پڙهندڙن تائين پهتو آهي، تنهن ڪري اهو ترجمو لڳي ئي نٿو. حاجي صاحب شڪارپور جي انهيءَ بدوي خاندان جو بزرگ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي لطف الله بدويءَ جهڙا معلم، محقق ۽ مترجم ڏنا. شايد اسان منجهان گهٽ ماڻهن کي پتو هوندو ته حاجي اام بخش ”خادم“ صاحب اهلِ علم ۽ اهلِ دل هجڻ سان گڏوگڏ لطف الله بدوي جهڙي نامياري شخصيت جا والد بزرگوار پڻ هئا.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1895ع ۾ شڪارپور جي مشهور پبلشر پوڪرداس ڇپرايو، پر بعد ۾ ٻين ڪيترن ادارن ۽ شخصن بنا احتياط اُن کي بار بار ڇپرائي اصل متن کي اڻ وڻندڙ اضافن سان گدلو ڪري ڇڏيو. 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري جناب محمد ابراهيم جويي صاحب جن هن ڪتاب کي نئين سر سنواري سُڌاري بورڊ طرفان ان جو مستند متن تيار ڪرائي ڇپائي پڌرو ڪيو. ڇپجڻ کان پوءِ ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ سنڌ جا ڪئين ٻالڪ هن دلپذير تحرير مان لاڀ پرائي، نه رڳو جوان ٿيا پر عالم، اُستاد ۽ سياستڪار پڻ  بڻيا. ڪتاب جي اهڙي اهميت هوندي به اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ابتدائي مطالعاتي ذوق ۾ مدد ڏيندڙ هن ڪتاب جو گذريل 45 سالن ۾ بورڊ طرفان ٻيو ڇاپو پڌرو نه ٿي سگهيو آهي.

          ”چار درويش“ جي قصي جي پراڻي مقبوليت ۽ انهيءَ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، مئنيجر ڪتاب گهر سنڌي ادبي بورڊ جي سفارش تحت، هن ڪتاب کي ٻيهر پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. اُميد اٿئون ته نئين دور جي پڙهندڙن خصوصاً ثانوي درجن جي ٻارڙن لاءِ هيءُ ڪتاب نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.

ڄام شورو، سنڌ

10 جنوري 2005ع                           انعام الله شيخ

بمطابق                                        سيڪريٽري

28 ذوالقعد 1425 هجري                     سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org