سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 7

صفحو :11

 

باب ستون

مرڻي جون رسمون

جياري جياري ماريندو، پر ماريندو به اَلاجي ڪيئن؟

بيماري ۽ سڪرات:

        ماڻهو اگهو يا بيمار، هل هلان ۾ ٿيو ته کيس مٽ مائٽ، عزيز قريب، اوڙو پاڙو ۽ واقفڪار پڇڻ (عيادت) لاءِ پيا ايندا ويندا. خاص طرح زالن جا ته روزانه ڪٽڪ پڇڻ ڪاڻ پيا ايندا، جن ۾ سينڌ سڻات، سيڻ سڄڻ ۽ راڄ ڀاڳ واريون سڀئي عورتون هونديون. ڪي خود مرڻينگ کان ته ڪي سندس ٽهل ٽڪور ڪندڙن کان پڇڻ لڳنديون ته: فلاڻي جو ڪهڙو حال آهي، اهي ڪي سکر يا آهي چاقڙو؟ اهي  ڏک ۽ ارمان مان ورندي ڏيندا ته: اجهو اهو حال اٿس، جيڪو توهين توڙي اسين اکيئين پيا ڏسون، الله سان ڳالهيون اٿس! اُهکيءَ ۾ آهي يا سير ۾ آهي، الله سائين اُڪاري پار ڪندس! اسان ته پنهنجي وس ۾ ڪونه گهٽايو آهي. ڪئين حڪيم، طبيب، ويڄ وڙا ووڙيا اٿئون، پر ڪٿان به اڃا ٻاجهه جي ٻـُـڪي نه ملي آهي. سائين کي وڏي سگهه آهي، وري ته ويرم ڪانهي! جڏا جياري، مرڪندا ماري: رب ساڻي ٿيندو!

پڇندڙ عورتون دلڌير ڏيڻ ۽ آٿت ڪاڻ چونديون ته:

ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجو الله ڀي آهي،

سئو ورهيه جا ڏکڙا، هڪ لحظي ۾ لاهي،

اهڙوئي الله آهي، جو ماڳ رسائندءِ مارئي!

        مائي، مٺي محبوب کي وڏي وڏائي آهي، پاڻهي کڻي معافي ڪندو. بندي جا شل عيب نه اگهاڙي. انهيءَ مهل کي سڪرات چوندا آهن. سڪرات ۾ بيمار ماڻهو، کائڻ، پيئڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي. گوگهري پئي لڳندي اٿس ۽ اکيون ڇت ۾ اٽڪيل هونديون اٿس. هر هر دؤرجي پيو ويندو آهي. مائٽ مٽ آسرو لاهي ويهندا آهن. اهڙي مهل تي ڏَس ڏيندڙ چوندا آهن ته: خيرات ڪريو، صدقو ڪڍو. من رب پنهنجو رحم ڪري!

خيرات ڪرڻ:

سڪرات واري ماڻهوءَ مٿان ڦنڊر، پهرو، ڇيلو، ٻڪرو ڪـُـهي خيرات وجهندا. ان جانوَر تي مرڻينگ جو هٿ ڇهائي، پوءِ ان کي تڪبير وجهي ذبح ڪري، گوشت غريب غربي کي ورهائي ڏين، ڪي جانور کي بيمار جي چوڌاري ڦيرائي ڪهي گوشت ورهائي ۽ جانور جو ڪجهه رت دروازي تي هڻي ڇڏين. ان جو مطلب اهو سمجهيو ويندو آهي ته اها قرباني يا خيرات خود مرڻينگ ڪئي آهي. خدا قبول وجهندو. ڪي مٺو ڀت رڌي ٻارن معصومن کي ڪوٺي کارائي، پسئو پئسو هٿ ۾ ڏين. اهو پئسو مرڻينگ جي هٿان ڏيارين. سڪرات ۾ اَگهي ماڻهوءَ جي سيراندي کان قرآن شريف مان سورت ”ياسين“ يا الجاثيته پڙهائيندا آهن. اهي سورتون گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا ۽ وڌ ۾ وڌ انتقال تائين پيا پڙهائيندا آهن. ڪي بروقت قرآن شريف جا ٽيهه ئي پاره پڙهائين، ڪي مرڻينگ جي ڀر ۾ ويهي وڏي آواز سان ڪلمو طيب لا اِلـه الاالله محمد رسول الله پڙهن. جيئن ڪلمي جو آواز ڪنن ۾ ٻـُـريس، ۽ پاڻ به ڪلمو اُچاري يا سندس سيرانديءَ کان ويهي تلقين ڪن. جنهن ۾ کيس نالو وٺي چون ته ڀر ڪلمو مٺي محمد صلي الله عليه وآله وسلم تي.

        پـُـڇندڙ زالون، اتي ئي بيمار جي حالت ڏسي چونديون ته ”هاڻ ڳالهيون الله سان اٿس! تار ۾ آهي، هاڻ بچڻ جي اميد گهٽ اٿس، نڪ نڪري آيو اٿس، هٿ ذر ذر شهپر تي پيو هڻي [جي زال ذات هوندي ته چونديون سينڌ پئي ٺاهي] اکيون ڪوڙيون ٿي ويون اٿس، هيٺيون ڌڙ صفا ساهه ڇڏي ويو اٿس، هٿن پيرن جا ننهن ڪاراٽجي ويا اٿس. ٻيو مرڻ کي سڱ ڪونه ٿيندا آهن. توهين به ننڍڙيون ڪونه آهيو. اَئي فلاڻي! تنهنجي هٿن مان به ساٿ ويا آهن، ڇا ٿي سمجهين؟“ ٻيون چونديون ته ”برابر سچ ٿيون چئو، اِتئين چڙهيو ته ڪر نئون ڄائو، حال ڪونه ٿو ڏسجي، الله سائين راڻن کي راڻا ۽ ڪاڻن کي ڪاڻا شل بخشي بچائي ڏي، جوانن کي جواني بخشي، مـُـشڪل آسان ڪري. سانگ سرهو ڪريس، اِنسان ويچارو نيٺ جيءُ جيءُ نيٺ مرندو، ٺڪر جو ٺهيو آهي سو ڀڄڻ ڪاڻ، الله جي در سدائين توبهه آهي، ويچارو دم پهر جو مهمان آهي. گهڻي تڪليف ۽ لوڇ پوڇ ڏسي ائين به چونديون ته ”انهن عذابن کان رب پاڪ کڻي پنهنجو ڪريس ته چڱو!“ ٻيون وري ڏڍ ڏيڻ ڪاڻ چونديون ته ”مائي! الله جا عجب رنگ آهن. من کڻي کيس جيءَ ڏاڻ ڏي! پريان ڏور ڏاڍي هونديس ته چوڻو، اوڻو ٿيندو ئي ڪين، جنهن جي اک ۾ گهاڻو گهميو، تنهن به موت نه قبوليو! هوڏانهن مرڻينگ جي ڦوڪ ٽٽي ته، هيڏانهن يڪدم روڄ راڙو شروع ٿي ويندو: اي منهنجا جيجڙا ابا! آ منهنجا جيجڙا ادا! آ مون ويهيءَ جا ور! آ لنگهه گهوٽم پٽم! (جي زال هوندي ته، جيجڙي اما! جيجڙي ادي! وغيره) ڪي پيون زالون ٻاڪارينديون ۽ هوشيار زالون مردي جي سيرانديءَ کان وهاڻو ڪڍي اکين جي مٿان هٿ رکنديون، جيئن اکيون کليل نه رهنس. اڳڙيون کڻي ڄاڙهي ٻڌنديس ۽ ٻنهي پيرن جا آڱوٺا ڇڪي ٻڌندس ۽ ٻانهون سڌيون ڪري، کٽ جي سيراندي کان واڻ ۾ ڊگهي لٺ کوڙي ان جي مٿان رلي وجهي ڇڏينديون.

ميت جي سرانجامي:

گهر جا مڙس ماڻهو ۽ ڪي پاڙي جا همراه اوطاق، اوتاري يا پڌر تي تڏو وڇائي پٿر وجهي ويهندا ته راڄ وارا ۽ مائٽ همدردي ۽ ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اتي اچي ڪٺا ٿين. ڪي جوڙي پوتي (ڪفن) وٺڻ ويندا، هڪڙو ڄڻو مردي تان ڪانو ڪڇي قابروءَ ڏانهن ويندو، جي قبر کوٽڻ وارو مقرر ڪيل نه هوندو ته منجهائن ئي ٻه - ٽي همراهه قبر کوٽڻ ويندا. هڪڙو غسل يعني تڙ ڏياريندڙ مـُـلن ڏانهن ويندو. منجهانئن ڪو غسل ڏيڻ جو تختو يا ڦرهو کڻي ايندو. ڪو غسل جي پاڻي ڪوسي ڪرڻ لاءِ، ڪٿان ديگ آڻيندو. هڪڙو قاصد ٿي راڄ کي قضيي جي خبر ڏيندو ته، فلاڻو گذريو آهي، فلاڻي وقت کڻندس اچي ڀتر ڀائي ٿجو. پرانهين پنڌ تي پڻ چتاءَ لاءِ قاصد موڪليو ويندو، جو خاص طرح مئل جي پٽ، ڀاءُ، ڌي، پيءُ، ماءُ وغيره جهڙن ويجهڙن مائٽن کي وڃي خبر ڏيندو ته جهٽ پهچي هلي منهن ڏسن. اهڙي قاصد کي زباني لکت ۾ اهڙو احوال ٻڌائيندا ۽ چوندس ته اُڏام، ڄڻ ته ويو ئي ڪونه آهين. مطلب ته ساٿ سرهو ڪرڻ جي لاءِ سڀ مٽ مائٽ مئي جي ڪم ۾ جنبي ويندا آهن.

سگهري مرد جو ميت

جوڙي پوتي /ڪفن آڻڻ:

جيڪو ماڻهو جوڙي پوتي/ڪفن وٺڻ ويندو، سو پاڻ سان هيءُ سامان آڻيندو: اٽڪل ٻارهن وال پڻيو يا هرک، هڪ وال بافتو، اڇي ڪپهه، عطر جون شيشون، ڪافور، ڌوپ، گلاب جو عرق، ميٽ، سـُـئي ڍيري، سرهو صابڻ، ڇاپيل عهدنامو، ٻه اجرڪون (هڪ لڱ نچوڙڻ لاءِ ۽ ٻي ڇاڙ وجهڻ لاءِ)، نئون تڏو، ٻه نوان ٺڪر جا ڪؤنرا اهو سامان آڻي اوطاق (پٿر) تي رکندو. جوڙيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه - پنجويهه روپيا خرچ اچي ويندو آهي. پر هن دور ۾ اهو خرچ گهڻو وڌيل آهي.

جوڙي پوتي ٺاهڻ:

مـُـلو (غسال) بروقت ان هرک کي ڦاڙي ٻه چادرون اٽڪل ساڍن پنجن فوٽن ماپ جون ڪندو، ۽ هڪ چولي (الفي) اٽڪل چئن فوٽن جي جدا ڪري رکندو، ڪپڙي جي برَ کي ٽوپو ڏيئي ٻيئي چادرون ڳنڍيندو، بافتي مان ٻه هٿيا اٽڪل چار آڱر ماپ جيترا ٽڪر ڦاڙي ڌار رکندو، انهيءَ ڪم ۾ پٿر تي ويٺل ماڻهو پڻ همراهي ڪرائيندس. پوءِ اهو سامان تڏي ۾ ويڙهي رکندو.

تڙ/غسل جي تياري:

جنهن جاءِ تي مڙدي کي تڙ ڏيڻو هوندو، اُتي اول ته چري (کڏ) کوٽيندا ته پاڻي منجهس گڏ ٿئي. اُن کي ”حد“ به چون. حد جي پاسن کان پڪيون سرون رکي پوءِ انهن جي مٿان ڦرهو (تختو) ٺهڪائي رکندا آهن. پاسي ۾ سرن جي چلهه ٺاهي ان تي ديڳ رکي پاڻيءَ سان ڀريندا آهن، پاڻي ۾ ٻير جي وڻ جا پن يا ٿورو لوڻ وجهي، انهيءَ کي ٻارڻ ڏيندا، جيئن پاڻي نـَـهـَـنَ سهسڙو ٿي سڄر ٿئي.

تڙ /غسل ڏيارڻ:

لاش جي کٽ کي هڪ ماڻهو سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان جهلي کٽ کي کڻي آڻي ”حد“ وٽ رکندا. پوءِ لاش لاهي ڦرهي مٿان الهندي پير ۽ اڀرندي مٿو ڪري سنئون سمهاريندا. ملو پاڻ سان سڀ سامان ڪؤنرن سميت کڻي اتي اچي ويهندو، ٻه همراهه کيس ڪؤنرا ڌوئي ڌمالي پاڻيءَ سان ڀري واري تي ڏيندا ويندا. ملو اول مڙدي جون پٽيون ۽ اڳڙيون کوليندو، ڪو زيور پيل هوندس ته اهو به لاهيندو، پوءِ بت جا ڪپڙا لاهي، سٿرن تي بافتي جو ٽڪر سترپوش ڪري مٿان رکندس. ڪنهن ٺڪر جي پاٽ يا طباق، يا وٽي ۾ بنا تيل جي ميٽ پسائي ملي جي ڀر ۾ رکندا. ملو پهريائين هٿ جي مٿان ڪپڙي جو ٿيلهو يا هٿيو چاڙهي، هٿ ۾ کڙو يا ڀتر کڻي مڙدي جي استنجا ڪرائيندو، پوءِ وضو سارائيندس. پوءِ لڱن کي ميٽ ملي لڱ ڌوئاريندس. ميٽ ڪڍڻ کان پوءِ سڄي بدن کي سرهو صابڻ هڻندس، اهو ڌئاري، پوءِ شهادت جي ڪلمي سان ٽي ڪؤنرا پاڪائي جا نائيندس. غسل مهل مڙدي جي ڪنن، ناسن ۽ وات ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيندو جيئن تڙ جو پاڻي اندر جسم ۾ داخل ٿي نه سگهي. وهنجارڻ کان پوءِ ڪنهن ڪپڙي يا اجرڪ سان لڱ نچوئيندس.

ڪفن ڍڪائڻ:

کٽ تي نئون آندل تڏو وڇائي، انجي مٿان ٻيئي چادرون ڊگهيون پکيڙي انهن جي مٿان الفي يا ڪفنيءَ جي هٿ سان ڳچي ڦاڙي، پوءِ انهي الفي يا چوليءَ تي ”خاڪ شفا“ يعني عربستان مان آيل مٽيءَ جي ٽڪي (جيڪا حاجي سڳورا عربستان مان آڻنيدا آهن) گلاب جي عرق مان يا صاف پاڻيءَ مان ٻوڙي آلي ڪري يا عربستان مان آيل زمزم جي پاڻيءَ جي دَٻي يا دُنگي کولي ان مان ٻوڙي چوليءَ تي اشهد جو ڪلمو يا ڪلمو طيب لکي ۽ صلوات سڳوري لکي، چوليءَ جو هڪڙو هيٺيون پاسو چادر مٿان وڇائي، ٻيو پاسو ڳچي وارو اُڀو ڪري اُٿلائي مٿي جهلي بيهندو. ٻه ماڻهو لاش کي ڦرهي تان کڻي کٽ تي الهندي طرف پير ۽ اڀرندي طرف مٿو رکي ڪفن تي لاش سمهاريندا، پوءِ ملو ڦاٽل ڳچي مٿي مان اُڪاري، ڪفنيءَ جو مٿيون پاسو پيٽ تان اُٿلائي برابر ڪري هيٺين پاسي بيهاريندو، چادرن جون ٻئي انديون ڦاڙي، هڪڙيءَ جا پورا ٻه ٽڪرا ڪري سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ جي مٺين جي ٻڌڻ لاءِ ۽ وڏي لنبي اَندي ڇاتي يا سيني جي ٻڌڻ لاءِ رکندو. لاش جي ڇاتي، ڪنن، ناسن ۽ اکين جي ڇپرن مٿان(1) ڪافور ڀوري ٻرڪيندو، ان کان اڳ عطر منهن ۽ بدن کي مکي ڇڏيندس ۽ مٿان ڇٽيندس، پوءِ ريڙن يا اندين سان ٻيئي مٺيا سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ جو ۽ سينو ٻڌي، ميت جي سيرانديءَ جي ساڄي پاسي کان قرآن شريف ۽ زمزم جون دُنگيون ۽ ڇپيل عهدنامو رکي، ملو نڪري ٿيندو ٻاهر.

منهن ڏسڻ يا لاش کان موڪلاڻي:

جڏهن اوري پري جا سڀئي تعلقدار اچي گڏ ٿيندا، ته پهريائين منهن ڏسندا، هڪ مائٽ، منهن ڏيکارڻ لاءِ لاش جي سيرانديءَ کان بيهي مٺيو کولي سڀني کي سڏ ڪندو ته ويجها ٿي منهن ڏسو. جنهن تي مڙئي ماڻهو زالون توڙي مرد جيڪي محرم هوندا اوڇنگارون ڏيندا، اشهد جا ڪلما پڙهندا، سبحان الله سبحان الله ۽ استغفار پڙهندا کٽ جي چوڌاري ڦري اچي بيهندا. ان مهل ”عدت واري زال“ پنهنجي مڙس کي حق مهر به شاهديءَ ملائڪن جي بخشيندي آهي، ڪجهه وقت منهن ڏسڻ کان پوءِ مٺيو بند ڪيو ويندو. پوءِ ميت تي ڇاڙون يا سامون وجهندا، جن مائٽن ڪپڙو نه آندو هوندو، سي وارثن کي روڪڙي رقم ”ننگ“ ڪري ڏيندا. ڇاڙن ۾ اجرڪون ۽ لونگيون هونديون آهن ۽ زال جي لاءِ پوتيون.

جنازو مقام قبرستان ڏانهن کڻي هلڻ:

منهن ڏسي، رڙي، روئي واندا ٿيندا ته ڪانڌين کي جنازي کڻڻ جو سڏ ٿيندو، جي پٿر تي اوسيڙي ۾ ويٺا هوندا. پهريائين ٻاهر هڪڙي کٽ يا ڏولي وجهندا، پوءِ ٻه - ٽي مائٽ لاش کي تڏي سميت سيرانديءَ پيرانديءَ ۽ چيلهه وٽان هٿ ڏيئي ٻاهر کڻي آڻي کٽ تي رکندا. ان سان گڏ پرڻ ۾ ڪو اناج جو زالون پتڻ اُڪرڻ لاءِ ڏينديون، قرآن شريف ۽ آب زمزم جون دونگيون عهدنامو وغيره لاش جي ساڄي پاسي کان رکندا، يا ڪو ماڻهو جنازي سان گڏ کڻي هلندو. ڪانڌي ڪلمهءِ شهادت ڀري اچي ڪلها ڏيندا. ان مهل تي جنازي مٿان ڪارو غلاف وجهن، جنهن تي سوره فاتحه، چار قل ۽ آيت الڪرسي زري يا ريشمي ڌاڳي سان ڀريل هوندي آهي. وڏن ماڻهن ۾ انهيءَ مهل دهل تي ڊڍ يا ڍنڍ وڄائين، اوسارا چون ۽ ڪارا ڪپڙا ڍڪي ماتم ڪن. امير ماڻهو لاش کڻڻ وقت ان جي مٿان سونا ڦل ۽ روپيا گهوري اڇليندا آهن. پهريائين چار ماڻهو ڪلهو ڏيندس، پوءِ جيڪو نئون ماڻهو ڪلهو ڏيڻ لاءِ ايندو، سو اول سيرانديءَ ساڄي پاسي واري همراهه جي اڳيان وڌي پاڳي کي اچي جهليندو، اهو همراهه پوئتي هٽي، ساڳي پاسي واري پيرانديءَ واري ڪانڌيءَ جي اڳيان ٿي هن کي آجو ڪندو، اهو ساڳيو همراهه وڌي اچي کاٻي پاسي سيرانديءَ کي ڪلهو ڏيندو ۽ پهريون ڪانڌي هٽي، پيراندي ڏي ويندو. اهڙيءَ ريت هرهڪ ماڻهو چار ڪلها چئني پاسن کان ڏيندو رهندو. جنازي کي پير پير ۾ آهستي آهستي کڻي پيا هلندا ۽ اشهد جا ڪلما هري هري يا وڏي سڏ پڙهندا هلندا. چوندا هلندا ته ”آهستي آهستي هلو، جيئن ميت کي لوڏو يا تڪليف نه اچي“. تنهن هوندي به جي تڪڙو هلندا آهن ته چوندا آهن ته ”ميت کي قبر جي ڇـِـڪَ ٿي ٿئي“.

        جي مولودي ميسر هوندا ته اهي جنازي اڳيان مولود چوندا هلندا. چوندڙ، ميت جي وارثن ۽ پٽن کي چوندا ته ”بابا! مڙس ٿي ڪلها ڏيوس، اڄ مهل اٿوَ، جيترا ڪلها ڏيڻا هجنوَ سي ڏيوس، آخري خدمت اها اوهان جي سنڀرندو. الله ڪيو جو پنهنجن جي هٿن ۾ سرهو ٿيو. پنهنجائي هلي ٿا لوڙهه لٽينس. اهڙيءَ طرح جنازو آڻي مقام جي ڀر ۾ ڪنهن اڇي پڌر يا جنازي نماز واري مسجد ۾ اولهائين طرف رکندا.

جنازي نماز:

ڪانڌي جنازو رکي وڃي وضو ساريندا. جڏهن رهيا کهيا نمازي سڀ اچي گڏ ٿيندا ته اِڪي درجي ۾ صفون ٻڌي بيهندا يعني هڪ يا ٽي يا پنج يا ست صفون ٻڌندا. پوءِ ملان جنازي جي اڀرندي طرف لاش جي سيني برابر بيهي، ميت جي ويجهن عزيزن مان، پيءُ، پٽ يا ڀائرن مان هڪ کان جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت گهرندو. اجازت ملڻ کان پوءِ هيئن نيت ڪندو، ”نيت ڪيم جنازي نماز جي، ساڻ چئن تڪبيرن فرض ڪفايه منهن طرف ڪعبته الله جي ثواب ڪارڻ هن ميت!“ [جماعتي چوندا پٺيءَ هن امام جي] پوءِ الله اڪبر چئي هٿ ٻڌي دعائون پڙهندو، وچ ۾ چار تڪبيرون هڻندو. جماعتي به پوئتان هٿ ٻڌي بيهندا ۽ تڪبيرون چوندا. پڇاڙيءَ ۾ بيٺي ئي سلام ورائيندو. سلام کان پوءِ سڀئي ماڻهو قـُـل پڙهندا ۽ قـُـلن جو ثواب ميت کي بخشيندا.

قرآن بخشائڻ:

ملان جنازي جي سيرانديءَ کان ويهي قرآن شريف کڻي وارثن مان هڪڙي کي اُڀ کوڙي يعني اوڪڙو ويهاري ٻنهي هٿن ۾ قران جهلڻ لاءِ ڏيندو ۽ پاڻ چوندو ته ”هن جيڪي ننڍا توڙي وڏا (صغيرا و ڪبيرا) ڏوهه گناهه ڪيا آهن. جيڪي فرض سنتون ڄاڻي ٻجهي يا ويسر ۾ ڇڏيون آهن يا گـُـسائيون آهن، جيڪي اسلام جا ارڪان جي مٿس فرض هئا ۽ پورا نه ڪيا آهن (جن ۾ صدقا، نذر ۽ نياز سڀ اچي ٿا وڃن)، رهجي ويا آهن، تن سڀني واسطي هيءُ قرآن شريف بخشايان ٿو.“ هو به سندس چيل اکرن کي ورجائيندو. پوءِ ملان قرآن بخشڻ جي دعا گهرندو ۽ ان جو ثواب بخشيندو. عزيز ان جو اُجورو حيثيت سارو اتي ئي ڏيندس. يا پوءِ گهر وڃي پهچائيندس.

بخشان بخشي ڪرائڻ:

ڪي وري پاءُ يا اڌسير کاڌي جو روزانو جي حساب سان سڄي عمر سارو ٻڌي اهو بخش ڪرائين. مثال ميت جي ڄمار اٽڪل پنجاهه ورهيه مقرر ڪيائون ۽ سندس ڏيلَ ۽ قدبت سارو روزانه اڌ سير اناج کاڌي واسطي ٻڌندا. انهيءَ حساب سان مهيني جا ٿيندا پندرهن سير ۽ هڪ سال جا ٿيندا هڪ سؤ اسي سير يعني ساڍا چار مڻ، پنجاهه ورهيه عمر واسطي اناج ٿيندو ٻه سؤ پنجويهه مڻ. چوندا ته اي الله سائين هن بندي تنهنجي ڏنل رزق مان اٽڪل مٿئين انداز جيترو اناج کاڌو ۽ تنهنجا فرمان ڀڳا اٿس. هن جو ڪو هاڻي توکان سواءِ بغير بلو ڀيڻي ڪونهي. هن قرآن شريف جي محابي تون هن کي بخش ڪر.

قدم ڏيارڻ:

جنازي کي، جنازي نماز جي جاءِ تان کڻڻ مهل، چار ماڻهو پاڳن جي جوڙ وٽ کٽ جي ايس ۾ هڪ هٿ وجهي اشهد جو ڪلمو پڙهي، کٽ کي زمين کان اڌ فوٽ کن مٿي کڻي ٻه - ٽي وکون هلي وري هيٺ رکندا، اڳيون ماڻهو ساڳئي پاسي جي پوئين طرف ۽ پويون ساڳئي پاسي جي اڳئين طرف وڌي ايندو ۽ وري کٽ يا ڏوليءَ کي کڻي ڪلما ڀري ٻه - ٽي قدم وري هلندا ۽ جنازي جو رخ به پيا ڦيريندا ۽ ٽيون ڀيرو به ساڳيا ماڻهو ساڳين طرفن تي اڳئين وانگر بيهڪ وٺي، ٽي قدم ڏيئي جنازو ڪلهن تي رکندا ۽ قبر ڏانهن هلندا. انهيءَ مهل وارثن مان هڪڙو ماڻهو ڪانڌين کي چوندو ته ”ادا، ڪم ڪار واري کي موڪل آهي.“ جي قبر تيار هوندي ته لاش قبر ۾ لاهيندا، جي دير هوندي ته ترسندا. تيستائين مولودي مولود پيا پڙهندا.

ڳوٺ مان پرانهين مقام ڏانهن يا پرديس مان پنهنجي مقام ۾ لاش آڻن جو دستور:

ڪو ماڻهو وفات هڪ هنڌ ڪندو آهي، پر ان جو لاش سينگاري پکاري ڏورانهين هنڌ تي نيڻو پوندو آهي. اهڙي لاش جي کڻڻ لاءِ ڪائي(1) استعمال ڪندا آهن.

اُٺ کي پاکڙو يا پلاڻ وجهي ان جي مٿان اُٺ جي مدوءَ واري پاسي ڪائيءَ کي سوگهو ٻڌي پٺيان پونجهه واري پاسي کان هڪ ماڻهو ان کي جهلي ويهندو آهي. اُنهيءَ اُٺ کي ڳچيءَ ۾ وڏو ٽلو يا چنگ ٻڌندا. ڇو ته انهن جي چوڻ موجب مئو ماڻهو سڄي واٽ رڙيون ۽ دانهون ڪندو هلندو آهي، جو آواز رڳو جانور ٻڌندا آهن. تنهنڪري ان چنگ جي آواز ٻـُـرڻ ڪري اُٺ جي ڪنن تي رڙين جو اثر نه ٿيندو. اهو ماڻهو اُٺ هڪلي جڏهن ڌُر پهچندو آهي ۽ مـُـڙدي جو گهر گهاٽ به اتي ئي آهي، ته کيس سڌو قبرستان نه نيندا، بلڪ گهر ۾ پهر پلڪ ترسائي مٽن مائٽن کي منهن ڏيکاري گهر جو آسائش يا وسرام وٺائي، پوءِ وڃي دفن ڪندا آهن. اهو تڏهن ڪندا آهن جڏهن ماڻهو ٿورا ۽ منزل گهڻي هوندي آهي، پر جي ٿوري پنڌ تي وڃڻو هوندو آهي، ته فقط ٻه ماڻهو، هڪڙو کٽ جي سيرانديءَ وچ تي ٻيو پيرانديءَ وچ تي مٿو ڏيئي ميت کڻي اُٿي هلندا آهن. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ انهن کي واري وٺائو اچي مدد ڪرائيندا آهن.

قبر کوٽڻ ۽ ٺاهڻ:

ڪوشش ڪري اتي قبر کوٽائيندا آهن جتي ميت جا ٻيا مائٽ به پوريل هجن، ڇو ته چوندا آهن ته ”جيئن مائٽن جا هڏا هڏن ڀيڙا ٿين“. جي ڪو مقرر قابرو نه هوندو ته ٻه همراهه ميت تان ڪڇيل ڪانو ۽ اوزار ڪوڏر، رنبو ۽ تيشي کڻي اچي مقام ۾ ڍرندا ۽ ميت جي پاڙي ۾ اُتر کان ڏکڻ طرف قبر جو پڙواڏو کوٽيندا، جو ماڻهوءَ جي سيني برابر هيٺ کوٽي، پوءِ ان جي اولهائين طرف هڪڙي چيهه، جنهن کي ڳجهٽ، چر ۽ سامي به چون، تيشي ۽ رنبي سان ماڻهوءَ جي ڪن تائين ڊگهي ۽ اڌ فوٽ کان ڏيڍ يا ٻن فوٽن تائين ميت جي ڏيل موافق ويڪري کوٽيندا. اها کوٽجي تيار ٿيندي ته لاش هيٺ لاهيندا.

لاش قبر ۾ دفن ڪرڻ:

لاش هيٺ لاهڻ کان اڳ ڪي ماڻهو ڪچيون سرون ۽ وڏا کڙا يا گاهه ۽ کٻڙ جا ساوا پن آڻي اتي گڏ ڪري رکندا. ڪي وري پئسا ڀري، اهي موجود ڪرائي رکندا آهن. جيئن زمين جي حالت سارو اهي ڪم آڻي سگهجن.

ميت واري کڏ يا ڏولي قبر جي الهندي طرف بلڪل ساميءَ جي مٿان آڻي رکندا. ٽي همٿ ڀريا ماڻهو جي ميت جا ويجها عزيز هوندا، سي ور کنجي پڙاڏي [لحد] ۾ هيٺ لهي پوندا، ٻيا ماڻهو ميت جي ڇاتيءَ هيٺان ۽ پٺن کان هڪڙو پوتاڙو ڏيڍو ڪري اُڪاري، جنهنجو الهندو پوڇڙ ڊگهو ۽ اڀرندو پوڇڙ مٺ ۾ جهلڻ جيترو ڇڏيندا. ميت تان گهڻيون ڇاڙون يا سامون لاهي، باقي ايڪڙ ٻيڪڙ ڇڏيندا. هڪڙو ماڻهو سيرانديءَ ۾ ٻيو پيرانديءَ ۽ ٽيون چيلهه واري پوتاڙي کي قابو جهلي لاش کي قبر ۾ لاهيندا ۽ وچون ماڻهو کٽ مٿان چڙهي لاش لاهڻ ۾ همراهي پيو ڪندو، نيٺ قبر جي پڙواڏي ۾ بيٺل ماڻهن مان هڪڙو سيرانديءَ کان ۽ ٻيو وچ تي چيلهه کان ۽ ٽيون پيرانديءَ کان هٿ سنوان جهلي انهن هٿن تي لاش وٺي، امالڪ جهـُـڪي ڳجهٽ ۾ نيندا. اندر رکڻ کان پوءِ ٻڌل ريڙون ڇوڙي ٻاهر ڪنهن وڻ تي ٽنگيندا. ميت جو منهن قبر ۾ موڙي الهندي  ڏانهن ڪندا ۽ ان طرف ڇپيل ۽ عهدنامو سامهون رکندس. مٿس گلاب جو عرق يا آب زمزم جون دُنگيون کولي هاريندا. پوءِ کڙن يا ڪچين سرن سان ان چر کي بند ڪندا، ڪي ساميءَ ۾ رکڻ مهل به ميت جو منهن ماڻهن کي وري ڏيکاريندا آهن. ساميءَ جي بند ڪرڻ مهل ڪچيون سرون هرهڪ سر پاسيري اُڀي منڍي ڀر ڳتيندا سٿيندا ويندا. هيٺان تري ۾ ڇاڙپ لاٿل سرَ جي لام ٺهڪائيندا ايندا، تان جو وڃي پيرانديءَ وٽ ٻن - ٽن سرن جي وڇوٽي ڇڏيندا، پوءِ اُن لوگهي ۾ هٿ وجهي باقي رهيل سامون يا ڇاڙون ڇڪي ڪڍي وٺندا ۽ اهو لوگهو بند ڪري، سرن جي چوٽين تي کڙا رکي، پوءِ قبر واري مٿينءَ مٽيءَ مان گارو ٺاهي، ان سان ڳجهه جون وٿيون ليپو ڏيئي لنبي ڇڏيندا. انهن مان هڪڙو ماڻهو انهيءَ وچ ۾ کڙن جي جهول ڀري جيڪي ڪانڌي ۽ ڀتر ڀائي ٿيا هوندا، تن کان قل، درود يا صلوات سڳوري کڙن تي پڙهائي. جهولي ئي آڻي سيرانديءَ قبر کان لاهيندو. ان کان پوءِ مٽ مائٽ اشهد جا ڪلما پڙهي هٿن سان مٽي ريڙهي قبر جو پڙواڏو ڀريندا ويندا، جيستائين ساميءَ واريون ڪچيون سرون ڍڪجي وڃن، پوءِ ڪوڏر سان مٽي گهلي پڙواڏو ڀريندا، جيستائين سڄو پڙواڏو نه ڀرجي، تيستائين ساميءَ جي مٿان زور نه ڏيندا. ڪٿي ڪٿي واري يا نرم مٽي يا ڌُٻڻ جهڙي زمين هوندي آهي ۽ سامي نه ٺهي سگهندي آهي، اُتي پڙواڏي جي وچ تي يڪٺپي چيهه کڻي ان ۾ لاش رکي، پوءِ ٻنهي پاسن کان اُڀيون پاسيريون سرون ڏيئي ڇڏيندا ۽ پاسن کان ڀنجو ڀري ڇڏيندا آهن. زمين ڪرڪ وارياسي هوندي آهي ته ڏَڪ وَڍي اهي کوڙي مٿان تڏو، گاهه يا ڪانا ۽ کٻڙ جا پن وجهي، قبر بند ڪندا آهن. جبل طرف وري پٿرن سان سامي بند ڪن. پر ڪنهن به حالت ۾ باهه جي سڙيل سر يا پٿر استعمال نه ڪندا آهن. ڪوهستاني وري سامي وچ تي جوڙين، پر جتي زمين پٿريلي ۽ سخت ناهي، اتي دستور موجب الهائين طرف ڳجههَ کڻندا آهن، پڙواڏو سندرجي ويو ته قبر جي چئني ڪنڊن تي نشان ڪري يا ڪاٺيون کوڙي، پوءِ بـُـٺي يا تـُـربت تي مٽي چاڙهي فوٽ - ڏيڍ لوڙهه مٿي ڪري بيهاريندا. قبر جي مٽي ذرڙو به پري نه ڇڏيندا، ريڙهي ويجهي ڪندا، بلڪ اوزار ڌوئي انهن جي دَز به بـُـٺي تي وجهندا. ان کان پوءِ باقي بچيل ڪچيون سرون تربت مٿان چوڌاري لامن ڀر رکي پکيڙيندا ۽ زمزم جون خالي ٿيل دنگيون به سيراندي وٽ رکي مٿان پاڻي ڇٽڪاري تربت سوگهي ڪري بيهاريندا آهن(1)  اَنَ جيڪو پتڻ اُڪارڻ جو آندو هوندائون، سو به قبر جي ڀر ۾ هاري ڇڏيندا ته پکي پکڻ چڳي وڃن.

ميت ڪاڻ دعائون گهرڻ:

قبر جي ٺيڪ ٿيڻ تي، سڀئي ماڻهو اچي قبر جي ويجهو بيهندا، پوءِ مـُـلان قبر جي سيرانديءَ کٻي پاسي سيني برابر بيهي سوره ”حشر“ جو آخري رڪوع يا ڪاٻي سورت مٺي آواز سان پڙهندو. ان کان پوءِ مـُـلون دعا گهرندو. ان وقت ملو توڙي آيل ماڻهو سڀ جـُـتين ۽ بـُـوٽن مان پير ڪڍي پادر مٿان اگهاڙو پير رکي بيهندا ۽ ڪـُـل پڙهي ثواب بخشيندا. هڪڙو ماڻهو يا مـُـلان قبر جي سيرانديءَ کان کاٻي پاسي بيهي ٻانگ ڏيندو ۽ دعا گهري ختمو بخشي، ڪانڌي مقام کان ٻاهر نڪري، ڪنهن پڌر يا جنازي نماز واريءَ جاءِ اڳيان اچي ڪٺا ٿي ويهندا. هوڏانهن قبر وٽ ميت جو ڪو مائٽ تيستائين ويٺو ڪلما طيب وڏي آواز سان پڙهندو، جيستائين مڙيئي ماڻهو مقام مان روانا ٿي ويندا. پندرهن - ويهن منٽن ترسڻ کان پوءِ پاڻ به ٻاهر اچي جتي ٻيا ماڻهو گڏ ٿيا ويٺا هوندا، اتي اچي انهن جي وچ ۾ يا پاسو وٺي ويهندو. ان وقت مـُـلان هٿ کڻي سورت ”فاتح“ پڙهندو. ٻيا به ٻـُـڪ کڻي دعا گهرندا. دعا پوري ڪري ڏانهنس هٿ سنوان ڪندا يعني عذرخواهي ڪندا. چوندا ”بس يار، خدا ڏاڍو بيپرواهه بادشاهه آهي! ويچاري تنهنجي مائٽ جي قسمت! ڪي چوندا خواهش هجئي! هاڻ مڙس ٿي دنيا کي منهن ڏجان“، مائٽ ڪنهن کي نيبهه نه ٿيا آهن!“ اتي هڪڙو ماڻهو اڳواٽ ماڻهن ۾ نـَـڪـُـل، ريوڙيون، ڇوهارا يا بسڪوٽ ورهائي ڇڏيندو، جنهن کي ”سوٿي“ چون. ان جو مقصد اهو هوندو ته ڪانڌپي جي ماني تيار آهي، اها پٿر تي هلي کائي پوءِ وڃجو.

مقام تان موٽ:

هٿ فاتح کان پوءِ، سڀئي گهرن ڏانهن ورندا. ڪي سڌا ميت جي پٿر تي اچي انتقالو يا ڪانڌپو يعني دال ۾ رڌل چانور کائيندا، ڪي رڳو گوڏي ٻيڪڙ ڪري اُٿندا. ڪانڌين جي مقام تان موٽڻ کان اڳ هڪڙو ماڻهو تڏو، کٽ، ڇاڙون ۽ قرآن شريف کڻي اچي ميت جي گهر پهچندو. ڇاڙون ۽ قرآن شريف اندر گهر ۾ ڏيندو، ۽ کٽ ٻاهر دروازي لڳ ٻِٽ سان پاسيري ڪري اُبتي ليٽائي رکندو. جنهن مان آئي - وئي کي خبر پئي پوندي ته هت تازو قضيو ٿيل آهي. ڪي ته تڏو بروقت جنازي نماز واري جاءِ ۾ ڇڏين، جي اهڙي جاءِ موجود نه هوندي آهي ته تڏو مـُـلن کي ڏين. ڪي وارياسي زمين جي نڪرڻ تي لاش دفن ڪرڻ مهل تڏو به ڏَڪن مٿان وجهي پوري ڇڏين. ڦرهو ۽ ڏولي جتان آندي هوندائون، سي اُتي پهچائي ڇڏيندا ۽ پاڻيءَ جي ديگ جي پرائي آندي هوندائون ته ڌڻين کي رسائيندا. ”حد“ جنهن ۾ مڙدي جي وهنجڻ جو پاڻي پيل هوندو، ان ۾ مڙدي واريون اڳڙيون، غليظ ٿيل ڪپهه ۽ پاٽ يا طباق، جنهن ۾ ميٽ مليو هوندائون، ان کي به ڀڃي سڀئي ان ۾ چريءَ ۾ وجهي حد لٽي ڇڏيندا.

لاش امانت ڪري دفن ڪرڻ:

جيڪو لاش امانت طور زمين ۾ دفن ڪرڻو هوندو آهي، ان جو وارث، لاش لاهڻ کان اڳ چوندو ته ”خدا واحد شاهد آهي ته هيءُ لاش آءٌ هن زمين ۾ امانتي دفن ڪريان ٿو. جڏهن آساني ٿيندي، تڏهن اچي ڪڍندس.“ اهڙو لاش ڪنهن ڪاٺ جي پيتي (تابوت) ۾ يا تڏن ۾ ويڙهي سيڙهي دفن ڪندا آهن. اهو لاش باقاعدي ٻين ميتن وانگر ئي سينگاريل هوندو آهي. اهو قبر جي پڙواڏي جي وچ ۾ پوربو آهي. اُن جي دفن ڪرڻ کان پوءِ قبر جي مٿان بانگ ڪانه چون. لاش کي جنازي نماز پڙهي دفن ڪن. جي اهو ڪڍائي ڪنهن مقرر جاءِ تي دفن ڪيائون ته وري مٿس جنازي نماز پڙهي ويندي ۽ قبر تي ٻانگ ڏني ويندي آهي. اها مرقد آخرين آرامگاهه هوندي اٿس. ڪي ماڻهو امانت لاش رکڻ جو معياد به مقرر ڪندا آهن. چوندا ته ”هيتري ڪي هيتري عرصي اندر اچي ڪڍائي ويس ته واه، نه ته هن خاڪ جي اندر سپرد ڪيم.“ امانتي لاش واري قبر جي چوڌاري ڪوڏر سان قط ڪڍندا آهن، جي لاش نه ڪڍيائون ته اهو قط کرڙي ڊاهي سنئون پٽ ڪري ڇڏيندا آهن يا آڱر سان ليڪو ڪڍندا آهن، جو پوءِ پاڻهي ڊهي ويندو آهي. وڌ ۾ وڌ ٽن سالن تائين لاش امانت رکي سگهبو آهي.

پٿر:

پٿر ٻن قسمن جا پوندا آهن. هڪ زالاڻو، ميت جي گهر م پيل هوندو آهي، ٻيو مڙساڻو، جيڪو ٻاهر اوطاق، اوتاري يا پڌر تي پيل هوندو آهي.

(الف) مڙساڻو پٿر وجهڻ:

هڪڙو عزيز ٽن ڏينهن تائين پٿر تي ويٺو رهندو، جنهن وٽ ماڻهو جيڪي ميت دفنائڻ ۾ شريڪ نه ٿيا هوندا، عذر خواهي ۽ هٿن سنون ڪرڻ واسطي پيا ايندا. جيڪي پٿر ڀائي نه ٿيا هوندا ۽ مئي جي مائٽن سان جيءُ ڀلائي يا ڪو تعلق رهيو هوندن يا جيڪي پرانهان مائٽ، ياري دوستاري مئي جو سڻي آيا هوندا، سي سڀ پٿر تي ويٺل سان ”الله ڏاڍو ميان“ ڪندا.

آيل، السلام عليڪم! چئي ويهندو ۽ ٻڪ کڻي سورت فاتحه پڙهندو ٻيا ويٺل به هٿ کڻندا. سورت پوري ڪري چوندو ته ”الله بي نياز بادشاهه آهي! توبهه ڪبي ويچاري جي قسمت! ويو وارو وڄائي! پوءِ اڳلو چوندو بس، جيڪا رضا الله جي! ڏاڍي سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، رضا تي راضي رهڻوآهي! ائين چئي آيل کي هٿ ڏيئي ڀليڪار ڪندو. جي ويجها قريب هوندا ته روئي به ڏيندا. پوءِ ويهي خبرون چارون ڪندا، جن ۾ مرهياتي جي اگهائي کان وٺي مرڻ تائين ۽ سندس ڪمن ڪارين جو ذڪر پيو هلندو. ان کان پوءِ ننگ ڀرڻ لاءِ روڪڙا روپيا پنهنجي پنهنجي دستور موجب وارث جي کٻي پير وٽ رکندو. جو پوءِ اٿڻ مهل کڻي کيسي ۾ وجهندو ۽ گهر ۾ وڃي آيل جي ماني ٽڪي جي بندوبست ڪرڻ لاءِ ڄاڻ ڪندو. ٽي ڏينهن ڪڙيون ڪنيون هلنديون. پورا ٽي ڏينهن اهو پٿر تي ويٺل شخص يا ڪو ٻيو عزيز صبح ۽ شام مقام تي وڃي مرحوم کي قل پڙهي ختمو بخشي پيو ايندو. ان پٿر تي ٻيا مائٽ ۽ لاڳاپيدار به پنهنجا هنڌ بسترا کڻي ٽي راتيون اتي ئي اچي سمهندا ۽ ڪم ڪار ۾ هٿو هٿ پيا ڪرائيندا. جيستائين ”ٽيجهي“ جو ختمو ڏيارجي. ٽيجهي يعني ٽي ڏينهن تي ختمي اچڻ کان پوءِ اهي مٽ مائٽ پنهنجا بسترا کڻي گهر هليا ويندا ۽ اهي ٽي ڏينهن ڏکويل سان همدردي ۽ ڏک هلڪي ڪرڻ ۾ سندن به وقت گذري ويندو.

ٽيجهي جي ختمي جي دعوت سڀني ڳوٺ وارن جن سان مرڻ جيئڻ جو رستو هوندو، اهي اوري هجن يا پري، تن کي دعوتون موڪليندا ته ”مرحوم جي خيرات جي ماني فلاڻي تاريخ تي ٿيندي. اچي ثواب بخشيندا.“ پوءِ جيڪي ٻن ڏينهن ۾ نه آيل هوندا سي ٽيجهي تي اوس ايندا، اچي ننگ ڳڻائيندا. ان ڏينهن پلاءُ يا گوشت ۾ ڀت رڌي ماڻهن کي پٿر واري جاءِ تي کارائيندا ۽ ڪن کي گهرن ۾ ٿانءُ ٿانءُ به موڪلين. ڪي ماڻهو اها ماني پهت يا پاهت(1) جي ڪري هلائين، يعني ڀت کائڻ کان پوءِ هرڪو ماڻهو روپيو يا ٻه وارثن کي ڏيندو. جئن ميت تي ڪيل خرچ ۾ اوڄ اچين. يا انهيءَ ماڻهوءَ جي ڪا به آس اميد، شادي مڱڻي وغيره جي مائٽن ڪانه ڏٺي هوندي، ته ان کوٽ کي ڀري پوري ڪرڻ لاءِ، دل کي اهڙو آٿت اچين. ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻاهر اُڀي ٿيل کٽ به کڻي اندر گهر ۾ وجهندا.

(ب) زالاڻو پٿر:

جيئن ڪانڌي ميت دفن ڪري مقام تان موٽندا، ۽ زالن کي خبر پوندي ته باقاعدي ”سياڪو“ يعني روڄ راڙو شروع ٿيندو. ان مهل، زالون منهن ڍڪي روئڻ لڳنديون، هڪ راڄ راڄئي يا وڏي پري زال اشارو ڪندي ته منهن ڍڪيو، جنهن تي سڀئي زالون پنهنجي پنهنجي منهن تي پوتيءَ جو پلؤ وجهي روئنديون ۽ پنهنجن پنهنجن نوَن پراڻن مئل مائٽن کي ياد ڪري اوڇنگارون ڏينديون.ڪي نالا وٺي وٺي پيون ٻاڪارينديون. گهر وارن جو ته حال اور هوندو جن جو تازو قضيو ٿيو هوندو. ان ڪاڻ ئي چوندا آهن ته:

”پٿر پرائو سور سڀڪا پنهنجا روئي“.

ٿورو ترسي هرهڪ زال ميت جي مائٽياڻين سان ڳلي لڳندي. اهي سڀ ڀت جي ڀر وٺي قطار ڪريو ويٺيون هونديون. اتي ڏاڍا دردناڪ للهنگ پار ڪڍي روئنديون ۽ هانءُ ڦاڙ راڙو ڪنديون. جڏهن سڀئي زالون يا راڄ منهن ڏيئي پورو ڪندو ته اها جمعدارڻ روڄ بند ڪرائيندي چوندي: اما، توبهه ڪريو. توبهه توبهه! ڌڻيءَ جي شيءِ هئي، ڪنهن جو وس ٿوروئي ٿو هلي! الله ڏاڍوآهي! توهان جن هٿن ۾ سرهو ٿيو ڌڻي شل مرهيس! گهڻن سورن کان ڇٽي پيو! الله جي سرڪار ڏاڍي آهي! ويو سو نه وريو! گهڻو روئي هن جي روح کي تڪليف نه ڏيو! پاڻ ڪڙهون پنهنجي حال کي، باقي وڃڻ وارو پنهنجو وارو وڄائي ويو!، ويچاري توهان کان ڪي ڪين نيو آهي، سڀڪجهه اتي پيو آهي. سڀڪو مري ماڳ مٽيندو! هاءِ هاءِ، اڳتي ڪاڻ ڪي ڪين ڪيوسين. ويهي وقت وڃايوسين!

سياڪو پورو ٿيو ته آيلون هٿ مٿي سنئون کڻي، انهن عزيزياڻين کي پرچاڻي ڏينديون. پوءِ دنيا جا لهوارا اوڀارا قصا ڪٽي ۽ نويسرا ڪري پنهنجي گهرن ڏانهن روانيون ٿينديون.

سياڪي ڪاڻ اچڻ:

ٽي ڏينهن صبح ۽ شام زالون پيون پٿر تي اينديون، ۽ عزيزياڻيون بسترا کڻي اچي اتي سمهنديون. ٽيجهي جي ختمي کان پوءِ ڪنڊ (اُڪنڊ) کڄڻ تائين رڳو شام جو پيون اينديون ۽ روئي سياڪو ڪنديون. عدت کڄڻ تائين سومر ۽ خميس وارن (ڏينهن) تي اينديون رهنديون، باقي پوءِ ڪڏهن ڪڏهن پيون اينديون، جيستائين پڙڇ کڄي. انهيءَ وارن تي وڃڻ ڪاڻ چون ته هنن جو وات رت سان ڀريل آهي هلو ته کن پهر پلڪ ويهي، هنن سان هانءَ مشڪان ڪري اچون.

ڏينهن يا وارَ ڪرڻ:

زالن وٽ هڪڙا سعد ۽ ٻيا نحس ڏينهن ٿين. مئي جي واسطي وارَ ڪرڻ جا ڏينهن، اڱارو، خميس، ڇنڇر ۽ سومر سنڀالين، جي نڀاڳا آهن، پر جمع، آچر ۽ اربعا سڀاڳا ڏينهن ڄاڻن. سعد ڏينهن ۾ ڪنهن سان منهن ڪاڻ پرچاڻي، عذر خواهي، هٿ فاتح يا سياڪي ڪاڻ ڪنهن جي گهر ڪونه وڃن. فقط جمعي جي ڏينهن به جمعو بعد ڪري پوءِ وڃن. ڇڙي ماڻهوءَ جو چاليهي تي يعني چاليهن ڏينهن کانپوءِ پڻڇ کڻي ڇڏين ۽ سگهري جو عدت گذرڻ کانپوءِ. انهيءَ وچ ۾ جيڪو ڏينهن تهوار ٿيندو، تنهن تي ۽ اُڪنڊ کڄڻ تائين (جا نائين، يارهين ڏينهن تي به کنئي ويندي) ۽ پڪي طرح ايڪهين ڏينهن کڄندي، تيستائين زالون پيون مئي جي پٿر تي اينديون آهن.

عدت ويهڻ:

عدت جو معياد چار مهينا ڏهه ڏينهن آهي. مئل جون هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جيڪي به گهرواريون هونديون، سي عدت ويهنديون. عدت، شريعت انهيءَ ڪري منظور ڪيو آهي، ته متان ڪا سنگها رهيل يا حمل هجي. اُهي موت مهل، ٻانهيون ٻيڙا ڀڃي لاهين ۽ سڀ زيور لاهي رکن ۽ اهي زالون ڏهاڳ جو وڳو ڍڪين، مئل جي زالن سان گڏ سندس مائٽياڻيون به لسا ڪپڙا يعني بنا رنگ بنا ڀرت اڇا ڪپڙا ڍڪين. انهن کي سوءَ (سوگ) چون. ڪي ٽن ڏينهن کان پوءِ اهي ڪپڙا پائين ۽ ڪي ڪارا ڪرائي پائين. زالون پٿر تي سمهن عدت واري زال سيرانديءَ کان پڪي سر رکي، ان تي مٿو رکندي ۽ گهر جي هڪڙي ڪنڊ وسائي ويهندي، وڏي سـُـر نه ڳالهائيندي، سندس منهين ڪوبه رهائيندو مائٽ نه لڳندو، باقي پٽ، ڀاءُ ۽ پيءُ پيا ايندا ويندا. پاڻ انهيءَ جاءِ تي تسبيح، نماز، قرآن ۽ صلوات ويٺي پڙهندي، جيستائين عدت جو مدو ختم ٿيندو. ٽي راتيون پهريون مئل جي خدا ڪارڻ جي ڪڻڪ جي ماني پچائي ان تي کنڊ ۽ گيهه وجهي وڃڻي مٿان رکي، ٺڪر جو ڪؤنرو ڀري، ڏيئي ۾ تيل وجهڻ لاءِ کڻائي مسجد ۾ موڪلينديون. مسجد جي ڏيئي کي ٻاري، پوءِ ماڻهو موٽندو هن لاءِ چون ته مهند جو سوجهرو ٿيندس.

مٿا ڌوئڻ:

زالون ٻه ڀيرا مٿا ڌئنديون آهن، هڪڙو دفعو ٽيجهي يعني چويهن پهرن پورن ٿيڻ تي ۽ ٻيو گهمرو ڪنڊ (اُڪنڊ) کڄڻ واري ڏينهن تي، مٿن ڌئارڻ لاءِ تيل ميٽ موجود ڪري ڏيڻ ۽ پاڻي ڀرائي رکڻ جو ڪم به اهو ماڻهو ڪندو، جنهن پهرين ڪـُـني ڏني هوندي. گهر وارين سان گڏ راڄ واريون به فقط مٿو نوڙائي ڌئارينديون، پر گهر واريون سارو بدن وهنجي ڌوئينديون. ٻيون زالون پڻ هن ڪم ۾ مدد ڪرائينديون.

ڪڙيون ڪـُـنيون ڪرڻ:

پهرين پهرين ڪني ناٺي ڏيندو. پر زال مئل هوندي ته سندس ڀاءُ ڏيندو، پوءِ ڀائر، عزيز مٽ مائٽ ڏيندا. ڪـُـنيون ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن هلنديون آهن، جيستائين چوويهين پهر ٽيجهي جو ختمو اچي. انهن ۾ ڪانڌپو اچي ويندو آهي. ڪنيءَ ۾، چانور چڻن جي دال ۽ گيهه وجهي رڌي ديگ لاهين. اهو ڀت ٻوڙ، آچار يا ڌئونري سان کائين. پر مٺاڻ ۽ کير سان ڪونه کائبو آهي. ڪي ماڻهو ڪنين بدران روڪڙا روپيا (ننگ) ڏين. ڪنيءَ جو ڀت اوڙي پاڙي موڪلين. گهڻا ته اهو ڀت پٿر تي کائين، ڪي ته ماڳهين حيلو آڻين، نڪو ڀت اچڻ ڏين نڪو کائين. ٽيجهي جي ختمي ۾ ته وڏا ماڻهو هڪٻئي کي ماني موڪلين ته ان سان ميوات سڪي توڙي تازي به ڏياري موڪلين. ان ميوات کي ”چوڀا“ سڏين. ڪنين ۾، دال ڀت، گوشت ڀت، پلاءُ پساءَ وغيره رڌي کائين.

فقير کارائڻ يا ختمو ڏيارڻ:

ميت کي چويهه پهر گذرندا ته فقير کارائيندا. ست رَڇي رڌبي جنهن ۾: پلاءُ، ڊڳڙ، گوشت جو ٻوڙ، سيرو، کيرڻي، رڌل ڀاڄي، مڇي يا پلو، پيهون وغيره هوندا. هڪ ملو، هڪ سيد، ڪي معصوم ٻار يا ڪو پڙهيل شخص ۽ ڪي عزيز گڏجي ويهي کائيندا، ۽ ختمو بخشيندا. کاڌي کائڻ کان پوءِ سڪو ۽ تازو ميوو سندن کائڻ يا کڻي وڃڻ جي لاءِ رکندا. سرهو تيل جنهن ۾ نازبوءِ جا پن به پيل هوندا، سوپاريون، ڦوٽا، جوهر جون ٽڪيون به هونديون. تيل مان هٿ ڀري سونهاريءَ ۽ مٿي کي مکيندا.

وڃڻ مهل ملي (غسال) کي نئون وڳو جنهن ۾ ڳاڙهو رومال، اڇي ٽوپي، اجرڪ، اڇو پهراڻ، اڇي سٿڻ اڳٺ سميت سو خدا ڪارڻ ڏيندا. امير ماڻهو وري هنڌ بسترو، ٿانءَ، سونا زيور جن ۾ سئنڪلي، ٻيڙا، منڊي وغيره هوندي آهي ڏين. ڪي وري ميٽ وارو وٽو بت نچوئڻ واري اجرڪ به ڏيئي ڇڏين. زالن لاءِ به مـُــلياڻي کي ٽهه ٽهڪندو اونڌر ڏين. ٽيجهي کان پوءِ ايڪيهي تي ۽ هر جمعي جي رات مٺو ڀت، پينهون، سنيون رڌي ختمو ڏياريندا رهندا. پر ان کان پوءِ جمعاڻي چانڊاڻي به ختما ڏياريندا رهندا آهن.

ڪنڊ /اُڪنڊ کڄڻ:       

مئي جي ڪنڊ ستين، نائين ۽ بعضي يارهين يا ايڪيهين ڏينهن به کڻي ڇڏين. اها سعد ۽ نحس ڏينهن جو حساب لڳائي پوءِ کڻنديون آهن. ان ڏينهن وهنجي ”وار“ ڪنديون يعني روئنديون رات جو يا شام جو مقام تي وڃي قـُـل بخشي يا ڀڳڙا ورهائي اچن. ڪي وري مڇي ماني تياري ڪري وڃي مقام تي کائين ۽ کائي پي موٽي گهر اچن.

عدت مان اُٿڻ:

چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن پورا ٿيڻ کان ٻه - ٽي ڏينهن اڳواٽ ڊڳڙيون پچائي ۽ سيرو رڌي، ڊڳڙي سان گڏ سيرو رکي برادري ۽ سيالن کي ڄاڻاڻيءَ جو موڪلين. ان مان خبر پوندي ته فلاڻي زال عدت مان اٿڻ واري آهي، پوءِ انهيءَ ڏينهن تي راڄ واريون زالون اچي ڪٺيون ٿينديون.

ان رات جو اسر مهل ٻه - ٽي مرد ۽ ٻه - ٽي زالون عدت واريءَ سان گڏجي مقام تي ويندا. عدت واري مڙس جي بٺي ڏسي قل بخشي گهر ايندا. ڏينهن جو ”وار“ ٿيندو. سڀئي زالون پنهنجا پنهنجا قريب ياد ڪري ڏاڍو ڪاڙهو ڪنديون، پوءِ راڄ جمعدارڻ اٿي سڀني کي سوءَ لاراهيندي. پهرين سرمي جي ڪاني ڀري سڀني کي اکين ۾ وجهڻ لاءِ ڏيندي، تيل مکارائيندي، لسا ڪپڙا لاهرائي سبوٽ پهرائينديون. سڀئي مائٽياڻيون هڪ ٻن کي اونڌر ڏينديون. جن وٽ ڪپڙا نه هوندا، سي روڪڙ ڏينديون، پڇاڙيءَ ۾ ڀڳڙا ورهائي گهروارين ۽ عدت واري کي پرچاڻي ڏيئي، کٽ تي ويهاري ٿينديون روانيون. ان کي چوڻ ”پڻڇ کنيو“ عدت واري زال کي پوءِ مائٽ پاڻ وٽ گهرائي پاڻي پيارين يعني ٽڪائين.

ڇڙهي يا ڪنواري جو ميت

لاش سينگارڻ:

ڪنواري مرد کي تڙ ڏيڻ کان پوءِ مينديءَ جو سـَـنوڻ ڪن. سندس جنازي کي موڙ ٻڌي پوءِ کڻن. چون ته هاڻ هن جون لانئون قبر سان آهن. هن جو پٿر چاليهي پوري ٿيڻ تي، ختمو ڏياري کڻي ڇڏين.

زال ضاعفان جو ميت

لاش سينگارڻ:

زال کي زالون ئي تڙ ڏين، جي مـُـلي مقرر هوندي ته اها تڙ ڏيندي. زال ماڻهوءَ جي ميت کي ڪفن وڌيڪ ڍڪائين. ان جي ڇاتيءَ تي سينا بند ٻڌڻ جو اڌوال ڪپڙو هوندو ۽ پٽيءَ وانگي سڄي ڇاتيءَ کي ڦري ايندو ۽ مٿي تي رومالي [نقابو] مٿان نراڙ  کان سڄي مٿي تي ڪسابي وانگي ورائي کاڏيءَ هيٺان ٽانڪو هڻي بند ڪن. مٿانئس سامون يا ڇاڙون گنديون، پوتيون، چنيون ۽ اوڍڻيون وجهن، هن جو پڻڇ به چاليهي جو ختمو ڏياري کڻي ڇڏين. يا ايڪيهين ڏينهن کڻن. مٿس جنازي نماز پڙهي پوءِ دفن ڪن.

ٻار جو ميت

ميت سينگار:

ٻارڙي کي، پنهنجا مائٽ ئي تڙ ڏيندا آهن. ان جي ڪفن ۾ چولي ڪانه ٿئي. جوڙيءَ ۾ ئي بند ڪري ننڍڙيءَ منجيءَ تي رکي يا ٻانهن تي کڻي مقام ڏي هلن. مٿس جنازي نماز پڙهي دفن ڪن. ٽن ڏينهن کان پوءِ ان جو پٿر کڻي ڇڏين. اهي ٽي ڏينهن ننڍڙن معصومن کي پيهون کير ۾ وجهي ۽ کنڊ ٻرڪي کارائين. جي ٻار جي ماءُ جيئري هوندي ته ٽئين ڏينهن تي هٿ منهن ڌئارائي سندس جهوليءَ ۾ ميوات وجهن. سندس ڏک لاهڻ لاءِ هدايت ڪن، هاڻ ٻين جو خير گهرُ، گهڻو روڄ راڙو چڱو ناهي. الله سائين تنهنجي خالي جهولي سگهوئي سائي ڪندو يا ڀريندو. هن جي خزاني ۾ ڪائي ڪمي ڪانهي! ڏک کي پٺن پويان ڪر، رب جي رضا تي راضي رهه!

ترڪو ۽ ورثو

ترڪو:

ميت جي ملڪيت، جنهن ۾ پئسا، مال، ڍور ڍڳا، وهٽ، زمين، جايون، ڪارخانا، زيور (ڳهڻا) ٿانءَ ٿپا، هٿيار پنوهار ۽ موٽر گاڏيون وغيره جيڪي به هونديون انهن سڀني کي ترڪو چئبو يعني انهن شين کان تارڪ ٿي ويو.

ورثو:

مئل جا ويجها مائٽ، جيڪي به جيئرا هوندا، تن ۾ ترڪي واري ملڪيت، شريعت موجب ورهائي ويندي آهي. انهن ماڻهن کي مئي جا وارث چون. پوءِ جيڪو شريعت موجب سندن حصو ٿيندو سو هرهڪ کي ملندو (انهيءَ حـصي جو فيصلو علماءَ ڪندا). مليل حـصي کي ورثو چئبو.

مقام سان لاڳاپا

قبر تي وڃڻ:

        مئي جي بـُـٺيءَ تي پهريان ٽي ڏينهن مڙدي جو ڪو مائٽ روز صبح ۽ شام پيو ختمي لاءِ ويندو. اُڪنڊ کڄڻ تي زالون وڃي قل بخشي اينديون آهن. عدت مان اُٿڻ تي مڙدي جي زال، مرد جو لوڙهه ڏسي دعا بخشي ايندي آهي. ڪي ماڻهو چاليهي ۽ ٻاراهي تي به مزار تي وڃن. هر محرم مهيني جي ڏهين تاريخ ماڻهو مائٽن جي قبرن تي مٽي وجهن يا لنبائين. رمضان جي عيد تي پڻ ماڻهو مائٽن کي ختمو بخشڻ جي لاءِ ويندا آهن.

ڪو بزرگ، درويش، عالم، مجذوب، ولي، غوث، قطب يا ملڪ جو مشهور ماڻهو هوندو ته ان جي قبر، چوڪنڊي، مقبري ۽ قبي تي ماڻهو وڃن ۽ ٻاراهو عرس ڪرائين. ڪي ماڻهو باسون باسين جن ۾ جهنڊ، جاد ڏين، ڦنڊر وجهن، پڙُ ڍڪائين. ڪيترن اوليائن تي سدائين مجاور ۽ متولي ويٺا آهن ۽ ماڻهو پيا زيارتون ڪن.

مئي سان ناتا نڀائڻ:

ڪي ماڻهو رمضان شريف جي مهيني ۾ قرآن شريف سڄو پڙهي يا پڙهائي ختمو بخشارائين. مائٽن جي نالي ڪپڙا خيرات ڏين. ڪي مائٽن جي روحن لاءِ هڪ ويلو يا ٻه ويلا خيرات جي ماني خدا ڪارڻ ڪري ڏين. ڪي سرند ماڻهو مائٽن جي نالي تي ڪن غريبن کي وٺي وڃي حج ڪرائي اچن.

اوسارا ۽ پار

اوسارا: اصل لفظ ”انوسريا“ جيڪو گهڻي استعمال کان اوسارا ٿيو آهي، امامن جا اوسارا دهل جي وڄت جنهن کي ڊڍ يا ڍنڍ چون تنهن تي چون. ڪي وري وڏن ماڻهن اميرن، نوابن ۽ پيرن جي موت تي چون. پر هاڻ وڏن ماڻهن تي ڪونه اوسارين، فقط امامن کي اوساريو ويندو آهي، جنهن کي ”پڙ“ به ڪوٺين.

پار: اصلي لفظ ”پاروڻا“ جيڪي وعدا، ٻول، انجام، سخن ۽ وچن ڪجن، گهڻي استعمال کان فقط پار لفظ رهيو آهي. اهي پاروڻا روز الست جا آهن. جو روحن کان رب سائين پڇيو هو ته الست بربڪم چيائون ڀلا. آءٌ توهان جو پالڻهار ناهيان؟ چيائون هائو. پار ان وعدي پوري ڪرڻ جي يادگيري ٿا ڏيارين. زالون سڀڪنهن ماڻهوءَ جي موت تي پار ضرور ڪڍن. اُهي اهڙيءَ ته جهيل، آلاپ ۽ جذبي ۽ جولان سان چون، جو پتوئي پگهرجيو وڃي! سخت دل ماڻهو به هيڪر ڪونئرو ٿيو پوي.

پار، ڪنهن علم عروض جي يا موسيقيءَ جي قدرن مان ناهي. پار اَندر جو اُڌمو آهي، ڏک درد وارين زالن جي هانءَ جي باهه آهي، جا ڀڙڪو ڪريو ٿي اُڀري ۽ ان جي گهٽجڻ تي ڏک هلڪو ٿيو وڃي! هن جا مختصر جملا پر بيان حقيقت کي نروار ڪن ٿا:

پرڻيل مرد تي پار:

رَنون هوند نه چڱيون، توڙي بادشاهزاديون هون!

*          *          *

رَنون رَنون نه چئو، رنون روهه جيئن!

*          *          *

ڀتين ڀرويهي گهڻا گذارين ڏينهڙا!

*          *          *

ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، مٿو اگهاڙو!

پيءَ ماءُ تي پار:

مائٽ ڪن جا نه مرن، مرن ڏکيون ڌيئرون!

مائٽن ري ڌيئرون، ڪوٺي ڪنهن نه پڇيون!

*          *          *

ساڳين سان سڱ، منهنجو ويڳين سان وراڪو!

*          *          *

مر مران آءٌ، منهنجن ڪيچن کي ڪيم ٿئي!

ڀائرن تي پار:

ڀائر وڏي وکري، مر حياتي هون!

جيئري ٻر ٻانهن جو، مئي ڪلها ڏين!

*          *          *

ڀائر مڱيا نه ڏجن، ڏجن هاري ڏاند!

*          *          *

ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، منهنجي ادل لائي اوير!

پٽ تي پار:

پٽ ڪن جا نه مرن، مرن ڏکيون مائرون!

آءٌ ته لوڏيئين لال، پينگهه وٽائي پٽ جي!

*          *          *

ڪنگوءَ رتئي ڪپڙا، مينديءَ رتئي پير!

*          *          *

مرن سڀ طبيب، جن ٻڪي ڏني نه ٻاجهه جي.

*          *          *

پٽن مايڙون، روئيو راڄ پڇن!

*          *          *

راند ڪندي ريل ۾، تو ڪيئن جهٽايو پاڻ!

ڌيءَ تي پار:

مري ڪام جواڻ، جواڻين جوکو مَ ٿئي!

*          *          *

مائون ته ڌيئرون، توڙي هئن ڀينرون!

*          *          *

هجنئي سڳي ماءُ ته ٻڌنئي سورن سندرو!

*          *          *

لالر آءٌ لڙي، تو گهڻا لايا ڏينهڙا!

ميرن، پيرن ۽ مرشدن تي پار:

ڪونڌر ڪنڌ سندن، پاڳون سندن دُنباريون!

*          *          *

پيرل (ميرل) پاءِ پير رڪيب ۾، گهوڙي سونا سنج!

*          *          *

پيرل (ميرل) ڪٿي گهوڙو باهڙيو، ڪٿي ڇڏيئين سوار؟

*          *          *

پٿراڻيءَ پير ڌرين، تنهنجو رُنو وهاڻو!

عام پار:

ڪونجن ڪوهه ٿيو، منهنجون وري وطن نه آئيون!

ڪونجن ڏٺا ڪکَ، منهنجون ڍٻَ ڏسيو ڍرڪيون،

ڍرڪيون ڍول مٿان، منهنجون اڇي بوڇڻ واريون!

بيتن ۾ پار:

ڪانگل! ڪڄاڙو ٿيئي، پئين پٽ ڪري؟

ڪڏهن اُس تڙڪو نه سٺئي، اڄ سارو ڏينهن لنگهيئي؟

ههڙا حال ڏسي، تولئي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا!

*          *          *

تن سـَـڪن ڪهڙي سار ڪ وٺا مينهن ملير تي!

*          *          *

مئا منجهه مقام، سـِـڪن ٿا سلام کي!

*          *          *

جي مارئي نه ڄائي، ته هوند مارو پيا نه مامري!

*          *          *

ڪچ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا!

پڃرو جو پاپن جو، چوٽيءَ تائين چـُـور!

*          *          *

هو ٿا پلاڻين منهنجو هينئو ٿو هيڻو ٿئي!

تنگ مهارون توبرا، بيٺا جت جڙين!

ٻاروچي ٻولي ڪري پنهون پاڻ سان ٿا نين!

--------


(1) اکين جي ڇپرن مٿان حج تان آندل محمد +  جي نالي جي ڇپيل مٽيءَ جون مهرون به رکندا آهن. (ليکڪ)

(1)  ڪائي يعني ڪاين واري. ڪايو ڇليل ڪائيءَ کي چون. اها ڪائي ٻن لڙهن جي وچ ۾ ڏڪ ٻڌي ڏاڪڻ وانگر ٺاهيندا آهن. جا ميت جي قد جيتري هوندي آهي. (ليکڪ)

(1)  ڪٿي ڪٿي تربت مٿان ٺڪر جون ڪـِـريون يا ڪونجيون ۽ ڪؤنرا به رکي ڇڏين. سرند ماڻهو ٽن ڏينهن کان پوءِ گاري ۽ پڪين سرن سان قبر ٺهرائي ڇڏين نه ته به ايندڙ محرم مهيني تي تربت ٻڌائي ڇڏين. (ليکڪ)

(1)  پهت جو مطلب پڄت آهي. پهت، پـُـڄڻ مان نڪتل آهي يعني پاڻهي پاڻ سان مشورو ڪري ڀاءُ ماڻهوءَ سان پير کڻڻ يا برادريءَ ۾ مدد ڪرڻ. (ليکڪ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org