سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 10

صفحو :15

 

رنگن موجب نالا:

ڪارو يا ڪالـُـو، هن جو رنگ چند ڪارو هوندو آهي. ٻهڙو يا ٻهوڙو، ڪي به ٻه رنگ گڏوچڙ هوندا اٿس.

راڱو:

        ڪنهن به رنگ مٿان وري ڪارا پٽا پٽا هوندا اٿس.

ڪمانگر:

        ٽن چئن رنگن وارو يا ڪوراڙ بلا جهڙو هوندو آهي.

چيتو:

        ٻـُـڙ ٻـُـڙ ياداڻ داڻ بدن تي هوندي اٿس.

هيرو:

        صفا سفيد رنگ اڇو هوندو آهي.

ڪـَـڪڙ:

        خاڪي رنگ تي مائل هوندو آهي.

بادامي:

        ناسي رنگ تي يا بت تي ڳاڙها ۽ ناسي ڇـُـٽا ڇـُـٽ هوندا اٿس. ٻيا آهن ڪارا ڳاڙها پيلا رنگن وارا.


 

نسلي نالا:

        1. تازي: ٻـُـوٿڙي چهنبدار، هلڪو پوشيدو، قدبت ۾ ڊگهيرو، سنهڙي وَرَ تي پڇڙي وڏا ۽ شوقين ماڻهو ڏيک ويک واسطي ڌاريندا آهن 2.کارائي: لاڙ ڀاڱي جو ڪتو، ٿلهو، وڏو ۽ بدن موڪرو 3. بوجو يا بوجرو: گهڻن گهاٽن ۽ وڏن وارن وارو، جنڊ ڪتي يا ڪتو، شهري ٽؤنڪندڙ ڪتو 4. پستو: ننڍڙو، بندرو ۽ ڊمڪو ڪتو. 5. دونر: دونهير يا دنير، ٿلهو، ڊگهو ويڪرو ڪتو هوندو آهي. منهن ۽ وات وڏو هوندو اٿس. ٻلڊاگ: ولائتي نسل جو وڏي ويڪري وات ۽ موڪري مغز، ڊگهي قد وارو ڪتو، بلٽري، وڏين واڇن، وڏي مغز، اونهين اکين ۽ ڇوٽي قد وارو ڪتو، وولف ڊاگ، ڪتي ۽ بگهاڙيءَ جي ميلاپ مان پيدا ٿيل ڪتو. ڪي ماڻهو پنهنجي پسنديءَ موجب به ڪتن تي نالا رکندا آهن. جهڙوڪ: موتي، هيرو، بگهڙ، سڀاڳو، مڇڏ، شينهن مار، ڏينڀو، ڀؤنر، پلڪي وغيره(1) .

        ڪتو رکي رکي جيڪا ڊگهي رڙ ڪندو آهي، ان کي اوناڙ چون. گهڻا ڪتا، جهول ضلعي سانگهڙ ۾ هوندا هئا. جن تان مشهور چوڻي آهي ته ائين اچي گڏ ٿيا، جهڙا جهول ۾ ڪتا.

ٻلي:

        ”ٻليءَ جو نسل دنيا جي خوبصورت ۽ سگهارن جانورن ۾ ٿئي ٿو، شينهن، چيتا، تيندوا، جهنگليون ٻليون انهيءَ نوع (Species) واري نسل سان لاڳاپو رکندڙ آهن. سنڌ ۾ گهرو ٻلين کان علاوه جهنگلي ٻليون به ٿين.“(2)

        ٻلي يا ٻليءَ جي پلونگڙي کي ماڻهو شوق لاءِ ڌاريندا آهن. ڪٿي ڪٿي رڳو ڪئن مارڻ لاءِ يا ڪو رنگ وڻي ويندو اٿن يا بج گهاٽا لسا ۽ نرم هوندا آهن ته چاهه پئي پاليندا آهن ۽ هن کي کير پياري وڏو ڪندا آهن، ۽ ماديءَ تي کيري ۽ پسي نالا رکندا آهن. چوڻي آهي ته: ”سٺ ورهين جي ٻلي اڃا پئي ڪوٺجي کـِـيـِـري،“ ٻليءَ جي عادت هوندي آهي ته ماڻهو ڀلي لڏي وڃن، پر ٻلي اها جاءِ نه ڇڏيندي آهي، جتي نپجي وڏي ٿيندي آهي. ٻلي ڇهين مهيني ويامندي آهي ۽ ٻه - چار پلونگڙا ڏيندي آهي. هن جا ٻچا هفتو کن نپٽ انڌا هوندا آهن ۽ پوءِ مس مس اکيون کوليندا ۽ ميائو ميائو ڪري ميڪندا آهن. ٻلي بلا توڙي ڀٽون (وڇونءَ) کي ماري ڇڏيندي آهي. ٻلين جا ڪيترائي رنگ ٿيندا آهن، جن ۾ ڪي لسا ته ڪي دٻڪن وارا هوندا آهن. وسئون ٻلي کي ڪو ڪونه ماريندو آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ سنسو ويٺل آهي ته جيڪو ٻلو ماريندو، تنهن تي ”ست ورهي پونديئ“/”ساڍي ست ورهي پوندي“ يعني پورا ست سال گهر جو منهن ڏسڻ نصيب نه ٿيندس. ڀاست سال تڪليف ڏسندو. ٻلي رات جو اونداهي ۾ تمام چٽو ڏسندي آهي، تنهنڪري کانئس ڪئا ڀڄي نه سگهندا آهن.

چڙون چٿرون، سٺون جٺيون، چرچا ڀوڳ ۽ ٽوڪرون ۽ مذاقون:

        “کل، ڀوڳ، انسان جي فطرت جو هڪ حصو آهي. ظرافت جا ڪيترائي قسم آهن. لفظن وسيلي، جسم جي حرڪت وسيلي، شاعري وسيلي ان جو اظهار ڪيو ويندو آهي.(2)

        هي معاملو اهڙو آهي، جهڙو ڪنهن ماڻهوءَ جي سرشت ۾ قدرتي طرح لاڇوٽ ۾ چرچو هڻڻ، رت ۾ جنبش يعني نچڻي شاعريءَ جو شعور ڏات طور ڀريل هوندو آهي، تهڙي طرح مٿيون مڙئي خصلتون يا رمزون ڪن ٿورن ماڻهن ۾ هونديون آهن. اُهي ئي ماڻهو انهن کي چڱيءَ ريت نڀائي سگهندا آهن. جيئن چٿر، ٽوڪ يا مذاق ڪندي اڳلي تي خار، غصو، ڪاوڙ، مٺيان ۽ چڙَ چڙهي وڃي يا نه چڙهي ۽ ڏند ڪڍي کلندو رهي.

هتي جي حاڪمن جي درٻارن ۽ ڪچهرين ۾، شادين مرادين ۾، ڇيڙن ونگارن ۽ آبتن ۾، جنگين ۽ لڙاين ۾، شڪار جي موقعن تي پڻ چرچا گهٻا، مسخريون ڀوڳ، جٺيون تعديون، کلاساڻيون ۽ خوشطبعيون ٿينديون هيون. سنڌ جي ملوڪن انهيءَ ڪردار کي به مهمان نوازيءَ جي نيهي وانگر خاصو نڀايو هو. ڪيترن ئي قسمن جي چهچٽن، سانگن، چـُـٽڪن ۽ لطيفن ۾ پاڻ ملهايو ۽ موکيو هو ۽ داد حاصل ڪيو هو. انهن مان ڪي مختصر واقعاتي ورونهون پڙهندڙن آڏو پيش ڪندس ته اندازو لڳائي سگهن، ته هتي جا پـُـرس، رُک مـُـهان نه، پر کـِـل مـُـک ۽ خوشمسخرا هئا.

چٿرون:

        ٻار خطاب [مڪتب] ۾ پڙهڻ واسطي مائٽ ڇڏيندو هو، ته جيڪو ٻار هڪڙ، ٻتڙ يا ٻاتو هوندو هو ۽ اهو جيڪي غلط سلط الفاظ يا جملا ڳالهائيندو هو، ته ان تي نالو ئي انهن لفظن وارو رکندا هئا. مثال: هڪ ڇوڪر نالي عرس کي مڪتب ۾ ويهاريائون. هو ناٽائو هو. جڏهن خـُـطابي کنڀڻ ايندا هئس، ته ماءُ کي چوندو هو ته .امان آءٌ بوباڻي يعني سڀاڻي ويندس. ان تان هن تي نالو عرس بوباڻي پئجي ويو. وڏي هوندي به ڪنهن سٿ منجهه، شادي ۽ وهانءَ ۾ پڇا ٿيندي هئي، ته عرس بوباڻي الائجي آيو يا ڪه نه؟ انهيءَ طرح ٻارن تي استاد سندن ڊيل ڊول، ڪار حرڪت، ڪـُـند ذهين ۽ ڳالهاءُ موجب نالا رکندا هئا يا شاگرد ۽ عوام اهڙا نالا چونڊي رکندو هو، جي هن جي خصلتن سان ٺهڪي ڦهڪي اچن. ڪن تي وري سندن تڪيه ڪلام وارو نالو ڌريو ويندو هو، گهڻن ماڻهن جا تڪيه ڪلام وارا لفظ هن قسم جا آهن: ٻڌءِ نه، جيڪو سو، جنهنڪري، چڱو خاشو، خيرن سان، الله توکي نيڪي ڏي، ابي کي چوان، اگر مگر، جيڪو سو مگر يعني، يعني، ۽ انهن کان به گهڻا وڌيڪ لفظ آهن، جي ماڻهو استعمال ڪن ٿا ۽ انهن لفظن سان سڏيا وڃن ٿا.

نصرپور ۽ بڪيرا شريف تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ڪوبه ماڻهو مئل توڙي جيئرو اتفاقي رهيل هوندو، جنهن تي ٻيو نالو جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”ال“ چون، پڇ وانگر اٽڪايل نه هوندو، جنهن ۾ سندس عيب ثواب ڏيکاريل هوندا آهن. نصرپور ۾ ته هڪ قبيلي کي بـُـدا ۽ ٻئي قبيلي وارن کي...... سڏين. هو ان تي چڙن ئي ڪونه ۽ خوش ٿي جواب ڏين.

ڪي ماڻهو ”پوڙهي“ چوڻ تي، ڪي ماما يا ڪاڪا ڪوٺڻ تي ڪاوڙجي پون. اهي پاڻ کي پنهنجي خيال موجب ڄمار ۾ ننڍڙو هئڻ سمجهندا آهن.

        هڪ ماڻهو ”ڪوڏيءَ“ تان چڙندو هو، ته ماڻهو انهيءَ کي ڪوڏي ڪوڏي چئي ڪپڙا لهرائيندا هئا يعني پاڻيءَ مان ڪڍندا هئا. هڪڙو پرديسي اتفاقي هن جي ڀر مان اچي لنگهيو ۽ کنگهيو. هن جو کنگهڻ ۽ چڙيل جو اتي ئي گارين جي رک ڪڍي بيهڻ. نڌان هن پرديسيءَ هن کان پڇيو ته ادا، مان ته ٻاهرتـُـو ماڻهو آهيان، مون ته ڪڏهن تنهنجو نالو ورتو ئي ڪونهي، پوءِ مون تي هيءُ گارين جو برهڙيو ڇولاتو اٿئي؟ هن چيو ته ”تو مون کي ڪوڏي ٿي ڪوٺيو، پر ڊڄي کنگهڻ لڳو آهين. اهو توکي ڳوٺ وارن ضرور ٻڌايو آهي، ته هيءُ ڪوڏيءَ تي ٿو چڙي.“

        خطابين مان ڪن جا نالا پيريءَ تائين هلندا ايندا آهن ۽ ڪڏهن به بدلجي نه ويندا آهن، مثال طور، ڪپ، گوڙو، ڀڳت، ٻگهلو، ڊُٺر، مڇر، منگهڻ، دَتـِـر، لغڙ، ٽانگڙ، جل ڦٽاڪو، ڪبوتر، ڳجهه، ڪڪڙ وغيره.

چڙون:

        ڏوٺ ڏمر، چڙ خار، ڪاوڙ مٺيان، غصو نفرت، ڪست، ڪرٽيون کائڻ، وڏوڙڻ ڏند ڪرٽڻ، ڳاڙهو ٿيڻ ٽامڻي هڻڻ واسطي ڪنهن تي غلط الزام / بهتان/ڏوٻاسو/تهمت ٿڦڻ، اوڀالو ڏيڻ، اُهو اِهو ڪرڻ، ڄڻ باهه تي تيل هارڻ جو ڪم ڪرڻ آهي. هتي چيڙائڻ يا پاڻيءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ هيءُ لفظ ڪتب آڻين: چـُـخي! تيلي! کنڀ! ٽين! ڪـُـڙ! هـُـش ٻلي، ٻچا ٿي تڪين!، اَخ ٿوُ!، ٻوڏ!، ڦوٽ!، هل جلوان!، هل الڪـَـان!، هل مڄو!، هل ڀـَـڪـُـو!، ليڙ پيا!، ڦاڙي ڦاڇڪو!، ماءَ جا وڌيڪ!، ائين ته نه ٿيو!، ڇل ڦوسي آکيري!، ٿـُـڪ ٿئي ڏاڙهيءَ ۾!، ٽارو ٿئي جو ٽريو آهين!، ڇا ٻلي ڇا جلاب!، اڃا دلي دورُ آهي! ڪتو ڪتو! چريو چريو! ڀلا منڪر! ڀلاڙي موذي! ڀلا مروانَ! کرُ، کودي! تووي (ڀـُـوڪر)!، کـِـلُ ڪتل!، ڊينج ڪتل نئوناريل! ڀلا لعنتي! ڍري ڪر! ڇڪ اڳتي! جوءِ جا مريد! جوءِ جا مهري!، ڀلا ڪنٽور پڇ ٿو هڻين! ڀلاڙي مکُ مٿو ٿي پٽين!، ڪوڙو دُرڙو!، ٿـُـڪ پٽ تي ڇڏي وري چٽ! تنهنجي ٻچيءَ تي نماز رها“!

        ڪي ٻار هڪٻئن جي نالن وٺڻ سان به چٿر ڪن:

        چون عرس، نڪي زال نڪي مڙس!،

        علي، ٿوم دي ڦلي!،

        لالو، ڪالو!،

        ڪاڻو اک بداڻو!،

        ڦتن، ڦڏئي!،

        صديق، ماري تيڪ، ملا ڇوڙ ڳيا مسيت!

        هاجران گاجران کائي ڪچا ٻير، اُٺ جيڏي اوجهري گابي جيڏا پير،

        مهربان، عاليشان، ڀڳل کٽولو ڇنل واڻ، جنهن تي ويٺو فلاڻو خان.

        ڪي وري ننڍڙن ٻارن کي هن طرح چيڙائين: چؤ چيڪو ميٽ، هو چوندو ميٽ. مٿان وراڻي ملنديس: ڦاٽئي پيٽ!، چئو ڪارو کٿو. ڀڄئي مٿو!، چئو ڪاريون مريون. ڀڄئي تريون!، چئو کنڊ. ڀڄئي ڪنڌ!، چئو ڪانو، گدڙ تنهنجو نانو!، چئو پاڏو. گدڙ تنهنجو ڏاڏو!

شڪارين جون چٿرون ۽ ٺٺوليون:

اڳي سنڌ ديس ۾ مرونءَ [سوئر] جو شڪار عام طرح ڪيو ويندو هو. ان جي مارڻ واسطي ڪتن جون لوڌون، ڏڦيرا، هاهوڙيا، دهلاري، توبچي يعني بندوقچي ۽ تماشبين وڃي گڏ ٿيندا هئا. اتي جي اوچتو مرون ٿمَ مان نڪتو ۽ ماڻهن جي پاسي رخ رکيائين ته ٻانهين جون ٻانهيون ڀڃي وڃي پار نڪرندو هو. اهڙي موقعي تي يارن جي حالتن جو نقشو ٺٺولين رستي ڪڍي کل جون ماڪون وجهندا هئا. چوندا ته، سوئر، ٿـَـمَ مان نڪرندي ئي فلاڻي توبچيءَ کي اک ڏيکاري چيو ته “اڙي ڇڏ بندوق اتي، يڪدم چڙهه وڻ تي!، بس يار پوءِ ته توبچيءَ کي ڪنڊي ڪرڙي جي ڪابه ساڃاهه ڪانه ٿي پيئي، اک ڇنڀ ۾ ٻٻر جي چوٽيءَ تي ويو! وري مرونءَ منهن دهلارين ڏي ڪيو، پوءِ ته پٽڪا، جتيون ۽ شرنايون ڇڏيندئي اتي مڙسن تار لوڙهي تان وٺي جو ٻــِـڌ ڏنائون ته تيليءَ کڙڪوبه ڪونه ٿيو! فلاڻي اڃان مرونءَ جي هڏڪار ٻڌي ته اَتي سڪي بنڊ ٿي بيهي رهيو. ابا ڏسون ته فلاڻو به ڀر ۾ بيٺو ڀنگ ڇاڻي! پر واه ڙي واه فلاڻا توبچي، ڪارتوس لـَـڌُس ئي ڪين، تنهن هوندي به دونالي بندوق ۾ ٻه مرچائي پڪوڙا وجهي ٺڪاءُ جو بندوق ڪرائي، ته سوئر جا اتي پير، ته اتي ڪنڌ! انهيءَ ريت چرچا ڀوڳ ڪندا هئا ۽ کلن جا ڪوڪريا وجهي ڇڏيندا هئا. سائين، پوليس جي وراڙي مهل، يارن جون جتيون ۽ پٽڪا مڙيندي هئا حال! پنج پـُـرهي ڀت تان اهڙا ته بل ڏنائون، جو ڀت ٻاڙي يا گرانٺ پئي ڏسڻ ۾ آين ۽ فلاڻو واه، جيڪو مولهاٽو مٿي تي ٻڌي اُڪرندا هئا، سو گهر اچي سنڀال ڪيائون ته الائجي ڪيئن اُڪري آياسين! ڪي ته اتي ئي ڊهندا سٿيون ٿيندا دَن ٿي پيا!

موالين جون چٿرون:

        هڪڙو موالي جنهن ٻئي مواليءَ جو حقو ٺهيل ڏٺو ۽ هو ٿورو پرڀرو پاسي تي ويل هو. حقي جو هٿ ۾ نڙ کڻي چيو:

پنُ نه اٿم پاند ۾، پهرين ويٺو پيئان،
جو دم شال جيئان، ته هٿ نه ڪڍان حقي مان.

هن ايترو چيو، تيستائين حقي جو ڌڻي اچي ويو، ۽ اهو ٻولڻو ٻڌي ڄري ويو، يڪدم هڪڙو هٿ هن جي ڳٿڙ ۾ وجهي چوڻ لڳو:

پن نه ٻڌين پاند ۾، پهرين ويٺو پيين!
وجهي هٿ ڏاڙهيءَ ۾، جوتو لاهيو ٿو بيهيين،
پوءِ جو دم پيو جيئين، ته هٿ لايين حقي کي!

هڪڙي چوڻي آهي ته:

موالي ويهن مچ تي، ته سـَـو سـَـو بڪواسون ڪن،
صبوح جو، جو اٿن، ته هڪ نه هجي هانُ ٿي.(1)

جنگ جي ميدان ۾:

        يار، تلوارن کي تيورن کان تيار ڪرائي جا مڪين کي جرڪائي، گهوڙن کي ميدان کڻائي، جڏهن پـِـڙَ تي پهتاسين ته فلاڻي کي گهوڙي تان لهڻ شرط اچي پيٽ ۾ وڪڙ پيا، دست بيهنس ئي نه! همراه کي تريون پيا هڻون، دلداريون پيا ڏيون، ته متان هيڻي ٻولي اٿئي، اجهو ٿا ڀڳڙن وانگر ڀڃو رکون، پر يار جو ڪاڪڙو خشڪ، مٽ پاڻيءَ جو پي ويو. چوي ته امان الائجي ڪٿي آهي! فلاڻا ته اهڙا باهڙيا جو ڏس جي خبر نه پوين، اصل دشمنن جي مورچن مهندا وڃي بيٺا، هاڻ نه اڳتي ٿين ته نه پوئتي! وايون ولهليون [ولڙيون] ٿي وين، موت اکين اڳيان ڏسي هوش حواس گم ٿي وين!

ڌاڙيلن جي اچڻ جو ٻڌي، وڏيرن گهوڙن جون نڪي ڇوڙيون اڳياڙيون ته نڪي کوليائون پڇاڙيون، اگهاڙين پٺين تي ٽپ ڏيئي لانگ ورائي ويهي رهيا ۽ وٺي جو گهوڙن کي تڙيائون ته گهوڙا ڪلا پٽائي وٺي ڀڳا، پوءِ پڇاڙيءَ وارو ڪلو ڀڄندو ڀڄندي ٺڪاءُ ٿيو وڃين ٽپڻ تي يا ڪياڙيءَ ۾ ته پويان ڏسن ئي ڪين، چون ”گٿو آهين ڀاڙي گٿو!“ گهر پهچڻ تي به زال کان پيا پڇن ته: ”مائي! کهنبڙيءَ جو ڏس ڏي هتان باقي ڪيترو پنڌ پري آهي؟“(1)

شاديءَ وهانءَ وڌاڻي تي، سانگ ڀوڳ حجتون ۽ چٿرون:

        فلاڻي جي شاديءَ ۾ فلاڻي ماڻهو پندرهن پاٽيون سيري جون کاڌيون، سيرو اندر ۾ ٻـَـجهي پيس، نه ساهه کڻي سگهي نه ڳالهائي سگهي. پوءِ کڻي وڃي پاڻيءَ ۾ “اڇلايائونس چئن ڪلاڪن کانپوءِ همراه مس مس ڳالهايو، پوءِ جلاب ڏنائونس شاديءَ جو سيرو اهڙو لڳس، جو ڇهه مهينا کٽ تي پيو هو، چـُـڙي چـُـڙي اٿيو آهي. فلاڻي کي چيوسين ته گهن مـَـشن وانگي وڃين ٿو ڀت رڙڪيندو. وچ ۾ پاڻي پيءُ ته چڱو اٿئي. چيائين ته پاڻي پيئندس ته هاضمو خراب ٿي ويندو. فلاڻو شادي ۾ ويهي ئي نه، نڪي ٻار ٻچائي ڇڏي. هوڏانهن جوڻس جي ويڳي ڀاءَ جي شادي هجي، ديڳون لٿيون پيون هجن. جيڪو وٺڻ وڃيس ته ٽي تريون هڻيون هڪليو ڇڏيس. چوي ته مون کي توهين کـَـلي تي کـِـچڻي ٿا کارايو. ڌرتي اُٿلي ٻه پڙ ٿي پوندي، هرگز نه ويهندس. نياڻيون اوراڄا ڪري ميڙ وٺي ويس. پير فقير وٽس درؤن اندر مٽي ويا، پر چئي ته: ”ڪـَـهي سا رهي ٻولي ٻاروچن سان.“ آخر سندس ننڍي هوندي جو سنگتي وٺي وياسون. بس ان کي ڏسي ڏند ٽيڙي کلڻ لڳو. ککو وکو ٿي پيو چئي، يار تون نه اچين ها ته آءٌ قسم کڻيو ويٺو هوس. هن ٻه - ٽي ٿڪون هنيس، ٻه - ٽي ڀونڊا هڻي، آڻي ڀائرن ڀيڙو ڪيائينس. جڏهن پوئي يا پاهت اڳاڙڻ جي مهل ٿي ته فلاڻي چيو ته مون کي سڌ ڪانه هئي، پسئو پاڻ سان ڪونه اٿم، لکي ڇڏيو. ڪـَـتي کڻي ڍڳو وڪڻي، پوءِ پاهت ڏيندس. فلاڻي چيو پوئو ڏيان ٿو، پر اهي روپيا جهڙا ڪر کوههَ ۾ اُڇليم. پڇيائونس ته ڇو؟ چيائين بس ”ڀاڙيو گهوٽ ته منگتا ڄاڃي!“

سـِـٺون:

ڪو وقت هو ته سـِـٺن واري نظم جو سنڌ ۾ وڏو مان هو. اهو ئي شعر پسند ڪيو ويندو هو، جي مسخرا ڪا مسخري يا ٺٺولي ڪندا هئا، ته سٺون سڻائيندا هئا. ان وقت جون ڪجهه سٺون هـِـت ڏجن ٿيون:

کر کودڙيو، کرَ کودڙا، تن جا ٻٽيءَ چوٽ ٻيهاڻ،

تن جي رهاڻ، گلو ئي گارڪيو.

*      *      *

هوند ري، حريف کي، چريو سڀڪو چوءِ،

ملهي اچي مارڪي ته ويهاربو پوءِ!

*      *      *

بي بـُـڻو، بڇڙو، ڪميڻو پيٽ ڀريو کائي،

ملهي اچي مارڪي ته سائين پيو سڏائي،

جي ڳميو پيو ڳالهائي، ته به بختاوَر آهي بودلو!

*      *      *

ڪميڻو ڪپڙا ڪري ٿو ڏسي پنهنجو ڏيل،

ڏسيو پنهنجي ڏيل کي ٿو دؤڙائي دليل،

ته مون جيها ملڪ ۾ هوندا ڪي قليل،

جڏهن گڏيس اصيل، ته وڄائون ويس وسري.

*      *      *

ڪوڙا قاضي پاڻ مان، ويا فرق ڇڏي،

چڱا مڙس لڱا ٿيا، ڳالهه وڌئون گڏي،

هاڻي کپي اشراف کي، ويهي توڙي لڏي.

*      *      *

رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان جنهن جي ٻولي ٻي،

سرمنڊل جي ساز مان سانڊو ڇا سمجهي،

جيڪو هندي ڄاڻي ڪينڪي، تنهن کي سنڌي ڇا سلجي!

*      *      *

رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا،

نڪي لائين دوستي، نڪي ڏين جواب.

*      *      *

ڳوهه، اڳيان ڳالهاءِ، جي کڻي مرليون محبت جون هڻين،

ته به ڦـِـڪيون ڏيندي ڦوڪون، جن ۾ لاءُ نه ساءُ،

هن موڳيءَ کي مجلس جو، ناهي سـُـڌ سماءُ،

نور، کپر کي نه پئي، پـِـرتين ڳالهه پساءُ.

*      *      *

ڦلو، هڪ ڳوٺاڻو هو مزي جهڙو واڻيو هو،

ڏينهن جو فقير هو، رات جو امير هو.

ڄاڻندو اکر به ڪين هو، پڙهندو هو وڏا پستڪ.

پارسي هئائين پنهنجي ٺاهي، انگريزي هئائين نئين بنائي،

ڳالهيون اُن جون سڻي ها ڪو. کـِـلِ ۾ اونڌو ٿئي ها سو.

*      *      *

ڪريما جا بجڪا کڻي ويا ڇهه چور،

ٻه انڌا ٻه منڊا، ٻه لوٺيا لغور.

*      *      *

جتي هنج هئا اتي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا،

ويچارا ”وليداد“ چئي ولر ڪري ويا،

وڃي اَلَ پيا، انهن اوطاقن ۾.

*      *      *

اڄ ڀي الله جا ڪي عجب رنگ ٿو ڏسان!

جتي پير ماڻهوءَ جو ڪونه هو، اتي لچن جا لنگهه ٿو ڏسان!

جي صاحب سخا جا هئا، تن جا پويان پنندي ملنگ ٿو ڏسان!

جن وٽ عدل انصاف هو، اتي ليلائيندي للهنگ ٿو ڏسان!

جيڪي قاضي قضا جا هئا، تن جا پويان پيئندي ڀنگ ٿو ڏسان!

جتي هوٻو هنجهن جو هو، اتي ڪارا ڪنگ ٿو ڏسان!

جتي محبتي ماڳ هئا، اتي سدائين جهيڙو جنگ ٿو ڏسان!

چئي محمد فقير ته اڃا به ڪيئي، الله جا رنگ ٿو ڏسان!

*      *      *

ڪـُـڪـُـڙ تنهنجا قائم هونداڪونه کڻندن ٻلو،

ڀري ڏي فقير کي تنهنجو ڀاوَن ڪندو ڀلوَ!

*      *      *

آتڻ پوڻي آتڻ پوڻي، پاند تيڏي ڪـَـڪي،

پار ٻهندي ماڙيءَ هيٺون، تند هزاري ڪـَـتي،

ڙي ٽانڊي دا بهاناڪيتي، يار ڳوليندي وتي!

*      *      *

ٻه ٻچاپڙا، ٻه گهرَ ويڙهائو، ٻيئي ٻـَـن ڏجن،

بيهيَ وچ بازار ۾، پئسي پنج وڪڻجن،

جي خريدار ڪـُـرڪن، ته ڏهه به ڏيئي ڇڏجن.

*      *      *

ويا مور مري هنجهه نه رهيو هيڪڙو،

انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

*      *      *

کڏَ کوٽيندي پٻڻ گـَـتي لاهيارو ٿو وسي،

لـِـنڊ ته ڪڍون ٻـُـچين جو، ڪنهن دڙيءَ مٿي دسي.

*      *      *

ٻٽيهه منڊ منڊي ۾ اسيءَ ۾ ڪاڻو،

شيرو شرارتي ٿيو، شمرو آڀاڻو،

گنجو ساماڻو، ته مـِـڙن کڻي ماٺ ڪئي.

*      *      *

بيوقوف بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ،

اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ سار لهي ساٿين جي.

*      *      *

نه پير عيسيٰ، نه پير موسيٰ، بڙا پير پئسا،

خانڻ خوشامد ان جي ڪري، جنهن جا پـُـر هجن کيسا.

*      *      *

آخر مليو نه جي رب ٻيو سڀ مليو، ته ڇا ٿيو؟

دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو، ته ڇا ٿيو!

هر علم ۾ ٿي ڪامل، پڻ ڪر عمل کي شامل،

عالم ٿيو نه عامل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو!

آهي ”قليچ“ ارمان، ڪيو شرڪ توکي شيطان،

من جي نه ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو!

*      *      *

ٻـَاڏيءَ ليکي ٻه، ٽيڏيءَ ليکي ٽي، پر وچان ئي واحد هـِـيڪڙو.

*      *      *

مرد مانَ سان، رَنَ ران سان،

گانڊو نان سان، ناڻو جان سان،

گهم ”ڌنا“ ڌيان سان.

*      *      *

اُتاولي عاشق ۽ چالاڪ محبوبه جي سـِـٽ:

اَتاولو عاشق:

قرب ۾ تنهنجي قريبّ! ڪـُـسي ٿيس ڪباب،

يا ته لايو دوستي يا ته ڏيو جواب؟

چالاڪ محبوبه:

سڪ ۾ تنهنجي سپرين آءٌ به پلي جيان پچان،

روپيو ڏي روڪڙو، پوءِ جت چئين اُت اچان؟

اتاولو عاشق:

لکن جهڙي لاڏلي، شاهي تنهنجو شان،

واسطي رپئي هڪڙي پنهنجو وڃائين ٿي مانُ.

چالاڪ محبوبه:

مانُ ته منهنجو مصطفيٰ رکيو سيد سچي،

جي تون نٿو ڏين ته ٻـِـن وارو ٿو اچي؟

اوتالو عاشق:

ٻن وارو ايندو ڪينڪي جاسين ٿو جيان،

رپيو آهي هيڪڙو، سو راڄ پـِـنيو ٿو ڏيان.

*      *      *

هڪڙي عاشق تي هـَـجوَ يا سـِـٺ:

ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار(1)
لڙي ويس لڙهه
(2) ڏي ته وٺان وڃي خبر چار،
ڏنم گـَـهـَـنـدي
(3) گهرن جي ته ويٺا ڪن منهنجي پست پچار،
ڏورئون مونکي ڏسي ورتئون، نڪتا ڄڻا چار.
دسي مون کي دنبيءَ
(4) وٽ ڏنئون مڪن سندي مار.
سماهون جيڪي سيلهه هئا، سي چڀڪي ويا چوڌار.
ڏاڙهونءَ جهلي ڏاڙهيءَ مان ڏني هاٿيءَ جيئن هـُـشڪار،
جيئڻ جهلي مونکي جهاٻ ڏني کوڙيم ڪنڌ ڪپار،
ڪـُـوڪ نه پهتي ڪڙيي تائين، اُت هئا هارين جا به هزار
کٿل اتي کاسڪيلي (خاصخيلي) هئا، ٻيا ٻروچڪار ٻار،
ملڪ سڄو هو ماڇين جو، ٻيا چانهان چوڌار،
ماريو هئائون مـُـٽ ذري تي پر اڃا هئي ڄمار.
ڪيم خط خيري(1) تي، ڪو نياپو نروار
ته چاڙهي اچو چنبڙن(2) مان هن سچيني(3) تي سوار(4)،
سو وري چاڙهي آيو چنبڙن مان تاڻي تپيدار،
هن چيو مان ته اهو ڪم نه ڪريان، ٿو ڪريان نمبر شمار.
چيم کٿي ۾ کڻڻ خواري ٿيندي، آڻجو محافي(5) جو مقدار.
روئڻ لڳا راهب(6) جن، ته هئي هئي روليئين ٻار،
پڙهجو جاسين(7) جوان تي جا اڳتي جو آڌار،
ٽـُـڪر ٽـُـڪر مون وٽ ڪونهي نڪو ڳهه ڳچيءَ جو هار،
هيڪي ڊڊي در مهندان سابه ڍڪي منجهان ڍار(8)،
ٻارهن اِسم(9) ”ٻروچ“ چئي، مون چاڙهيا هئا چوڌار،
پوءِ الهه جي آڌار، لاٿائين لاڳاپا لڙهه جا.
واڻين تي ٺاهيل سـِـٽي(10)
ساراهيان سچو ڌڻي جو خاوند پاڻ خدا،
ڍڳا منهنجا ڍول، تون ٻانڊا(11) ڳالهه ٻڌا؟
گس ويندن سين ”گوهر“ چوي، چانڊوُ ڪري چرچا،
هن کي مغروري مايا جي يا ڪي تو زيان ڪيا؟
لـُـنڊا، تو کلڻ مـَـٽيا، تڏهن ٿو گلا ڏيارين گام ۾!
گلا ڏياريانءِ گام ۾، تو سـُـڻ ”گوهر“ مون گـُـفتار:
ته منهنجي هو مارڻ لئي ترت ٿيا تيار،
پين پهه پنجوڙن جو ڪـَـٺو ڪيئون ڪاٻاڙ،
ته ڪاهي اچونس ڪل سين بندي منجهه بازار،
بولو منجهن بانڪو هو تنهن اچي پـُـڇ جهلي پاڙ،
واري آڳوٿي وريندُ ويٺو بندي ڪنڌ ڪپار،
۽ رسيو اُٿي سامن وڌي تڪبيري تڪرار،
نڙيءَ کان نهال جهليو، متان لـُـوئي(1) ڪري لار،
لاٿئون جلد  جلد ئي مان شتابي شهڪار،
وڍي ٽـُـڪي واڻين مونکي تهتان ڪيو تيار،
آنڊا اوجهريون اندر موڪليا: آهي پهت جني جو پار،
۽ ڍڪي رکيئون ڍونگري ٻارن لئي ٻيهار،
ڦري ڀـُـڻو ڦڦڙن لئي چانڊومل چوڌار،
ته پچائي ڏيان پروءَ کي، جو آهي ننڍڙو ٻار.
پوءِ دمي وڌائون ديڳن ۾، ديڳن ڪيا ڌڌڪار،
مينگهو، مولو پاڻ ۾ خوشيون ڪن خيال،
هڻيو هٿ هٿن تي ڪن تماشا ۽ تال،
آءٌ رجهي اچي راس ٿيس پـَـٽڻ ۾ پائمال،
سـُـڌي کڻيو، سـُـرڪ ڀريو چون چڱو چشڪي وال،
کڻي اچو کـُـمچا، ٿالهيون وٽا ٿالهه،
ويهي رهيا واڻيا اُت ڪري سڀ قطار،
ڀري رکين تن اڳيون ڪونڊيون ۽ ڪـُـونار،
کائي سڀئي خوش ٿيا، ڏاڍا ڏين ڌَڪار،
پر ساعت گذري سٽ آين، آنڊن ڪيا گـُـڙگار،
ڊوڙي نه پهتا ڊاگي(1) تائين، ٻي ويجهي هئي نه وڻڪار،
گهرَ گهٽيون ڪـُـنڊون پاسا، تيڪي ڪيؤن تيار،
اها ٿئي ”گوهر“ مون گفتار، هاڻي آگو عرض اگهائي مون.

 

مينگهواڙن تي سٺ:

مٽي اين ماڙي(2) رَي خاڪ ٻيٺا کائـُـون،
هيڪ ٻڌان ڳنڍان نا، ٻيجي لڱان نا لائون،
هيڻا شٻڌ ٿا ڳايون، سـُـڻواؤن سيٽجي ٻيٺي رهو.

 

مسخرن جون مسخريون:

        مسخرن جون ڪوَتون ڳالهيون، سخن ۽ گفتا سوين ماڻهن جا دُک درد گهڙيءَ پل ۾ لاهيو ڇڏين. ڪو دم ته دنيا جي غمن المن کان آجا تاجا ٿي ويندا آهن. هنن وٽ کل ڀوڳ به آهي، ته نصيحت هدايت به آهي.(3)

1. مسخري:

        سنڌ جو هڪ قديمي مسخرو هو ۽ هڪڙي نواب صاحب وٽ رهندو هو(4). سندس حاضر جوابي وارا ٻول ۽ گفتا عجيب هوندا هئا. هڪ ڏينهن نواب صاحب کي ڏاڍي چڙ چڙهيل هئي، مسخري کي چيائين ته ”ڪچهريءَ مان اٿڻ کان اڳ جي مونکي نٿو کلائين ته سوريءَ تي چاڙهيندو سانءِ.“ مسخري ويچاري ڪيئي نقل نظير پيش ڪيا. نواب اهڙو کـِـلي جهڙي ڀت! نيٺ ڪچهريءَ جو وقت پورو ٿيو ۽ نواب صاحب اٿي هلڻ لڳو. هاڻ اڱڻ ڏٺو ته جي ديري ۾ ويو، ته پوءِ موت اجهو آيو! سو ڊوڙي وڃي نواب صاحب جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌائين ۽ چيائين ته کلين ٿو يانه؟“ نواب صاحب چيس ته ”بيوقوف، بي ادبي نه ڪر“ مسخري چيو ته ”سر کان مٿي ڪابه ڳالهه ڪانهي!“ نواب صاحب کلي ڏنو. هڪ ڀيري اڱڻ ڪچهريءَ ۾ کل جهڙي ڳالهه ڪئي، جنهن تي سڀ ڪچهريءَ وارا، پيٽ وٺي کلڻ لڳا. هي نواب صاحب ڏانهن انعام ملڻ جي نظرن سان گهورڻ لڳو. نواب صاحب پنهنجي سونهاريءَ تان هٿ ڦيرايو، ۽ هٿ کي خالي ڏسي چيئين “تنهنجا ڀاڳ! مون دل ۾چيو ته هٿ گهمائڻ سان جيترا وار ڏاڙهيءَ جا ڇڻندا اوتريون مهرون اڱڻ کي انعام ڏيندس، پر هڪ وار به نه ڇڻيو آهي!“ مسخري ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”حضور اعليٰ - اهو هٿ توهان جو هو، پر جي منهنجو هٿ ۽ توهان جي ڏاڙهي هجي، ته پوءِ ڪئين سال ويٺا ليکو جوڙ ڪرايو ها!

2. مسخري:

        هڪ ڀيري ٽنڊي آدم جي ٿاڻي جي صوبيدار هڪ مسخري کي پاڻ وٽ گهرايو(3) ته مهمان آيا آهن ۽ اچي مسخري ٻڌاءِ، انهن کي خوش ڪر ته انعام ڏينداسون. هڪ پوليس وارو هن کي ٻيراڻيءَ مان آڻڻ واسطي موڪليائين، پر ڀليڏني ٺڙٺپ جواب ڏنس ته ”ڪين هلندس، صوبيدار جي ڪڙيي تي ڪونه ويٺو آهيان.“ سپاهي ساڳيو جواب اچي صوبيدار کي ٻڌايو. خير ڳالهه آئي وئي، هڪڙي ڏينهن ڪنهن ضروري ڪم سانگي ڀليڏنو ٽنڊي آدم آيو. هن کي ڪنهن سنتريءَ ڏسي ورتو، سو ڊوڙي اچي صوبيدار صاحب کي سڻايائين. صوبيدار هڪ مسلح سپاهي موڪليو، ته وڃي کنڀي اچينس. سپاهي هن کي ٿاڻي تي وٺي آيو. صوبيدار پڇيس ته ”ڀليڏنو تون آهين؟“ هن چيو ته ”ايئن چون ٿا.“ پوءِ سوار ڏي نهاري چيائين لاهينس پٽڪو. ڀليڏني هڪدم سوار جو پٽڪو ٿڦڙ هڻي ڪيرائي وڌو ۽ صوبيدار کي هٿ جوڙي چوڻ لڳو، ته سائين ٻيو ڪو حڪم؟ صوبيدار کان ٽهڪ ڇڏائي ويو ۽ چيائين توکي ڪنهن چيو پٽڪي لاهڻ جو؟ هن چيو سائين پوليس عملدار جو حڪم هو. مون سمجهيو ته هي سپاهي ڪوڙ بدوڙ هڻندو هوندو ۽ شايد وڏو چغلخور آهي. صاحب جي چوڻ ۾ ناهي، تڏهن حڪم ڪيو اٿس لاهينس پٽڪو! هي ڪم تمام تڪڙو ڪرڻو پيم!

3. مسخري:

        هندن جي وهانءَ ۾ هڪڙي وڏي ڄڃ، ٻيراڻيءَ جي سراءِ ۾ اچي لٿي هئي. ڀليڏني کي خبر هئي، ته مسخري اوس وجهرائيندا. سو ڪٿان ڳوهه ڦاسائي هڪڙي طس کي سوراخ ڪري ان ۾ وجهي مٿان بند ڪري رکي ڇڏيائين. رات جو سڏ ٿيس ته طس مٿي تي رکي اچي واڻين کي چيائين ته “ڀائي! آءٌ مسخري پوءِ وجهندس، اول وڃان ٿو ٽنڊي آدم، طس ۾ منهنجي زال جا زيور ۽ ڳهه ڳهڻا پيل آهن. سڀاڻي ڀائيچاريءَ جي ڪاڄ تي وڃڻو اٿئون، سو گروي رکي ٿو اچان، متان دڪان بند ڪري سيٺيون وڃي سمهي نه رهن. هڪڙي واڻيي چيس ته گهڻو گهرجئي، هن چيو ته پورا سئو روپيا. واڻيي چيو ته انعام کان پوءِ باقي پئسا وجهي، توکي سؤ پورا ڪري ڏيندس، پوءِ شروع ڪيائين: (1)

اول ۾ الله ڀلو، سائين وڌو ساهه ڀلو،

اتر وارو پير ڀلو، داتا دستگير ڀلو!

ونئڻ جي تان سنڍي ڀلي، مينهن تان ڪنڍي ڀلي!

سياري کان اونهارو ڀلو، پرڻئي کان ڪنوارو ڀلو!

سڪيءَ کان ٻوڏ ڀلي، کٿيءَ کان، گوڏ ڀلي.

پلي ۾ پلاءُ ڀلو، سيوهڻ ۾ شهباز ڀلو!

تانگهڙ گـِـڙ گـِـڙ تان.

        هن گهڻيون اهلون، چٻارا ۽ مسخريون، چرچا ڀوڳ ۽ سانگ ڪري پئنچات کي کلايو، پڇاڙيءَ ۾ انعام رڳو پنج روپيا مليس. ان تي ڪاوڙجي چيائين ته واه سائين واه! مونکي ٽنڊي آدم به ڪونه وڃڻ ڏنوَ ۽ پاڻ به پورو انعام ڪونه ڏِنوَ! هاڻي ٽنڊي آدم جا سيٺيون سمهي پيا هوندا. جي ٽپڙ ٿو واپس کڻيو وڃان ته زال موچڙا هڻندي، تنهنڪري توهان وٽ امانت رکيو ٿو وڃان، صبح جو اچي کڻندس. ائين چئي ٻاهران در ڏيئي وري اچي چيائين ٿورو ترسو ۽ ٺڪاءُ ڪرايائين لٺ، طس کي. پاڻ ٽپ ڏيئي کٽ تي چڙهي بيٺو. ڳوهه ڪاهي پئي واڻين ۾. ڪي ستا پيا هئا، ڪي ليٽيا پيا هئا، ڪي بيخبر ويٺا هئا. بس ڳوهه جي ڀڄ ڀڄان ۽ ڦوڪن واڻين ۾ ڌمچر مچائي وڌو. هنن ۾  هلر هول ڏسي هيءُ چوڻ لڳو واه ڙي دهري تنهنجو سون! واه ڙي ڪٺمال تنهنجو جرڪو! واڻين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو، چون ته ڀلينا ڀڳوان جي نالي جهلينس نه ته شڀوءَ (صبح) جو اُڙد (ڍير) ڌوتين جو ڌوئڻو پوندءِ! اڙي ٻيڙيءَ ٻڏا پڪڙينس نٿو! هڙئي راڄ مهاڄڻ رولي ۾ پئجي ويئي آهي!

4. مسخري:

        هيءُ هڪ نظم سندس ٺاهيل، گاڏين ۾ ترنم سان چئي ماڻهن کي خوش ڪندو هو:(1)

ٽرين وٺي هليو مسٽر دائود خان

ٽـِـيٽي به مان آهيان، ٽڪيٽ ڪليڪٽر به مان آهيان،

گارڊ جو مون ۾ گمان - ٽرين وٺي هليو مسٽر دائود خان.

        سندس پيءُ وفات ڪئي. ان جي کاتي تي ڪجهه زمين جو ٽڪر هو. هن پنهنجي کاتي ڪرائڻ لاءِ تعقلي جي مختيارڪار صاحب کي درخواست ڏني، جنهن کيس گهرائي چيو ته ڇهه مهينا ترس، پوءِ کاتو ڪيو ويندو. ٺهه پهه صاحب کي چيائين ”تڏهن آءٌ ائين سمجهان ته ڇهه مهينا بابو مئوئي ڪونهي؟“ مختيارڪار کلي پيو ۽ کاتو ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

5. مسخري:

        هڪ مسخري چيو ته ”مون ۽ بابي مسخري وجهي وجهي پورا هڪ سئو روپيا گڏ ڪيا. پوءِ اچي ڳڻتيءَ ڳٿر کان ورتو ته متان چور پئسا چورائي نه وڃن. تنهنڪري هنن کي سـَـجائتو ڪجي. نيٺ صلاح بيهاريسون ته “مون چيو ته ٻه گڏهيون کڻي وٺون ٻيئي پيءُ پٽ پنهنجي سر خوش رهون، بابو چوي ته آءٌ گهوڙي ڳنهندس، مون کي گهوڙيءَ تي چڙهي گهمڻ جو ننڍپڻ کان وٺي شوق آهي. آخر بابي وارو مشورو قبولي، گهوڙيءَ ڪاڻ پڇائون ڳاڇائون ڪيوسين. هڪڙي ويچوال جو نصيب ڦٽو، تنهن اسان کي سئو روپين ۾ گهوڙي ڏيڻ منظور ڪئي، اسين ٻئي پيءُ پٽ تاڙيون هڻندا ٽهڪ ڏيندا گهوڙي ڏسڻ وياسين. ڏسون ته گهوڙي آئٺي ۾ بيٺي چري، پر وَلـَـرَ ڪانگن جو مٿانس والارا پيو ڏي. هڪل ڏنيسونس ته هڪڙي ڪن کان سڻي ٻي مان ڪڍي ڇڏيائين. تنهن تي مون وٺي زنبوٽا بڇيا مانس ته دنب مٿي کڻي پستيون هڻي بيهي رهي! پوءِ ته مالڪ ٽنگ ۾ ٽوڙهو، ڳچيءَ ۾ ڳراهو وجهي ٻاهر گهلي آيس. ڇا ڏسون ته پٺن تي ڦٽ، چيلهه تي چٽا، منهن ۾ بانو، اک ۾ داڻو، اُبت ڏاڻي ڇـَـڙُن کاڻي، چٽ نڀاڳي، چڙهه ته تعدي، پر ڌڻي چئي ته سؤ روپين مان تڪو به گهٽ ڪونه ڪندس. بابي کي شوق کنيو بيٺو هجي، ته ڪيئن به ڪري چڙهي آنٽو ڏياريانس. هن جو بل ڏيئي چڙهڻ ته اها ڌرتي اهي پير، وري جو اچي چٽن تپايس ته نرا کڻي پوين پيرن تي بابي کي ڪواز ڪرائڻ لڳي. مون سنڀال ڪئي ته هائو ٻيلي، گهوڙيءَ جا پير اُٿڙي چڪا آهن ۽ بابي جون به متيون منجهائي رکيون اٿس. هاڻ ٻيئي ڪرڻ کي بنهه ويجها آهن، هاڻي ڇاڪريان؟ جي بابي کي ٿو ٻـَـک وجهان ته سؤ روپين واريءَ گهوڙيءَ جو سر ٿو وڃي ۽ جي گهوڙي کي ٿو تري ڏيان ته بابي جو ٿي بنڊ رُلائي! پوءِ صاحب ٿيم ساڻي، مون وڃي گهوڙيءَ کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وڌا ۽ مدوءَ ۾ مڪون هڻي، ڪيومانس پيرين سيرين. گهوڙيءَ جو وٺي ڇلانگ کاڌو ته بابو سائين او هـُـت وڃي ڪريو.

        گهوڙيءَ کي ڪاهي همراه وٽ پهتس ته پوين پساهن ۾ هو. پر سندس ڀر ۾ ڏسان ته کانئس به وڏي واردات ڀر ۾ پئي آهي، چيم ته ماڻهو کلندا چوندا ته اسماعيل مسخري جي پيءَ اها واردات ڪئي آهي جو گهوڙيءَ تان ڪرندي ٿي وئي. وٺ ڦڪڙي! اسماعيل ماٺ ڪري پهرين واردات جو بلو ڀيڻي ڪر پوءِ پيو پڻهين سان سرچجانءِ. سائين، اول واردات کڻي دفنائڻ جو خيال ڪيم. بازار مان وڃي چار چؤبڪا، هٽا ڪٽا، بڪيءَ ٺوڪ ٻـُـچي ڪرايي تي ڪري آيس ۽ پاڻ سان ورتون ۽ واجهه به کڻائي آيس. اچڻ سان واردات کي اٿلائي پٿلائي ڏاڍا قابو رسا ٻڌائي، کڻي ٻچين کي مٿا ڏياريم ۽ ڪنهن پراڻي قبرستان جو پڇائي واردات کڻائي ٿيس روانو. مقام ڪو پرڀرو هجي ۽ هلندي هلندي اچيو ٿي خدا جي رحمت وسي، اهڙو ته مينهن جو ڇڇڪو آيو جو واردات ڳرڻ لڳي، هيٺ لاهڻ جو حڪم آءٌ به نه ڏيان. ويچارا سڄي واٽ واردات جون ليڳاڙيون چٽيندا چٽيندا نيٺ اچي مقام تائين پهتا.

6. مسخري:

(الف) هڪڙي ڀيري بدين يارهينءَ جي ميلي تي مڻيهارڪو سامان وڪڻڻ ويو(1). بدين جي بازار ۾ پنهنجي وکر جو هوڪو ڏنائين ”اڳٺ ڦڻي، زال ويئي مڙس کي وڻي“. هڪڙو مختيارڪار جو نائڪ اتان ٻار ٻچا وٺيو ٿي ويو. سو هن جو هوڪو ٻڌي، ڪاوڙيو ۽ ٻار ڇڏي اچي مختيارڪار کي ٻڌايائين ته هڪ اوپٽوءَ ماڻهوءَ مون سان ٺٺولي ڪئي آهي. مختيارڪار جو اتي جو مئجسٽريٽ به هو، تنهن هن کي گهرايو. عثمان اتي پهتو، مختيارڪار دٻايس ته ماڻهن سان مسخريون ٿو ڪرين! مان ٽيپ ڏيئي ڇڏيندوسانءِ. هن آلو ڀولو ٿي چيوَ ته سائين مون کي خبر ڪانهي ته هت اڳٺ ڦڻي رکندڙ زال، ماڻهن کي ڪانه وڻندي آهي؟ مختيارڪار چيس نالائق نڪر ٻاهر ته هڻئين نه لت! انهيءَ تي عثمان چيو مالڪ، ٽيپ ڏئي ڇڏين ها، ته ارمان ڪونه ٿئيم ها پر اهو گڏهه واري لت جو دڙڪو تو جهڙي ماجسٽريٽ جي منهن تي نٿو پوي.

7. مسخري:

        بدين ۾ يارهين واري ميلي تي شيدين مغرمان تي ناچ پي ڪيو ۽ هي پي چيائون:

اي! لا الا الالله محمد رسول الله، پير بدين وارو.

        اهو ٻڌي عثمان به انهن جي وچ ۾ وڃي نچڻ بيٺو ۽ چوڻ لڳو:

اي! لا الا الالله محمد رسول الله، عثمان ستابيءَ وارو!

        ستابي، سندس ماءُ جو نالو هو. اهو ٻڌي هن کي شيدي پير اڳيان وٺي ويا ۽ اهو ڪلام ٻڌايائونس، پير هن کان پڇيو ته تو اسان جي نالي تي ڇو مسخري ٻڌي آهي؟ هن چيو ته سائين لا الا الالله محمد رسول الله ته ٻڌو اٿم، پر اڳتي واري ڳالهه اڄ ٻڌي آهيم، تنهنڪري دل چيو ته آءٌ به پاڻ تي هڪڙي اڌ ڳالهه جوڙي ڇڏيان. پير ڦڪو ٿيو وري شيدين کي ائين چوڻ کان هميشه جي لاءِ منع ڪري ڇڏيائين.

(ت): ٻي هڪڙي مسخري، مسخري وجهي پوري ڪئي ۽ ڪپڙو وڇائي چوڻ لڳو ته “هي پلاند پيران پير، داتا دستگير جو اٿو، مسخري سموري سئي اٿوَ. هاڻي بيٺل سڀئي سنگتي پئسا اڇلي هي جهولي ڀريو. آءٌ انهن مسخرن مان ڪونه آهيان، جيڪي چوندا آهن ته: جنهن وٽ ناهي تنهن تي ميار ناهي يعني هوندي تي هونگار، اديون شاهه لطيف چئي. ٻيلي سچي پڇو ته منهنجو ڀاڙو کٽو پيو آهي. سو جي ڪنهن وٽ پئسو ڏوڪڙ ناهي ته مهرباني ڪري پاسي واري همراه کان ڪجهه رقم ڇڏائي به منهنجي پورت ڪري، نه ته ڏينهن قيام تائين ڪين بخشيندو سانوَ!

8. مسخري:

        هڪڙو مسخرو عربن سڳورن وارا ڪپڙا ڍڪي يعني ڊگهو چوغو، مٿي تي منڍيل (رومال) ان جي مٿان عمامه (نوڙو) ويڙهي، رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪنهن ٻهراڙيءَ ڳوٺ جي وڏيري وٽ اچي ٽڪيو. هنن هن کي عرب ڄاڻي نماز پڙهائڻ لاءِ منٿ ڪئي. هن چيو ته آءٌ بيمار آهيان ۽ گهڻي مسافري ڪئي اٿم هت توهان وٽ آرام وٺڻ جي لاءِ آيو آهيان: البت جي حياتي آهي، ته توهان کي عيد نماز پاڙهيندس، پوءِ هو سڄو رمضان مال مليدا کائيندو رهيو. جڏهن عيد جو ڏينهن آيو، ته هن کي جام فطرو ۽ پاکرون مليون. کيس گهوڙي تي چاڙهي سرگس ڪڍي عيد گاهه ڏي نيائون ۽ کيس نماز پڙهڻ جي لاءِ امام بنايائون. مسخري ڏاڍي مخرج سان قرآن شريف جي قراِّت ڪئي، جنهن ۾ الحمد ۽ الحمزه جون سورتون پڙهيائين پوءِ رڪوع ڪيائين. انهيءَ ۾ پندرهن ويهه منٽ لڳي ويس جو جهلي جهلي وڏي آلاپ سان ۽ شد مد سان هڪ هڪ اکر ٿي ڇڪي ڪڍيائين. جڏهن پهرئين سجدي ۾ ويو ته پورو اڌ ڪلاڪ لڳس انهيءَ وچ ۾ جماعتي يعني نمازي مقتدي، ٿڪي ٿڪي مٿي ڪنڌ کڻي ڏسڻ لڳس ته جيئرو آهي ڪ مري ويو. پر ڏسن ته چري پري پيو اڃا سجدي ۾ آهي، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي الله اڪبر ڪيائين ۽ وري الله اڪبر چئي ٻئي سجدي ۾ ويو. ماڻهن کي پڪ ٿي ته اهو به پهرئين وانگر ڊگهو سجدو ڪندو، تن ڪنڌ مٿي ڪونه کنيو ۽ هي آهستي آهستي ڪري يڪدم اٿي وڃي گهوڙي تي چڙهيو ۽ گهوڙو هڪلي هليو ويو.  جڏهن جماعتي گهڻو وقت سجدي ۾ پئجي پئجي ٿڪجي پيا ته هڪڙي ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو، ته امام آهي ئي ڪونه. سو ٻين کي رڙيون ڪري چيئاين ته اُٿو اٿو امام اٿوَ ئي ڪونه. سڀئي اٿي ڏسن امام نه دارد! سو چوڻ لڳا ته اهڙو ته خدا جي عشق ۾ هي عرب سڳورو فنا ٿيل هو جو سجدي ۾ ئي وڃي ڀلي ولايت کان نڪتو. واه واه! جڏهن مسجد کان ٻاهر آيا ته وڏيري چيو ته ابا منهنجو گهوڙو به گم آهي، هاڻي پڪ وڃي ولايت کنئي هوندائين.

ڀوڳاين جا ڀوڳ:

        سنڌ ۾ انيڪ ڀوڳائي مشهور آهن، جن جا ڪيل ڀوڳ راڄن ۾ مشهور آهن.

1. ڀوڳ:

        هڪڙو ڀوڳائي شڪاري مٽيارين جي سيدن وٽ رهندو هو ۽ ڏاڍو ڀوڳائي هو. موقعي ملڻ تي مالڪن سان چرچو ڪندي ڪين گسندو هو. سيد به ساڻس گهڻيون جٺيون ۽ تعديون ڪندا ۽ ڪرائيندا هئا(1).

        هڪ ڀيري سيدن ڇا ڪيو، جو جتيءَ جي کڙين ۾ بول ڀرائي ڀت سان اُڀو رکائي ڇڏيائون. سومر مال چاري شام جو ڪچهريءَ ۾ آيو ۽ جتي واري بول کي تيل سمجهي انهيءَ وقت ۾ جتيءَ کي نرم ڪرڻ لاءِ تيل وجهي رکندا هئا هٿ ڀري ڏاڙهي ۽ مٿي کي مکڻ لڳو. هو هريل هو ۽ هميشه ائين تيل هٿ ڪندو هو. ان ڏينهن، تيل ته هوئي ڪونه، هن جو هٿ ڀري مکڻ شروع ڪيو ته ڪچهريءَ ۾ ٽهڪن جا ڪوڪريا پئجي ويا، پوءِ هيءُ به سمجهي ويو ته تيل ڪونهي، مٽ جي ڇٽ پئي اچي، سو وٺي ڀڳو، وڃي هٿ منهن ڌوتائين. ڪي ڏينهن مٿس کلون پي ٿيون.

        هڪڙي ڏينهن هن ڇا ڪيو جو سڪل سانڌاڻ ڪٽي ڇاڻي انهيءَ جي ڏاٻلي ڀري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. سيدن جي ڪچهريءَ ۾ چلم جو نڙ ۽ ناس جي ڏاٻلي پئي ڦرندي هئي. ڪي پيا ڦوڪ ڀري تماڪ جي تعريف ڪندا هئا ته گلا، ۽ ڪي ناس جو چپٽ چاڙهي هڪٻئي کي ناس جي تکائيءَ ۽ مٺائيءَ جون سڌون ڏيندا هئا. سو سومر به پنهنجي ناس جي ڏاٻلي ڪڍي ٻه - ٽي چپٽا چاڙهي وري کيسي ۾ وجهي ڇڏي، ڪچهريءَ وارن چيس ته ڇو؟ ناس تروڃي ورتو آهي ڇا جو اسان کي اڄ صلاح به نٿو ڪرين. سومر ”اڙي“ چئي هوءَ ٻي کريب واري ڏاٻلي ڪڍي، سڀني جي آڏو رکي. هر هڪ چپٽو ڀريندو ۽ سنگهيندو ناس ڪڍندو ويو ۽ چيائونس ته هيءُ ڪهڙو نسورو گند کڻي آيو آهين هيءَ ناس ڪٿان ورتي اٿئي؟ تون ته پشوري ناس ڏيندوهوئين؟ سومر چيو ته برابر سچ ٿا چئو وڏا پارکو آهيو. هيءَ ناس ڪانهي پر تنهن ڏينهن جيڪو مون تيل مکيو هو ۽ اوهين کليا هئا هيءُ ان تيل جو کڙُ آهي. اميد ته ادلي جو بدلي ٿي چڪو هوندو.

2. ڀوڳ:

        سيدن، چرچي طور سومر جي زال کي چوائي موڪليو ته مڙسهين سومر، سائين وڏي سان پرار ٻيلي ۾ مرونءَ جي شڪار تي گڏجي ويل هو. هينئر خبر آئي آهي ته سومر کي مرونءَ ڦاڙي وڌو. چوائي موڪليو اٿن ته سندس گهر خبر نه ڪجو اسان کيس هتي دفنائي ٿا ڇڏيون. مائيءَ کي چونداسين ته ڪم سان موڪليو اٿئونس. پندرهين - ويهين ڏينهن اچي ويندو- اها خبرداري ڪجو. پر اسان کي خيال ٿيو ته مرڻ وارو ته مرڻ کي مري ويو هاڻي مئلن جون خبرون ڪانگ به ڪندا، سو اسان توکي اها خبر لـِـڪِ ڇپ ٿا ٻڌايون. جيئن سائين وڏي کي ان جو پرو نه پوي.

        خبر ملڻ سان مائي کڻي ڀنڻ وڌو، خوب رني، پٽي پٽي هڻي ڇاتي ڇني رکيائين، منجهان منجهه سياڪو ڪرڻ لڳي. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ سومر سائين وڏي سان گڏ شڪار تان جيئرو جاڳندو موٽي آيو. گهر ۾ گهڙڻ سان طاق لڳي ويس. زال کان پڇيائين هيءُ ڪهڙو ظلم ڪريو ويٺي آهين؟ هن چيو ته سيدن مون کي رئاڙي رئاڙي اڌ مئو کڻي ڪيو آهي، چيائون ته توکي مرونءَ ماري وڌو آهي. پوءِ منهنجا ٻه هئا هٿ ۽ ٽيون منهن.وري مونکي ڪا دلڌير به ڪانه ڏنائون. سومر چيو ٺهيو، آءٌ جيئرو آهيان تون اٿي سانجهڻ ڪر. سيدن پئي سا مون پئي. ڳالهه ونئون سئون. هڪڙي ڏينهن سومر ڪارا ڪپڙا ڍڪي درياءَ پار سن جي ڳوٺ ۾ ويو، جتي سيدن جي وڏي ڀيڻ رهندي هئي. هن منهن مٿو پٽي اوڇنگارون ڏيئي چيو ته “اڄ سائين وڏو بهشت گهڙيو مون کي قاصد ڪري موڪليو اٿن ته قاصيداڻو پهچائي اچ. اڄ شام جو سائين کي کڻندا منهن ڏسڻو هجيوَ ته سيگهڙائي سان اچي رسو. بس سن ۾ماتم مچي ويو ڊڍون وڄي ويون. سيد سانباهو ڪري نڪتا. هي وري تهتان مٽيارين ۾آيو، ۽ سيدن کي چيائين ته سائين سن کان پيو اچان اڄ جيجان وڏي جهان ڇڏيو. مون کي چيائون جي وڃين ٿو، ته اها خبر وڃي ڪج شام جو ڌڻيءَ جي شيءِ ڌڻيءَ جي حوالي ڪنداسون. سيدن ۾ انهي خبر ٻڌڻ سان واويلا پئجي ويئي. يڪدم اُٺن تي پوش وجهائي درياءَ تي آيا ته پتڻ اُڪرڻ. اڃا پتڻ تي پهتا ته ڏسن ته سن وارا سڀئي منهن مٿا پٽيندا اچي لٿا. هيڏانهن هنن به کڻي پٽ وڌي. اصل محشر برپا ڪري ڇڏيائون. پوءِ هڪ ٻئي کان پڇيائون اوهين ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ سن وارن چيو ته مٽيارين ۾ جو سائين وڏو گذريو آهي ۽ مٽيارين وارن چيو ته سن ۾ جو جيجان وڏي گذري آهي. آخر معلوم ٿين ته اهي ٻئي جيئرا آهن، پوءِ هي مسخري ڪنهن مچارائي آهي؟ پتو پيو ته سومر شڪاري اهو ڀوڳ ڪري سيدن کي هلاڪ ڪيو آهي، پوءِ وڃي گهلي گهران ڪڍي آيس. سومر چيو ته منهنجي زال به نڌڻڪي ته ڪين هئي، جنهن کي توهان منهنجي موت جو نياپو ڏئي کڻي بڇڙو ڪيو هو.

3. ڀوڳ:

        هڪڙي ڀيري چانڊين جي بنگلي ۾ گهڙيس ته هڪڙو ڀؤتار ويٺو هجي(1). ويجهو وڃي سلام واريو مانس ته جواب ڏنائين، وري هٿ ٻڌي پڇيومانس ته ڀؤتار اوهان پاڻ شريعت جا ڪير آهيو؟ چيائين ته ”مان خانصاحب ڪوئنريجو(2) آهيان“ پوءِ مون کان پڇيائين ته ”ابا، تون ڪير آهين؟“ مان چيو ته ”سائين، مان خانصاحب ٽڀي جو آهيان.“ چيائين ته مان اڄ تائين اِهو قبيلو ڪونه ٻڌو آهي! مون چيو “سائين، سؤ ڀيرا سئو هوندو. ڪؤنرو ۽ ٽڀو ٻئي هڪڙي آويءَ مان پڇي نڪتا آهن. توهان ڪؤنريجا آهيو ۽ مان ٽڀيجو آهيان. ان ڳالهه تي ڀوتار ڏاڍو کليو.

4. ڀوڳ:

        هڪڙو ڪاڻو هاري پنهنجي زال کي جنهن تنهن ڳالهه تان هيسي چوندو هو ته ”اڃا منهنجي اک ڪانه ڏٺي اٿئي“. هڪڙي ڀيري (کاڌو) کٽي پيس زال چيو ته وڃي زميندار کان وٺي اچ. زميندار، جو ٿوري گهڻي طبابت به ڪندو هو. تنهن کي ورهيي لاءِ منٿ ڪيائين. هن چيو ته هينئر اسان پاڻ ڏولائن ۾ آهيون في الحال وڃي پٽي سٽي پوري ڪر، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. هي موٽي گهر آيو ۽ ڪياڙي کنهڻ ويٺو. زال پيڇس ته زميندار ڇا چيو؟ هن چيو ته اَن ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. زال چيو ته پوءِ اک نٿي ڏيکارئيس؟ هن چيو هائو. اک ڏيکاري مانس، چيائين ته اها ڪانه ٿيندي گهڻن ڏينهن جي جهريل آهي.

5. ڀوڳ:

        هڪ ڏينهن ڊاڪٽر کان تپ جي دوا وٺڻ ويس. مون کان پڇيائين ڪڏهن کان تپ آيو اٿئي ۽ ڪيڏي مهل ايندو اٿئي؟ (1) مون چيو ته سائين اٺ ڏينهن ٿيندا ته ٻيهر تپ ٿو اچيم، چيائين ته سمجهيم توکي ”واري جو بخار“ ٿي پيو آهي. مون چيو ته نه سائين واري جو ڪونهي هڪ نه ٻئي ڏينهن تپ ٿو اچيم. ڪاوڙجي چيائين ته ڀوڪ انهيءَ کي ته واري جو بخار چئبو آهي. مون چيو ته سائين، واري جو بخار اهو، جيڪو اڄ مون کي اچي ته سـُـڀاڻي وري توکي اچي، کلي پيو.

6.  ڀوڳ:

        قادو ۽ محمد مسخرو ڀٽ شاهه تي پاڻ ۾ گڏجي مسخري وجهڻ لڳا. قادوءَ کان محمد پڇيو ته اڙي ذات جو ڪير آهين؟ قادوءَ سنجيدگيءَ سان جواب ڏنس ته ادل، مان ٻروچ(2) آهيان. محمد چيس ته شيدي، شيديءَ جو پٽ، تون وري ٻروچ ڪيئن ٿئين؟ قادو چيو ته مان پراڻو بلوچ ناهيان، مان نون مهينن کان تازو ٻروچ ٿيو آهيان ۽ ٻروچ ٿيڻ ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون ۽ مصيبتون جهليون اٿم. شل ڪنهنجو ڪتو به ٻروچ نه ٿئي! تنهن تي محمد چيس ته ٻروچ ٻڌندءِ ته هڻي ڪچونبر ڪڍي رکندءِ. هن چيو ته هينئر ٻروچن جي صاحبي ڪانهي. پاڪستان سڄو مارشل لا جو ملڪ آهي. آئون به اڳي شيدي بادشاهه هئس جو افريقا ۾ منهنجن ڀائرن جون پنجاهي کن بادشاهيون آهن. وڃي پڙهيلن کان پڇي ڏس، جيڪي روز اخبارون ٿا پڙهن. تنهن ڪري سنڀالي ڳالهاءِ. جهڙو تهڙو ته مان به ناهيان، پر شوق کڻي ٻروچ ڪرايو اٿم. محمد پڇيس ته ڪيئن ٻروچ ٿيو آهين؟ قادوءَ چيو ته يار ڳالهه ئي نه پڇ جي اهي اهنج سامهون ٿا اچنم ته اندر ئي سڙيو وڃيم. نه نه، هاڻ چئي ٻڌاءِ. چڱو ڀلا سڻ، “پهريان ٽي مهينا، هٿ منهن ڌوئڻ ڇڏي ڏنم، ٻيا ٽي مهينا وارَ وٺائڻ به ڇڏي ڏنم، پر ٽيان ٽي مهينا ڪپڙا ڌوئارڻ ته ٺهيو، پر طهارت ڪرڻ به ڇڏي ڏنم، تڏهن وڃي مس مس چند ٻروچن ۾ شمار ٿيو آهيان!

7. ڀوڳ:

        قادوءَ چيو ته هڪ رئيس وٽ مسخري وجهي ڪجهه گهريم، چيائين ته موڊ ۾ ناهيان، وري هڪڙي ٻئي هنڌ ويٺو هو  ٺشا بشا پئي ڪيائين، انعام گهريو مانس ته چيائين تو ته موڊ ئي ڦٽائي ڇڏيو. تنهن تي چيومانس ته سائين موڊ منهون ڪونه آهين باقي سونڊ منهون ضرور آهين!

ٽوڪون:

        ٽوڪون هونئن ته گهڻن ئي قسمن جون آهن. اسان ٻين کي ڇڏي هت رڳو تهذيب واريون ۽ پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين واريون ٽوڪون ڏيون ٿا:

پهاڪن ۾ ٽوڪون:

* اڙي منهن لٿل اٿئي صبح جوڻهين کان مار کائي آيو آهين ڇا؟

* منهن تي ٻلي گيسي ڪري ويئي اٿئي!

* صبح سان جهرڪي ڀونڊو ڏيئي ويئي اٿس!

* انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو ڪولهي ٻولهي ڳولهه!

* پيٽ ۾ پوليس پئي ڊوڙي ۽ آنڊا قل پيا پڙهن!

* پڇاڙيءَ جو ڀيرو آهي: مئي تي ياسين!

* منهن ته ڄڻ ڄٽ جو مـُـنهن! حلوي کائڻ لاءِ مهانڊو گهرجي!

* ڄڃ ۾ پڇا نه لڀي، چي، آءٌ گهوٽ جي پڦي!

* کنيئون گهران ئي ڪونه، ڦريا رستي تي!

* ڏيڏريءَ کي به زڪام ٿيو آهي!

* منهن نه مهانڊو، گڏهه جو بولانڊو!

* نڪ نه ناسان، کٽ چڙهه پـَـهه کاسان!

* کودي به خوش ٿي آهي، ته مون کي ڌڻين سڃاتو آهي!

* گهر وچ ٺڪر ٺلهي، ٻاهر شير بهادر بلي!

* آئي رات، وجهي وات!

* آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي!

* ٿلهو ته اهڙو آهين، جو منجهئي راڄ ڍاپن!

* کائڻ مهل کرو، ڪم مهل ٻرو!

* رلي هڪڙي، ڄڻا چار، جيڪو پهرين اچي سو پائي سجهي، باقي ٻيا ڳلن کي هٿ ڏيئي رات نبيرين!

* هيءُ ته پيٽ تي به مهانگو اٿوَ!

* ڀاڙين ٻڌو اٽو ته دلي اڍائي ڪوهه!

* اک ٺهي ئي ڪانه کٻڙ خان چنڊ ڏٺو!

* ماءُ جنڊ ڪڍڻي، پٽ ڦڙڪا پائي!

* لڀي لٺ به ڪانه، چي، بابي جي گهر بندوقون!

* ڪوڏي وات ۾ وجهي ڪٽينس! حرام ڪو ڪڇي!

* اهڙو مرڇوٽ جو کاڻي ماني تان کل نه لاهي.

* چورن جو ٻڌي، رلي منهن تان ڪير لاهي!

* وڏو وهانءُ ٻن دمڙين جو!

* رت ڏني کان پوءِ ڪنهن جو يار ناهي!

* رُسي آهي گهوٽ سان، ڳالهائي نٿي ڳوٺ سان!

* ماني آهيس ڍؤ تي، موچڙوآهيس گهٽ!

* پوئي ڍائي سان شل نه ڪنهن جي پوي!

* مسيت سڳوري پاڙن سان ڪيون اٿئي!

* شايد هاضمو خراب ٿي پيو اٿئي!

* هروڀرو پنهنجي بيعزتي خراب نه ڪراءِ!

* کڻي منهن سنبوسي جهڙو اچي اڳيان بيٺو آهين!

* ڀاڙين کي ڀاڙيون پائي ڏيو پاٽ ۾ ته کاءُ چاچا کاءُ!

* ڀاڙي ڏئي مڻ ٺاهيو ماڳ مانيءَ جو.

* ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي.

* حرامڙو هڻي ٻه ڀاڱا کڻي

* حـُـْتوءَ جو چرچو ماءُ ۽ ڀيڻ سان.

* چونچن گهر ڇلا پڪا چونچا ننڍا وڏا نچڻ لڳا.

* جيڪي لڳي سو ڪاڻيءَ اک ۾.

* متو آهين مڇ ٿلها ٿو ٿونا هڻين

* ٿلهو ماڻهو خواه مخواه معتبر

 *نظر ڪري نهار ٻوٿ ٻچيءَ جو بڇڙو.


(1)  انگريز، ڪتن تي نالو ٽيپو رکندا هئا. ٽيپو سلطان، دکن هندستان ۾ بادشاهه ٿي گذريو آهي. هو وڏو محب الوطن ۽ بهادر بادشاهه هو انگريزن کي ميسور جي لڙائيءَ ۾ توٽا ڄٻارايائين. انگريزن هن جي بيعزتي خاطر ڪتن تي اهو نالو رکيو. اسان کي کپي ته ڀلجي به ڪتن تي اهو نالو نه رکون ۽ نڪي سڏيون. (ليکڪ)

(2) نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(2)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران واڌارو آهي. (ادارو)

(1)  مٿيون قصو بلڪل سچو آهي، پر هيئن: مياڻي واري جنگ مان ڪي سرائي ڀڳا هئا. (ليکڪ)

(1)  هيءَ سـِـٽ شادي خان لغاري ويٺل ڳوٺ راوت خان لغاري تعلقي ٽنڊي الهيار جي کان ملي، جا سگهڙ گوهر جي چيل آهي. (ليکڪ)

(2)  لڙهه = هڪ ڳوٺ جو نالو تعلقي ٽنڊي الهيار ۾.

(3)  گهندي = ڪنرو يا ڪن ڏيڻ.

(4)  دنبي: ٻٻري هڪ وڻ.

(1)  خيرو: سندس مائٽ.

(2)  چنبڙ: ڳوٺ ۾ ٿاڻو.

(3)  سچينو: جنهن بڇ ڪئي هئي.

(4) سوار: پوليس جو ماڻهو.

(5)  محافو: سواريءَ جو قسم.

(6)  راهب: سندس وڏو ڀاءُ.

(7)  جاسين: ياسين قرآن شريف جي سورت.

(8) ڍار: رُلي رُلي ڍُڪي ٿيل.

(9)  اسم: نار يا هرلا.

(10)  گوهر خان، شادي خان جو نانو هو ۽ راوت لغاري تعلقي ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هو. واڻين کي چيڙائڻ ڪاڻ هي سٺ سٽي هئائين. (ليکڪ)

(11)  ٻانڊو: لنڊو، پڇ وڍيل.

(1)  لوئي: شريان يا شهه نس، جنهن مان رت وهي ويندو آهي.

(1)  ڊاگو، واريءَ واري کڏَ.

(2)  ماڙي، پٿوري پير جي، تعلقو سامارو ضلعو ٿر پارڪر ۾ آهي.

(3)  هن پٽ ۾ اڱڻ مسخرو اول، پوءِ ڀليڏنو ٻيراڻيءَ وارو. سومر شڪاري مٽيارين وارو، دائود مسخرو دادوءَ وارو، ۽ موجوده وقت ۾ محمد خان (خانصاحب سرٽو) مسخرو دادوءَ وارو ۽ قادو شيدي ماتليءَ وارو مشهور مسخرا هيا. (ليکڪ)

(4) اِها ڳالهه اڱڻ مسخري جي آهي. (ليکڪ)

(3)  اها ڳالهه ڀليڏني مسخري ٻيراڻي واري جي آهي. (ليکڪ)

(1)  اها ڳالهه ڀليڏني مسخري جي آهي. (ليکڪ)

(1)  هيءَ نظم ۽ ڳالهه دائود مسخري دادوءَ واري جي آهي. (ليکڪ)

(1)  هي ڳالهه نالي عثمان ميمڻ طنبوري واري جي آهي، جيڪو ٽنڊوالههٰ يار جو رهواسي هو. (ليکڪ)

(1)  هي ڀوڳ سومر شڪاري جا آهن. (ليکڪ)

(1)  هيءَ ڀوڳ خان صاحب سروٽو عرف محمد خان مسخري جو آهي. (ليکڪ)

(2)  ڪوريجا: اصل راجپوت ڪونئر جي اولاد آهن. (ليکڪ)

(1)  هيءَ ڳالهه قادو شيدي جي آهي. (ليکڪ)

(2)  بلوچ: بلوچستان جي رهاڪن کي چئبو آهي. اتي جا شيدي جن کي اسان مڪراني ٿا ڪوٺيون سي به پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا. بلڪ هندو به پاڻ کي بلوچ هندو ڪوٺائين. (ليکڪ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org