سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 17

صفحو :25

 

باب سترهون

بڻ بڻياد

        سنڌي ٻولي، اها شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن جا ڳالهائيندڙ هر ڪنهن ٻوليءَ جا اُچار، آواز يا مخرج سهنجائي سان ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٻوليءَ ۾ ڪهڙي به قسم جا اشارا، رمزون، غمزون، اهڃاڻ، ميڇون ۽ ڇاندون ڏئي ۽ سمجهي سگهجن ٿيون. هن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي ڏکين ۽ نون، مشڪل کان مشڪل لفطن ۽ محاورن کي پنهنجي وجود اندر هضم ڪرڻ يا مدغم ڪرڻ جي به غضب جي طاقت، ڏانءُ ۽ طريقو آهي.

        عوام جي سهوليت جي لاءِ لفظن جا ڌاتن يا بنيادن يعني اشتقاقن سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ لاءِ هي حرف لکي واضح ڪيو وڃي ٿو، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سڌريل ٻولين واريون سڀ سهوليتون، سوکايون ۽ صلاحيتون موجود آهن، ته پوءِ ڇونه هن ٻولي جو درجو وڌائي، هن کي قومي ٻولين جي پَدَ تي پهچايو وڃي.

        ڪن صاحبن ٻوليءَ جي صوتيات تي پڻ ڪتاب لکي، قوم تي اهو احسان ڪيو آهي، ته لفظن جي ادائيگي بلڪل آسان آهي. صوتيات يعني آواز يا ٻول ڪڍڻ ئي ٻوليءَ جو بنياد تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ ان کان پوءِ حرف يا اکر بعد ۾ لفظ ۽ جملا اچن ٿا. جملن جا قسم به موجود آهن يعني مفرد، مرڪب ۽ مرتب وغيره، جي گرامر جي سونهن کي دوبالا ڪن ٿا.

الف - عربي جا مدغم ٿيل (سمائجي ويل) لفظ:

اصل عربي

سنڌيءَ ۾ ضم ٿيل

معنيٰ

اُف، اُفي

اُٽِي

ڇنڻ، سنگت ٽوڙڻ

اوبالي، البيلو

اَٻالو

پُورالو، پُورن ۾

اِلا ماشاءَ

اَلا ماسي

بنا ويچار جي، ائين ئي

اَب

ابو، ابا، بابو

پيءُ، پتا

اُم

اَما، ماءُ

اَمڙ، اَمي

اِذن

هُذن، هدو

اجازت

آذقيہ

آجڪو

بچت

ازرقِ

اجرڪ

رڱيل ڪپڙو، نيري رنگ وارو

اتفاقاً

اتفاقي - اپاڪي

اوچتو

آئينه

آهيري

آرسي، درسني

اِجوان

جاڻ

هڪ وکر جو نالو

قِّغَن

واڱڻ(1)

ڀاڄيءَ جو قسم

بَقال

ٻاڪري

ٻاڪرو گوشت وڪڻندڙ

بصل

بصر

پوک جو قسم

بلخي (ملڪ)

بُختي، بُغدي

اُٺ جو قسم

بشريٰ (مبارڪ)

بسري

ڳڙهاري، مٺي ماني

ماءَ

مينهن

وسڪاري جو پاڻي

مهڙ

سهرو

زال يا مڙس جو پيءُ

عاجز

آزرت

ڪڪ، بيزار

ابهم

اڀومڙو

ٻالڪ

عدم

اُڌمو

اندر جي ڇڪ

بخاري (ملڪ)

بلغاري

ڌاري ديس جون شيون

بلغم

بيلخم

کانگهارو

بني تميم

ٿهيم

هڪڙي ذات يا نسل

بني طيبه

ٿيٻا

هڪڙي ذات يا نسل

بيعنامو (معرب)

بيانو

اڳواٽ طئه ٿيل سودو

تنور

تندور

بٺي يا زمين اندر چلهو

تفهص

تپاس

جاچ ڪرڻ، پرکڻ

تعويذ

تائيٿ

رِکيا، تائيٿ لکائي ٻڌڻ

تبت

ٿٻيٽ

هڪ ملڪ

مسطرهِ

مستري

سڌائي ڄاڻندڙ (رازو)

ثغر

سڳر

وٽ، رستو، گس

ثمر

سمر

سامان، توشو

اَساتذه

استادَ، اوستو

اوستو، ڪاريگر

جَسد

جسم

بت، بدن

جُعدهِ

جاد، جهنڊ

ٻار جا پهريان ڄمڻ وارا وار

جوف

جُوکو

پيٽ خالي، لالچي

حوض

هود

ڪني پاڻيءَ جو دُٻو، نڪَ

صبح

سڀاڻ

ايندڙ ڏينهن

حَبس

اُٻس

گُهٽ، گرمي، ٻوسٽ

حِرص

هِز، هِس

زور ڀڃڻ، خيال لاهڻ

حسد

حدس

هوڏ، مندائي

حاذق

هاتڪ

گهڻو ڄاڻندڙ، حڪيم

خندق

کنڌڪ، کنڌي

کڏ، وهڪ

خضر

کِڌر

خواجه خضر

خطاب

خُٿاب، کُٿاب

مڪتب، خٿاب خانو

خديجه

کتيجان، خدَيتِ، کُتو

عورت جو نالو

خاتون

کاتون، کتان، کاتي، کَتُل، کَقِي کاتان

عورت جا نالا

دار مياء (معرب)

درياء

ندي، نهر

درهم

دمڙي

سڪو، ڪي پيسا

دائرو

ڍارو

ڦرندڙ ڳوٽَ، ڇَڪو

دُئار

ڏوارو

جاءِ جو کليو لنگهه، وايو

دِلوُ

دِلو

پاڻيءَ جو گهڙو

ارڪان

اِرکڻ

لڇڻ

ورع

وَرهيو (وروءَ)

هاري لاءِ اناج

لعابه

لِٻَ

ڏندن ڀڳل پٻو (ڦڏو)

آتبه

آتي، آهتي(1)

روزانه ايندڙ، گراهڪ

زئبات

جبَات

سينگار جو سامان

زلزله

جرجلو، ٿرٿلو

سخت ڌوڏو، ڏهڪاءُ

اسم

آسامي

نئين جاءِ پيدا ڪرڻ

اِسڪن*

اسڳنڌ

ڦٽ

اَفيون

آفيم

امل

سڪر

سکر

سکر جو شهر

سِطر

سٽ

سڌائيءَ ۾ لکيل اکر

سيدي (سردار)

سردار

جناب، مسٽر، ميان

سانحه سطح

سنهه ستي (ساهه ستي)

واندڪائي، فرصت

سَحُور

اسور

اَسر، لَڙيءَ رات

شعاع

سُهائو

سوجهرو

شمع

شم

متو يا ڏياٽ

شلوالُ

شلوار

ڪانچ

شهود

شودو

جاسوس

صندل

چندن

خوشبودار ڪاٺي

صدمَه

ڏمُون

ٺوڪر، اندر جي اُڇل

ضوءَ

دئو، ڏيئو

سوجهرو ڪندڙ، بتي

ضعيف

ضائفان، زائفان

ڪمزور عورت

طشت

تسُ

ڪنو يا ٺڪر جو تسڙو

طبق

طباق

باسڻ، ٺڪر جو ٿانءُ، پاٽ

طلاطم

تلاءُ

ڇوليون هڻندڙ، سر

عڪس

اُس

تڙڪو

عالي

آري

هڪ بلوچ جو نالو

عاليَه

آرياڻي

بيبي، وڏ گهراڻي جي عورت

عذاب

آداب

ڏک، سور، درد

عُروهِ

وَرت

رسو يا نوڙي

علي

عولي، عَيلِي

(هيءُ نالو پٽڻ وقت چوندا آهن)

عرق

ارڳ

چڪايل پاڻي

علحدهَ

آرادو

ڌار، جدا

غوث

گنوسڙو

جاسوس

غُرفَه

ڳُڙک

لوگهو، لياڪو، دري

فضول

ڦدوليون

اجايون ڳالهيون

فاطمه

ڦاپو، ڦاپل، ڦاپي ڦاتما

عورت جا نالا

فوم

ٿوم

وکر (عام طور ڀاڄيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ)

فِدريَ

ڦنڊر

ڦر نه جهليندڙ ڳئون، مينهن (ڪوس جو مال)

فرش

قْڻڇ

تڏو، تؤنري

صدره

صدري

سيني ڍڪڻ جو سبيل ڪپڙو

صوفَه

سُرخو

اڇي رنگ جو گهوڙو

قفل

ڪلف، ڪرف

در کي ڏيڻ جو تالو

قبَه

ڪُٻو

گندن واري جاءِ (ڪٻڙوماڻهو)

قبالَه

ڪاٻاڙو

اڳواٽ لکايل

قدح

ڪاڍائو - ڪاڏاهو

پاڻي ڪڍڻ جو ماپو، ڳنر

قدريَه (ديڳ)

ڪِندُوري

ديڳ مان چانور چکڻ

قميص

خميس

بدن جو سبيل ڪپڙو

قلابازي (معرب)

ڪَلٽي

اُٿلي اونڌو ٿيڻ

قطره

ڳترو

ٽڪرو، ذرو

قطع

ڪاتي

ڇُري، ڪپ

ڪَنزُ

خزانو

ڌن، دولت، ملڪيت

ڪؤس

ڪاسو

ماپو

ڪفايه

ڪيوٽ

سنجم، سانگ صرفو

ڪجل

ڪجل

اک لاءِ ڪاراڻ

ڪافور

ڪپور

وکر

طغرل

ٽيڳر، ٽيڙي

وڏائي، هٺ

لذت

لست

مزو

مرحوم

مرحيات

مري ويل، رحمت ۾ ٿيل

متعلوي

مٽياري

هڪ شهر جو نالو

مبلغ

مَبلڪ، مَبلک

تمام گهڻو

معرڪه

مارڪو

ڪچهري

ماداً

موازي

اوچتو

مرحوم

مرهيات

رحم هيٺ آيل

مات

ماد

مارُ

مقيس

مُڪو

ڀرت ڀرڻ جي زري

مطلع

ٿَلهه

ڪافيءَ جو منڍ

مويشي

ماؤسي

مال تي محصول (ميرن جي حڪومت ۾)

مطرقة

مترڪو

هٿوڙو

مواد

متن

پورو احوال

مسجد

مسيت، مهجد

عبادت جي جاءِ

نبض

نوض

ساهه جي ڌڪ ڌڪ هڻندڙ نس

نقد

نفز

روڪڙ

نعره

نارو

هوڪرو، هڪل

وحش

وهِٽ

گهرو پالتو جانور

ولولہ

وِلِلَ

جذبو

ناعور

نار

پاڻي مٿي چاڙهڻ جو چرخو، هُرلو

نقاره

نغارا

ڀير

افراد

اوپرو

ڌاريو

وحيلً

ويڌن

مصيبت (هڪڙي تي)

غوغاءُ

گوگيا

ڪُوڪرو

غريو

گوڙ

هُل

هاوي

آوي

نهائين، کوري

اَنا

آءٌ

مان

ابرار

ڀلارا

چڱا ماڻهو

ابراهيمي

برهماڻي

هڪ ذات يا نسل (ابراهيم جو نسل)

باڪره

بوراڪ

ڪنواري ڇوڪري

حباب

هٻاٻ، اُٻاٻ

پاڻيءَ جو ڦوٽو يا بوڻيو

عاهر

آهر

يار، ڌاريو ماڻهو

بدن

بت

جسم، لڱ

علاقه

اولاڪو

لاڳاپو

مجازي

مجيجي

واقفڪار

قرعه

ڪُڻو

پُکو يا فال

صاب

ساڀيان

ڄاڻي واڻي

وطاءُ

وٽو

ڪٽورو

قطره

ڳترو، ڪَترو

ڪتر ٿيل ڦڙو وغيره

بحث

بئنش، بيث

ڳالهه ٻولهه

خوق

ڪؤ

پاسو ڪرڻ

بدرهِ

بِڊَ

وڏي هڙَ

وداع

بدا

لٿو، ويو

بط

بطخ

بدڪ

جوزا

جاڙا

جڙوان، ٻٽا

برڪت

برکت، برک

چڱو

بِيَو

ويري

ننڍي کوهي

باطية

بوتل

ٻاٽلي، بالٽي

بزاز

بجاج

ڪپڙو وڪڻندڙ

اِلهاب

اولانڀو، اوڀالو

باهه جي ٻريل ڪاٺي، ڄِڀي

عليل

اُليل، اُليلون

اُليرون، اُلرون

اُلفي

اُفي

اوٽي

نحس

نِدس

نڀاڳو

باالمقطة

بالمختو

مفت

عول

ايل

قيدي، باندي

علاج

ايلاز

بلو، ڀيڻي

آمنه

ايمڻا

عورت جو نالو (حضورﷺ جن جي امڙ سانئڻ جن جو اسم مبارڪ)

محتاج

موٿاڄ

بيوس، گهرجائو

باب

بونب، ٻُنڀو

ٻاهريون لنگهه

اعمال

اهمال

دوکو ڏيڻ، دغا ڪرڻ

اِذا

اِجهو

اشارو ويجهو

اِفق

اِرڪ

ٺونٺ جي هڏي يا ٽيڪ

اصطبل

طنبيلو

ڪُڙهه (گهوڙن جي)

عاق

آنڪو

نافرمان

ادا

عدَهه، اَدَههُ

پورو، ڪرڻ

فوطَقه

پوتي

عورتاڻو مٿي ڍڪڻ جو ڪپڙو

رداءُ

رؤ

عورتاڻو مٿي ڍڪڻ جو ڪپڙو

اديم

اڌوڙ

چمڙو آٻوهيل

نقطة

نُختي

مٺائي، جنهن مان لڏون ٺهن

وحوش

بهوش

گدلو

بلاحذر

بلحذير

ڪميڻو

وبال

بنبال

جنجال

وبا

بفا

بيماريءَ جو قسم

باسور

بواسير

موڪن جي بيماري

ابن

بن، بنو، وَنو، بنرو

پٽ يا گهوٽ

درع

زرهه

فوجي لباس جيڪو تلوار جي بچاءَ ۾ فوجي پائيندا هئا

قالب

ڪارب

ڍانچو، سانچو

ب - فارسيءَ جا سنڌيءَ ۾ سمائجي ويل لفظ:

اصل فارسي

سنڌي ۾ ضم ٿيل

معنيٰ

آستان

ٿان، ٿاڻ، وٿاڻ

وهٽن بيهارڻ جي جاءِ، بيٺڪ

آستانو

ٿاڻو

پوليس جي جاءِ

خوانده

آخوند

پڙهائيندڙ، استاد

دريچه

دري

لوگهو، لياڪو

بچه

ٻچو

ڦرُ

بند

ٻنڌ

روڪ، آواندو

باورچي

بورچي

راڌو

خانچه

کانچو، گهانچو، جهانڪو

ننڍڙي کڏ

خُوب بُرو

کوٻلو

بڇڙو ماڻهو

شادباش

شِاباس

جَس، آفرين (عزت افزائي ۽ همت افزائيءَ جو هڪ ڪلمو)

ديباچه

ڌماچ

ڪپڙو

تراشي

تري

گهڙي، ڇلي

زن

زال

عورت، جوءِ

برغلانه

ڀڙڪائڻ

خيال ڦيرائڻ

گِل - ڪِهگل

گچ، گارو

پسيل ڀنجو

پابندن - پيندن

پاڍڻ

وهٽ کي ڊگهو رسو وجهي ٻڌڻ

چيخ

ڪيهه

دانهن

ماهه

ماس

گوشت

پنجه

چنبو

بجو، ڀونڊو

آهسته

آراسته، آهستي

هوريان، ڌيري

ديده دانسته

دينا داستي

پڌري پٽ

غنچه

گوشو

ڇڳو

چيره

کيرو

ڦاٽل، ليڙو، نستو

آزاد

آجو

ڇڙواڳ، جاٽولو، ڇوٽ، واندو

بادشاهه

باڇا

حاڪم

اجمود

اجواڻ، جاڻ

وکر

ابرو

ڀرون

اک جي کوپي مٿان وارن جو ليڪو

آخور

آهورُ

مال جي چاري جو ڪونر

آهنه

آئينه

آهري، آرسي

اروبليٰ

الوڀلو

هٿوباري، همراهي

اروغ

اوڳرائي

ڏاڪار

بدتر

بَنز

بڇڙو

برآمده

برانڊو

ورانڊو

پشت

پٺ

ابتو پاسو

ڪُنده

کُنڊو

دغاباز

پيند

پينڌو، پينگهو

لڏڻ جو هندورو

سرمه

سوئيرو

اکين ۾ وجهڻ واري ڪاراڻ

مرد

مڙس

ڀتار، وَرُ

ڪودڪ

چوچڪ، ڪِڪِو

ننڍڙو ٻار، ٻالڪ

ڪاروباري

ڪاٻاڙي

پراڻو سامان وڪڻندڙ

ڪجاآر

ڪڄاڙو

ڇا، ڪوهه

حاصل ڪار

هاسيڪار

اميد رکي

هسوار

سوار

وهٽ تي چڙهي هلندڙ

پَسري

پَسوري

بڻ، بڻياد

خَربوزه

کٻوسڙو

گدرو، گدري جهڙو

بوزنه

بوزان

ڀولڙو

گاؤ

گانءِ، ڳئون

ڍڳي

ماهه

مهينو

سال جو ٻارهون حصو ٽيهه ڏينهن

ڪاغذ

ڪاڳر

پنو

ڪليدي

ڪنجي

چاٻي

مداد

مس

سياهي

سرانجام

سرڄامي

اٺسٺو

آل جال

اَلَڇَل

انڇر، گهڻا

ما

مان

آءٌ

باديه

باڙدي

بالٽي

ڪوزه

ڪؤنرو

ڪرو

اسپغول

اسپنگر

پسارڪي وکر جو نالو

بلاق

بولو

نڪ جو ڳهه

بيخ

بيک، پاڙ

بنياد

بالشت

بليس

گرانٺ، ٻاڙي وهيٽ

شيرين

شيرو

سيرو

آفتاب

استاوو

بدنو يا ڪرو

 

انگريزيءَ جا سنڌيءَ ۾ سمائجي ويل لفظ:

اصل انگريزي

سنڌي ۾ ضم ٿيل

معنيٰ

آرڊر

آڊر

حڪم

آرڊرلي

اردلي

خاص سپاهي

اسٽيشن

ٽيشڻ

ريل گاڏي بيهڻ جو هنڌ

انسپيڪٽر

انسپيٽر

عملدار

ايئر رنگ

ايرنگ

ڪن جو ڳهه

انڊيا

اِنڊيا

ڀارت

اسٽئنڊ

اسٽان

لارين جي بيهڻ جو هنڌ

باريٽر

باليسٽر

وڏو وڪيل

بٽن

بٽڻ

ٻيڙو

بِيوگِل

بِغل

توتارو (منُ)

بئاءِ

بوئي

نوڪر، ڇوڪرو

بئينڊ

بئينُ

واڄو

باڪس

باڪس - بڪس

پيٽي

پلاٽون

پلٽڻ

فوج

پبلڪ

پنبلک

ماڻهن جو ميڙ

پئنٽ

پتلون

ٻڇانگي

پريزيڊنٽ

پريزيٽنڊ

راشٽر، صدر

ٽائوٽ

ٽوٽ

لوفر، لفنگو

ٽچ

ٽئينچ

ڇهڻ

ٽائيم

ٽيم

وقت

ٽڪٽ

ٽڪس

فردي، پتري

ٽائيٽ

ٽاٽ

بلائتو، سوگهو، مضبوط، قابو

ٿرڊ

ٺڊ

هيٺيون ڪلاس

جنرل

جرنل

فوجي عملدار

سينٽرل جيل

سينٽرجيل

وڏو قيد خانو، وڏو جيل

سپرنٽينڊنٽ

سپريڊنٽ

پوليس عملدار

ڊاڪٽر

ڏاڪدر، ڊاڪدر، ڊاڪٽر

معالج

راجرس (جرمني ملڪ ۾ ڪارخانو)

راڄسي

معياري اوزار

سئنڪلي

سنگهر

زنجير

ڊرائيوَر

ڊليوَر

چالڪ

سوپ

صابڻ

صابڻ

ائڊ ڊي ڪئمپ

آڙي ڪاپ

وڏو چالاڪ

رڪروٽ

رنگروٽ

نوَلو، الهڙ

روڊايشيا

روڏوشاهه

آفريقا جو هڪ ملڪ

گن مشين

گهنڊ مشن

گوليون وسائيندڙ بندوق

شاپ

ڇانپ

وڏو دڪان

فلئگي (جهنڊي وارا)

فرنگي

يورپي، گورا ماڻهو

فرسٽ ڪلاس

فسڪلاس

اول يا پهريون درجو

فالين

فالم

تيار ٿي بيهڻ

فوُٽ

ڦوُٽ

ماپ

لارڊ

لاٽ

وڏو ماڻهو

ليگ

ليگ

جماعت

آئيس ڪريم

اشڪريم

ملائي برف واري

بٽلر

ٻٽريل

ماني کارائڻ وارو

لائين

لئين

قطار

ماجسٽريٽ

ماجريٽ

عدالتي عملدار

ڊزن

درجن

ٻارنهن شيون

ماسٽر

ماستر

استاد

مل

ميل

ڪارخانو

ڪوچ مئن

ڪوچوان

گاڏير

ڪٽ پاڪيٽ

ڪاٽڪو

ڳنڍڙي ڇوڙ

ڪليڪٽر

ڪليٽر

روينيو عملدار

ڪورٽ

ڪورٺ

عدالت

ڪُلي

ڪولهي

مزدور

واچ

وانچ

گهڙي

ويسٽ ڪوٽ

واسڪوٽ

صدري

وارنٽ

وارنڊ

ڪيس جو پتر

اسٽئمپ

اسٽامپ

ٽڪيلون

اسپنج

اسفنج

مئل ڪڪڙ

هارن

هارون

توتاڙو

هارمونيم

هارمون

باجو

بئلنس

ٻالانس

بچت رقم

بيوٽيفل

بوفلو

سهڻو

بلڊاگ

بلٽاڪ

ڪتي جو قسم

باٽل

بوتل

ٻاٽلي، ٻالٽي

ڪيٽل

ڪٽلي

چانهه داني

رپورٽ

رپوٽ

پوڪار

ڊيوز

دئونس

نالائق

سينٽر

سنتر

قطار يا وچ

گارڊ

گهاٽ

پوليس چؤنڪي

لئمپ

لاپ

بتي

اٿارٽي

هٿارٽي

اختياري

ٽائيٽ

ٽاٽ

سوڙهو، مضبوط

 

مقلوب سنڌي لفظ:

        مقلوب، انهن لفظن کي چئبو آهي، جي ساڳيءَ مخرج وارا لفظ يا اُبتا سبتا لفظن جا اکر، هڪٻئي جي اڳيان پٺيان ٿي بيهن، پر معنيٰ ۾ ڦير نه هجينِ. اها ٻوليءَ جي وڌيڪ خوبي آهي، ته لکڻ ۾ اکر بدل سدل ٿي وڃن، پر معنيٰ ۾ ڪوبه فرق نه اچي. ٻوليءَ ۾ اهڙن لفظن جي به کوٽ ڪانهي.

اصل

بدل

معنيٰ

ازرق

اجرڪ

نيرو رڱيل ڪپڙو

اُتپن

اُپت

پيدائش

بُوجرو

جَنبورو

ڊگهن وارن وارو

حَْٻڪو

ٻُچڪو

چٻاڙڻ جو آواز

حسد

حدس

چڙهت جو خار

ٻُٿ

ٿُٻ

ٻوڙو

جاڙوکرَ

جاکوڙ

محنت، پورهيو، تڪليف

جنهن لاءِ

جيلانهه

جنهن ڪاڻ

تنهن لاءِ

تيلانهه

تنهن ڪاڻ

پلٿي

پاٿولي - پاٿاري

ويهڪ

ترهڏ

هڏتر

اٺ کي ڇڪي چمر ٽوپڻ

درهمي

دمڙي

سڪو

سرٽ

سٽر

همت ڀريو

پنجو

چنبو چنگل

بُجو، ڀونڊو

ڳڀور

ڳڀرو

ڇوڪر، نينگر

ڀؤنر

نڀور

گهاٽو ڪارو رنگ

زيره

ريزو

داڻا داڻا ۽ وکر

خوانده

آخوند

استاد

ساهڙ

ساهڙ

ميهار، ڏهندڙ

ساهنگو

سهانگو

سستو

شُبهه

شائبو

شڪ

نڪَ چڻو

نچڪڻو

وارن چونڊڻو

سُڏڪا

ڏسڪا

روئڻ کي روڪڻ جو آواز

سِرجڻ

سجرڻ

بنياد وٺڻ، قرار وٺڻ

سِرڪڻ

رسڪڻ

رڙهڻ

فليتو

فتيلو، پليتو

وٽيل ڏورو يا وٽيل ڪاغذ

ٿت

تٿ

مقرر تاريخ (شاديءَ جي)

ٿيتي

تيٿي

روزانو ايندڙ گراهڪ،ٻڌل گراهڪ

قفل

ڪلف

ڪرف، قِالو

ڪاريا

ڪاريا

ڪم ڪرائڻ مصدر مان

ڪودڪو

چوچڪو، ڪِڪو

ٻارڙو

چِڪڙ

ڪچر

گپ

بگري

گبري

جهولي

ذليل

رذيل

ڌڪاريل، ڪريل، وس ۾آيل

کانچو

جهانڪو

کڏ - کوٻو

مٿڇرو

اڇاترو مٿاڇرو

سطحي ڪم ڪرڻ

طفل

طلف

ٻارڙو

وزارت

وزرات

وزير ٺاهڻ

وچن

چوڻ

ٻولڻ، انجام

آگم

آڙنگ

مينهن پوڻ جي گهٽ

حلوائي

حولائي

مٺائيءَ وارو

لمحو

لحمو

کن، ساعت، پل، گهڙي

ارڌنگ

اڌرنگ

بيماري جو قسم

اٺاڳ

اڳٺ

(اڳٺ) سٿڻ ٻڌڻ جو ناڙو

آتار

تنوار

ٻولي، لات، هڪل

اُتامڙو

اَئونٿرو، ايٿرو

حرڪتي، اُٻهرو

پرت

پتر، پَٽُ

پنو

آماج

آجام - آچام

نشانو

آڍانگو

آڳانڌو

آسرو

ليکت

لکيت

ياد رکڻ

سهڪڻ

هسڪڻ

تڪڙو ساهه کڻڻ

مهريون، موراهيون

مهارون

ڏندن جو ماس

اصلي

اصيل

کجيءَ جو قسم

ارٽي

ائٽڙي

ڪپهه ٽاڻن جي چرخي

اباڪڻو

اٻاڻڪو

اُداس

بوگو

گوبو

بوڊو

بادگير

بازيگر

منگهه (هوا جو)

پچي

چپي

نڪ يا اک جو لعاب

نڪمو

ڪمينو

بيڪار

باگڙ

بَگڙو

ڦٽل رنگ

نوش دارو

نوشادر

اڇڙو (وکر)

امروش

اَرموش

وڏي ڄمار وارو اُٺ

بادلي

بالدي

باڙدي

هيڪلو

اڪيلو

پنهنجي سر

چڪري

چيڪلي

ڦيراٽي

اهو سهو

اوي سوي

جيڪو ٿيڪو

تِرڇ

ڇتر

ڪورَ

برٽ

بَٽر

سوٽ، مضبوط

ورسيو

وسريو

ڀليو

ٻاڏ

ڏاٻ

شلوار مٿان ٻڌل گوڏ

چندي

تنجي

پيشانيءَ جو ڳهه

ٻيٻاهو

ٻاٻيهو

ڄاهو

ٻگهارو

ٻرگهل

وڏو ڳڙک يا سوراخ

ٻڏو

ڏٻو

پاڻي ۽ تيل وغيره جو ٽين

ٻپي

پٻي

چٽ، دلبو

چرٻ

چهٻر

وڏو ڦٽ

گبري

بُگري

فقيرن جي جهولي

بغادر

بغدار

جوئراَ

بست و بند

بندوبست

پاڻيءَ جو ورهاڱو ڪرڻ

باڪره

بوراڪ

ڪنواري

چپاٽ

چماٽ، لپاٽ

ٿڦڙ، ٿڦ

پرهيو

پهرايو

ڪپڙن ڍڪيو پاتو

ڪچُ ڪچُ

چُڪ چُڪ

ڇيڙ ڪرڻ

ورڄي

وڄڙي

کنوڻ

بغچو

بجڪو

ڪپڙي جو ڳوٿرو

ڪنبَ

ڀنگ

تاوان

تڪ

ڳت

ساهوارو

جناور

جانور

ڍور

 

جمع جا جمع لفظ:

جيتُ

جيتَ

جنتر

گهوڙو

گهوڙ

گهل

راڄ

راڄُ

مهاڄڻ

پکي

پکي

پکڻ، پکراڙو

ٺِڪرُ

ٺِڪرَ

ٺِڪراٽو

وڻُ

وڻ

وڻڪار

ڪنڊي

ڪَنڊيون

ڪَنڊ

مينهن

مينهون

ميهاڳ

ڪاٺ

ڪاٺَ

ڪاٺوڙ

ڪوڪ

ڪوڪون

ڪوڪراٽ

ڳاٽو

ڳاٽا

ڳاٽَ

ڳيچُ

ڳيچَ

ڳاچَ

مک

مکيون

مکراڙ

ڊِٻَ

ڊٻون

ڊٻوڙ

ڪِرڙُ

ڪِرڙَ

ڪرڙاٺ

ڪپڙو

ڪپڙا

ڪاپڙَ

وِڳو

وڳا

وسترَ

ويسُ

ويسَ

وڳاٺ

گڏو

گڏَا

ٻار - دَن

ماپَ

ماپون

ماڻَ

گند ڪچرو

گند ڪچرا

ارُوڙَ

کوڙي

کوڙيون

کرو

جشنُ

جشنَ

جُعڃَ

ڪيڙو

ڪيڙا

ڪيٽ

مياڻي

مياڻيون

ماڃر

سپاهي

سپاهي

سپاهه

کنگهه

کنگهون

کرٽو

دُهلُ

دُهلُ

دمامَ

گڏهِه

گڏهيون

گڏهوڙ

ڇيڻو

ڇيڻا

ڇيڻ

مڇي

مڇيون

مڇاڻ

ڪنُ

ڪُنَ

ڪينَ

جهرڪي

جهرڪيون

جهرڙ ۽ جهار

مليرُ

مليرَ

ملهارَ

ڀترُ

ڀترَ

ڀنجو

ڍينگهرُ

ڍينگهر

لوڙهو

پَنِ

پَنَ

پَنِ

ڪانُو

ڪانا

گڏو

مڪڙي (ٻيڙي)

مڪڙيون

مَڏِ

ڀنڊ (ڪپهه)

ڀنڊُون

ڀانڊو

ڀنڊاري

ڀنڊاري

ڀانڊاري

جنگي جهازُ

جنگي جهاز

آرماڙ

مڪڙُ

مڪڙَ

ماڪڙ

ڇينڀو

ڇينڀا

ڇانگَ

ملڪيت

ملڪيتون

اِملاڪ

اَنُ

اَنَ

اَناج

ڦُرِ

ڦُرون

ڦراڙ

ڦڙي

ڦڙيون

اوڙڪ

ڏاڙهي

ڏاڙهيون

ڏاڙهه

مئلُ

مئلَ

مڙَههَ

ڌاتو

ڌاتو

ڌات

کدڙو

کدڙا

کدوُن

چورُ

چورَ

چور ڊڊي

ڪکُ

ڪکَ

ڪاڳر

ذات

ذاتيون

راڄ

پالتو جانورُ

پالتو جانوَر

وهٽ

چؤپايو مالُ

چؤپايا مالَ

ڍور

اَڪُ

اڪَ

آڪارو

موچڙو

موچڙا

کَلا

گُندي ڪپڙو

گُندي ڪپڙا

لَٽا

هڏو

هڏا

هڏُ گُڏ

جهنگ جو جانورُ

جهنگ جا جانورَ

مرون، راڱا

عام جانورُ

عام جانوَر

پسون

پاڙ

پاڙون

لاهه

ڪنڊو

ڪنڊا

اَرِ

ماڙي

ماڙيون

مَاڙ

ڏوهي

ڏوهي

ڏاهه

نارُ هرلو

نارَ هرلا

هَلَٽُ

ڪوڏي

ڪوڏيون

ڪچُ

دڙي

دڙيون

دَڙ

ڪانگ

ڪانگ

ڪانگيرو

ٻارُ

ٻارَ

ٽيٻرُ

ڇيلو

ڇيلا

ڇانگ

ٻيلهپَ

ٻيلهپون

ماڙُ

مڇرڪت

مڇرڪُتون

ڄارو

ٽاهوُ

ٽاهُو

ٽاڄا

ڌاتن جو بڻياد سنڌيءَ ۾

لفظ

ڌاتو

مطلب

ٻيانگڙي

ٻه + آڱري

ٻن آڱرين جي وچ وارو خال

ڪرنڊ

ڪنڊ+ رَنڊ

ٻن آڱرين جي وچ ۾ خال واري ڪنڊ

ڪانڊيرو

ڪنڊن+ ڍيرو

هڪڙو ننڍڙو ٻوٽو

پاڻهياري

پاڻيءُ+ هاري

پاڻي ڀريندڙ زال

وچويو

وچ+ آيو

وچ وارو ماڻهو

مانائتو

مان+ اَرٿو

مانُ لهندڙ

مکڻياتي

مکڻ+ ارٿي

اهڙي ڳئون يا مينهن جنهن جي کير مان گهڻو مکڻ نڪري

اناڙي

اڻ+ آريه

اڻ سڌريل

اَڳُٺ

آڳو+ پٺ

سٿڻ، شلوار لاءِ ناڙو

اَرڏو

اڻ+ريڌو

نه سرچندڙ

جوءِ

جاءِ+ويُ (فارسي)

چراگاهه يا ملير، ملهار

گهنگهر

گهاءُ+گهر، گهانگو+گهر

ڏکي جاءِ

ڏڦير

ڏون+ڦير

ٻن ۾ ڦيرو ايندڙ

واهوندو

واءُ+الهندو

برسات واريون هوائون

مڇاترو

مٿ+اَڇُهت وارو

يا مٿڇرو

اڇا ترو

اڻ ڇَهت وارو

بي ڇتيو

آگهارڻ، اوگهارڻ

اُگهي+آڻڻ

پاڻيءَ مان ڌوئي ڪڍڻ

ڇاڇولڻ

ڇڇ+اولڻ

گهڻي پاڻيءَ مٿان تارڻ

آٺرائڻ يا آڇارڻ

اَڇ+ آڻڻ

پاڻي آٺرائبو آهي

جوگير

جَوَ+گير (فارسي)

گهوڙو گهڻا جَوَ کائي مٿان پاڻي پيئندو، ته ان کي جَوَ گير جو مرض ٿيندو. وڏي پيٽ واري ماڻهوءَ کي به چون

سانتيڪو

سانت+هٿيڪو

ماٺ ۾ رهندڙ، آرام ڪندڙ

ٿانئيڪو

ٿاڻ+هٿيڪو

ڪنهن سولي هنڌ رهندڙ

ٿاڻ

اصل فارسي آستان

ٿاڻ، وٿاڻ، ٿان

ڀاڻ

ڀون+آڻ

ڀيڻين جو جمع ڀاڻ يا ڀاڻو

ڀيڻي

ڀون+آڻي

ٿوري جاءِ، جتي ماڻهو ٿورو وقت بيٺو يا ويٺو هجي

ڪڻٺو

ڪنٺ+وٽو

ڳچيءَ ۾ وٽيل ڏورو پيل

وڏوڙو، واتوڙو

وات+وڙو

وات جو وڙ وڃائيندڙ، ڪاوڙيل

ٻيلڙو

ٻيلهه + اڙو

گڏوگڏ اُڙيل يا ٻئي + لَهه اڙيل

مهاڄڻ

مها + راڄن

وڏو راڄ هئڻ

پهاڄ

پوئين + هاڄ

هڄڻ مان، مڙس جي ٻي زال

لنگهياري

لينگهن +واري

ڪپڙن ڦاٽل

لوئياري

لوئي + واري

کٿيءَ ڍڪيل

ڪُنڀر

ڪنڀ + ڪار

ڪنڀ، گنب معنيٰ آلي مٽي. مٽيءَ جو ڪم ڪندڙ

لوهر

لوهه + آر

لوهه جو ڪم ڪندڙ

ناگناهه

ناگن + واهه

هڪ واهه جو نالو

ساجناهه

ساجن + واهه

ساجن جي نالي تي هڪ واهه

ڏونگهي

ڏون + اَنگهي

ٻه ٽڪر ٿيل

اوگهڙ، اُگهاڙ

اوڳهه + گهڙ

هرَ جي اوڳه وانگر پڌرو ڏسڻ ۾ اچڻ.

سُکالو، سگهالو

سگهه + اَوَلو

بيمار

اَڳائو

اڳهين + ڄائو

زال يا مڙس جو اڳيون اولاد، اڳ ڄائو

سڳائو

سب يا شڀ + ڄائو

سنئين طريقي ڄاول

ٽکڙ

ٽيو + اوکڙ

ٽن پٽن مٿان ڌيءَ يا ٽن ڌيئن مٿان پٽ ڄمي ان کي به ٽکڙ چئبو.

ٽياڪڙ

ٽيون+ سکر

امين، نبيرو ڪندڙ

نبيرو

نڌ + ڀيرو

آخرين فيصلو

سهاءِ ساهه

سُون + ونهانءُ

شاديءَ ۾ ڏنل سڀن عضون جو سون

نئڙت

نمڻ + ارٿ

جهڪڻ

اُڊڪو

اُڊ + اُلڪو

ڊپ، ڀؤ

ڏوڳڱري

ڏون + ڳرَ

ٻن حصن واري

ڪنگهر

ڪنگههَ + کڙُ

گهاٽو مواد

کانگهارو

کنگههَ + اوڪارو

گهاٽو لعاب اُڇلڻ

پئيند، پينڍو، پينگهو

پا + بند (فارسي)

پير ٻڌڻ

پيڪڙو

پا + ڪڙو

پير جو ڪڙو

کرانڊي

کر + ننڍي

هڪڙو کرُ

زيرانڊي

زير + آنتي

آنڊي جي هيٺان

ڀاڻيجو

ڀيڻ + جو

ڀيڻ جو پٽ

ڀيڻيويو

ڀيڻ + ونهايو

ڀيڻ جو مڙس

ماسات

ماسي + پٽ

ماسي جو پُٽ

ماروٽ

مامي+ پٽ

مامي جو پُٽ

پڦڙ

پڦي + ور

ڦڦي جو مڙس

کٻو سڙو

خربوز + ڙو(فارسي)

گدرو

گنوسڙو

ڪن + نوشرو

ڪن ڏيندڙ، چغلي خور

ميسڻو

ماٺ + سياڻو

ماٺ ڪري ڳالهه سمجهندڙ

مهراڻ

مهه + آب روان (فارسي)

وڏو پاڻيءَ جو وهڪرو

مهراڻ

مها+آرڙڻ (پراڪرت)

گهڻو ريج ڪرائيندڙ

مهراڻ

مهاڙ + رڻ

منڍ غيرت بازيءَ جو

کانڀاڻي

کنڀ+آڀاڻي

پکين هڪلڻ لاءِ ڳوڙهن وارو نوڙ

چولو

چؤ+لهو

چئن دامن وارو

گندي، ڪنڌي

ڪنڌ+اندي

پوتي، چُني، اوڍڻي وغيره

لخنالت

لک + لعنت

ڦٽڪار

پڻي

پير + اَڻي

پيرن جي مٽي سڪي

بڀوت

ڀؤ + ڀوت

ڀوت جهڙو

کرکسو

خرخسو (فارسي)

کڙيو جنهن مان کيسو نڪتل فارسيءَ ۾ ڪيسه معنيٰ ڳوٿري

اڙٻنگ

اَڙَ + اُٻنگ

اُٻنگ جي آڌر تي بيپرواهه

گڙنگ

ڪروڙ + انگ

ڪروڙ پتي

اڪيچار

اَ+ڳڻ+ويچار

ڳڻڻ ۽ ويچار ڪرڻ کان ٻاهر

بڙهڙا

بوڙيا + بوڙيا

گهڻو مينهن

کٽارو

کٽ ڦٽ + وارو

کِٽ ڦٽِ وارو

ڪلٽي

گري + اُلٽي

اردو گاڏي اونڌي ٿي ڪري

آواندو

آنهه + ٻنڌو

ٻنڌو، ٻند، ٻنڌي ۽ بند فارسي مان نڪتل

ٻانهوڙي

ٻانهن + اوڙهي

آستين، ٻانهن ڍڪڻ وارو ڪپڙو

پاهوڙي

پا + آهوڙي

پيرن هيٺان مواد ڪڍندڙ

ڇٻي ٻج

ڇاپرو + ٻج

ڇپر يا جبل جو بنياد پيل

ننگ جون پاڙون

ننگ + پارڻو

ننگ پارڻو ته دوزخ ۾ به

مُڪو

موڪليو

مخفف

ڀائٽيو

ڀاءَ + پيٽو

ڀاءُ جو پُٽُ

کؤنچرو

کؤنس + وارو

حرڪتي

کيکرو

کوکي + وارو

کوکي وانگي آواز ڪندڙ. ٻيو کيکڙو پاڻيءَ جو جانور، جو ڪوريئڙي جهڙو ٿيندو آهي.

کيسانو

کيسن + واهڻ

کيسن ٺاهڻ وارو ڳوٺڙو

جاڙوکار

جاڙ + کوڙ

گهڻي تڪليف

اوڪڙ، اوکڙو

اوکو  ويهڪو

پٻن تي ويٺل

تاڃي

تند + اُڻي

ڌاڳن جون تندون ڊيگهه ۾ اڻيل

پيٽو

پيٺ + برو

ڌاڳن جون تندون ويڪر ۾ اڻيل

ٻيٽارو

ٻيٽ+ آرو

ٻيٽ وارو

پيٽارو

پيٽ + آرو

پيٽ وارو

ڦوسيارو

ڦوهه + سيارو

سياري جو وچ يا اوج

نڌڻڪو

نه + ڌڻيءَ ڪو

جنهن جو ڌڻي نه هجي

غيباڻو

غيب + هاڻو

غيبن هنيل

ڌنار

ڌڻ + وآر

ڌڻ چاريندڙ

ڌراڙ

ڌڻ + ڌار

ڌڻ ڌاريندڙ، مالڪ

ڪنڌار

ڪنڌ + آر

ڪنڌ نه ڦيري سگهندڙ، ٿلهي ڪنڌ وارو

ڳاٽ

ڳچاٽ

گچي

نِرڄو

نر + لڄو

بي لڄو، بي غيرت

اوپٽو

اوپرو + پٽ

ڌاريو

پُٺُو

پٺ + ٺپو

ها ۾ ها ملائيندڙ

ڪُهائي

ڪچي + ويائي

ڪچو ويم، سقاط حمل

آرياڻي، علياڻي

عليءَ + وياءُ

سسئي جو لقب

منهينڊ، مهانڊو

مُنهن + آنڊو

شڪل، خاڪو، ڳنڍيل ڏنل ڏورو

چرڻي

چڙهڻي

غلط استعمال - ڏاڪڻ

چرڻو

چؤڙو + ڀاڻئون

ويڪرو

ٻياني، ٻيانگهي

ٻه + اَنگهي

ٻن شاخن واري ٻياني

تيڪيو

تختو

غلط استعمال: تيڪيي جي ڀت، صحيح: تختي جي ڀت

اُبداڻو

ابت + دَهانو

اونڌو سوراخ، ڪانچ جو

چيڻوٺي

چؤنڪ + اڳٺي

ابداڻي جا ٻه چؤنڪ جتان اڳٽ وجهڻ جو گس آهي

ڪاني

ڪان مان + ڪاني

يعني ڪاني ڪرامت

ڀانڀڙا

ڀڀ + ريڙها

ٻار گوڏن ڀر هلندو آهي

ڳوٿرو، ڪوٿرو

ڪؤن + ٿيلهو

ٻيڙي ڪؤن وارو ٿيلهو

ٿيلهو

ٿهن، تهن + وارو

جنهن ۾ ڪي وٿون تهه ڪري رکجن

وَڳيڇڻي، اُڳيڇڻي

وڳي + اوڇڻي

وڳا وڙهيل

ڀرمار

ڀري هڻ + ۽ مار

جامڪي بندوق جي ڌڪ لاءِ اهو لفظ ٺهيو، پر سچ پچ ته ڪارتوس واري بندوق لاءِ هئڻ کپندو هو.

رولاڪ

رولو + آڪ

بيگانو - ڌاريو - اڻ سونهون

ڏوڪڙ

ڏي وٺ + وکر

وکر لاءِ ڪم ايندڙ ذريعو

ڳانڀ، ٻانڀ

ڳئون + رنڀ

هن کي مم به چون - خوفائتي عورت

ڀييانڪ

ڀؤ + آڻڪ

ڊپ ڏيندڙ

ڀوڳ

ڀوڄن مان ورتل

جهر بهر

نِڱيو

نڱ

نڪتو، نڪريو

ڇسو

ڇيهه + سوڌو

ڪنهن بيوقوف لاءِ چون

اُٿڙڻ

اُٿ + ٿڙڻ

کتل شيءِ کي لوڏي ٻاهر ڪڍڻ

ٽيٽ

ٽيڏي + ڏيٺ

ٽيڏي اک سان ڏسڻ

سَمڪ

سمعڪ

عربي لکڻ ۾ غلط رائج آهي

ٿڃُ

ٿڻ + مڃ

ٻالڪ لاءِ ماءُ جو کير

چرچو

آچريه + اشچرجيه

عجيب ڄاڻ

اوساڪيون، شاخون وڻ جون ننڍيون - ننڍيون ٽاريون

اوس + پڪيون

اُس + سڪيون

کجين ۽ انبڙين لاءِ چون

آڊوڪو

اڌ + آلو سڪو

ڪپڙو اڌوگابرو سُڪل يا الا

آنڪو

آلو + سڪو

ڪچو مٽيءَ جو نانءُ

اونگهي

اڻ + گيهي

بنا سڻڀ جي

ڪنڌاٽ

ڪنڌ + ڪاٺ

نار يا هرلي ۾ وهٽ جي ڪنڌ تي رکن

ڪنواٺي

ڪلهي + ڪاٺي

هن ۾ دٻا يا دلي ٻڌي پاڻي ڀرين

انگڙو، آنڪڙو

انگ + اڙو

بارداني تي نشان ڪن

مينهوڳي

مينهن + مارڳي

گهڻو وقت مينهن جو پاڻي هلي

اُڀاڪرو

اُڀ + کوڙيو

ڪا شيءِ اُڀي ڪري کوڙڻ

بوڀر

ڀونءِ + ڀر

سنهي داڻ

ننڊاکرو

ننڊ + اکين وارو

ننڍا اچڻ واري حالت ۾

ڪانڌيپو

ڪانڌي + ايلپو

ڪانڌين جي خدمت چاڪري

سيڻپو

سيڻ + ايلپو

ڪنوار جي مائٽن جي خدمت

الاتهُار

الله + تو + آهر

الله تنهنجي مدد

ڪونڌر

ڪنول + نڌر

نهٽو - ڦوهه جوان

ڪونڌ

ڪنڌ + نوڌ

سر تلوار سان ڪٽيل

ٻاٻيس

بابا + بس

ٻار کي چئبو آهي بابا بس، پٽ  (پيار) بس، ماٺ ڪر

آڏڙي، اڙي

آڏ + اَڙ

ڦڙتي

ڏارو

ڪيڏارو

معنيٰ مقابلو: وانجهي راند ۾ هاري پاڻ ۾ ڏارو يعني هٿ هٿ تي هڻي راند شروع ڪندا آهن، جنهن جو اصل ڪيڏارو آهي - مخفف

وينگس

ورن + گل + ويس

سهڻن ڪپڙن واري سهڻي زال

ونهي، ورني

وَرَ + وَنهائي

ڪنوار

وانگوڙو

وارن + وَنگ + اڙو

زالون وار ويڙهي ڪياڙيءَ مٿان وڪڙ ڏئي ٻڌن

ملاکڙو

ملهه + آکاڙو

ملهه جو ميدان

جيجل

جيئي + جال

سدا جيئري هجي!

آڳيٺي

آڳ + بٺي

مٽيءَ جو چلهو باهه لاءِ تيار ڪيل

بٺارو

بٺ + آرو

سرن جي بٺي وارو

بوڇڻي

ڀرت + چني

ڀرت ڀريل گندي

لاوڻي

لاهه + اوڍڻي

ڍڪيندڙ

آکر

آلو + کير

تازو کير هفتو کن ويائل مال جو

اُپٻيٽو

اُپ + بيٺو

نميل يا رڪوع وانگر

اُٽو

اُپ + پٺو

بَول مٿي کنيل يا پٺا نميل

لانگوٽو

لانگ + اوٽ

ننڍي گوڏ

ڪڇوٽي، ڪڇو

ڪانچ + اوٽ

ڪڇو

سٿڻ

سوڌ + آسڻ

ويهڻ ۾ سوَلي

ٻڇانگي، ٻسانگي، ٻڦانگي

ٻه + شاخي

ٻن شاخن واري

ماٺيڻو

ماٺ + ويهڻو

چپ ڪري ويهندڙ

ويڳاڻي

ويراڳ + هاڻي

اڪيلي يا پريشان

ڳڻتي

ڳڻ + ارٿي

کٽڪو

ڏولائو

ڏوهه + لاهو

آواز ڏوهه جو - اوکو پنڌ

ڪرلائو

ڪرَههَ + لاهو

گوڙ شور جنگ جو

ڏُرت

ڏوهه + رهت

ڏڪار

ڏيٺارو

ڏيک + وَٿ + وارو

ڏيٺ ويٺ وارو

هرتُڙيو

هري + اُٿڙيو

پنهنجي مرضي وارو

اُٻهرو

اُڦٽ + ٻاهرو

جلو باز

اُتاولو

اَٿاهه + اَوَلو

ڪاوڙيل، اُٻهرو

آترويلا

آٿر+ويل

وهٽ، آٿرن رکڻ مهل بدڪندو آهي

اَٻالو

اڻ + ٻل

بي وس، بي سگهو

تترانا

تتريءَ + آنا

پکي آنا آکيرن ۾ لاهين، پر تتر پکيءَ جي مادي آنا زمين جي ڏر ۾ لاهي

ڳنڀير، ڪنڀ، گنب، ڳنڀ

ڳنڀ + ڀير

مٽي جو مادو رکندڙ، وڏي گردي وارو

پاڍڻ

پا + ٻَڌڻ

وهٽ جو هڪ پير ڊگهي رسي سان ٻڌڻ ڪري گهمندو ۽ چرندو پيو آهي

ڦڪڙي

ڦيڪاري

لومڙي

سڱيڻو

سڱ + وهيڻو

سڱ ڏيندڙ

ڏاوڻ

ڏانءِ + اُڻڻ

جانورن جا پير ٻڌڻ

پاڍئو، پاڏِهون

پٺ + ڏانهن

پٺيرو، پٺيءَ پر

ڪرڙوَڍ

ڪُراڙو + اڌ

پڪي عمر جو، هٽيل

جُهونجهار

سونجهه + جهار

عقل جا سلامي

ممڻ مچڻ

معاملو مچڻ

مخفف

ڀنڀٽ

ڀونءِ + اُڀ + تڪ

باهه جا وڏا شعلا

ٻُري

ٻوٻَ + اُڀري

ڀري جو آواز

اُسڙڪ

اُس + ساڙڪ

انتظار

نکٽ

نکشٽر

مخفف

لوساٽ

لوءَ + اُساٽ

سخت گرمي جو اثر

ڪُڌائي

ڪُڏ + انڌائي

خراب عمل

هٻڪ، هٽڪ

هاٻو + اٽڪ

آواز جي روڪ

نِيٺو

نه + هٺو

وڏائي کان سواءِ

نپٽو

نه + پٽو

اولاد کان سواءِ

پئنچاتي

پنج + ڀاتي

راڄ وارو، راڄوڻي

آسرپوٽيون

ايشور + پوٿيون

اشلوڪ، مقدس سٽون

اوسيڙهو

اوچتي + سيڙهپ

انتظار

مَکَڻُ

مٿن (لفظ بدليل)

لائڻ، لڳائڻ

ٻوٿاڙو

ٻوٿ + اڙو

جانورن کي کائڻ کان روڪڻ منهن جو ٻڌڻ

اَهنڊ

اڻ + مهينڊ

ڇڙواڳ

ورلاڀ

ور + اَلاءِ + آپ

مڙس لاءِ جذبات

ڪاڄر

ڪانهه + جر

پاڻيءَ تي ڪانهن جا ٻوڙا

چُوچڙي

شوشو + سڙي

باروت جي هوائي

ڪَڙيو

ڪرَ + وُڙهو

واٽر ڪورس

پاڻياٺ

پاڻي + آٺ يا آڇ

پاڻيءَ جي روءِ تي

ڌڙڪي

ڌُوڙ + دِڪي

واهه جو بند

ڌَڙڪي

ڌَرن + ڏڪي

ڏڪڻي

رَڦڻي

رعب + بدني

ڏڪڻي

نُهن

نئين + وَهوُ

ڪنوار

ڪُڄائو

ڪچو + ڄائو

ڪچو ڦر

نهوڙيو

نهر + هڙيو

ٻوڙيو

نسنگ

نئي + سانگ

نيزي جي چوٽيءَ تي

ڪنجوس

ڪانا + چوس

بخيل

مرچوٺ

مر + چونڊ

ڪنجوس

آچر

آڏت + وار

سج جو ڏينهن

ٻگهني

ٻهه + گني

گهڻن گڻن واري

ڪنگڻ

ڪولابو

چوڙو

انوچر

ان + اوڇر

گهڻا

ٻانهوٽا

ٻانهه + پٽا

زيور

ٻاپڙي

بابڙي

نينگري کي پيار جو سڏ

کيکڙاٽ

ڪوڪراٽ

اوتاڙون

سانگهيڙا

سانگ + ووڙيا

مسافري ڪندڙ

سنگهار

سانگ + گهار

مسافريءَ ۾ رهندڙ

ڊِنگ

ديهه + دنگ

ديهن جو مالڪ وڏو زميندار

ڳڀور

ڳَڀَ + ڀور

معصوم

ڪڄو

ڪج + لڄ

بي پرهيز

ڪرتوت

ڪاريه + اتيت

ڪم

گهپي

گهاءُ + پيهه

ڪروڌ، ڪُرڪُر

ڪانئر

ڪانءَ + اُور

ڪانءَ وانگر ڀڄندڙ

ڪارائو

ڪاريه + واهو

سنڀاليندڙ

ڀنڀوري

”ڀون ڀون“ (آواز) + ڀري

جيت (پاڻيءَ جي موسم وارو)

کانجاڻو

خانچه + خانو

فارسي

ڪچهرا، ڪچهري

ڪي + چهرا

چار صورتون

ڏنير، دنير

ڌچر + چريه

وڏو گوڙ، ونير، ڪارو

ڀيڄ ڀني

ڀون + پوڄ + ڀني

ماڪ مهل

مهانڇڙو

منهن + ڪچڙو

شرميلو يا لڄاڙو

نويسرا

نوا + فيصلا

تڪرار نبيرڻ

نئين سکي

نين + سوکيم

نفيس ڌوتل

ٻار کي

ٻانهن + رکيا

ٻانهن جو تائيٿ - زيور

ارکڻي

هرک + وڻي

جنهن جو هر ناز وڻندڙ هجي

ڌاڪو

ڌاڄو + پڪو

حڪومت، جهنڊو بلند ڌاڄ معنيٰ جهنڊو

اڪيچار

اڻڳڻ + آچار

گهڻا

جانٺو

ڄنگهه + گاٺو

مضبوط - طاقتور

پينگهه، پينگهو

پون + اينگهه

لوڏڻ لاءِ

ڦِنڊو

پا + بند

بدليل لفظ

چاپئين، چاپُهين

چاپ + مينهن

منهن تي چاپيل ڏاڙهي

ٻُچو، ٻچي

ٻوٿ + لڇو

مهاڙي

تيڪڻ، ڊيڪڻ

ڊوڙڻ

ڀڄ ڊُڪ ڪرڻ

ڪنوٽي

ڪن + وٽ

ڪن جي وٽ

ڪِٺار

ڪنڌي + ماٺار

هموارڪنارو

نٿ

نڪَ + وٿ

نڪ وارو زيور

بولو

بينيءَ + وارو

نڪ وارو زيور

والو

ورن + وارو

ڪن وارو زيور

پينتل

پاڻيءَ + پيتل

سيلاب واري زمين

کينڪار

کينءَ + سهڪار

خوش خير عافيت

ڪٺمال

ڪنٺ + مالهه

ڳچيءَ جو زيور

پؤنچي

پوتل + لڇي

ڪرائي جو زيور

ڦيڏرو

ڦتل + ڌؤنرو

ڏڌ ۽ کير ملايل

ڪٽريو، ڪڻٺيو

ڪنٺ + ٻوليو

گهٽ وڌ ڳالهايو

مکياري

مک + نياري

ٻئي جي ڀروسي

ماپيرو

ماهه + پهريون

مهيني ۾ پهريون ڏينهن جيڪو سهائي ۾ اچي

ڪسارو

ڪس + وارو

ڪؤڙو، اڻ وڻندڙ

بنئسر

بينيءَ + سر

نڪ جو زيور

ڪنوار

ڪونئر

سهڻي عورت

سائين

سامي

وڏو، مربي

گهوٽ

گهوٽڪ

گهوڙيسواري

منگهٽ

مک + گهاٽ

منهن جو سينگار

ڏيساور

ديس + اور

پرديس

کٽر

کيٽي + وار

کيٽي وارو

پرڀات

پرڀ + رات

رات جو پويون پهر

کٽراڳ

کيٽو + روڳ

جهڳڙالو

نيت

نيڻن + پريت

هيٺاهين

نستونگ

نئي + ستت + دنگ

سربستي

سُوڪ

سوگ

معنيٰ ڏک

سنگتي

سنگ + ڀاتي

همراهه

نِگهوسار

ننگهه + انوسار

ڇلجي وڃڻ

سگهرو

ساڻ + گهر

زال سميت

سانگهارا

سنوان + گهارا

پاڻي جي لاٿ کائجي

ڪچونبر

ڪچو + بصر

بصر وغيره جي ڪتر جيڪا ڪچي

سوگ

سُونگهه

ڏک، ماتم، غم

نماڻي

نه + ماني

بي ماني

شاباس (فارسي)

شاد + باش

خوش رهڻ

بڀرڀنگ

ڀنڀور + ڀينگ

ويراني يا تباهي

آڳنڌ

اڳيون + هنڌ

اڱڻ ميدان

اُڌما

اوڌ + ڏَما

ڏما - صدما

ڏهڪاءُ

ڏڪڻي + ٺڪاءُ

خوف - حراس دهشت

ڊاٻو

داڻو + آبو

چپو چورو ڪرڻ لاءِ ترسڻ

هنبوڇي ڇي

هم + بادشاهه + چه چه

بلوچي لفط خوشي لاءِ مطلب ڇا، اسين بادشاهه آهيون.

ٻوُسٽ

بُههَ سٿَ

بهه سٿي رکجي

آسودو

آس + وندو

سکيو - خوشحال

ورتاءُ

واردات + واءُ

رويو يا هلت

ڍنگ، ڍونگ

دوکي + رنگ

دغا بازي

اُٻاڻڪو

اُڀو + روئڻ هارڪو

اُداس پريشان

اهمائي

اهم + وائي

ضروري ڳالهه

چانئٺ

چؤنڪ + هيٺ

در جي چؤ جاٺي جو هيٺيون پاسو

ڏول

ڏک + هول

ڏکيائي

ٿنڀ

ٿانءِ + ٿوڀ

ٺل

آهٽ

آواز + رهنڊيا رهٽ

هلڪو آواز يا کڙڪو پير جو

آٿت

آواز + اُستت

همٿائڻ

واچوڙو

واچ + واسوڙو

ڦيرٽي

ٺانٺو

ٺوڪيل + ڪاٺو

ڪاٺ ڳڙهه

ڄامڙو

ڄم + بندرو

قد جو ننڍڙو عمر جو وڏو

جاڙا

جوڙو

بدليل لفظ، ٻِٽو

بيبليو، ڀنڀليو

ڀاڻ + ڀليو

پنهنجي جاءِ تان هٽيل

اَپسرا، اپڇرا

اُپ + ڪسرا

بنان عيب

اُچراند

اُوچي + پد

وڏي شان واري

ٻاگهي

بانڪي

بدليل لفظ معنيٰ بهادر

سُوڪي

سونگي

بدليل لفظ معنيٰ دَٻلي

مورڇا

مورک + اڇا

بي بوشي

ڌنڌا گير

دانه دانه + گير

فارسي ۾ - حاصل ڪندڙ

ڀنڀئي

ڀون + ڀانئي

اڻهي زمين ۾ کتل فقيرن جي ڪُندري

اوٻاسي

اوڳر + ٻاٿ + واتي

ٿڪاوٽ

هرڪي

هرکي

هرکي پوڻ

پَرُ

پاڪ + ڪَپَرَ

اولياءَ تي چادر چاڙهڻ

هُڏي، هوڏي

هٺَ + اوڏي

شين جا مٽا سٽا

پڙُلاءُ

پهاڙ + اَلاءُ

آواز جي جبل مان موٽ

پڙاڏو

پڙ + اَڏيو

نار يا هرلي جي کوٽيل کڏ

اوٻر

اُٻ + ٻرو

جوش گرمي

واتوڻي

وات + واڻي

زباني چوڻ

ڇٺ، ڇٺي

ڇهه + راتي

ٻار جي ڄم جي ڇهين رات ۽ ان سنوڻ

اويلو

اڻ + ويل

ڪهلو

اڏوڏائي، اهڏ

(رعبي) اهل وداعي! اَڏ

وڏائي جو دنگ

وڏائي

وڏائي

تڪبر غرور

ويڄ

واچڪ + ويد

حڪيم

گيگ

گگ + وهڪ

گهڻو يا اجايو ڳالهائڻ

ڍيڪ، ڍينگ

ڍاؤ + چُڪَ

بي جا ڳالهائڻ

البيلو

ال معنيٰ بي + بال معنيٰ حال

بيپرواهه

موکيا

مُنهن + پرکيا

قبوليل

مُکي

منهن + پرکي

مُک منهن رکندڙ

ڪاراٽجي

ڪارو + اٻاٽجي

نراس ٿيڻ

ڏچو

ڏوهه + ڏاميچ

تڪليف ۾ اچڻ

ڀينگ

ڀونءِ + اينگهه

تباهي

ڦڪرو

 ڦڪَ + آڪرو

ڦڪن هڻڻ جهڙو

تاک

تکيءَ – اک

چالاڪ - حرفتي

ترائي

تر + واهي

هيٺاهين

ترڪ تال

تيرڪ + تال

تالن تي ترندڙ

تريناڪ

تُوَر + آنا + آڻاڪ

وڏو چوزو

تلهڙ

ٽاري + هريه

سائي ٽاري سوئيل

توڏجڻ

تون + وڏو، تون وڏو

هڪٻئي کي چوڻ، اُلرون ڪرڻ

اُلر، اولار

اُلارڻ + اول + لهر (لهرائڻ)

هوا ۾ آڻڻ

تڪ، تڳ

ترت + ڳيهڻ

هضم ڪرڻ

ٿاڌارڻ، تترائڻ

تڌ + ڌارڻ

ٿڌو ڪرڻ

ٿاڏارڻ

ٿڏو + اُڏارڻ

بنياد ڪڍڻ

ٿمُ

ٿانءِ + منجهه

ڳجهي جاءِ يا محفوظ جاءِ

ٽاپرو

ٽاپ ٽاپ + وارو

روز يا ڀيڙون ڏيندڙ

ٽارو

ٽرڻ + وارو

ٽرڻ جو وارو

ٽاڪوڙا

ٺا ٺا + ڪؤڙا

چهبڪن جو وارو وار

ٽسينگ

ٽيڙي + نسنگ

مغروري، وڏاءُ

ٽيڳر

ٽيڙي + ۽ مڳر

اجائي آڪڙ، ڦونڊ،  سيٽ

ٺنڀ

ٿڌو + ڏنڀ

تمام ٿڌو، يخ

پاڇاٽو

پاڇي + ڇاٽو

پويون - پڇاڙي وارو

لٻو

لعابو (عربي)

گِگِر

پٻو، کٻو

کاڏي + لِٻو

جنهن جا ڏند نه هجن

پٽاڙ

پٽو + ناڙ

اڳٺ

پَڇنڊ

پوئين + ڇنڊ

هلڪي چپيٽ، دُهل جي هڪ وڄت

پاڇانڊي، پڇنڊي

پاڇا + اَندي

ڇانوَ يا پاڇي واري اَندي

پسوري

پسرَ + پري

پڌري ڪرڻ، اصليت ظاهر ڪرڻ

پئون سٽ

پهرين شرط

بدليل لفظ ڍارو اُڇلڻ وقت چون

پوڃاڙي

پوءِ + ڏيهاڙي

پويون پهر

پوڻيٺي

پهرين + پٽيتي

پهرين ٻار واري عورت

ڪانباري

ڪانڀ + آري

ڪانڀي واري، ڪانڀ ٻڌل

هُرڻ

هردو + اولڻ

دل ۾ ڳولڻ

هيٺ

هيءُ + وٺ

ڪنهن کي ڀونڊو ڏيڻ مهل چون

ڦاڙي ڦاڇَڪَو

ڦاڙهيءَ + پئان + ڇڪن

شڪن (شڪاري پٽ)

ڦسو

ڦاسڻ + وسو

بي زور - هيڻو - ڦيڦو

ڦَڪَڙ

ڦوهه + آڪڙ

فضول خرچ - کٽل - هٿ ڦار

ڦيٽ، ڦوٽ

ڦٺ + وٺ

لعنت ڪرڻ

جُهنڊ

جُبي + گُهنڊ

نئين ڄاول ٻار جاپهريان وار

جهنڊولو

جِهنڊ + وارو

اهو ٻار جنهن جا پهريان وار ڪٽيل نه هجن

ڇانڀ ڪُڏو

ڇان + اُس + ڪڏڻ

راند ٻارن جي

چُٿر

چيڙ + وستر

ٽوڪ ڪرڻ

چُوٿا، چُوٿڙ، چٿڙ

ڇل + اُٿڙ

ٽڪرو، ٻرگهل

چوپا

چوپيل + واتا

رس نڪتل ڪانا

چسي

چاهه + هنسي

هٿ ملائڻ

چِندا، چنتا

چِت + وارتا

ڳڻتي الڪو - اُجڪو

چونڊڙي، چوڪ، چونگ

چوڪ، چونگ

چُگهه  انگڙي، چونگ   چهڪ

چِلهر

چلهيل + اهوڙيل

اڌوري ڪٽيل

چِمرڪو

چمڙي + پٽڪو

چمڙي پٽڻ

اوڳرائي

اوڪ + ورائي

واتان گئس خارج ٿيڻ

ڇِڙٻ، ڇاڙپ

ڇڙَ + دٻ

ڪاوڙ مان  تنبيهه - دڙڪو - تڙي

ڇانگرا

چاههَ + انگلا

ماڻا - انگل - نخرا

ڇيڪ، ڇيڳ

ڇوڙيل + وڳ

آزاد ڇڙواڳ (جانور)

ڇيڳرو

ڇيڙ + اڳرو

گدلو - ميرو چولو

داٻڙو

داٻ + اڙو

تختو، ڦرهو (ڪپڙن ڌوئڻ وارو)

مهاڏو

منهن + آڏو

مهاڏو اَٽڪائي بيهي رهڻ

شرنائي

شور + شرن + وائي

وڄائڻ جو سازينو

داڙوُ

داد + وَڙُ

شفاعت ڪندڙ

دٻڙاٽڻ

دٻي + اوراٽڻ

تڙي ڏيڻ

دَتِ

ديههَ + موت

ڇپ، مکر، ماٺ ڪري پئجي رهڻ

دوڳ

(فارسي) دوغ

گوشت جو وڏو ٽڪرو، ڪاٺ جو ٽڪرو، اٺ جو ڄميل کير، ڌونئري جو دڳ

ڌانڌل

ڌنڌي + رڌل

اجايو بحث ڪرڻ، تڪرار ڪرڻ

ڌتارڻ

ڌت + آڻڻ

نشي ۾ آڻڻ

ڌڳڻ

ڌوَڻي +  آڳ ڏيڻ

باهه ٻارڻ، باهه  ڏيڻ

ڌڱ

ڌوڻ + لڳ

سڊول بدن

ڌُوڙيو

ڌوڙ + وايو

مٽي جو وسڪارو، جهڪ،  وسڪارو موچڙن جو، ڏيڍيءَ جو بند

ڏاٻ

ڏيڍي + داٻ

 

ڏکو

ڏند + اک

ڏيکارڻ

ڊُوڪڻ، ڏوڪڻ، ڏوگهڻ

ڍؤ + اگهڻ

پيئڻ جو پاڻي

دُوسڻ

دسڻ + ڦُسڻ

زور سان اندر وجهڻ، ڦُسڻ

ڏوراڇو

ڏور + آسو

پري کان آسري وند

ڏيٺارو

ڏيک + اُٺارو

ڏٺل، سڃاتل، سڃاڻپ وارو

ڏؤُت

ڍؤ + قوت

ڍائو

ڏوٻاسو

ڏوهه + باس

الزام

ڊاڍ

ڊڍ + واڌ

عاشورن ۾ وڄت

ڊوهي

دهائي

مڪار

ڊينب

دم + دنبه (فارسي)

گهيٽي جي پڇ جي ماچ

ڍٻي

ڍَرَ + داٻي

پکين ڦاسائڻ واري ڄاري

ڍينگلو

ڊيگهه + ونگڙو

نار جو پڃرو

رونگ

رهت + چنگ، چونگي

سوائي

رونٽڙو

رخ + اونڌڙو

غلط رُخ

زنبر، جنبر، گنبر

گپ + جندر

مٽيءَ جو پنوڙو ماڳ جو نالو، جنبوٽو

گهوڙا ٻاڙي

گهرڙا + ٻهراڙي

گهوڙن واري جوءِ/هڪ علائقو

دڙڪو

دڙ + ڪڙڪو

دهمان

اٺسٺو

اَشتيه + سِرشتو

ويچار، انديشو، انومان

سَماڙو

سنئون + موڙو

مرض، مال جو

سُنوالو

سوائي + وارو

وڌڪ وارو

ڪَت

ڪتن + چڪ وات

ڪتن جي لگ جي مُند

ڪَٺِ

ڪنٺ

ميڙاڪو

ڪِنجهه، ڳانجهه

ڳار + منجهه

ڳاراڻو

ڪَڏر

ڪانا + ڏڏر

ڪڄر، ڪچرو

ڪَڻس

ڪاڻ + سَههَ

بخار، تپش

ڪؤنرو

ڪومل ڪؤنئر + او

سهڻ جهڙو بخار، عضون لاءِ استعمال ٿيندڙ نرم ۽ نازڪ

کاٽ

کوٽيل + ڦاٽ

ڀڃي رستو ٺاهڻ

کاٽائو

کٽي + کائو

ڪمائيندڙ، لٽيندڙ

کامو

کوٽيل + لامون

کوٽيل زمين جو ٽڪرو

کٽڪ

کڙڪ + اٽڪ

انديشو

ڪُکڻ، کُکڻ

ڪک + آسڻ

دل سان لڳڻ

کڳٺي

کاڏي + وڳي

هڪ قسم جو ناچ

کڙاهه

کڙي + راهه

لنگهه کي بند ڪرڻ وارو ڍنگهر

کوٻلو

خوءِ + برو

وچ ڪٽو، گاتو

ڳيت

گپت + ميٺ

گادي، گاديلو

گدي

گيان + ورڌي

 

گؤنچاني

ڪانئچ

شلوار

ڳانٽي، ڳاٽي

ڳاٽ + اوٽي

مٿي ڪنڌ

ڳٽ

ڳچي + گهٽ

طوق

ڳهيلو

ڳهڻ + وارو

بيوقوف

داڦڻ

ٿاڦڻ

اجائي بڪ

ڳُنڌڻ

ڳنڌ + اوڌڻ

ٿورو ٿورو ڪري وڌائڻ

ڳوڌو

ڳئون + اوڌ

گابو يا وهڙو

آڳانڌو

اڳ + مهندو

اڳ وارو

آڳانجهو

اڳ + اَجهو

آڳاٽو

نِدوري

نندا + واري

نڀاڳي

ڪيٻائڻ

ڪؤ + ڀانئڻ

نٽائڻ

تيسو

تؤنس + اُتسو

جوش جو ڏيکاءُ

پٽڪو

پٽو + وَٽڪو

ڦينٽو

ٻاٽ

ٻهون + آٽ

اونداهي

گهاڙُو

گهڙيل + وَهو

رستو

گهٻير

گهڻي + ٻل + ڀر

ڪٽ مست مرد

گهوٻاٽو

گهٻيل + بانٺو

اهڙي ڪاٺي جنهن کي مٿو هجي

کانچو، گهانچو

گهاءُ + خانچه

رستي ۾ کڏو

لاٻڙ چٽو

لاڀ + ڀڙ + چٽو

رڳو فائدو ڳوليندڙ

 

وِلاسو، بِلاسو، ڀُونگلاسو ڀونگر + ڏيسو

دودن سومرن وارو ملڪ

ميراسي

مير + رَسُ

رس رهاڻ جو ملوڪ سريلو

لالانگهرو

لوءِ + لنگهه + گهر

گهر گهر لنگهندڙ

لنگوتاڙو

لنگ + اتارو

اُگهاڙو

لنڊي

رنڊي

بدڪار عورت

ماترائڻ

ماٺ + ڪرائڻ

چپ ڪرائڻ

ماڃي

ماءُ مائٽ + اُهڃاڻي

ماءُ جا عزيز

ماهيڙ

ماهو + ميڙ

مينهن وارو

مٿير

مٿو + ڦير

مٿي ڦريل، دلير

مڇو

منهن + ڇُليو

وڏين مُڇن وارو

مِسڪڻو

ماٺ + سڪڻو

مُرڪڻو

مناڙڻ

مٺئين + ناڙڻ

ناڙڻ + وٺڻ، ٻڌڻ

مدو اٽڪائڻ

منهن + آڏو

اٽڪائڻ

مُنڌو

منڊ + مڏَ + پنڌو

منجهيو

مواڙ

متو + واڙ

بيٺل وهٽ چرندڙ

مواسجڻ

مئو + واسجڻ

 

موٿو

مئل + لوٿو

 

مولهاٽو

مالهه + پٽڪو

مٿي کي ڪپڙا ٻڌڻ

مُهاڳ

منهن + اڳ

اڳ وارو

نوس نوس

نڪ + سونس

نڪ + سونجهه

ڪتي جو سگهندو هلڻ

نياتي

نروار + ڀاتي

برادري وارو

نيساسو، نيساڪو

نئڻ + ساهه + سوگهو

دم جدا يا ساهه نڪرڻ

واترارو

وات + ارڌ

وات جي زور تي هلندڙ

وائکائي

واءَ + سوکائي

وائکو، کليول، هوادار

وڏاندرو

وڏ + اندرو

وڏيءَ دل وارو

ورندي

ول + آوندي

جواب

وستو

ويرم + سستو

ڪاهل

ولل

وات + وڦل

بڪ بڪيو

هَڏڪ

هانءَ + هڊڪ

ڳمي ڳمي آواز اچڻ

هَلَٽ

هرياهل + هرٽ

مال متاع وارو

هوانو

هو + آئڻو

افواهه، ڳالهه جو پکڙجڻ

جنبوٽو

جنب + موٽو

کڙو

ڇينڀ

ڇنڊا + لنبَ

دٻ

ميسارڻ

ميٽي + آڇارڻ

مٽائڻ

ميهاڳ

مينهن + وڳ

مينهن جو ولر

ڌاڄ

ڌرتي + راڄ

علائقي جو مالڪ

ڏهيسر

ڏهه + سرَ

ڏهن مٿن وارو

آهت، اَهت

آئي ويل + اوکت

ڏکيي وقت ڪم اچڻ

اُٻاهي

اُڀ + ساهي

اُٻاسي

اُٻڏي

اُبتي + رڏي

هيءَ کپي وري چئي هيءُ نه کپي هو کپي

اَتور

اڻ + تور

جنهن جو وزن معلوم ڪري نه سگهجي

مهمير

مهم + امير

اڃان پرهه جي چٽاڻ نه هجي

اَٺور

اُٿڪ + تور

جنهن کي توري نه سگهجي

اپراسو

اُپت + پراپتو

فائدو

اُڊو

اُڌَ + ڊاءُ

دل ۾ خوف پيدا ٿيڻ

آڍڻ

آنت + سانڍڻ

مالش ڪرڻ

آسا بند

آس + اُميد

اميد وارو

اُڊڪو

اُلڪو

ڳڻتي

ڏوٺ

ڏوهه + هٺ

سنگدل، بي رحم

آلوڙي

آلو (کير) + ولوڙي

ويائل مال جو کير ڏيندڙ هجي

اُميري

اُمٽ + ڍري

هٿ جي چپٽيءَ واري ڏنل ڳنڍ

اُهمون

اُود + منهون

جنهن جو منهن ڪارو ٿي وڃي

اُلار

اوهار + لهر

لهرائڻ مان هوا ۾

داٻائو

ڊاٻ + اڳانهون

گاڏي جي اڳئين حصي تي بار هئڻ

اول پتڻ

اول + پن

پهريان نڪتل گونچه ۽ درياءَ تي پتڻ جي ڳولا.

اولڙو

اولو + موڙو

موٽندڙ عڪس

اولڙ

اول + هلر

مال گاهه کائي بچائي

اوڇڻ

اوڙههَ + وڇاڻ

ڍڪ، پائڻ

هؤنٿرو، ائونٿرو

هانءُ + اوٿ + وارو

حرڪتي

اَئونري

هانءَ + اُوري

 

اهال

اهم + رمل

حال اورڻ

ڳراٽڙي

ڳراهه + اوٽڙي

ڀاڪر پائڻ

ٻائوُ

بابا! + هو

ٻار جو ڊپ ۾ چوڻ

هلڪو تپ، تونس، بانٺ

بوءِ + بانس

خقت، گهڻي کائڻ جي هوس

بُگو

بُبي + اُگهو

ٿڻ مان کير ڌائڻ

ٻوڻ

ٻاههَ + لوڻ

ٻاڙ

بلائتو

ٻل + آئتو

هٿيڪو

بوئي

ڀون + واهي

لوءِ جو

بُهرو، بوئرو

ڀون + ويڙهو

(فارسي ۾ بهرو) زمين اندر جاءِ

ٻاتاڙ

بات + تاڙ

اُڪير

ٻاڙ

ٻاٿ + تاڙ

تانجي، سِڪ

ٻانڌاڻي

ٻڌو + ڏيهاڻي

ٻول ۾ ٻڌل، عادتي

ٻرگهل، ڏرگهل

ڏار + گهر

ڳڙک، لوگهو

ٻُڪل

ٻوٿ + ڍڪيل

چادر ڍڪڻ جو نمونو

ٻوڪاني

ٻڪل + اوڍڻي

ڪپڙي ويڙهڻ جو نمونو

بلر

بل + وکر

لُري، ڳنڍ

پونجهر

پاهون + ويجهر

 

ٻنڀو

ٻني + اُڀو

لنگهه، دروازو

ٻڌ

ٻٽَ + واڌ

جهل، ٻڌل حالت

مسٽاڻو

سخت + ٽاڻو

ڏکيو وقت

ٻيجارو

ٻجن + ٻارو

نسريل ٻج

ٻرانگهه، ٻيلانگهه

ٻيءَ + لانگ

وک

ڀاڳيو

ڀاڳ + ڀرايو

مال وارو

ڀنڊي

ڀان، ڀنڊ + ونڊي

گهٻي ڪلڪل

ڀونگلو، ڀونگلاڙ

ڀونگي + ڳولائو

ڀونگر جو ڳوٺ/علائقو

جانٺو

جان + پٺو

مضبوط

گهورڙيو

گهمي + رڙيو

در در سامان کپائڻ وارو

ڪڌو

ڪسو + اونڌو

خراب، گهٽ

ڀيت

ڀير + ڀانت

روش، چال

ڳراهٽي

ڳلي + اوراهٽ

گلي لائڻ

ڪاٽڪو

ڪات + ڪٽڪو، ڪاٽ + ڪٽو

نامي گرامي، چور، پاٿاريدار

ڀينڊي

ڀنڊ + اوڍڻي

ڀنڊ معنيٰ ڪپاهه يا ڪچو سُٽ ان سان اوڍڻي تي ٻڙيون ٻڌبديون آهن.

اَڀومي

اڻ + ڀوم

(فارسي ربوم)

اڻ ڀونءُ/اڻ واقف

وڄا

وائي + اُڄا

عقل

پريان

پريان + اهڃاڻ

پري کان سڃاپجڻ

راوت

راءَ + رهت

سورهيه، بهادر

مهندان

مُنهن + هنڌان

اڳيان

 

 

 

 

 

---------


(1) واڱڻ کي ڊکڻ اڪثر ڪري ڪارڙو تتر چون. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  آهتي - دڪاندار سان گراهڪ وهنوار رکندو آهي، جنهن ۾ ٻوليل هوندو آهي، ته انهيءَ فصل جو حصو،ورتل سيڌي عيوض ڏيندو آهي، اڳواٽ ٻوليل انهيءَ وهنوار کي آهت ۽ وهنوار رکندڙ کي آهتي چئجي. (نظرثاني ڪندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org