سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ماڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 17

 

ڪشمير وادي

ڪشيمر مان پٿر جي اوائلي دؤر جا اوزار 1969ع ۾ لڌا ويا. هڪ وڏو ڇليل چٿڙ ۽ هڪ اڍنگي ڪهاڙي پهل گام (Pahalgam) ويجهو ملي. اهو ماڳ سري نگر کان 65 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڇليل چٿڙ (26x17x6cm) فقط هڪ پاسي کان ڇليل آهي. اهو اوزار لڊار ماٿريءَ جي

 

 

ڪشمير ۾ مختلف برفاني دورن کان پوءِ ٿيل ڍنڍون.


 

هڪ اهڙي ڪانگلو ميرٽ ڇِپ مان مليو هو، جنهن کي ٻئي برفاني زماني ۾ رکيو وڃي ٿو. بهرحال، ان کي ٻن برفاني دؤرن جي وچ ۾ به تصور ڪيو وڃي ٿو. ان کي اپکنڊ ۾ قديم ترين صنعت جي حيثيت ڏني وئي آهي، ڇو ته ان صورت ۾ هيٺين پلائيسٽوسين زماني ۾ اچي ٿو.

اڍنگي ڪهاڙي ڪانگلو ميرٽ ڇِپ ۽ ناسي مٽي جي گڏيل سرحد مان ملي آهي. جنهن ڪري ان کي ايشيا جي سڀ کان قديم ”هٿ ڪهاڙي“ سمجهڻ گهرجي. هتان لڌل انهن ٻنهي اوزارن بابت اڃا اهو طئه نه ٿيو آهي ته ڇا اهي ٻئي ساڳي ثقافت جا آهن يا انهن جي پويان جدا جدا ثقافتون هيون؟

شيشي ۽ بلور جهڙي پٿر ڪوارٽزائيٽ (Quartizite) مان ٺهيل کرچڻيون، ڪوارٽز پرتن جا ٽي برما، هڪ بي ڊولو مستطيل ڪوارٽز بُڻ (Core) ۽ هڪ هٿ ڪهاڙي جيڪا ڪات جو ڪم به ڏئي سگهي ٿي، پهل گام ويجهو لڊار نديءَ تان لڌا ويا آهن. انهن جو تعلق ”ٻئي برفاني“ ٻئي انٽر گليشل ۽ ٽين برفاني دؤرن سان آهي. اهي ڪُل ڏهه اوزار آهن، جن لکها سالن جو گهيراءُ ڪيو آهي، پر ’اگروال‘ چوي ٿو ته ڪشمير جهڙي تڏهوڪي ڏکئي ماحول ۾ پيليوليٿڪ ماڻهوءَ جي موجودگيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ اڃا به وڏي تعداد ۾ اعتبار جوڳن اوزارن جي ضرورت آهي.

برفاني تسلسل جو پوٺوار خطي سان به واسطو آهي اهو خطو ڪشمير جي ماٿريءَ کان وٺي ڏکڻ ۾ لوڻاٺي جبل جي قطار تائين پکڙيل آهي. پوٺوار پٿر جي اوائلي پيليوليٿڪ دؤر ۾ نمايان حيثيت رکندڙ خطو آهي. سوان (Soan) ندي جي ڪنڌيءَ تان پٿر جي اوائلي دؤر جا اوزار لڌا ويا آهن. پوٺوار طبعي لحاظ کان مٿئين سوالڪ دؤر جي ڪانگلو ميرٽ ڇپن تي ٻڌل آهي. هي گليشل ڊپازٽ آهن. ڪانگلو ميرٽ ڇِپون، سنڌو ۽ سوان ندين جي اڪثر مٿاڇرن تي آهن. اها بيهڪ، پوٺوار جو ڪشمير جي ٻئي برفاني عمل واري زماني سان ناتو ڳنڍي ٿي.

ڪشمير جي واديءَ ۾ ڍنڍ کي وڍ پيو ۽ جهلم ندي ٻئي انٽر گليشل دؤر ۾ جاري ٿي. انهيءَ دؤر ۾ سنڌو ۽ سوان نديون ڪانگلو ميرٽ جبلن کي ڪوري، وهڻ شروع ٿيو. ان عمل ۾ ٽيرس نمبر 1 ٺهيو. ٽيرس نمبر 1 تان گول پٿري اوزارن واري ڪلچر يا صنعت جا چٿڻا وڍڻا اوزار مليا، جن سان گڏ هٿ ڪهاڙي به هئي. واضح هجي ته هٿ ڪهاڙي يورپي ۽ آفريڪي پيليوليٿڪ ثقافت ۾ عام آهي. يورپ ۾ گول پٿرن مان گهڙيل اوزار ۽ ڪات به غائب آهن، پر اهي آفريڪا ۽ هندستان ۾ موجود آهن.

وچ ايشيا ۽ چين ۾ ڪنهن به هٿ ڪهاڙيءَ جو ثبوت نه مليو آهي. اتي فقط گول پٿري اوزار آهن. ڇا هٿ ڪهاڙي ۽ گول پٿري اوزار پوٺوار جي علائقي ۾ پهريون ڀيرو مليا يا اهي ساڳي ثقافت جو حصو آهن؟ هڪ گول پٿري اوزار ڪنهن ڀڳل گول پٿر جا چٿڙ لاهي گهڙيو ٿي ويو، جيڪي پوٺوار جي علائقي مان لڀجن ٿا.

اوائلي صنعت ۾ وڍڻا ۽ ڪلاڪٽون اوزار (Clacton Flakes) ملن ٿا. (ڪلاڪٽون انگلنڊ جو هڪ ماڳ آهي، جتان اهڙا اوزار پهريون ڀيرو مليا هئا) پوئين سؤان دؤر ۾ اوزار گهڙڻ لاءِ تيار ڪيل پٿر (Prepared Cores) ۽ متوازي پاسن وارا چٿڙ ملن ٿا.

انهن متوازي، چٿڙن جي بنياد تي پوئين سؤان صنعت لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها وچين پلائيسٽوسين دؤر جي آهي. پوئين سؤان (B) ۾ لڳ ڀڳ اڌ چٿڙن جو مٿاڇرو ڇنڊي هلڪو ڪيل آهي.

سؤان ماٿريءَ ۾ هٿ ڪهاڙيون يا ٻه مُنهان اوزار به آهن، جيڪي ٻئي انٽر گليشل دؤر جا آهن. فقط هڪ ماڳ تان جيڪو راولپنڊي جي ويجهو آهي. هٿ ڪهاڙيون اوائلي سطح تان مليون جيڪي سؤان صنعت سان ملي ويل نه آهن.

ٻين جاين جهڙوڪ Adial، بلاول ۽ چونترا (Chauntra) وٽ هٿ ڪهاڙيون اوائلي ۽ پوئين سؤان اوزارن سان گڏ ملن ٿيون. بعد ۾ ٿيل دريافتن ڄاڻايو آهي ته ٻئي هٿ ڪهاڙيون ۽ سؤان صنعتون ساڳي سطح سان تعلق رکن ٿيون، تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙي صنعت پراڻي آهي ۽ ڇا اهي واقعي جدا صنعتون آهن؟ ٻنهي قسمن جا اڍنگا، وڏا ۽ گول (Round) شڪل وارا اوزار، ايبي ولين* (Abbevillian) ۽ وڌيڪ سڌريل، دل جي شڪل جهڙا اڪيولين** (Acheulian) سڀ گڏ مليا آهن، تنهنڪري هٿ ڪهاڙيءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾، وچ ۾ وقت جي ڪنهن به فاصلي جي تعين نٿو ڪري سگهجي.

 

پوٺوار

’ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ‘ مردان ويجهو سنگهاؤ غار جي کوٽائي ڪرائي. اها في الحال پاڪستان ۾ اڪيلي پيليوليٿڪ سائٽ آهي، جنهن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي. اها غار چن جي پٿر سان ڪانگلو ميرٽ ساخت جي جبل ۾ آهي. ’داني‘ ان غار کي ڪشمير جي ٽيرس 1 سان جوڙي ٿو.

سنگهاؤ ماٿري جابلو ڍورن سان ورهايل، سخت ۽ ناهموار ميدانن تي ٻڌل علائقو آهي.

ماٿري ۾ وڏي تعداد ۾ دره (Canyons) آهن. ’دانيءَ‘ جي رپورٽ مطابق اتي ٽن ميٽرن جي ڊپازٽس ۾ 12 تهه هئا. تهه نمبر 12 کان 6 پيليوليٿڪ دؤر جا هئا. هنن لوڪن اوزار ٺاهڻ لاءِ خام مال طور ڪوارٽز استعمال ٿي ڪيا، جيڪي ڀر واري چن پٿر ٽڪرين ۾ موود آهن. ’پروفيسر برجيت آلچن‘ جنهن هن ماڳ جو به مشاهدو ڪيو هو، هن اتان Cores، چٿڙ (Flakes) ۽ ٻيون بيڪار گهڙيل شيون لڌيون هيون. هڪ ننڍي هٿ ڪهاڙي، کرچڻا، سبڻ جا سوئا ۽ وچين پيليوليٿڪ دؤر جا Cores سڀ کان هيٺين تهه مان مليا، جيڪي ان کي بظاهر وچين پيليوليٿڪ دؤر جا Cores سڀ کان هيٺين تهه مان مليا، جيڪي ان کي بظاهر وچين پيليوليٿڪ دؤر سان ڳنڍين ٿا ڇريون (Blades) ۽ ڇيڻين جيڪي سڀني اوزارن جو پنج سيڪڙو کن آهن، به لڌيون ويون آهن. ان طرح تي مٿيون پيليوليٿڪ دؤر نظر اچي ٿو.

1975ع ۾ ’پروفيسر آلچن‘ سنڌو ماٿريءَ جو وڌيڪ جائزو ورتو ۽ ”ميل پٿر 101 ماڳ“ جيڪو ٺٽي ضلعي ۾ اونگر وٽ آهي. جو وڌيڪ اڀياس ڪيو ۽ روهڙي وارين ٽڪرين جو به ڳوڙهو مطالعو ڪيو. روهڙيءَ وٽ شڪ آهي ته سنڌو تهذيب (موهن جي دڙي واري دؤر) جي لوڪن ڪيئي ماڳن تان پيليوليٿڪ وقت جا ڍير صاف ڪري ڇڏيا آهن. پيليوليٿڪ دؤر جي ماڻهن جا استعمال ٿيل چقمقي پٿر (Chert) گهري رنگ جا آهن، جڏهن ته سنڌو تهذيب ۾ هلڪي رنگ جو چقمقي پٿر استعمال ڪيو ويو هو. روهڙيءَ واٽان فقط مٿئين ۽ وچين پيليوليٿڪ دؤر جون شيون ملن ٿيون. جيئن ته ساڳي جاءِ اوائلي پيليوليٿڪ کان سنڌو تهذيب جي وقت تائين استعمال ٿيندي رهي آهي، ان ڪري اهو مشڪل آهي ته ڪنهن اڪيلي ثقافت واري ماڳ جي تفريق ڪري سگهجي.

 

اوڀر پنجاب ۽ هماچل پرديش

پاڪستان جي انهن ماڳن کي ڇڏڻ کان پوءِ اوڀر طرف اوڀر پنجاب ۽ هماچل پرديش آهن. انهن علائقن ۾ پيليوليٿڪ دؤر جا پٿر بياس، بن گنگا ۽ سيرسا ندين جي ڪلهن تا لڌا ويا آهن. هي علائقو سوالڪ جي پيرن وارين ٽڪرين تي ٻڌل آهي، جن جي اوچائي 600 کان 1000 ميٽر آهي. انهن جي پويان هماليه جا سلسلا ڌولاڌر ۽ شمله آهن.

نالا گرٿ وٽ سيرسا (Sirsa) نديءَ تي ٽي ٽيرس آهن، انهن ماڳن تان وڍڻا ۽ کرچڻا اوزار لڌا آهن، جيڪي گول پٿر مان گهڙيل آهن. اهي اوائلي سؤان اوزارن جهڙا آهن. انهن اوزارن ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي. ’مسٽر لال‘ بياس ۽ بن گنگا ماٿرين (هماچل پرديش) مان سؤان جهڙا اوزار پنجن ماڳن تان لڌا آهن. انهن ماڳن تان مليل اوزارن مان ارتقائي لاڙن جو پتو پوي ٿو، بهرحال، اهي اوائلي سؤان گروپ جا آهن. انهن ۾ وڍڻا ۽ وڍڻ جي ڪم جا ٻيا اوزار آهن. واضح هجي ته اوائلي پيليوليٿڪ کان وٺي نيوليٿڪ دؤر تائين گول پٿرن جا اوزار جاري رهيا آهن، جيئن رانوف (Ranov) جي ڪم مان ظاهر آهي. جيڪو هن تاجڪستان ۾ ڪارا ميدان (Kara Maidan)، لاخوتي (Lakhuti) ۽ ڪاراتاؤ (Karatau) ۾ ڪيو.

 

راجستان ۽ گجرات

هونئن ته سڄي هندستان مان پٿر جي سڀ کان پراڻي ۽ سڀ کان تازي دؤر جا ماڳ مليا آهن، پر سنڌ جي اوڀر ۾ سنڌ سان ڳنڍيل علائقا راجستان ۽ گجرات آهن. جتان پڻ پٿر جي قديم دؤر جا ماڳ مليا آهن. ڏسجي ته انهن علائقن مان ڇا مليو آهي؟

اها 1917ع جي ڳالهه آهي جڏهن ’مسٽر برائون‘ راجستان ۾ جئه پور وٽان ”اڪيولين“ اوزار لڌا. ساڳئي سال ۾ اهو نوٽ ڪيو ويو ته هن علائقي جي وارياسين ڀٽن ۾ موسمي تبديليءَ جون شاهديون موجود آهن. ان کان پوءِ هن علائقي ۾ موسمي ڦيرڦارن بابت چڱي خاصي تحقيق ٿي چڪي آهي.

ٿر واري ريگستان جي اوڀر ۾ موجود اراوالي (Aravali) ٽڪريون، اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه رخ ۾ هلن ٿيون، جنهن سان ماحول ٻن نابرابر ٽيڏن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو.

الهندو حصو درياهي لَٽ جو وسيع سڌو ڀاڱو آهي، ان کي مارواڙ چئجي ٿو. اڳئين زماني ۾ ان جو نالو مارو ڀومي (Marubhumi) يا موتمار زمين هو. ايئن ٿو لڳي ته اهوئي لفظ ٿري ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندڙ ”مارو“ آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي موتمار زمين وارا لوڪ.

لوڻي ندي پنهنجين ڏن ڀرو ندين سان، اڳئين وقت ۾ هن علائقي جو پاڻي کندي ۽ وهائيندي هئي. هن وقت اها مندائتي ندي آهي جيڪا فقط چؤماسي ۾ وهي ٿي.

غير يقيني ۽ ٿورڙي برسات سبب اڄ ڪلهه پوک صرف چؤماسي ۾ ممڪن آهي. اها صورتحال ماڻهن کي مجبور ڪري ٿي ته اهي جياپي لاءِ مال پالين، ان ڪري ماڻهو رڍون ۽ اٺ پالين ٿا. تنهنڪري، ان ۾ حيرت جي ڪا به ڳالهه نه آهي ته هن علائقي ۾ زندگي عام طور خانه بدوش ۽ ڇڊي آهي.

اراواليءَ (Aravali) جي اوڀر ۾ صورتحال مختلف آهي. ان علائقي کي ميواڙ (Mewar) (مِينهن وارو علائقو؟) سڏجي ٿو ۽ اهو ٽاڪرو علائقو آهي. اتي مينهن 60 کان 100 سينٽي ميٽر پوي ٿي. بناس ۽ چمبل (Chambal) نديون سڄو سال وهن ٿيون، ان ڪري ميواڙ سکيو ستابو ۽ سائو علائقو آهي، اتي آبادي به وڌيڪ آهي.

بهرحال، ڌرتي وديا جا ماهر چون ٿا ته مارواڙ واري پاسي موسمون ساڳيون نه رهيون. نيم خشڪ علائقي ۾ هئڻ ڪري موسمن جي سلسلي ۾ راجستان تمام حساس آهي. هوائن ۽ درياهي سرگرمين سبب گڏ ٿيندڙ لٽ جي هڪٻئي تي اثرانداز ٿيڻ سبب هتي خشڪ ۽ نميءَ واريون حالتون واري وٽيءَ سان پيدا ٿيون آهن.

هماليه مان نڪرندڙ ندين جي ابتڙ لوڻي نديءَ جو ذريعو اراوالي آهي. ان ڪري هتي فقط علائقائي موسمي تبديلي ٿئي ٿي. قديم آثار جي شاهدين مان هن علائقي ۾ انساني آدمشماري جي گهٽ وڌائي محسوس ڪري سگهجي ٿي. مثال طور سنڌو تهذيب وارا اهڃاڻ 1700 ق. م. ۾ ختم ٿي ويل ڏسجن ٿا. تهذيب جو ٻيو گروپ ڪاري ۽ ڳاڙهي ۽ چٽيل سرمائي ٿانون وارو آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان اڳئين هڪ هزار سال جي مهڙ ۾ ظاهر ٿيو. ان کان پوءِ رنگ محل ڪلچر وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل ڏسجي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ 2 صدي عيسوي جو ڏسجي ٿو.

اڄ گهاگهر يا هاڪرو ندي ۽ دريشاديواتي (Drishadvati) نديون سڪل آهن، پر انهن جي ڪنڌين تي سنڌو تهذيب جا وڏا دڙا ڏسجن ٿا. ايئن سمجهيو وڃي ٿو ته گهاگهر ۽ دريشاديواتي نديون مکيه سنڌو سرشتي جو حصو هيون. اهي هڪ ئي ماحولياتي علائقو قائم ڪن ٿيون. بهرحال، لوڻي ماٿري ۽ پٽن تي آرڪيالاجسٽن چڱو ڪم ڪيو آهي. هنن جي ڪٿ موجب موسمي ۽ تهذيبي خاڪو ڪجهه هن ريت بيهي ٿو.

مند

تهذيب

تاريخ

خشڪ

سنڌو تهذيب غائب ٿئي ٿي

3000 سال اڳ (اڄ تائين)

گهميل حالتون

سنڌو تهذيب ۽ ان کان اڳ

3000 کان 5000 سال اڳ

اڄ کان وڌيڪ گهميل

مائيڪرو ليٿڪ آباديون

5000 کان 9500 سال اڳ

تمام گهميل

مائڪروليٿڪ آباديون

9000 کان 10000 سال اڳ

تمام خشڪ ۽ هوائون

مٿيون پيليوليٿڪ

10000 سالن کان اڳ

وڏو آلو عرصو

وچون پيليوليٿڪ

لوڻي نديءَ جا مربوط وهڪرا

وڏو خشڪ عرصو

ڪابه انساني ثقافت ناهي

وڏيون ڀٽون ٺهڻ جو عمل

لوڻي نديءَ جو سرشتو ٻڌائي ٿو ته ان علائقي ۾ پٿر جي وچين زماني ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن جو هڪ مربوط نظام هو. لوڻي ندي پاڻ سان جهجهو پاڻي ۽ لَٽُ کڻي هلندي هئي. پوءِ واري زماني ۾ نديءَ جا پيٽ ڀٽن سبب بند ٿي ويا.

اڳ ئي ٻڌايو ويو آهي ته جئه پور، بندي ۽ الور (Alwar) ضلعن مان ”اڪيولين“ اوزار لڌا ويا آهن. تازو مارواڙ مان جيال (Jayal) لڳ لوڻيءَ جي اتر مان به اڪيولين هٿ ڪهاڙيون مليون آهن. اهو پاسو ميواڙ جي وادين جي ڀيٽ ۾ اوائلي پيليوليٿڪ ماڳن جي ڏس ۾ تمام غريب آهي. حقيقت ۾ چتور ڳڙهه، ڪوٽا، ناگاري (Nagari) وارا ماڳ سڄي ملڪ ۾ سڀ کان شاهوڪار ماڳن ۾ شامل آهن. اهي ماڳ ترتيبوار Chambal, Gambhiri ۽ Berach وادين ۾ آهن. هن مهل تائين اُدي پور جيڪو ٽاڪرو علائقو آهي، مان پٿر جي دؤر جا ڪي به اوزار نه مليا آهن. اهي واديون پيليوليٿڪ انسان ۽ جانورن لاءِ ڏاڍيون مناسب هيون. اتي پاڻي جام هو. ان علائقي مان لڌل اوزارن ۾ هٿ ڪهاڙيون، ڪات، Lavallios چٿڙ، بليڊ ۽ وڍڻ جا اوزار، کرچڻا شامل آهن. اوزار گهو تڻو ڪوارٽزائيٽ (Quartizite) مان ٺهيل آهن، جيڪي ندين جي پيٽ مان گول پٿرن جي صورت ۾ مليا آهن.

وچين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار وارياسي ريتلن گول پٿرن ۾ مڙهجي ويل حالت ۾ مليا. ڪافي پيليوليٿڪ ماڳ ميواڙ ۾ وگوون (Wagown) ۽ قدم علي (Qadam Ali) ندين جي ماٿرين مان مليا آهن. اتان جي اوزارن ۾ ڪجهه فرق آهي. هاڻي اوزار اوائلي پيليوليٿڪ جي ڀيٽ ۾ ننڍا آهن.

اولهه راجستان يعني مارواڙ ۾ به لوڻي ۽ ان جي ڏن ڀرو ندين جي ماٿرين مان وچئين پيليوليٿڪ دؤر جا ماڳ مليا آهن، اهي اوزار ٺوس ٿي ويل گچ مان لڌا ويا ۽ اهي چن پٿر وارين انهن ٽڪرين تي ڏسجن ٿا، جيڪي سوجات (Sojat) کان بلارا (Bilara) تائين آهن.

لوڻي ماٿري ۽ ان جي ڏن ڀرو ندين جي پاسن ۾ ڪاٺ جا پنڊ پهڻ، جوالا مکيءَ جي رنگين ۽ سهڻن پٿرن سان گڏ ٻيا به لاوائي پٿر ملن ٿا. هٿ ڪهاڙيون ۽ ڪات وچين پيليوليٿڪ دؤر ۾ به موجود هئا ۽ Lavallois ٽيڪنڪ وڌيڪ نمايان آهي. هتي اوزارن جي گهڙاوت واري ارتقا مان صاف ڏسجي ٿو ته اهي اڪيولين سلسلي سان ڳنڍيل آهن.

الور ضلعي ۾ ٻڌا پُشڪار (Budha Pushkar) ڍنڍ جيڪا تازي پاڻيءَ جي آهي، ويجهو وچين پيليوليٿڪ صنعت جا کرچڻا، وڍڻ جا اوزار، ڪات، بليڊ، ڇيڻيون ۽ گهڙيل چٿڙ مليا آهن. اهي آلي دؤر جا آهن.

چُن پٿر جي سوجات ٽڪرين ۽ لوڻي ماٿريءَ مان مٿئين پيليوليٿڪ دؤر جا بڻ (Cores) ۽ Slender Blades به ملن ٿا. پشڪار ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي اڄ به ڏهاڪو کن هزار ماڻهن جي آبادي آهي، پر جانورن جي وڏي ميلي ۽ ڌارمڪ سرگرمين سبب هيءَ ڍنڍ سياحت جو مرڪز ٿي آهي، پر هن وقت موسمي تبديلين کان وڌيڪ انساني سرگرمي ۽ وڻ وڍڻ سبب اها ماحولياتي آلودگيءَ جو شڪار ٿي وئي.

 

گجرات

گجرات جو علائقو سبرمتي (Sabarmati)، ماهي (Mahi) ۽ ٻين مددگار ندين جي وهڪري سبب عظيم لٽ وارو خطو آهي ۽ سامونڊي ڪنڌي ڌٻڻين تي ٻڌل آهي. هن علائقي ۾ جيئن ڏکڻ ڏانهن وڃبو برساتون گهٽجن ٿيون. ڏکڻ ۾ برسات 175-150 سينٽي ميٽر مان گهٽجي سورت وٽ 100 سينٽي ميٽر پوي ٿي، احمد آباد ۾ 70 سينٽي ميٽر پوي ٿي. اوڀر ۾ وڏن ٻيلن واري علائقي ۾ وڌيڪ مينهن پوي ٿو، پر زمين برباد ۽ مٽي ڀلي نه آهي.

سوراشٽر يا ڪاٺياواڙ ساحل جيڪو رڻ ڪڇ ۽ کنڀات واري نار جي وچ ۾ 119،000 چورس ڪلوميٽر آهي، سبرمتي ۽ ماهي ماٿرين کان تمام مختلف آهي. ڪڇ جو رڻ سامونڊي ويرن، گپ جي سڌن ميدانن ۽ لوڻاٺين ڍنڍن ۽ ڍورن جو خطو آهي. هيءَ گپ واري صحرا اتر ۾ سنڌ جي ٿر واري وارياسي صحرا سان ملي وڃي ٿي. ڪاٺياواڙ جو اڪثر حصو اوچائيءَ ۾ 600-300 ميٽر کان هيٺ آهي. گِر ٻيلي (Gir Forest) ۾ اڄ فقط ايشيائي شينهن جو نسل باقي آهي.

سبرمتي ندي ، اراوالي ٽڪرين تان لهي اتر کان ڏکڻ طرف وهي ٿي ۽ کنڀات واري نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اوائلي پيليوليٿڪ صنعت ۾ هٿ ڪهاڙيون ۽ ڪات ۽ Cores ملن ٿا، جيڪي گول پٿرن مان گهڙيا ويا.

اڃا به ڏکڻ ۾ Orsang ماٿري آهي، جتي پڻ ساڳي نوعيت جا گهڻي ئي ماڳ آهن. سنڪاليا (Sankalia) جي رپورٽن موجب ڀنڊارپور (Bhandarpur) وٽان وچين پيليوليٿڪ صنعت ملي آهي، جڏهن ته اتان هڪ سهڻي هٿ ڪهاڙي به ملي آهي. ساڳي ماٿريءَ ۾ وسادي (Visadi) وٽ ’پروفيسر آلچن‘ کي هڪ وارياسي ڀٽ مان مٿئين پيليوليٿڪ جي صنعت ملي. ان ۾ بليڊن جا بُڻ، بليڊ ۽ ڇيڻيون هيون، جيڪي ڪورٽز (Quartiz) مان گهڙيل هيون. ’آلچن‘ وسادي (Visadi) صنعت کي سنگهاؤ (Sanghao) ۽ رينيگنتا (Renigunta) ماڳن سان ڀيٽي ٿو. اها دلچسپ صورتحال نوٽ ڪرڻ جي آهي ته هن علائقي ۾ اڄ ڪلهه سالياني سراسر برسات 84 سينٽي ميٽر پوي ٿي. تنهنڪري ڀٽن ۾ ڦيرڦار ٿي نه ٿي سگهي. ڪنهن ڀٽ مان اوائلي پٿري دؤر جي صنعت جي دريافت سان تڏهوڪين خشڪ حالتن جو پتو پوي ٿو.

سوراشٽر ۾ ڀدر نديءَ جي بٺين تان اوائلي توڻي وچين پيليوليٿڪ دؤرن جا اوزار ملن ٿا. اتان هٿ ڪهاڙيون، ڪات ۽ کرچڻيون، وڍڻ جا اوزار، نوڪون ۽ ڇيڻيون ۽ ٻيا اوزار لڌا ويا آهن. ڪڇ جي علائقي مان به ڪات، هٿ ڪهاڙيون ۽ وڍڻ جا اوزار، جن مان ڪن ۾ اڃا تائين ڇوڏا ثابت هئا، ۽ سوراشٽر ۾ Dokamardo مان وچين پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار مليا آهن.

گجرات ۾ پيليوليٿڪ صنعت جي تاريخ جا فقط ٽن قسمن جا ثبوت آهن. سامونڊي سطح ۾ تبديلي، نديءَ جي ساخت ۽ مائليولائيٽ بيهڪون.

ڪواٽرنري (Quaternary) دؤر ۾ سامونڊي سطح ۾ لاهه چارهه جو وڏو سبب گليشيئر هئا، جن ۾ اڪٿر پاڻي جبلن تي برف جي صورت ۾ رهجي ٿي ويو. ان وقت سامونڊي سطح 100 ميٽرن کان وڌيڪ هيٺ ڪِري پئي. سوراشٽر سامونڊي ڪنڌيءَ تي گهٽ وڌ 5 کان 3 ميٽر تائين اوچي سامونڊي سطح جا چٽا اهڃاڻ، اعليٰ سطحي حدون، خشڪيءَ تي سپين جا علائقا، ساحلي مرجان، ساحلي Miliolits وغيره مان ملن ٿا. مهاراشٽر جو الهندو ڪنارو پڻ سامونڊي سطح ۾ ڦيرڦار جي نشاندهي ڪري ٿو. ان مان ظاهر آهي ته ٽي ڀيرا سامونڊي حددخلي اڄ کان 500، 35،000 ۽ 130،000 سال اڳ ٿي هئي. ڀدر تي صرف هڪ وڏي سطح واري سائيڪل آهي. جيڪڏهن اسان ان کي اڄ کان 1،20،000 سال اڳ ٿيل چڙهائي قرار ڏيون ته پوءِ اسان ان کي سوراشٽر ۾ اوائلي پيليوليٿڪ جي مٿين حد سان منسوب ڪري سگهون ٿا.

’راجا گرو‘ (Rajaguru) چوي ٿو ته، Miliolite ٽڪرين ۾ وچئين پيليوليٿڪ زماني جا اوزار ملن ٿا. جڏهن ته جونا ڳڙهه ويجهو اوائلي پيليوليٿڪ اوزار مائليولٽڪ کان پهرين درياهي بجريءَ مان ملن ٿا. اهي Miliolite ٽڪريون 14000 کان 30،000 سال پراڻيون آهن.

هٿ آيل ثبوت مان تجويز ٿئي ٿو ته اتي ٻه مائليولائيٽ بيهوڪون آهن. انهن مان هڪ اڄ کان 120،000 سال اڳ (کان پوءِ ڪنهن وقت) ۽ ٻي 35000 سال اڳ (کان پوءِ ڪنهن وقت) سامونڊي سطح جي اضافي سان ٺهي، ان سان اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جو وقت 120000 سال بيهي ٿو، ڇو ته اوزار مائلولائيٽ کان اڳ جا آهن. جڏهن ته وچين پيليوليٿڪ دؤر لاءِ عمر 35000 سال بيهي ٿي، جيڪي مائلولائيٽ کان پوءِ جا آهن.

 

سينٽرل انڊيا

هندستان ۾ پيليوليٿڪ ماڳ ته ڪافي آهن، پر انهن مان ڪي تمام ٿورا آهن جن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي. انهن بابت به تمام ٿورو مواد ڇپيو آهي. انهن ماڳن ۾ وري سڀ کان گهڻي اهميت ڀيمبيٽڪا ماڳ کي ڏني پئي وڃي. ان کان سواءِ ٻيا مکيه ماڳ لليت پور (U.P.) چرڪي (Chirki) (مهاراشٽر) ۽ انگاوادي (ڪرناٽڪا) آهن. ڀيمبيٽڪا ۾ ڪجهه نراليون ڳالهيون آهن. هي بنيادي طرح ٽاڪرو اجها (Rock Shelters) آهن. هن ماڳ تي پٿرن تي تصويرون اُڪريل آهن ۽ اڪيولين دؤر کان وٺي ميسوليٿڪ دؤر تائين جون لڳاتار بيٺڪون آهن.

ڀيمبيٽڪا ونڌيا جابلو سلسلي تي سمنڊ جي سطح کان 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تي آهي، جڏهن ته اوسي پاسي جي زمين کان اٽڪل 100 ميٽر مٿي آهي.

هن جابلو سلسلي جا پاڻي اتر طرف بيٽوا کان گنگا تائين وهن ٿا ۽ ڏاکڻين لاهين جو ڇوڙ ڀيمبيٽڪا کان 25 ڪلوميٽر پري Narbada نديءَ ۾ آهي. اڄڪلهه جيتوڻيڪ هن ماڳ جي ڀرسان هڪ ننڍڙو غير مستقل چشمو آهي، پر اهو علائقي ۾ تازي پاڻين وارن مستقل چشمن جو تسلسل آهي.

’مسرا‘ (Misra) هن علائقي ۾ پاڻي ۽ نباتات جو گهرو مشاهدو ڪيو. هن نوٽ ڪيو ته ان علائقي ۾ اڄ به کائڻ جوڳا گل، ميوا، ٻج، پاڙون وغيره 30 جي تعداد ۾ موجود آهن. اهي ٻوٽا مقامي آبادي اڄ به استعمال ڪري ٿي. اهي ٽڪريون گهاٽن ٻيلن سان جهنجهيل آهن، سواءِ ڪجهه اهڙين جاين جي، جتي هاڻي ماڻهن وڻ وڍي ڇڏيا آهن. هن علائقي ۾ هرڻ، سانڀر، چيتل، ڪارو هرڻ، سوئر، روجهه، چيتو، بگهڙ، سهو، لومڙي، لنگور ٽڪرن تي رهن ٿا. هن ريت علائقي ۾ شڪار، خوراڪ، پاڻي، اجهو، هٿيار ٺاهڻ لاءِ خام مال ۽ شڪار تي نظر رکڻ لاءِ اوچايون موجود رهيون آهن. هن ۾ حيرت جي ڪابه ڳالهه نه آهي ته اوائلي ماڻهو به ان ئي ماحول ۾ ڊگهي وقت تائين رهيو هجي.

ڀيمبيٽڪا مڌيه پرديش جي راءِ سين علائقي ۾ ڀوپال کان 50 ڪلوميٽر پري آهي. ڀيمبيٽڪا ٽڪرين ۾ 200 کان وڌيڪ ٽاڪرو اجها (Rock Shelters) ۽ غارون موجود آهن. سڄي علائقي ۾ هنن جو تعداد 750 کان مٿي آهي. انهن مان هڪ غار 40x12x15 ميٽر آهي. 500 کان وڌيڪ غارن ۾ چٽسالي آهي. مجموعي طور تي اتي ڪجهه هزار تصويرون آهن. هي ماڳ غالباً نه رڳو هندستان ۾ پر شايد سڄي دنيا ۾ پٿرن تي چٽساليءَ (Rock Paintings) جو شاهوڪار ماڳ آهي، جيڪي قرون واسطيٰ کان ميسوليٿڪ دؤر جا آهن. تمام ٿورن ٽاڪرون اجهن ۾ رهائشي پاڇيون (Debries) آهن. هڪ کوٽيل غار جنهن ۾ ڇهين کان اٺين تهه تائين اوائلي پويون يا اڪيلولين دؤر آهي، پنجون تهه وچين پيليوليٿڪ دؤر جو آهي. جتان اهڙا اوزار مليا آهن چوٿون تهه پوئين پيليوليٿڪ دؤر جو آهي. جڏهن ته پهرين کان چوٿين تائين مائڪرولٿس (ننڍڙا پٿري اوزار) مليا آهن. ظاهر آهي ته اهي اوزار ٽاڪرو اجهن ۾ ٺاهيا ويا. جيئن کنڊرن (Debries) مان پتو پوي ٿو. اهي سڀ اوزار گهڻو تڻو Orthoquartizite مٽيريل سان ٺاهيا ويا.

’مسرا‘ کوٽائين دوران اٽڪل پنج هزار اوزار لڌا. انهن مان 68 سيڪڙو اوزار کريل ۽ 32 سيڪڙو مڪمل اوزار آهن. اوزارن ۾ کرچڻا ۽ ان نوعيت جا ٻيا اوزار 28 سيڪڙو آهن. 4 سيڪرو ٻه منهان آهن. Levallois flakes ٻارهن سيڪڙو ۽ ڪجهه خاص کرچڻين جو تعداد 10 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ڪاتن کان هٿ ڪهاڙين جي شرح 1:3 آهي، ان جي ڪري ’مسرا‘ جو خيال آهي ته اهو ماڳ اڪيولين صنعت جي پڇاڙيءَ سان تعلق رکي ٿو، جنهن کان پوءِ اها روايتي ثقافتي ختم ٿي وئي.

’مسٽر اگروال‘ لکي ٿو ته ڀيمبيٽڪا وٽ اڪيولين صنعت جي جاءِ تي وچين پيليوليٿڪ ثقافت ڏانهن هوريان هوريان تبديلي واري مرحلي کي نوٽ ڪري سگهجي ٿو. هو لکي ٿو ته بدقسمتي سان هتي زندگي جي ڪابه باقيات بچي نه سگهي آهي. هتان، هن مهل تائين ڪي به هڏيون نه مليون آهن. اهو ان ڪري جو زمين ۾ تيزابي خاصيت آهي. ظاهر آهي ته هي اوزر ٽاڪرو اجهن ۾ ئي گهڙيا ويا. هٿ ڪهاڙين ۽ ڪاتن جو چڱو تعداد ٻڌائي ٿو ته اهي اوزار استعمال به ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جون ڌارون ڀڳل ۽ گٺل آهن. يعني اهي اوزار انهن ئي پناهه گاهن ۾ استعمال ٿيا. ڀڳل اوزارن جا ٽڪرا به اتي موجود هئا. اتي پٿرن سان ٺهيل فرش جو نمونو به ثابت ڪري ٿو ته اهو ماڳ رهائش لاءِ به استعمال ٿيو.

هماليه ۽ ۽ ونڌيا جبلن جي وچ ۾ ڪيئي هزار ميٽر گهري جهِم آهي. گنگا ۽ ان جي ڏن ڀرو ندين ان کي تڏهن کان اڄ تائين لٺ سان هاڻوڪي سطح تائين ڀريو آهي. وڏين برساتن (100 کان 200 سينٽي ميٽر هر سال) سبب هتي گهاٽا ٻيلا ٺهيا. قديم ڪتابن ۾ انهن ٻيلن جو ذڪر مها ونا (Maha Vana) طور آيو آهي. لڳي ٿو ته پيليوليٿڪ انسان هتي ان ڪري نه رهيو هوندو جو اهي تمام گهاٽا ٻيلا هئا ۽ هتي اوزار ٺاهڻ جو گهربل پٿر ڪونه هو.

مهاراشٽر ساڳئي مرڪزي پوٺي تي آهي، پر ان کي ٽاپٽي (Tapti) نديءَ مڌيه پرديش کان جدا ڪري ڇڏيو آهي. مهاراشٽرا مان ڪافي سارا پيليوليٿڪ ماڳ مليا آهن. انهن جو اڀيا زمانن ۽ ماڳن جي ورڇ ٻڌائي ٿي ته اوائلي انسان مختلف قسمن جي ماحولياتي حالتن ۾ رهيو. مثال: وڏين برساتن جا علائقا يا نيم خشڪ علائقا! انهن نتيجن جو تعين ملندڙ خام مال سان ٿئي ٿو.

مهاراشٽر ۾ ان جي عڪاسي ڀيما ۽ ڪرشنا ندين جي مٿاهين وٽان ملندڙ پيليوليٿس مان ٿئي ٿي، جيڪي اتي ٽڙيل پکڙيل آهن. بهرحال، اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته انهن مان اڪثر اوزار ندين جي ريتي ۽ بجريءَ مان مليا آهن. ۽ اهو نٿو ٻڌائي سگهجي ته اهي اصل ۾ ڪٿان کان لڙهي هتي پهتا. انهي بجريءَ مان مليل پيليوليٿس ترقي ڪيل نوعيت جا آهن. يعني نوڪدار هٿ ڪهاڙيون يا ٻيا پوئين اڪيلين دؤر جا آهن.

مهاراشٽر جي اڪثر علائقن مان ملندڙ اوائلي پيليوليٿڪ اوزار وڍڻا، ڇلڻا، هٿ ڪهاڙيون ۽ ڪات آهن. اڪثر اوزارن جي شڪل چپٽي ۽ گول آهي. نوڪدار هٿ ڪهاڙين جهڙن ٻين نوڪدار اوزارن جي ارتقا جي بنياد تي مسٽر سنڪاليه ان کي چرڪي (Chirki) صنعت ۽ وچين پيليوليٿڪ دؤر جي ڪافي ويجهو سمجهي ٿو. ايستائين جو ڪونڪن (Konkan) واري علائقي مان مليل وڍڻا. اوزار چڱي طرح گهڙيل آهن ۽ وچين پيليوليٿڪ کرچڻن جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ ان ڪري ئي انهن کي اوائلي وچين پيليوليٿڪ جي ابتدائي دؤر سان ڳنڍيو وڃي ٿو.

شروعاتي مرحلن ۾ مڊل پيليوليٿڪ اوزار فقط اولهه مهاراشٽر مان مليا هئا، پر پوءِ وارين دريافتن مان پتو پيو ته اهي سڄي رياست ۾ پکڙيل آهن. وچين پيليوليٿڪ دؤر جا مکيه ماڳ ڪوري گائون، چنڊولي، شڪارپور (پونا ڊسٽرڪٽ)، رنڪينالا (ڪان ماٿري)، احمد نگر ضلعي ۾ نيواسا ۽ ڪالي گائون ۽ ممبئي ويجهو کنڊي والي آهن. وچين پيليوليٿڪ صنعت ۾ اٽڪل 57 سيڪڙو کرچڻيون، 25 سيڪڙو ڇيڻيون ۽ 15 سيڪڙو ٻيا اوزار مليا آهن. هڪ طرفي يا ٻٽي نوڪ وارا اوزار مهاراشٽر ۾ لڌا آهن. کرچڻن جا تمام گهڻا قسم آهن يعني کوکلا يا پورا، ٻٽي ڌار وارا ۽ گول، مسٽر ٽاڊ موب بمبئيءَ ويجهو کنڊيوالي منجهان مٿئين پيليوليٿڪ دؤر جو رڪارڊ ملي ٿو. پٽنا واري پٿري صنعت مان وچين پيليوليٿڪ کان پوئين پيليوليٿڪ تائين مرحلي وار ڪم جو ثبوت ملي ٿو. ساڳي طرح اوڀر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان ۾ به بيشمار پيليوليٿڪ ماڳ مليا آهن ۽ وڌيڪ ملڻ جي اميد رکي وڃي ٿي.

 

ميسوليٿڪ ثقافتون

وقت سان گڏوگڏ پٿري اوزارن جي سائيز ۾ وڏي حد تائين ڇنڊڇاڻ ڏسجي ٿي، جيڪا اوائلي هولوسين (Early Holocene) زماني ۾ پٿر جي پوئين دؤر ۾ پنهنجي انتها تي پهچي ٿي. هندستان ۾ ان زماني کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو جهڙوڪ پٿر جو پويون دؤر (Late Stone Age)، وچون ۽ ننڍن اوزارن وارو (Mesolithic & Microlithic) دؤر. اهي ننڍڙا اوزار (Microliths) جيڪي ڊيگهه ۾ هڪ کان اٺ سينٽي ميٽر آهن، ان دؤر جي صنعت جا مکيه اوزار آهن. ظاهر آهي ته اهي اوزار ڍڳي جي ڄاڙي يا ڪاٺيءَ جي هٿئي ۾ مرڪب اوزار طور استعمال ٿيا ٿي ۽ نه جدا طور. سڀ کان اڳ، مائڪروليٿس 1876ع ۾ مسٽر ڪارلائل (Mr. Carlleyle) ونڌيا جي ٽاڪرو اجهن مان لڌا هئا. هن کان پوءِ مسٽر ڪاڪبرن (Mr. Cockburn) ۽ رائوِت ڪارنيڪ (Rivet Carnac) اوڻهين صديءَ ۾ ئي نيون دريافتون ڪيون. صديءَ جي پهرين اڌ ۾ ڪرنل ٽاڊ، هنٽر، گورڊن ۽ ٻين اپکنڊ جي مختلف حصن مان مائڪرولٿيس ملڻ جو اطلاع ڏنو. مائيڪرولس وارو دؤر عام طور تي اهو ئي آهي جڏهن گليشيئر اتر ۾ اتانهين چوٽين تائين محدود ٿي رهيا هئا. باقي ملڪ ۾ هن دؤر ۾ غالباً گرمي ۽ برساتن جو عمل وڌي رهيو هو. هڪ اڀياس موجب راجستان ۾ ڏهه هزار سال اڳ برسات اڄ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي هئي.

ويجهي ماضيءَ ۾ مرزا پور ضلعي ۾، جوشي کاريا وٽ مڌيه پرديش ۾ ساڳيا ماڳ لڌا ويا. هندستان ۾ مائيڪروليٿس ميسوليٿڪ دؤر کان وٺي تاريخي دؤر تائين استعمال ٿيندا آيا آهن. انهن مان ڪجهه مائڪروليٿڪ ثقافتون معاشي اعتبار کان غالباً نيوليٿڪ هيون.

اپکنڊ ۾ ميسوليٿڪ ثقافتن کي چئن جاگرافيائي ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1 اتر ۽ اولهه هندستان. 2 مرڪزي هندستان. 3 هندستان جو اوڀر وارو پاسو ۽ 4 ڏاکڻو هندستان. واضح هجي ته مائيڪروليٿس سڄي اپکنڊ مان مليا آهن.

اتر اولهه اپکنڊ وارو پاسو پاڪستان، اتر هندستان، راجستان ۽ گجرات تي مشتمل آهي. مسٽر گورڊن پشاور لڳ جمال ڳڙهي وٽان کيڙيل زمين مان مائيڪروليٿس ملڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهي اوزار ڪئمبرج ڏانهن اڀياس لاءِ موڪليا ويا هئا. انهن تي راءِ ڏيندي مسٽر مسرا (Mr. Misra) چوي ٿو ته انهن ۾ برما، چُڻن وانگر تراشيل پٿري بڻ، ٿلهي پُٺ واريون پٿري ڇُريون، هلالي شڪل وارا ۽ پٿر کي کوٽڻ ۽ ڇلڻ جا مڙيل اوزار شامل آهن.

راولپنڊي، قلات ۽ ڪوئٽا جي علائقن مان ۽ سنڌ ۾ ميل پٿر 101 ماڳ (اونگر: ضلع ٺٽو) ۽ ٿرڙو ٽڪري وٽان ٻه مائيڪروليٿس مليا آهن. روهڙي ۽ سکر بابت، جتان سنڌو - هڙپه تهذيب جي اوزارن لاءِ چقمقي پٿر جو خام مال مليو. پروفيسر آلچن ته سنڌ ۾ سنڌو تهذيب جي وقت کان وٺي پيليوليٿڪ دؤر تائين اوزارن جي موجودگيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين هتي ڪو جدا ميسوليٿڪ ماڳ هٿ نه ڪيو ويو آهي.

اراوالي (Aravalli) ٽاڪرو سلسلي راجستان کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. الهندو پاسو وڌيڪ خشڪ ۽ گهٽ آدم تي مشتمل آهي، جڏهن ته اڀرندو پاسو سائو ۽ وڌيڪ آباديءَ وارو آهي. نباتيات ڇڊي آهي. لوڻي ندي جيڪا هاڻي خشڪ آهي، کي ماضيءَ ۾ هڪ مربوط وهڪري جو نظام هو ۽ پتو پوي ٿو ته پوئين پلائسٽوسين زماني ۾ حالتون وڌيڪ تر هيون. مسٽر سنگهه جو خيال آهي ته هن علائقي ۾ اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون هيون، جيڪي وقت سان وڌندڙ خشڪيءَ سبب کاريون ٿي ويون.

ميسوليٿڪ ماڳ راجستان جي الهندي توڙي اڀرندي ٻنهي پاسن ۾ آهن. اولهه راجستان ۾ تِلوارا واري مسرا (Misra) جي کوٽايل مائڪروليٿڪ سائٽ صحرا جي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي Barmer علائقي ۾ آهي. هتي ٻه مرحلا آهن. پهرين مرحلي ۾ وڏي مقدار ۾ مائڪروليٿس آهن، جڏهن ته ٺڪريون معمولي آهن. ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ٺڪراٽو ۽ رهائشي مائڪروليٿڪ صنعت آهي. ان مرحلي ۾ لوهه جون ذريون، شيشي جا مڻيا ۽ سپن ۽ شيشي جون چوڻيون به مليل آهن.

هتي اڏاوتي سرگرميءَ جي صورت گولائيءَ ۾ ترتيب ڏنل آهي. جنهن جو قطر مٿي ٽن ميٽرن تائين آهي. هتان چلها به مليا آهن، جن ۾ مڇيءَ جون هڏيون ۽ خاڪ موجود هئي. ان کانسواءِ پٿر جا جنڊ، گسائڻ جا اوزار به مليا. پٿر جا گولا غالباً اهڙن اوزرن طور استعمال ٿيا هوندا، جيڪي اڇلائي هڻبا آهن. هتي جانورن جون هڏيون جيتوڻيڪ گهڻيون آهن پر انهن ۾ نور، بگهڙ يا ڪتي، ٿوهي واري چوپائي، ٻڪري، چٽن واري هرڻ ۽ سوئر جو وجود ظاهر ٿئي ٿو. اهي گهريلو ۽ جهنگلي جانورن جا گڏيل قسم آهن.

پٿر جي صنعت ڪوارٽز (Quartz)، چقمقي پٿر ۽ لاوائي پٿرن (Vhyolite) تي ٻڌل هئي. محسوس ٿئي ٿو ته سلينڊر جي شڪل جهرن پٿري بُڻن (Cores) جا چٿڙ لاهڻ لاءِ زور واري ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي ٿي وئي. جڏهن ته سڄو ٺڪراٽو چڪ تي ٺاهيل آهي. ’مسرا‘ جي خيال ۾ ان ٺڪراٽي جو تعلق پهرين يا ٻي صدي عيسويءَ واري رنگ محل ثقافت سان آهي ۽ خود پهريون مرحلو به ان ڪري 500 قبل مسيح کان پوئتي ڪونه ويندو، بهرحال ان جي ڪاربان ڊيٽنگ نه ٿي آهي.

اراواليءَ جي اوڀر ۾ ميواڙ جي صورتحال الهندي پاسي کان مختلف ڏسجي ٿي. جيتوڻيڪ اهو پاسو وڌيڪ ٽاڪرو آهي. پر اوڏانهن وڌيڪ مينهن پون ٿا ۽ اتي وڏي ساوڪ آهي. شڪار جام آهي ۽ ڪوٺاري نديءَ واري هيٺاهينءَ ۾ غالباً پاڻي جو مستقل ذريعو هو. اهڙين بهتر حالتن ۾ اها حيرت جي ڳالهه نه ٿيندي جيڪڏهن اتي ميسوليٿڪ آباديون وڌيڪ قائم ٿين. ٽڪرين تي وڏي تعداد ۾ مائڪروليٿس ۽ سون جي تعداد ۾ Cores جي موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته هتي ڊگهو عرصو انسان سرگرمي رهي آهي.

اها 1967ع جي ڳالهه آهي جڏهن مسرا ڀيلواڙ (Bhillwara) علائقي ۾ ڪوٺاري نديءَ تي بگور (Bagor) ماڳ لڌو. هن ماڳ تي پٿر سان فرش بندي ڪئي وئي هئي، ٺرڪاٽو وڌيڪ هو ۽ پٿر جي شاهوڪار صنعت هئي. پوئين مرحلي ۾ ڌاتو ۽ چڪ تي ٺهيل ٺڪراٽو به ملي ٿو. هن مهل تائين بگور ماڳ اپکنڊ جي انهن ٿورن ميسوليٿڪ ماڳن ۾ شامل آهي، جن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو ويو آهي.

بگور (Bagor) وٽ موجود 1.54 ميٽر ڊپازٽ ٽن مرحلن ۾ ورهايل آهن. پهرين مرحلي ۾ پٿر جون فرش بنديون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي گولائيءَ ۾ ترتيب ڏنل آهن. جنڊن ۽ گسڻن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻوٽن مان خوراڪ حاصل ڪئي ويندي هئي. هڪ قبر به لڌي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ بالغ انسان اهڙي طرح دفن ٿيل آهي جو ان جي منڍي اولهه رخ ڏانهن مڙيل آهي. قبر رهائشي حصي ۾ اندر هئي ۽ ٻي ڪابه تدفيني شيءِ يا ڊيگهه ڪونه هئي.

ٻيو مرحلو (Phase II) همعصر چالڪوليٿڪ (Chalcolithic) ثقافت سان رابطي کي ظاهر ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته ان ۾ ٽامي جا اوزار ۽ مڻيا ڏسجن ٿا. البت هن مرحلي ۾ فيز I جون ٻيون صفتون جاري رهن ٿيون. هتي پهريون ڀيرو هٿ جو ٺهيل ٺڪراٽو به مليو. تدفين جي ڏس ۾ وڌيڪ وضاحت ٿانو ٿپن، ٽامي جي اوزارن ۽ زيورن مان ڏسجي ٿي، سمورا ڍانچا رهائشي علائقي مان ڪرونڊڙي حالت ۾ هڪ هنڌان لڌا ويا. هڪ قبر مان 36 پٿر ۽ هڏين جا مڻيا لڌا ويا. هڪ نيزو ۽ هڪ سوئو به مليو.

هتان لڀجندڙ سڀ کان دلچسپ شيءِ تيرن جون ٽڪنڊيون نوڪون آهن. اهي سنڌو تهذيب جهريون آهن ۽ انهن ۾ ٻه ٻه سوراخ آهن. هن مان ظاهر آهي ته راجستان جي ميسوليٿڪ ثقافتن جو همعصر ۽ ترقي ڪيل ثقافتن سان ڪو ناتو هو. ڪاربان ڊيٽنگ اهڙي امڪان جي حمايت ڪري ٿي.

آخري فيز تاريخي دؤر جو آهي. ان ۾ فرش بنديءَ لاءِ پڪل سرون استعمال ٿيون، چڪ تي گهڙيل ٿانءَ ۽ لوهي ٽڪرا به مليا آهن. هن ماڳ تان ملندڙ پٿر جي صنعت چقمقي پٿر، ڪوارٽز، عقيق ۽ ٻين پٿرن تي ٻڌل آهي. آخري نمونا بگور (Bagor) جهڙا آهن. هتي ميسوليٿڪ صنعت پهرين فيز کان ٽئين فيز تائين مرحلي وار گهٽبي وئي آهي.

هڏين جو 72 سيڪڙو فيز I مان مليو هو. 19 سيڪڙو فيز II مان ۽ 3 سيڪڙو فيز ٽئين مان مليو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته هتي جيئن پوءِ تئين جهنگلي جانورن جي شڪار تي انحصار گهٽبو ويو آهي. هتان ملندڙ هڏين ۾ 20 سيڪڙو جهنگلي ۽ 80 سيڪرو پالتو جانورن جو آهي. انهن هڏين ۾ رڍون، ٻڪريون، مينهون، ٿوهي وارا جانور، سوئر، ڪارو هرڻ، چنڪارو (هرڻ)، چيتل، سانڀر، سها، نور، ڪڇون ۽ مڇيون شامل آهن.

مرحلن جي لحاظ کان هي ماڳ هن ريت بيهي ٿو.

فيز پهريون: 5000 سال قبل مسيح کان 3300 قبل مسيح (لڳ لڳ)

فيز ٻيو: 2800 سال قبل مسيح کان 2100 قبل مسيح (لڳ لڳ)

ان ريت هي ماڳ سنڌو تهذيب جو همعصر به آهي.

گجرات گهڻو تڻو درياهي لَٽَ يا سامونِڊي ڪنڌين وارن ميدانن تي مشتمل آهي. ٽاپٽي (Tapti)، نربادا (Narbada)، ماهي (Mahi) ۽ سبرمتي (Sabarmati) ندين جي ڪنڌين وٽ لٽاشن ميدانن مان لڳ ڀڳ هڪ سؤ کن مائيڪرولٿڪ ماڳ مليا آهن. گهڻن علائقن ۾ واريءَ جون ڀٽون ۽ انهن جي وچ ۾ ترائيون آهن، جن ۾ پاڻي ڪٺو ٿئي ٿو ۽ اتي سال مان 9 يا 8 مهينا پاڻي جمع رهي ٿو. جيئن ته گجرات ۾ 80 سينٽي ميٽر مينهن پوي ٿو ان ڪري اهو علائقو ملڪ جي زرخيز علائقن ۾ شامل ٿئي ٿو. هتي کوجنا مان پتو پيو آهي ته اکاج (Akhaj)، ولاسنا (Valasana)، هيرپور (Hirpur) ۽ لنگهناج (Langhnaj) وارن ماڳن تي جيڪي سرمستيءَ جي اوڀر ۾ آهن، اهڙو مائيڪروليٿڪ ڪلچر آهي، جتي ٺڪراتو يا ڌاتو بنهه ڪونه ٿو ملي. ان مان ظاهر آهي ته اهي آڳاٽيون آباديون آهن. لنگهناج، جتي وارياسا ڊپازٽس آهن، ان جي فيز-I ۾ مائيڪروليٿس، قبرون، جانورن جون هڏيون ۽ ٿورو ٺڪراٽو آهي. اهي ئي تفصيل فيز-II ۾ به آهن. هتي اها ڳالهه اهم آهي ته هتان تهدار ڪلورائيٽ پٿر مان گهڙيل ٻه عدد ڪهاڙيون ۽ پٿر جي Ring به هن فيز مان ملي آهي. سڀ کان مٿين حصي مان ٽامي جي ڇري ملي آهي، جنهن سان هڙپه تهذيب سان لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو.

هتان مجموعي طور 14 قبرون مليون جن مان فقط هڪ ۾ مڙدو سڌو پوريل آهي. باقي موڙيل ۽ سَنڌ سَنڌ کان ڌار آهن. ڪجهه کوپڙيون ڏريل ۽ ڀڳل آهن، جنهن سان آدمخوريءَ جو شڪ ٿئي ٿو، پر قديم آثار جا ماهر ايئن به چون ٿا ته اهي کوپڙيون ڊپازٽس جي بار سبب ڀڄي پيون هونديون. انهن ڍانچن مان نسلي ملاوٽ جو پتو به پوي ٿو. انهن ڍانچن جي بيهڪ وچ اوڀر وارن نسلن ۽ اوائلي هندستانين جهڙي آهي. لنگهناج تان ملندڙ مائڪرولٿ اوزار چقمقي پٿر، ڪوارٽز ۽ عقيق مان گهڙيل آهن. انهن ۾ مڏي پٺ وارا بليڊ، ٽڪنڊا، کرچڻا ۽ ڇلڻيون/ کوٽڻيون آهن. سڀ هڏيون جهنگلي جانورن جون آهن جن ۾ ڍڳا، گينڊا، ڌٻڻين وارا هرڻ، چيتل، روجهه، نور ۽ بگهڙ شامل آهن. انهن سان گڏ ڪڇون، مڇي، ڪوئا ۽ نوريئڙا به شامل آهن. لنگهناج جي تاريخ اڄ کان 6000 سال ۽ 4000 سال اڳ جي لڳ ڀڳ ڪَٿي وئي آهي.


 

 

 

 

 

پاڪستان

 

سوان ماٿري ۽ پوٺوار

پاڪستان ۾ هن مهل تائين ٿيل تحقيق مان خبر پوي ٿي ته سوان ندي جيڪا پوٺوار جي علائقي ۾ راولپنڊيءَ کان سنڌو تائين سفر ڪري ٿي، اها سرزمين آهي جتي پٿر جي پرڀاتي زماني ۾، ويهارو لک سال اڳ به انساني سرگرمي جاري هئي. جيئن ته في الحال سنڌو ماٿريءَ جي ڀرپاسي ۾ ان کان آڳاٽن اهڃاڻن جو ڏس پتو نه مليو آهي، تنهنڪري مڃڻوپوندو ته انسان جي پالنا ۾ پوٺوار خطي جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي ۽ پٿر جي دؤر جو ذڪر ڪرڻ مهل سوان ماٿريءَ کي نظر انداز ڪري ئي نٿو سگهجي.

پاڪستان ۾ اوائلي پٿري دؤر پلائسٽوسين زماني سان تعلق رکي ٿو. بدقسمتيءَ سان پاڪستان مان ان زماني جي انسانن يا انسان نما مخلوق جا پنڊ پاهڻ يا ٻيون ڪي به باقيات ڪونه مليون آهن، سواءِ انهن هٿان گهڙيل پٿري اوزارن جي سوان ماٿري مان لڌل شروعاتي شاهدين جي آڌار تي چيو ٿي ويو ته اتي 6 لک سال اڳ انساني سرگرمي موجود هئي، پر هاڻي اها عمر 20 لک سالن تائين وڌائي وئي آهي. هي سڄو زمانو زبردست موسمي تبديلن جو رهيو آهي. ڌرتيءَ تي وري وري برفاني دؤر ايندا رهيا آهن ۽ برف جي وڏي پئماني تي ڳرڻ سبب زبردست درياهي وهڪرا پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جابلو گهٽين ۽ پوٺن کي ڇلي بدلائي ڇڏيو آهي. ان ڀڃ ڊاهه ۾ انساني سرگرمين جا نازڪ ثبوت هيٺ مٿي ٿي چڪا آهن. انهن تبديلين رڳو زمين جي مٿاڇري کي ئي نه پر خود انساني زندگيءَ کي به وڏن تجربن، هاڃن ۽ مستقل لڏ پلاڻ جا ڏينهن بلڪه صديون ڏيکاريون آهن.

سائنسدانن جو خيال آهي ته ان عرصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار برفاني ۽ انهن جي وچ ۾ ٽي غير برفاني (انٽر گليشئل) دؤر اچي چڪا آهن. اهي سوين صديون فقط هماليه جي هنج ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ئي نه پر سڄي يورپ ۽ اڪثر ايشيا لاءِ ڏاڍيون سخت رهيون آهن. اهو سڄو عرصو سخت برفاني، ٿڌن، خشڪ زمانن ۽ سخت برساتي حالتن جو رهيو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي بقا جا رستا ڳوليندو رهيو آهي.

سائنسدان هماليه جي هيٺاهين لاهين، ڪشمير، پاڪستان جي اترين علائقن ۽ پنجاب ۾ موسمي ارتقا کي يورپ وارين تبديلين سان هڪجهڙائيءَ ۾ ڏسن ٿا. يعني انهن علائقن ۾ به ساڳي وقت ۾ برفاني دؤر موجود رهيا آهن. پوٺوار ۾ چئن بدران پنج برفاني دؤر آيا آهن. البت سنڌ ۽ ڏکڻ هندستان ۾ برفاني دؤر ڪونه آيا. انهن ساڳين برفاني زمانن ۾ هتي چئن برساتن جا زمانا آيا آهن. سنڌو ماٿريءَ جي ڏکڻ ۽ اتر وارن حصن ۾ موسمي حالتن جو فرق اڄ به نمايان آهن. اهو ئي برفاني ۽ غير برفاني زمانن جو پس منظر پوٺوار ۾ ڦيرڦار سان گڏ، سماجي حالتن، شڪار جي نوعيت ۽ رهڻي ڪرڻي تي اثر انداز ٿيندو رهيو آهي.

جيتوڻيڪ هن خطي مان ان دؤر جي ڪنهن به انسان جو هڏائون پڃرو نه مليو آهي، ان هوندي به قديم اوزارن جي ڪثرت انساني سرگرميءَ جو وڏو ثبوت آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مسٽر يلر پاڪستان جي حوالي سان ”انسان کي پنهنجن پيرن تي بيٺل“ نٿو ڏسي. جيئن ته پاڪستان ۾ قديم ترين پٿري صنعت يا صنعتن جو وڏو مقدار سوان ماٿريءَ مان ئي مليو آهي، ان ڪري ان اوائلي پٿري صنعت کي سوان صنعت جو نالو ڏئي ان کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي..

1- پرڀاتي سوان يا ابتدائي سوان صنعت کان به اڳ، 2- ابتدائي سوان، 3- وچين سوان ۽ 4- آخري سوان صنعت، بهرحال، اهي سڀ مرحلا پيليوليٿڪ دؤر جا آهن.

ان کان اڳ جو اسان سوان صنعتن تي نظر وجهون، هڪ نظر ان جيالاجيڪل ارتقا تي به وجهندا هلون جيڪا سنڌو ماٿري ۽ پوٺوار ۾ عرصي کان جاري رهي آهي. سائنسدانن جي هڪ راءِ اها به آهي ته سنڌ شروع ۾ سمنڊ هيٺ هئي. جنهن کي ٽيٿيا جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪيئي ڪروڙ سال اڳ جيالاجيڪل تبديلين سبب سمنڊ پوئتي هيو ۽ سنڌ جي زمين سمنڊ مان جنم ورتو. سنڌ جو پهريون ارضياتي تهه پِري - ڪئمبرين دؤر ۾ ٺهيو. ٻه اڍائي لک سال اڳ سمنڊ پوئتي هٽيو ۽ هاڻوڪي ڪراچيءَ واري حد تي اچي بيٺو. ان بعد وري تبديليون آيون ۽ سمنڊ جي سطح مٿي ٿيڻ شروع ٿي. اهو سلسلو هڪ لک سال اڳ کان 50 هزار سال اڳ تائين جاري رهيو ۽ سمنڊ سڄي سنڌ سميت پنجاب ۽ هندستان جي اڪثر علائقن تي قبضو ڪري ورتو. ان دوران سنڌ جون ٽڪريون سامونڊي ٻيٽ ٿي ويا. ان کان پوءِ پاڻي هوريان هوريان پوئتي هٽ لڳو ۽ پنج هزار کن سال اڳ وري لڳ ڀڳ ان حد تي وڃي بيٺو جتي هڪ لک سال اڳ هو. سمنڊ جي لاٿ وارا پويان پنجاهه هزار سال سنڌوءَ جي زرخيز ميدانن جي تياريءَ جو عرصو آهي. اهي ذرخيز ميدان هماليائي لٽ ۽ آخري برفاني دؤر جي خاتمي سان رجندڙ برف جي مٺي پاڻيءَ ٺاهيا.

سمنڊ جي اڳرائيءَ واري آخري زماني ۾ پوٺوار جو منظرنامو لڳ ڀڳ اهڙو ئي هوندو جهڙو يورپ جي اڪثر ٿڌن خطن ۾ جابلو ٻلن جو آهي، بي اعتباري مند ۽ اوچتا برفاني طوفان. ان جي ابتڙ سنڌ تي برساتن جي وڏي مهرباني هئي، برساتن جي اها شرح هاڻي جيئن پوءِ تيئن گهٽجي چڪي آهي.

سائنسدان چون ٿا ته راولپنڊي ۽ اٽڪ جي علائقي ۾ اهڙيون شاهديون پڌريون آهن ته گليشئرن جبلن تان مٽي ۽ پٿر گهلي ڌڪي وڏا ڍڳ ٺاهيا آهن جن کي هنڌان هنڌان ڪوري درياهن ننڍا وڏا پوٺا ٺاهيا آهن. انهن شاهدين جي آڌار تي هو چون ٿا ته پوٺوار ۾ پنج برفاني ۽ چار انٽر گليشئل دؤر ٿي گذريا آهن. جڏهن ته يورپ ۾ چار برفاني ۽ ٽي انٽر گليشئل زمانا گذريا. هو اهو به تجويز ڪن ٿا ته پيليوليٿڪ دؤر ۾ جيڪي به برفاني دؤر آيا، انهن مان سڀ کان پهرين دؤر کي ڇڏي باقي سڀ يورپي برفاني دؤر جي هم عصر آهن ۽ پاڪستان ۾ آخري برفاني دؤر يورپ جي ٽن شديد دؤرن جي برابر آهي. ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي پاڪستان جو اتريون علائقو يورپ کان وڌيڪ عرصي تائين برفاني حالتن ۾ رهيو آهي.

اهڙين سخت حالتن ۾ پيليوليٿڪ انسان جا ٺڪاڻا ڪٿي ۽ ڪيئن هئا؟ يقينن هو اوائلي شڪارين وانگر خانه بندوش هوندا. پر، جيئن ته انهن لوڪن جا هٿيار درياهن جي ڪنارن وٽان مليا آهن، ان ڪري خاطريءَ سان چئي سگهيو ته هو سوان ندي توڻي سنڌوءَ جي اهڙين ڪنڌين تي ٿاڪ ٺاهيندا هئا، جتي کين قدرتي ٽاڪرو اجها ميسر ٿي ٿيا، يا وري گهاٽن وڻن تي رات گذاريندا هئا. افسوس جو هن مهل تائين اوائلي پٿري دؤر جي ڪنهن مستقل ٿاڪ جو پتو نه پيو آهي، ان ڪري هر خيال محض خيال ئي هوندو.

اوائلي پٿري دؤر جو مدو ڪيتري عرصي تي پکڙيل آهي؟ اي. ايل. بيشم “Wonder that was India” ۾ لکي ٿو: چار لک سال اڳ کان ٻه لک سال اڳ تائين. سر مارٽيمر ويلر چوي ٿو: چار لک سال اڳ کان هڪ لک سال اڳ تائين. پروفيسر سنوراٽ جي خيال ۾ اهو زمانو 6 لک سال اڳ کان شروع ٿئي ٿو. پر، 86-1985ع وارين کوٽاين ۽ دريافتن وقت راولپنڊي ضلعي مان 20 لک سال پراڻا پٿري اوزار مليا.

پلائسٽوسين زماني جي وچ ڌاري يعني اٽڪل 6 لک سال اڳ ڪشمير ۽ پنجاب جي اتر ۾ ٻيو برفاني دؤر هو. ان زماني سان تعلق رکندر پٿري اوزارن کي ”سوان کان آڳاٽي صنعت“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ان زماني ۾ هتي هاٿي به موجود هو، جنهن جون پنڊ پاهڻ ٿيل هڏيون مليون آهن. اهي اوزار ڪلر، ملڪ پور، چؤمک ۽ سوان نديءَ جي ٻين ماڳن تان ملن ٿا.

سوان کان آڳاٽي صنعت جا اوزار ماپ ۾ وڏا آهن. اهي قدرتي گول پٿرن کي هڪ ئي ڌڪ سان ڀڃي ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن کي وڌيڪ گهڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي هئي. هڪ ته اهي پٿر سخت هئا ۽ ٻيو ته شايد اهڙيون ڇيڻيون ۽ ٽيڪنڪ انسان کي ڏانءَ ڪونه آئي هئي. سوان ماٿريءَ مان ملندڙ اوزار ٻن قسمن جا آهن. اصل ۾، هر پٿري زماني مان انهن ئي ٻن بنيادي قسمن جا اوزار ملن ٿا. فرق فقط هي آهي ته وقت گذرڻ سان انهن مان ڪنهن هڪ ٽيڪنڪ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ڪم ڪيو ويو ۽ اوزار بهتر ۽ گهڻن قسمن جا ٿيندا ويا. اوزارن جو هڪ قسم پٿر جي چٿڙن تي ٻڌل ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته چٿڙي اوزار جي ڌار ٿئي ٿي، ماپ ۾ ننڍو ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ محنت کان سواءِ ان سان ڪي ضروري ڪم ڪري سگهجن ٿا. اوزارن جو ٻيو قسم Core جي صورت ۾ آهي، جنهن جا چٿڙ لاهي گهڙي هڪ گهربل شڪل ڏني وڃي ٿي. اهو فرق سمجهڻ لاءِ سولي ۾ سولو مثال بليڊ ۽ هٿ ڪهاڙيءَ جو آهي. بليڊ ڪنهن Core جو سهڻي ۾ سهڻو ۽ توري تڪي لاٿل چٿڙ آهي ۽ هٿ ڪهاڙي پاڻ Core آهي.

سوان کان آڳاٽي صنعت ۾ هڪ پٿر کي ٻئي پٿر تي زور سان اڇلائي يا ڌڪ هڻي ٻه اڌ ڪيو ٿي ويو. اهڙي طرح جدا ٿيل ڌار وارو چٿڙ ڪات طور گوشت وڍڻ يا هڏي ڀڃڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. جيڪڏهن چٿڙ لاهڻ کان پوءِ بچيل Core کي ٻه ٽي ڀيرا ڌڪ هڻي وڌيڪ چٿڙ لاٿا ٿي ويا ته اهو ڪنهن وڍڻي يا هٿ ڪهاڙيءَ جهڙو ٿي پئي پيو. ساڳي صنعت جي حوالي سان ماهرن کي هتي وڍڻ جي اوزارن جي هڪ مخصوص صنعت به ملي آهي جيڪا فقط ايشيا ۾ آهي ۽ اهڙا اوزار يورپ يا آفريڪا ۾ ڪونه آهن.

سوال اهو آهي ته اهي اوزار ڪهڙي انساني نسل تيار ڪيا؟ ظاهر آهي ته هي ڪروميگنان ۽ نيندرٿال نسلن کان گهڻو گهڻو اڳ جو دؤر آهي. 6 لک سال اڳ ”پٿيڪن ٿروپس“ ۽ ”پيڪنگ انسان“ وارا نسل ڌرتيءَ تي موجود هئا. ايشيا ۾ ان قسم جي پٿري صنعت جا اوزار پوٺوار کان سواءِ جاوا، چين، ڀارت (جبل پور) وٽان مليا آهن، جيڪي وڏا ۽ بي ڊولا آهن.

ٻئي برفاني دؤر کان پوءِ آيل انٽر گليشئل دؤر ۾ عظيم گليشئرن جي ڳرڻ سبب وڏا وڏا پٿر، ڇپون، مٽي ۽ ريتي جبلن تان لڙهي لٿي ۽ اچي پوٺوهار ۾ جمع ٿيا. انهن ڍيرن هيٺ سوان کان آڳاٽي صنعت جا اڪثر آثار اچي ويا. پيليوليٿڪ انسان سرگرمي پوءِ به جاري رهي، جنهن کي وري ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. 1- اوائلي سوان، 2- وچين سوان ۽ آخري سوان صنعت.

جيڪڏهن هنن سوان صنعتن جي پکيڙ ڏسجي ته اها سوان وادي، سنڌوءَ جي اولهه پاسي اورين ڪنڌين، لوڻ وارن جبلن ۽ ڪشمير واديءَ ۾ پکڙيل نظر ايندي. ٻين لفطن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪشمير کان وٺي پوٺوار تائين ساڳيو انساني نسل ساڳي ثقافتي سرگرميءَ ۾ مصروف رهيو آهي.

اوائلي سوان صنعت کي ٻن قسمن جي اوزارن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙا وڍڻ وارا ۽ ٻيا ڇلڻ وارا. وڍڻ وارا اوزار گول پٿرن کي گهڙي ٺاهيا ويا. ان ريت اهڙيون ڇريون تيار ٿيون جن کي هڪ طرف تيز ڌار هئي ته ٻيو پاسو، جنهن کي مُٺيو چئجي، پنهنجي قدرت گولائيءَ سان موجود رهيو ٿي. سوان جا اهڙا همعصر اوزار آفريڪا جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن حصن مان به مليا آهن. ٻئي قسم ۾ اهي اوزار شامل آهن جن کي ٿلهن چٿڙن مان گهڙي تيار ڪيو ويو آهي. ماهرن ان صنعت کي يورپ جي ”ڪليڪتون چٿڙي صنعت“ سان هڪجهڙائيءَ رکندڙ محسوس ڪيو آهي. هي دؤر چئن کان ٻه لک سال اڳ تائين جو سمجهيو وڃي ٿيو، جنهن ۾ اوزار هڪ يا ٻن يا ڪجهه ڌڪن جي مدد سان ٺاهيا ويا ۽ انهن تي گسڻ جو ڪوبه ڪم ڪونه ٿيو.

وچين سوان صنعت لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻه لک سال اڳ جي سرحد مقرر ڪئي وئي آهي. اوزار سازيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ ڪجهه ترقي ٿي. گول پٿرن مان به اوزار گهڙبا رهيا. ٻئي پاسي هڪ نئين ٽيڪنڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن وڏي پٿر کي گهربل شڪل ۾ گهڙي، پوءِ ان مان هڪ طرف کان چٿڙ لاهي تيز ڌار ڪڍي ٿي وئي. لڳ ڀڳ اهڙو ئي طريقو آفريڪا، فلسطين ۽ اولهه يورپ ۾ به هو. وچين سوان صنعت گهڻو تڻو چٿڙن واري صنعت آهي. اوائلي لوڪ هڪ وڏو پٿر کڻي ٻئي وڏي پٿر تي اڇلائيندا هئا ته جيئن پٿر چٿڙ چٿڙ ٿي وڃي، ان کان پوءِ هر هڪ چٿڙ کي مرضيءَ موجب گهڙي ڇلڻ يا وڍڻ جو اوزار ٺاهيو ٿي ويو.

ٻيو طريقو اهو هو ته ڪو گول پٿر چونڊي ان جي هڪ پاسي کان ڪڇونءَ جي پُٺ وانگر چٿڙ لاٿا ٿي ويا ۽ پوءِ پٿر جي ٻئي پاسي ڌڪ هڻي سطح سڌي ٿي ڪئي وئي. اهڙي طرح هٿرادو مُٺئي واري ۽ هڪ تيز ڌار رکندڙ ڇري، وڍيندڙ اوزار يا کرچڻي ٺهي ٿي پئي. ماهرن جو اندازو آهي ته اهي اوزار ڪاٺي ڇلڻ، شڪار جي گوشت تان کل لاهڻ يا گوشت جا ننڍا ٽڪر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيا هوندا. ان ئي ٽيڪنڪ سان ٺاهيل ڪي اوزار نيزن جون نوڪون محسوس ٿين ٿيون. بهرحال، هي اوزار به گٺل يا گسائي تکا ڪيل نه آهن.

آخري سوان صنعت جو تعلق آخري انٽر گيلشئل دؤر سان آهي پر اها ان کان پوءِ به جاري رهي آهي. هن دؤر جا اوزار راولپنڊيءَ کان 40 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ چونترهه ڳوٺ وٽان مليا آهن ۽ ان زماني جي صنعت جا ٻه مرحلا آهن. پهريون مرحلو ته ساڳيو گول پٿرن وارن صنعت جو تسلسل آهي، پر هاڻي ان ۾ اهو فرق نظر ٿو اچي ته گول پٿرن بدران بيضوي پٿر چونڊي انهن مان اوزار گهڙيا ويا. انهن پٿرن مان هڪ ڌڪ سان فالتو پٿر ڀڃي جدا ڪيو ويو. ٻين لفظن انهن جي شڪل ته ابتدائي سوان صنعت کان بهتر آهي پر ڪا ڪاريگري ڪونه ڏيکاري وئي آهي. اهي ٻين گول پٿرن جي ڀيٽ ۾ وڏا آهن، ڪن جي ماپ هڪ فوٽ جيتري آهي ۽ ڪجهه انهن کان به ڊگها آهن. اهڙا اوزار گهڻو ڪري Cores مان ٺهيا، پر ڪي ڪي چٿڙن مان به ٺهيل آهن.

انهن اوزارن کي سوان ماٿريءَ جون هٿ ڪهاڙيون سمجهيو ٿو وڃي. اهڙا ئي هٿ ڪهڙا 1863ع ۾ مدراس مان هٿ اچي چڪا آهن. اهڙا هٿ ڪهاڙا چونترهه مان چڱيءَ تعداد ۾ مليا آهن. ٻيا اوزار ننڍا نفيس ۽ سنهي ڪم جا آهن، جن کي بهتر مهارت ۽ نفاست سان ٺاهيو ويو.

سوان ماڳن جي درجي بندي

1.    

گهڙياله (سنڌو جي ويجهو):

سوان کان آڳاٽو دؤر.

2.   

شادي پور:

نئون هيٺيون سوان ۽ وچون سوان دؤر.

3.   

جلوال:

سوان کان آڳاٽو، نئون هيٺيون ۽ وچون سوان دؤر.

4.   

خوشحال ڳڙهه (سنڌوءَ جي ڪنڌي):

هيٺيون سوان ۽ نئون وچون سوان دؤر.

5.   

مکڊ (سنڌوءَ جي ڪنڌي تي):

سوان کان آڳاٽو، نئون هيٺيون ۽ وچون سوان دؤر.

6.   

انجيره:

نئون هيٺيون ۽ وچون سوان دؤر.

7.   

ڍوڪ پٺاڻ:

تازو ۽ آخري سوان دؤر.

8.   

بلاول A:

تازو ۽ آخري سوان دؤر.

9.   

بلاول B:

وچون سوان دؤر.

10.                

پنڊي غيب:

وچون سوان ۽ نئون مٿيون سوان دؤر.

11. 

غله ڪالام:

سوان کان آڳاٽو، آخري سوان دؤر.

12.                

سهال:

سوان کان آڳاٽو ۽ آخري سوان دؤر.

13.                

دوليالي:

سوان کان آڳاٽو دؤر.

14.                

چڪ سگهو:

وچون سوان ۽ مٿيون سوان دؤر.

15.                

هَن:

تازو وچون سوان دؤر.

16.                

سُد:

وچون سوان، تازو مٿيون سوان دؤر.

17.                

آدياله A:

آڳاٽو وچون ۽ تازو مٿيون سوان دؤر.

18.                

آدياله B:

مٿيون سوان دؤر.

19.                

مورگاهه:

تازو مٿيون سوان دؤر.

20.               

ڪوٽاهه:

پيليوليٿڪ کان پوءِ جو دؤر (هتان بليڊ وغيره ملن ٿا.)

21.                

جي. ٽي. روڊ (ميل پٿر 165):

سوان کان آڳاٽو، وچون سوان ۽ تازو مٿيون سوان دؤر.

22.               

منگوت:

سوان کان آڳاٽو ۽ تازو مٿيون سوان دؤر.

23.               

گوجر خان:

تازو مٿيون سوان دؤر.

24.               

ڪالار:

سوان کان آڳاٽو دؤر.

25.               

چؤ مُک:

تازو وچون سوان دؤر.

 

سنگهاؤ غار

پشاور ماٿري، جنهن کي آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ ۾ ”گنڌارا“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان وقت نئين اهميت اختيار ڪري وئي جڏهن هتان پٿري دؤر جون ڪجهه غارون ۽ مخصوص پٿري اوزار لڌا ويا. ان سلسلي ۾ في الحال سڀ کان اهم غارون سنگهاؤ ماٿريءَ واريون آهن، جن جي دريافت پاڪستان جي نامياري محقق ڊاڪٽر ايم. ايڇ. دانيءَ جي کاتي ۾ داخل آهي. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب سٿيو ڪُشان دؤر جي حوالي سان سماجي معاشي ڳانڍاپن تي تحقيق ڪندي پنهنجي ٽيم سان گڏ سنگهاؤ ماٿريءَ ۾ آثار ڳولي رهيو هو. اها پشاور يونيورسٽي جي آرڪيالاجي واري شعبي جي ٽيم هئي.

اٿندي ئي هن ٽيم کي جيڪا پهرين ڪاميابي ٿي، اها تاريخ کان اڳ واري ماڳ جي، سنگهاؤ وٽ هئي. هتي ابتدائي کوٽائيءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. جنهن مان خبر پئي ته هيءَ پٿر جي وچين دؤر سان تعلق رکندڙ غار آهي. ان ريت اها گنڌارا ماٿريءَ ۾ تاريخ کان اڳ واري دؤر جي ڪنهن ماڳ جي پهرين کوٽائي هئي. ان سان گڏوگڏ هن علائقي ۾ پليسٽوسين (Pleistocene) دؤر جي ارضياتي جوڙجڪ تي کوجنا به هلي پئي.

پشاور يونيورسٽيءَ ۾ قائم آرڪيالاجي شعبو پاڪستان ۾ هن نوعيت جو پهريون قدم آهي. هي شعبو پشاور ۾ ان دليل سان کوليو ويو ته گنڌارا واري پاسي آرڪيالاجيءَ جا ماڳ سڀ کان گهڻا آهن. مان ذاتي طور تي ان راءِ سان اختلاف رکان ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ بلوچستان جون ماٿريون ۽ جبل به ان معاملي ۾ تمام شاهوڪار آهن. بهرحال، پشاور يونيورسٽيءَ سٺي ابتدا ڪئي ۽ ان سان پنجاب ۽ سرحد صوبي ۾ ڪم ٿيڻ جي شروعات ٿيڻ سان اتي جلدي ڪاميابيون حاصل ٿيڻ لڳيون. 1963ع کان اڳ ”گنڌارا“ واري علائقي ۾ آرڪيالاجي اوائلي تاريخي دؤر (ٻُڌ دؤر) تائين محدود هئي. نيٺ جڏهن پٿري دؤر جي دريافت ٿي، تڏهن کان گنڌارا وارو علائقو ۽ پوٺوهار وڏي اهميت وٺي ويا.

هن باب ۾ گهڻو تڻو ذڪر ”سنگهاؤ پارکو دره غار“ جو ٿيندو جيڪا نومبر 1962ع جي اهم دريافت آهي. داني صاحب هڪ جپاني آرڪيالاجيڪل مشن ۽ ڪجهه پاڪستان عملدارن سان سنگهاؤ طرف ٻڌڪا آثار ڏسڻ ويو هو. هن جيئن ئي سنگهاؤ ماٿريءَ ۾ پير رکيا هن جبل جي بيهڪ مکيه جبل جي چاڙهن، بٺين ۽ انهن جي ڍورن ۾ پکڙيل گول پٿر (Pebbles) ۽ انهن سان گڏ پنڊ پاهڻ ٿيل وڻن جا ٿڙ ڏسي محسوس ڪيو ته هي ڪو غير معمولي ماڳ آهي. ”هنن سڀني شين جو مطلب ڇا آهي؟“ هن سوچيو. ان ريت هو ٻڌڪي دؤر سان دلچسپي وڃائي ويٺو. هن کي راولپنڊيءَ جي ڀرپاسي سوان ماٿريءَ مان لڌل گول پٿري اوزار (Pebble stone tools) ياد اچي ويا، اها ٻي ڳالهه هئي ته في الحال هن کي سنگهاؤ ڍورن مان اهڙو ڪوبه اوزار نه مليو هو. هن جستجوءَ ۾ هتان هُتان پٿر ميڙيا. پر ضروري نه هو ته اهي به اوزار ئي هجن. ترت ئي هن کي ڪي اهڙا پٿر ملي ويا جيڪي ”اوزار“ هئا. اهي ڪوارٽرز (Quartz) جا ٽڪرا هئا.

اتي ئي چشمو هو جتان هڪ جابلو نوجوان داني صاحب کي ڪجهه ٻير پٽي آڻي ڏنا. ڪجهه جهنگلي ڀولڙا به ان مهل اتي نظر آيا، جيڪي هن ماٿريءَ ۾ ٻير کائڻ ايندا هئا. محقق جي ذهن ۾ هڪدم خيال آيو ته اڳين دؤر جا انسان به ايئن ئي هتي جهنگلي ٻير ۽ ٻيا ميوا کائيندا هئا. پر، سوال هو ته اهي ڪير هئا ۽ ڪٿي رهندا هئا؟ جابلو نوجوان مسٽر دانيءَ کي ڪجهه غارن تائين وٺي ويو. هن هڪٻئي جي پٺيان ٻيون غارون به ڏيکاريون. ننڍي، وڏي ۽ وچولي ماپ جون غارون! داني صاحب وڏي غار ۾ ساهي پٽڻ ۽ سوچڻ ويهي رهيو.

هيءَ غار اڄڪلهه ڌنار لوڪ ڪڏهن ڪڏهن ان وقت استعمال ڪندا آهن جڏهن تيز اس لوساٽيندي هجي يا اوچتو طوفان يا مينهن لهي پوي! ”ڇا هي غار ماضيءَ ۾ استعمال نه ٿي هوندي؟“ هن سوچيو. کيس هائوڪار ۾ جواب مليو. داني صاحب جي دوستن، جيڪي ان مهل تائين اتي موٽي آيا هئا. جو خيال هو ته اها ٻڌڪي دؤر جي غار هوندي، ڇاڪاڻ ته هو اڳ ئي ڪشمير سمسٽ Kashmirsmastوٽ هڪ ٻڌڪي غار ڏسي چڪا هئا. داني صاحب کي اطمينان نه ٿيو ۽ هن ڀيري هن اتي هڪ اونهي کڏ کوٽڻ شروع ڪئي. هن موقعي تان عجيب اوزار لڌا جيڪي Intratable خام مٽيريل جا هئا. هن فيصلو ڪيو ته هتي وڌيڪ کوٽائي ڪئي وڃي. نيٺ سندس نگرانيءَ ۾ ٻن مختصر مدن وارن کوٽايون ٽن هفتن ۾ ٿيون.

جاگرافيائي پوزيشن: سنگهاؤ اڄ ڪلهه هڪ غير اهم ڳوٺ آهي. اها جاءِ مردان ضلعي کي بينر (Buner) کان جدا ڪندڙ ٽڪري جي پيرن ۾ هڪ ڪنڊ ۾ آهي. هن جي اوچائي 1700 فوٽ آهي، ۽ اهو ماڳ مردان کان اتر اوڀر ۾ 21 ميل پري آهي. سنگهاؤ نالو سنسڪرت جو اکر سنگها يعني ٻڌڪو ويهارو آهي. (ڊاڪٽر داني جي خيال ۾.)

داني جي خيال سان اختلاف جي گنجائش ان لاءِ آهي ته لفظ سنگهاؤ جي معنيٰ ”شينهن وارو“ به ٿي سگهي ٿي. بهرحال، جيڪڏهن داني جي راءِ درست آهي ته ان جي حق ۾ ٻڌن واري زماني جا آثار هن واديءَ ۾ موجود آهن. ان ماڳ کان 12 ميل ڏکڻ ۾ جمال ڳڙهي وٽ ٻڌن جو مشهور ويهارو (Monastic) جا آثار آهن. جڏهن ته ان جي اتر ۾ به گهڻيئي ٻڌڪا مجسما لڌيا ويا آهن. ڊاڪٽر داني بار بار واضح ڪري ٿو ته سنگهاؤ ماڳ پراڻي ٻڌڪي دڳ تي آهي، جيڪو مالاڪنڊ لڪ وٽان لنگهي ٿو.

ٻڌن جو زمانو بهرحال هتي موجود آهي ۽ انهن قديم غارون استعمال به ڪيون هونديون. داني صاحب جي خيال ۾ مشهور چيني سياح Hiuen Tsang جنهن دڳ سان سفر ڪيو هو. ان تي سنگهاؤ به موجود هو. اهو ماڳ يا اها ماٿري ڪابل نديءَ جي اتر ۾ پشاور جي ڪجهه خطي سان گڏ باڙا نديءَ تي هئي. ڪابل جي هيءَ اترين ماٿري اڃا به ننڍين ٽڪرين ۽ ٽٽل ٽڪرن ۾ آهي، جن کي Paja ٽڪريءَ جون ڇاڙون چئجي ٿو. جيڪي ان جي اوڀر واري مکيه سلسلي مان نڪرن ٿيون ۽ تخت باهيءَ وٽ ختم ٿين ٿيون. پشاور کان مالاڪنڊ ويندڙ جديد روڊ انهن ٽڪرن تان لنگهي ٿو. ان ٽڪريءَ جي اتر ۾ بائي زئي ۽ ڏکڻ ۾ يوسف زئي قبيلا رهن ٿا. جيڪي پٺاڻ آهن. پاجا ٽڪريون ماضيءَ ۾ ٻڌن جو ڳڙهه (Rendezvous) هو. ان جي اوڀر واري ڇيڙي تي اشوڪا واريون لکتون شهباز ڳڙهي وٽ اُڪريل آهن. وچ تي جمال ڳڙهي جا آثار آهن ۽ اولهه ۾ تخت باهي آهي. بائي زئي کان يوسف زئي ڏانهن مکيه وهڪرو ڪال پاني جو آهي. جنهن کي غلطي ۾ ”چل پاني“ يعني وهندڙ پاڻي چيو ويو آهي. اهو لفظ اصل ۾ ڪالا پاني آهي يعني تباهيءَ جو پاڻي يا ندي. اهو نالو تمام اهم آهي. اهو وهڪرو جابلو ڍورن مان پاڻي کڻي اچي ٿو ۽ مينهوڳي ۾ وڏي تباهي مچائي ٿو. ڪالا پاني يا ڪارو پاڻي پاڪستان جي سڀني جبلن ۾ ويندي کيرٿر تائين ساڳي معنيٰ ۽ مزاج ۾ استعمال ٿئي ٿو، ڪاڇي ۾ گاج جي پاڻيءَ کي به ڪارو پاڻي چئبو آهي.

جمال ڳڙهي وٽ پاجا ٽڪري ڇڳل آهي، جنهن مان مردان کان ڪٽلانگ روڊ لنگهي ٿو جنهن جي ڇيڙي تي سنگهاؤ ڳوٺ آهي. هن ٽڪري جي بلڪل پٺيان ٻيو روڊ چيچار ڍيريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. ان ڍيريءَ جي پويان هڪ کليل ميدان آهي، جيڪو اتر ۽ اوڀر طرف هوريان هوريان مٿانهون ٿيندو وڃي ٿو، تان جو اسين ٽڪريءَ جي پيرن تائين پهچون ٿا. جيئن ته اتر وارو حصو مٿانهون آهي، ان ڪري اهو اڄ به باراني آهي. جڏهن ته هيٺان ميدان 1947ع کان پوءِ هڪ واهه جي ذريعي آباد ٿين ٿا. جن جاين تي پاڻيءَ جي جمع ٿيڻ جي مناسب گنجائش آهي، اتي چشما ڏسي سگهجن ٿا. ڪجهه بٺيون ڊگهيون هئڻ ڪري ننڍڙيون ماٿريون ٺاهن ٿيون. جن کي مقامي ماڻهو تنگئي چون ٿا.

ڪٽلانگ وٽان ڇهه ميل پري سنگهاؤ جو منظرنامو ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ بٺيءَ جي وڪڙ ۽ مهڙ ۾ آهي، جيڪا ميچيزئي سڏجي ٿي. هتي پهاڙي چشما موجود آهن، جن جي پاڻيءَ تي اڄ به پوکي ڪئي وڃي ٿي. اهي ئي هن واديءَ ۾ زندگيءَ جا بنيادي سرچشما آهن، جن تي نباتات پڻ تڳي ٿي. اڳوڻو ڳوٺ هتي چشمي جي ويجهو قائم هو، جيڪو انگريزن جي دؤر ۾ اتان لڏائي هاڻوڪي جاءِ تي قائم ڪيو ويو. اهوئي چشمو هو جنهن سبب اتي ٽڪريءَ تي ٻڌڪي آبادي قائم ٿي هئي. هن وڏي سنگهاؤ واديءَ ۾ ڪجهه ننڍا ڍورا آهن. جن جا ڏکڻ پاسي کان ترتيبوار نالا شرم خان، باغ دره، پارکو دره، رود، تنگئي، حيات تنگئي ۽ ”نٿو“ آهن. انهن ننڍڙ ڍورن ۾ قدرتي غارون آهن. سڀ کان مکيه رود، پارکو دره ۽ باغ دره ۾ آهن. اهي غارون ٻُڌن استعمال ڪيون، جن جون پاڇيون مٿاڇري تي ڏسجن ٿيون. اڄڪلهه اهي ان وقت ڌنارن جي ڪم اچن ٿيون، جڏهن گرميءَ جي اُس ساڙي ٿي يا اوچتا مينهن پون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪي شڪاري گروهه هتي شڪار جي تاڙ ۾ رات گذارين ٿا. هتي اڄڪلهه به شڪار گهمي ٿو ۽ پاڻيءَ لاءِ چشمي تي اچي ٿو. پاڻيءَ جي ذريعن ويجهو ٻوڙن جو جهنگ آهي، باقي ٽڪرين ۽ ميدانن ۾ ٽڙ پکڙ گاهه آهي. وڏا وڻ موجود ڪونه آهن جيڪي شايد ڳوٺاڻن وڍي ڇڏيا آهن.

 کوٽائي ڪيل غار سنگهاؤ ڳوٺ کان ٽي ميل پري پارکو دري ۾ آهي. ڍورو ڊگهائي ڦاڪ ۾ ٻن بٺين جي وچ ۾ اولهه کان اوڀر بيهڪ ۾ آهي. ان ريت غار ڏاکڻي بٺيءَ ۾ ۽ اتر ڏانهن منهن ڪري بيٺي آهي. اتر واري بٺيءَ جي پيرن ۾ هڪ ننڍڙي ڍوري آهي، جنهن جي پيٽ ۾ ريتي بجري ڀريل آهي. غار ۽ ڍورن جي وچ ۾ سراسري طور 100 فوٽ سڌو ٽڪرو آهي، جنهن تي جديد لٽ آهي جيڪو اوائلي ارضياتي ڀَراءُ جي مٿان اچي ويو آهي. ان سڌي ميدان ۾ صدين کان پوکي جاري آهي. ساڳي طرح پوکيءَ لائق زمين جو ٽڪرو غار جي مٿان بٺيءَ تي موجود آهي.

ارضياتي طرح سنگهاؤ ڳوٺ سمنڊ کان 1700 فوٽ مٿي آهي. جڏهن ته سنگهاؤ غار هڪ ڍوري جي وات تي 2000 فوٽ مٿي آهي. اهي ڍورا سوات نديءَ واري نظام سان ڳنڍيل آهن. جڏهن ته ٻيو پاسو سنڌوءَ کي ڏن ڀري ٿو. ان ريت وچ واري پاجا چوٽيءَ جي اوچائي 6747 فوٽ آهي.

ڍوري جي مجموعي لٽ کان 50 فوٽ مٿي ۽ غار کان 300 فوٽ اتر ۾ ڍوري جي ٻئي ڀر جبل جي تهن ۾ سفيد Vein ڪوارٽز آهن، جن جي ٿولهه ٽن فوٽن تائين گهٽ وڌ آهي. ان پٿر کي اوزار گهڙڻ لاءِ خام مال طور استعمال ڪيو ويو آهي. خود غار چن پٿري ڪانگلو ميرٽ آهي. لٽ جو ڊپازٽ 50 فوٽ ٿلهو آهي ۽ گهڻو تڻو چن پٿري آهي، اهي ڊپازٽس ڪانگلو ميرٽ فارميشن ۾ قدرتي کاڌ سبب ڪٺا ٿيا آهن، جيڪا غالباً چئن کان پنج لک سال اڳ واري گليشئل دؤر دوران وجود ۾ آئي هئي.

آرڪيالاجيءَ جي لحاظ کان هتي ثقافتي اؤسر ڪجهه هن ريت تي بيهي ٿي:

 

ثقافت

عمرت قبل مسيح

1.    

نيليٿڪ

3000 تائين

2.   

مائڪروليٿڪ

3000 کان 15000 تائين

3.   

پويون پيليوليٿڪ

(پٿر جو وچون دؤر)

15000 کان 50،000

4.   

اوائلي پيليوليٿڪ

50،000 کان 250،000

5.   

اوائلي پيليوليٿڪ

250،000 کان 400،000

6.   

اوائلي پيليوليٿڪ

400،000 کان 550،000

سنگهاؤ اوزار ان زمان جا آهن، جڏهن مند ٿڌي ۽ نسبتاً خشڪ هئي. اهو ارضياتي دؤر آخري گليشئل دؤر وارو آهي ۽ اوزار 15 کان 50 هزار سال اڳ جا آهن. يعني پٿر جو وچون دؤر.

ائين ٿو لڳي ته پوکرا دري واري غار ڇپون ڪِرڻ، ڊهڻ ۽ موسمي تبديلين کان پوءِ ويڪري ڪئي وئي. اهڙيون موسمي تبديليون غار جي منهن تي پڌريون آهن. غار جي منهن تي هڪ وڏي ڇپ غار کي ذري گهٽ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اندرئين پاسي به ڪجهه وڏا پٿر ڪِريل آهن، جنهن ڪري سڄي غار ٽن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. ان جو وچون حصو سڀ کان وڏو هئڻ ڪري ان کي مکيه غار چئي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر داني غار جي ٽنهي حصن کي II, I ۽ III ۾ ورهايو  آهي. مکيه غار (حصو II) 80 فوت ڊگهي ۽ 35 فوٽ اونهي آهي، جڏهن ته اوچائي 14 فوٽ اٿس. حصو نمبر I اوڀر پاسي آهي. جنهن کي هڪ وڏي ڇپ حصي نمبر II کان جدا ڪري ٿي. حصو نمبر III پڻ هڪ وڏي پٿر جي ڪِرڻ سبب جدا ٿي بيٺو آهي. اهو ننڍي ڇت وارو حصو غار جي اولهه پاسي بنهه ڏکڻ واري ڪنڊ تي مشتمل آهي. غار کي ڪجهه اڳتي اولهه پاسي ڪجهه ٻي غارن جا نمونا ٻن مرحلن ۾ ڏسي سگهبا.

مکيه غار (حصو II) بي ترتيب آهي. ان جي ڇت بي ترتيب نموني جهڪيل آهي، جنهن جي اندرين پاسي ڪاري دز يا دونهين جو ٿلهو تهه آهي. هڪ هنڌ تي 5 فوٽ گهرو سوراخ آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته ڪانگلو ميرٽ ڇت مان پٿر مختلف وقتن تي ڇڄندا رهيا آهن.جڏهن ڇت مان پٿر ڪِرڻ شروع ٿيا تڏهن ئي شايد ان خطري سببَ ان ۾ رهڻ ڇڏيو ويو هوندو. غار جو منهن هن وقت ٻاهرين زمين کان پنج فوٽ مٿي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي فرش تي مختلف دورن ۾ ٿيل بي ترتيب اوساري آهي. ان عمل ۾ هاڻوڪن لوڪن جي سرگرمي به محسوس ٿئي ٿي، پر شروعاتي اوساري ٻڌڪي دؤر جي آهي.

غار ۾ تري تائين 15 فوٽ ڊپازٽ هئا، جن کي 12 عدد مختلف تهن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ٻن تهن جي وچ ۾ ڪوئلي ۽ خاڪ جي هلڪي لائين آهي، جيڪا انهن تهن کي جدا ڪري ٿي. استعمال جي شين جا ڊپازٽ غار جي منهن تي فوراً ملي وڃن ٿا. جنهن کان پوءِ اڇلاليل گند ڪچرو ملي ٿو. بهرحال، کوٽائيءَ مان ڪُل پنج عدد مکيه دؤر لڌا ويا آهن.

دؤر نمبر II, I ۽ III حاصل پٿري دؤر جي سامان سان ڀريل آهن جڏهن ته چوٿون دؤر ٻڌڪو آهي. جيو 200 قبل مسيح کان جيڪو 200 عيسوي سن تائين جو آهي. وقت جي کوٽ سبب کوٽائي اڌ ۾ ڇڏي وئي. جيتوڻيڪ سڀ کان هيٺ تائين اوزار مليا.

غار جي سڀ کان هيٺئين (يعني 12) تهه ۾ باقاعدي رهائش جا آثار هئا، جنهن ۾ ڪوئلو، خاڪ، جانورن جون هڏيون، ڏند، سڱن جا ٽڪرا ۽ ڪوارٽز اوزار ۽ ضايع ٿيل اوزار هئا. ڪوارٽز سان گڏ تهدار پٿر (Schist) جا اوزار به هئا، جن ۾ پٿر جون نوڪون ۽ ڌار وارا اوزار به آهن. پهرين دؤر جا اوزار پوين دؤرن جي ڀيٽ ۾ وڏا آهن. ان تهه ۾ سخت مٽيءَ جو رنگ ڦِڪو يا اڇو آهي، جنهن ۾ Girt، ريتي ۽ ڪوئلو به مليل آهي ۽ اوزار اڇي رنگ جي ڪوارٽز جا آهن.

هي دؤر ڇت مان هڪ وڏي ڇپ ڪِرڻ سبب اوچتو ختم ٿي ويو. اهو پٿر شايد ڪنهن موسمي تبديلي يا زلزلي جي جهٽڪي سبب ڪِريو هو ۽ غار ۾ رهڻ جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو. غار مان سواءِ هيٺئين تهه جي باقي سڀني تهن مان لڌل ڪوارٽز اوزار ڳاڙهي رنگ جا آهن.

کوٽائيءَ مان لڌل اوزارن کي ٿلهي ليکي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ قسم آڇر کرچڻين (Flakeblade and Scraper) جو آهي، ان ۾ Cores ۽ ضايع ٿيل ٽڪرا به آهن. مٽيريل به ٽن قسمن جو آهي. ڳارهو يا اڇو ڪوارٽز سڀ کان گهڻو آهي. شفاف ڪرسٽل نازڪ ۽ ٿورو آهي. چقمقي اوزارن جا فقط ٻه نمونا مليا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته چقمقي پٿر هنن وٽ موجود ڪونه هو. تهدار پٿر (Schist) جا اڍنگا ٽڪرا هر سطح تي آهن ۽ پيبل (Pebble) هٿوڙا گرينائيٽ جا آهن. جيڪي مرحلي III مان ملن ٿا. هي ڪو چڱو خام مال ڪونه هو، پر سنگهاؤ غارن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ اهو خام مال استعمال ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو به ڪونه هو. هنن هر مرحلي ۾ ساڳي ٽيڪنيڪ سان اوزار ٺاهيا آهن، جيڪا هنن جي پنهنجي آهي. بس! فرق اهو آهي ته ٻئي ۽ ٽئين تهه ۾ هنن جا اوزار ماپ ۾ ننڍا آهن.

ڊاڪٽر داني ياد ڏياري ٿو ته ڊاڪٽر برجيٽ آلچن انڊمان ٻيٽ ۾ ڪوارٽز مان ٺهندڙ اوزارن جي ٽيڪنڪ بيان ڪئي آهي: ”هو ڪوارٽز جا گول پٿر باهه ۾ وجهن ٿا، تان جو اهي گرم ۽ ڳاڙها ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن کي ڪڍي ٻئي پرٿ سان ڌڪ هنيو ٿو وڃي. ان ريت ڪوارٽز ننڍڙن تيز ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃي ٿو.“ پر، سنگهاؤ ۾ ڪنهن به گول ڪوارٽز (Pebble) مان تيز ڌار اوزار نه ٺهيو آهي. هنن ڪوارٽز کوٽي کنيا ۽ اوزار گهڙيا ٿي، پر چئي نٿو سگهجي ته هنن به ڪوارٽز کي باهه ۾ ساڳي ٽيڪنڪ لاءِ استعمال ڪيو هجي. هو بهرحال، باهه جي استعمال ۽ گوشت پچائڻ کان واقف هئا. ان لاءِ ثبوت ۾ سڙيل هڏيون ڪافي آهن.

ڊاڪٽر دانيءَ جي خيال ۾ هتي اوزار گهڙڻ لاءِ جيڪا ٽيڪنڪ استعمال ٿي آهي سا يورپ ۽ اولهه ايشيا جي Levallois-Mousterian واري ڇلڻ جي ٽيڪنڪ آهي. اها پاڪستان جي حوالي سان بهرحال، پٿر جي وچين دؤر جي صنعت آهي.

هتي هن صنعت جا ٻه قسم آهن، هڪڙا core اوزار ۽ ٻيا آڇر يا بليڊ اوزار. ٿلهي ليکي هتي چئن قسمن جا cores آهن چپترا گول، ڪڇونءَ جهڙا (Tortiose)، بندوق جي گولين جهڙا (Fluted) ۽ آخري قسم اهو آهي جن کي ڪا سڃاڻپ ڏئي نٿي سگهجي.

آڇر (Flake tools) بابت جيئن اڳ ۾ چيو ويو ته گهڻي ئي قسم آهن. اهو شايد ان ڪري ٿيو جو ڪوارٽز مان سٺا آڇر نٿا لهن، اها رواجي ڳالهه آهي ته ڇلڻ يا ڇنڊڻ جي عمل ۾ اڪثر پٿر ضايع ٿي وڃن ٿا. انهن اوزارن مان اڪثر تي موجود نشانن مان ظاهر آهي ته اهي استعمال به ڪيا ويا هئا، پر اهي ڪهڙي ڪم آندا ويا؟ اهو چوڻ مشڪل آهي. ڪن اوزارن کي ڏند به ٺاهيل ڏسجن ٿا.

سنگهاؤ بابت اهي تفصيل ڊاڪٽر دانيءَ جي ان رپورٽ مان ورتا ويا آهن، جيڪا سال 1964ع ۾ شايع ٿي. ان کان پوءِ ٿيل کوٽائين مان ظاهر ٿيل تفصيل هتي ڏنل نه آهن.



 


 

 

 

 

سنگهاؤ غار جا تفصيل

 


 

 


 

سنڌو ماٿري ۾ پٿري دؤر جو آرٽ

اسان سنڌو ماٿريءَ ۾ پٿر جا ٽيئي دؤر انهن زمانن جي اوزارن ۽ هٿيارن جي حوالي سان ڏسي چڪا آهيون. سوال اهو آهي ته ڇا سنڌو ماٿري ۾، جنهن ۾ ان جي ڏن ڀرو ندين ۽ ڍورن جون ماٿريون به شامل آهن، ڇا ڪنهن چترڪاريءَ جو ڏس پتو ملي ٿو؟

هائو! برابر اهڙو ڏس پتو آهي پر اهڙي نقاشيءَ جو اڪثر حصو تاريخي زماني جو آهي. پروفيسر ڪارل جيٽمار (Karl Jettmar) ”پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پٿرن تي اڪريا ۽ تحريري نشانن“ تي هڪ رپورٽ تصويرن ۽ نقشن سميت جاري ڪئي هئي جيڪا 1982ع ۾ لوڪ ورثو- اسلام آباد پاران شايع ڪئي وئي هئي. پروفيسر صاحب ان مان اڪثر نقاشيءَ کي ٻڌمت سان واسطو رکندڙ سڏي ٿو ڇاڪاڻ ته اڪثر نشانيون نقاشيءَ ۾ جانورن پڻ ڏيکاريل آهن پر ڪارل صاحب جي تجزئي موجب اهي تصويرون ايران جي ڪياني (Achaemenain) بادشاهت واري اثر کي ظاهر ڪن ٿيون. جانورن جون ڪي تصويرون سٿيو سائبيرين اسٽائل جون آهن. ساڪا (Saka) دور جا اهڃاڻ به موجود آهن. تحريرون فقط براهميءَ ۾ ئي نه پر خروشطيءَ ۾ به آهن.

انساني تصويرون عجيب غريب سهي پر انهن ۾ Sogdain ۽ پارٽين طرز جون پوشاڪون پهريل فوجي به آهن. لشڪري رٿ گاڏيون به موجود آهن. چلاس- II هڪ هنڌ ٻٽي جنسن واري هڪ ديوي/ ديوتا جي تصوير به اڪريل آهي جنهن جي هٿ ۾ نيزو آهي، ان جي ڀرسان خروشطيءَ ۾ نالا لکيل آهن.

جانورن ۾ هاٿي، گهوڙا، هرڻ، پاتلو ٻڪر، نانگ، شڪاري جانور، ڦاڙها ۽ ڪي عجيب ڏند ڪٿائي جانور به شامل آهن. ڪي علامتي نشان اصل ۾ اهڙن قبيلن ۽ قومن جا آهن جيڪي هن علائقي تي وقت به وقت قابض رهيون. اهي نشان شروع ۾ جانورن تي سڃاڻپ لاءِ ڏنڀ ذريعي هنيا ويندا هئا پر پوءِ هوريان هوريان اهي ئي نشان ساڳين قبيلن جا ”ملڪيتي نشان“ ۽ ”قومي نشان“ بڻجي ويا جيڪي پوءِ هنن پنهنجي قبضي هيٺ علائقن تي به چٽيا.

پروفيسر صاحب پنهنجي سڄي ساري تفصيلي رپورٽ ۾ صرف هڪ هنڌ پٿري دور جو شڪ ڏيکاري ٿو. هو ٿور (Thor) نديءَ جي اتر واري ڪپ تي موجود جانورن جي ڪجهه تصويرن کي شڪار واري رسم جا منظر سڏي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي اتر وارين وادين ۾ پروفيسر ڪارل کي پٿري دور جي چترڪاري هٿ نه آئي. هن صاحب چلاس، عالم برج، ٿور، دانيور، هنزهه، هسپار، لداخ، ناگر، شتيل برج ۽ قراقرم هاءِ وي جا ڪي حصا ڏٺا هئا ۽ هو ڪن جاين تي موجود نشانن کي قديم زماني جي لانگهاؤ انسانن جا پاتل ”يادگار نشان“ قرار ڏئي ٿو. انهن مان اڪثر تحريرون پڙهجي سگهيون آهن جن مان ظاهر آهي ته ڪهڙي قوم سان تعلق رکندڙ مسافر ڪيڏانهن، ڪهڙي زماني ۾ ۽ ڪهڙي مقصد سان لانگهاؤ ٿيا هئا. اهو تسلسل اڄ به جاري آهي جو اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو ته شاهراه قراقرم جي اڏاوت وقت اتي ڪم ڪندڙ انجنيئرن پنهنجا نالا ڀرپاسي جي پٿرن تي اڪيريا آهن جيڪي پڻ وقت سان گڏ ”قديم آثارن“ جو حصو بڻجي ويندا.

سنڌو تهذيب ڌاتو- پٿري (چالڪوليٿڪ) زمانو آهي ۽ ان مان تصويرڪشي، خاص ڪري مذهبي نقاشي جا ته بي حساب نمونا مليا آهن. ڇا سنڌو تهذيب ۾ نقاشي اوچتو عمل ۾ آئي؟ اها ڳالهه ته ممڪن ئي ڪونه آهي ته ثقافتي تبديلي ڪنهن ارتقائي عمل کان سواءِ اچي! پڪ سان ان اهم انساني سرگرميءَ جون پاڙون خالص پٿري دؤر ۾ رکيون ويون هيون. بدقسمتيءَ سان هن مهل تائين سنڌوءَ جي ڏاکڻي ماٿري ۽ ان جي جابلو حصن مان پٿري دؤر جي ڪابه چترڪاري ڪونه ملي آهي. سواءِ ٿرڙو ٽڪريءَ تي موجود ڪجهه جاميٽريڪل ۽ علامتي نشانن جي.

چلاس

هوڏانهن اتر واري علائقي ۾ جتي پروفيسر ڪارل کوجنائون ڪري چڪو هو، ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ به تحقيقي ڪم ڪيو آهي ته هن تصويري تسلسل ۾ ڇا ڇا آهي؟ ڊاڪٽر صاحب ”چلاس“ نالي رپورٽ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. چلاس هاڻي هڪ شهر جو نالو آهي، پر اڳي اهو نالو هڪ پوري علائقي لاءِ مخصوص هو. اها غالباً شِلاوتا جي بگڙيل شڪل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پٿرن يا هاڙين جو علائقو! (هوڏانهن بلوچستان جي حوالي سان پٿرن تي تصويري اُڪرن جي کوجنا جو ڪجهه ڪم برگيڊئر حسن ڪيو آهي.)

چلاس هڪ لڪُ آهي جنهن ۾ سنڌوءَ جي ڀرپاسي جي ننڍن ندين نالن سان گڏ گڏ ميسوليٿڪ دؤر جا آثار ملن ٿا. انهن ماڻهن جا هي آثار بي شمار خوبصورت تصويرن جي شڪل ۾ آهن، جيڪي هنن ڏاڍي مهارت سان کوٽيون آهن. انهن مان اٽڪل ويهه تصويرون ميسوليٿڪ دؤر جون آهن. بعد واري زماني جون تصويرون ڏيڍ سؤ کان مٿي آهن.

ميسوليٿڪ تصويرون ڏاڍيون گهريون کوٽيل آهن ۽ زمانو گذرڻ سبب انهن تي ڪاراڻ چڙهي وئي آهي يا سائو سينور چڙهي ويو آهي. پوئين زماني جون کوٽيل ليڪون وڌيڪ ٿلهيون ۽ پڪيون آهن. انهن جا تاثر به واضح آهن، لباس ۽ سماج به نئون آهي ۽ موضوع به نوان آهن. جانورن جون آڳاٽيون تصويرون وڌيڪ حقيقت نگاريءَ واريون آهن. جانورن کي چرپر واري حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي، پر انساني شڪلون هتي به يورپ ۽ هندستان جي پٿري زماني وانگر خاڪن تي ٻڌل آهن ۽ ڪوبه ڀرپور تاٿر پيدا نٿيون ڪن. آڳاٽي سنڌو ماٿريءَ جي هن آرٽ ۾ زراعت وارو موضوع موجود ڪونه آهي. البته شڪار جا منظر موجود آهن.

تصويرن ۾ سرهه، گڊ، جهنگلي ڍڳا ۽ هرڻ عام آهن. ان دؤر ۾ موسمي حالتون اڄ جي ڀيٽ ۾ بهتر هيون ۽ شڪار جام هو. چٽيل پٿرن جي ڀرپاسي مان ڪٿان ڪٿان پٿري اوزار به ملن ٿا، پر ان علائقي مان اهڙي ڪابه غار ڪونه ملي آهي، جنهن بابت چئي سگهجي ته هي لوڪ ان غار ۾ رهندا هئا. ان ڪري خيال آهي ته چلاس ماٿريءَ ۾ رهندڙ ميسوليٿڪ انسان جابلو ٻيلن ۾ آزاد گهمندو هو ۽ جهوپڙيون ٺاهي رهندو هو يا جابلو اجهن هيٺ پڙاءُ ڪندو هو. اهڙو ئي هڪ ٽاڪرو اَجهو ڇجه گچي ڍوري جي وات ويجهو مليو آهي، جتان پٿر core مان ٺاهيل ننڍا اوزار ملن ٿا. انهن مان ڪجهه سُوئا، چاقو، ٽڪنڊيون کرچڻيون شامل آهن. ڪجهه وڏا ٽڪرا به آهن، پر ڪنهن به قسم جي تير جا ڦر في الحال نه مليا آهن. داني صاحب هن ميسوليٿڪ ثقافت جو دؤر 3 کان 5 هزار سال قبل مسيح سمجهي ٿو. جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته پوءِ چئبو ته ان زماني ۾ سنڌوءَ جي ڏاکڻي ماٿري گهڻو اڳتي نڪتل هئي، ڇاڪاڻ ته اها نه رڳو زرعي دؤر ۾ داخل ٿي چڪي هئي پر دنيا جي هڪ عظيم تهذيب جا بنياد رکي رهي هئي.

پٿرن تي اُڪريل هي ميسوليٿڪ تصويرون ٻڌائين ٿيون ته انهن لوڪن ڪُتي ۽ رڍ کي هيرائي پالڻ شروع ڪيو هو. جڏهن ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جانور پالڻ جي شروعات نيوليٿڪ دؤر کان شروع ٿي هئي. هڪ تصوير ۾ ٿوهي وارو ڏاند نظر اچي ٿو. اهو ڏاند جبل جو جانور آهي ئي ڪونه، پر ڏاکڻي سنڌو ماٿريءَ سان تعلق رکي ٿو. ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته ميسوليٿڪ لوڪن جو مشاهدو ڏاکڻي سنڌو ماٿريءَ تائين پکڙيل هو.ڪن تصويرن ۾ سرهه، ڦاڙهو ۽ چڪور به نظر اچي ٿو. تصوير ۾ چڪور پنهنجي ٻچي کي داڻو چُڳائي رهيو آهي. هڪ تصوير ۾ باز آهي جنهن جا پَر پکڙيل آهن، رڇ ۽ لومڙي به چتر ۾ موجود آهن.

چترڪاريءَ ۾ شڪار جي هٿيارن ۾ تير ڪمان کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. تصويرن مان محسوس ٿئي ٿو ته هي ماڻهو انهن ئي جانورن جون کلون لباس طور اوڍيندا هئا، پر اهو ايترو اڻپورو هو جو اگهاڙپ لڪائي نٿي سگهيو، (تصويرون بهرحال واضح نه آهن). شايد هنن وٽ اگهاڙپ جو تصور اڃا پيدا ڪونه ٿيو هو. عورتن ۽ مردن جون اگهاڙيون تصويرون به پٿرن تي اُڪريل آهن.


 

 

پاڪستان جي اترين علائقن جا اهي ماڳ جتي پٿرن تي چترڪاري ملي آهي.


 

 

پاڪستان جي اترين علائقي مان ملندڙ تصويرن جا ڪي نمونا.

 

 

پاڪستان جي اترين علائقي مان ملندڙ تصويرن جا ڪي نمونا.

 

 

پاڪستان جي اترين علائقن مان ملندڙ تصويرن جا ڪي نمونا.

 


 

هڪ تصوير ظاهر ڪري ٿي ته هڪ سرهه کي اهڙي کڏ ۾ ڪيرائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جنهن جو مٿاڇرو ڪانن ۽ ڪکن سان ڍڪيو ويو آهي. تصوير ۾ سرهه بيٺو آهي ۽ سامهون چوڪڙين جي ڄار وارن خانن ۾ گول نقطا آهن. ڪن وڏن پٿرن تي هٿن ۽ پيرن جون تصويرون اُڪريل آهن. هٿ جو پورو چنبو ۽ هر ڪنهن هٿ جو آڱوٺو ساڄي پاسي. ائين ٿو لڳي ته کاٻو هٿ ديوار تي رکي ساڄي هٿ سان کاٻو هٿ ليڪيو ويو ۽ پوءِ ان ليڪي کي ڇيڻيءَ سان کوٽيو ويو. ساڳي طرح ڪن هنڌن تي پيرن جا نشان به آهن، پر اهي به اڪثر هنڌن تي هڪ هڪ پير جا آهن پيرن جا نشان گهڙڻ جو طريقو به ساڳيو هو (ڇا اهڙن ئي پيرن جا نشان اڄڪلهه مقدس قدمن جي نالي سان اهميت وٺي ويا آهن؟)

ڪجهه تصويرن ۾ انسان ۽ نانگ اُڪريل آهن. هڪ تصوير ۾ هڪ نانگ ڪکي رهيو آهي، ٻئي چٽ ۾ ٻه نانگ هڪ انسان کي پير ۾ چڪ وجهي رهيا آهن. هڪ تصوير ۾ هڪ عورت پنهنجن ٻن ٻارن کي ٻن نانگن کان بچائي رهي آهي. هن علائقي جون ڪجهه تصويرون ان لحاظ کان به يورپي ۽ ڀيمبيٽڪا چترڪاريءَ کان مختلف آهن جو چلاس ۾ عورت ۽ مرد جي جنسي ميلاپ تي ٻڌل هڪ اُڪر موجود آهي. هڪ ٻي تصوير ۾ هڪ عورت دائري ۾ آهي ۽ مرد ان دائري ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

 

 

بلوچستان ۾ آڳاٽي چترڪاري

15- نومبر 1997ع تي پاڪستان نيوز ايجنسيءَ APP جي حوالي سان خبر شايع ڪئي وئي ته بلوچستان جي ضلعي موسيٰ خيل ويجهو سليمان جبل ۾ برفاني دؤر سان تعلق رکندڙ چترڪاري ملي آهي. پاڪستان آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ مسٽر فضل داد ڪاڪڙ ان دريافت سان گڏ دعويٰ ڪئي ته اها چترڪاري اسپين جي التميرهه ۽ فرانس جي لاسڪواڪس جي همعصر ۽ انهن جهڙي آهي. ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڳاڙهي، ڪاري، ناسي ۽ ڦڪي رنگ سان چٽيل اهي تصويرون 9- عدد ٽاڪرو اجهن (Rock shelters) ۽ غارن ۾ مليون آهن جن جا موضوع جانورن ۽ انسان آهن. اها به دعويٰ ڪئي وئي ته چترڪاريءَ ۾ برفاني دور جو ماحول چٽيل آهي ۽ تصويرون ۾ بگهڙ، گهوڙا ۽ ڍڳا نمايان آهن. جيئن ته ان خبر جو سڌو تعلق هن ڪتاب ۾ موضوع سان هو، ان ڪري مون فيصلو ڪيو ته سرزمين جو جائزو وٺجي.

14- ڊسمبر جي سخت ٿڌي ڏينهن تي، جڏهن زيارت ۽ لورالائي جي ڪجهه حصن ۾ رکي رکي برف سان گڏ مينهن وسي رهيو هو، آئون سليمان جبل جي هڪ ڍوري ۾ پهتس جيڪو تخت سليمان چوٽيءَ کان 25-30 ڪلوميٽرن جو پنڌ تي ڏکڻ ۾ هو. جيڪڏهن اها چترڪاري برفاني دور جي هئي ته پوءِ هتي، اڄڪلهه واري ڊسمبر جيتري ٿڌ ان زماني جي اونهاري ۾ پوندي هوندي. لورالائي ۽ موسيٰ خيل ضلعا اڄڪلهه به سٺو چؤماسو ڏسن ٿا ۽ هتي ٺيڪ ٺاڪ برساتون پون ٿيون. تخت سليمان چوٽي سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 3380 ميٽر مٿي آهي. ٽاڪرو اجها ان چوٽيءَ کان لڳ ڀڳ 1500 ميٽر هيٺ هئا.

موسيٰ خيل کان اتر اوڀر ۾ تخت سليمان ڏانهن ويندڙ هن وادي کي ”توئيسر“ ٿي چيائون. جنهن جابلو ڍوري ۾ غار ۽ ٽاڪرو اجها آهن ان جو نالو ملوي زوب (Malavi Zhob) آهي جنهن جي معنيٰ آهي، انگور واري ندي. ملوي زوب هڪ عاليشان نخلستان آهي، بالڪل ائين جيئن

 

ملوي زوب (بلوچستان) ۾ لوڌ جو منظر

ملوي زوب ۾ گهوريسوار ۽ ماڻهو

ملوي زوب ۾ چٽيل مختلف جانور


ڪنهن جنگي ناٽڪ جو منظر؟ (ملوي زوب)

 

ٻه گهوڙيسوار جن مان هڪ جي هٿ ۾ تلوار ۽ ڍال ڏسجي ٿي، هڪ ڦاڙهو، هڪ اوائلي مشين؟ جنهن ۾ ڦيٿو واضح آهي. تصوير جي تري ۾ موجود نشان ڀيمبيٽڪا مان پڻ مليو آهي. (ملوي زوب)

 

ملوي زوب: مختلف هنڌن تي پٿرن تي ٿيل گلڪاري جنهن ۾ ٽٻڪن کي به اهميت ڏني وئي آهي. ائين ئي ٽٻڪن کي ڀيمبيٽڪا (ڀارت) ۽ يورپ ۾ به اهميت حاصل آهي پر انهن جو مقصد اڃا تائين واضح ٿي نه سگهيو آهي.


 

هڪ وڏي پٿري ديوار تي جنگ جو منظر گهوڙيسوار ۽ پيادا هٿن ۾ تلوارون کڻي هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل نظر اچن ٿا.

سنڌو تهذيب کان پوءِ تحرير جي نئين صورت؟


 

هنگلاج يا شاهه نوراني باغ آهن. ملوي زوب چشمي کي اڄڪلهه پيش جي ٻوٽن ذري گهٽ ڍڪي ڇڏيو آهي، ٻي جابلو نباتات به جام آهي. پُراسرار خاموشي، چهچ  ساوڪ ۽ چمڪدار ڪارن پُٺن وارن ٽاڪرو اجهن هيٺ چترڪاري ملوي زوب جون خاص نشانيون آهن. ملوي زوب جي وات تي موجود هنن ڇپن جا پُٺا شايد ان ڪري ڪارا آهن جو ڪنهن وڏي برساتي زماني ۾ ان تي کنوڻ ڪڙڪي هوندي. هونئن اهي چُن پٿر جون ڇپون آهن جن کي ڪروڙها سالن جي عرصي ۾ برساتي پاڻين ڇِلي ڇِلي ٽاڪرو اجهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ملوي زوب جو ڇوڙ ”توئي“ نديءَ ۾، توئيءَ جو ڇوڙ ”ويهوا ندي“ ۾ ۽ ويهوا جو ڇوڙ تونئسه کان اتر ۾ (لياهه جو سامهون) سنڌوءَ ۾ ٿئي ٿو. ان ريت جاگرافيائي طرح ملوي زوب سنڌوءَ جي ڏن ڀرو آهي.

موسيٰ خيل بازار مان هڪ ڪرڙوڍ شخص ظاهر خان موسيٰ خيل منهنجو سونهون ٿيو. هن ٻڌايو ته ملوي ذوب ۾ موجود چترڪاريءَ کان علائقي جو ٻچو ٻچو واقف آهي پر جيئن ته علائقي ۾ تعليم نه آهي ان ڪري ڪنهن به نٿي ڄاتو ته اها چترڪاري ڪيتري قديم آهي. 1995ع ڌاري هڪ مقامي باشعور نوجوان عبدالرحمان ايسوڊ ان چترڪاريءَ بابت آرڪيالاجي کاتي کي اطلاع ڏنو پر هو پاڻ جلد ئي هڪ حادثي ۾ گذاري ويو، پر ان ريت هيءَ ”دريافت“ مسٽر فضل داد ڪاڪڙ جي کاتي ۾ لکي وئي.

هاڻي اچون ٿا ان سوال تي ته ملوي زوب ۾ ڇا ڇا آهي ۽ هي ڪهڙي قسم جي چترڪاري آهي؟ آئون مسٽر فضل داد جي سڄي ابتدائي رپورٽ سان متفق آهيان، سواءِ قدامت جي. جيتوڻيڪ هيءَ چترڪاري ظاهري طرح ڀيم بيٽڪا ۽ چلاس جهڙي آهي، موضوع به جانور ۽ انسان ئي آهن پر ملوي زوب ۾ چٽيل ڪردار شڪاري نه، مالوند لڳن ٿا. ائين ته ڀيم بيٽڪا مان لڌل هڪ چٽ به تجويز ڪري ٿو ته پٽري دور جا ماڻهو جانور پالڻ سکي چڪا هئا ۽ هو گهوڙي ۽ هاٿيءَ تي سواري ڪرڻ به ڄاڻندا هئا. ملوي زوب ۾ پڻ اڪثر هنڌن تي گهوڙيسوار ڏيکاريل آهي پر سندن هٿن ۾ تير ڪمانن ۽ ڀالن بدران تلوارون آهن. اڪثر پيادا ڪردار به هٿن ۾ تلوار کڻي تلوار بازي ڪندا محسوس ٿين ٿا. تلوار ڌاتوءَ خاص ڪري لوهه جي دريافت ڏانهن اشارو ڪري ٿي.

ملوي زوب ۾ ڪوبه هڪ منظر اهڙو نه آهي جنهن کي شڪار جي منظر ڪشي چئي سگهجي. تصويرن ۾ ڏيکاريل اڪثر جانور پالتو آهن جهڙوڪ: ڍڳو، ٻڪر ۽ ڪتو. ڪٿي ڪٿي سرهه ۽ ڦاڙهو به ڏسجي ٿو. فضل داد صاحب جنهن جانور کي بگهڙ چوي ٿو سو ”ڪتو“ به ٿي سگهي ٿو. لڳ ڀڳ هر منظر ۾ ڪتو موجود آهي. هڪ تصوير ۾ ته 11 عدد ڪتن جي سڄي ساري لوڌ ڏيکاريل آهي. يارهن ئي ڪتا هڪ ٽوليءَ جي صورت ۾ هڪ طرف ڊوڙندا نظر اچن ٿا. ائين ٿو لڳي ته ملوي زوب جا رهواسي هر وقت دشمنن جي حملي جي خطري ۾ رهندا هئا، ان ڪري هنن نه رڳو ڪتا پاليا پر پنهنجي آبادي ۽ مال جي حفاظت لاءِ پاڻ به هٿياربند ۽ هر وقت خبردار رهيا.

اهڙي خطري جي احساس جي نشاندهي جنگ جي منظرن سان ٿئي ٿي ۽ اگهاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي گهمندڙ گهوڙيسوار ۽ پيادا ان خيال جي تائيد ڪن ٿا. هڪ منظر ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊزن انسان ۽ ايترائي جانور چٽيل آهن. مال جي چوڌاري ڍنگر رکيل آهن. ڍنگر انگڙ ونگڙ ليڪن سان ظاهر ڪيا ويا آهن. هڪ ڳئونءَ جي هيٺان ان جو ٻچو بيٺو آهي. هڪ ٻڪر کي رسو ٻڌل آهي. هڪ ٿلهو متارو ديومالائي ڪردار هٿ ۾ لٺ يا تلوار جهليو بيٺو آهي، ڄڻ ته مال جي حفاظت يا ان تي قبضو ڪري رهيو هجي. لوڙهي ۾ بيٺل جانور خاموش بيٺل آهن. ٻه ڪردار آمهون سامهون آهن، انهن مان هڪ توازن وڃائي هيٺ ڪري رهيو آهي ڄڻڪ سامهون بيٺل شخص کيس پيٽ ۾ تلوار هڻي ڪڍي آهي. هڪ ڪردار پُرجوش انداز ۾ مرڪز ۾ بيٺو آهي جڏهن ته ڇهه ڄڻا خاموش بيٺا آهن ڄڻڪ بي وس هجن يا تماشو ڏسي رهيا هجن. هي منظر يا ته سچ پچ ڪنهن حملي ۽ دفاع جو آهي يا وري اهڙي ئي ڪنهن ڪامياب دفاع جي ياد کي سدائين تازو رکڻ لاءِ ٻهروپي ناٽڪ جي منظر ڪشي آهي.

ملوي زوب ۾ فقط اهائي چترڪاري ڪونه آهي. هن واديءَ جو اڃا تائين پوريءَ طرح جائزو ئي ڪونه ورتو ويو آهي. اڃا به ڪيترائي Rock shelters موجود آهن جن کي وقت نه ڏنو ويو آهي. ٽڙيل پکڙيل تصويرون سڄي ”انگوري واديءَ“ ۾ موجود آهن. اهو به ضروري نه آهي ته اسان هن ماڳ کي محض ڌاتوءَ جي زماني سان ڳنڍي رکون. هڪ غار جي مٿين سطح تان اسان کي سنڌو تهذيب کان ترت پوءِ وارو ٺڪراٽو مليو. اها مکيه غار گهٽ ۾ گهٽ 20 فٽ ويڪري، 50 فٽ ڊگهي ۽ پنج ساڍا پنج فٽ اوچي آهي پر خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ان جو اندريون حصو ڇت ڊهڻ سبب دٻجي ويو آهي ۽ غار جي اندرين سطح جي کوٽائي ماضيءَ کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيندي. اهو به ضروري نه آهي ته ٽاڪرو اجهن ۾ ٿيل سڄي چترڪاري لوهه واري دريافت کان پوءِ جي هجي. آخر اسان وٽ ڪهڙي ڪسوٽي آهي؟ ڀيم بيٽڪا وٽان مليل چترڪاري به هڪ دور جي ناهي. ان کي پيليوليٿڪ نيوليٿڪ ۽ چالڪوليٿڪ دورن ۾ ورهايو ويو آهي. گهڻئي تصويرون اهڙيون به آهن جن جي زماني جي خاطري ٿئي ئي نٿي.

بحث هيٺ هن ماڳ تان لڌل ڪوبه پٿري اوزار اڃا تائين منظر عام تي ڪونه آيو آهي. نه ئي آرڪيالاجي کاتي اهڙي ڪا پڌرائي ڪئي آهي. ملوي زوب جا ٽاڪرو اجها به ڏاڍا دلچسپ آهن. هتي، چڱي خاصي آبادي رهي هوندي. اوائلي ماڻهن هتي نه رڳو جابلو اوٽن کي استعمال ڪيو پر مختلف ڇِپن جي وچ ۾ جتي جتي ممڪن ۽ ضروري هو، اتي رهڻ ۽ سمهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هڪ وڏي ٽاڪرو اجهي جي مٿان ڇت تي پٿرن جي ديوار سان قلعيبندي ٺاهڻ جي سرگرمي پڻ ڏسجي ٿي.

ملوي زوب ۾ ملندڙ چترڪاريءَ جو هڪ وڏو حصو اهڙن اهڃاڻن تي ٻڌل آهي جن کي تصويري يا علامتي لکتون چئي سگهجي ٿو. مثال طور ٻن يا ٽن آڏن ابتن ليڪن سان ماڻهوءَ جي تصوير ٺاهي ڇڏڻ يا ڪٿي چوڪور خانا يا ٽٻڪن جي قطار. اڪثر اهڙا نشان به مليا آهن. جن مان ڪابه تصوير نٿي جڙي. اهڙا هڪ ٻئي کان مختلف نشان پڻ قطارن ۾، هڪٻئي ڀر ۾ يا هڪ ئي پٿر تي ٺاهيا ويا آهن. ڇا هيءَ ويهڪ دور کان آڳاٽي لکت جي ابتدا هئي؟ يقينن اهي نشان بي مقصد نه آهن ۽ انهن جي ڪا معنيٰ آهي جيڪا هن ماڳ جي رهواسين چڱيءَ طرح ڄاتي ٿي.

گهڻو ممڪن آهي ته اهي علامتي نشان يا لکتون ان وقت ديوارن تي چٽيون ويون هجن جڏهن هتي چالڪوليٿڪ دور جاري هو. ان زماني جي اڪثر تهذيبن ۾ تحرير جو فن ڏسجي ٿو. چٽساليءَ جي هڪ منظر ۾ هڪ باقاعدي ۽ منظم سماج جي جهلڪ آهي. ٻه گهوڙيسوار هڪ اهڙي شئي جي چوڌاري ڦرندا نظر اچن ٿا جنهن تي شڪ ٿئي ٿو ته اها ڪا اوائلي مشين آهي جنهن ۾ ڪاٺيون کتل آهن ۽ ڦيٿو پڻ محسوس ٿئي ٿو. تصوير جي هيٺئين حصي ۾ مخصوص قسم جو هڪ گول نشان آهي جنهن ۾ اندر اڌ گولائي ۾ ليڪا پاتل آهن. ذري گهٽ اهڙو ئي نشان ڀارت جي ماڳ ڀيمبيٽڪا ۾ ٿيل چترڪاريءَ ۾ پڻ موجود آهي. اگروال صاحب ان نشان کي وهم پرستيءَ سان لاڳاپيل تعويزي (Totemic) سرگرميءَ جو حصو سمجهي ٿو. اسان ملوي زوب ۾ جن نشانن کي لکتن سان تعبير ڪريون ٿا، ممڪن آهي ته اهي به تعويزي نوعيت جا نشان هجن. هن ماڳ تي ماهرن جي نظر اڃا تازو ئي پئي آهي، کين ڪنهن آخري نتيجي تائين پهچڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳندو.


 

*  ايبي ولين: پٿر جي قديم دؤر جا مخصوص اوزار. اهو دؤر يورپ ۾ پهرين برفاني دؤر ۾ شروع ٿيو ۽ ٻئي انٽر گليشل تائين موجود رهيو.

**  اڪيولين: آفريڪا ۾ هڪ قديم ڍنڍ ڪناري اوائلي پيليوليٿڪ ماڳ، جتان لڌل خاص قسم جي هٿ ڪهاڙيءَ ۽ ٻين اوزارن کي ان نالي سان سڃاڻپ ڏني وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org