سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 1

صفحو ؛ 1

تاريخ سکر

ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

 

ڇپائيندڙ پاران

 

تاريخ سکر سنڌ جي نامياري محقق ۽ مورخ رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جي تصنيف آهي. سکر جي حوالي سان مولائي شيدائي سنڌ جي قدامت ۽ عظمت تاريخي حوالن سان ثابت ڪري ٿو، ٺلهي لفاظي نٿو ڪري:

 

”سنڌين وٽ به پنهنجو تمدن، زبان ۽ خط هو، پر اهڙي ثبوت کان دنيا بيخبر هئي، وري جڏهن ويهين صديءَ جي شروعات 1922ع ڌاري محڪمي آثار قديمه جي ماهر سر جان مارشل جي زير نگراني مهراڻ ماٿريءَ  جا ٻه قديم شهر هڙپا ۽ موئن جو دڙو صفحه هستيءَ تي نمودار ٿيا، تڏهن مهراڻ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت دنيا وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پيو، ته 5 هزار ورهيه ق.م سنڌ جا رهاڪو متمدن هئا ۽ سنڌو ماٿري تهذيب جو گهوارو هئي“. (ص 1 – 2 )

 

هونئن ته ” سنڌ مهراڻ جو تحفو آهي“ (ص 1) پر ان ڏس ۾ مولائي شيدائي جيڪي تاريخي حوالا ڏئي ٿو، انهن مان هڪ اڌ هتي  Coat  ڪجن ٿا:

 

”مهراڻ جو اصلي نالو سنڌو آهي، جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ ”مهاساگر“ ( وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر نه اچي.

”رگويد ۾ سنڌو جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ ڏنل آهي.

”رگويد ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ”سوشاما“ به ڄاڻايل آهي. ”سنڌو جي ڪپن تي آرين رشين جهوني ويد رگويد کي قلمبند ڪيو هو، تنهن سبب ڪري گنگا ۽ جمنا کان وڌيڪ متبرڪ آهي“.   (ص 2)

ائين سنڌ ۽ سنڌو تان ٿيندو مولائي شيدائي سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر تي اچي ٿو، جيڪو ”مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي آباد هڪ مشهور شهر آهي.“

تاريخ سکر جو اسڪرپٽ 16 هن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ پيل هو ۽ اها به فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي ۽ ان ڪاپيءَ ۾ به هر هنڌ، لڳ ڀڳ هر صفحي تي ڪٿان ڪٿان مواد غائب هو. چٽو نه آيل هو- ڊٺل هو- ڪٿي ڪٿي لفظ ۽ انگ اکر آيل ئي نه هئا. ان جي اصل ڪاپي ڪٿي هئي؟ ان جي ڪابه خبر نه آهي!

ظاهر آهي ته ان عرصي ۾ ”سکر“ گهڻو بدلجي چڪو آهي. خود ”تاريخ سکر“ جو مورخ به جسماني طور تي اسان وٽ موجود نه آهي. پوءِ اهو اسڪرپٽ نظرثانيءَ لاءِ ڏنو ويو؛ پر ان جي نظرثاني ڪانه ٿي.

اهو به خدا جو شڪر آهي ته ”تاريخ سکر“ جي فوٽو ڪاپي ئي سهي، پر اسڪرپٽ موجود هو. جڏهن اهو اسڪرپٽ ڇپائڻ لاءِ ڏنو ويو، تڏهن ڪمپوزنگ ۽ پروفنگ ۾ ڏکيائون ٿيڻ لڳيون، ٻي ڪا واهه نه ڏسي، اسان ڌڪي تي مولائي شيدائيءَ جي نياڻي الهه نور بروهيءَ کي ان ڏس ۾ واهر ڪرڻ لاءِ خط لکيو. اسان کي خوشيءَ آهي، ته الهه نور بروهي صاحب ان جو هاڪاري ۽ ترت جواب لکيو. ان جواب ۾ مولائي شيدائيءَ جي پويان ڇڏيل مواد بابت جيڪو الهه نور بروهيءَ لکيو آهي، اهو اسان جي پنهنجي محسنن سان روا  رکيل بي حسيءَ جو ۽ پنهنجو قومي سرمائي کان لاپرواهيءَ جو چٽو پٽو ثبوت آهي. (اهو خط ”مهراڻ“ ۾ ڏئي رهيا آهيون)، اسان جي اها ڪوشش رهندي، ته اسين پنهنجي ان ڪوتاهيءَ جي ڪا تلافي ڪري سگهون.

الهه نور بروهي صاحب هڪڙي ڏينهن پاڻ ” تاريخ سکر“ جي اصل ڪاپي کڻي، سکر کان ڪهي، پنهنجا ڀاڙا خرچ ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ڄام شوري هليو آيو، پر انهن ٻنهي ڪاپين (اصل ۽ فوٽو اسٽيٽ) ۾ فرق هو. جنهن مان ظاهر هو، ته مولائي شيدائي ٻه اسڪرپٽ لکيا هئا، ۽ فائنل ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ کي ڏني هئي، جنهن تان ئي فوٽو ڪاپي تيار ڪئي وئي هئي ۽ اها اصل ڪاپي ڪٿي آهي؟ ان جو ڪو پتو ڪونهي!

انهن سڀني مرحلن مان اسين ڪيئن اُڪري پار پياسين؟ ته ان ڏس ۾ ليٽر پريس جي مئنيجر جاويد مرزا ۽ ڪارڪنن شهمير خان چانڊيو، عبدالستار ڪلهوڙو، جان محمد ٽڳڙ، محمد يوسف مغل، عبدالصمد ٻٻر، علي نواز ڪيهر، محمد اسماعيل قمبراڻي جنهن ذميواريءَ ۽ لڳن سان پاڻ موکيو آهي، ان لاءِ اهي بجا طور تي مبارڪن جا مستحق آهن. فارسي متن جي سلسلي ۾ محترم غلام محمد بلوچ (بلي صاحب) اسان جي رهنمائي ڪئي، جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون.

 

30-نومبر1992ع                        سيد امداد حسيني

ڄامشورو،سنڌ                              سيڪريٽري                                                   

      سنڌي ادبي بورڊ

 

 

باب پهريون

 

سکر مهراڻ جي ڪپ تي پيارو شهر

 

صفائي جي سرزمين ۽ اولياءَ الله جي کاڻ

 

مهراڻ

سکر شهر سنڌ جي سري ۾ مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي هڪ مشهور شهر آهي، سنڌ مهراڻ پاران ڏنل تحفو آهي. دنيا ۾ جيڪي به قومون تمدن ۽ ثقافت جون علمبردار شمار ٿين ٿيون، تن اهڙو رتبو دريائن جي برڪت ڪري حاصل ڪيو، مثلاً ڪلداني، بابلي ۽ آشوري. انهن قومن عراق ۽ بابل ۽ اشور ۾ اتي جي ٻن دريائن دجله ۽ فرات ڪري ناموري حاصل ڪئي، مصري ته قديم زماني ۾ نيل نديءَ کي ديوتا ڪري مڃيندا هئا، چينائي به چين جي ٻن درياهن ينگسٽي ڪانگ ۽ هوانگو ڪري متمدن شمار ٿين ٿا، اهڙي طرح مهراڻ جي ماٿريءَ مان به ست درياهه وهن ٿا، جيئن مٿين بيان ڪيل درياهن جي وجود ڪري مٿيون قومون زراعت ۽ صنعت ۽ حرفت ڪري متمدن شمار ٿينديون هيون، تيئن سنڌين وٽ به پنهنجو تمدن، زبان ۽ خط هو پر اهڙي ثبوت کان دنيا بيخبر هئي. وري جڏهن ويهين صديءَ جي  شروعات 1922ع ڌاري محڪمي آثار قديم جي ماهر سرجان مارشل جي زير نگراني مهراڻ ماٿريءَ جا ٻه قديم شهر هڙپا ۽ موئن جو دڙو صفحه هستيءَ تي نمودار ٿيا، تڏهن مهراڻ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت دنيا وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پيو ته  5 هزار ورهيه ق-م  سنڌ جا رهاڪو متمدن هئا ۽ سنڌو ماٿري تهذيب جو گهوارو هئي، اڄڪلهه ”موئن جو دڙو“ سياحن لاءِ آماجگاه بنجي چڪو آهي. موئن جي دڙي جي ڀر ۾ گهڻائي دڙا آهن جن جي کوٽائي ڪانه ٿي آهي.

 

مهراڻ جا نالا ۽ شاخون

مهراڻ جو اصلي نالو ”سنڌو“ آهي جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي معنيٰ ”مهاساگر“ (وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي ۽ اها حقيقت آهي. ڇو ته اڳ مهراڻ جي آب ڪلاني کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪو نه هئا، پاڻيءَ جي چاڙهه وقت درياهه وڻن ٽڻن ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو ميلن تائين پکڙجي ويندو هو ۽ سمنڊ نظر ايندو هو. خبر نه ٿي پوي ته سندس پيٽ ۾ ڪيترا شهر دفن آهن. ٻي منجهس هيءَ خوبي آهي ته درياهه ڪيترا ڀيرا پنهنجي وهڪري کي بدلايو آهي. ڪو وقت موئن جو دڙو به ان  جي ڪپ تي بندر هو. رگويد ۾ سنڌو جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ ڏنل آهي. سنڌو کان سواءِ تاريخن ۾ سندس ٻيا نالا به ڏنل آهن جهڙوڪ اٽڪ، نيل آب، پنجاب، چينائن مٿس ”سين“ نالو رکيو ۽ مهران مٿس عربن نالو رکيو. رگويد ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ”سوشاما“ به ڄاڻايل آهي. سنڌو جي ڪپن تي آرين جي رشين جهوني ويد رگويد کي قلمبند ڪيو هو، تنهن سبب ڪري گنگا ۽ جمنا کان وڌيڪ متبرڪ آهي[1] رگويد چوي ٿو ته سنڌو ان ڪري متبرڪ آهي جو ”ورونا“ ديوتائن جي وهڪري جو رستو ٺاهيو آهي. انهيءَ طرح مسلمانن ۾ امام سيوطي کان هڪ روايت آهي ته جنت مان چار درياهه نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون نڪرن ٿا، جن مان سيحون  سنڌو آهي[2]  رگويد ۾ مهراڻ جي معاون شاخن جا نالا به سنسڪرت ۾ ڄاڻايل آهن، جهڙوڪ: (1) وتستا (جهلم)، (2) اسڪني (چناب)، (3)پروشني (راوي)، (4) شتودري (ستلج)، (5) وپاس (بياس) اسلامي تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سنڌ“ ۽ ”هند“ سام بن نوح عليه السلام جا پٽ هئا، جن جي نالن ڪري سنڌ ۽ هند نالا پيا ۽ انهن جي اولاد گهڻو وقت سنڌ ۽ هند تي حڪومت ڪئي[3] مهراڻ هماليه جبل جي مانسرور ڍنڍ مان نڪري18 سو ميل وهي، ڪيٽي بندر جي ويجهو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪر ي ٿو ۽ دنيا جي وڏين ندين مان سترهون نمبر آهي. صوبي سرحد مان ٻه نديون ڪرمو (ڪرم) ۽ گومتي (گومل) منجهس پون ٿيون. آرين جڏهن وچ ايشيا کان نڪري پنجاب جي ستن درياهن واري ميدان ۾ بيٺڪون وڌيون تڏهن هن ديس تي ”سپت سنڌو“ يعني ستن درياهن وارو ملڪ نالو رکيو. ايرانين پنهنجي لهجي ۾ هن کي ڦيرائي ”هپت هندو“ ڪيو. انهيءَ طرح سنڌو به بدلجي ”هندو“ ٿي پيو ۽ يونانين جي زباني چرخي تي چڙهي ” انڊو“ Indo ٿي پيو. اڳتي هلي مغربين هندوستان انڊو کي ”انڊيا“ India ۽ سنڌو کي ” انڊس“ Indus بنائي  ڇڏيو. وري جڏهن 1947ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان نقشي تي نمودار ٿيا، تڏهن هندوستان ڀارت سڏجڻ لڳو ۽ مهراڻ به مختلف نالا بدلائڻ کانپوءِ پنهنجي اصلوڪي ”سنڌو“ نالي سان سڏجڻ لڳو.

 

سکر جي طبعي حالت

ويدڪ شاسترن موجب سنڌ چئن حصن ۾ ورهايل آهي:

 (1) اڌيجا (سرو)، (2) مڌ يا ديش (وچولو)، (3) نيچيا (لاڙ)، (4) پر اچيا (ٿر)
ليڪن قدرتي طرح ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) سرو (اتريون مٿاهون حصو)، (2) وچولو (وچ وارو ڀاڱو)، (3) لاڙ (قدرتي لڙيل ڏاکڻو حصو)، (4) ڪوهستان (الهندي وارو جابلو حصو)، (5) ٿر (وارياسو حصو)، (6) ڏکڻ (اڀرندي واري ڪنڊ). سکر اتر مٿاهين حصي سري ۾ مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي شهر ۽ مکيه بندر آهي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٽيون نمبر وڏو شهر آهي، جو سمنڊ جي مٿاڇري کان 194  فوٽ بلند آهي ۽ اتر ويڪرائي ڦاڪ درجي 127 ۽ 22 ڊگرين ۽ اڀريندي ڊگهائي ڦاڪ درجي 168 ۽ 54 ڊگرين تي واقع آهي. قدرتي طور سکر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ جابلو ڀاڱو جو ٽڪرين ڪري سينگاريل آهي. ٻيو ميداني حصو، ٽڪرين واري حصي تي سرڪاري دفتر، ڪورٽون، ميونسپالٽي جون آفيسون، ڪاليج، اسڪول، راندين جو اسٽيڊيم، بجلي گهر نيشنل بئنڪ، اولياء الله جا مقبرا، پارڪ، مهراڻ ڪلچر، جيمخانا، پارڪون، بنگلا، واٽر ورڪس وغيره ديده زيب عمارتون انهيءَ حصي جي کاٻي پاسي کان مستانو مهراڻ نازخرامي سان پيو وهي،غرض قدرت جي صناعي هٿن هن شهر جي مشاطگي ڪندي هن صفائي واري سر زمين کي جيڪا زينت بخشي آهي، سا قدرت جي ڪريمي آهي.

ميداني حصي ۾ مارڪيٽ، مسافر خانا، گهنٽا گهر، مختلف بازاريون، هوٽل، سينيمائون، شاپون، براج ڪالونيون، ڪارخانا، بندر وارو رستو، پارڪ، شاپون ۽ دڪان آهن. مسلمانن ۽ هندن جا مسافرخانا، ريلوي اسٽيشن ۽ ريلوي جا دفتر ۽ پوليس ٿاڻو، ريلوي جا مال گدام به هن حصي ۾ آهن. هي حصو ٽڪرين واري حصي کان گهڻو ڳتيل آهي، اڳ شهر  جي آدمشماري سٺ هزار هئي.  تقسيم هند کانپوءِ مهاجرن جي اچڻ ڪري آدمشماري وڌي وڃي ڏيڍ لک کي پهتي آهي. آدمشماري جي وڌي وڃڻ ڪري، هن شهر جي اتر ۽ اولهندي طرف جايون تعمير ٿينديون. اميد ته ڪنهن ڏينهن گوسڙجي تائين وڃي دنگ ڪندو. اهڙي رٿا زير غور آهي.

سکر جون سونهري ٽڪريون

جن جو سلسلو اروڙ کان شروع ٿي نئين ڳوٺ جي آدم شاهه ٽڪريءَ تائين ختم ٿئي ٿو. اهي ٽڪريون اروڙ کان شروع ٿي ڏکڻ طرف34 ميلن تائين وڃن ٿيون. ڪن جون چوٽيون ڪن ڪن هنڌن تي ٽن سون فوٽن جي بلندي تي آهن. سابق رياست خيرپور ۾ ڪوٽ ڏيجي به هڪڙيءَ شاخ تي ٻڌل آهي. پاڻي نه هئڻ سبب ويران آهن، پر سکر واريون ٽڪريون جن کي پاڻي ملي ٿو، تن تي پارڪ، باغ ۽ بوستان آهن. اروڙ وارين ويران ٽڪرين وٽان اڳ هاڪڙو درياه وهندو هو، جنهن جي وهڪري جا نشان بهاولپور ۽ ميرپور ماٿيلي وٽ نظر اچن ٿا. انهيءَ جي هڪ شاخ تي جيسلمير جي ڀرسان لوڊاڻي جي ڪپ تي مومل ڪاڪ جو قلعو ٻڌايو هو. جيئن سنڌ جو قومي شاعر ڀٽائي رحه فرمائي ٿو ته:

 

”ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، لوٺو لنڊاڻو؛
تو پڄاڻا سپرين، آتڻ اجهاڻو،
مئين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.“
 

هن بيت مان معلوم ٿيو ته هاڪڙي جي شاخ لوڊاڻي ڪري ڪاڪ ۾ وڻڪار هئي، ميرپور ماٿيلي پريان هاڪڙي تي ڏيٿڙي جو پتڻ هو. جتي مال سان ڀريل ٻيڙيون پهچنديون هيون. سنڌ ۾ ستن شهيدن جون پيشنگويون مشهور آهن، جن مان پهرئين بيت ۾ هاڪڙي ڏانهن اشارو ڏنل آهي:

 

”هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بيهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سو کڙي.“
 

هاڪڙو انبالا کان سيوالڪ جبل مان نڪري، بيڪانير، ڀٽ نير، ڪوٽ ڏراور ۽ اروڙ وٽان ٿيندو ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبڪلانيءَ جي مند ۾ ستلج جي ڇر جو پاڻي اچي هاڪڙي سان گڏبو هو. هينئر هاڪڙي واري وهڪري تان اوڀرندو نارو وهي ٿو. مشرقي پنجاب ۾ درياهه گهگهر هاڪڙي جي ياد گار آهي. تازو پاڪستان آثار قديمه جي ماهرن ڪوٽ ڏيجي وارن دڙن جي کوٽائي ڪندي ڪي شيون هٿ ڪيون آهن، سندن راءِ  موجب اهي ”موئن جي دڙي“ واري تهذيب کان به جهونيون آهن. انهيءَ مان هاڪڙي جي قدامت کي معلوم ڪري سگهجي ٿو . [4]

اروڙ جي ٽڪرين مان هندڪي دور ۾ سون ۽ چاندي کاڻين مان نڪرندي هئي، پوءِ اهي کاڻيون مٽجي ويون. هن وقت فقط ميٽ جون کاڻيون آهن. چُن ۽ ٽڪرين جي واري جاين جي تعمير ۾ ڪم اچي ٿي. انهيءَ واريءَ جي ڪري روهڙي لڳ سيمينٽ فئڪٽري آهي.

 روهڙي جو شهر به انهن ٽڪرين جي هڪڙيءَ شاخ تي آهي. روهڙيءَ کان ڪنڪريٽ، وڏاپهڻ ۽ چن ٻاهر وڃن ٿا. سکر بئراج تي جيڪو پٿر ڪم آيل آهي سو سکر ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين مان ورتو ويو.

ستين واري ٿان جي ٽڪري جيڪا روهڙي واري ريلوي پل جي ڀر ۾ اولهندي پاسي کان آهي ۽ نهايت نظاري دار ٽڪري آهي، اروڙ وارين ٽڪرين جي شاخ آهي. خواجه خضر جو آستان ۽ بکر جو مضبوط قلعو  به ٻن ٽڪرين تي آهن. بکر واري ٽڪري ڪري مهراڻ ٻن شاخن روهڙي وٽان وهي ٿو. بکر واري ٽڪري لنگهڻ کان پوءِ پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، سکر ۽ بکر واري درياهه جي شاخ ويڪر ۾ ٻه سوگز آهي ۽ ”کرڙي“ نالي سان سڏجي ٿي. 1903ع ۾ سياري ۾
 

صفا سڪي ويئي هئي، بکر ۽ روهڙي واري شاخ جي، جنهن جو نالو ڪن تاريخن ۾ ”کارماتري“ ڄاڻايل آهي، ويڪر چارسو گز آهي، بکر جي قلعي جي ڏکڻ اولهندي ۾ ٻه ننڍيون ٽڪريون ”شاد ٻيلو“ ۽ ”دين ٻيلو“  نالن سان سڏجن ٿيون، شاد ٻيلو پوءِ ڦري ”ساڌ ٻيلو“ ٿيو ۽ دين ٻيلو به ساڌ ٻيلي سان ملحق ٿي ويو، اڳ ”ستياسر“ ڪوٺبو هو. سکر وارين ٽڪرين مان شهر جي اتر اولهندي واري ٽڪري تي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبر گنبذ هيٺان آهي، اها ٽڪري سندس نالي تي ”آدم شاهه“ ٽڪري سڏجي ٿي. انگريزن سکر شهر وارين ٽڪرين تي انگريزي نالا رکيا، جيئن واٽر ورڪس، جنهن مان شهر کي پاڻي پهچي ٿو، مشن زنانه اسپتال جي سامهون واري ٽڪري، مير معصوم شاهه مناري واري ٽڪري، ملٽري بنگلي واري ٽڪري، فريڪ هل جنهن تي سول اسپتال، ريلوي ڪوارٽر ۽ گهاڙ بنگلو آهي، ڪنگس هل ٽڪري جا سينٽ ميري هاءِ اسڪول کان شروع ٿي غريب آباد تائين آهي ۽ مٿس ريلوي جا بنگلا، عيد گاه ۽ ريلوي انسٽيٽيوٽ ۽ ميونسپل ريسٽ هائوس ۽ ريلوي گرلس هاءِ اسڪول آهن. شهر جي اتر الهندي وارين ٽڪرين تي انگريزن 19 صديءَ ۾ ملٽري مورچا تعمير ڪرايا هئا، جيڪي پهرين عالمگير جنگ تائين قائم رهيا، انهن ٽڪرين تي بيشمار قبرون هيون، سکر اوليائن جي کاڻ هو، انگريزن قبرون ڊهرائي دفتر ۽ بنگلا تعمير ڪرايا، خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙا بزرگ پوريل هئا، جن جي مئي کان پوءِ مٽيءَ جي بي  حرمتي ڪئي ويئي[5]، انهن ٽڪرين جا پهڻ لائڊ براج جي تعمير کان پوءِ گڊو براج تي ڪتب آندا ويا 1961ع کان 1962ع تائين  روزانو ويهه گاڏا ريلوي جا پهڻن سان ڀريل ڪشمور ويندا هئا. ازانسواءِ نئين ڳوٽ جي سامهون چن جا بٺا آهن، جن ۾ لکين مڻ چن جڙي ٿو ۽ ڪنڪريٽ لکين ٽن ماهوار ريلوي لائينن تي وڇائڻ لاءِ ٻاهر وڃي ٿي ۽ شهر جا رستا تعمير ٿين ٿا، اهڙين ڪمائتين شين ۽ بزرگان دين جي قبرن ڪري اسين هن شهر جي ٽڪرين کي ”سونهري“ ڪوٺيون ٿا“ انگريزن اچڻ سان ٽڪرين تي جيڪي به قبرون ڊهرائي سندن نڪتل هڏن جون ٻيڙيون ڀرائي درياهه ۾ اڇلايون، وري جڏهن مسلمانن وٽن احتجاج ڪيو، تڏهن جيڪو جواب ڏنائون، سو دلچسپ آهي:

”توهين مسلمان عجيب قوم آهيو، جو اوهان نظاريدار ٽڪرين کي قبرستان بنائي ڇڏيو آهي، اسان توهان تي ۽ اهل- قبور تي وڏو احسان ڪيو آهي، جو سندن سڙيل هڏين کي ڪڍرائي  درياهه ۾ اڇلايو آهي، هي سنڌو درياهه عربي سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اڇلايل هڏيون لڙهنديون وڃي حجاز پهچنديون.“

ايترين بربادين هوندي به ڪن ڪن ٽڪرين تي ڪي خالي  قبرون نظر اچن ٿيون، جن کي نه برٽش طاغوتي طاقت ڪيرائي سگهي نه اڄ تائين زماني جا انقلاب مٽائي سگهيا، ڪن قبرن تي ڪاشي ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم ڪيل آهي، خبر نه ٿي پوي ته اهي اميرن جون آخري آرام گاهون آهن يا اولياء الله جون، پر آهي معاملو عجيب. جيڪي آثار قديمه جي نگراني هيٺ آهن، سي زمانه جي دستبرد کان بچيل آهن. ڪن خدا رسيدن جون خانقاهون حڪومت پاڪستان اوقاف کاتي جي حوالي ڪيون آهن، اهو بلڪل سٺو انتظام آهي. بعض بيٺل قبرون ڪتبن نه هئڻ ڪري قطعي گمنام آهن، مثال طور واٽر ورڪس جي اتر ۾ هڪ چبوترو جهونين سرن جو جڙيل آهي ۽ سرن جي جوڙن ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. هندن جي دور ۾ سکر ميونسپالٽي اتي هڪ لوهي بئنچ رکائي  هئي. شام جو ماڻهو مٿس ويهي نظاره مان لطف اندوز ٿيندا هئا. قيام پاڪستان کان پوءِ مٿس قبرون جوڙايون ويون ۽ ڏاڪڻ کي ڪيرايو ويو. مير عبدالباقي پوراني  جي قبرستان ۾ گهڻائي  اهڙا چبوترا هئا ۽ ڪي موجود آهن، ڪن کي زماني مٽائي ڇڏيو، جن کي مون سانڀر ۾ ڏٺو هو. ميرڪ جي قبي پٺيان هڪ ٽڪريءَ جي ٻن ڪنڊن تي به هم صورت چبوترا آهن، اهي ڪهڙن بزرگن جون قبرون آهن، تحقيقات ڪندي به پتو نٿو پوي. انهيءَ قبرستان جي مسجد جي ڀر ۾ هڪ بلند گوشو جڙيل هو، جنهن مان لنگهڻ ڪري حرامي ۽ حلاليءَ جي پرک پوندي هئي، هينئر ڪونهي. مناري معصوم شاهه جي  سامهون هڪ وڏو چبوترو هو جو سلطان محمود ڪوڪلتاش بکر واري قبرستان ۾ آهي. هندن ان کي ڊهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪڙي ڪنڊ جون سرون ڪڍيائون ته اندر هڪ پير مرد، هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ پرده دار خاتون جا لاش نظر آيا. مسلمانن ڪليڪٽر کي دانهن ڏني تڏهن مس مڙده لاشن جي طفيل چبوترو بچي ويو. واٽر ورڪس جي ويجهو نوگزي پير جي قبر آهي. اصل نالو بزرگ جو ڪهڙو آهي، سا خبر پئجي نه ٿي سگهي. اتر هندستان جي ڪيترن شهرن ۾ اهڙيون ڊگهيون قبرون آهن جيڪي نوگزا نالي سان سڏجن ٿيون. اتر الهندي وارين ٽڪرين تي گهڻيون جهونيون قبرون آهن خبر نٿي پوي ته ڪير آهن. ڀوسالين جتي هينئر تيل جو ڊيپو آهي ڀر واريءَ ٽڪري تي هڪ چبوتري تي ڪي قبرون ۽ هڪ مسجد آهي. بيان ڪيل ٽڪرين اندر سکر جي تاريخ سمايل آهي. سنڌ ۾ ٽي نظاري دار هنڌ آهن: (1) لڪيءَ جو جبل جنهن جي هيٺيان مهراڻ وهي ٿو. (2) جهرڪ جي ٽڪري جنهن جي ڀر ۾ مهراڻ وهي ٿو. (3) بکر جي ٽڪرين جنهن تي بيهي ڏسڻ سان ستين جو ٿان ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ وارا کجين جا نخلستان ۽ روهڙي شهر جون جايون جيڪي منظر کي دلفريب بڻائين ٿا. حقيقت ۾ قدرت سکر کي سينگارڻ ۾ فراخدليءَ سان ڪم ورتو آهي.

نالو[6]

سکر جي نالي متعلق تاريخن ۾ جدا جدا بيان ڏنل آهن جن مان ڪي من گهڙت آهن، ”هر که آمد تعمير نو ساخت“ جي مصداق آهن. ڪي افسانا سکر جي گرم آب هوا جي بنا تي ڏنل آهن، ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا، جي دلچسپ به آهن جيئن آئينده لاءِ انهن جو ازالو ٿئي:

”چيو وڃي ٿو ته جڏهن غازي محمد بن قاسم، سکر جي ويجهو پهتو، تڏهن هتي جي گرم آب هوا محسوس ڪري ”سقر“ چيائين. چنانچه سقر لفظ بگڙجڻ کان پوءِ ڦري سکر ٿي ويو، جو ان جو هاڻوڪو نالو آهي. سقر عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي دوزخ ۽ هيءَ حقيقت آهي ته هتي بي انتها گرمي پوي ٿي ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ جا ٻه مهينا دراصل جهنم جو منظر پيش ڪن ٿا. آگسٽ ۾ گرمي شدت اختيار ڪري ٿي ، لطف هي چئبو جو ڪيترن ڏينهن تائين گهٽ ۽ ڪاڙهو هئڻ ڪري ماڻهو تڙپڻ لڳن ٿا ۽ تڙپندي ڏينهن گذارين ٿا.“

مٿيون بيان روزانه اخبار جنگ جي سکر جي نمائنده مٿئين اخبار ۾ شايع ڪرايو هو[7]. هن مضمون جو تاريخ سان ڪو تعلق ڪونهي. صوبو سنڌ چار  هزار  ورهيه قبل مسيح مان سوني هو ائن جي دائري اندر هو. ان سبب ڪري هتي مينهن جام پوندا هئا. اهڙو ثبوت ”موئن جي دڙي“ جي پڪ سري جاين مان ملي ٿو ۽ انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ هاٿي، گينڊا، چيتا، گورخر، باندر، مور ۽ جهنگلي ڪڪڙ نظر اچن ٿا. 324 ق-م يونانين جي ڪاهه ڪرڻ وقت سنڌ مان سوني هوائن کان ٻاهر هئي، تاهم مينهن ڪثرت سان پوڻ ڪري جانور ۽ پکي  موجود هئا فقط باندر غائب نظر اچن ٿا. 1334ع ۾ شيخ ابن بطوطا سنڌ جي سياحت ڪرڻ وقت مهراڻ جي ٻيلن ۾ هڪ سڱا گينڊا ۽ بيد جا وڻ ڏٺا هئا[8]. غازي محمد بن قاسم 711ع ۾ سنڌ ۾ وارد ٿيو هو. سندس ڪاهه وقت سنڌ ۾ ايتري گرمي ڪانه هئي، جيتري فاضل نامه نگار بيان ڪئي آهي، جو عرب جي صحرا نشينن پنهنجي وطن جي ٻرندڙ هوا باد سموم کي وساري سکر جي آب و هوا کي ” سقر“ دوزخ جو خطاب ڏين. عربي دور ۾ به هن صوبي ۾ ڪافي برسات پوندي هئي ۽ هي صوبو ڍنڍن ۽ ڍورن سان ڀريل هو. عربن هتي مور جام ڏٺا هئا ۽ هاٿي به هئا. هنن مور عراق پهچايا هئا، پر اتي جي آب و هوا مورن تي ناموافق پوڻ ڪري سندن رنگن ۾ فرق پئجي ويو هو. بني اميه دور جو حڪيم ابن فرازون سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ اڪثر مورن جو گوشت شوق سان کائڻ لڳو ۽ چوندو هو ” ”والله! مون اهڙو گوشت سڄي عمر ڪو نه کاڌو هو[9] “. ابن بطوطا فقط سيوهڻ جي گرم راتين جو بيان ڏنو آهي[10].

غازي محمد بن قاسم هن کان 6 صديون اڳ آيو هو پر سکر ڪونه آيو، اروڙ کان پوءِ ملتان تي ڪاهي ويو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جي پونين ڏينهن ۾ ترڪي اميرالبحر (ڪپتان) سيدي علي رئيس سنڌ ۾ آيو هو ۽ هن مهراڻ جي  ڪپ وارن ٻيلن ۾ چيتا ڏٺا هئا. اڄ چيتن جو سنڌ ۾ نالو نشان ڪونهي. آب و هوا جي بدلجڻ ڪري جيئن  جيئن وقت گذرندو ويو، سنڌ جي آب و هوا ۾ فرق پوندو ويو، سراسري طور ڪراچي ۾ ساليانو 5 انچ مينهن پوي ٿو، اهوئي  سبب آهي جو هاٿي، گينڊا، مور، باندر، گورخر، شينهن، بيد ۽ بانس جا  وڻ غائب ٿي ويا.

(2) تقسيم هند کان ڏهه سال اڳ، جي – ايل اسڪول سکر جي هڪ هندو ماستر مسٽر پرسرام ويرو مل مسند، سکر شهر جي تاريخ ”سکر سونهارو“ Sukkur The Sweet جي نالي سان تصنيف ڪئي، جا سندر شيوڪ سڀا پرماتما پريس سکر مان شايع ڪرائي. تاريخ ۾ مهاشيه جيڪو بيان ڏنو آهي، تنهن جو حوالو ڪونه ڏنو اٿئين لکي ٿو ته:

 

”محمد بن قاسم ٿڪل ماندل حالت ۾ جڏهن سکر پهتو، تڏهن هتي جي شادابي کي ڏسي، خداوند تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيائين، سندس لفظ ”شڪر“ بدلجي سکر ٿيو، علاوه ان جي سکر ۾ ڪمند جي پوک ۽ ڳاڙهي کنڊ (شڪر) جڙندي هئي، انهيءَ سبب ڪري هن شهر تي سکر نالو پيو جو شڪر جو مخفف آهي[11] “.

مٿيون بيان هندڪي ڏند ڪٿا آهي بلڪ سونهارو لفظ جي معنيٰ هن ”مٺو“ ڏيکاري آهي جا عليم لغات موجب غلط آهي، سونهارو معنيٰ سونهن وارو، جنهن لاءِ انگريزي لفظ آهي بيوٽي فل Beautiful. محمد بن قاسم اروڙ ضرور پهتو هو، جيڪو انهن ڏينهن باغات ڪري معمور هو پر سکر ڪونه پهتو هو.

(3) اڪبري دور ۾ ”تاريخ طاهري“ جا مير محمد طاهر نسياني قلمبند ڪئي، تنهن ۾ سکر جو نالو ”شڪورا“ ڄاڻايل آهي[12].

(4) سکر متعلق عربي  تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته عباسي خليفي المعتصم باالله (218 هه  227هه) جي ڏينهن ۾ سنڌ جي والي موسيٰ برمڪي جي ڏينهن ۾ 221 هه جڏهن سندس پٽ عمران بن موسيٰٰ برمڪي منصوره جو حاڪم ٿيو تڏهن سنڌ جي ميدن، حڪومت خلاف بغاوت ڪئي ۽ خونريز جنگ ۾ 3 هزار باغي قتل ٿي ويا ۽ هڪ وڏي جماعت قيد ٿي وئي، جن کان عمران مهراڻ جي آبڪلاني کي روڪڻ لاءِ سکر وٽ وڏو بند تعمير ڪرايو هو جو سڪته الميد ڄاڻايل آهي يعني  ميدن واري پل- اهو سڪته لفظ ڦرندو سکر بنجي ويو. چچنامه ۾ سکر جو نالو ”سڪه“ لکيل آهي.

(5) المسعودي سکر کي شاڪرا لکيو آهي[13].

(6) سکر جنهن کي موءرخن شڪر، شڪورا، شاڪرا، سڪه، نالن سان لکيو آهي، سو مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ ڪري ”ساگر“ سڏجڻ لڳو. ساگر يا ساگرا جي معني آهي سمنڊ. آرين سنڌو درياه کي ساگر سڏيو هو. اهو نالو ڪثرت استعمال ڪري سکر بنجي ويو ڇو ته فارسي تاريخن ۾ سکر ڄاڻايل آهي ۽ ڪن هنڌن تي ڪتاب جي غلطي وچان ”شڪر“ لکيو آهي، جيئن ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ ڄاڻايل آهي:

”ود ران طرف محاذيء قلعه شمال رويه،

 

شکر نام شهريست جنب دريا.“[14]

 

سکر جي لغوي معنيٰ

سکر ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي شريف، صحتمند، فارغ البال، شريف هن کي ان سبب ڪري چون ٿا جو هي شهر اولياءالله جي کاڻ آهي. افسوس! پهاڙين تي مقبرا انگريزن ڊهرائي ڇڏيا. باقي جيڪي آهن، تن جا چپي چپي تي مقبرا ۽ گنبذ موجود آهن، جن ۾ بزرگان دين ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. انهن خدا پرستن جو بيان موقع سر ڏبو. صحتمند هن ڪري آهي، جو باوجود سخت گرمي، جهولن ۽ ڪاڙهي جي هن شهر جي گرم هوا ۽ مٺو پاڻي بيحد مفيد آهن، جنهن کان ڪوبه عقلمند انڪار ڪري نه سگهندو. فارغ البال هن ڪري آهي جو هي مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ سبب ۽ جاءِ وقوع جي هيئت ڪري اهڙي هنڌ تي بيٺل آهي جو واپار، صنعت، حرفت جو هميشه کان مرڪز هلندو ٿو اچي. اڄ به  ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ۾ سري ۾ واپار جي وڏي مڏي آهي، اهڙي صنعتي ۽ تجارتي گهما گهمي ڪري غريبن کي به روزگار ميسر ٿئي ٿو.

 

سکر ثقافت جو هندورو ۽ نزهتگاه آهي

 مشرقي خواه مغربي مؤرخن توڙي سياحن جي نظر ۽ بيانن موجب سکر نه صرف ثقافت جو گهوارو هو پر هڪ نظر نواز دلفريب نزهتگاه به آهي. انگريزن جي قبضي ڪرڻ کان اڳ جت هينئر نئون سکر جڙيل آهي اتي باغات، سرسبز کيتيون ۽ کجين جي وڻن جا نخلستان هئا ۽ هي شهر ميون ۽ گلن ڪري مشهور هو. اهڙن قدرتي حيات آفرين تحفن جي ڪري، هي شهر نزهتگاه هئڻ کان علاوه اهل- الله جي مسڪن هئڻ ڪري اسلامي تمدن ۽ علم و عرفان جو هميشه کان علمي ادارو ۽ تمدني مرڪز رهندو آيو. ڪن ماڻهن جو غلط خيال آهي ته مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي جيڪي کجين جا نخلستان هن وقت موجود آهن، اتي محمد بن قاسم جي لشڪر منزل ڪئي هئي ۽ عربن کارڪون کائي جيڪي ککڙيون اڇلايون، تن مان کجين جا وڻ پيدا ٿيا. تعجب اهو ته وڏن وڏن محققن اهڙو بيان ڏنو آهي جو قطعي غلط آهي[15]. کجين جي وڻن جو وطن عربستان نه آهي پر ايراني نار جو ڪنارو آهي، جتان هي وڻ نڪري، عراق، عرب، اتر آفريڪا ۽ الهندي يورپ تائين پکڙجي ويو. سنڌ جو علائقو مڪران کجين جي ڪري مشهور آهي،  جتي هڪ سوء کان به وڌيڪ کجين جا قسم آهن، يعني ته عربن جي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ سنڌ ۾ کجين جا وڻ هئا، چچنامه ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ جي راجا چچ بن سيلائج ايران ۽ سنڌ جي حدبند ي ڪرڻ لاءِ مڪران جي ندي دشت جي ڪناري تي کجين جا وڻ پوکرايا هئا[16]. هن بيان مان سمجهي سگهندا ته عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ کجين جا وڻ هئا، حڪومت پاڪستان مڪران جي کارڪن جي واپار کي وڌائڻ لاءِ اٺن لکن روپين جي موڙيءَ سان تربت ۾ کارڪن سڪائڻ ۽ دٻن ۾ بند ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو بندوبست ڪيو آهي.

مشهور انگريز سياح رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ سکر جي نظارن متعلق رقم طراز آهي ته:

”جيڪڏهن ڪو شخص سکر جي جمال کي ڏسڻ چاهي ته مير معصوم جي مناري تي چڙهي چوءطرف ڏسڻ سان ديدار ڪري سگهي ٿو“.

برٽن 19 صديءَ جي وچ ڌاري سکر پهتو، جڏهن نئين سکر اڃا ترقي ڪانه ڪئي هئي، 14 صدي ۾ شيخ ابن بطوطا سکر جو سير ڪيو هو، جڏهن شهر پراڻو سکر هو، هن شهر وارن جي مهمان نوازي ۽ خانقاهن ۽ بزرگان دين جي صحبتن جو بيان ڏنو آهي[17].

سڀني کان وڌيڪ سهڻو بيان سکر سونهاري متعلق مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي تاريخ تحفته الڪرام ۾ ڏنو آهي. جيڪڏهن تحفت الڪرام اڄ اسان وٽ نه هجي ها ته جيڪر اسين سکر سونهاري ۽ شهر واسين جي جمال ۽ ڪمال کان محروم رهجي وڃون ها، هن صاحب جيڪو بيان ڏنو آهي، سو غيرفاني آهي، جنهن تي اسين فخر ڪري سگهون ٿا، فرمائي ٿو ته ”لاڙ ۾ ٺٽو ۽ سري ۾ بکر (سکر) ٻئي شهر تمدني مرڪز ۽ نزهتگاهون آهن ۽ ماڻهن ۾ انسانيت جا گڻ، نفاست ۽ قابليتون آهن. اونهاري ۾ جڏهن آبڪلاني جي مند ۾ ميوا پچن ٿا ۽ گل کڙن ٿا، تڏهن شهر جا امير توڙي غريب زالن ۽ ٻارن ٻچن سوڌو سڄو ڏينهن باغن ۾ گذارين ٿا، واقع انهن باغن جا گل سنگهڻ جي لائق آهن.“ عهد-گل جي وسريل افساني جي عبارت ملاحظه فرمايو:

 

”مرد مش چون مردم سپر و صفا دوست و بلطافت
 مزاج و تلاش استعداد انصاف دارند در ايام تابتان
که موسم طغياني آب رسيدن ميو هات اهالي و موالي،
 ادنيٰ و اعليٰ از ذکورو اناث بيشتر بخلا و ملا
روز در باغات بسر برند
 بالجمله جائي ديدني و گل از بوستان    نزاهتش شميدني.“ [18]

بکر جي قدامت

جهڙيءَ طرح سکر قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو جهوني ۾ جهونو شهر آهي، تهڙيءَ طرح سکر جو قلعو بکر جنهن جي نالي تي اسلامي تاريخن ۾ سکر، بکر ڄاڻايل آهي،  قدامت رکي ٿو، ان باري ۾ عيسوي سال 60 ۾ بکر جو ڏس هڪڙي گمنام يوناني جي ڪتاب ”پيريپلوس“ Periplus مان پئجي سگهي ٿو. هن ڪتاب جو مسٽر ونسينٽ وليم Vincent William انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جو سنه 1800ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. ڪتاب جو نالو آهي، ”هندي وڏي سمنڊ جو پيريپلوس“ Periplus of Ery Threan Sea ڪتاب ۾ بکر جو نالو ”بيهڪر“ Behker ڄاڻايل آهي[19]. هي پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ بکر جو بگڙيل نالو نظر اچي ٿو.

(2) مسٽر ايڇ- ريورٽي پنهنجي ڪتاب ” مهراڻ ۽ سندس معاون شاخون“ ۾ لکيو آهي ته اتر سنڌ ۾ ”اڪر“ ۽ ”بڪر“ ٻه شهر آهن، هن مان معلوم ٿيو ته اسلام کان اڳ سکر، اڪر سڏبو هو ۽ بکر، بڪر سڏبو هو، مسٽر ريورٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته بڪري تي سوڍن جي حڪومت هئي، قلعو هو يا نه ان متعلق بيان ڏنل ڪونهي[20].

(3) چچنامه جو سنڌ جي پهرين تاريخ آهي، جنهن ۾ راءِ گهراڻي جي راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڇهن قلعن جا نالا هن طرح ڏيکاريل آهن: 1-اُچ، 2-ماٿيلو، 3-سيورائي، 4-مؤ، 5- الور، 6- سيوستان[21].

 (4) بکر جو قلعو ڄاڻايل ڪونه آهي، اڳتي هلي چچنامه جي ترجمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ باب ”اشارا ۽ واڌارا ۾ بلاذري جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته محمد بن قاسم جي فتوحات وقت اروڙ جي ويجهو بغرور شهر هو، جنهن کي بکر سمجهڻ گهرجي[22]. بلاذري جو بيان مون پڙهيو آهي بغرور شهر جو نالو ڏنل آهي پر اهو بکر ٿي نٿو سگهي[23] ڇو ته علامه بلاذريءَ اهو ڪونه لکيو آهي ته بغرور (بکر) هو. جديد تحقيقات ڪندي اروڙ جي سامهون بدره (پدره) جو ڳوٺ مغليه دور ۾ نظر اچي ٿو، جنهن کي بلاذريءَ بغرور لکيو هوندو. بدره جو بيان موقعه سر ڏبو. بکر جو نالو عربي دور ۾ لب-تاريخ جي صاحب ”فرشته“ ڄاڻايو آهي، جيڪڏهن بغرور هجي ها ته بدلائڻ جو ڪهڙو ضرور؟

(5) لب تاريخ جو صاحب فرشته متعلق هن طرح بيان ڏنو آهي:

که در بعض کتب قديم ديده ميشود که تاريخ بناء بکر (بالاحصار) که ازرواعداد حروف ابجد سال 333 هه برمي ايد که مطابق (1040ع) خواهد گشت شايد در زمان حکام خلافت بني عباس بنياد گرديده است [24].

ترجمو:    ”يعني ته ڪن جهونن ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي ته بکر بناء ابجد جي حساب مطابق تاريخ بالا حصار مان 333 هه مطابق 1040ع معلوم ٿئي ٿي ۽ ان دور ۾ سنڌ تي عباسي خليفا حڪومت ڪندا هئا.“

 

لب تاريخ جي صاحب جن جهونن ڪتابن جو اشارو ڏنو آهي تن جا حوالا ڪونه ڏنا آهن، ان ڪري سندس بيان تاريخي فن جي لحاظ سان مبهم آهي، ڇو ته هن  صاحب بکر جي قلعي جي تعمير جو جيڪو سال 1040ع ڄاڻايو آهي، ان دور ۾ بغداد جي عباسي خليفن جي حيثيت دهليءَ جي پوين مغل بادشاهن شاهه عالم اڪبر ثاني ۽ ابو ظفر بهادر شاهه جهڙي هئي، چنانچه ايران، عراق، ماوراء النهر، شام جهڙا صوبا خلافت عباسيه جي اقتدار کان نڪري چڪا هئا، سلجوقي سلاطين جو سڪو رائج هو. وري 1025ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ کان موٽندي منصوره تي قبضو ڪري عربي  حڪومت جو سنڌ اندر خاتمو آندو. مٿين تاريخي شاهدين هوندي ڪيئن چئي سگهبو ته 1040ع ۾ عباسي خليفن بکر جي قلعي کي تعمير ڪرايو؟

(6) فرشته (بکر) جو قلعو عباسي خليفن مان هارون الرشيد (786 – هه 170ع) بغداد جي تخت تي ويٺو سندس ڏينهن ۾ سنڌ جي والي شيخ ابوتراب جو تبع تابعين مان هو متوفي(787 – 171 هه) فرشته جو قلعو تعمير ڪرايو[25].

(7) غلام سلاطين جي دور ۾ التمش 1210ع کان 1235ع تائين دهليءَ تائين حڪومت ڪئي. سنڌ به سندس ماتحت هئي، سندس ڏينهن ۾ سيد مير محمد مڪي رح رضوي ساداتن جو ڏاڏو مشهد کان سکر پهتو. انوقت صبح صادق جو وقت هو.سيد صاحب جي زبان مان هي فقرو نڪتو:

 

”جعل الله بکر تي في بقعته المبارڪ“.

ترجمو: الله منهنجو صبح برڪت واري زمين تي ڪيو[26].

ٻي روايت هن طرح آهي ته سيد محمد مڪي پنهنجن خادمن کي چيو هو ته جتي ڍڳي جو آواز ٻڌو اتي منزل ڪنداسون، سکر وٽان لنگهڻ وقت خادمن ڍڳي جو آواز ٻڌي هتي خيما کوڙيا هئا، هي واقعو 1260ع جو آهي، عربيءَ ۾ بکر معنيٰ صبح ۽ بقر معنيٰ ڍڳو. ٻنهي لفظن جو اُچار هڪجهڙو آهي ۽ انهن لفظن ڪري فرشته نالو بدلجي ”بکر“ جو اڄ تائين قائم هلندو اچي ٿو. بکر جو قلعو عربي دور کانوٺي فوجي نقطئه نظر کان سکر جي پاسباني ڪندو رهيو، تنهنڪري اهڙي سياسي اهميت جي ڪري  سکر به بکر ڪوٺجڻ لڳو حالانڪ بکر جو قلعو فوجي ڇانوڻي هو ۽ شهر پراڻو سکر هو جو  اڄ تائين سکر  پراڻو سڏجي ٿو. هن شهر ۾ جيڪي امير توڙي درويش رهندا هئا، سي تاريخن ۾ ”بکر“ ڄاڻايل آهن، انهيءَ طرح سکر پراڻي جا هندو به پاڻ کي ”باکرو“ سڏائيندا هئا، تحفته الڪرام مان وڌيڪ معلوم ٿئي ٿو ته شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا ملتانيرحه پنهنجي مرشدشيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي کان رخصت وٺي بغداد کان روانو ٿي ملتان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو ته ان موقعي تي مرشد کيس چيو هو ته فرشته ۾ منهنجو هڪ مريد مخدوم نوح رهي ٿو، تنهن سان ملاقات ڪجانءِ[27]. مخدوم نوح جي قبر سفيد قبي اندر بکر جي قلعي اندر ريل جي پٽي  لڳ آهي.

 

سکر شريف

سنڌ ۾ گهڻا اهڙا شهر آهن  جي بزرگان دين جي زيارتگاهن جي ڪري ”شريف“ جي لقب سان سڏجن ٿا، جهڙوڪ: سيوهڻ شريف، روهڙي شريف، اُچ شريف، ملتان شريف وغيره. سکر کي صاحب تحفته الڪرام سيد مير علي شير قانع ٺٽوي ته ”اولياء الله جي کاڻ“ لکيو آهي پر اسان مسلمان اهڙي لکت کان بي خبر آهيون، جو هن برڪت واري سرزمين کي ”شريف“ جي شرف کان محروم ڪندا رهيا آهيون. بنين تفاوت!


[1]   ايف مئڪ سلمر: واٽ انڊيا ڪئن اٽ ٽيچس، ص 164 – 168 آڪسفورڊ.

[2]   سيوطي جي روايت لاءِ ڏسو سيد سليمان ندوي جو ڪتاب ”عرب ۽ هند جا تعلقات، اله آباد.

[3] مولانا سيد ابوالحسن: آئينه ائوڌ ص 3 مطبع نظامي ڪانپور 1305 هه.

[4]  هاڪڙي متعلق ڏسو منهنجو مضمون روزانه مهراڻ ڪراچي جو سال نمبر 16 – نومبر 1958ع.

[5] آزاديءَ کان پوءِ واٽر ورڪس جي اتر طرف واري ٽڪريءَ تي اسلاميه ڪاليج تعمير ڪرڻ وقت مٽيءَ جي دڙن کي سڌي ڪرڻ لاءِ ٽرئڪٽر هلايا ويا ته ڪيترا  انساني هڏا صحيح سالم نڪتا هئا.

[6] نوٽ:  اڳ ٻڌڪي ٽڪري ۽ جهرڪن  واري ٽڪري پاڻ ۾ گڏيل هيون پوءِ سنڌو سندن وچان رستو ٺاهيو هتان دريا جو پاڻي تيزي سان وهي ٿو.

[7] روزانه اخبار جنگ جو فيچر مضمون 26 سيپٽمبر 1959ع ڪراچي از جميل جبلپوري.

[8] عجائب الاسفارج 2 دهلي، يونانين جي بيان لاءِ ڏسو ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا ج - 1 يونانين جي ڪاهه

[9]  مولانا نور محمد نظاماڻي: تاريخ سنڌ ج – 2 سنڌي ادبي سوسائٽي پريس حيدآباد.

[10] عجائب الاسفار ج – 2  بيان سيوهڻ.

[11] پرسرام ويرو مل مسند: سکر سونهارو ص 19– 20  پرماتما پريس سکر.

[12] ايلٽ – ايچ (ڊائرسن): تاريخ هند ج – 1ص 256 – تاريخ طاهري جو سال تصنيف آهي. 1030 – 1625 ع 

[13] سنڌ هسٽاريڪل جرنل، ج 1، ڀاڱو 2، بيان قديم سنڌ ص 25 مارچ 1934ع ڪراچي.

[14] يوسف ميرڪ: تاريخ مظهر شاهجهاني، باب اول ص 4، ڪراچي 1962ع.

[15]  ڊاڪٽر ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدآباد.

[16]  R. Hughes Buller: Gazetteer of Makran “DATES”, Bombay 1908  ښ

[17] تحفته الڪرام ج – 3 ص 144.

   ”عجائب الاسفار ج 2 بيان بکر .

[18] مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام ج 3 ص 144.

[19] Vincent William: peryplus of erythrean sea, Part I. London. 1800

[20] Raverty.H.G: Mehran & its tributaries, Calcutta, 1892

[21] چچنامه سنڌي ترجمو از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم امير احمد، باب 1، ص 10 سنڌي ادبي بورڊ  1954ع.

[22] چچنامه باب اشارا ۽ واڌارا ص 376.

[23] بلاذري لاءِ ڏسو فتوح البلدان بحواني ڪتاب ”عربون ڪي نظر مين هندوستان“ ص 118 ج 1، اعظم ڳڙه.

[24] خان بهادر خان: لب تاريخ بيان فرشته، رياض الهند پريس امرتسر 1901ع.

[25] سنڌ گزيٽئر، ج ب 3 ص 43 بمبئي 1928ع شيخ ابوتراب جو مقبرو ميرپور ساڪره جي ڳوٽ گجو ۾ آهي، جنهن تي ڄام صلاح الدين قبو اڏايو ۽ زيارتگاه آهي.

[26] روزانه الوحيد اسپيشل ايڊيشن سنڌ آزاد نمبر ص  62، جون 1936ع ڪراچي. 

نوٽ:   هندوستان ۾ گواليار، ارنگل، چتوڙ، رڻٿنڀور ۽ برهمڻ آباد مشهور ۽ مضبوط قلعا هئا، برهمڻ آباد جو قلعو چئن ميلن ۾ هو. معارف جولاءِ 1962ع ص  8 – 9 .

[27] ايچ ڪزنس: دي ائنٽيڪوئيٽيز آف سنڌ ص 94، ڪلڪتو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ