سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو)

باب؛ 4

صفحو :10

(11)

سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو زوال

 

”تذڪري“ مطابق (1)، چچ کي سندس راڻي سُهنديءَ مان ٻه پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو ڏهرسيه ۽ ٻئي جو ڏاهر هو، ۽ هن کي ٻائيءَ نالي هڪ ڌيءَ به هئي، جيڪا ائين پيو معلوم ٿئي ته سندس ٻيءَ زال مان هئي (2). چچ جي مرڻ تي، جيڪو عام طور سن 671ع ڌاري ٿيل سمجهيو ويندو آهي، تخت ۽ تاج جو ورثو انهن ٻنهي پٽن مان ڪنهن به هڪ کي نه مليو، بلڪ اهو هن جي ڀاءُ چندر کي مليو، جيڪو، اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، الور جي حاڪم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. مشرق جي بادشاهين ۾ اها روايت، جنهن جي ذريعي پٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڀاءُ وارث بڻبو آهي، انهيءَ حالت ۾ موزون هوندي آهي، جڏهن پٽ صغير هوندو آهي، يا ٻئي ڪنهن نموني ۾ حڪومت هلائڻ جي لائق نه هوندو آهي، ۽ انهيءَ روايت تي سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپر گهراڻن ۾ عام طور عمل ڪيو ويندو هو.

هيءَ حقيقت ”تذڪري“ مان واضح آهي ته چچ جي ٻنهي پٽن مان هڪ به نابالغ ڪونه هو؛ انهن ٻنهي کي سندن چاچي، تخت تي ويهڻ کان ٿوروئي پوءِ، سخت خطرن جي حالت ۾ اهم فرض سونپيا هئا؛ پر اسان کي ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي، جنهن مان اندازو ٿئي ته انهن مان ڪنهن هڪ به تخت لاءِ دعويٰ ڪئي هجي. اها ڳالهه يقيناً عجيب معلوم ٿيندي، خصوصًا ان ڪري، جو چندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو اڃا به پنهنجو گهڻو وقت مذهبي معاملن ۾ صرف ڪندو ٿي رهيو. ”تذڪري“ جي تحرير مان شايد اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چندر لاءِ شاهي اختيار جي اهميت، خاص ڪري هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي گهڻي ڀاڱي اڃا ٻڌ ڌرم ڇانيل هو، فقط ايتري هئي، جو ان وسيلي هو اتي پنهنجي ايماني عقيدي، يعني برهمڻڪي مذهب، کي پکيڙي سگهيو ٿي.

سنڌ جي تخت تي هڪ اهڙي وارث جي جاءِ نشينيءَ، جيڪو هڪ حڪمران هئڻ بدارن پروهت جي حيثيت ۾ وڌيڪ مشهور هو، خواهشمند دلين ۾ اهڙن جذبن کي جاڳايو، جيڪي چچ جي زوردار بادشاهيءَ ۾ نيم جان۽ نستيءَ حالت ۾ هئا، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته سيوستان جي سابق گورنر ”متا“، جنهن کي چچ  شڪست ڏيئي معاف ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن ڀڄي وڃي قنوج جي راجا وٽ پناهه ورتي هئي، تنهن انهيءَ راجا کي اها تجويز پيش ڪئي ته سنڌ جي فتح آسانيءَ سان ٿي سگهندي. متا هن کي چيو ته ”چندر هڪ گياني ڌياني ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجو سڄو وقت ٻين گيانين سان گڏ مندر ۾ پنهنجي مذهب جي تعليم جي مطالعي ۾ صرف ڪري ٿو. هن کي سندس بادشاهيءَ تان لاهي هيٺ ڪرڻ ڏاڍو سولو ڪم ٿيندو. جيڪڏهن اعليٰ حضرت هن جي ملڪ تي قبضو ڪري ۽ اهو منهنجي حوالي ڪري ته آءٌ انهن علائقن لاءِ خدمت ۾ ڏن پيش ڪندس،۽ اهو حضور جن ڏانهن باقاعدگيءَ سان شاهي خزاني ۾ داخل ڪرڻ لاءِ موڪليندو رهندس.“ قنوج جو بادشاهه، جنهن جو نالو ساهيرس پٽ راسل چيو وڃي ٿو، ۽ جيڪو ٻيءَ طرح تاريخ (3) ۾ بلڪل اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل آهي- انهيءَ تجويز سان اتفاق ڪري ٿو، ۽ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هن انهيءَ ڪم لاءِ ڪشمير جي بادشاهه جي مدد پڻ حاصل ڪري ورتي.

ڪشمير جي راجا لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ”عظيم چچ جي ڌيءَ جي طرفان سندس ڏوهٽو هو“، ۽ هو ڪشمير سان گڏ رمل تي پڻ بادشاهي ڪندو هو. ڪشميري تذڪري ۾ هن واقعي بابت ڪجهه به لکيل ڪونهي، ۽ اهڙيءَ طرح اهو تفصيل  محض هڪ من گهڙت ڳالهه آهي. درحقيقت، ٻنهي اتحادين جي سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ واري ڳالهه ڪنهن به طرح سان عقل ۾ نٿي ويهي؛ ڇاڪاڻ ته هنن لاءِ چيو ويو آهي ته هنن سنڌ جي سرحدي قلعي ديوپور تي قبضو ڄمايو، ۽ ان کان پوءِ هو باقاعدگيءَ سان هڪ جاءِ کان پوءِ ٻي وٺندا وڃن ٿا، - انهن سڀني جا نالا سڃاڻپ کان ٻاهر آهن- ۽ پوءِ اهي هڪ مهيني تائين سنڌ جي سرزمين تي قيام ڪيو ويٺا رهن ٿا. ان جي باوجود، هن بيان جي مطابق، چندر کي سندس خطري جو احساس بلڪل آخري وقت تي ٿيو. پوءِ ته هن آڻ مڃڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، ۽ مضبوط ارادي کان ڪم وٺندي، ڏهرسيه کي برهمڻ آباد جي چارج وٺڻ لاءِ موڪلي ڏنو، ۽ هو پاڻ سڀ کان ننڍي راجڪمار ڏاهر سان الور جي بچاءَ لاءِ اتي ترسي پيو. حمله آورن الور کي گهيرو ڪيو، پر سخت مقابلي کي ڏسي ۽ ڪاميابيءَ جو ڪو موقعو نه سمجهي، هنن پنهنجو مقصد حرفت سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي- جيڪڏهن ڏاهر کي پڪڙي سگهجي، ته هوند سڄو مقابلو ختم ٿي وڃي! اهڙيءَ طرح ساهرس بادشاهه پيغام موڪلي ڏنو ته هو ۽ سندس اتحادي صلح ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪن شرطن تي خالي ڪري وڃڻ چاهين ٿا، ان ڪري هنن ڏاهر کي حفاظت ۽ امان جي ضمانت تحت دعوت ڏني ته هو سندن ڇانوڻيءَ ۾ اچي ساڻن شرط شروط طئي ڪري. ڏاهر اها قبول ڪئ، پر هو هٿيار بند سپاهين جي هڪ وڏيءَ جماعت جي همراهيءَ ۾ ٻاهر نڪتو ۽ انهيءَ صورت سان هو انهن ماڻهن جي سازش کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي کيس دغابازيءَ سان پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي خواهش ڪري رهيا هئا. هاڻي، انهيءَ هنڌ پهچي، ڪهاڻيءَ ۾ راسل بادشاهه جو نالو سندس پٽ ساهرس جي نالي جي بدران اڳتي آندو وڃي ٿو. ڏاهر جي ترار بازن انهيءَ بزرگ شخصيت کي سوڙهو گُهٽي، پنهنجي رحم ڪرم جو محتاج بنايو، جنهنڪري هو انهيءَ ملڪ کي ترڪ ڪرڻ، ديوپور جي سرحدي قلعي کي واپس ڪرڻ ۽ قيدين کي آزاد ڪرڻ جي مطالبن کي منظور ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو. شرطن جي تعميل ڪرڻ جي ضمانت طور يرغمال ڏنا ويا، ۽ اهڙيءَ طرح صلح جو عهدنامو ڪيو ويو. ٺاهه جي ڳالهين جي هن معاملي ۾ ٻنهي ڌرين طرفان اختيار ڪيل اٽڪل بازيون اهڙيون ته ظاهر ظهور غيرامڪاني آهن، جو ڪاهه جي سڄي ڪهاڻي، جنهن لاءِ ٻي ڪا به شهادت موجود ڪانهي، شڪ جو شڪار بڻجي وڃي ٿي. ٻئي طرف، اها ڳالهه ڪا غيرامڪاني ڪانهي ته چچ جي مرڻ تي پاڙيسري بادشاهين طرفان سنڌ ۾ بدامني پيدا ڪرڻ ۽ ان جي امن امان ۾ خلل وجهڻ لاءِ اهڙي ئي قسم جي ڪوشش ڪئي ويئي هوندي.

چيو وڃي ٿو ته چندر جي بادشاهيءَ ستن سالن تائين جٽاءُ ڪيو، ۽ هن جي مرڻ پڄاڻان، ڏاهر الور ۾ سندس تخت تي ويٺو (4). اهو به چيو وڃي ٿو ته چندر جي هڪ پٽ نالي راج پاڻ کي برهمڻ آباد ۾ آباد ڪيو، پر جلد ئي هن ڏهرسيه لاءِ اها  جاءِ خالي ڪئي. هن ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي ته چچ جي انهيءَ وڏي پٽ پنهنجي ريٽجڻ کي، توڻي عارضي وقت لاءِ ائين چپ چاپ کڻي تسليم ڪيو هوندو، خصوصاً هن ڪري، جو اها ڳالهه انهيءَ اصول سان ٽڪر کائي رهي هئي، جنهن موجب خود هن جي مٿان چندر کي ٽِپايو ويو هو. ڏهرسيه پنهنجي زندگيءَ جي باقي بچيل مدت ۾ برهمڻ آباد ۽ ان جي ماتحت صوبن تي هڪ جدا بادشاهيءَ طور حڪومت هلائيندو رهيو، جيڪا شان و شوڪت ۾ الور کان ڪنهن طرح به گهٽ ڪانه هئي. چيو وڃي ٿو ته هن سابق گورنرن جي لوهاڻي خاندان مان آگهم جي ڌيءَ سان شادي رچائي، پنهنجي پيءُ جي رشتي کي نئين سر تازو ۽ پختو ڪيو.

”تذڪرو“ هاڻي ڏهرسيه ۽ ڏاهر جي ڀيڻ ٻائيءَ جي ڪهاڻيءَ کي پيش ڪري ٿو، ۽ انهيءَ عورت سان گڏ برباديءَ جي ديوي اسٽيج تي نمودار ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڏاهر جو زوال، جيڪو ان وقت اڃا ڪافي پري هو، هن جي انهيءَ ئي ڀيڻ ڏانهن اختيار ڪيل روش جو سڌو نتيجو شمار ٿئي ٿو. اها ڳالهه خواه ڪيتري قدر به حيرتناڪ ۽ غير تاريخي نوعيت جي هجي، پر اسين ان کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌي نٿا سگهون. ان ۾ اسان کي سنڌ جي برهمڻن طرفان مسلم فتح جي اڻٽر هئڻ لاءِ پنهنجي ۽ ٻين جي تسليءَ خاطر پيش ڪيل هڪ قسم جي وضاحت ۽ سمجهاڻيءَ جي نوعيت نظر اچي سگهي ٿي-ڄڻ ائين چئي رهيا هجن ته سڄو سارو ڏوهه ستارن جو نه، بلڪ خود انهن جو پنهنجو به هو.

اها ڳالهه مختصر طور هيئن آهي. چچ جي ڌيءَ ٻائي، پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏهرسيه جي حفاظت هيٺ، برهمڻ آباد ۾ رهندي هئي. ”تذڪري“ جي تحرير مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هوءَ ڏهرسيه جي تخت تي ويهڻ واري وقت کان پنج سال پوءِ ئي شاديءَ جي لائق عمر کي پهتي هئي، جنهن مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته هوءَ چچ جي دنيوي زندگيءَ جي بلڪل آخري وقت ۾ ڄائي هوندي. هن جي سڱ جي ”رمل جي بادشاهه سوڀن راءِ ڀاٽيه“ گهر ڪئي، جيڪو اسان کي پاڙيسري بادشاهيءَ جو، جنهن کي اسين اڄ جيسلمير جي نالي سان سڃاڻون ٿا، حڪمران سمجهڻ گهرجي. ڏهرسيه کي اها ڳالهه ڏاڍي پسند آئي ۽ هن انهيءَ سڱ جو خيرمقدم ڪيو، عظيم الشان ڏاج تيار ڪيو ۽ ٻائيءَ کي موزون حفاظتي دستي سان ڏاهر ڏانهن الور ڏياري موڪليو، ڇاڪاڻ ته ”ڀاٽيه“ جي بادشاهه اهو شرط وڌو هو ته ٻائيءَ جي شاديءَ جي ڏاج طور هڪ سرحدي قلعو کيس ڏنو وڃي.

آخري انتظامن ٿيڻ تائين، ڏاهر کي هڪ مشهور ۽ معروف جوتشيءَ سان پنهنجي بادشاهيءَ جي معاملات جي متعلق مشوري ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويئي، ۽ هو انهيءَ جوتشيءَ کان پڇي ويٺو ته گرهه ٻائيءَ جي قسمت متعلق ڪهڙي اڳڪٿي ڪن ٿا. جوتشيءَ جواب ڏنو ته سندس حساب ڏيکاري ٿو ته شهزادي الور جي قلعي جي چوديواريءَ کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندي ۽ هن سان انهيءَ بادشاهه کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي شادي ڪرڻي نه آهي، جنهن جو هندستان-يعني- سنڌ- جي بادشاهيءَ تي قبضو هجي. انهيءَ ڳالهه ڏاهر کي فڪر مند ڪري ڇڏيو ۽ هن پنهنجي پيءُ جي وزير ٻڌيمان سان مشورو ڪيو. انهيءَ شخص تسليم ڪيو ته ڪنهن بادشاهه لاءِ اها ڳالهه ته ناممڪن هئي، جو هو پنهنجي موروثي ملڪ کان محروم ٿيڻ تي خاموشيءَ سان راضي ٿي ويهي رهي، ۽ جيئن ته گرهه غلط ٿي نٿا سگهن- هو ۽ ڏاهر جوتشيءَ جي اڳڪٿيءَ ۾ مڪمل عقيدو رکندا هئا- ان ڪري سنڌ ملڪ جي بادشاهيءَ جي هٿان نڪري وڃڻ کي فقط ان صورت ۾ٽاري سگهجي ٿو ته ڏاهر بادشاهه پاڻ پنهنجي ڀيڻ سان ظاهري شاديءَ جو ڍونگ رچائي. ڏاهر اها پيشنگوئي پنهنجن خاص معتقد درٻارين کي ٻڌائي ۽ انهن دشوارين جي به نشاندهي ڪئي، ۽ جيڪي هرطرف کان، خواه هو ڪهڙي به رخ ۾ ڦري رهيو هو، سامهون نظر اچي رهيون هيون. ”پاڻ کي پنهنجي بادشاهيءَ کان محروم ڪرڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي؛“ ۽ ٻئي طرف، ”وزير ٻڌيمان جنهن ڳالهه کي مصلحت آميز سمجهي ٿو، تنهن ۾ اسان جي برهمڻ خاندان لاءِ بدناموسيءَ جي ڳالهه آهي“-ٻيا بادشاهه کين ذات نيات مان ڪڍي ڇڏين ها. بهرحال، حرفتي وزير هن ڳالهه جو عملي مظاهرو ڪيو ته ڪيئن نه دنيا وارن لاءِ انتهائي حيرت انگيز عجوبو پڻ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪنهن به دلچسپيءَ جو باعث نه ٿو رهي؛ ۽ هن دليل پيش ڪيو ته جيڪڏهن ڏاهر پنهنجي ڀيڻ سان ڪنهن ٻئي کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني ته هن جا بااثر امير ۽ رئيس سندن وفاداريون انهيءَ شخص ڏانهن منتقل ڪندا، جنهن جي قسمت ۾ لکيل هو ته اهو اڳي يا پوءِ سنڌ جي تخت جو مالڪ ٿيندو. ڏاهر وري پنهنجو اهو ٻه-طرفو مشڪل اميرن کي سمجهايو ۽  انهن سڀني يڪراءِ ٿي، سندس انهيءَ ڪم ۾ هن جي حمايت ڪرڻ قبول ڪئي، جيڪو هن جي خيال ۾، بادشاهيءَ کي سندس پنهنجن هٿن ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ضروري هو. چنانچه راجا ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ ٻائي جي شادي ڪئي ويئي؛ هنن جو پلو پلو سان باقاعدي طور ٻڌو ويو ۽ ٻنهي کي تخت تي گڏ ويهاريو ويو. باقي ٻيءَ ڳالهه لاءِ،  ڏاهر پنهنجي ترار گهوٽ طور هن جي پاسي ۾ڇڏي ويو.

ڏاهر پنهنجي وڏي ڀاءُ سان صلاح مشورو نه ڪيو هو، ۽ هاڻي هن دير سان پنهنجي ڪارستانيءَ لاءِ هن کي سمجهاڻي ۽ سبب ڏنا ۽ راڄنيتي ضرورت کي پنهنجي طر فان مذهب ۽ رسم رواج جي ڀڃڪڙيءَ لاءِ سبب طور پيش ڪيو. پر ڏهرسيه انهن خوش ڪن دليلن سان متاثر ڪونه ٿيڻو هو، ۽ ان کان پوءِ ”چچ نامو“ ٻنهي ڀائرن جي تڪرار کان پوءِ اختيار ڪيل حڪمت عملين جو تفصيل سان بيان ڪري ٿو. ڏهرسيه مڪاري ڪري پنهنجي طرفان ڏاهر کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، ۽ انهيءَ باري ۾ سڀني انديشن ۽ شڪن کي رفع ڪرڻ خاطر، الور ۾ اڪيلو داخل ٿيو. سياڻي ٻڌيمان جي صلاح کان سواءِ، ڏاهر پڪ ئي پڪ ڏهرسيه سان گڏجي، سندس ڇانوڻيءَ تائين وڃي ها. ۽ سچ پچ به ڏهرسيه سان گڏجي، هڪ ئي هاٿيءَ تي هن جي پٺيان ويهي، قلعي کان ٻاهر وڃي  رهيو هو، جڏهن کيس آخري وقت تي هن ڳالهه تي آماده ڪيو ويو ته هو هڪدم قلعي جي صدر دروازي جي چوڪٽ کي چنبڙي پوي ۽ پاڻ کي هاٿيءَ کان جدا ڪري وٺي. دروازو ڏهرسيه جي پٺيان بند ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح ڏاهر صحيح سلامت الور ۾ رهجي ويو. ڏهرسيه ٿوروئي عرصو پوءِ، ڏاڍيءَ سهوليت  سان، بخار ۾ مبتلا ٿي، وقتائتو مري ويو، ۽ ڏاهر کي سنڌ جي بادشاهيءَ جو واحد مالڪ بنائي ڇڏي ويو.

انهيءَ واقعي جي هڪ جدا روايت ”تاريخ معصوميءَ“ ۾ تحرير ٿيل آهي، جنهن موجب ڏهرسيه کي سندس ماءُ ۽ ڪن اميرن جي دليلن انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪري وڌو ته هو ڏاهر جي ٻائي سان ٿيل نالي ماتر شاديءَ کي کڻي تسليم ڪري، ۽ ٻنهي ڀائرن جي درميان راضي نامو ڪيو ويو. انهيءَ بيان ۾ هي پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهرسيه ان ملاقات کان جلد ئي پوءِ قدرتي سببن کان مري ويو (5).

اسين هن ڳالهه کي، بنان ڪنهن خوف ۽ خطري جي، هڪ تاريخي حقيقت طور تسليم ڪري سگهون ٿا ته چندر جي مرڻ کان پوءِ، سنڌ ڪجهه عرصي تائين ٻن آزاد ۽ خود مختيار رياستن جي حيثيت ۾ ورهايل رهجي ويئي، جن تي چچ جي ٻن پٽن جي بادشاهي قائم هئي؛ ننڍي ڀاءُ جي وڏائيءَ ۽ ڏيکاءَ تي وڏي ڀاءُ کي سخت ناراضگي هئي، وڏي ڀاءُ جي مرڻ تي، جيڪو بظاهر وارثن ڇڏڻ کان سواءِ ڪونه مئو هو، سڄي بادشاهي بنان ڪنهن تڪرار ۽ جنگ جي خاموشيءَ سان سڌي ڏاهر جي هٿن ۾ هلي ويئي.

”چچ نامي“ ۾ ڏهرسيه ڏانهن جيڪي ڳالهيون منسوب ڪيل آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ڏاهر کي ڪڏهن به خود مختيار تسليم نه ڪيو هو. جڏهن کيس الور ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويئي، تڏهن هو ڏاهر ڏانهن پيغام موڪلي ٿو، ”آءٌ توسان جنگ ڪرڻ نه آيو آهيان. هيءُ قلعو منهنجي پيءُ جي گاديءَ وارو شهر هو، ۽ هن کان پوءِ اهو مون ڏانهن آيوآهي. تو کي ان جو قبضو محض منهنجي نمائندي جي حيثيت ۾ مليو هو، ۽ هيءَ بادشاهي منهنجي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ٻه تاج گڏ نه رهيا آهن.“ (6) ”چچ نامي“ ۾ ڏهرسيه لاءِ چيو ويو آهي ته هن ٽيهه سال حڪومت ڪئي، پر اها ڳالهه ٻائي واريءَ سڄي ڳالهه کي سالن جي سلسلي جي نقطي نگاهه کان ناممڪن بنائي ڇڏيندي. جيڪڏهن اسين ”تذڪري“ ۾ ڏنل واقعن جي سلسلي کي قطعي طور رد نه ڪنداسون، ته اهي ٽيهه سال گهٽجي وڃي وڌ ۾ وڌ ست يا اٺ سال رهندا؛ جيڪڏهن سالن جي سلسلي ۾ اهو حساب اختيار به ڪيو وڃي، ته به اڳتي هلي سڄيءَ سنڌ تي ڏاهر جي بادشاهيءَ جي سالن جي حساب ڪڍڻ جي دشواريءَ کان پاڻ بچائي نه ٿا سگهون. مجموعي طور، هن مفروضي جي آڌار تي هلڻ وڌيڪ بهتر اچي ٿو ته ڏهرسيه سال 685ع ۾ يا ان جي لڳ ڀڳ ڪنهن ويجهڙي سال ۾ مري ويو هو.

ڏاهر هاڻي پنهنجي مئل ڀاءُ جي خزاني ۽ برهمڻ آباد وارن علائقن تي قبضو ڄمايو، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته هن ان جي پٽ، چچ، کي پيءُ  جو جائز وارث ۽ جائنشين تسليم ڪيو هو. هن ڳالهه جو ڪافي امڪان آهي ته هن جي طرفان اهڙو وعدو ڪيو ويو هو، پر ڏاهر جي مرڻ کان پوءِ جڏهن اسان کي ٻيو ڀيرو انهيءَ نوجوان شهزادي جي متعلق اطلاع ملي ٿو، تڏهن اسين هن کي ڀاٽيه ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاريندي ڏسون ٿا. هاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ شاديءَ جو بيان اچي ٿو، جيڪا اعتبار جي حدن کان بلڪل ٻاهر آهي، ۽ انهيءَ شاديءَ ۾ ڏاهر پنهنجي ڀاءُ جي بيوهه کي زال بڻائي ٿو، جيڪا آگهم لوهاڻي جي ڌيءَ، ۽ اهڙيءَ طرح سندس پيءُ چچ جي ماٽيلي ڌيءَ هئي؛ ۽ ممڪن آهي ته ننڍي چچ جي ماءُ پڻ هجي. انهي معاملي ۾ بس ايتروئي چئي سگهجي ٿو ته جڏهن وڏي چچ سياسي سببن جي آڌار تي اهڙين سڱابندين ڪرڻ جي ذريعي پنهنجي سڀني فرقيوارانه تعصبات کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو، ته پوءِ سندس پٽ به جيڪڏهن ائين ڪري ته ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه ڪانه ٿي ٿي سگهي.

هن کان پوءِ ڏاهر پنهنجو اڪثر وقت الور جي بدران برهمڻ آباد ۾ گذارڻ لڳو؛ هو اونهاري جا چار مهينا راوڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو، جيڪو چچ اڌورو تعمير ٿيل ڇڏي مري ويو هو، ۽ جنهن کي ڏهرسيه تڪميل تي پهچايو هو (8) ۽ جنهن جي ”آب وهوا صحت بخش ۽ پاڻي مٺو“ هئڻ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو ڏکڻ- اوڀر سنڌ ۾ گهڻو ڪري پراڻ جي ڪناري تي ٺهيل هو. هو سيارو خود برهمڻ آباد ۾، ۽ بهار الور ۾ گذاريندو هو. انهيءَ طريقي سان، چيو وڃي ٿو ته سڄا سارا اٺ سال گذري ويا ۽ ڏاهر سنڌ جي بادشاهه جي حيثيت ۾ پنهنجا پير پختا ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ان کان پوءِ اتر طرف کان اڃا به  هڪ ٻي ڪاهه ٿي. ”چچ نامو“ ٻڌائي ٿو ته اهو رمل جو بادشاهه هو، جنهن ڏاهر جي وڌندڙ طاقت کان حسد محسوس ڪندي، هن جي ملڪ فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”تحفته الڪرام“ مطابق، اهو قنوج جو بادشاهه رائومل راءِ هو. هن ڳالهه جي صاف ڪرڻ لاءِ ڪو به اشارو ڪونه ٿو ملي ته رمل جو هيءَ بادشاهه ”رمل جو بادشاهه سوڀان راءِ ڀاٽيه“ ئي هو، جيڪو ٻائيءَ جي ٻانهن جو ناڪام اميدوار هو، يا ان سان واسطو رکندڙ ڪو ٻيو بادشاهه هو؛ نه وري اهو پتو ٿو پوي ته رائومل راءِ قنوج جي ساهرس جو وارث ۽ جائنشين هو، جيڪو چندر جي بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ ۾ناڪام ٿيو هو. هيءَ ڳالهه يقيناً حيرت انگيز آهي ته ملڪ جي فتح ڪرڻ لاءِ اها ڪوشش، فقط انهيءَ وقت ۾ ڪئي ويئي. جڏهن ڏاهر سڄيءَ بادشاهيءَ جي مٿان پنهنجي اقتدار کي مستحڪم ڪري ڇڏيو هو؛ ان جو موزون موقعو ته ظاهري طور انهيءَ زماني ۾ هو، جڏهن ڏاهر ۽ ڏهرسيه هڪٻئي سان دست و گربيان هئا ۽ پاڙيسري حڪمرانن کي مداخلت ڪرڻ لاءِ ٻائيءَ جي شاديءَ واري بدناموسيءَ جي ڳالهه هڪ بهانو مهيا ڪري ها.

جيتوڻيڪ ڏاهر جي بادشاهيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته اها مضبوط بنيادن تي قائم ٿي چڪي هئي، پر معلوم ٿئي ٿو ته هو بحرانن سبب همت هاري ويٺو هو؛ هو پنهنجي وزير کان مشورو گهري ٿو، جيڪو هڪ فصيح ۽ بليغ تقرير ۾ طريقي ڪار جا ٻه مختلف رستا ٻڌائي ٿو؛ ان هوندي به ڏاهر آخر ۾ فقط اهو اعلان ڪري ٿو ته بيعزتيءَ تي موت کي ترجيح ڏيندو،  پر هو اڃا به اها ڳالهه نٿو سمجهي سگهي ته ڇا ڪجي. وزير ٻڌيمان نهايت هوشياريءَ سان هن کي هڪ ٻئي صلاحڪار ڏانهن موڪلي ٿو. اهو صلاحڪار علافي قبيلي جو هڪ عرب هو، جيڪو عبدالرحمان نالي هڪ شخص کي مڪران ۾ هڪ جهڳڙي ۾ قتل ڪرڻ ۽ خليفي جي طرفان جلاوطن ٿيڻ ڪري، سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو هو ۽ پنهنجن پنجن سون پوئلڳن سميت ڏاهر جي نوڪريءَ ۾ اچي شامل ٿيو هو. ٻڌيمان جي هن صلاح تي ته ”عرب قوم کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو جنگ جو فن نه ٿو ڄاڻي“، ڏاهر هاڻي علافي سردار کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيو ته ”هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن کيس انهيءَ مهربانيءَ ۽ پناهه لاءِ، جيڪا کيس سنڌ ۾ ملي هئي، عيوضو ادا ڪرڻ گهرجي.“ علافي پنهنجي بهادريءَ ۽ جرئت ڏيکارڻ جي اهڙي موقعي تي خوش ٿيو، ۽ هن کي يقين هو ته هو ڪامياب ٿيندو. هن بادشاهه کان پنهنجن ماڻهن کان علاوه محض ڪجهه وڌيڪ سنڌي گهوڙيسوارن جي جٿي جي طلب ڪئي، ته جيئن هو دشمن جي ڇانوڻيءَ جي جاسوسي ڪري سگهي، ڏاهر کي پنهنجي مکيه لشڪر سميت الور کان هڪ ميل جي مفاصلي تي محفوظ مورچي ۾ رهي انتظار ڪرڻو هو. عرب سردار ڏٺو ته رمل جا جانباز، جيڪي ڪنهن به مخالفت کان سواءِ سنڌ ۾ ايترو اندر گهڙي آيا هئا، پنهنجي لاءِ ڪو باقاعدي حفاظتي دستو نٿا رکن، انڪري هن پنهنجي گهوڙيسوار فوج جي مدد سان انهن تي شبِ خون هنيو. اهو حملو مڪمل طور ڪامياب ٿيو، ۽ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جنگ ۾ هلاڪ ڪيلن کان علاوه، ”اسي هزار بهادر انسان ۽ پنجاهه هاٿي پڪڙيا ويا.“

ڏاهر بظاهر سڀني قيدين کي قتل ڪرائڻ جي حق ۾ هو، پر سندس وزير هن کي چيو ته بادشاهه جو اهو فرض آهي ته فتح حاصل ٿيڻ کان  پوءِ هو رحمدليءَ جو مظاهرو ڪري. ڏاهر ان فراخدلانه طريقي سان هلڻ ۾ اطمينان محسوس ڪري، پنهنجي سياڻي وزير کي چيو ته ”گهر جيڪي گهرڻو هجيئي.“ ٻڌيمان هن کي چيو ته هو بي اولاد هو، ۽ کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر هو ته هو مرڻ کان پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ وساريو نه وڃي، جنهن جي هن ايڏي ڊگهي عرصي تائين خدمت ڪئي هئي. جيڪڏهن سندس نالو ملڪ جي سڪي جي پٺئين پاسي اهڙيءَ طرح سان اڪيري سگهجي، جهڙيءَ طرح ان جي سبتي پاسي تي خود بادشاهه جو نالو اڪيريل رهي ٿو، ته هو هميشه لاءِ ياد رهندو. ڏاهر خوش ٿي، هن جو اهو عرض اگهايو. انهيءَ ڳالهه جو پتو نه ٿو پوي ته عرب سردار کي ايڏيءَ فتح جي انتظام ڪرڻ جي صلي ۾ ڪهڙو انعام مليو.

”چچ نامي“ جي مطابق، ڏاهر جي ڏينهن ۾، جڏهن هو سڄيءَ سنڌ جو واحد مالڪ هو، انهن واقعن کان اڳ ۾، جن جي نتيجي ۾ سنڌ تي سڌيءَ طرح عربن حملو ڪيو، اهو واقعو وڏي ۾ وڏو ٿي گذريو هو. هڪ دفعو وري به اسان لاءِ هن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، جڏهن انهيءَ واقعي کي، ان جي مخصوص غير امڪاني تفصيلن جي لباس کان ڌار ڪري، ڏسون ٿا ته اهو واقعي حقيقتن جي ڪنهن ٺوس بنياد تي بيٺل به آهي يا نه! ممڪن آهي ته اهو قصو ڏاهر کي هڪ بزدل انسان جي حيثيت ۾ ڏيکارڻ ۽ عرب سردار جي شان و شوڪت کي وڌائي ڏيکارڻ جي ٻٽي مقصد سان گهڙيو ويو هجي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ اتفاق سان ڏاهر جي ملازمت ۾ اچي بيٺو هو. وري، سياڻي وزير ٻڌيمان کي، جيڪو هڪ رومانوي افسانن جو مخصوص اداڪار آهي، اسٽيج تي آخري ڀيرو نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو.

اهو فرض ڪندي ته رمل جي بادشاهه طرفان سنڌ تي ڪاهه سچ پچ ڪئي ويئي هئي، ۽ اهو به تسليم ڪندي ته علافيءَ ان کي شڪست ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ته پوءِ انهيءَ واقعي جو سال سن 85هه مطابق سن 704 ع  مقرر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي سال هو، جنهن ۾ علافي قبيلي وارا ڪندابيل کي ڇڏي آيا هئا ۽ سنڌ جي بادشاهه ڏاهر جي ملازمت ۾ اچي شامل ٿيا هئا.

اها ڳالهه ”چچ نامي“ ۾ ڏنل عربن جي انهن ڪارنامن مان صاف ظاهر آهي، جيڪي هنن مڪران ۾ سرانجام ڏنا هئا، جن لاءِ وقائع نگار کي معلومات جا انهيءَ کان گهڻا بهتر ذريعا حاصل هئا، جيڪي هن کي انهيءَ زماني جي سنڌ جي ٻين واقعن متعلق ميسر (11) هئا. اٽڪل روءِ مقرر ڪيل انهيءَ امڪاني سال کان وٺي، پٺتي حساب ڪندي، اهو نظر ايندو ته ڏاهر جي ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ هن جي پرامن بادشاهيءَ جو زمانو ”چچ نامي“ ۾ ڄاڻايل اٺن سالن جي بدران ارڙهن سال هوندو.

فقط ڪي ڇهه يا ست سال پوءِ اهو واقعو رونما ٿيو، جنهن ڏاهر تي خليفي جي ڪاوڙ کي نازل ڪيو، ۽ سنڌ جي خلاف اسلام جي ترار کي مياڻ کان ٻاهر آندو. ڪجهه سامونڊي لٽيرن، جن سان انهيءَ زماني خواه ان کان پوءِ ڪيترين ئي صدين تائين ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ سنڌ جا سامونڊي ڪنارا ڀريا پيا هوندا هئا، ۽ جيڪي پنهنجين سرگرمين لاءِ ڪنهن طرح ديبل بندر به استعمال ڪندا هئا، ڪجهه جهازن تي قبضو ڪيو، جيڪي خليفي لاءِ قيمتي مال کڻي وڃي رهيا هئا. انهيءَ واقعي جي متعلق ”چچ نامي“ جي روايت اها آهي ته اهو قيمتي سامان سلون جي راجا طرفان خليفي ڏانهن موڪليل سوکڙين پاکڙين تي مشتمل هو، جنهن ۾ موتي، هيرا جواهر ۽ ڪجهه حبشي غلام شامل هئا. جهاز تي ڪجهه مسلمان عورتون به سوار هيون، جيڪي ڪعبي جي زيارت ڪرڻ ۽ خليفي جي دارالحڪومت کي ڏسڻ لاءِ سفر ڪري رهيون هيون. انهن کي پڻ قزاقن طرفان عوض جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ ديبل ۾ روڪيو ويو.

جيڪڏهن عرب خلاصي ۽ جهاز ران انهيءَ دور ۾ سلون سان سامونڊي سفر ڪري رهيا هئا، جيئن بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته اها ڪا غيرامڪاني ڳالهه ناهي ته اتان جو بادشاهه اسلام جي طاقت جون ڳالهيون ٻڌڻ سان ايتريقدر متاثر ٿيو هجي، جو هن خليفي ڏانهن تحفا تحائف موڪليا هجن. جهازن تي مسلم عورتن جي موجودگيءَ جو هن مفروضي کان سواءِ ڪو جواز موجود ڪونهي ته سلون جي سامونڊي بندرن يا هندستان جي مغربي ڪناري تي ڪي عرب واپاري آباد ٿيل هئا. اسان کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انهن جهازن تي ڪجهه واپاري پڻ سوار هئا، جن کي به ديبل تي روڪيو ويو. پر اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اهي مسلمان هئا يا سلون جا رعيتي هئا.

”تاريخ معصوميءَ“ جي مطابق اهي جهاز ڪن شامي واپارين جا هئا، ۽ انهن کي خليفي عبدالملڪ طرفان ڪنيزن ۽ هندستان ۾ٺهندڙ قيمتي ڪپڙن خريد ڪرڻ لاءِ، اوڏانهن موڪليو ويو هو. اهي جهاز انهيءَ سامان سان ڀرجي، موٽ تي ديبل بندر وٽ اچي لنگرانداز ٿيا، جتي انهن تي سامونڊي لٽيرن حملو ڪري، مٿن قبضو ڪيو. اهو بيان مجموعي طور تي انهيءَ بيان کان وڌيڪ امڪاني معلوم ٿئي ٿو، جيڪو ”چچ نامي“ ۾ ڏنل آهي.

جهازن جي خلاصين مان ڪن پاڻ کي قيد ٿيڻ کان بچائي ورتو، ۽ اهي لڪندا ڀڄندا، خليفي جي مشرق واري گورنر، حجاج، وٽ وڃي پهتا. جڏهن هن کي اها خبر ٻڌائي ويئي ته ڪجهه مسلمان عورتن قيد ٿيڻ وقت هن جو نالو کڻي،کيس مدد لاءِ پڪاريو هو، تڏهن هو رڙ ڪري اٿيو ۽ چيائين ته ”اجهو آيس!“ ڄڻڪ هو انهن عورتن جا آواز انهيءَ مهل ٻڌي رهيو هو. هن فوراً هڪ خط ڏاهر ڏانهن لکايو، جنهن ۾ هن کان تحڪمانه انداز ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هو عورتن کي هڪدم آزاد ڪري، ۽ جيڪي تحفا تحائف خليفي ڏانهن موڪليا ويا هئا. سي به هڪدم واپس ڪرڻ جو انتظام ڪري. قاصد کي پهريائين مڪران جي ڪمانڊر محمد هارون ڏانهن موڪليو ويو، جنهن لاءِ هدايت هئي ته هو ان قاصد کي هڪ آفيسر ساڻ ڏيئي، ڏاهر ڏانهن عورتن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ خاطر اڳتي موڪلي. ڏاهر خط ملڻ سان پنهنجي مٿان ڪنهن به ذميداريءَ کي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ جواب ۾ چيائين ته اهي سامونڊي لٽيرا سندس قبضي ۾ ڪين هئا؛ انهيءَ ڪري اهو ان باري ۾ ڪجهه ڪرڻ کان قاصر هو. ان کان پوءِ حجاج سڄو معاملو خليفي وٽ پيش ڪيو ۽ ڪجهه تڪليف سان مس مس هن کي سنڌ جي خلاف جهاد جي اعلان ڪرڻ تي آماده ڪيو.

مسلمانن هٿان سنڌ جي فتح ٿيڻ جو بيان هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڏنو ويندو، پر اهو موزون آهي ته هن هنڌ تي اسين انهن واقعن جي نشاندهي ڪريون، جيڪي هندو راڄ جي آخري ڏينهن ۾ حڪومتي ڪاروبار ۽ اتان جي ماڻهن جي حالت تي ڪجهه روشني وجهن  ٿا.

جيتوڻيڪ بُذيل جي زير قيادت ديبل تي هن مهم جي پهرين ڪاهه، مڪاني سنڌي فوج تي ابتدائي سوڀ پائڻ کان پوءِ ڏاهر جي پٽ جئسيه هٿان شڪست کائي، پوئتي موٽي چڪي هئي، تنهن هوندي به نيرون جي ٻوڌي حاڪم کي جنهن جي شهر کي پڻ مسلمان فوجن کان خطرو محسوس ٿي رهيو هو، اها خاطري ٿي چڪي هئي ته ان کان پوءِ عربن طرفان هڪ ٻي وڌيڪ طاقتور مهم سنڌ جي خلاف موڪلي ويندي، انهيءَ ڪري هن حجاج سان هڪ خفيه ٺاهه ڪري، خود پنهنجي ۽ پنهنجي شهر لاءِ پناهه جي ضمانت وٺي ڇڏي، ۽ عربن جي آڻ مڃڻ لاءِ، ويندي انهن کي ڏن ادا ڪرڻ تائين، پاڻ کي ذميدار بنائي ڇڏيو. ڏاهر لاءِ سمجهجي ٿو ته هو ائين سمجهي ويهي رهيو هو ته هن ان طرف کان وڌيڪ جارحيت جي خلاف ڪافي ڪجهه اقدام ڪري ڇڏيا هئا (ٿي سگهي ٿو ته جئسيه هٿان بذيل جي پهرينءَ ڀاڄ تي، ان سلسلي ۾، هو ضرورت کان زيادهه مطمئن ٿي چڪو هو)، جنهن ڪري هن ديبل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ يا ڏکڻ اولهه سنڌ ۾ فوجن جي جوڳي انتظام لاءِ مزيد ڪجهه به نه ڪيو. اندازو اهو آهي ته محمد بن قاسم جي لشڪر جي پيشقدميءَ کان باخبر به هو. پر هن ايڏي وڏي لشڪر جي حملي کان ديبل کي پنهنجي بچاءَ پاڻ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، ۽ انهيءَ قلعي جي حاڪم، جئهن پٽ برسيات راوت، ڏانهن مدد طور فقط اٺ ۽ گهوڙا موڪلي ڏنا. ”چچ نامي“ مطابق انهيءَ قلعي جي برهمڻ، جيڪو گهيري جي شروع ٿيڻ جي پهرين ئي ڏينهن ۾ حمله آور ڪمانڊر جي ڇانوڻيءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو هو، ۽ جنهن هن کي ٻڌايو هو ته قلعي تي قبضو ڪيئن ڪيو وڃي، تنهن پنهنجي انهيءَ روش جي وضاحت هن طرح ڪئي ته ستارن مان صاف طرح سنڌ تي اسلام جي غلبي ۽ قبضي جي پيشنگوئي ٿي چڪي هئي. بعد ۾ اسين ڏسون ٿا ته ٻُڌيه جو حاڪم ڪاڪا ڪوتڪ به سنڌ جي جوتشين جي انهيءَ اڳڪٿيءَ کان باخبر هو؛ ايتريءَ قدر، جو هن عرب فوج تي فقط شبِ خون هڻڻ تي رضامندو به تمام گهڻي شش و پنج کان پوءِ ڏيکاريو هو. پوءِ جيئن ئي هن جو اهو شب خون ناڪامياب ٿيو، تيئن ئي هن هڪدم آڻ کڻي مڃي، ۽ ان لاءِ هن سبب اهوئي گرهن جو  اڳواٽ ٿيل فيصلو ڏنو. موڪاهه پٽ بسايي نالي هڪ ٻئي سردار به وفاداري بدلائڻ لاءِ اهو ساڳيو سبب پيش ڪيو. اسين هن باري ۾شڪ نه ٿا ڪري سگهون ته اهو خيال تيزيءَ سان سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويو هو ۽ ان ماڻهن کي جنهن خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، تنهن جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سنڌوءَ جي الهندي ڪپ وارن سنڌ جي ماڻهن کي سندن بادشاهه قسمت جي چڪر ۾ ڦاٿل ۽ بي يارو مددگار نظر اچي رهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هنن انهن جي مدد لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڏاهر پاڻ به جوتشين سان مشورو ڪيو هو، جيڪي هنن معاملن ۾ رواجي طرح شاهي ناراضگيءَ ۽ غضب جي نتيجن کان آجا ۽ بي فڪر هوندا هئا؛ ۽ هنن، سواءِ ڪنهن رک رکاءَ  جي، کيس چئي ڏنو ته اسلامي لشڪر جي نصيب ۾ فتح لکيل آهي، ۽ هن کان پوءِ نيرون سندن قبضي ۾ ايندو. نيرون جو حاڪم، جنهن لاءِ اسان اڳيئي معلوم ڪري آيا آهيون ته هو حجاج سان معاهدو ڪري، غدار بنجي چڪو هو، سو انهيءَ وقت ڏاهر جي درٻار ۾ موجود هو. جيتوڻيڪ  بادشاهه کي هن ۾ سڌي سنئين شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب نظر  نه ايندو هوندو، ان جي باوجود هن کي اهڙين حالتن اندر هن جي مدد ۽ پٺڀرائيءَ لاءِ وڌيڪ لشڪر ڏيڻ کان سواءِ واپس اوڏانهن موڪلڻ، بظاهر تباهيءَ کي دعوت ڏيڻ جي برابر هو (13)؛ پر ڏاهر ائين ئي ڪيو ۽ انهيءَ حاڪم اتي پهچڻ شرط قلعو عربن جي قبضي ۾ ڏيئي ڇڏيو، ۽ پاڻ حجاج سان ڪيل ٺاهه جي پوئواري ڪرڻ ۾ لڳي ويو.

جيڪو خط ڏاهر ديبل جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم ڏانهن موڪليو، سو بظاهر حالات سان پوريءَ طرح مطابقت رکي ٿو، جيتوڻيڪ اسين سمجهون ٿا ته اهو يقيناً ”تذڪري“ جي ليکڪ جي ذهن جي ايجاد آهي. بادشاهه پنهنجي عظيم سامونڊي بندر ديبل جي عظمت کي گهٽائي، ان کي واپارين ۽ هنر مندن جو شهر سڏي، چوي ٿو ته ان جي فتح هن (محمد بن قاسم) کي ڪو خاص شان وشوڪت عطا نه ٿي ڪري، انهيءَ ڪري هن لاءِ بهتر ائين ئي ٿيندو ته هو انهيءَ ڳالهه تي پوريءَ طرح سوچ ويچار ڪري ته جيڪڏهن هو، يعني ڏاهر، انهي موقعي تي به پنهنجي مشهور پٽ جئسيه کي سندس مقابلي لاءِ  موڪلڻ ۾مصلحت سمجهي ها، ته جنگ جو نتيجو ڪهڙو نه مختلف نڪري ها! اهڙيءَ طرح جي ڊاڙ ۽ لٻاڙ جو انهيءَ ڌمڪيءَ سان اختتام ٿئي ٿو ته جيڪڏهن عرب جنرل اڳتي وڌي ايندو، ته هن جو انجام به بذيل جهڙوئي ٿيندو. پر سنڌ جي بادشاهه سنڌوءَ جي اولهه وارن قلعن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو- لشڪر کي گهربل انداز ۽ قوائد سان ميدان ۾ بيهارڻ جي ڳالهه ته هن کي ياد به ڪانه هئي!

هنن حالتن ۾ اسين سيوستان جي عقلمند ۽ نيڪ خصلت ٻوڌين کي قلعي جي گورنر، ڏاهر جي سؤٽ بڇيرا، کي بنان لڙائي جي پيش پوڻ جي صلاح ڏيڻ لاءِ مشڪل سان ڪو ڏوهه ڏيئي سگهون ٿا، هنن پهريائين ته پنهنجي  حاڪم کي پنهنجي مذهب جي انهيءَ عقيدي جو واسطو ڏنو، جنهن موجب رتو ڇاڻ ڪرڻ چڱو ڪم ڪونه هو؛ پر جڏهن انهن هن کي ضد ڪندي ڏٺو، تڏهن کيس صاف لفظن ۾ چتاءُ ڏنائون ته هو پاڻ سڌيءَ طرح مسلمانن سان عهدنامو ڪندا، جيڪي ”پنهنجي وعدي کي پاڙڻ جي شهرت رکندڙ آهن“، ۽ انهيءَ طرح سندن جانيون ۽ مال ملڪيت نقصان کان بچي سگهندا. معلوم ٿئي ٿو ته شهر ۾ انهن جي ئي اڪثريت هئي، ۽ جيئن ئي گهيرو شروع ٿيو، تيئن ئي انهن حمله آور فوج ڏانهن پيغام موڪلي ڏنو ته بڇيرا وٽ مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. اها حالت ڏسي، قلعي جو حاڪم فرار ٿي ويو، ۽ ٻوڌي شهرين سان اهائي روش اختيار ڪئي ويئي، جنهن جي انهن توقع رکي، عهدنامو ڪيو هو.

مغربي سنڌ جي جنگجو چنا قبيلي جي ڦري وڃڻ جو سبب اهو معلوم ٿي رهيو آهي، جو انهن جي ڪنهن به قيادت ڪانه ڪئي. ”تحفته الڪرام“ مطابق، هن مسلم ڇانوڻيءَ ڏانهن پنهنجو جاسوس جائزي وٺڻ لاءِ موڪليو، ۽ چيو وڃي ٿو ته هن واپس اچي جڏهن کين مسلمانن جي نماز ۾ ڏنل اتحاد ۽ نظم و ضبط جو بيان ٻڌايو ، تڏهن اهي ايتريقدر ته متاثر ٿيا، جو هنن پنهنجي قسمت مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو (14).

ڪاڪا ڪوتڪ، ٻڌيه جو حاڪم، جنهن لاءِ اسين اڳيئي چئي آيا  آهيون ته هن جڏهن حالات مان ستارن جي پيشنگوئيءَ کي سچو ثابت ٿيندي ڏٺو، تڏهن هو پيش پيو، تنهن کي محمد بن قاسم پنهنجي قرب ۾ ايترو ته ٻڌي ڇڏيو، جو هو مسلمانن جي حق ۾ هڪ نهايت ئي جاندار ڪارڪن ثابت ٿيو ۽ هن سنڌ جي ٻين ڪيترن عاملن ۽ حاڪمن کي آڻ مڃڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ عربن کان انهن کي سلامتيءَ جي ضمانت وٺي ڏنائين، ۽ جيڪي مقابلي ڪرڻ تي آماده ٿيا ٿي، تن جي خلاف هو پاڻ عرب فوج جي رهنمائي ڪندو رهيو.

اهڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا ته سنڌ جي سڄي الهندي علائقي ۾ ڏاهر جي رعايا جو هر طبقو هن کي ڇڏيندو ويو؛ جيڪڏهن بادشاهه فقط همت ڪري عربن جي پيشقدميءَ کي روڪڻ ۽ سندن مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪو لشڪر اوڏانهن موڪلي ها، ته شايد گهڻائي حاڪم ۽ سردار هن سان پوريءَ طرح وفادار رهن ها. نيرون جي ”ساماني“ حاڪم کي، هڪ اهڙي وقت تي دشمن سان معاهدي ڪرڻ لاءِ جڏهن ڏاهر، هڪ بادشاهه جي شان مطابق، دشمن کي ديس مان ڌڪي ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پٽ کي روانو ڪري رهيو هو، واقعي غدار قرار ڏيئي سگهجي ٿو؛ باقي ٻيا سردار ۽ حڪم پنهنجي بچاءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ دليل پيش ڪرڻ جهڙا هئا ته انهن سان سندن بادشاهه پهرين بيوفائي ڪئي ۽ هنن کي بيواهو ڇڏي ڏنائين. انهن جي روش کي قابل معافي سمجهڻ لاءِ سندن حق ۾ هن ڳالهه تي به ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي سڄي الهندي علائقي جون سرحدون انهيءَ ملڪ سان لڳي رهيون هيون. جنهن تي مسلمانن جي بالادستيءَ قائم ٿي چڪي هئي.

بهر حال، سنڌ جي اولاهين حصي تي مسلمانن طرفان ڪيل قبضي ڇڏائڻ جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهوءَ ڪوشش ضرور ڪئي. چندا رام هالو، جنهن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته هو سيوستان جو سابق گورنر ٿي رهيو هو، تنهن ”انهيءَ علائقي جي ڪجهه ٺاڪرن ۽ مقامي عملدارن کي انهيءَ بغاوت ۾ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو، جيڪا قلعي جي قبضي حاصل ڪرڻ ۽ ضلعي ۾ مقيم عرب فوج کي هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، پر هن کي محمد بن قاسم طرفان موڪليل هڪ فوج طرفان شڪست ڏني ويئي، ۽ ائين پيو ڀانئجي ته هو انهيءَ معرڪي ۾ مارجي ويو. شهر جا رهاڪو هن سان ڪنهن به تعلق هئڻ جي دعويٰ کان انڪاري ٿيا، ۽ چيائون ته هو ڌاڙيلن جو هڪ سرغنو هو، جنهن اچانڪ انهيءَ جاءِ تي قبضو ڪيو هو، ۽ ان ڳالهه تي سپه سالار جي ماتحت سردار، محمد مصعب، هنن کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ رحمدليءَ ماڻهن جي راءِ کي عربن جي حق ۾ موڙي ڇڏيو. ۽ پوءِ شهر جي سلامتي ۽ بچاءُ لاءِ نون انتظامن ڪرڻ کان پوءِ محمد بن مصعب آسپاس جي علائقن مان عربن جي مکيه لشڪر ۾ امدادي دستي طور چئن هزار جنگجو ۽ ويڙهو ماڻهن جو هڪ وڏو لشڪر سندن جهنڊي هيٺ خدمت ڪرڻ لاءِ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

انهيءَ واقعي کان اڳ ديبل کان آيل ماڻهن جي هڪ جماعت طرفان، جيڪا هاڻي مسلمانن جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهي هئي، محمد بن قاسم کي چيو ويو هو ته مهراڻ جي اڀرندي طرف واقع ”ٻيٽ“ ضلعي جو هڪ بااثر سردار، راسيل ولد بسايو، سندن تقليد ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ جو مشورو ڏيئي رهيو هو. جلدئي پوءِ راسيل پاڻ مسلمانن جي سالار اعليٰ کي پيغام موڪليا، جن ۾ هن پنهنجي وفاداريءَ جو اظهار ڪيو، پر ان کان پوءِ جيڪي ڳالهيون رونما ٿيون، تن مان ائين پيو ڀانئجي ته هو پنهنجي طرفان عربن کي وفاداريءَ جو قطعي وعدي ڏيڻ جي معاملي کي انهيءَ وقت تائين ملتوي ڪندو رهيو، جيسين کيس اسلام جي فتحمند ٿيڻ جي خاطري نه ٿئي. هن جي ڀاءُ، موڪاه بسايي پڻ، جنهن جا هن سان تعلقات خوشگوار نه هئا، محمد بن قاسم کي پنهنجي طرف متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جيئن ته سندس انهيءَ ڪوشش کي چڱيءَ نظر سان ڏٺو ويو، انڪري هن پنهنجي ڀاءُ راسيل کان گوءِ کٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ جيئن ئي کيس سپه سالار طرفان اهو پڪو وعدو مليو ته جيڪڏهن هو مسلمانن جي طرفدار هئڻ جو کليو اعلان ڪندو ته کيس انهيءَ علائقي جي حڪمران جي حيثيت ۾ مستقل طور مقرر ڪيو ويندو، تڏهن هن هڪ اهڙو منصوبو گهڙيو، جنهن لاءِ هن سمجهيو ته اهو هن کي سندس قوم جي ماڻهن ۾ بدنام ٿيڻ کان بچائيندو. اهو منصوبو هيءُ هو ته هو عربن جو اوچتو ۽ اتفاقي طور قيدي بڻجي ويندو. انهيءَ منصوبي جي متعلق هن جو خط، بظاهر حادثاتي طور عربن جي ور چڙهڻو هو. چچنامي مطابق، هن محمد بن قاسم کي پنهنجي انهيءَ منصوبي جو اطلاع جنهن خط ۾ پهچايو، تنهن ۾ هن پنهنجي حقير ۽ نفرت جوڳن مقصدن کي صاف صاف بيان ڪيو. سپه سالار، يقيناً هن لاءِ پنهنجي دل ۾ نفرت محسوس ڪئي هوندي، پر موڪاه جنهن انتظام ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، سو هن عملي صورت ۾ ڪرڻ منظور ڪيو. ڏاهر کي درحقيقت انهيءَ باري ۾ خبردار ڪيو ويو هو ته موڪاه هن سان غداري ڪرڻ وارو آهي، پر وقت نڪري چڪو هو ۽ هو سندس خلاف قدم کڻي نه سگهيو. موڪاه کي، منصوبي مطابق، پڪڙيو ويو ۽ محمد بن قاسم طرفان هن کي ”ٻيٽ“ ضلعي جو موروثي راڻو تسليم ڪيو ويو، ۽ ساڻس نهايت امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. واقعن جي تحريري بيان مطابق، اهو پهريون مثال هو، جنهن عربن طرفان ڪنهن کي اهڙو اعليٰ اعزاز عطا ڪيو ويو هو. پر هن کي جيڪو علائقو اهڙيءَ طرح قبضي ۾ ڏنو ويو، سو مهراڻ جي اڀرندي ڪناري تي واقع هو ۽ مسلمان فاتحن جي زيردست هئڻ جي حيثيت ۾ موڪاه جو پهريون فرض، انهن کي درياءَ پار ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ڪٺيون ڪري ڏيڻ هو.

محمد بن قاسم، انهيءَ وچ ۾ ڏاهر ڏانهن پنهنجو ايلچي موڪلي ڏنو هو، جنهن سان گڏ هن راجا جي سابق رعايا مان هڪ اهڙو ماڻهو پڻ مترجم طور موڪليو، جيڪو ديبل جو رهاڪوهو، ۽ انهيءَ وقت مذهب بدلائي مسلمان ٿي چڪو هو.راجا کي هن ٻن ڳالهين مان هڪ تجويز تي عمل ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي ته يا ته هو پاڻ لشڪر سميت درياءُ پار ڪري، الهندي ڪناري تي اچي، ساڻن لڙائي ڪري، يا ته هو عرب فوج کي ساڳيءَ طرح، بنان ڪنهن مقابلي جي، درياءُ پار ڪرڻ ۽ سندن مرضيءَ مطابق منتخب ڪيل لڙائيءَ جي ميدان تائين اچڻ جي اجازت ڏئي.

ڏاهر پنهنجي وزير، ٻڌيمان، جي جانشين سان صلاح ڪئي، جنهن جو نالو سياڪر هو. هن کيس ياد ڏياريو ته هن انهيءَ موقعي کان اڳ سندس انهيءَ صلاح کي نظر انداز ڪيو هو، جنهن ۾ کيس چيو ويو هو ته هو درياءَ جي الهندي ڪناري تي عربن جي قبضي ڪرڻ کان اڳ پنهنجي لشڪر کي اتي پهچائي،  پر هاڻي موزون رستو اهو ئي هو ته هنن کي درياءَ پار ڪرڻ ڏنو وڃي، ملڪي ماڻهن  ۽ مالي وسيلن تي مشتمل ملڪ جي مکيه طاقت سنڌ جي اڀرندي حصي ۾ هئي، ۽ ان کي عربن جي خلاف چڱيءَ طرح استعمال ڪري سگهبو، جڏهن ته مهراڻ انهن جي پٺ ۾ هوندو، جيڪو انهن جي نئين ۽ تازي فوجي مدد ۽ رسد جي سامان پهچڻ جي رستي ۾ موثر رڪاوٽ ثابت ٿي پئي سگهي. محمد علافيءَ، جنهن سان ڏاهر ان کان پوءِ مشورو ڪيو، هن کي انهيءَ رستي اختيار ڪرڻ خلاف صلاح ڏني. اسلامي لشڪر هڪ دفعو سنڌ جي اڀرندي علائقي ۾ پنهنجا پير ڄمائيندو ته پوءِ اهي انهيءَ علائقي تي قبضو قائم رکندا ۽ بادشاهه جا گهڻا ماڻهو انهن جي پيش پوندا. مهراڻ کي دفاعي لائين طور قبضي ۾ رکيو وڃي ۽ ان تي ٻيڙين رستي پهرو لڳايو وڃي، ۽ الهندي طرف وارين قومن ۽ قبيلن کي حڪم ڏنو وڃي ته اهي عربن جي پٺيان ڇاپه مار جنگ جاري رکن ۽ انهن جي رسد ۽ فوج جي پٺيان رهجي ويل انهن جي ماڻهن کي مکيه لشڪر سان ملڻ کان روڪيو وڃي.

ڏاهر اهو فيصلو ڪيو ته هن معاملي ۾ سندس وقار لاءِ بهترين رستو اهو ٿيندو ته هو پاڻ کي بي پرواهه، ظاهر ڪري، ۽ انڪري هن عرب سپهه سالار کي اطلاع ڪيو ته درياءَ پار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي انتخاب جو معاملو هو خود سندس مرضيءَ تي ڇڏي ٿو. هاڻي هن کي موڪاه بسايي جي دغابازيءَ جي خبر به پيئي. جنهن تي هن پنهنجي پٽ، جئه سيهه کي هڪ طاقتور لشڪر سان مسلمانن جي آڏو محاذ قائم ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو. انهيءَ وقت عربن کي رسد جي سامان جي ڪمي محسوس ٿي رهي هئي، ۽ هنن جا گهڻائي گهوڙا بيماريءَ وگهي مري چڪا هئا، جنهن صورتحال ڏاهر کي اها همت ڏياري، جو هن مسلمان سپهه سالار کي سندس مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ جو طعنو ڏياري موڪليو. ائين پيو ڏسجي ته هن هڪ ڀيرو وري سڀني احتياطن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي زبردست طاقت ۾ مڪمل اعتماد جي مظاهري ڪرڻ لاءِ سڄو پنهنجو وقت شيل شڪار ۽ عام تفريحن ۽ وندر ۾ وڃائي ڇڏيو. پر ان جو نتيجو اهڙو نڪتو، جو هن جي اهڙيءَ هلت سندس ئي ماڻهن جي اعتماد ۾ رخنو وڌو، انهيءَ صورتحال کي ڏسي، ڀندوبر ساماني، جيڪو هن جي وزيرن مان هڪ نظر اچي ٿو، هن جي اڳيان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ڏاهر پنهنجي دستور مطابق، سامانيءَ کان صلاح گهري، جنهن هن کي چيو ته هاڻي هن لاءِ ٽي رستا کليل هئا: هڪ ته هو پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين ۽ ٻارن ٻچن کي ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڏئي، ۽ پوءِ دشمن سان پوريءَ طاقت سان جنگ جوٽي، يا هو پنهنجي لشڪر کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصي کي عربن جي پيشقدميءَ کي روڪڻ تي مجبور ڪري، باقي ٻيو حصو ساڻ وٺي، پنهنجي بادشاهيءَ جي انتهائي دشوار گذار علائقي ڏانهن هليو وڃي، يا وري هو جاسم جي شهزادي جي علائقن ڏانهن هليو وڃي، جيڪو کيس مدد ڪندو.

ڏاهر اعلان ڪيو ته هو اهڙي موقعي تي پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ ۽ ساڻن بيوفائي ڪرڻ جهڙو شرمساريءَ جو ڪم نه ڪري سگهندو، ۽ نه وري هو ڪنهن ٻئي راجا وٽ وڃي کانئس پناهه ۽ امداد وٺڻ جهڙي بي غيرتي برداشت ڪري سگهندو؛ پر هو سامهون ٿي وڙهندو ۽ عزت سان فتح حاصل ڪندو يا جنگ جي ميدان ۾ دشمن جو مقابلو ڪندي عزت ڀريو موت قبول ڪندو.

ان جي باوجود، هنن پاڻ کي اهڙي موقعي تي به عقلمنديءَ ۽ حڪمت عملي سان قدم کڻڻ جو نااهل ثابت ڪيو. هن هيءَ ڳالهه ٻڌي ته موڪاه بسايو عرب لشڪر جي درياه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي پٽ جئه سيهه کي بيت جي قلعي جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو، ۽ کيس اها هدايت ڪئي ته هو موڪاه جي پيءُ بسائي، يا انهي خاندان جي ڪنهن ٻئي ڀاتيءَ جي ڳالهه ۾ اعتماد نه رکي. پر راسيل، جنهن جا پنهنجي ڀاءُ موڪاه سان تعلقات ڪشيده هئا، ۽ جنهن کي سندس ثابت ٿيل وفاداريءَ جي آڌار تي آزاديءَ سان ڏاهر وٽ اچڻ وڃڻ جي اجازت هئي، تڙتڪڙ ۾ اچي هنن وٽ حاضر ٿيو ۽ کيس استدعا ڪيائين ته بيت واري قلعي جي لشڪر جي اڳواڻي هن کي ڏني وڃي. اها اڄ ڪيتري قدر به اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙي ڳالهه معلوم ٿئي،پر ڏاهر واقعي راسيل کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي اتان واپس گهرائي ورتو. راسيل محمد بن قاسم کي ٻيڙين جي پل ٺاهڻ ۽ فوج سميت درياه پار ڪري اچڻ کان روڪي نه سگهيو، جنهن تي ڏاهر وري پنهنجي پٽ جئه سيهه کي عربن جي مقابلي ڪرڻ ۽ کين روڪڻ لاءِ موڪليو، جڏهن انهن جا پير درياه جي اڀرندي ڪپ تي مضبوطيءَ سان ڄمي چڪا هئا. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌين کي ڪافي دشوار حالات ۾ وڙهڻو پيو، سندن سڄو لشڪر مارجي ويو ۽ خود جئه سيهه اتفاق سان جان بچائي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

راسيل هاڻي محمد بن قاسم اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري پيش پوڻ ۽ آڻ مڃڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ جيڪڏهن اسين ”چچ نامه“ تي يقين ڪريون، ته هن عرب سردار کي هن ڳالهه لاءِ آماده ڪيو ته هو سندس حالت ۾ به اهو ساڳيوئي انتظام ڪري، جهڙو هن سندس ڀاءُ موڪاه جي پت رکڻ لاءِ ڪيو هو. چنانچه، رٿيل تجويز مطابق، گرفتار ٿي، راسيل جڏهن عرب سپه سالار وٽ آيو ته کيس به هن جو قرب حاصل ٿي ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ سان تعاون ڪري، پنهنجي مقامي ڄاڻ ۽ معلومات جو فائدو عربن کي ڏنو، پر هن پنهنجي انهيءَ غداريءَ ۽ دغابازيءَ جي جنهن انعام حاصل ڪرڻ جي توقع رکي هئي، تنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هو زنده رهي نه سگهيو.

ڏاهر لاءِ هاڻي پنهنجي انهيءَ قول کي پاڻي ڏيڻ جو وقت پهتو هو ته هو پنهنجي تاج کي بچائڻ لاءِ مردانه وار ميدان ۾ اچي، پنهنجي جان جي بازي لڳائيندو. پر اهڙيءَ بحراني ڪيفيت ۾ به، هن کي اهو عام فهم ڪونه هو ته هو وٽس باقي بچيل فوجن کي گڏ ڪري، پوريءَ قوت سان حملي ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري پر هن هڪئي پٺيان نسبتاً ننڍيون  ننڍيون فوجون حملي لاءِ موڪليون، جيڪي يقيني موت جي منهن ۾ هليون ويون. هن جو وزير سياڪر لاچار راجا کي اهڙي اشاري ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو ته هو جنگ جي بلڪل ابتدائي اصولن جي ابتڙ عمل ڪري رهيو هو، جنهن تي نيٺ راجا پنهنجي سڄي لشڪر جي مهنداري ڪندي جنگ جي ميدان ۾ نڪري آيو.

”چچ نامي“ ۾ انهيءَ جنگ جو وڏي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌ جي قسمت جو فيصلو ڪيو. معلوم ٿئي ٿو ته ڏاهر جو لشڪر پوريءَ طرح هٿياربند هو ۽ ان جوتعداد به عربن جي فوج کان وڌيڪ هو. جن ٺڪرن وٽ فوج جي وڏن دستن جي قيادت هئي، سا بنان ڪنهن شڪ شبهي جي، راجپوت امير هئا، پر عام سپاهين جي متعلق اسان کي فقط اهو ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي اڀرندي ڪپ وارن جتن جو اتنهائي طاقتور لشڪر ميدان ۾ موجود هو. شايد گهوڙيسوار جيڪي ”سڀ لوهه ۾ ويڙهيل هئا.“ ۽  جن مان ڪن پنهنجا وار کولي ڇڏيا هئا، ۽ ڪن ٻين انهن کي ويڙهي، ٻڌي ڇڏيو هو،سي پڪ ئي پڪ راجپوت هئا.

هاڻي، سنڌ جي جنگي جوڌن، جڏهن نيٺ پنهنجي راجا کي سندن قيادت پاڻ ڪندي ڏٺو. تڏهن سندن همتون ايتر يقدر ته وڌي ويون جنهن جي اميد رکڻ جو سندن راجا کي هن جي پنهنجي سابق غفلت ۽ بي دليءَ جي ڪري ڪو حق ئي ڪونه هو. پهرئين ڏينهن جي ويڙهه مجموعي طور عربن جي ئي فائدي ۾ ويئي، پر اها فقط ننڍن ننڍن فوجي دستن جي لڙائي هئي. ۽ اها ڪنهن به طرح سان فيصله ڪن ڪانه هئي. ٻئي ڏينهن تي، ڪي مٺ ڀر سنڌي واقعي پنهنجي بادشاهه جو طرف ڇڏي، وڃي عربن سان مليا، ۽ اعلان ڪيائون ته اسين اسلام قبول ڪريون ٿا، جنهن جي ڪري هنن کي ڏاهري فوج تي پٺ کان حملي جي رهنمائي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي، ان جي نتيجي ۾ ڪجهه گڙٻڙ پيدا ٿي، پر انهيءَ ڪري عام  سطح تي سنڌي فوج جي ڪا هار ڪانه ٿي، ۽ نه ئي ڪي ٻيا ماڻهو پنهنجون قطارون ڇڏي، دشمن سان ئي وڃي مليا. ڏاهر بذات خود جنگ جي صورتحال کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو، ان موقعي تي هن جنهن جرئت ۽ قيادت جي خوبين جو مظاهرو ڪيو، سي جيڪڏهن واقعي انهيءَ آخري گهڙيءَ کان اڳ ۾ نمايان ٿين ها، ته هوند سنڌ بچي وڃي ها. جنگ هلندي، هڪ موقعو اهڙو به آيو، جڏهن سنڌي لشڪر پنهنجي بادشاهه جي مثال جي تقليد ڪندي، جنهن ۾ هن هڪ اهڙي عرب بهادر کي قتل ڪري وڌو، جيڪو هن جي مقابلي ۾ وڌي ميدان ۾آيو هو، اسلامي لشڪر جون صفون ذري گهٽ ٽوڙي وڌيون هيون، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ فقط محمد بن قاسم جون شخصي ڪوششون ئي عرب سپاهين جي قطارن ۾ نظم و ضبط بحال رکي سگهيون. اهو ڄو ڏينهن سنڌي زبردست نقصان برداشت ڪندا، مضبوط ارادي ۽ پختي عزم ۽ جرئت سان وڙهندا ئي رهيا، تان جو شام ڌاري شاهي گهراڻي جي گهوڙيسوارن کان علاوه باقي ڪي ٿورا ئي وڃي بچيا. ڏاهر انهيءَ مهل سپاهين جي هڪ دستي جي حملي جي رهنمائي ڪري رهيو هو، جڏهن سندس هاٿيءَ جي هوديءَ کي هڪ آتشين تير لڳڻ ڪري باهه وٺي ويئي، هن جو هاٿي ضابطي کان نڪري ويو، ۽ باهه جي تيزي کان بچڻ لاءِ پاسي واري پاڻيءَ ۾ ڌوڪي پيو، ۽ ائين ڪندي پنهنجن سوارن کي اونڌو ڪري ڪيترائي ڇڏيائين، هن صورتحال جو مقابلو ڪندي، سنڌ جو بادشاهه مارجي ويو، ۽ سندس باقي بچيل لشڪر جلدئي ٽڙي پکڙي ويو.

سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو راءِ ڏاهر جي شڪست ۽ موت سان خاتمو اچي ويو، جيتوڻيڪ سندس پٽ جئه سيهه پوءِ به جدوجهد قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ حمله آورن طرفان سڄيءَ بادشاهيءَ تي قبضي ڪرڻ تائين پوريءَ همت ۽ استقلال سان ويڙهه هلندي رهي. ظاهر آهي ته سنڌ جي اڀرندي ڪناري وارن ماڻهن کي عام طور پنهنجن برهمڻ راجائن سان لڳاءُ هو، انهيءَ ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهن جي حڪومت بي قياس ۽ ظالم  نه هئي. چچ بادشاهه بڻجڻ کان اڳ ۾ هڪ ڪامياب منتظم هو، ۽ هن جي تخت جي استحڪام جو وڏو سبب اهي اقدامات ئي هوندا، جيڪي پوءِ هن پنهنجي رعايا جي حفاظت ۽ ڀلائيءَ خاطر کنيا. ڏاهر کي سندس پيءُ جي عقلمند وزير جي مهنداريءَ ۾ حڪومت جو هڪ مضبوط ۽ ڀروسي جوڳو نظام ورثي ۾ مليو هو ۽ اسين سمجهون ٿا ته ان جا ڪي ايترا رقيب ۽ دشمن به باقي ڪونه هئا. اسان کي تاريخ مان سنڌ جي ڪن اهڙن ناراض ٿيل اميرن جي ڪا خبر ڪانه ٿي ملي، جيڪي اتر اوڀر جي پاسي کان، چندر ۽ ڏاهر جي بادشاهين ۾ سنڌ تي ڪاهي ايندڙ ڪن بادشاهن سان وڃي مليا هجن. اهو سچ آهي ته ڏاهر جو نالو حماقت جو هم معنيٰ لفظ بڻجي ويو آهي، ۽ هو سندس سياسي معامله بازيءَ ۾ ظاهر ڪيل پنهنجي عدم مهارت جي ڪري انهيءَ جي لائق به آهي؛ پر ان جي باوجود هن احساس کي لڪائڻ مشڪل آهي ته هن ۾ هڪ بادشاهه جي حيثيت ۾ضرور ڪي خوبيون به هونديون، جن جو قديم وقائع نگارن ڪو ذڪر نه ڪيو آهي. اسان کي هن ۾ فقط هڪ ئي جيڪا خوبي نظر اچي ٿي، سا طبعي خطري جي منهن ۾ هن جي طرفان ظاهر ڪيل پنهنجي جسماني جرئت ۽ همت جي آهي. سنڌ جي برهمڻن کي هڪ واقعو ياد هو ته هن ڪيئن نه پنهنجي نوجوانيءَ جي زماني ۾ پيرين پنڌ ۽ اڪيلو هڪ شينهن کي ماريو هو، جڏهن هن جا سڀ پوئلڳ  ڀڄي ويا هئا. ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ٽيهن سالن جي گذرڻ سان به هن جي جوانمرديءَ ۽ همت ۾ ڪا ڪمي آيل ڪانه هئي. جيڪڏهن هو انهيءَ جي اڌ جيتري به اخلاقي جرئت ۽ همت جو مالڪ هجي ها، ته هن جي گهراڻي ۽ ملڪ جو زوال بخوبي ٽري سگهي ها.

 

نوٽ

(1) هن باب جو بنياد به، گذريل باب وانگر، سڄو سارو ”چچ نامي“ تي رکيل آهي. ترجمو قليچ بيگ.

(2)  ٻائي ڏاهر ۽ ڏهر سيهه جي سڳي ڀيڻ نه هئي، سا ڳالهه ڏاهر جي طرفان  بعد ۾ چيل هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن ان کي ”جاٽن جي ڌي“ جي بري لقب سان ياد ڪيو هو- قليچ بيگ ص 48.

(3) قليچ بيگ- ص 40 اسان کي قديم لکت ۾ هڪ اڳئين موقعي تي ٻڌايو ويو هو ته آگهم لوهاڻي تي جڏهن چچ حملو ڪيو هو، تڏهن هن انهيءَ نالي واري بادشاهه کي مدد لاءِ پڪاريو هو؛ پر بظاهر ان جو ڪو نتيجو ڪونه نڪتو هو (قليچ بيگ، ص 23). پڻ ڏسو ايليٽ، ج -1، ص 153. نوٽ.

(4) پر هيٺ ڏسو حقيقت هيءَ آهي ته ڏهر سيهه کي، جيڪو چچ جو وڏو شهزادو هو، رهائش لاءِ برهمڻ آباد شهر وڌيڪ پسند هو ۽ هن ڏاهر کي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي ته هو سندس پاران الور تي قابض رهي.

(5) قليچ بيگ ۾حوالو ڏنل، ص 54.

(6) قليچ بيگ ص 50. اها جاءِ ڪٿي هئي، سا ڳالهه غير يقيني آهي.

(7) قليچ بيگ ص 156.

(8) قليچ بيگ ص 43.

(9) ”ارڙهن“ وڌيڪ امڪاني معلوم ٿئي ٿو، جيئن هن کان پوءِ نظر ايندو.

(10) بعد ۾ ڏاهر هن کي ”مائٽ“ سڏي ٿو. ”چچ نامي“ اسان کي ٻڌايو آهي ته ”ڪشمير ۽ رامل جو بادشاهه“، جنهن چندر جي بادشاهيءَ ۾ سنڌ تي ڪيل ڪاهه ۾ حصو ورتو هو، سو چچ اعظم جو سندس ڌيءَ جي رشتي سان ڏوهٽو هو-حالانڪ اها ڳالهه، جيئن هن کان اڳ ۾ ئي چيو ويو آهي، ناقابل يقين آهي. قليچ بيگ صفحا 40. 55. مخدوم امير احمد ص 94.

(11) قليچ بيگ 69.

(12) قليچ بيگ ص 70 (فوٽ نوٽ).

(13) هڪ ٻيءَ روايت مطابق، ڏاهر جو پٽ جئه سيهه ان وقت نيرون ۾ هو، جڏهن ديبل جي فتح جي خبر بادشاهه کي پهتي، جنهن کيس درياهه کي پار ڪري برهمڻ آباد ڏانهن وڃڻ ۽ نيرون جي ٻوڌ گورنر، سامانيءَ کي، انهيءَ قلعي جي چارج ۾ ڇڏي، کيس ان جي بچاءَ ڪرڻ جي هدايت ڏيئي وڃڻ جو حڪم ڏنو. قليچ بيگ ص 86.

(14) ”چچ نامي“ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته چنا قوم وارن اشڀا نالي هڪ قلع بند شهر جي شڪست کان پوءِ، جنهن جي بيهڪ واري هنڌ جو ڪو يقين ڪونهي. آڻ مڃي. محمد بن قاسم هنن کي عام معافي ڏني.

(15) چيو وڃي ٿو ته بادشاهه ڏاڍي ٺاٺ سان هڪ جنگي هاٿيءَ تي سوار هو، ۽ هن جي پٺيان سندس هودي ۾ ٻه ڪنواريون ٻانهيون خدمت لاءِ موجود هيون، انهن ٻنهي مان هر هڪ جو فرض راجا کي سندس ڪمان لاءِ تير ڏيڻ ۽ کيس تازي تواني ڪرڻ لاءِ پاڻ پهچائڻ هو، جيڪڏهن اها ڳالهه عرب وقائع نگار طرفان داستان کي رنگين بنائڻ لاءِ سندس دماغي اختراع ناهي. ته پوءِ اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي بادشاهه لاءِ عام حالتن ۾، اهڙي ڏيک ويک سان جنگ جي ميدان ۾ اچڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org