سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو)

باب؛ 2

صفحو :3

 

(باب 1 ۽ 2 ضميمو)

موهن جي دڙي ۾ ٻوڏون

ٻوڏن ۽ سنڌو لوڪن جي شهر موهن جي دڙي تي انهن جي اثرن بابت ثابتين ۽ شهادتن، جيئن اهي کوٽائي ڪندڙ پهرين ماهرن کي نظر آيون هيون، ۽ جهڙيءَ طرح انهن شهادتن جي تشريح انهن ماهرن طرفان ڪئي ويئي هئي، تن جو هن ڪتاب جي ٻئي باب ۾ جائزو  ورتو ويو آهي. انهن کان سواءِ ٻين سمجهاڻين ۽ تشريحن، ۽ ٻين اهڙن تفصيلن جي موجودگيءَ جا پڻ، جن بابت رايا موجود آهن، مختصر طور حوالا ڏنا ويا آهن. جيئن ته انهيءَ موضوع جي تشريح ۽ تفصيل متعلق راءِ جو اختلاف پيدا ٿي پيو آهي، ان ڪري آءٌ انهن پوئين تفصيلن ۽ ثابتين جو، جن جي آڌار تي اهي تشريحون ڪيون ويئون آهن، مختصر طور جائزو وٺڻ مناسب سمجهان ٿو، ته جيئن اهو ڏيکاري سگهجي ته غلطي ٿيڻ جو ڪيئن ۽ ڇو امڪان پيدا ٿيو آهي.

سرجان مارشل ۽ ڊاڪٽر مئڪي جو تعلق آثار قديمه جي ماهرن جي ”فلنڊرس پيٽري“ اسڪول سان سمجهڻ گهرجي، جيڪو مصر ۾ تشڪيل ڏنو ويو هو، ۽ جيڪو گهڻو ڪري انهيءَ ملڪ فلسطين، ميسوپوٽيميا ۽ هندستان جي برصغير ۾ ڪم ڪندو رهيو. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي پوئين حصي جي دوران ۽ ان کان پوءِ ”پِٽ رِوَرس“ اسڪول ۾ سکيا ورتل آثار قديمه جا ماهر، جن کي برطانيه ۽ الهندي يورپ ۾ تحقيق جو تجربو حاصل ٿيو، اهي ”سنڌو تهذيب“ جي مرڪزن جي نئين سر تفتيش ڪري ۽ انهيءَ ميدان ۾ سندن پيشرو ماهرن طرفان ڪيل ڪم جو جائزو وٺي سگهيا. انهن ماهرن جي اڳواڻن کي مارشل ۽ مئڪي جي طرفان اختيار ڪيل کوٽائيءَ واري طريقي ۽ دڙي جي ارضي طبقات واريءَ تقسيم کي تقربياً رد ڪرڻو پيو، ۽ انهن جي نڪته چينيءَ جو گهڻو حصو، بيشڪ، حق بجانب ۽ مفيد هو. پرڪن حالتن ۾ اهي حد کان گهڻو ٻاهر ٽپي ويا، ۽ اهو ثابت ڪيائون ته نڪته چيني ڪندڙن پنهنجن پيشروئن جي مذمت ڪرڻ جي اٻهرائيءَ ۾ هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهيو ئي ڪونه ته انهيءَ ”ناقابل اعتبار“ طريقي کي، جنهن کي تقريباً رد ڪري رهيا هئا، عملي طور ڪيئن لاڳو ڪيو ويو هو (1).

سن 1948ع ۾، پروفيسر اسٽوئرٽ پگٽ پنهنجي هڪ مضمون ۾، جنهن جو بنيادي واسطو موهن جي دڙي مان اڳي لڌل ڪن مخصوص قديم شين جي اهميت ۽ تشريح سان هو، مئڪي جي طرفان متعلقه ايراضيءَ- ڊي ڪي دڙي ۾- ڪيل کوٽائيءَ جي رڪارڊ بابت ٽي شڪايتون ڪيون:

1- هن دڙي جي انهيءَ حصي بابت ارضي طبقات جو خاڪو نه ڏنو هو.

2- هُن لڌل شين کي مٽيءَ يا ملبي جي انهيءَ قدرتي سطح سان منسوب ڪرڻ بدران، جنهن ۾ اهي مليون هيون، بنان ڪنهن دليل جي متعين ڪيل هڪ خيالي بنيادي سطح جي نسبت سان کوٽائيءَ جي تهن جا دؤر مقرر ڪيا ۽ انهن کي انهن متعلقه دؤرن سان وابسته ڪيو هو.

تعميراتي دؤرن لاءِ هن جي طرفان ڪم آندل صطلاح ”ڏاڍا منجهائيندڙ“ هئا، ۽ ارضي طبقات متعلق هن جو سڄو بيان ”پيچيده ۽ ڪن صورتن ۾ متضاد هو“ (2).

انهيءَ ڪري پگٽ پنهنجي طرفان ”ٻيهر تيار ڪيل“ هڪ نقشو پيش ڪيو، جيڪو حالانڪ بلڪل پنهنجي ذاتي اندازي طور هن تيار ڪيو هو، پر اهو، سندس دعويٰ موجب، ”کوٽائي ڪندڙ کي ڊي- ڪي دڙي جي مرڪزي حصي ۾ لڌل شين ۽ طبقن جي امڪاني مُدتي سلسلي جو آسان بصري صورت ۾ هڪ خاڪو پيش ڪري رهيو هو.“ چنانچه هو پنهنجي خاڪي ڏانهن هن طرح ڌيان ڇڪائي ٿو: ”انهيءَ سلسلي جو هڪ اهم پهلو ، مختلف سطحن تي دريائي ريٽ جي ٽن ٿلهن تهن جي موجودگي آهي..... ۽ انهن ٽنهي کي مئڪي طرفان ڏنل تفصيلن جي آڌار تي خاڪي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.“ هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته مئڪي کي ڊي- ڪي دڙي جي اونهي کوٽائيءَ ۾ دريائي ريٽ جو فقط هڪ تهه مليو هو؛ ريٽ جا ٻيا ٻه تهه، جن جو هن ذڪر ڪيو آهي، سچ پچ ته کيس شهر جي آباديءَ واري علائقي کان ٻاهر سيلابي ميدان ۾ کوٽيل کاهين ۾ نظر آيا هئا، جيتوڻيڪ هن انهن ٻن تهن کي – منهنجي راءِ موجب غلط طور- دڙي جي اندر مليل تعميراتي ملبي جي ٻن سطحن سان، جن کي هن سيلاب سبب پيدا ٿيل سيمي جو نتيجو سمجهيو هو، هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو (3). ان کان پوءِ پگٽ، مکيه تعميراتي دورن لاءِ مئڪي طرفان ڏنل اصطلاحن جو حوالو ڏيئي، چوي ٿو ته ”هن حقيقت کي مئڪي طرفان بظاهر اهم نه سمجهيو ويو هو ته ٻوڏين جو ريٽ هرحالت ۾ ترتيب وار انهن مکيه دورن جي نسبت سان موجود ناهي.“ پر درحقيقت ٻوڏ جي ريٽ ڊي- ڪي دڙي ۾ ڪيل اونهيءَ کوٽائيءَ ۾ مکيه دورن جي مٿان پيل مليو ئي نه هو، جيتوڻيڪ اهو مجموعي طور اوائلي دور ۾ موجود آهي، جيڪو کوٽائيءَ جي وڌيڪ هيٺانهين سطحن مان ظاهر ٿيو هو. باقي جيسين ناموافقت جو تعلق آهي، ان سلسلي ۾ ته مئڪي صاف لفظن ۾، نين شهادتن (ٻوڏين طرف منسوب ڪيل تعميراتي ملبي) جي روشنيءَ ۾، مارشل طرفان ارضي طبقات جي ڏنل خاڪي جي ترميم جو پاڻ خواهشمند آهي؛ چنانچه هن جو پنهنجو چوڻ آهي ته ”نام نهاد قريبي ٽئين دؤر کي درمياني دؤر جو انتهائي بالائي تهه سمجهڻ گهرجي..... جنهن جو خاتمو شهر کي ڪنهن وڏي سيلاب جي موقعي تي مڪمل طور خالي ڪرڻ ذريعي آيو...... اهو قريبي ٻيو دؤر ئي آهي، جيڪو آخري دؤر جي حقيقي آغاز جي نشاندهي ڪري ٿو.“ ساڳيءَ طرح، ”درمياني ٽئين دؤر کي حقيقي طرح اوائلي زماني جو آخري دؤر سمجهڻ گهرجي. انهيءَ دؤر جو انت اوائلي ٻن ٻوڏين مان، جن جو اسان وٽ ثبوت موجود آهي، وڌيڪ اوائلي زماني واريءَ ٻوڏ آندو.... (4)“ انهن هيٺانهين سطحن بابت پگٽ جي ”نئين سر ٺاهيل“ نقشي ۾ هيئن چيو ويو آهي؛ ”ڊي-ڪي واري ايراضيءَ جي کوٽاين ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجود مٿاڇري سبب ڌرتيءَ جو اهو هيٺانهون تهه کوٽجي نه سگهيو، جتي ابتدائي زماني ۾ شهر جا بنياد وڌا ويا هوندا، پر اتي دريائي ريٽ جو پٽو ڏٺو ويو آهي، جنهن جي مٿان پوريءَ طرح سان شناخت نه ٿي سگهندڙ سطحون مليون آهن، جيڪي خود ڪنهن اوائلي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان هيٺ ويٺل ريٽ سان ڍڪيل هيون. انهن جي مٿان اڃا به ٻه ٻيون تعميراتي سطحون موجود هيون، جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ريٽ جي ٻئي تهه جي مٿان پهرئين اوائلي ۽ درمياني ٽئين دورن جون هيون (5)“.

هتي پڻ، پگٽ جو ”نئين سر ٺاهيل“ نقشو مئڪي جي تحقيقات جي بلڪل غلط تشريح ڪري رهيو آهي؛ ۽ جيئن ته خود مئڪي جي پنهنجي تيار ڪيل ارضي طبقات جي خاڪي ۾ ڊي- ڪي دڙي ۾ ڪيل اونهين کوٽاين ۽ سيلابي ميدان ۾ کوٽيل کاهين ۾ کيس واقعي قليل شين ۽ اشارن کي پورين جاين تي رکي ڏيکارڻ ۽ انهن کاهين جي اندازاً صحيح جاءِ متعين ڪرڻ، ۽ هن جي طرفان اوائلي طبقي بابت ڏنل حوالن جي مطابق سڄي علائقي جي ارضي طبقات کي واضح ڪري ڏيکارڻ ۾ ڪا وڏي دشواري ڪانهي، ان ڪري مون اهي سڀ ڳالهيون هتي پنهنجي طرفان ترتيب ڏنل نئين ارضي خاڪي ۾ ڪڍيون آهن، ۽ ساڳئي وقت ان ۾ مون پروفيسر پگٽ جي ”ٻيهر ٺاهيل“ خاڪي کي به تقابلي ڀيٽ جي خيال کان شامل ڪيو آهي، ۽ ان باري ۾ وڌيڪ غلط فهمين کي روڪڻ لاءِ آءٌ  انهيءَ خاڪي سان هيءُ وضاحتي نوٽ پڻ شامل ڪري رهيو آهيان.

خاڪي جي ساڄي پاسي کان ڊي- ڪي دڙي جي هڪ حصي جو سيلابي ميدان جي جديد سطح کان مٿين خواهه هيٺين تهن جو نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ مئڪي طرفان ڊي- ڪي ايراضيءَ جي ”جي- سيڪشن“ مان، جتي هن پنهنجي اونهي کوٽائي ڪئي هئي، لڌل ڪن شين جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. سمنڊ جي مٿاڇري کان 178.8 فوٽ مٿي بنيادي سطح، جنهن کي هن هيٺ سڌائيءَ ۾ ڪيل کوٽاين  جي حوالن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو هو، خاڪي ۾ ساڄي طرف سڌيءَ ليڪ ذريعي ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا بنيادي سطح کان هيٺ ڪيل کوٽائين جي گهرائي فوٽن ۾ ڏيکاري ٿي. مئڪي پنهنجي سڄي مسودي ۾ ائين ڪيو آهي.

دڙي جي متعلق تيار ڪيل منهنجي خاڪي ۾دورن ۽ زمانن جي ذريعي ارضي طبقات جو تقرر بلڪل ائين ٿيل آهي، جيئن مئڪي جي ”انٽروڊڪشن ٽو فردر ايڪس ڪئويشن“ جي صفحن XIV کان XV تائين ڏنل آهي ۽ جنهن ۾ سندس رمارڪن جي نتيجي ۾ جيڪي ترميمون ٿيڻيون آهن، سي پڻ شامل ڪيل آهن، يعني نام نهاد قريبي ٽيون دؤر......... ”درمياني دؤر (درمياني پهرئين) واري انتهائي بالائي طبقي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو“، جنهن سان گڏ ”درمياني ٽيون دؤر...... اوائلي زماني (اوائلي پهرئين زماني) جو  آخري دؤر“ پڻ موجود آهي.

مون پسگردائيءَ واري ميدان جي سال 31-1927ع واري ”سراسري“ سطح پڻ سمنڊ جي مٿاڇري کان 157 فوٽ مٿي (يعني دڙي جي بنيادي سطح کان 21.8 فوٽ هيٺ) ڪڍي آهي. انهيءَ سطح کي سڌيءَ ليڪ ذريعي خاڪي جي ڏائي طرف ڇڪي وڌايو اٿم، جتي فوري طور سڃاڻپ ۾ ايندڙ مئڪي جي ڇهن کاهين جا ڀاڱا وغيره، سندس تحرير ۾ بيان ڪيل ٻين تفصيلن جي حوالي سان هڪٻئي جي پاسي ۾ ڏيکاريا ويا آهن. انهن جي مٿان وري مون موهن جي دڙي جو  هڪ ننڍو خاڪو پڻ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ مون دڙن جي حدن بابت 160 فوٽن واري لائين اختيار ڪئي آهي، ته جيئن کاهين جي وقوع واري جاءِ آسانيءَ سان ڏسي سگهجي.

ڊي- ڪي دڙي جي حصي ۽ آسپاس واري سيلابي ميدان ۾ کاهين جي حصن جي درميان مون پروفيسر پگٽ وارو ”نئين سر تيار ڪيل“ نقشو شامل ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح اهو هن جي ”ائنشنٽ انڊيا“ نمبر 4 نالي 1948ع واري مضمون ۾ شامل ڪيل شڪل نمبر 2 ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن مان مون فقط ٽاچنين ۽ ڪهاڙيءَ جي شڪلين کي خارج ڪري ڇڏيو آهي، پر ان ۾ مون مٿاڇري جي هيٺان لاءِ اختيار ڪيل فوٽن جو پيمانو بحال رکيو آهي. مون هن جو ”مٿاڇرو“ (o=) مئڪي جي طرفان ڊي- ڪي دڙي ۾ قريبي دؤر 1- اي لاءِ اختيار ڪيل اوچي ۾ اوچي مٿاڇري يعني بنيادي سطح کان 86 مٿي (ڏسو فردر ايڪس ڪئويشنس جو صفحو XIV) سان مطابقت رکندڙ تسليم ڪيو آهي.

ڊي- ڪي ايراضيءَ ۾ اڏاوتي ملبي واريون عام سطحون، جن کي مئڪي ٻوڏين جي اثرن سان (سيمي) سان منسوب ڪيو آهي، تن کي ٿورو هيٺڀرو يعني ترتيبوار درمياني ٻئي ۽ قريبي ٻئي دؤرن کي اڳي داخل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪتاب ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ جي صفحن XIV، 2، 8، 101، 8-107 ۽ ”مارشل جلد- 1“ ۾ صفحي نمبر 265 ۽ جلد- 2 جي تصوير LXII جي سندس رمارڪن جي بظاهر ۽ واٰضح تشريح اهائي آهي. دڙي جي اندر مئڪي جي اونهي کوٽائيءَ جي ارضي طبقات جي ورڇ کي پڻ، سندس ڪتاب ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ جي صفحن 44-42 تي ڏنل تفصيلن جي حوالي سان شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾، هن جي طرفان ڊي- ڪي دڙي ۾ ڪيل تفتيش جي بيان ۾ جنهن سيلابي ريٽ جي هڪ ئي مثال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو آءٌ ڳولي سگهيو آهيان ۽ جيڪو تفتيش دوران واقعي هن جي سامهون آيو هو ۽ جنهن کي هن انهيءَ حيثيت سان سڃاتو هو، سو پڻ شامل ڪيو ويو آهي 35 فوٽن کان (يعني آغاز واري سطح کان هيٺ) هيٺ سخت مٽيءَ جو تهه، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي خاڪي رنگ جي واريءَ جا خانا نظر اچن ٿا، ٻوڏ جي اچڻ جو بلڪل واضح ثبوت آهي.“ سن 1931ع ۽ 1932ع جي دوران انتهائي گهري کوٽائيءَ ۾ جن آخري هنڌن تي کوٽائي ڪندڙ پهتا هئا، سي به ڏيکاريل آهن، ۽ فوري طور حوالو وٺڻ ۽ سهوليت لاءِ مون سن 1950ع ۾ وهيلر، ۽ 5- 1964ع جي دوران جي. ايف. ڊيلس سندن طرفان ڪيل کوٽاين ۾ جن سطحن تي پهتا هئا، تن جو پڻ مون اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ ته اهي پڻ ڊي- ڪي دڙي جي وچان کوٽيون ويئون هيون.

مئڪي کي کاهين ۾ يا ”آسپاس واري ميدان“ ۾ جيڪي مختلف شين جا ذخيرا نظر آيا هئا، تن جي تهن جو خاڪو، هن جو ڪتاب ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ جي 6-2 صفحن ۾ سندس طرفان ڏنل تفصيلن مطابق ڪڍيو ويو آهي ۽ انهن مان ٻن تهن جو، جن کي مون 1 ۽ 2 ڏنو آهي، خاڪو هن جي طرفان ڏنل انهن خاڪن سان بلڪل ملي بيٺو آهي،جيڪي هن انهيءَ ڪتاب جي تصوير VIII جي شڪلين نمبر 8- H  ۽ 2- H ۾شامل ڪيا آهن.

مون کي يقين آهي ته هنن، ۽ مئڪي جي طرفان بيان ڪيل ٻين تفصيلن ۽ سطحن، ۽ پگٽ جي ”نئين سر ٺاهيل“ خاڪي جي تفصيلن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل منهنجي خاڪي ۾ صحيح طور هڪ ئي هنڌ ڏيکاريو ويو آهي. يقيناً سمنڊ جي مٿاڇري کان مٿي فوٽن کي مئڪي جي بنيادي سطح کان هيٺ وارن فوٽن سان ۽ پڻ پگٽ جي بنيادي سطح کان هيٺ وارن فوٽن سان (ڊي- ڪي دڙي جي حصي ۾) لاڳو ڪري، ان جو تقابلي مطالعو آسان بنايو ويو آهي.

جيڪڏهن آءٌ ڪا وڏي غلطي نه ڪري رهيو آهيان، ته پوءِ پگٽ جي ”سيلابي ريٽ وارن تهن“ سان مئڪي جي اکين سان ڏٺل ملبي جي سطحن ۽ ”سخت مٽيءَ جي ذخيري، جنهن ۾ خاڪي رنگ جي واريءَ جا خانا آهن“، جن کي هن آيل سيلاب جي يقيني ثبوت طور تسليم ڪيو آهي، تن جي ڪابه مطابقت ڪانهي. پگٽ جو ”ٽيون نمبر سيلابي ريٽ“ لوڻ سان مليل ملبي جي انهن تهن کان مٿي بيٺل آهي، جنهن کي مئڪي ”درمياني دؤر“ جي پڇاڙيءَ ڌاري آيل ٻوڏ سان منسوب ڪيو آهي؛ ٻئي طرف ”نئين سر نقشو تيار ڪندڙ“ جو ”ٻيو نمبر سيلابي ريٽ“ انهن اوائلي ملبن کان مٿي بيٺل آهي، ۽ هن جو ”پهريون نمبر سيلابي ريٽ“ انهن ملبن کان هيٺ آهي، جن کي مئڪي انهيءَ ٻوڏ جو نتيجو ڄاڻايو آهي، جنهن جي اچڻ سان دڙي جي اوائلي قديم زماني جو اختتام ٿيو. وري پگٽ جي طرفان هن جي ٽيهن فوٽن واري مٿاڇري کان مٿي ڄاڻايل ”ريٽ“ جو اهڃاڻ، ”سخت مٽيءَ جي تهه کان، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ خاڪي رنگ جي واريءَ جا خانا آهن“، ڪيئي فوٽ مٿي آهي، جنهن کان مٿئين مٿاڇري بابت مئڪي چوي ٿو ته اهو ڊي- ڪي دڙي ۾ بنيادي سطح کان پنجٽيهه فوٽ هيٺ بيٺل هو.

ٻئي طرف کان، پگٽ جي ”سيلابي ريٽ نمبر پهرئين“، ۽ سندس بنيادي ”ريٽ“، جا مٿاڇرا مئڪي جي کاهي نمبر -2 وارن وارياسي مٽيءَ جي ٻن تهن سان قريبي موافقت رکن ٿا.مئڪي جي ٻيو نمبر کاهي، ڊي-ڪي دڙي جي اترينءَ ڪنڊ کان چاليهه ميل پري ميدان ۾ کوٽي ويئي هئي.

هاڻي جيڪڏهن انهن تفصيلن ۽ مشابهتن کي صحيح طور مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ منهنجي هتي ڏنل خاڪي ۾ پيش ڪيل سڀني خاڪن جي تقابلي صورتحال جو پوريءَ طور مطالعو ڪيو وڃي، ته گهڻي قدر ان ئي نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته پگٽ جي طرفان ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي جي ڪم کي شايد غلطيءَ وچان، وڏيءَ افسوسناڪ حد تائين غلط نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ۽ اها غلطي مئڪي سان ڪيل بي انصافيءَ کان اڃا به اڳتي وڃي ٿي. پروفيسر پگٽ واري خاڪي جي اشاعت کان وٺي ويهن سالن تائين، انهيءَ موضوع تي ٻين لکندڙن طرفان ائين قبول ڪيو ويو آهي، ڄڻ ته اهو ”هيٺئين شهر“ جي ارضي طبقات جو انتهائي حد تائين معتبر نقشو آهي- اها هڪ اهڙي غير عملي روش هئي، جنهن جي ڪري خود مئڪي جي انهن بيانن ۽ نقشن جي، جيڪي سندس کوٽاين سان وابسته هئا، ٻيهر جاچنا ڪرڻ جي تڪليف کان عالمن پاڻ کي ڇٽل پئي سمجهيو.

چنانچه، اسان کي ”انڊس سو ليزيشن“ جي ٽئين ڇاپي (1968ع) ۾ سر مارٽيمر وهيلر کي ”سيلابي ريٽ جي گهرائيءَ وارن ذخيرن بابت، جهڙا مئڪي طرفان وڌيڪ اوچائي وارين سطحن تي، جن تائين هو داخل ٿي سگهيو هو، ڏٺا ويا هئا“، لکندو نظر اچي ٿو، ان سان هن هيءُ حاشيو پڻ ڳنڍيو آهي ته ”ڏسو ”ائنشنٽ انڊيا نمبر 4“ (1948ع) صفحي 27 ايف ايف ۾ پگٽ طرفان مئڪي جي دعويٰ سان بيان ڪيل ”ارضي طبقات جي نظريي تي ڪيل بحث“. اهڙيءَ طرح وهيلر ص 119 تي لکيو آهي؛ تنهن کان سواءِ هن اڳتي پگٽ جي ”نئين سر ٺاهيل نقشي“ بابت صفحي 55 تي ڏنل فٽ نوٽ ۾ به حوالو ڏنو هو. وري صفحي 127 تي وهيلر لکي ٿو، ”مکيه کوٽائي ڪندڙن جي رڪارڊن مان اهو پيو نظر اچي ته انهن پنهنجا مشاهدا اهڙي ناڪافي ۽ منجهائيندڙ نموني ۾ لکيا آهن، جو موهن جي دڙي جا ٽي مکيه دؤر ٽن وڏين ٻوڏين جي دورن سان ڳنڍي ملايا ويا آهن.“ ان کان پوءِ وري هڪ فٽ نوٽ ۾ لکيو اٿائين ته اهڙيءَ پيشڪش جو بنياد ”جيسين ثبوت اجازت ڏين ٿا، تيسين انهن کي ڳنڍي پگٽ جي طرفان ائنشنٽ انڊيا نمبر 4 (1948ع) ص 28 تي رکيو ويو آهي.“

وهيلر جي انهيءَ ڇاپي جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ مسٽر آر- ايل – ريڪس پگٽ جي ”دريائي ريٽ جي ٿلهن تهن“ جي هن طرح سند (مصنوعي) ڏني هئي ته ”انهن کي موهن جي دڙي بابت اونهي بيٺل پاڻيءَ جي ٻوڏ واري نظريي جي ارتقا ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.“ ريڪس سندس 1965ع واري مضمون ”موهن جي دڙي واريون ٻوڏون“ ۾ پنهنجي اڳي لکيل مضمون ”دي اينڊ آف دي ائنشنٽ سٽيز آف دي انڊس“، جو حوالو ڏيندي لکي ٿو...... ”(پگٽ طرفان) اوائلي کوٽائي جي ارضي طبقات کي وري ٻيهر ٺاهڻ جي هڪ ئي اها قابل قدر ڪوشش ڪيل آهي.“ انهيءَ سلسلي ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم دليل ”ٻيهر تيار ڪيل ارضي طبقات ۾“ جدا جدا ريٽ وارن تهن جي تمام گهڻي ٿولهه هو....... ”ظاهر هو ته مارشل جي ريٽ وارا ٽيهه فوٽ سيلابي ميدان جي هاڻوڪي سطح جي هيٺان هئا، پر اهو واضح نه هو ته پگٽ جي ارضي طبقات جي ٻيهر ٺاهيل صورت انهيءَ ساڳئي ايراضيءَ جي نسبت سان هئي يا نه. جيڪڏهن آثار قديمه جا ثبوت صحيح هئا، ته پوءِ ريٽ جو اهو سڄو ذخيرو ان وقت گڏ ٿيو، جڏهن شهر اڃا آباد هو.“

پر بعد ۾ جڏهن مسٽر ريڪس کي خود موهن جي دڙي جي مشاهدي ڪرڻ جو ڪجهه موقعو مليو، تڏهن هن ڏٺو ته  ”(ڪو عجب ڪونه هو) جو ٻوڏين دوران هيٺ ويٺل مٽيءَ ۽ ريٽ جي تجزئي مان عام ٻوڏ وارين سطحن جي نشاندهي نٿي ٿئي، جهڙيءَ طرح پگٽ جي نئين ٺاهيل ارضي طبقات واري خاڪي ۾ بيجا اعتماد سان ڏنل هئي“ (7). درحقيقت جنهن شيءَ کي هن بيٺل پاڻيءَ جي ٻوڏ ۾ هيٺ گڏ ٿيل مٽي ۽ ريٽ سمجهيو هو، سا ڦٽل نشانن جي ذري گهٽ هر هنڌ، سيلابي ميدان جي موجوده سطح کان اڻٽيهه فوٽ مٿي موجود هئي. هن انهيءَ ريٽ کي هڪ ڍنڍ اندر بند ٿيل سنڌو نديءَ جي پاڻي مان هيٺ ويٺل مٽي سمجهيو، جنهن جو ٻاهريون مٿاڇرو اڃا به ڪجهه مٿڀرو هو. اهڙي ڍنڍ موجود ڪرڻ لاءِ هن درياءَ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ڪنهن اهڙي فرضي گڙٻڙ جو تصور کڻي ڪيو، جنهن درياءَ جي پاڻيءَ کي سمنڊ سان ملڻ ۾ رڪاوٽ وڌي هئي. هن سمجهيو ته درياءَ جي پاڻيءَ جي انهيءَ بندش جي ڪري پاڻيءَ جو زور آهستي آهستي پٺئين طرف ٿيندو رهيو ۽ ان جي رفتار ۾ اها سستي اڳيان آيل آڏ مان سيمي ۽ پاڻيءَ جي سج جي گرميءَ سبب ٻاڦ ٿي مٿي اڏامڻ ڪري آئي. آخرڪار موهن جي دڙي کي گپ ۾ ڦاسي ٻوساٽجڻ جي منزل تائين پهچايو ويو آهي، پر ان کانپوءِ وري جيئن تيئن ڪري ٻوڏ کان اڳي واريون حالتون بحال ڪيون ويئون آهن ۽ انهيءَ قدرتي آڏ جا سڀ آثار گم ڪيا ويا آهن.

پگٽ جي انهيءَ نظريي ۽ انهن ثبوتن ۽ تفصيلن کي، جن تي ان جو بنياد رکيو ويو هو، موجوده مصنف 1967ع ۾ هڪ مضمون ۾ چئلينج ڪيو هو، جيڪو انهيءَ سال جي ڊسمبر مهيني واري جاگرافيڪل جرنل ۾ ”انڊس فلڊ پلين ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“ جي عنوان هيٺ لکيو ويو هو. هن سلسلي ۾ پڙهندڙ کي معقول دليلن ڏسڻ لاءِ انهيءَ مضمون جي مطالعي جي سفارش ڪجي ٿي.سڀ کان اول جيڪڏهن ڪو ايڏيءَ وڏيءَ ماپ وارو قدرتي بند، جيڪو هن  کي پنهنجن مقصدن لاءِ فرض ڪرڻو پيو هو، اڄ کان 4000 سال اڳي وجود ۾ اچي ها، ته ان جا هن وقت به صاف نشان ظاهر ڏسڻ ۾  اچن ها؛ پر اهڙو ڪوبه نشان ڪٿي به موجود ڪونهي. ٻيو ته موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي ايڏين سارين سطحن تي قدرتي ريٽ جا آثار سيلابي ميدان جي موجوده سطح کان مٿي جنهن ذريعي رهجي ويا آهن، سو ذريعو هوائون آهن. سنڌ ۾ هوائن جي ذريعي کڄي آيل مٽيءَ، ريٽ ۽ واريءَ جو تشڪيلي اثر انهيءَ ملڪ جو انتهائي حيرت انگيز خاصو آهي. يقيناً انهن شين جي، جن کي مبينه طور بيٺل پاڻيءَ جي ”ريٽ واري مٽي“ سمجهيو ويو آهي، پوريءَ طور چڪاس ڪندڙ ڪنهن ارضياتي ماهر جي طرفان جاچنا ٿيڻ ۽ ان مان معنيٰ ڪڍڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ ئي انهن کي هوائن جي وسيلي سان گڏ ٿيل مٽيءَ بدران ڪنهن ڍنڍ جي تري جي گپ طور تسليم ڪري سگهبو.

انهيءَ وچ ۾ پگٽ ۽ ريڪس جي نظريي کي سر مارٽيمر وهيلر طرفان وڏي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل ٿي آهي. هو سن 1968ع ۾ لکي ٿو، ”هيءَ ڳالهه ڪافي سمجهڻ گهرجي ته موهن جي دڙي ۾ آيل ڊگهي عرصي واريون ٻوڏون ظاهر ظهور نظر اچن ٿيون، ۽ انهن جا انسانيءَ زندگيءَ تي پيل اثر پڻ ظاهر ظهور سمجهه ۾ اچن ٿا......شهرين کي بار بار تمام سخت حالتن سان منهن ڏيڻو ٿي پيو. انهيءَ ڍنڍ جو پاڻي وري وري مٿن حملو ڪري آيو هو ۽ جيئن پوءِ تيئن ماٿريءَ ۽ ان کان به اڳي وڌندو رهيو هو. آخرڪار اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته اهو شهر پاڻيءَ جي وچ ۾ گهيريل اپٻيٽ ٿي ويو هو، جنهن جون جايون زمين ۾ ڦاٿل سمنڊ اندر اوچن بنيادن تي بيٺل هئڻ ڪري محفوظ هيون، ۽ پوءِ- ڪيترو پوءِ، سو ڪير ٿو چئي سگهي؟- ڍنڍ وري زمين جي پٺتي هٽڻ واريءَ ڪنهن حرڪت جي نتيجي ۾ يا بند ۾ پيل گهارن سبب، ان جي وچ ۾ بيٺل ٻيٽ گند ۽ ريٽ جي ظاهر ٿيڻ ڪري وڏو ٿيندو رهيو. انهن ڳالهين ماڻهن جي زندگيءَ تي بي همتيءَ وارو جيڪو اثر وڌو هوندو ۽ سندن رهائش جي شهري معيارن کي خراب ڪيو هوندو، تنهن جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو (9).“ پر جيڪي ڳالهيون آسانيءَ سان نٿيون سمجهي سگهجن. سي وري به هي آهن:

1- موهن جي دڙي جي ماڻهن وري وري گپ ۽ پاڻيءَ جي اهڙن اڻ روڪجي سگهندڙ حملن (سي به درياءَ جي هيٺئين پاسي کان ٿيندڙ) جو اتي رهي مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو هو؟

2- اهڙي بَري سمنڊ اندر اوچن بنيادن تي پنهنجن چوڌاري گپ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل جاين ۾ رهندي،سندن گذر سفر جو ذريعو ڪهڙو هو؟

3- جيڪڏهن ٻيءَ طرح، اهي ماڻهو ڍنڍ جي وچ ۾ اچي ويل انهيءَ شهر کي ان وقت خالي ڪري ويا، جڏهن شهر جو خاصو وڏو حصو ڍنڍ جي گپ ۾ ڦاسي چڪو هو، ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن هنن کي پاڻيءَ جي لهي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ شهر کي ٻيهر اچي آباد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو؟

پروفيسر پگٽ جي ڊي- ڪي دڙي جي تهه بنديءَ واري نظريي جو تعارف ڪرائيندي، جنهن مختلف معاملن ۾ ايڏو مونجهارو پيدا ڪري وڌو آهي، مون هن  جي طرفان مئڪي جي رڪارڊ رکڻ واري طريقي جي نڪته چينيءَ جو مختصر طور حوالو ڏنو، جنهن مجبور ٿي، ان لاءِ ابتدائي سطح بنياد طور اختيار ڪئي آهي.سر مارٽيمر وهيلر انهيءَ طريقي کي ”بيحد نامعقول“ سڏڻ تي ٻين سڀني کان وڌيڪ زور ڏنو آهي: ”هيءَ ڳالهه وري چوڻي پوي ٿي ته سنڌو ماٿريءَ واريءَ تهذيب جي تهه بنديءَ تي مقامي حالات نه، بلڪ ذري گهٽ 300 ميل پري واقع، سامونڊي سطح اثر انداز ٿي (10) هئي!“ هن هنڌ تي، موهن جي دڙي بابت ابتدائي سطح واري نظريي کي متعارف ڪرائيندڙ سرجان مارشل جو رايو به ڪجهه ٻڌڻ گهرجي، هو چوي ٿو ته ”پڙهندڙ کي ائين هرگز نه سمجهڻ گهرجي ته ستن ئي مختلف طبقن يا انهن مان هڪ سطح جا مٿاڇرا سڄي علائقي ۾ هڪ- ڪرا ۽ يڪسان آهن. ان جي بلڪل مرڪزي حصي ۾ به انهيءَ دؤر جي عمارتن يا عمارتن جي جهڳٽن جي سطحن  ۾ غير مطابقت موجود آهي، ۽ اهي هڪٻئي سان برابري نه ٿيون رکن...... ان ڪري پڙهندڙ کي هيءَ حقيقت صاف نظر ايندي ته جيتوڻيڪ ابتدائي سطح کان هيٺئين طرف واري هڪ تهه جي اونهائي کڻي ڪيتري به هوندي- ۽ اها گهڻين حالتن ۾ وڌيڪ ئي هوندي آهي، ۽ ان جي طويل يا مختصر عمر جي نشاندهي به ڪندي آهي- پر اها هميشه ائين نه به ڪندي آهي (11).“ هن جي توڙي مئڪي جي لکڻين مان اهڙا گهڻا ئي ٽڪرا ڪڍي ڏيکاري سگهجن ٿا، جن مان اهو ثابت ڪري سگهبو ته هنن پنهنجي ابتدائي سطح واري نظريي کي اجائي نموني ۾۽ هوڏ سان لاڳو نه ڪيو آهي، پر هنن ٻين استثنائي حالتن کي به ڌيان ۾ رکيو آهي، ۽ اهڙن اسبابن تي غور ڪيو آهي، جيڪي ”ابتدائي سطح واري نظريي“ کان مختلف آهن. ان طرح مئڪي لکي ٿو، ”مختلف دورن جي جدا جدا سطحن جي انتهائي مفيد چڪاس ۽ تحقيق کوهن جي سربنديءَ جي چڪاس ذريعي ٿي سگهي ٿي، جن جي ٻاهرين ڀتين تي انهن سطحن جا نشان اڄ به بلڪل صاف بيٺل آهن، جتان کان پوءِ انهن کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اوچو ڪيو ويو آهي (12).“

آخر ۾ سنڌ جي سيلابي ميدانن وارن قديم، ڦٽل نشانن جي سلسلي ۾ هڪ لفظ چوڻو آهي، (جيڪو مستقل مسئلو بنيل رهي ٿو،) يعني ”زير زمين پاڻيءَ جي اوچي سطح“، جنهن جي ڪري موهن جي دڙي ۽ چنهون دڙي ۾ گهڻي اونهي کوٽائي نه ٿي ڪري سگهجي، پر هر ڪنهن کي اها اميد رکڻ گهرجي ته جديد دؤر جي روزانو وڌندڙ فني سهوليتن جي نتيجي ۾آخرڪار انهيءَ دشواريءَ تي حاوي پئجي وڃبو. پر جيسين اهو وقت اچي، جيڪو شايد گهڻن سالن تائين اڃا نه اچي. تيسين ٻين اهڙن ڦٽل نشانن جي تحقيقات ۾ ڪهڙي پاليسي اختيار ڪجي؟ اڳتي هلي، اها اميد رکڻ گهرجي، ته شايد سنڌو ماٿريءَ جي انهن آبادين جي تحقيق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي، جن جي متعلق هندستان جي آثار قديمه جي سابق ڊئريڪٽر کي 1946ع واري سال ۾ کوٽائي ڪرڻ جي تجويز ڏني ويئي هئي، يعني اپر سنڌ ۾ ٿر ۽ هاڪڙا ۽ لوئر سنڌ ۾ ڳاڙهو ڀڙو ۽ نوهتڪو- (هتي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته آر-ايل- ريڪس ”ڏکڻ سنڌ جي ميدانن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان واسطو رکندڙن دڙن جي ”مڪمل عدم موجودگي“ جو بيان ڪيو آهي، جنهن کي هن تڏهوڪي تعميراتي فن جي عدم ترقيءَ جي ثابتيءَ طور پيش ڪيو آهي. پر ڳاڙهو ڀڙو ان جي ترديد ڪري ٿو. ان جي وقوع واري جاءِ زيرين هاڪڙا- نارا وٽ آهي، جتي زمين جو مٿاڇرو سمنڊ جي سطح کان فقط پنجويهه فوٽ مس آهي. زير زمين پاڻيءَ جو مٿاڇرو انهيءَ هنڌ تي به گهڻو ڪري اوچو هوندو) (13).

مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته چنهون دڙي وٽ ڊاڪٽر مئڪي واريءَ سنڌو لوڪن جي ٽن طبقن جي ترتيب کي ابتي ڪرڻ ۾ فائدو ڪهڙو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته قديم ترين آباديءَ جي اصلوڪي زمين انتهائي هيٺانهين سطح واري پٽي تي وري به پهچڻ ناممڪن آهي. آثار قديمه ۾ دلچسپي رکندڙ ڪوبه عقلمند عام ماڻهو هن ڳالهه تي اعتراض نه ڪندو،  جيڪڏهن آثار قديمه سان واسطو رکندڙ هڪ فني مقصد لاءِ نمبر شماريءَ جو هڪڙو سلسلو استعمال ڪيل آهي ۽ ٻئي فني مقصد لاءِ ان جي ابتڙ سلسلو ڪم آندل آهي، بشرطيڪ اهي ٻيئي سلسلا عملي طور قابل استعمال هجن. پر هڪ اهڙي طريقي جي متعلق ماڻهو ڇا سمجهي، جنهن کي ”منطقي“ ۽ عالمي استعمال لائق چيو ويو آهي، ۽ جيڪو موهن جي دڙي ۽ چنهون دڙي جهڙن اهم آثارن جي سلسلي ۾محض زير زمين پاڻيءَ جي مٿانهين سطح جي ڪري ناقابل عمل ثابت ٿيو آهي؟ ڳڻپ ۽ شمار ڪرڻ جا اهي ٻيئي طريقا سنڌ جي سيلابي ميدان جي خصوصي حالات ۾، سندن مختلف مقصدن لاءِ هڪ ئي وقت ”منطقي ۽ قابل عمل ناهن“، جيئن دعويٰ ڪئي ويئي آهي (14). هڪ اُئين آهي، ته ٻيو ائين ناهي. جنهن ”مطابقت“ جو هن هنڌ دليل ڏنو ويو آهي، سا مطابقت تجربي ۽ عام فهم سان آهي. يقيناً، اهڙين حالتن ۾ مٿان کان هيٺ ويندڙ آباديءَ جي هڪٻئي جي پٺيان قائم ٿيل پٽن کي شمار ڪرڻ لاءِ، ”اڳتي ويندڙ انگن“ واري طريقي اختيار ڪرڻ جي حق ۾ وڏو وزني دليل موجود آهي، يعني آخرين آباديءَ واري پٽي کي نمبر هڪ ڏيڻ گهرجي. انهيءَ طريقي جو ظاهر فائدو اهو آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ اونهائيءَ ۾ کوٽائي ڪرڻ ممڪن بڻجي پوي، ته پوءِ هر اوائلي دؤر واري آباديءَ جي پٽي جي عدد ۾ هڪ جو اضافو ڪري سگهبو- حالانڪ بلڪل پهرينءَ آباديءَ واري نوهر زمين تي کڻي نه به پهچي سگهجي.

بيشڪ، اهو آثار قديمه جي ماهرن جي غالب راءِ جي انتهائي طاقتور وهڪري جي ابتڙ وڃڻ جي برابر آهي، پر ان هوندي به مون کي آباديءَ جي انتهائي اوائلي دؤر واري پٽي کي پهريون نمبر ڏيڻ ۾ خوبي نظر نٿي اچي. عام حالتن ۾ اسين حضرت عيسيٰ مسيح جي ڄمڻ کان اڳ وارين صدين جي شمار ڪرڻ لاءِ ابتڙ انگن استعمال ڪرڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون، يعني ته پهرين صدي ق. م وارو زمانو، ٻي ٽين وغيره صدين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پوئتي نه، بلڪ اڳتي اسان جي زماني کي ويجهو آهي. خود آرڪ پشپ اُوشر (Archbishop usher) جنهن سترهين صدي عيسويءَ ۾ هن دنيا جي تخليق لاءِ (آثار قديمه وارن جي ڏسيل انتهائي اوائلي نوهر سطح جي ماپ وانگر) ابتدائي زماني جي سال جو حساب ڪيو هو، تنهن به صحيح شمار ڪرڻ لاءِ انهيءَ سال کي ”400 قبل مسيح“ حساب ڪري بيهاريو، ۽ نه ”تخليق جو سن پهريون“، درحقيقت آثار قديمه جي ماهرن کي قبل از تاريخ واري زماني جي ثقافتي دؤرن کي، سالن ۽ سن جي مختلف سالن جي عدد سان ملائڻو پوندو آهي، ان ڪري جيئن جيئن اُهي وڌيڪ اوائلي دور ۾ هوندا آهن، تيئن تيئن انهيءَ صديءَ يا عيسوي سن کان اڳئين هڪ هزار سال جو ”عدد“ وڏو هوندو آهي. پوءِ ڀلا آثار قديمه جا ماهر ثقافتي ۽ تهذيبي دورن جو شمار ائين ڇو نه ڪن؟ يعني آباديءَ جي مختلف پٽن ۽ طبقن کي جيئن جيئن اهي کوٽائيءَ جي دوران ظاهر ٿيندا وڃن، هڪ – ٻه کان مٿان شروع ڪري هيٺئين طرف ويندي، وڌيڪ وڏو انگ ڏيندا وڃن؟ آءٌ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه سوچي نٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ واري سيلابي ميدان جي ڏاکڻين ۽ زيرين علائقي جي حالتن لاءِ اهو ئي طريقو موزون ۽ مناسب آهي.

ايڇ. ٽي. ايل

(نوٽ: هن ضميمي جو بنياد انهيءَ ليڪچر تي بيهاريل آهي، جيڪو 4 ڊسمبر 1968ع تي يونيورسٽي آف ڪئمبرج ۾ ڏنو ويو.)

 

 

نوٽ

 

(1) بحواله آر. اي. ايم. وهيلر ”آرڪيئالاجي فرام دي ارٿ“ (1954) ص 22- 14، 56-51، 8-127.

(2) اسٽوئرٽ پگٽ ”ائنشنٽ انڊيا“ ۾ نمبر 4 (48- 1947) ص 40-26.

(3) بحواله ايضاً، باب 2، ص 9-38.

(4) مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“، ص XIV .

(5) پگٽ، ” ائنشنٽ انڊيا“ ۾ نمبر 4، ص 29.

(6) ”ائنٽي ڪئٽي XXXIX“، ص 203- 196. ”امريڪن ائنٿراپالاجسٽ“، جلد 66، 1964ع، ص 299- 284.

(7) ”ائنٽي ڪئٽي XXXIX“، ص 7- 196.

(8) ”جاگرافيڪل جرنل“، جلد 133، ص 495- 483.

(9) سر مارٽيمر وهيلر، ”دي انڊس سوليزيشن“ ٽيون ڇاپو 1968ع، صفحا 29- 128.

(10) آر. اي. ايم وهيلر، ”آرڪيئالاجي فرام دي ارٿ“ (1954ع) ص 53.

(11) سر جان مارشل، ”موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“، جلد-1 صفحو 10.

(12) اي. مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس ائٽ موهن جو دڙو“، ج- 1، ص XV.

(13) آر. ايل. رائيڪس، ”ائنٽي XXXIX“ ۾، ص 196. ”جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، ج- VII (1946ع) ص 60- 59.

(14) آر. اي. ايم وهيلر، ”آرڪيئالاجي فرام دي ارٿ“، ص 56.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org