سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو)

باب؛ 3

صفحو :7

(7)

سنڌ سٿين ۽ پارٿين لوڪن جي هٿ هيٺ

 

سال 160 ق.م کان اڳي، منگوليا کان ڌڪي ڪڍيل مرڪزي ايشيائي قبيلي جي هڪ وڏي غول جي الهندي طرف ڏانهن لڏپلاڻ، سنڌو ماٿريءَ جي اتر ۽ اولهه ۾ واقع ملڪن ۾ هڪٻئي جي پٺيان زبردست اٿل پٿل آندي، جنهن جي نتيجي ۾ يونانين جي قائم ڪيل بادشاهين جو خاتمو اچي ويو ۽ خود سنڌوماٿريءَ ۾ نين حڪمران قومن جو وجود عمل ۾ آيو.

انهن لڏ پلاڻن جي انتهائي اوائلي منزلن بابت شهادت چيني واقع نگارن ۽ صحيفه نويسن وٽان حاصل ٿئي ٿي ۽ ان جو بنياد انهيءَ دور جي سرڪاري رڪارڊن تي رکيل آهي؛ پوئين زماني ۾ ٿيل لڏ پلاڻ لاءِ اسين جزوي طور قديم ليکڪن، ۽ ڪجهه قدر سڪن جي شهادت ۽ ڪتبن تي دارو مدار رکون ٿا. سنڌ ۾انهيءَ دور جي سڪن يا ڪتبن جي دريافتن جي اڄ ڏينهن تائين غير موجودگي، هن ملڪ ۾ رونما ٿيل واقعن بابت اسان جي ڄاڻ ۾ مسيح کان هڪ صدي بعد جي اڌ تائين هڪ خال ڇڏي ٿي- ان وقت تائين جڏهن ان جي تڏهوڪين حالتن جو قديم زماني جي هڪ ليکڪ طرفان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح موريا گهراڻي جي زوال کان پوءِ سنڌ جنهن گمناميءَ جي پردي پٺيان هلي ويئي، ۽ جڏهن بالائي پنجاب ۾ يوناني بادشاهتون اڃا خوب وڌي ويجهي رهيون هيون، تنهن جو سلسلو اڃا به وڌيڪ ڏيڍ صديءَ تائين وڌي ويو، جنهن عرصي ۾ يوناني طاقت جو زوال رونما ٿيو ۽ انهن جي جاءِ تي سندن فاتحن جي طاقت کي عروج حاصل ٿيو. اسين فقط ڪن ٻين هنڌن تي پيدا ٿيل حالات جي مطالعي مان، ۽ ان مان ڪي نتيجا اخذ ڪري، اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سنڌ ۾ اهي حالتون ڪيئن پيدا ٿيون، جيئن اهي اسان کي سن 50ع ڌاري نظر اچن ٿيون.

سن 139 ق. م کان ٿورو ئي وقت پوءِ، سَڪارائولي ۽ ايسياني نالي ڪي سٿين قبيلا، جيڪي گهڻي زماني کان وٺي جيحون درياءَ (1) جي ڪنارن تي آباد رهندا آيا هئا، يوُچيهه نالي هڪ وڌيڪ طاقتور قبيلي جي دٻاءُ هيٺ اچي، پنهنجو قديم وطن ڇڏي، بئڪٽريا طرف وڌيا. هن انهيءَ ملڪ جو ڪجهه حصو يوڪريڊائيٽس جي پونيرن کان کسي ورتو، پر معلوم ٿئي ٿو ته هنن جو اهو قبضو عارضي هو، ۽ انهن جو وڏو تعداد اتان کان وري الهندي طرف ڌوڪيندو، اڳتي وڌندو ويو، جتي هنن جو پارٿين لوڪن سان ٽڪراءُ ٿيو، جيڪي انهيءَ وقت اڀرندي ايران جا مالڪ هئا. ان کان پوءِ هڪ طويل جدوجهد شروع ٿي، جنهن ۾ سٿين لوڪن کي سندن هم نسل ماڻهن کان مدد حاصل ٿي، جيڪي انهن کان چار صديون اڳي ڪنهن هنڌان لڏي اچي سيستان ۾آباد ٿيا هئا. انهن جي مقابلي ۾ نه ته فرئاتُس ثاني، ۽ نه آرتابانس پهرئين جي ڪا دال ڳري سگهي، پر پوءِ انهن کي عظيم مٿر يڊيٽس ٻئي جي ڏينهن ۾ يا ته ماري مڃايو ويو، يا انهن کي سيستان مان لوڌي ٻاهر ڪڍيو ويو. جيڪڏهن اسٽرابو جي ڳالهه تي يقين ڪجي ته قصو هيءُ ٿو وڃي بيهي ته مِٿريڊيٽس ٻئي خود انهن قبيلن جي ملڪ ۾ اندر پهچي، اتي وڃي انهن سان جنگيون ڪيون، جتان اهي اصل ۾ آيا هئا (2). پر جيڪڏهن پارٿي لوڪن سڄي بئڪٽريا يا ان جو ڪو حصو سٿين لوڪن کان سچ پچ واپس فتح ڪيو، ته هنن جي ان ڪاميابيءَ ٿوري ئي عرصي تائين جٽاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ ته سن 100 ق. م ڌاري انهيءَ سڄي ملڪ تي ”يوچي“ (3) لوڪ ڇانئجي ويا. معلوم ٿئي ٿو ته انهن ”يوچي“ لوڪن بئڪٽريا وارن  کي شڪست ڏني هئي، يا ممڪن آهي ته هنن پنهنجي انهن يوناني آقائن کي ويهارو سال اڳي اتان ڀڄائي ڪڍيو هو؛ پر پوءِ هو پاڻ مطمئن ٿي آڪسس جي اتر واري علائقي ۾ رهي پيا هئا، ۽ بئڪٽريا جي ننڍن ننڍن سردارن کي ملڪ جي انتظام هلائڻ ۽ سندن ڏن ڀرڻ لاءِ آزاد ڇڏي ڏنو هئائون. ان کان پوءِ وري خود ”يوچي“ لوڪن جو وارو آيو، ۽ هنن کي ”وُو-سُن“ جي بادشاهه، هُوڻ لوڪن جي مدد سان حملو ڪري، آڪسس درياءَ جي ٻئي ڪپ واري علائقي ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو ، جن پوءِ سڄي بئڪٽريا تي قبضو ڄمايو ۽ ملڪ کي پنهنجي پنهنجي مکيه قبيلن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو.

چيني وقائع نگارن جي مطابق، سٿين لوڪن جي ”سائي“، يا ”ساڪه““ نالي هڪ قبيلي، جنهن کي ”يوچي“ لوڪن جي ڪنهن اوائلي حملي جي نتيجي ۾ جيحون درياءَ جي پرئين ڪپ واري ملڪ کان ڀڄڻو پيو هو، تنهن الهندي رخ ۾ ڀڄڻ بدران (جنهن رخ ۾ سڪارائلي ۽ اَيسياني قبيلن ڀاڄ کاڌي هئي، جيئن هن کان اڳي ذڪر اچي چڪو آهي)، ڏکڻ جو رخ اختيار ڪيو، ۽ انهن جو بادشاهه ”ڪي پن“ جو حڪمران بنيو، جيڪو گهڻو ڪري گلگت يا اتر الهندي ڪشمير سان نسبت رکي ٿو. وچ ۾ حائل علائقي جون دشواريون اٿاهه آهن، ۽ راپسن هن راءِ جو هو ته ساڪ قوم جا گهڻا ماڻهو پنهنجي بادشاهه سان گڏجي ڪِي پن تائين نه اچي سگهيا هوندا. پر ڊاڪٽر نارائڻ، چيني ليڪکن جي تحريرن جي متعلقه ٽڪرن جي ٻيهر جاچنا ڪرڻ کان پوءِ پڪيءَ راءِ جو آهي ته اها ”سائي“ لوڪن جي قبائلي لڏ پلاڻ هئي، جنهن جو سلسلو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو؛ ۽ هن ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هيءَ ئي اها قوم هئي، جنهن اتر کان داخل ٿي، هندستان ۾ پهرين ساڪه بادشاهي قائم ڪئي (5).

عام طرح،  هن ڳالهه تي يقين ڪيو ويو آهي ته سيستان جي سٿين لوڪن کي، مٿريڊيٽس اعظم جي بادشاهيءَ دوران شڪست ڏيئي اڀرندي طرف ڀڄايو ويو، ۽ هنن پاڻ لاءِ ممڪن کليل آسان راهه اختيار ڪري قنڌار ۽ بولان يا مولا لڪن جي رستي کان سنڌونديءَ جي ڏاکڻيءَ ماٿريءَ ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. ۽ اَڀيريا يا اتر سنڌ تي قبضو ڪري، پاتلين ۽ نيٺ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي پنهنجو تسلط ۽ اختيار قائم ڪيو. ان کان پوءِ يوناني جاگرافيدانن وٽ اهو سڄو ملڪ انڊو- سٿيا جي نالي سان ۽ هندستاني ادب ۾ ساڪ-دِوپه (ساڪه لوڪن جو درياهي ملڪ) جي نالي سان مشهور ٿيو.

ڊاڪٽر نارائڻ جي هن اصرار تي، ته ”ساڪه“ نالو سٿين لوڪن جي فقط هڪ قبيلي، ”سائي“ سان واسطو رکي ٿو، هيءَ ڳالهه ذهن ۾رکڻ گهرجي ته دارا هائستاپس جي زماني کان وٺي اهو نالو مجموعي طور سٿين لوڪن جي متعلق استعمال ٿيندو رهيو هو، جيتوڻيڪ ڪنهن خاص ضرورت وقت (7)، انهيءَ نالي سان هڪ نه ٻيو امتيازي فقرو به ڳنڍيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح، دارا جي قبر تي لڳل ڪتبي جي مطابق هن جي سلطنت ۾ جيڪي ملڪ هئا، تن ۾ ٻه ساڪه صوبا- ساڪه هئوماورگه ۽ ساڪه تگار کنڊ- پڻ شامل هئا. ڊاڪٽر ٿامس جي انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي ويئي آهي ته پوئين نالي واري صوبي کي هيلمند درياءَ واريءَ ماٿريءَ جي انهيءَ  ڀاڱي سان شناخت ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سٿين لوڪ دارا جي بادشاهيءَ کان گهڻو اڳي آباد هئا، پر گهٽ ۾ گهٽ هيءَ حقيقت آهي ته اهو ئي علائقو هو، جيڪو قبل مسيح کان ٻه صديون اڳي (8) واري دور جي پڇاڙيءَ ڌاري ساڪَستان جي نالي سان مشهور ٿيو، جڏهن سٿين لوڪن جو وڏو تعداد اتي وڃي وارد ٿيو هو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سٿين لوڪن جي هڪ مشهور ۽ معروف قبيلي تي، جيڪو ”يوچي“ جي دٻاءَ کان اولهه طرف ڀڳو هو، ”ساڪرائُلي“ نالو پيل هو.

هندستان ۾ ايران وانگر ساڪه نالو عام طور سٿين لوڪن تي مجموعي طور پيل هو، ۽ نه انهن ماڻهن تي، جيڪي فقط ”سائي“ قبيلي سان وابسته هئا؛ اسان کي خاطري هئڻ گهرجي ته هندستانين ساڪه- دِوپه نالو سنڌو نديءَ جي هيٺئين حصي واري ملڪ کي ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ انهن سٿين لوڪن جي قبيلن آباد ڪيو هو، جيڪي گهڻو ڪري ساڪستان کان اتي پهتا هئا.

پر هندستان جي پهرين ساڪه بادشاهي، جنهن جي متعلق اسان وٽ سڪن ۽ ڪتبن جي صورت ۾ پڪي ثابتي موجود آهي، اها هئي، جنهن جو بنياد انهن جي اڳواڻ ”ميئوز“، يوناني بادشاهين جا ڪجهه علائقا فتح ڪري، اتر الهندي پنجاب ۾ قائم ڪيو هو.

هن جي نالي وارن لڌل سڪن ۾، جيڪي يوناني حڪمرانن جي سڪن جو قريبي نقل هئا، ڪيترن ئي قسمن جا مختلف شڪل ۽ صورت وارا سڪا شامل هئا؛ انهن ۾ ائپولوڊوٽس جا مخصوص چورسا  سڪا به شامل هئا، جنهن کي گهڻي  زماني تائين هندستان جي نسبت سان انهيءَ نالي وارو پهريون يوناني شهزادو، ۽  مينئنڊر جو همعصر سمجهيو ويندو هو. پر انهن يوناني نمونن جي سڪن تان نقل ڪيل ”ميئوز“  جي سڪن ۾ هڪ اهڙو سڪو به لڌو ويو آهي، جنهن جي مٿان ائپولوڊوٽس جي مهر هنئين ويئي آهي، جنهن مان عارضي طور يوناني اقتدار جي بحال ٿيڻ جي نشاندهي ٿئي ٿي، ۽ نارائڻ جي هن راءِ جي يقيني طور حمايت ٿئي ٿي ته انهيءَ نالي وارو فقط هڪ يوناني بادشاهه ٿي گذريو آهي، ۽ نه ٻه، ۽ انهيءَ بادشاهه  مينئنڊر جي وفات کان ڪجهه سال بعد ۾ حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي هئي (9).

اها ڳالهه اسان کي ٻن لاڳاپيل مسئلن تي آڻي بيهاري ٿي: هڪ ته ”ميئوز“ طرفان گنڌارا کي فتح ڪرڻ ۽ ان تي حڪومت ڪرڻ جو سال ڪهڙو مقرر ڪجي، ۽ ٻيو ته هو هندستان ۾ ڪهڙي ملڪ کان ۽ ڪهڙي رستي کان داخل ٿيو هو؟ انهن ٻن سوالن منجهان پهريائين پوئين سوال جو حل ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي.

راپسن ۽ ٽارن جو نظريو اهو هو ته ”ميئوز“ انهن سٿين لوڪن منجهان هو، جيڪي سيستان کان لڏي اتر سنڌ ۾آيا هئا ۽ هن سنڌو ماٿريءَ جي وچان اتر واري رخ ۾ پيشقدمي ڪئي. ٽارن طرفان ته ”ميئوز“ جي هڪ اهڙي سڪي جي آڌار تي، جنهن ۾ پوسيڊان کي درياهه جي ديوتا تي غالب ايندي ڏيکاريو ويو آهي، اهو رايو ڏنو ويو ته انهيءَ مهم جي دوران سنڌونديءَ تي وڙهيل دريائي جنگ فيصله ڪن ثابت ٿي هوندي، پر جيئن ته اها ئي شبيهه آئنٽي ماڪس ٿيئوز جي هڪ سڪي تي به موجود آهي، انڪري ممڪن آهي ته ”ميئوز“ طرفان اختيار ڪيل ٻين يوناني شبيهن ۽ علامتن وانگر، هن کي به ڪا خاص اهميت نه هجي (10). ڊاڪٽر لوهوزين ڊي ليوو طرفان هيءُ دليل پيش ڪيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ”ميئوز“ نالو سٿين قوم وارن جو آهي، ان هوندي به ممڪن آهي ته اهو بادشاهه پارٿين نسل جو هجي؛ هن جو خيال آهي ته هن جا سڪا رانجينوبالا جي مشهور و معروف ساڪه حڪمرانن جي سڪن بدران (جيڪي اسٽريٽو پهرئين ۽ ٻئي (11) جي سڪن تان نقل ڪيل هئا)، مشرقي پارٿيا جي همعصر حڪمرانن جي ضربخانن ۾ ٺهيل سڪن سان وڌيڪ مشابهت ۽ قربت رکن ٿا، جيڪي دراصل گنڌارا جي يونانين جي ڍاليل سڪن جي نمونن تي ٺهيل هئا. ”ميئوز“ پنهنجن پوين سالن وارن سڪن ۾ پاڻ کي ”بادشاهن جو وڏو بادشاهه“ سڏي ٿو، جيڪو بلڪل واضح طور هخامنشي گهراڻي وارن کان ورثي ۾ آيل پارٿي خطاب هو؛ ۽ اها ڳالهه شايد هن خيال کي تقويت ڏئي ٿي ته جيڪڏهن هو واقعي پارٿي نسل جو نه هو، ته هو انهن سٿين لوڪن منجهان هڪ ضرور هو ، جيڪي سيستان ۾ رهندي، پارٿيا وارن جا محڪوم هئا.

اهو ساڳيو خطاب سنه 88 ق-م ۾ مٿريڊيٽس ثانيءَ جي وفات کان پوءِ، اڀرندي ايران ۾ وونونِس به استعمال ڪيو هو، جيڪو شايد آرڪوسيا ۾، ۽ ممڪن آهي ته سيستان ۾ پڻ، هن جو ڪڏهن وائسراءِ رهيو هو، ۽ جيڪو شايد لڏي آيل سٿين لوڪن کي ابتدا ۾ شڪست ڏيئي، کانئن مٿريڊيٽس ثانيءَ جي آڻ مڃائڻ لاءِ ذميدار هو. گهڻو پوءِ جڏهن هن پاڻ خود مختيار حيثيت حاصل ڪئي هئي، تڏهن هو ڪافي پوڙهو ٿي ويل هو، جيئن سندس سڪن تي اڪريل هن جي مٿي ۽ منهن جي شڪل مان اندازو ڪجي ٿو؛ ۽ هن سان گڏ سندس ڀائرن مان ڪن سڪن تي اِسپاليرائيسز ۽ ڪن تي اسپاليرس پڻ نظر اچن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ميئوز ”بادشاهن جي وڏي بادشاهه“ جو خطاب وونونس جي مرڻ کان پوءِ اختيار ڪيو هجي، حالانڪ اسپاليرائيسز، جيڪو پنهنجي علائقي ۾ وونونَس جو جانشين ۽ وارث هو، قدرتي طور ساڳيو ئي خطاب استعمال ڪندو هو. آخر ۾ اسان کي هن حقيقت جي اهميت تي غور ڪرڻو آهي ته ”آزس-پهريون“ جيڪو اسپاليرائيسز جو پٽ يا ڀائٽيو هو، ”ميئوز“ جي مرڻ کان پوءِ ٽئڪسلا ۾ سندس تخت تي ويٺو هو.

هن ڳالهه جي سڀ کان وڌيڪ سڌي سادي سمجهاڻي اها نظر ايندي ته ميئوز کي مشرقي ايران جي پارٿين وائيسراءِ وونونِس هٿان سٿين لوڪن جي وڏي تعداد سان سيستان مان نيڪالي ملي هئي؛ ۽ هو ڀٽڪندو رُلندو، سنڌوماٿريءَ ۾ اچي نڪتو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ گنڌارا جي يوناني بادشاهيءَ جي ڪجهه حصي تي قبضي ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، انهيءَ وچ ۾ وونونَس پنهنجي سابق گورنري رياست ۾آزاد ۽ خودمختيار بڻجي ويو هو، ان کان پوءِ ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي علائقن  جي حڪمرانن جي حيثيت ۾ پارٿي لوڪن جو شاهي خطاب غصب ڪري، پنهنجي لاءِ اختيار ڪيو؛ ۽  ميئوز جي مرڻ کان پوءِ وونونس جو ڀائٽيو هن جي پويان هن جي تخت تي ويهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ اهڙيءَ طرح هو مشرقي پارٿيا جي ”حقدار“ گهراڻي لاءِ سندن اوائلي فتح ڪيل علائقا واپس وٺڻ ۾ڪامياب ٿيو (12).

ڊاڪٽر نارائڻ، جيڪو ”ميئوز“ جي انهن سيانحي حالات متعلق پيش ڪيل انهيءَ نظريي کان اختلاف ڪري ٿو، سو البت سٿين ۽ پارٿين لوڪن جي سيستان ۾رلي ملي وڃڻ تي زور ڏيندي، هيءَ راءِ پيش ڪري ٿو ته اهي گڏجي هڪ قوم بڻجي پيا، ۽ هندستان ۾ ”پهلوا“ جي نالي سان مشهور ٿيا، پر هو پاڻ کي ٻنهي نالن، ”ساڪه“ ۽ ”پهلوا“ سان سڏائيندا هئا ۽ انهن ”آزس“ پهرئين جي قيادت ۾ پهريائين ”ميئوز“ جي گنڌارا علائقي تي قبضو ڪري، پوءِ ڪابل ماٿريءَ ۽ بالائي آرڪوسيا کي پنهنجي تسلط هيٺ آندو، جنهن ايراضيءَ ۾ هو شايد ڪُرم ماٿريءَ جي رستي کان داخل ٿيا هئا- ۽ هنن هندستان ۾ يوناني قبضن کي آخري طور ائين ختم ڪري ڇڏيو (13).

نارائڻ جي راءِ آهي ته ”ميئوز“ سٿين قوم جي ”سائي“ قبيلي جو بادشاهه هو، جيڪو قبيلو، چيني مورخن جي چوڻ موجب، وچ ايشيا جي بالائي ايلي پَٽَ کان ڏاکڻو رستو وٺي، ڪِي پِن پهتو- جيڪو علائقو شايد اتر اولهه ڪشمير هو. هو ٻڌائي ٿو ته چيني مورخ هيءَ ڳالهه ڪن ٿا ته سنه 102 ق-م چينائين فرغانه ۾ ”مي- ڪوئه“ نالي ڪنهن بادشاهه تي حملو ڪيو هو، جيڪو علائقو انهيءَ ”ڏاکڻي رستي“ جي ويجهڙائيءَ ۾ هوندو، ۽ هو انهيءَ ڳالهه جي آڌار تي دليل ڏئي ٿو ته نالي جي اها مشابهت ثابت ڪري ٿي ته ”ميئوز“ ساڪه قبيلي مان هو (14). هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو ته هن وقت تائين جيڪي ”ساڪه“ قبيلي وارن جا ڪتبا مليا آهن تن مان سڀ کان وڌيڪ اوائلي ڪتبا هزاره ۽ گلگت ۾ دريافت ٿيا آهن، جتي ائين سمجهڻ گهرجي ته، اڳتي وڌي، انهن لوڪن، ٽئڪسلا فتح ڪرڻ کان اول پنهنجي طاقت مضبوط ڪئي هوندي (15)  . هو هن ڳالهه لاءِ به سمجهاڻي نٿو ڏئي ته ”ميئوز“ پنهنجي لاءِ پارٿي لوڪن وارو خطاب ”بادشاهن جو وڏو بادشاهه“ ڇو اختيار ڪيو، يا گنڌارا واري ساڪه قبيلي جي بادشاهي آخر ۾ پهلوا قوم واري بادشاهه ”آزس“ ڏانهن ڇو منتقل ٿي، پر انهن لاءِ سبب ڏيڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي، جيتوڻيڪ حقائق ۽ حالتون وڌيڪ پراڻي انهيءَ نظريي سان ٺهڪنديون نظر اچن ٿيون ته ”ميئوز“ هندستان ۾ اڀرندي ايران کان داخل ٿيو هو. هيءَ حقيقت  به ڌيان لائق آهي ته ٽامي جي تختيءَ تي اڪريل ڪتبي ۾، جنهن ۾ هڪ وڏي بادشاهه ”موگا“ جو ذڪر ڪيل آهي، ۽ جنهن کي ”ميئوز“ سان شناخت ڪيو وڃي ٿو، جيڪو مهينو اڪريل آهي، سو پارٿين مهينو آهي. انهيءَ ڪري  راپسن هيءُ دليل پيش ڪري ٿو ته جنهن سن جي ذريعي- سال 78- ان جي زماني جو تعين ڪيو ويو آهي، سو به شايد پارٿين سال هو، ۽ هن جي راءِ آهي ته هنن جو اهو سن شايد سال 150 ق-م کان وٺي شمار ٿيڻ لڳو هو، جڏهن پارٿي لوڪن سيستان ۽ اڀرندي ايران تي پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي هئي، اهڙيءَ طرح ”ميئوز“ گنڌارا ۾ پنهنجي بادشاهي سال 72 ق-م کان اڳ ۾ شروع ڪئي هوندي، جيڪا ڳالهه انهيءَ دور ۽ بعد واري زماني جي سڪن مان ملندڙ ثابتين سان پوريءَ طرح ٺهڪي اچي ٿي (16). انهيءَ سن جي شروعات لاءِ نارائڻ به ساڳئي سال کي مقرر ڪري ٿو، پر جيئن ته هو ”ميئوز“ کي”سائي“ يا ”ساڪه“ سمجهي ٿو، انڪري هي انهيءَ سن جي شروعات لاءِ ٻيا رايا پيش ڪري ٿو- هو هن نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته اهو ”ياوانه“ سن هو،جيڪو هندستان جي وڏي کان وڏي يوناني بادشاهه مينئنڊر طرفان رائج ڪيو ويو هو، ۽ ان جي شروعات به هن بادشاهيءِ جي ابتدا کان شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ اهو سن ”ميئوز“ پنهنجي لاءِ پڻ اختيار ڪيو، جڏهن هن هزاره ۽ سوات ماٿري فتح ڪئي، جيڪي هن کان اڳي مينئنڊر جي بادشاهيءَ ۾ شامل علائقا هئا. هو ”ميئوز“ جي بادشاهيءَ جي ابتدا 100 کان 75 سال قبل مسيح ۾ مقرر ڪري ٿو. نارائڻ انهيءَ سن لاءِ بعد جي شروعات متعلق ”لوهئيزن ڊي ليئو“ جي پيش ڪيل نظريي کي رد ڪري ٿو، ۽ ان لاءِ هن  وٽ معقول سبب آهن (17).

راپسن اندازو لڳايو آهي ته سنڌ کي انهيءَ زماني ۾، جڏهن ان تي سيستان کان آيل سٿين لوڪن قبضو ڪيو هو،  آرڪوسيا جو وائيسراءِ پنهنجن علائقن جو هڪ حصو شمار ڪندو ٿي رهيو (18). هن ڳالهه جو يقيناً امڪان آهي ته وونونس، هڪ خود مختيار حڪمران بنجڻ تي، انهيءَ صوبي جي مٿان بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي هجي، خصوصاً جيڪڏهن  نارائڻ جو اهو نظريو قبول ٿو ڪجي ته اوڀر ايران جا سٿين ۽ پارٿين لوڪ اهڙيءَ طرح سان هڪٻئي سان رليل مليل هئا، جو اهي مجموعي طور هڪ ئي قوم- پهلوا- بڻجي ويا هئا، اتر هندستان ۾ پڻ، جتي (نارائڻ جي نظريي مطابق) ساڪه لوڪ،  جن ”ميئوز“ جي سرڪردگيءَ ۾ گنڌارا فتح ڪيو هو، هڪ الڳ قبيلو هئا، ۽ انهن جو پارٿيا سان ڪو اڳ جو واسطو ڪونه هو، ساڪه ”ميئوز“ جي نالي جي هڪ پهلوا خود مختيار بادشاهه ”آزشش“ جي نالي سان رودبدل جي ڪري ساڪه لوڪن جي حڪمران طبقي جي اهميت ۽ درجي تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو هو. پهلوا گهراڻي جي گونڊو فرنس بادشاهه جي راڄ ۾ پَتيڪا کي، جيڪو ”ميئوز“ جي ڏينهن جي وائيسراءِ لياڪا ڪسولڪا جو پٽ هو، وڏي وائيسراءِ جي عهدي تي فائز ڏٺو وڃي ٿو. انهيءَ دور ۾ مٿورا ساڪه قبيلي جي هڪ ٻئي وڏي وائيسراءِ، رانجوبولا، جي حڪومت هيٺ هو. اهي گورنر (يا وائيسراءِ) پنهنجا جدا سڪا پاڻ ٺهرائيندا هئا، ۽ هڪڙي فقط ”بادشاهه“ جي خطاب کان سواءِ، شاهي گهراڻي جون ٻيون سڀ رعايتون ۽ حق ماڻيندا هئا (19).

پهرين صدي قبل مسيح جي دوران اتر ۽ اتر الهندي هندستان ۾ ساڪه لوڪن کي جيڪو تسلط حاصل هو، تنهن جو عڪس جين ڌرم وارن جي هڪ روايت مان ملي ٿو، جيڪا انهن جي اجين فتح ڪرڻ بابت آهي، ۽ ممڪن آهي ته انهيءَ روايت جو ڪو تاريخي بنياد هجي. چيو وڃي ٿو ته ڪالڪه، درويش، اُجين جي راجا، گرداڀيل جي هٿان بيعزت ٿي، ساڪه لوڪن جي ملڪن ڏانهن هليو ويو، ۽ اتان جي ڪن سردارن کي اجين جي بادشاهيءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيائين. هو انهيءَ گهراڻي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر ڪجهه سال پوءِ، گرداڀيل جي پٽ، مشهور معروف، وڪرمادتيه، ساڪه لوڪن تي حملو ڪري، کين مالوا مان تڙي ڪڍيو، وڪرمي سال انهيءَ فتح جي سال 88 ق-م کان وٺي، شروع ٿيل چيو وڃي ٿو (20).

هيءَ ڳالهه خاص طور قابل ذڪر آهي ته ڪالڪه واٰٰضح طور ذڪر ڪري ٿو ته ساڪه لوڪن جي بادشاهه جو لقب ”ساهنساهي“، يعني ”بادشاهن جو بادشاهه“ هو؛ ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو واقعو ”ميئوز“ جي زماني ۾ ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي معلوم آهي ته ساڪه لوڪن جو اهوئي هڪ بادشاهه هو، جيڪو اهو لقب استعمال ڪندو هو. ٻئي طرف، اتر پنجاب انهيءَ زماني ۾، جنهن ۾ انهيءَ واقعي جي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، مشڪل ڪو ”ساڪه لوڪن جي وطن“ جي نالي سان مشهور هوندو؛ نه وري ”ميئوز“، جنهن جي ٻنهي پاسن کان دشمن بادشاهتون قائم هيون، ايڏيءَ ڏورانهينءَ مهم لاءِ ماڻهو بچائي، اوڏانهن موڪلي سگهي ها. اسين هيءَ ڳالهه وڌيڪ آسانيءَ سان تصور ۾ آڻي سگهون ٿا ته ڪالڪه انهيءَ ڪم لاءِ انهن سٿين سردارن ڏانهن رجوع ڪيو هوندو، جيڪي ساڪه- دوپه يعني سنڌ يا ڪاٺياواڙ ۾آباد ٿيل هئا.

عيسوي سن جي شروعات ڌاري، ”يوچي“ لوڪن جي ”ڪُشن“ نالي هڪ قبيلي، پاڻ کي بئڪٽريا ۾ انتهائي طاقتور بنايو، ۽ جيتوڻيڪ هندستان ۾ پهلوا گهراڻي جي طاقت گونڊوفرنس جي تحت پنهنجي عروج کي وڃي پهتي هئي، ان جي باوجود سندس بادشاهيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انهيءَ گهراڻي جو تنزل ۽ طاقت جو خاتمو شروع ٿيڻ لڳو هو. پهرين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري ڪُشن لوڪ گنڌارا ۾ حد دخل ٿي رهيا هئا، ۽ ڪن پهلوا گورنرن لاءِ سندن بالا حاڪم جي وفاداري جيئن پوءِ تيئن محض رسمي ۽ نالي ماتر بنجي رهي هئي، جيئن گونڊوفرنس ۽ پاڪورس جي سڪن ۾ سندن عورتن هيٺان نالن سان گڏ وڏن وڏن خطابن ۽ لقبن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو (21).

سنڌ ذري گهٽ يقيني طور گونڊوفرنس جي بادشاهيءَ ۾ شامل صوبن منجهان هڪ هو؛ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هن ڳالهه جو پورو ثبوت موجود آهي ته هن جي بادشاهيءَ کان ٿوروئي پوءِ سنڌ جا حاڪم پهلوا هئا. سال 50ع دوران سنڌ ۾ جيڪي حالتون موجود هيون، تن جو هڪ يوناني ڪتاب ”ايريٿرين (22) سمنڊ وارو پيريپلس“ ۾ بيان موجود آهي، جنهن جو ليکڪ گهڻو ڪري ڪو اهڙو واپاري هو، جنهن ٻين اهڙن واپارين جي هدايت لاءِ اهو لکيو هوندو، جيڪي مشرقي ملڪن سان واپار ڪرڻ جو خيال رکندا هوندا. هو چوي ٿو ته انهيءَ ملڪ تي پارٿين شهزادن جو قبضو هو، جيڪي سدائين هڪٻئي جي پڪڙ پڇاڙ ۾ لڳا پيا هوندا هئا.

انهيءَ دور ۾ سنڌ کي ڪافي تجارتي اهميت حاصل هئي. باربريڪومن بندر سنڌونديءَ جي مکيه شاخ جي منهن تي بيٺل هو، جيڪا ڪيٽيءَ جي عين وچ مان گذرندڙ شاخ هئي  سمنڊ رستي آيل واپار جو مال اتي پهچڻ کان پوءِ دريائي ٻيڙن ۾ چاڙهيو ويندو هو، جيڪي اهو درياءَ جي اوڀاري طرف دارالحڪومت ”مين نگر“ ڏانهن پهچائيندا هئا، جتي پارٿين شهزادو يا گورنر رهندو هو. اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو ”مين نگر“ نالو ساڪه هو. ڪنهن به يوناني شهر، حتيٰ ڪه پاتل، جو به ذڪر ڪونهي. هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر باربريڪون هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ جي پار ڪرڻ کان پوءِ پهرين پهرين هندستاني ڪناري جي انهيءَ بندر تي پهچبو هو. انهيءَ بندر تي واپاري مال جو مقدار البت ايترو گهڻو ڪونه لهندو چڙهندو هو، جيترو بيري گازا (بڙوچ) تي چڙهندو لهندو هو، جيڪو  بندر مغربي ملڪن جي واپارين جو آخري منزل مقصود هوندو هو، پر ان هوندي به هن بندر جي آمدني ۽ روانگي واپار جي چيزن جي فهرست ڪافي وڏي آهي. چانديءَ جي برتنن، پکراجن، مرجان، لوبان شيشي ۽ شراب جهڙين عياشيءَ وارين شين جي آمدني واپار مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي حڪمرانن ۽ شاهي گهراڻن جي اميرن جي زندگيءَ جو معيار اوچو هو؛ باقي ٻين لاءِ سادو سودو ڪپڙو ئي ڪافي مهانگي شيءَ هئي. جيستائين روانگي واپار جو واسطو آهي، ته ان ۾ اسان کي مختلف قسمن جا مصالحا، رنگ، ڪپهه جو سامان ۽ نير سنڌ جي مقامي پيداوار طور سڃاڻپ ۾ اچن ٿا. پر جن پشمي کلن کي ”چين کان آيل“ چيو ويو آهي، سي يقيناً گهٽ ۾ گهٽ هماليائي علائقن کان آيل هونديون، ۽ ريشمي ڌاڳو گهڻو ڪري بئڪٽريا جي رستي خود چين کان ايندو هوندو. وچ ايشيا گهڻو ڪري فهرست ۾ شامل ڪيل زمرد  ۽ ساوا پٿر- شايد مرجان- مهيا ڪندي هوندي (23).

خوشحاليءَ جو ضامن، اهو واپار، جيڪو دور دراز علائقن تائين ڦهليل هو، گهڻو ڪري انهي دور کان اڳيئي ترقيءَ جي عروج تي پهچي چڪو هو، جڏهن ساڪه ۽ پهلوا لوڪ سنڌو ماٿريءَ جا حڪمران بنيا. سڪندر جي مهم يا نيارڪس جي سامونڊي سفر جي بيانن ۾ ڪوبه اهڙو ذڪر آيل ڪونهي، جنهن مان اندازو ٿئي ته سنڌ کي ڪو اهڙو سامونڊي واپار هو، پر اهو اشارو ڏنل آهي ته سڪندر کي انهيءَ واپار کي ترقي ڏيڻ جو ارادو هو. اسين ڏسي آيا آهيون ته بئڪٽريا جي يونانين هٿان سنڌ کي فتح ڪرڻ بابت ڪوبه ثبوت موجود ڪونهي. ٻئي طرف، پيريپلس جي ليکڪ طرفان بيان ڪيل هن حقيقت مان ته ائپولوڊوٽس ۽ مينئنڊر جا سڪا اڃا تائين بيري گازا ۾ هلي چلي رهيا هئا، هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته يوناني شهزادن اتر پنجاب وارين پنهنجين بادشاهين مان ويٺي، سمنڊ رستي، مغربي ملڪن سان واپار ڪيو هو؛ انهيءَ واپار جو وڏو حصو سنڌ سان ۽ سنڌ منجهان ٿيندو هوندو. ”مِلنِدا- پانهو“ ۾ سؤوير کي هڪ وڏو سامونڊي بندر سڏيو ويو آهي، ۽ ٽارن اسان جو ڌيان انهيءَ ساڳئي زماني ۾ دجله نديءَ تي واقعي سيليوسيئا ۾ اوچتو آيل خوشحاليءَ ڏانهن ڇڪايو آهي (24).

خود سنڌ جي داخلي آسودگيءَ جي حالت، باوجود ان جي سياسي عدم استحڪام جي، پيريپلس جي هڪ بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿي:

”اهو هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ اناج ۽ چانور پيدا ٿين ٿا، ۽ ترن جو تيل، مکڻ، ململيون ۽ ڪورا ڪپڙا ٺاهيا وڃن ٿا. اهي ڪپڙا هندستاني ڪپهه مان ٺهن ٿا. اتي چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ آهن. مڪاني ماڻهن جو قد ۽ بت وڏو، ۽ رنگ ڪارو آهي. ضلعي جي گاديءَ وارو شهر مين نگر آهي، جتان وڏي مقدار ۾ سوٽي ڪپڙو بيري گازا ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. ملڪ جي انهيءَ حصي ۾ اڄ ڏينهن تائين سڪندر جي ڪاهه جا يادگار، قديم مندر، ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه محفوظ رکيا ويا آهن (25).“

نوٽ

(1) اِسٽرابو، XI. 8-2.

(2) اسٽرابو، XI. 9-2.

(3) اي- ڪي- نارائڻ، ”دي انڊو- گريڪس“ (او- يو- پي 1957ع) ص 41-140.

(4) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 563، 567.

(5) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب ص 133. 142.

(6) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ص 532، 564.

(7) هيرو ڊوٽس، ڪتاب VII، 64.

(8) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 564 ۽ فوٽ نوٽ.

(9) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب، ص 145.

(10) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ 1، ص 564؛ ڊبليو- ٽارن، ”دي گريڪس اِن بئڪٽريا ائنڊ انڊيا“ ص 322؛ نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب ص 48.

(11) وان لوهوزيئن ڊي لي وو، ”دي سٿين پيرئڊ“ (لنڊن 1949ع) ص 340- 337؛ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج 1، تصوير 9، V ۽ تصوير 27 VII.

(12) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 9-568.

(13) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب، ص 138، 141 ۽ 164.

(14) ايضاً ص 142.

(15) ايضاً 144.

(16) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 570.

(17) نارائڻ، حوالي ڏنل ڪتاب جي ص 143 جو فٽ نوٽ، ۽ ص 144: حوالي ڏنل ڪتاب ”دي سٿين پيرئڊ“ ص 4- 33.

(18) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 569 فٽ نوٽ.

(19) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، 1، ص 6-575.

(20) ”دي سٿين پيرئڊ“، ص 1- 330؛ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ 1، ص 168، 532.

(21) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ 1، ص 580.

(22) انهيءَ ڪتاب جي امڪاني سال لاءِ ڏسو ٽارن جو حوالي ڏنل ڪتاب ص 148 نوٽ 4.

(23) ”پيريپلس“، دفعات 38- 39.

(24) ”مِلندا پانهو“، ٽرينڪنر ڇاپو، ص 359. هيءَ ڳالهه غيرامڪاني ڪانهي ته هيءُ ملڪ انجيل واري اوفير سان مشابهت رکندڙ هجي. ڪننگهام، ”ائنشنٽ جاگرافي آف انڊيا“، ص 569- 571. ٽارن – حوالي ڏنل ڪتاب، ص 261.

(25) ”پير يپلس“، ڇاپو مئڪ ڪِر نڊل، سيڪشن 41.

 

 

 

 

 

(8)

سنڌ، عيسوي سن جي پهرين

 پنجن صدين دوران

 

عيسوي سن جي پهرينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾، اتر الهندي هندستان مٿان پارٿين لوڪن جي بادشاهيءَ جو ڪُشن لوڪن جي هٿان انت آيو. اهي ماڻهو وچ ايشيائي غول ”يوچي“ جي پنجن قبيلن منجهان هڪ قبيلو هئا، جن اٽڪل ٻه صديون اڳي ساڪه لوڪن کي بئڪٽريا مان هڪالي ڪڍيو هو. ڪُشن لوڪن جي سردار، ڪجولا ڪَدفائيسز پاڻ کي سڄي ”يوچي قوم“ جي مٿان اعليٰ ترين طاقت جو مالڪ بنايو، ۽ هن سنه 50ع ڌاري ڪابل ماٿريءَ تي قبضو ڪيو. هن جي پُٽ، وما، ٽئڪسلا ۽ ان جا ملحق علائقا پنهنجي سلطنت ۾ ملايا.

وما جو جانشين ڪنَشِڪ شايد سنه 78ع ۾ ڪشن گهراڻي جي تخت تي ويٺو، ۽ ٿورن ئي سالن ۾ هن پاڻ کي اتر سنڌ جو بالا حڪمران بنائي ڇڏيو. بهاولپور جي قريب سُئي وِهار ۾ لڳل هڪ ڪتبي ۾ هن پاڻ کي ”ڪنشڪا، بادشاهن جو وڏو بادشاهه، ۽ ديوتائن جو پٽ“ سڏيو آهي. انهيءَ ڪتبي جي تاريخ، مقدوني مهيني ڊائسيوس جو اٺاويهون ڏينهن آهي، جيڪو هن جي راڄ جي يارهين سال ۾ آهي (1). ڪَنشِڪَ ڪشمير، گنگا ماٿريءَ ۽ اتر ۽ اولهه هندستان جي وڏي علائقي کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿئي ٿو ته هن پارٿين لوڪن سان هڪ طويل ڪامياب جنگ ڪئي، ۽ ابتدائي شڪست کائڻ کان پوءِ، آخرڪار  هن چين کان ڪاشغر، يارقند ۽ خُطن جا  صوبا کسي ورتا.

ڪنشڪ، پُرش پور کي پنهنجي دارالحڪومت جو شهر بنايو، جيڪو پشاور جي ويجهو هو، ۽ هن پنهنجي وسيع سلطنت تي وائيسرائن جي ذريعي اتان ويٺي حڪومت هلائي. معلوم ٿئي ٿو ته جن شخصن کي هُن هندستاني صوبن جي حڪمراني ڏني، انهن ۾ڪيئي پهلوا ۽ ساڪه قومن جا سردار شامل پڻ هئا، جن مان ڪن پارٿيا جي عظيم بادشاهه کي پنهنجو بالادست حڪمران تسليم ڪيو هو ۽ ڪي مڪمل طور خود مختيار هئا. هن ڳالهه جو امڪان آهي ته ڪَنشِڪَ، هندستاني فتوحات ڪرڻ لاءِ انهن سردارن کي وڏيءَ حد تائين استعمال ڪيو، اعليٰ درجي واري گورنر کي ”مهاکشترپا“ ۽ گهٽ درجي واري گورنر کي ”کشترپا“ جو خطاب مليل هوندو هو. اهي نالا ۽ لقب هنن کي پارٿين لوڪن کان ورثي ۾ مليا هئا (2).

ڪَنِشڪ اٽڪل ٽيويهن سالن جي بادشاهيءَ کان پوءِ عيسوي سن جي ٻي صديءَ جي شروعات ڌاري گذاري ويو. هن جي جانشينن مان سڀني کان وڌيڪ مشهور هووُيشڪ ۽ واسوديو ٿي گذريا آهن. انهي ٻنهي مان پوئين نالي وارو ڪَنشِڪَ جي تخت تي ويهڻ کان اٺانوين سال به بادشاهي ڪري رهيو هو. ڪتبن جي شهادت مان هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ڪجهه بنياد ملي ٿو ته ڪَنشِڪَ کان هڪدم پوءِ سندس جانشين واشسَڪ هو، ۽ هن ڪي چار يا پنج سال حڪومت ڪئي؛ اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته واشسڪ جي پٽَ، جنهن کي ڪَنشِڪَ ٻيو پڻ سڏيو  ويو آهي، ڪجهه سالن تائين هووُيشڪ سان گڏجي، مشترڪه طور، بادشاهي ڪئي هئي. هڪ ڪتبي ۾، جيڪو انهيءَ گهراڻي جي ايڪيتاليهين سال جو آهي، انهيءَ ٻئي ڪنشڪ کي ”مهاراجا ديوپُتر“ جي خطاب سان سڏيو ويو آهي، جيڪو خطاب ڪُشن گهراڻي جي بادشاهن طرفان عام طور اختيار ڪيو ويندو هو، ٻئي طرف، هُو ويشڪ ۽ واسوديو جي سڪن جي گهڻي مقدار، ۽ واشسڪ ۽ ڪَنشِڪَ ٻئي جي سڪن جي مڪمل عدم موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته پوين ٻن نالن وارا حڪومت ۾ محض ثانوي حيثيت ۾ (3) زيردستن طور شريڪ ڪيا ويا هئا.

ڪتبن ۽ ٻين ثبوتن ۽ شهادتن مان ظاهر آهي ته هُوويشڪ ڪابل، ڪشمير ۽ جمنا جي ڪناري واري مٿرا تي بادشاهي ڪندو هو. انهيءَ مڃڻ لاءِ ڪجهه سبب آهن ته آخر ۾ هو مالوا جو قبضو وڃائي ويٺو هو؛ ٻئي طرف اتر سنڌ تقريباً وڌيڪ ٻن صدين لاءِ ڪُشن سلطنت جو حصو رهي. موهن جي دڙي جي کوٽائي جي بانيءَ، آر-ڊي- بئنرجيءَ، اتان جي ڪيترين ئي ٻڌڌرم جي عمارتن مان هُوويشڪ جي جانشين واسوديو جي سڪن جو وڏو تعداد لڌو، جيڪي ٽامي جي مشهور معروف نموني جا ٿلها سڪا هئا، ۽ انهن تي شو ۽ سندس ڍڳي جي شبيهه اڪريل هئي. کوٽائيءَ جي ساڳئي تهه ۾ ڀتين تي نڪتل تصويرن جا ڪي ٽڪرا ڏٺا ويا، جن تي برهمي ۽ ڪروشٿي ٻولين جي ڪتبن جا ڪي اکر لکيل هئا، اهي تصويرون مخصوص نموني جي ڪُشن طرز جي عڪاسي ڪري رهيون هيون، ۽ اهڙيون ئي ٻيون تصويرون سر آريل اسٽين کي خُطن جي علائقي مان مليون هيون. انهن جي دور بابت، بهرحال شڪ آهي. موهن جي دڙي جي ٻڌ ڌرم وارين سطحن مان وڌيڪ تعداد ۾ لڌل ٻين سڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي سڪا اهڙي نموني جا هئا، جيڪي بظاهر ان علائقي لاءِ مخصوص هئا- اهي ڌاتوءَ کي پلٽي ٺاهيا ويا هئا، ۽ نه ڌڪ ذريعي مهر جو ڇاپو هڻي، انهن جي شڪل مستطيل هئي ۽ انهن تي هڪ اهڙي شبيهه ٺهيل هئي، جيڪا صليب، ترشول يا ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ علامت سان وابسته ٿي سگهي ٿي، پر انهن تي ڪي به اکر لکيل ڪين هئا. انهن سڪن تي نظر ايندڙ شاهي شبيهه تي پيل لباس جي شهادت جي آڌار تي معلوم ٿئي ٿو ته اهي بعد واري انهيءَ زماني سان وابسته آهن، جڏهن ڪُشن گهراڻي جا هندستاني علائقا پنجاب جي سرحدن کان مشڪل ڪي ٻاهر هئا. ان جي باوجود اتان لڌل هڪ ٻئي نموني جي سڪي جي هڪ طرف باهه جو قربانگاهه ۽ ٻئي طرف ماڻهوءَ جي شبيهه نڪتل آهي. اهي علامتون، نه فقط ڪدارا ڪشن لوڪن ۽ ساسانين جي سڪن تي نڪتل آهن، پر ساڳئي وقت اهي شبيهون هيفٿالائيٽ لوڪن يا اڇي چمڙيءَ وارن هُوڻ لوڪن پڻ اختيار ڪيون هيون، ۽ ساڳئي نموني جي ڪن ٻين سڪن کي، جيڪي ٻين هنڌن تان لڌا ويا آهن، وڏي اعتماد ۽ يقين سان عيسوي سن جي چوٿين يا پنجين صديءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي (A 3).

اپر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي کان ڪجهه ميل اولهه طرف، جُهڪڙ وٽ، هڪ قديم آثار جي ”قريبي“ زماني سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ ساڳيءَ نوعيت ۽ ساڳيءَ شهادت وارا سڪا لڌا ويا آهن. اتي واسو ديو جا سڪا پڻ لڌا ويا هئا، پر انهن سڪن کان وڌيڪ تعداد ۾ اهي مخصوص شڪل ۽ صورت جا سڪا مليا، جيڪي موهن جي دڙي واري ”اسٽوپا“ جي قريب ڪُشن گهراڻي جي زوال واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. ان کان سواءِ، هنن سڪن جهڙا ڪي سڪا ”يا ته ٺڪر  جي انهن مهرن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا انهن سان گڏ مليا، جن تي گپتا دور جي اکرن ۾ ڪجهه تحرير ٿيل هو، جيڪي شايد پنجين عيسوي صديءَ جي زماني کان گهڻيءَ قدامت جا ناهن (4).“

جهڪڙ وارين کوٽاين مان مليل چيزن جي شهادتن جي وڌيڪ جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، هيءَ ڳالهه بهتر ٿيندي ته انهيءَ دور ۾ زيرين سنڌ ۾ ظاهر ٿيل واقعن ۽ حالتن تي، جيتريقدر به انهن جو سراغ ملي سگهي، غور ڪرڻ گهرجي.

هيءَ ڳالهه ذري گهٽ اڻٽر هئي ته شاهي نسل جا ماڻهو، جيڪي هيڏي وسيع سلطنت جي دور دراز صوبن جي نائبي اختيارن هلائڻ لاءِ مقرر ڪيا ٿي ويا، اهي مرڪزي اقتدار سان فقط ان وقت تائين وفادار رهي ٿي سگهيا، جيسين ان مرڪزي اقتدار جو مالڪ غير معمولي صلاحيتن جو ڪو شخص هجي. معلوم ٿئي ٿو ته ساڪه گورنرن جون خود مختياريءَ ڏانهن مائل حڪومتون ۽ پهرين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ دوران، ڪُشن گهراڻي جي طاقت ۾ اچڻ کان اڳي، اُجين ۽ مٿورا جي علائقن جي عظيم ساڪه گورنرن جون هر عملي  صورت ۾ خود مختيار حڪمرانيون هندو نشاته ثانيه (5) جي قوت اڳيان نيٺ مغلوب ٿي ويون، پر ڪنشڪ جي مرڻ کان پوءِ، ٻي عيسوي صديءَ ۾ ساڪه سردارن ڪنهن طرح هڪ دفعو ٻيهر پڻ اولهه هندستان ۾شاهي مرتبو حاصل ڪري ورتو. اهي، بهرحال، کشترپا جهڙن اصلوڪن نائبي خطابن تي ئي راضي ۽ قانع رهندا آيا.

منجهانئن ”مغربي والين“ جي نالي واري گهراڻي جو باني چيستنه هو، جنهن جي متعلق جاگرافيدان ٽالمي لکيو آهي ته هو مالوا (6) ۾ اجين جو  حڪمران هو. هن جي باري ۾ جيڪو اوائلي کان اوائلي سال معلوم اهي، سو 130 عيسوي سن آهي، جڏهن سندس پوٽو رودارد من هن جي بادشاهيءَ جي انتظام هلائڻ ۾ ساڻس شريڪ هو. اهو روداردمن  مغربي والين ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور ٿيو. جهوناڳڙهه ۾ سندس لڳل ڪتبي جي مطابق، جنهن تي سال 72 لڳل آهي (جيڪو سنه 150ع جي برابر آهي)، هن جي بادشاهي اتر ڪونڪن، گجرات، مالوا، وچ ۽ ڏکڻ- اولهه راجپوتانا، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ سنڌ ۽ سؤويرا تي پکڙيل هئي. هن مشرقي پنجاب جي يوڌيه حاڪمن ۽ آنڌرا جي بادشاهه سان جنگ جوٽي، انهيءَ پوئين نالي واري بادشاهه کان ئي هن ڪاٺياواڙ ۽ اتر ڪونڪن (7) کٽيو هو. ڪتبي تي هن جي  زيرين سنڌ جي فتح جو ذڪر ڪونهي، پر عين ممڪن آهي ته ان فتح جو سهرو به هن جي سر تي هو، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا شهادت موجود ڪانهي ته اهو صوبو کانئس اڳ ڪو چيستنه جي علائقن ۾ شامل هو. بلڪ هيءَ ڳالهه زياده امڪاني معلوم ٿئي ٿي ته اهو صوبو رودرادمن جي اقتدار کان اڳ مقامي ساڪه يا پهلوا گورنرن جي هٿ هيٺ هو، جيڪي ڪنشڪ جي پوين سان نالي ماتر وفاداريءَ جو دم ڀريندا رهندا هئا.

رودرادمن هڪ باشعور حڪمران هو، ۽ پنهنجي وزارتي ڪائونسل جي صلاح سان حڪومت ڪندو هو. هن ڪاٺياواڙ ۾ مشهور سُد رسن تلاءَ جي نئين سر تعمير لاءِ رقم پنهنجي خانگي خرچ وارن پئسن مان ڏني، ڇاڪاڻ ته هن جي وزيرن جي ڪائونسل انهيءَ ڪم کي فائديمند نه پئي سمجهيو ۽ انهيءَ ڪري سرڪاري خزاني مان انهيءَ خرچ جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. جهوناڳڙهه واري ڪتبي ۾ هن جي متعلق لکيل آهي ته ”هن کي سڀني جاتين طرفان سندن حفاظت ڪندڙ جي حيثيت ۾ چونڊيو ويو هو“؛ ۽ هڪڙي ٻئي بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته هن قسم کنيم هو، جيڪو هو پنهنجي سڄي عمر پاڙيندو رهيو ته هو جنگ کان سواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي قتل نه ڪندو.

اهو معلوم ناهي ته لوئر سنڌ ڪيتري زماني تائين اُجين جي مغربي کشترپائن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي. ايران جي ساساني گهراڻي جي بانيءَ، اردشير باباگن، جي متعلق، جنهن سن 226 کان وٺي 241 تائين بادشاهي ڪئي، فرشتي لکيو آهي ته هو لشڪر وٺي، اتر اولهه هندستان تي ڪاهي ويو ۽ اتان جي حاڪمن کان ڏنَ ورتائين (8).اٽڪل چاليهه سال پوءِ، بهرام ثانيءَ سيستان واري ساڪه کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان کان پوءِ هو سنڌو ماٿريءَ طرف ڌوڪي ويو. هڪ ڪتبي ۾ ڄاڻايل آهي ته اتر هندستان جا ساڪه سردار بهرام جي ڏن ڀريندڙن منجهان هئا. جيتوڻيڪ هن کي پوءِ اهڙن ڏورانهن علائقن جي فتوحات کان، شهنشاهه سائرس جي وڌندڙ خطري کان پنهنجي مغربي سرحدن کي بچائڻ لاءِ واپس موٽڻو پيو؛ ان هوندي به اهو امڪان آهي ته سنڌ چوٿين صدي عيسويءَ جي ذري گهٽ اڌ تائين ايران جي بالادستيءَ هيٺ هلندي رهي. انهيءَ صديءَ جي آغاز ۾ شاهه هرمزد ٻئي ڪابل واري ڪشن حڪمران جي ڌيءَ سان شادي ڪئي؛ ۽ پرسيپولس ۾ لڳل پهلوي ٻوليءَ جي هڪ ڪتبي ۾،  جنهن جو سال سندس پٽ شاپور ٻئي جي ابتدائي سالن وارو آهي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ هڪ معصوم ٻار هو، سيستان جي ساساني نائب کي ”هند، ساڪسٿان ۽، تخارستان جي وزيرن جو وزير، ساڪنساهه، چيو ويو آهي“ (10). هن باري ۾ پڻ ڪجهه ثابتي موجود آهي ته اڀيرلوڪ پڻ، جيڪي ڏاکڻينءَ سنڌو ماٿريءَ جي اڀرندي طرف جا رهاڪو هئا، ساسانين جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪندا هئا. سنه 360ع ۾ جڏهن شاپور ثانيءَ دجله تي واقعي آميده بندر جو گهيرو ڪيو، تڏهن کيس هندستاني هاٿين ۽ ڪُشن فوجن جي مدد حاصل هئي، جيڪي پنهنجي گرومبيتَس (11) نالي بادشاهه جي قيادت ۽ حڪم هيٺ هئا، گرومبيتس جي اهڙيءَ ڏورانهينءَ مهم ۾ موجودگي تڏهن سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن اسين اها صورتحال خيال ۾ رکون ته هو ايران جي بادشاهه جو تابعدار بڻجي چڪو هو (12).

هيءُ حقيقت پڻ اهميت رکي ٿي ته اٽڪل سنه 295ع ۽ 340ع جي درميان، ”مهاکشترپا“ جو لقب اُجين ۾ متروڪ رهيو، اتان جا حڪمران فقط ”کشترپا“ (13) جي خطاب تي ئي قانع رهيا. ان اوچي خطاب کي رودراسين ٽئين طرفان وري پنهنجي لاءِ اختيار ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت ۾ هو ڏاکڻي سنڌو ماٿريءَ ۽ آسپاس واري ملڪ تي ساساني بادشاهه جي بالادستيءَ واريءَ دعويٰ کي تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪونه هو. ٻئي طرف، هن باري ۾ سندس هڪ سڪي کان  وڌيڪ، جيڪو ”سڌيرن جي ڌڙي“ مان لڌو آهي، ٻي ڪا به شهادت موجود ڪانهي ته ڪو رودراسين سنڌ کي پنهنجي بادشاهيءَ هيٺ آندو به هو (14).

لڳ ڀڳ انهيءَ دور ۾، جڏهن ايراني طاقت جو اتر هندستان ۾ زوال اچي رهيو هو. پاتلي پتر وارو گپتا گهراڻو گنگا جي ماٿريءَ ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائي رهيو هو، ۽ چوٿين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري اهو هندستان جو شهنشاهي گهراڻو بڻجي چڪو هو. انهيءَ صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ چندرگپت ٻئي ڦيرو کائي، مهاکشترپا رودراسين تي حملو ڪيو، ۽ کيس تخت تان لاهي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هن جو علائقو پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. دهليءَ واري مشهور معروف لوهي ٿنڀ تي اڪريل چندرگپت جي بيان مطابق،” هن سنڌوءَ جا ست منهن پارڪيا“ ۽ وهليڪا نالي هڪ قوم کي شڪست ڏني، جيڪا بظاهر پنجاب جي هڪ حصي تي قابض هئي (15) گپتا گهراڻي سنڌو ماٿريءَ کي پنهنجي علائقن ۾ شامل ڪيو نٿو  ڏسجي، پر ممڪن آهي ته هنن ڪجهه سالن تائين  اتان جي حڪمرانن کان ڏن وصول ڪيو هجي.

پنجين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾، اتر الهندي هندستان ۾ايراني اثر وري بحال ٿيل نظر اچي ٿو. اها ڳالهه جهڪڙ مان لڌل ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل شڪلين مان نظر اچي ٿي، ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي ڀرسان ساساني بادشاهن جا سڪا پڻ دريافت ڪيا ويا آهن. هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته اهي سونا سِڪا اهڙيءَ طرز جا آهن، جن جهڙا ٻئي ڪنهن به هنڌ نه لڌا آهن. انهن سڪن تي جيڪا بادشاهي شبيهه موجود آهي، تنهن جي پٽڪي تي چنڊ ۽ تارو لڳل آهي، جيڪا ڊزائين سڀ کان اول يزد جرڊ پهرئين جي سڪن تي نظر آئي آهي، جنهن 397ع کان وٺي سنه 417ع تائين بادشاهي ڪئي. هيءَ ڳالهه امڪان جي حد اندر آهي ته شايد اهي سڪا خاص طرح سان سنڌ ۾ هلڻ لاءِ شاهي ضربخاني طرفان ٺاهيا ويا هجن (16).ا يراني روايت مطابق، سنڌ جي علائقي تان دراصل اتان جو هندستاني راجا بهرام پنجين جي حق ۾ پاڻ دستبردار ٿيو هو، جنهن سنه 420 کان 440 تائين ايران جي حڪومت هلائي، ۽ جيڪو بهرام گور جي نالي سان وڌيڪ مشهور آهي. بهرام گور ايران جي عظيم ترين قومي هيرن مان هڪ آهي ۽ هن جي حاڪماڻي زندگيءَ کي انهيءَ رومانوي ڪهاڻيءَ جي ڄار مان صاف ٻاهر ڪڍڻ آسان ناهي، جيڪا هن جي نالي جي چوڌاري اُڻي ويئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا بهترين ڪهاڻي معلوم آهي، سا ذري گهٽ ڪشمير جي راجا جئه پِد جي باري ۾ ”راج ترنگنيءَ“ ۾ بيان ڪيل آکاڻيءَ جهڙي آهي؛ هو اڪيلائي ۾ ويس بدلائي هندستان جو سفر اختيار ڪري ٿو. اڪيلي سر هو هڪ اهڙي شينهن کي ماري ٿو، جيڪو آسپاس جي ملڪ کي ويران ڪري رهيو هو، ۽ اهڙيءَ طرح اتان جو بادشاهه مٿس مهربان ٿئي ٿو. هن جي اصليت محض اتفاقي طور ظاهر ٿي پوي ٿي، جنهن تي بادشاهه خوش ٿي، کيس ڌيءُ جو سڱ ڏئي ٿو (17).

مسلمان تاريخ نويس لکن ٿا ته هو هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري هندستان جي سرحدن جي ويجهو وڃي پهتو ۽ اتان جي بادشاهه (شايد سنڌو ماٿريءَ جي حڪمران) کي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ سان، هڪ اهڙي ٺاهه ڪرڻ تي  مجبور ڪيو، جنهن جي تحت ديبل ۽ مڪران جا صوبا هن جي حوالي ڪيا ويا، جن کي هن ڪرمان جي ولايت (18) ۾ شامل ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻن صوبن جي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ اهي خصوصي سڪا رائج ڪيا ويا هجن، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. هندستان واريءَ مهم لاءِ چيو ويو آهي ته اها بهرام طرفان ”ترڪن“- شايد اڇي چمڙيءَ وارن هُوڻ لوڪن طرفان ايران تي ڪيل پهرئين حملي- جي خلاف ڪامياب جنگ کان پوءِ شروع ٿي هئي.

سفيد ”هوڻ لوڪن سڀ کان پهريائين پنجين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ هندستان ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي اتان به ساڳيءَ طرح سڪندر گپت ڀڄائي ڪڍيو. سال 465ع ڌاري، انهن جي هڪ وڌيڪ طاقتور لهر ڪابل ۽ گنڌارا جي ڪشن بادشاهين جي مٿان چڙهي ويئي، ۽ ٿورن ئي سالن ۾ انهن سڪندر گپت، جي طاقت کي ٽوڙي رکيو. اتر اڀرندي ايران ۾ پڻ  واقعات جي ساڳيءَ نوعيت جي ڌارا ظاهر ٿي، جتي سنه 484ع ۾ شاه فيروز جي شڪست ۽ موت سان سڄو مقابلو ختم ٿي ويو ۽ دشمن جي آڏو اڳتي وڌڻ جو رستو کلي پيو. ان کان پوءِ حملي جو مکيه سيلاب هندستان ۾ ڌوڪي پيو، ۽ انهي صديءَ جي اختتام کان اڳي ئي هُوڻ لوڪن جي هڪ سردار، نلي تورومَن، مالوا جي بادشاهه جي حيثيت ۾ پنهنجا قدم ڄمايا،  ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪ هندستاني بادشاهه جا طور طريقا ۽ لقب اختيار ڪيا.

اهو معلوم ناهي ته تورومن، يا سندس پٽ مهرا گُل، جنهن جي دارالحڪومت پنجاب جي شهر جديد سيالڪوٽ ۾ هئي، جنهن کي ان وقت سڪالا سڏيو ويندو هو، سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان لاڳو ڪيو يا ان کي پنهنجي هڪ باجگذار رياست بڻايو. جن دليلن جي آڌار تي راپسن، هورنل، ڪننگهام ۽ ٻين اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌ تي هُوڻ لوڪن قبضو ڪيو هو، تن کي مسٽر  بي- ڊي- ميرچندانيءَ طرفان نهايت ئي قابليت سان رد ڪيو ويو آهي (-A18). پر، ائين نظر اچي رهيو آهي ته هُن ڳاڙهيءَ مٽيءَ جي انهن عجيب وغريب مهرن تي غور نه ڪيو آهي، جيڪي جهڪڙ مان لڌيون آهن، جن تي هڪ مرد جو ڇاتيءَ تائين بدن ڏيکاريل آهي، ۽ انهن مهرن جي سفيد هُوڻ لوڪن جي تصديق شده سڪن سان وڏيءَ حد تائين مشابهت آهي. انهن جي مشابهت ”نرڙ تي ڪنڊ ٺاهيندڙ پٽڪي،  ڇاتيءَ جي پَٺن جي مخصوص وڪڙن، ساڄي هٿ طرف منهن ڪري ڏيکاريل ڇاتي، ۽ ڏاڙهيءَ کان صاف صورت“ ۾ نظر اچي ٿي. ان کان علاوه، ڳاڙهيءَ مٽيءَ جي ٻين مهرن تي، جيڪي اتي پيل ٻين اهڙن سڪن سان گڏ لڌيون وييون آهن، جن کي چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ سان منسوب ڪيو ويو  آهي، ”سري- ڪَر پَري- هَرسَيا“ جا لفظ اڪريل آهن، يعني ”هرا (سوا) کوپڙيون پائيندڙ جون“، ۽ انهن لفظن سان اسان کي اها ڳالهه ياد ڏياري وڃي ٿي ته مهرا گُل شِوا جو پوڄاري هو (19).

اها ڳالهه بهرحال، هن ڳالهه جي قطعي ۽ يقيني شهادت ڪانهي ته اڇن هُوڻ لوڪن کي اپر سنڌ جي مٿان بالادستي حاصل هئي يا اهي ان تي حڪومت ڪندا هئا، پر پنجين صديءَ جي آخري حصي يا ڇهين صدي عيسويءَ جي شروع واريءَ انهيءَ طوائف الملوڪيءَ واري دور ۾ سنڌ جي ٻين بادشاهن جي موجودگيءَ متعلق به ڪي شهادتون موجود ڪينهن، انڪري ان دور ۾ سنڌ تي هُوڻ لوڪن جي بالادستيءَ جي امڪان کي قطعي طور رد نٿو ڪري سگهجي.

هُوڻ لوڪن جي ٻين شاخن ۽ انهن سان متعلقه قبيلن، جيڪي هندستان جي حملي ۾ هنن سان گڏجي آيا هئا، تن پڻ ڇهين صديءَ عيسويءَ جي دوران بادشاهين جا بنياد رکيا.اهڙيءَ طرح ميترڪه قبيلي وارن اڀرندي ڪاٺياواڙ جي هڪ هنڌ، نالي وَلڀيءَ ۾ وڃي پنهنجا قدم ڄمايا، ۽ گُرجرن ڏکڻ الهندي راجپوتانا ۾ هڪ ڪافي وسيع بادشاهيءَ جو بنياد وڌو. پاريهر ۽ راجپوتن جا ٻيا مشهور قبيلا هُوڻ ۽ ٻين غير ملڪي سردارن ۽ سندن انهن پوئلڳن جو نسل آهن، جيڪي پاڻ کي مڪاني امير گهراڻن جي حيثيت ۾ آباد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ کين آهستي آهستي هندو قوم کشترين طور پنهنجي دامن ۾ سميٽي ورتو. هيءَ ڳالهه غير امڪاني ناهي ته هنن وحشي لوڪن جي ڪنهن قبيلي يا ڪن قبيلن، جيڪي سماجي طور رتبي ۾ هيٺڀرا هئا، ان دور ۾پاڻ کي خودمختيار حاڪمن طور سنڌ جي مٿان مسلط ڪري ورتو هو.

اهڙيءَ طرح ڇهين صدي عيسوي اتر الهندي هندستان ۾ زبردست افراتفريءَ جو زمانو هو، ۽ ساڳئي وقت ايراني شهنشاهت جي طاقت پنهنجي عروج تي پهچي رهي هئي.

مڪاني رڪارڊن نه هئڻ جي ڪري، ايران جي قومي تاريخ نويسن (20). جي انهن ڳالهين کي چڱو خاصو وزن ڏيڻ گهرجي، ته  نوشيروان، جنهن سن 531ع کان 578ع تائين بادشاهي ڪئي، ڏاکڻيءَ سنڌو ماٿريءَ کي هڪ دفعو ٻيهر ساسانين جي حڪومت ۾ آندو. ”شاهنامي“ جي مطابق، جنهن جو بنياد انهن تاريخن تي آهي شاهه بذات خود هندستان آيو هو. ”هن جي حڪم تي سڀ ماڻهو سندس حضور ۾ آيا، اهي پاڻ کي پيش ڪرڻ لاءِ آيا ۽ سنڌوءَ جي ڪپ سان ٻن ميلن ۾ رڳو گهوڙا، هاٿي، ڪيمخاب ۽ سڪا نظر پئي آيا. وڏا ماڻهو دل جي ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ سان شاهه جي اڳيان آيا، جنهن هنن کان حال دريافت ڪيو ۽ انهن سان  سندن مرتبي مطابق هلت ڪئي.“ ٻائو ”ڪوسماس انڊيڪو پليوسٽس“ انهيءَ صديءَ جي وچ ڌاري لکي ٿو ته هن جي وقت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪيٽيءَ جو ساڄو پاسو ايران جو هو. هيءَ ڳالهه غيرامڪاني ناهي ته سنڌ جي راءِ گهراڻي پنهنجي شروعات نوشيروان جي  باجگذارن طور ڪئي. ريورٽي هن راءِ جو آهي ته جيتوڻيڪ اهي سڌيءَ طرح سان ايرانين جي ضابطي هيٺ نه هئا، ان جي باوجود هو شاهه جي بالادستيءَ کي تسليم ڪندا هئا ۽ کيس نالي ماتر ڏن ڏيندا هئا (21).

ڇهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سنڌ کي اتر اڀرندي طرف کان به شايد هيسائڻ ۽ دٻائڻ شروع ڪيو ويو هوندو. عظيم هرشا جي پيءُ، جنهن جو نالو پرڀاڪر ورڌن هو، ۽ جيڪو ٿانيشور جو راجا هو، پنهنجن پاڙيسرين مان گهڻن سان ئي ڪامياب جنگيون جوٽيون هيون، ۽ هرشا جي ڀَٽَ، بانا، سندس شان بيان ڪندي چيو آهي ته ”هو سنڌو ملڪ جي بادشاهه لاءِ ساڙيندڙ بخار وانگر هو (22).“

هيءَ حقيقت قبول ڪرڻي پوي ٿي ته تاريخ عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين جي دوران،سنڌ جي معاملن تي ڪا مختصر روشني وجهي ٿي. هيءُ صوبو ايران جي حڪمرانن ۽ انهن طاقتن جي درميان، جيڪي وقت بوقت هندستان جي اتر الهندي ملڪ تي مسلط هيون، هميشه اختلاف ۽ دشمنيءَ جو باعث رهيو. انهن غير يقيني ۽ ڦرندڙ گهرندڙ حالتن ۽ انقلابن جي درميان انهيءَ ملڪ جي استحڪام جو هڪ عنصر ٻڌڌرم معلوم ٿئي ٿو. ڪَنشِڪَ پنهنجو مذهب بدلائي ٻڌڌرم اختيار ڪيو هو، ۽ ساڪه گورنر به ان مذهب لاءِ دشمنيءَ جا جذبا نه رکندا هئا، جيتوڻيڪ انهن پاڻ برهمڻي مذهب ڏانهن لاڙو ٿي رکيو. جُهڪڙ جي کوٽاين مان مليل شهادتن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هوُڻ حمله آور شوا (23) جا پوڄاري بڻجي پيا هئا، پر هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ٿي نٿو سگهي ته انهيءَ سڄي ڊگهي زماني ۾ سنڌ جا عام ماڻهو مجموعي طور ٻڌڌرم جي پيروي ڪندڙ هئا. سنڌ ۾ جيڪي ”اسٽوپا“ (دڙا) موجود آهن، تن مان اڪثر پهرينءَ ۽ پنجينءَ صديءَ جي درميان تعمير ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح گنجي ٽڪر جي ڏکڻ طرف، ”سڌيرن جي دڙي“ مان، ديوتائن جي ڀيٽا لاءِ آندل ٻين شين سان گڏ، ڪَنشِڪَ جو هڪ سڪو پڻ لڌو ويو آهي؛ اهو ”اسٽوپا“ (دڙو) اٽڪل پهرين صدي عيسويءَ واري دور ۾ٺهيل سمجهيو وڃي ٿو (24)؛ باقي موهن جي دڙي واري اسٽوپا کي ٻي صدي عيسويءَ سان منسوب ڪيو ويو آهي. تعمير جي طرز متعلق شهادت جي بنياد تي ميرپور خاص ۽ ٺلُ مير رڪن وارا اسٽوپا هڪٻئي جا همعصر، پر ڪجهه قدر بعد واري دور جا آهن.

سنڌ جي ٻڌ ڌرم واريءَ دور جي عمارتسازيءَ جي هڪ خصوصيت، چٽساليءَ وارين خوبصورت سرن جو باقاعدي استعمال هو، جن تي آويءَ ۾ پچائڻ کان اڳ ۾، ڪچيءَ حالت ۾ چٽ ڪڍيا ويندا هئا. ساڳيوئي طريقو پشاور جي قريب ڳڙهي- جمال ۽ پنجاب ۾ شور ڪوٽ وٽان لڌل آثارقديمه ۾ اختيار ڪيل ڏٺو ويو آهي.

انهن چٽسالين مان گهڻين جي گنڌارا جي انڊو- يوناني ڪم سان قريبي هڪجهڙائي ڏسجي ٿي. ميرپورخاص ۽ مير رڪن وارن ٺلن جا ٿنڀ خاص طور ان جا مثال آهن ميرپور خاص واري اسٽوپا مان لڌل مجسمن ۾ ٻڌ جي پوشاڪ جو طريقو واضح طور گنڌارا واري طريقي جهڙو آهي، جنهن ۾ ٻڌ جا ٻيئي ڪلها ڌوتيءَ جي مٿان پاتل چوغي سان ڍڪيل ڏيکاريا ويا آهن (25).

سنڌ ۾ جيڪي به اسٽوپا گهڻي کان گهڻا محفوظ رهيل آهن، تن تي اڪريل شبيهن جي وڏي تعداد مان اها نشاندهي ٿي رهي آهي ته اهي ٻڌ مذهب جي مَهاينه مڪتب سان واسطو رکندا هئا، جيڪو ڪَنشِڪَ طرفان پسند ڪيو ويو هو (26). ٻئي طرف، اسان کي يوئان چوانگ جي بيان مان معلوم آهي ته ستين صديءَ عيسويءَ ڌاري، هماينه مڪتب کي سڀني جي مٿان بالادستي حاصل هئي. هو چوي ٿو ته سنڌ ۾ سوين مڙهيون هيون، جن ۾اٽڪل ڏهه هزار پوڄاري رهندا هئا. اسٽوپائن جي متعلق هو چوي ٿو ته راجا اشوڪ اهي انهن هنڌن تي تعمير ڪرايا هئا، جتي جتي ٻڌ جا پاڪ نشان مليا هئا (27). هن جو اشارو شايد اشوڪ طرفان ٻڌ جي مقدس يادگارن جي نئين سر ڪيل ورڇ ڏانهن آهي، جيڪا هن انهيءَ ”عظيم معلم جي جسماني موجودگيءَ“ کي پنهنجي سلطنت جي گهڻي کان گهڻو پري ۽ انتهائي دور دراز علائقن ۾ ڦهلائڻ لاءِ ڪئي هئي. ميرپور خاص واري اسٽوپا مان لڌل تمام باريڪ دٻليءَ ۾ شايد ڪا اهڙي ننڍڙي شيءَ رکيل هوندي، ۽ اهو ممڪن آهي ته اصل ۾ اها اشوڪ جي زماني ۾ تعمير ٿيل اسٽوپا ۾ رکي ويئي هوندي، ۽ ان کان پوءِ وري انهيءَ جاءِ تي ٻيهر ٺاهيل انهيءَ اسٽوپا ۾ محفوظ ڪئي ويئي هوندي، جيڪو اڄ تائين موجود آهي *. اهو به ممڪن آهي ته سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل انهيءَ دٻليءَ  جي ڀرسان لڌل شيشيءَ اندر محفوظ ڪيل رک، شايد آرهت اُپارگپت جي هجي، جنهن، يوئان چوانگ جي لکڻيءَ مطابق، اشوڪ جي هدايتن هيٺ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم کي ڦهلائڻ لاءِ ڏاڍي گهڻي محنت ڪئي هئي (28).

پوڄا پاٺ ۾ ڪم ايندڙ تختين تي، جيڪي ميرپورخاص واري اسٽوپا ۾ رکيل هيون، اهڙا اکر اڪريل آهن، جيڪي ڇهين صدي عيسويءَ ۽ ان کان پوءِ وارن سالن دوران ڪم آندا ويندا هئا، ۽ هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته انهن تي موجود ٻڌ جي اڪثر مورتين کي هندستاني طرز جا ڪپڙا پارايل آهن، ۽ انهن ۾ هڪ ڪلهو چوغي سان ڍڪيل ڏيکاريل آهي (29).

ميرپور خاص جي اسٽوپا مان هڪ اهڙي مورتي لڌي ويئي، جنهن لاءِ خيال هو ته ان اسٽوپا جي معمار يا ان جي تعمير لاءِ گهربل رقم چندي ۾ ڏيندڙ ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪئي ٿي. انهيءَ  مورتيءَ  کي  چيلهه وٽ  ڌوتي ٻڌل آهي، ڳچيءَ

 


 

* افسوس، جو سنڌ جي قديم تاريخ جو هيءُ شاندار نشان اڄ بلڪل ڊهي پٽ سان پٽ ٿي ويو آهي.

۾ هڪ هار پيل آهي، ۽ مٿي تي هڪ اهڙي پيچيده چيز رکيل آهي، جيڪا شايد وگ (Wig) يا نقلي وارن جو ٽوپ هجي. انهيءَ مورتيءَ کي روغن لڳل هو؛ ان جي ڪڻڪ- رنگي چهري ۾، اکيون، ڀرون ۽ مڇون ڪاريون هيون. ان ۾ ماڻهو هڪ هٿ ۾ هڪ ننڍو ڪنول گل جهلي بيٺو آهي ۽ ٻيو هٿ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان ڌوتيءَ جي هڪ وڪڙ مٿان رکيو بيٺو آهي، جنهن کان شايد (پيسن رکڻ لاءِ) ٻٽونءَ جو ڪم ورتو ويندو هو (30). هن جي چهري جو ڊول ۽ پوشاڪ خاص طرح سان ”هندستاني“ آهن. جيڪڏهن اهو اندازو درست آهي ته اها مورتي اسٽوپا جي تعمير لاءِ ذميوار شخص جي آهي، ته پوءِ اها سنڌ جي انتهائي اوائلي دور جي هڪ عام ماڻهوءَ جي شبيهه جي نمائندگي ڪرڻ سبب خاص طور دلچسپيءَ واري شيءَ آهي؛ اها ٻيءَ يا ٽين صدي عيسويءَ جي دور جي هڪ ممتاز واپاريءَ جي مورت ٿي سگهي ٿي.

 

نوٽ

(1) ”انڊين ائنٽي ڪئري“، ج X 1881)، ص 326 ۾ ترجمو هورنل.

(2) پنڊت ڀڳوان لعل اندراجي، جي-آر- اي- ايس 1890ع، ص 639 ۾.

(3) اين- اين- گهوش، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٽيون ڇاپو، الهه آباد، 1951ع ص 243. (A-3) سال 23- 1922 لاءِ آرڪيئالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ساليانه رپورٽ، ص 4-102 (آر- ڊي- بئنرجيءَ جو مضمون)؛ سر جان مارشل،”موهن جو دڙو ۽ دي انڊس سوليزيشن“، ج 1، ص 3- 122، 9- 127 (مضمون از اين- جي-مجمدار)

(4) اين- جي- مجمدار، ”ميمائرس آف دي آرڪيئالاجيڪل سروي آف انڊيا“، نمبر 48، ص 7 ۾.

(5) وان لوهوزيئن لي وو، ”دي سٿين پيرئڊ“ ص 336.

(6) ٽالمي VII- (i). 36.

(7) اي- پي- انڊ- VIII. ص 42 ايف- ايف.

(8) ايليٽ، ”هسٽري آف انڊيا“، VI، ص 557.

(9) راءِ چوڌاري، ”دي پوليٽيڪل هسٽري آف ناردرن انڊيا“، ڇاپو پنجون 1950ع ص 510.

(10) هورمسداس جا ڪجهه سڪا هندستاني اثر جون نشانيون ظاهر ڪن ٿا: مٿن شوا ۽ سندس ڍڳي جون شبيهون نڪتل آهن ۽ ممڪن آهي ته اهي سڪا ايراني سلطنت جي هندستاني صوبي ۾ هلڻ لاءِ خاص طور جاري ڪيا ويا هجن. رالنسن، ”دي سيونٿ گريٽ اوريئينٽل مانرڪي“، ص 141، نوٽ.

(11) ونسينٽ سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو، ص 255.

(12) هيءَ ڳالهه خاص طور اهميت واري آهي ته ساساني دور جا سڪا وڏي تعداد ۾ ٽئڪسلا مان لڌا ويا آهن. جي. مارشل: ”اي گائيڊ ٽهُ ٽئڪسلا“ ص 17، نوٽ.

(13) راءِ چوڌاري، ”پوليٽيڪل هسٽري آف ائنشنٽ انڊيا“، ص 510.

(14) ڪزنس، ”ائنٽي ڪوئٽيز آف سنڌ“، ص 4- 183.

(15) ”ستن مهينن“ جي معنيٰ شايد ”پنجاب جا ست معاون درياءَ“ هجي.  اين- اين-گهوش، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ص 7-275.

(16) ڪزنس، ص 183.

(17) ”راج ترنگني“، ترجمو ايم- اي- اسٽين، ج 1، ص 163- 159 (بُڪ- V، ص 462- 419).

(18) ”فارس نامه“ ص 82؛  طبري 1/868، بلوچ نبي بخش خان طرفان ”دي پوليٽيڪل انفلوئنس آف پرشيا ان پري- اسلامڪ ٽائيمس“ ۾ حوالو ڏنل- جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، ج VIII، نمبر 2، ص 5- 74.

(A-18) بي- ڊي- ميرچنداڻي، ”جرنل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بامبي“، 5-1964ع، ص 85-61 ۾ ”سنڌ ائنڊ دي وائيٽ هَنس.“

(19) مجمدار، حوالو ڏنل ص 9-8.

(20) انهيءَ جملي ۾ طبري ۽ المسعودي شامل آهن: بحواله طبري 894-1؛ مسعودي مروج، 200II/.، بلوچ نبي بخش خان جي-ايس- ايڇ-ايس ج VIII نمبر 2، ص 5- 74 ۾ حوالي طور ڏنو.

(21) جي- اي- ايس- بي 1902ع، ص 56.

(22) بانا، ”هَرش چَريتا“، ترجمو: اي-بي-ڪائوويل ائنڊ ايف- ڊبليو- ٿامس (اوريئينٽل ٽرانسليشن فنڊ) ص 101.

(23) مجمدار، حوالو ڏنل ص 9.

(24) ڪزنس،حوالو ڏنل ص 105.

(25) ايضاً، ص 89، 97، 108- تصويرون XIX ۽ XXIV کان XXXI.

(26) ايضاً، ص 106.

(27) ساءِ- يو- ڪي، ترجمو: بيل ج II، ص 272.

(28) ساءِ- يو- ڪي، اڳ ۾ حوالو ڏنل، ڪزنس حوالو ڏنل ڪتاب ص 88، 94.

(29) ڪزنس، حوالو ڏنل ڪتاب، ص 3-92.

(30) ايضاً، ص 95.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org