سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب؛2

صفحو :4

 

جتوئي وارن ساڌن جي درٻار

جتوئين جو ڳوٺ تعلقي موري ضلع نواب شاه ۾ آهي. جتوئين جا ساڌ ساري سنڌ ۾ پرسڌ ۽ نامور آهن. ان اسٿان تي 40 يا 50 سڌو رهن ٿا. ان اسٿان جو پايو وجهندڙ ڀائي ڀوڄن داس صاحب هو. ڀائي ڀوڄنداس ان اسٿان جو بنياد اٽڪل هڪ سؤ سال ٿيندو ته جتوئين جي ڳوٺ ۾ وڌو. ان اسٿان جا مقرر ڪيل ٻنڌيان نه آهن ۽ نڪا سکي شيوڪي آهي. هو آڪاسي ورت تي پلجن ٿا. الائي ڪٿان اَن جا انبار ۽ ڪپڙن جا ٿان ۽ ٻيو سامان اچي ٿو.

 

شجرو

ڀائي ڀوڄن داس صاحب

ڀائي جيرامداس صاحب

ڀائي نارائڻ داس صاحب

ڀائي ويٺلداس صاحب

ڀائي ڀوڄنداس جو هيٺ مختصر جيون چرتر ڏجي ٿو.

ڀائي ڀوڄنداس جتوئين جي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍو دوڪاندار هو. ڀائي ڀوڄنداس جي صحبت صوفي فقير سائين دلپترام صاحب سيوهڻ واري سان ٿي. سائين دلپترام صاحب سندس گرو هئا. گرن جي آگيا وٺي ڀائي ڀوڄنداس پنهنجي ڳوٺ ۾ اسٿان کوليو جتي گرو گرنٿ صاحب براجمان ڪيائين. سڄي ساهتي پرڳڻي ۾ ڀائي ڀوڄنداس جو ناماچار سندس ايشور ڀڳتي سبب پکڙجي ويو. ڀائي ڀوڄنداس قد جا ڊگها ۽ شاندار ۽ حشمت وارا هئا. هو راڄوڻي جا فيصلا ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪري انهن جا تڪرارا نبيريندا هئا. ڪراچي جا اَن جا واپاري ٻيا سيٺيون ساهتي وارا پنهنجي ڀائيواري حساب صفا ڪرڻ وقت ڀائي صاحب ڏانهن نفع مان ڪجهه حصو ڌرمائو طور ڏياري موڪليندا هئا. هڪ دفعي درياه شاه جتوئين جو ڳوٺ پائڻ تي هو. ڳوٺ جي ماڻهن ڀائي صاحب کان اها صلاح پڇي ته سائين لڏيون يا اڃان ويٺا هجون. ڳوٺ مان لڏڻ جي ضرورت نه آهي. درياه شاه اول اسان وٽ ايندو. ٿيو به ائين جو درياه شاه صاحب اول سندس درٻار جي نم کي اچي لڳو ۽ نم کي ڇهي پوئتي ويو ۽ وري ڳوٺ نه پاتائين. ڳالهه ٿا ڪن ته ڀائي صاحب جڏهن ديولوڪ پڌاريا، تڏهن کيس چؤڏول ۾ رکي شمشان ڀومي لاءِ تياري ڪئي ويئي. تنهن کانپوءِ دير سان ٺٽ ۽ ٺٽ جا پئنچ ڀائي صاحبن جو ٻڌي ڊوڙندا آيا. پئنچن جو ارادو ٿيو ته ڀائي صاحبن اڳيان پتاشا رکي درشن ڪجي. ٿوري وقت ۾ ڀائي صاحب چؤڏول کان ٻاهر هٿ ڪڍي پتاشا وٺي وري هٿ پيڙي ڇڏيا. سڀيئي پئنچه اها حالت ڏسي ڀائي ڀوڄنداس صاحب جي واه واه ڪرڻ لڳا.

ڀائي ڀوڄنداس صاحب جي سماڌ ڳوٺ جي ويجهو سندن باغ ۾ رکيل آهي. سندس سماڌ صاحب تي شؤ ڏينهن وڏو ميلو لڳندو آهي. ڀائي ڀوڄنداس صاحب وڏا سڌ ۽ يوگي ٿي گذريا آهن. جتوئين وارن ساڌن جي درٻار جون شاخون ڏيپارجن ٺارو شاه ۽ ڀرين ۾ آهن. جتوئي واري درٻار سان لاڳو هڪ باغ آهي. جنهن ساڌ پنهنجن هٿن سان ڀاڄيون ۽ ميوو پوکيندا آهن.

ان اسٿان سان ساڌ ڀائي هربخش رام چڱو ڀڄنيڪ ساڌو ٿي گذريو آهي.

ڀائي ڀائي ڀوڄنداس کانپوءِ سندس پٽ ڀائي جيرامداس گاديءَ تي ويٺو. ڀائي جيرامداس پنهنجي پتا وانگر ڀڄنيڪ، ايشور جو پيارو ڀڳت هو. هو سال 1900ع ۾ ديولوڪ پڌاريو. سندس فرزند ڀائي نارائڻداس صاحب گاديءَ تي ويٺو ڀائي نارائڻداس صاحب به پورن سنت هو. هن صاحب شادي ڪانه ڪئي ڪڏهن ڪنهن تي ڪونه ڏمريا، ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار پنجن ئي کي جيتي ڇڏيو هئائون. هو بلڪل سادي سڀاءَ جو ڀورڙهو، دنيا جي وهنوار ۽ پرپئنچ کان الڳ رهندو هو. ڀائي صاحب هٿ جا بلڪل ڇوٽ هئا. هو رڌين سڌين جا مالڪ هئا. جيڪي ملندو هو سو سڀ ڀنڊارا ڪري خرچي کائي ڇڏيندا هئا. غريب، شاهوڪار کي هڪ نظر سان ڏسندا هئا. ڀائي صاحب وٽ اَن، ڪپڙي ۽ پئسي جي کوٽ اصل ڪانه هئي. گهرج وقت پنهنجي گدي مٿي کڻي پئسا ڪڍندا هئا. غريبن کي دان ڪري خوب هٿ ٺاريائين. ڀائي صاحب چوندو هو ته ساڌ سنت وٽ پئسو ڪٺو ٿيل هوندو ته ان پئسي ۾ سندس ممت رهندو. سڄو وقت هري ڀڄن ۽ ڪٿا ڪيرتن ساڌ سنگت ۾ گذاريندا هئا. ڀائي صاحب سال 1926 ۾ 50 ورهين جي ڄمار جا ديولوڪ پڌرايا. سندس پويان سندس ڀائيٽو ڀائي ويٺلداس گادي تي ويٺو.

 

 

اسٿان ٿلهي وارن ساڌن جو

سنڌ ۾ ٿلهي وارا ساڌ پرسڌ آهن. هر ڪنهن سنڌ واسي انهن جو نالو ٻڌو آهي.

تعلقي خيرپور ناٿن شاه ۾ سيتا روڊ کان 6 مئَل پري هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. جنهنجو نالو تلسي ٿلهو آهي. ان اسٿان ۾ سدائين ڀڄن ۽ ستسنگ ٿئي ٿو. درٻار ۾ هڪ وديا آشرم آهي، جيئن ساڌو ۽ گرهستي ڌرمي شاستر پڙهن ٿا. سنتن ساڌن جي رهڻ لاءِ اَنيڪ ڪٽيائون آهن. روز لنگر ۾ رات ڏينهن اٽڪل هڪ سؤ آدمي رسوئي وٺن ٿا. اسٿان کي ڪي مقرر ڪيل ٻنڌيان ڪونه آهن. مڪان جي آڪاسي ورتي آهي. ڪن پريمي سکن کي ٽڪرا زمين جا درٻار کي بخشيش ڪري ڏنا آهن. سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي جا رهاڪو هن درٻار جا شرڌالو سک آهن. اٽڪل پنجاهي ساڌو سنت ان اسٿان تي رهن ٿا. اهو اسٿان سنڌ جو هڪ تيرٿ اسٿان آهي. ان اسٿان جو هڪ مکيه گاديسر سنت ڀائي ڪندنداس ٿي گذريو آهي. جنهن 40 سال گادي تي رهي درٻار جي شيوا ڪئي هئي. ان اسٿان جو پايو وجهندڙ سوامي مودي داس هو جو 135 سال ٿيا ته پنجاب کان سنڌ ۾ آيو هو هن صاحب ان اسٿان کي ايڪانت اسٿان ڄاڻي اتي رهي ايشور جو ڀڄن ڪيو. ان اسٿان جي سنڀال لاءِ پشت به پشت هڪ سنت گادي تي رهي ٿو. سوامي ڪندنداس صاحب جا جيون چرتر هيٺ ڏجن ٿا. ڀائي ڪندانداس جا مائٽ خيرپور ناٿن شاه جي هڪ ڳوٺ مهدي شاه ۾ رهندا هئا. سندس مائٽن ٻالڪ کي ٿلهي وارن ساڌن کي ارپڻ ڪيو. سندس گرو ڀائي موتيرام صاحب هو. ڀائي ڪندنداس 11 ورهين جي ڄمار ۾ گادي نشين ٿيا. ڀائي ڪندنداس ورڪت جڳياسو ساڌ هو. هن شادي نه ڪئي. ڀائي ڪندنداس گرن جي واڻي اچاري، رام نام جو سمرن ۽ ستسنگ ڪرڻ ۾ پنهنجو وقت سڦلو ڪيو. سڄو ڏينهن درٻار ۾ هريءَ جو ڪيرتن ۽ ست شاسترن جي پڙهڻ ۽ ويچارڻ ۾ ساڌ گذارين ٿا. اتم پراڻ، يوگ وشتٽ، ڀڳت مالها ۽ ٻيا ڌرمي پستڪ جي پڙهڻ ۽ ويچار ۾ درٻار جا سنت وقت سڦلو ڪن ٿا. اٽڪل ويهه کن وديارٿي ساڌ ان مڪان تي رهن ٿا. جنکي ڌرمي شاستر پاڙهيا وڃن ٿا ۽ جنکي روٽي ۽ ڪپڙو ملي ٿو. سوامي ڪندنداس صاحب ان مڪان جو نالو ۽ پرتاپ پنهنجي شيشل رهڻي سان ساري سنڌ ۾ پرسڌ ڪيو. سوامي جن نت نيم سان 4 بجي رات جو اٿي سج اُڀرڻ تائين ايشور جي نام سمرڻ ۽ ڌيان ۾ سڦلو ڪندا هئا. تنهن کانپوءِ درٻار جي شيوا ڪندا هئا. گئو شالا، کوه ۽ باغ جي نگهباني پاڻ ڪندا هئا. ساڍي يارهين بجي مهل سنان ڪري ڏيڍ ڪلاڪ شريد ڀاڳوت گيتا ۽ گرو گرنٿ صاحب مان ڪٿا ڪندا هئا. تنهن کانپوءِ ٽڪري کائي آرام ڪندا هئا. وري شام جو آتم پراڻ، گيتا ۽ يوگ وشتٽ جي ڪٿا ڪندا هئا. انهي طرح سارو ڏينهن ايشور جي ڀڄن ڪرڻ ستسنگ ڪرڻ ۽ مڪان جي شيوا ۾ سڦلو ڪندا هئا. ڀائي ڪندنداس وڏا حشمت وارا هئا. ڀائي صاحب ساڌن ۾ ساڌ ۽ پئنچن ۾ پئنچ ڪامورن ۾ ڪامورا هئا. وٽن وڏا وڏا ڪامورا سندن درشن ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. هو اُدارچت هئا. ڪنهن به گهر جائو کي ڪڏهن هٿين خالي نه موٽايائون. اَن، نقدي ۽ ڪپڙو جنهن لاءِ سوال ٿيندو هو، سو ان گهرجائو کي ڏيندا هئا. ڀائي صاحب پاڻ به ڌرم پاسي ۾ هو. ڪيترا اهڙا موقعا اچي بنيا جو درٻار مان اَن ۽ ڪپڙو اصل تار کائي ويو. ڪوٺاري ڀائي صاحبن جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻيندو هو. ڀائي صاحب ڪوٺاري کي فقط اها وراڻي ڏيندا هئا ته ڀلا رکو گورو صاحبن تي، اسانکي اسانجو اونو آهي. مزخود پاڻيهي ڪلاڪ ٻن کانپوءِ درٻار ۾ اَن جون ڳوڻيون ۽ ڪپڙي جا ٿان اچي نڪرندا هئا. ڀائي صاحبن کي ٻه کوه هئا جتان ڀاڄيون درٻار لاءِ روزمره اينديون هيون. ڀائي سنڌ اندر اسٿان جو جس ۽ ناماچار وڌايو. هزارين ماڻهو درٻار جا سک شيوڪ ٿيا. ڀائي صاحب کي هڪ گئو شالا هئي جتي ويهه کن گئو هونديون هيون. هر هڪ سال چيٽي چنڊ تي ڀائي صاحب هڪ ساڌارڻ ميلو لڳائينداو هو. ميلي ۾ ڀڄن ۽ ستسنگ ٿيندو هو. ڀائي جن 35 ورهين جي ڄمار ۾ پرلوڪ پڌاريا.

 

 

ڀائي وسڻ رام صاحب جي درٻار

ڀائي وسڻ رام صاحب جي درٻار روهڙي آسائو تر تي آهي. درياه شاه جون ڇولون درٻار جي پٿرن جي ڀت سان پيئون لڳن. ان تر کي آسائو تر ان ڪري سڏين ٿا جو ڪيترا ياتري آسائون آسون ۽ اميدون پائي انهي هنڌ تي اچي درياه شاه ۾ اکو ۽ بهرانو گهيرين ٿا. ڀائي وسڻ رام صاحب جي درٻار سنڌ ۾ مشهور ۽ هاڪاري آهي. ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو سنڌ ۾ اسٿان تي اچي مٿو نوائين ٿا. ان اسٿان تي سال به سال هڪ هفتو ڏياري کان ڏه ڏينهن اڳ تاريخ 18 اسو هڪ شاهي ميلو ڌارم ڌوم سان لڳندو آهي. ڏياري کان هڪ ڏينهن اڳ ان ميلي جو ڀوڳ پوندو آهي. ان ميلي ۾ سڄي سنڌن جون ڀڳتيون ڀڳت وجهنديون آهن. ڏه ڏينهن شاهي ڀنڊارو لڳندو آهي. ان درٻار ۾ ڀائي وسڻ رام ۽ ڀائي پاروشاه جون سماڌون آهن. اهي ٻئي سماڌيون ساڳي هنڌ آهن. انهن سماڌين مٿان هڪ وڏو قبو اَڏيل آهي. درٻار ۾ صبوح ۽ سانجهي ٻئي وقت ڪٿا ڪيرتن ٿيندو آهي. ڏهين بجي رات تائين درٻار ۾ مؤج لڳي پيئي هوندي آهي. ڀنڊارو چالو آهي. جتان هرڪو ياتري ٽڪري وٺي ٿو. جيڪو اچي سو کائي وڃي.

ان درٻار جو پايو وجهندڙ سنڌ جو هاڪارو سنت ڀائي وسڻ رام صاحب هو. سندس گرو سائين پارو شاه هو. سائين پاروشاه روهڙي شهر ۾ هڪ نامور صوفي فقير ٿي گذريو آهي. ڀائي پاروشاه اوائل ۾ پوليس صوبيدار هو، جتان کٽو ٿي نوڪري جي استعيفا ڏيئي سچي ايشور جي نوڪري ڪرڻ لڳو. اُن وقت پاروشاه جي عمر ٻٽيهه ورهيه هئي. نوڪري تان فارغ ٿي هن صاحب درياه آسائوتر جو ڀائي وسڻ صاحب جي درٻار جي نزديڪ آهي سو اچي وسايو ۽ ڀڳونت جو ڀڄن ڪرڻ لڳو. سائين پاروشاه جي ڪيتري واڻي رچيل آهي. هن صاحب کي شعر جوڙن جي ڏات هئي. سائين پاروشاه مستانن ۽ لؤڌوتن وانگر هن دکي ۽ ناسونت سنسار کي ترڪ ڪري روهڙي جي ٽڪرين ۽ سچن جاين تي اڪيلو گذارڻ لڳو. هو ڪامل ۽ فقير جي صحبت ڪرڻ لڳو. سائين پاروشاه روهڙي جي ٽڪرين ۽ ايڪانت اسٿانن ۾ گذاري ايشور جي ڀڳتي ڪئي ۽ تنهن کانپوءِ حياتي جو پويان پندرهان سال هن صاحب پنهنجي اباڻي جاءِ ۾ مٿي ماڙي تي ايڪانت ۾ رهي ايشور جو ڀڄن ڪيو. ڀائي وسڻ رام صاحب سائين پارو شاه جو مکيه شش هو. ڀائي وسڻ رام صاحب تي سائين پارو شاه جو خاص راضپو هو.

ڀائي وسڻ رام صاحب، جڳياسو ڀڳتن جي آڪهه مان هو. سندس پتا ڀڳت گيانچند هو. اصل خيرپور ۾ رهندا هئا پر پوءِ روهڙي ۾ اچي رهيا. وسڻ رام صاحب جو جنم مانگهه 1904 سنبت ۾ ٿيو. ڀائي وسڻ رام اڀياسي ڀڳت جن هو. فقط پنهنجي ئي اسٿان تي ساري عمر ايڪانت ۾ ويهي ايشور جو نالو چپائين ۽ اڀياس ڪيائين. سندس درٻار ۾ سدائين ڀنڊارو لڳو پيو هوندو هو. هي سنت سڀني آيلن کي پنهنجي هٿن سان روٽي وٺي کارائيندو هو ۽ پاڻي پيئاريندو هو. هٿن سان ڪم ڪار سدائين پيو ڪندو هو. اسٿان کي جڏهن مرامت جي گهرج ٿيندي هئي ته اها پاڻ هٿن سان ڪندو هو. ڀائي وسڻ رام رڌين سڌين جو مالڪ هو. هڪ ڀيري هڪڙو سک بي قاعدي هڪ ڳوڻ ڀنگ جي بنا ليسن درٻار لاءِ کڻي ٿي آيو. هو واٽ تي پڪڙجي پيو هن سرڪار ۾ چيو ته هيءَ ڳوڻ مان ڀائي وسڻ رام صاحب جي درٻار لاءِ کڻائي ٿي ويس. جڏهن ڀائي وسڻ رام کان ان بابت پڇا ٿي تڏهن هن زباني ڏني ته مون هن سک کي ڀنگ آڻڻ لاءِ ڪونه چيو هو مگر هنکي اِٽڪر جي ڀاڄي آڻڻ لاءِ چيو هو. کڻي ڏسن ته ڳوڻ ۾ ڀنگ ڪانه هئي پر اڻڪرن جي ڀاڄي هئي.

هڪ رات جو جاڳرتو ڪري ڀائي وسڻ رام پنهنجن سکن ۽ سنگين سان ڀڄن ويٺي ڳايا تيئن اوچتو هڪ مائي جو ڇوڪرو ڇهن ستن ورهين جو درٻار جي دريءَ مان ڪري وڃي درياه ۾ پيو جو درياه شاه درٻار جي ڀت سان لاڳو وهيو ٿي. ڪنهن به ان ڳالهه جي سڌ نه رهي. صبوح جو سويل مائي جڏهن پنهنجو ٻالڪ نه ڏٺو تڏهن ٻار لاءِ ورلاپ ڪرڻ لڳي. مائي ڀائي صاحب کي منٿ ڪئي ته سائين ڪيئن به ڪري مونکي پنهنجو ڇوڪرو درياه مان ڪڍي ڏيو. ڪيترا ماڻهو ان حادثي سبب درياه جي ڪپ تي ڪٺا ٿيا. ڪنهن وقت اهو ڇوڪرو جيئرو جاڳندو اچي سڀني جي اڳيان بيٺو. ماڻهن ٻالڪ کان پڇيو ته تون ڪٿي هئين، هن وراڻي ڏني ته مان درياه شاه ۾ اوچتو ڪري پيس، اُتي مونکي ڀائي صاحب ڏسڻ ۾ آيو جنهن مونکي ٻانهن وٺي ڪپ سان اچي لڳايو. ڀائي وسڻ رام صاحب سنبت 1951 ۾ ديولوڪ پڌاريا. هن وقت گاديءَ تي ڀائي وسڻ رام صاحب جا پويان ويٺل آهن. درٻار ۾ سدائين ڪٿا ڪيرتن ٿئي ٿو ۽ سدائين ڀنڊارو چالو آهي.

ڀائي وسڻ رام جي درٻار روهڙي ۾ درياه جي ڪنٺي تي اهڙي هنڌ اڏيل آهي جتي پاڻ کان پاڻيهي آنند پيو اچي ۽ ايشور جي يادگيري پئي پوي. درياه شاه موج ۾ اچي درٻار جون ڀتيون پيو چمي. اهو نظارو نهايت نزاڪت ڀريو آهي. اهڙي عمدي ۽ پوتر اسٿان تي ويهي ڪو وقت ايشور جو ڀڄن ڪرڻ گهرجي.

 

 

ڪلياڻ مندر

شهر حيدرآباد ۾ گدواڻي گهٽي جي ڀرسان هڪ اسٿان ڪلياڻ مندر نالي پرسڌ آهي. ان اسٿان تي روز شام جو ڪٿا ڪيرتن ٿئي ٿو، جت روز مره سٺ ستر سنگي گڏ ٿي گرو گرنٿ صاحب جي ڪٿا ٻڌن ۽ شبد ڪيرتن ڪن ٿا. اهو اسٿان سوامي سنت ڪلاچند صاحب جي سکن سوامي ڪلاچند صاحب جي نالي ڪلياڻ مندر ٺهرايو آهي. ان اسٿان تي سال به سال سوامي ڪلاچند صاحب جي ورسي ٻه ڏينهن ملهائي ويندي آهي. اسٿان جا سنڀاليندڙ ٽرسٽي مقرر ٿيل آهن. اسٿان جو خرچ پکو سوامي ڪلاچند صاحب جا سنگي ماهيانو چندو گڏ ڪري ڪن ٿا. غريب گهرجائو ڀائرن ۽ ڀينرن کي سهائتا ملي ٿي. سنت مهاتما اچي ان اسٿان تي رهن ٿا. سوامي ڪلاچند صاحب جو مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجي ٿو.

سوامي ڪلاچند صاحب صوفي پنٿ جا هئا. سندن گرو ڀائي ڪيشورام صاحب صوفي فقير هئا. ڀائي ڪلاچند صاحب به حيدرآباد جي عاملن مان گدواڻي گهٽي جا هئا. سندس پتا ديوان رامچند گدواڻي هو، سندس جنم 16 اپريل 1876ع ۾ ٿيو. هڪ دفعي هڪ ساڌو ڀائي صاحب جي ماما کي ٻڌايو هو ته سندس پٽ هڪ نالي وارو سنت ٿيندو. ڀائي صاحب اڃان 14 ورهين جي ڄمار جا هئا. سندن دل ۾ ويراڳ اُتپن ٿيو ڀائي صاحب شري ڪرشن ڀڳوان جي تصوير اڳيان بيهي نچندا هئا ۽ راڳ ڳائيندا هئا. سندن گرو ڪامل فقير هئا. جنهنجي سنگ ۾ هو رنڱجي پيو. ڀائي صاحب شادي ڪرڻ جو خيال ڦٽو ڪري ايڪانت اسٿان تي وڃي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا ٻه ٻه ڏينهن سانده روٽي به نه کائيندا هئا. اهو وقت سوائي جن جي تيٻر وئراڳ جو هو، ڀائي صاحب ڏينهن جو ڪوٺي ۾ دروازو بند ڪري. ايشور جي ڀڄن ۾ محو رهندا هئا ۽ رات جو جھنگ پٽ ۾ ايڪانت اسٿان ۾ گهمندا هئا ۽ اتي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا وئراڳ کانپوءِ اڀياس جو رتو ڀائي صاحب کي هئن هٿ آيو هڪ دفعي ڀائي صاحب سپاهيملاڻي گهڙي مان اچي لانگهائو ٿيا ان وقت ڀائي ڪيشورام صاحب جي نظر اوچتو ڀائي صاحب تي پيئي. ڀائي ڪيشورام صاحب ڀائي ڪلاچند سان ڏاڍي پريم سان ڳالهايو ۽ ائين ڄاتو ته هي وڏو سنت ٿيندو ڀائي ڪلاچند صاحب، ڀائي ڪيشورام صاحب جو فرزند ڀائي هريرام صاحب ٻئي گڏجي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا ۽ ست شاشتر ويچاريندا هئا. سندس گرو کيس يوگه اڀياس جو رستو بتايو. سوامي جن جي گهڻي واڻي رچيل آهي، سندس تخلص ڪلياڻ هو. سوامي جن وٽ ڪيترا ساڌو سنت ايندا هئا. سوامي سنت آنند صاحب جنجو ڀائي صاحب سان گهڻو رستو هوندو هو. ساڻس گڏجي تيرٿ ياترا تي هڪ دفعي ويل هئا. ڀائي صاحب سال 1890ع تائين ويراڳه ورثي ۾ رهيا. ماڻهن کي درشن ڏيڻ لاءِ ڪجهه وقت صبوح جو ۽ ڪجھ وقت شام جو پنهنجي ڪٽيا جو دروازو کليل رکندا هئا ٿوري وقت گذارڻ کانپوءِ رات جو سندن اسٿان تي ڪٿا ٿيندي هئي هاڻي ڀائي صاحب ٿورو ٿورو وقت سنگين سان ڳالهائڻ شروع ڪيو . ڪٿا سنگي ڪندا هئا ۽ پاڻ ماٺ ڪيو ويٺا ٻڌندا هئا ڀائي صاحب گرنٿ صاحب ۽ ٻين ويدانت شاسترن جو اڀياس ڪرڻ لڳا ڪيترا سال ڪيترا سال تورتي مارگه ۾ رهي ڀائي صاحب هاڻي پرورتي مارگه ۾ داخل ٿيا ڀائي ڪلاچند صاحب گهڻي پر اپڪار جا ڪم ڪيا. ڏيتي ليتي جي رسم حيدآبادي عاملن مان گهٽائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪيائون ڀائي ڪلاچند صاحب جي بندي ڪيترا سال هلي پر اها آخر ٽٽي پيئي. ڀائي ڪلاچند صاحب پهرن پليگه ۾ حيدرآباد ۾ بيڪار ماڻهن ۽ ٻين غريب احتياج وارن جي پرگهور لڌي، سنگين سان گڏجي هر ڪنهن گهٽي ۾ چڪر هڻڻ ويندا هئا ۽ مسڪينن جي شيوا ڪندا هئا پليگه جي اسپتال ۾ وڃي بيمارن کي آٿت ڏيندا هئا ۽ هنن کي شبد ڳائي سکي ڪندا هئا غريب ڪٽنب جنکي پئسي جي تنگي هوندي هئي تن کي ڳجهه ڳوهه ۾ پئسي جي سهائتا ڪندا هئا، جنهن کي ڪابه تنگي پوندي هئي ته ڀائي صاحب وٽان پنهنجي گهرج پوري ڪري ويندو هو. ڪيترن گهرجائو گهرن جو ڪنيائون ڀائي صاحب جي مدد سان پرڻيون سندن ڏيا ۽ ڪلا اهڙي هئي جو هڪ اکر چوڻ سان ماڻهن جي دلين تي اثر پوندو هو هڪڙي پاسي هزارين روپيه ملندا هئا ته ٻئي پاسي هزار رپيا پر اُپڪار جي ڪمن ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا، ڀائي صاحب حيدرآباد جي ماڻهن ۾ خاص ڪري نوجوانن ۾ پرڀوءَ جي ڀڳتي جو ٻج ڇٽيو ڪيترا ڇوڪرا ڀائي صاحب جي صحبت ۾ سڌري پيا ڀائي صاحب ڇنڇر رات ۽ آرتوار صبوح جو پنهنجي اسٿان تي جاڳرتو ڪري ڀڄن ڀاءُ ڪندا هئا. غريب بيمار ماڻهن جي سنڀال لهڻ ويندا هئا جتي جتي ڀائي صاحب ويندا هئا تتي تتي ڀڃن ڀاءُ ڪندا هئا سوين زالون ۽ مرد ان جاءِ تي ڪٺا ٿيندا هئا ڀائي صاحب پنهنجي مڌرواڻي سان بيمار کي خوش ڪندا هئا ڪيترا سنگي صاحب ڀائي صاحبن کي پنهنجي جاءِ تي ستسنگه ڪرڻ لاءِ گهرائيندا هئا.

ڀائي صاحب چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 11 مئي 1911 پنجين جي شام جو گردي جي سور جي بيماري ۾ پرلوڪ پڌاريا.

 

 

 

سوامي ڌرمداس صاحب جي درٻار

لاڙڪاڻي شهر جي ٻاهران هڪ تلاءُ جي نزديڪ سوامي ڌرمداس جي درٻار آهي. ان اسٿان جو پايو وجھندڙ سوامي ڌرمداس صاحب آهي ڀائي ڌرمداس هڪ لڪل سنت آهي، سوامي ڌرمداس هن وقت پيرس آهي گهڻو وقت حيدرآباد ۾ گذارين ٿا درٻار جي سنڀال سندس چيلا ڪن ٿا سوامي ڌرمداس جو هڪ چيلو ڀائي اٽلرام آهي جنهن کي سوامي جن پٽ ڪري پاليو آهي جو پڻ سوامي جنجي پتا وانگر ٽهل شيوا ڪري ٿو.

ڀائي ڌتمداس صاحب تعلقي قنبر جي ڳوٺ مڻين جا ويٺل آهن، سندس پتا کي مڻين جي ڳوٺ ۾ هڪ هٽ آهي هٽ تي ڀائي صاحب ننڍي هوندي وڻج واپار ڪندو هو جلدي ساڌن سنتن جي صحبت ڪرڻ سان هنکي وائراڳه اُتپن ٿيو. هو ڀائي وسڻ رام صوفي فقير جي اسٿان تي وڃڻ لڳا، ڀائي صاحب جا گرو ڀائي صاحب جا گرو ڀائي نيڀورام صاحب هئا جو ڀائي وسڻ رام جو چيلو هو. ڀائي ڌرمداس جو ڪيترو ڪلام ننڍي هوندي کان رچيل هو وڌيڪ ڪلام رچڻ ڀائي صاحب ڀائي صاحب ڀائي وسڻ رام جي منع ڪرڻ تي بند ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن سندن ماتا ڀائي وسڻ رام کي چيو ته اوهان ڌرمون کي شادي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪريو ڀائي وسڻ رام صاحب ڀائي ڌرمداس کي پاڻ وٽ گهرائي شادي ڪرڻ جو چيو ڀائي ڌرمداس وراڻي ڏني ته مونکي شادي ڪري دنيا جي پر پنچ ۾ پوڻون ناهي مان ان حالت ۾ ڏاڍو خوش آهيان ڀائي ڌرمداس صاحب کي جڏهن ويراڳه لڳو تڏهن هن ڪيترا سال پنهنجي ڳوٺ مڻين کان ٻه ميل پري جهنگه ۾ اڪيلا وڃي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا.

مڻين جي ڳوٺ ۾ درٻار ‎ٺهرائي گرو گرنٿ صاحب رکي ويٺا. ان درٻار ۾ مهي ست شاستر جو ويچار ۽ ستسنگ ڪندا هئا. ان ڳالهه کي 30 سال ٿيندا ته سندس اچڻ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. جڏهن لاڙڪاڻي شهر جي ٻاهران هڪ تلاءُ تي آيا، تڏهن سندن چيلي ڀائي بيکارام سوامي جنکي چيو ته هي اسٿان سٺو آهي ان هنڌ تي درٻار ٺاهڻ گهرجي. ٻين سنگين جي به اها مرضي ٿي. تنين تي سوامي جن جي ان هنڌ تلاءَ جي ڀرسان هڪ ننڍي جاءِ ٺهرائي اتي رهڻ لڳا. پر هاڻي ان هنڌ وڏو مڪان ٺهي ويو آهي. دربار ۾ هڪ پڪو کوه آهي. هن وقت سوامي جنجي اسوٿا 70 ورهين جي آهي. سوامي جن پنهنجن سنگين کي اهو اُپديش ڏين ٿا ته دم تي قدم رکو يعني سواسن جي رستي اوم يا ٻئي ڪنهن گرمنتر جو جاپ ڪريو. ڀائي صاحب هڪ بي پرواه سنت آهي. ڪڏهن ڪنهن به دنيوي پدارٿ جي اڇا نٿا رکن. پاڻ سمورو وقت ايشور جي ڀڄن ۽ سماڌي ۾ سڦلو ڪن ٿا. صبوح جو 3 بجي اُٿي سماڌي ۾ وهن ٿا پوءِ مڪان تي جيڪي به ساڌو يا گرهستي ستل هوندا تنکي اُٿاري انهن سميت ڪلاڪ ڏيڍ سڀ ايشور پرائڻ ٿي رهندا. ان کانپوءِ سکمني ۽ آسادي وار ٻڌندا. ست شاستر ۽ ايشور جي نام ۽ گرن جي واڻي جو ڪنن سان شروڻ ڪرڻ تي گهڻو خيال ڏين ٿا. 8 بجي صبوح جو گهمڻ نڪرندا آهن. ڏهين بجي سناڻ ڪري سماڌي ۾ وهندا آهن. 11 بجي ٽڪري کائي آرامي ٿيندا آهن. رات جو شبد ڪيرتن ٿيندو ۽ ست شاستر پڙهبو آهي سو ويهي ٻڌندا آهن. سندن پوشاڪ سادي آهي. سوسيءَ جي پتلون، ڊگهو ڪوٽ، مٿي تي ٽوال ۽ گيروڙتو بوڇڻ، اها آهي سندن پوشاڪ، جا ساڳي گذريل پنجٽيهن سالن کان هلندي اچي.

 

 

 

 

 

شري اڏيري لعل صاحب جو اسٿان

شري نصرپور تعلقي ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ شري اڏيري لعل صاحب جو هڪ وڏو عاليشان اسٿان آهي. نصرپور جي شهر ۾ اٽڪل ساڍا نؤ سؤ ورهيه ٿيا ته شري اڏيري لعل صاحب هندن کي مسلمان بادشاه جي ظلمن کان بچائڻ لاءِ اوتر ڌارڻ ڪيو هو. ان وقت نصرپور درياه شاه جي ڪپ تي هڪ وڏو شهر هوندو هو. جنهن ڳوٺ ۾ شري اڏيري لعل صاحب جنم ورتو تنهن ڳوٺ ۾ لعل صاحب جو اسٿان هئڻ ضروري آهي. اهو پوتر اسٿان تيرٿ مثل آهي. هر هڪ چنڊ تي سوين مرد ۽ استريون حيدرآباد ۽ ٻين شهرن مان نصرپور ۾ وڃي ان اسٿان جي ياترا ڪن ٿيون. ڪيترن جو نيم هر هڪ چنڊ تي ان اسٿان تي وڃڻ جو آهي. انهن کي ان نيم پالڻ جو ڦل حاصل ٿيو آهي. جو لعل صاحب سندن من جون مرادون پوريون ڪري ٿو. چنڊ چنڊ تي ياتري لعل صاحب جا بهرانا ڪڍن ٿا ۽ موج ۾ اچي لعل صاحب جا ڀڄن ڳائين ٿا. اسٿان سڄو سنگمرمر پٿر جو ٺهيل آهي. منجهس اکنڊ جوت لعل صاحب جي جلي ٿي. ياترين لاءِ اسٿان سان لاڳو جايون آهن جن ۾ ياتري سولائي سان رهي سگهن ٿا. اهو اسٿان لعل صاحب جي ٺڪر صاحبن جي حوالي آهي. ان اسٿان تي اچڻ وڃڻ جي سهوليت آهي. حيدرآباد مان صبوح جو ميرپورخاص وري گاڏي ۾ چڙهي تاجپور نصرپور اسٽيشن تي لهي لاڙي ۾ چڙهي نصرپور سولائي تان وڃي سگهجي ٿو ۽ ساڳي ڏينهن سانجهن جو موٽي اچي ٿو. ان تيرٿ ياترا ڪرڻ جو وڏو مهاتم ۽ پڃه آهي.

 

 

 

 

سوائي صاحب جي مڙهي

سوائي صاحب جي مڙهي هڪ وڏي درٻار شهر هنگورج تعلقو گمبٽ رياست خيرپور ۾ آهي. ان اسٿان تي رڌين سڌين وارا فقير ۽ ساڌ ٿي گذريا آهن. ٻائو آشاناٿ به ان مڙهي جو هڪ ساڌو ٿي گذريو آهي. ٻائي آشاناٿ جو گرو ٻائو ڪيدارناٿ هو. هنجو جنم پير جي ڳوٺ تعلقي روهڙي ۾ ٿيو هو. سندس پتا پٽ هو، جنهن ٻالڪ کي ننڍي هوندي کان وٺي سوائي صاحب جي مڙهي جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻائي صاحب ننڍي هوندي کان و‎ٺي درٻار جي شيوا هٿن سان چڱي طرح سان ڪئي آهي. ٻائي صاحب درٻار جي جاءِ وري نئين سر ٺهرائي آهي. ٻائو صاحب ايشور جو سچو ڀڳت هو ٻائي صاحب جو پورن وشواس سوائي صاحب ۾ هو. ٻائي صاحب موج ۾ اچي جڏهن پنهنجي شيوڪن کي آسيسا ڪندو هو ته انکي رنڱي ڇڏيندو هو. ڪيترن شيوڪن کي جنکي اولاد ڪونه ٿيندو هو تنکي ٻائي صاحب ڀٽ ڏنا. هو صاحب بلڪل ادارچت هوندو هو. درٻار جي سموري آمدني لنگر تي ۽ غريبن کي کارائڻ ۽ ڪپڙي لٽي دان ڪرڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. هو حشمت وارو سنت هر پئنچاتين جا نبيرا ۽ ٻن ڌرين جي تڪرار جا فيصلا ڀائي صاحب ڪيا. سڀ ڌريون ٻائي صاحب جي ڪيل فيصلي کي قبول ڪنديون هيون. ٻائو صاحب پورن يوگي هو. سندس ڪهڻي ۽ رهڻي عجيب هئي. هزارين لکين سندس سک ٿيا. ٻائي صاحب کي گائن وديا جو گهڻو شوق هو. هر روز شام جو وٽس ڳائڻ ٿيندو هو. جتي مسافري تي وڃي لهندو هو تتي ميلو لڳي ويندو هو. اتي ڀنڊارو چالو ٿي ويندو هو جتان هرڪو کائي ويندو هو، ڀائي صاحب شرير تياڳڻ کان ٻه ڏينهن اڳي سڀني سکن شيوڪن کي گهرائي انهن کي ٻڌايائون هاڻي سندس گادي تي ٻائو ڀڳواندس ويٺل آهي.

 

 

ٽڪاڻون ڀڳت لعلو جو

شهر حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ بڙاجين جي چونڪ ۾ لعلو ڀڳت جو نامور ٽڪاڻون آهي. جتي هر روز صبوح ۽ شام لعلو ڀڳت جا سنگي گڏجي ڪٿا ڪيرتن ۽ شبد ٻاڻي ڪندا آهن. اڄ لعلو ڀڳت کي 25 سال گذر ٿي ٿيا آهن ته به لعلو ڀڳت جو ٽڪاڻون هليو اچي ان ٽڪاڻي ۾ ڀڳت لعلو جي مٽي رکيل آهي جتان سڀڪو آيو ويو پاڻي پي وڃي ٿو. ڀڳت لعلو جي سماڌ سندس سکن شيوڪن مساڻن ۾ ٺهرائي آهي. ڀڳت لعلو جهڙا لڪل ۽ سچا سنت هن زماني ۾ ڪي ڇڊا لڀندا. هو شهر حيدرآباد ۾ نامور، سچو ۽ لڪل سنت ٿي گذريو آهي. لعلو ڀڳت جو پتا ٽلڻ هو، جو شري اڏيري لعل صاحب سچو پوڄاري هو. ڀڳت لعلو ماٺ ڪري ڌرمائو پئسن تي گذران ڪونه ڪندو هو، پر بازن جو پوڙهيو ڪري بازن جي ڪمائي مان گذران ڪندو هو. عمر جو ستر، اَسي ورهين جو ٿي ويو ته به هن يار مٽير جو ڌنڌو نه ڇڏيو، وڏي اوسٿا ۾ ٽماڙ، چؤماڙ تي ڀتيون لنبندو هو. سندس شرڌالو سک شيوڪ گهڻا جن ڀڳت صاحب کي چيو ته ڀڳت سائين اوهان هاڻي ماٺ ڪري وهيو، اسين پاڻيهي پيا خرچ جي پورائي ڪنداسين. پر ڀڳت لعلو کي پنهنجي جان جي ڪمائي تي گذران ڪرڻ ۽ شڌ آهار ورتائڻ پسند آيو. ڀڳت لعلو گرهست آشرم ۾ رهي، سچ جي ڪمائي ڪري ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. ڀڳت لعلو جو شري اڏيري لعل صاحب ۾ ايترو صدق هو جو ڳالهه ٿا ڪن ته شري اڏيرو لعل صاحب ڀڳت لعلو سان ڳالهيون ڪندو هو. ڀڳت لعلو ڪڏهن به پنهنجي سڌي ۾ ڀڳتيءَ جي ڏيکاري نه ڏني پر دنوي لوڪن وانگر دنيا ۾ ورتندو هو. رات جو 4 بجي اُٿڻ جو نيم هوس. شرير جي ضروري هاج لاهڻ کانپوءِ سنان پاڻي ڪري اوني کٿو ويڙهي منهن لڪائي ويهي ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. سندس گهر سکن جي پاڙي ۾ هوندو هو. پر هو رهندو پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل ٽڪاڻي ۾ هو. صبوح جو ساڍي 5 بجي ڦليلي تي وڃي، درياه ۾ اکوپائي درياه جي ڪپ تي سوا پهر سج اڀري تائين ويهي ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. ڦليلي تان موٽي ٽڪاڻي ۾ اچي ٽڪري کائي سکو پي 10 بجي مهل ڪم تي چڙهندو هو. شام جو دير سان ڪم تان موٽندو هو. ٽڪاڻي ۾ اچي سنگين سان گڏجي ڪٿا ڪيرتن ڪندو هو. ڀڳت لعلو ۽ ڀڳت کيٽارام جي پاڻ ۾ پريت هوندي هئي، ٻئي هڪ ٻئي وٽ ٽڪاڻي ۾ ايندا هئا، ڀڳت کيٽارام پڻ هٿن سان پورهيو ڪري گذران ڪندو هو. شهر جي مکي هيرانند ۽ ڀائي چيلارام گيانچند جو ڀڳت لعلو ۾ گهڻو صدق ۽ شرڌا هوندي هئي. ڀڳت لعلو جي هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته سندس اڇي چادر ڌوئي ديگ مٿان رکبي هئي ته اَن ديگ مان سوين هزارين ماڻهن جي کائڻ کانپوءِ اَن ديگ مان اَن نه کٽبو هو. غريب جي هڪ ئي ديگ مان پورائي ٿي ويندي هئي. پڇاڙي جو جڏهن ديگ تان چادر لاهبي هئي تڏهن ڏسبو هو ته ديگ ۾ اڃا ڏهن پنڌرهن ماڻهن جو ڀوڄن بچيو پيو هوندو هو. شرير ڇڏڻ وقت پنهنجي سنگين کان موڪلايائون. 9 بجي رات جو کٿو تاڻي سمهي پيا ۽ شرير ڇڏيائون. هزارين ماڻهنو سندس چؤڏول سان مساڻن ڏانهن هليا. واٽ تي ڀڳتين ويهي شبد ڳايا. ٽپي ٽپي تي سکو ۽ سيسا ماڻهن ۾ وراهيا ويا.

 

 

ٻائي کمياداس صاحب جو ٽڪاڻو

شهر حيدرآباد ۾ کنياتي ٽنڊي ۾ هڪ درٻار ٻائي کمياداس صاحب جي نالي مشهور آهي. اها درٻار مانجهندن جي درٻار جي هڪ شاخ آهي. اها درٻار ٻائي کمياداس صاحب پنهنجي وڏن ٻائي گوبندداس صاحب جي آگيا سان اڏئي.اڳي فقط هڪ صفحو اڏيل هوندو هو ۽ ٻيو ميدان تي ميدان لڳو پيو هوندو هو. چاليهه ورهيه سانده بائي کمياداس صاحب ان درٻار جي سنڀال ڪئي. سندس ڀڳتي جي پرڀاءُ ڪري اهو ٽڪاڻو هاڻوڪي اوج کي رسيو آهي. درٻار ۾ گرو گرنٿ صاحب جو هڪ عاليشان ۽ اوچو مندر اڏيل آهي ۽ درٻار سان لاڳو ڪيتريون ڪٽيائون ساڌن سنتن جي رهڻ لاءِ آهن. درٻار سان لاڳو هڪ عاليشان ۽ وڏو مڪان ڊومڻ واه تي گوبند ڌام جي نالي سان پرسڌ آهي. گوبند ڌام ۾ ٻائي گوبند ڌام ۾ ٻائي گوبندداس صاحب جون چاکڙيون ۽ ٻائي صاحب جي تصوير رکيل آهي.

ٻائي کمياداس صاحب جي ٽڪاڻي ۾ رات ڏينهن ڪٿا ڪيرتن ۽ ڀڄن ڀاءُ لڳايو آهي. روز نت نام سان صبوح ۽ شام جو ستسنگ ٿئي ٿو جتي ڪيترا ماڻهو اچن ٿا. ٻائو کمياداس صاحب پورن ڀڳت ٿي گذريو اهي. اڄ سندس سوين هزارين شرڌالو سک شيوڪ آهن، جنجو نشچو ٻائي صاحب ۾ آهي. ٻائي صاحب جي ڪرپا سندس انيڪ شرڌالو سکن تي ٿي جنهن ڪرپا سبب هو اڏجي پيا آهن. ٻائي صاحب جي رهڻي ۽ ڪهڻي نيتي واري هوندي هئي. هو وڏا سياڻا هئا. پنهنجن سکن شيوڪن کي سدائين هري نام جي سمرڻ ۽ نت نيم سان جپ صاحب جي پاٺ ڪرڻ جو اُپديش ڪندا هئا. هر روز شام جو سڪولن جا شاگرد ويهن پنجويهن جي انداز ۾ راند تان موٽي درٻار صاحب ۾ رهراس صاحب پڙهڻ ۽ گرو گرنٿ صاحب جي پرڪرمان ۽ ڀڄنن ڳائڻ ۽ صاحب سالاهڻ ۾ پنهنجو وقت سڦلو ڪن ٿا. ٻائي صاحب ڪيترن نوجوانن کي سڌاريو، اهي اڄ وڏي اوج کي رسيل آهن.

ٻائو کمياداس صاحب پاڻ وٽ پئسو جمع ڪري نه رکندا هئا. جيڪو پئسو ايندو هو سو درٻار صاحب جي مرمت ۽ گروگرنٿ صاحب جي شيوا جي سامان خريد ڪرڻ ۽ ساڌن سنتن جي پرساد ڪرڻ ۽ ڀنڊارن تي خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪا ساڌن جي ٽولي يا ڪو مهاتما ٻاهران حيدرآباد ۾ پڌاريو ته انجو اوس پرساد ڪندا هئا. ان مهاتما سان گڏ سک شيوڪ ۽ ٻيا حيدرآباد نواسي ٻه ٽي سؤ ڀنڊاري ۾ پرساد اچي وٺندا هئا. ٻائي صاحب اَن دان خوب ڪيو. جيڪو به فقير فقرو درٻار ۾ ايندو هو تنهن کي اَن ۽ ڪپڙي جو دان ڪندا هئا. نت ڀنڊارن ڪرڻ جي وسيلي اَن جو خوب دان ڪيائون. ٻائي صاحب درٻار جي جاءِ کي وڌائڻ تي ڳچ پئسا خرچيا. اڄ ڪلهه حيدرآباد شهر ۾ ان ٽڪاڻي جيڏو ۽ جهڙو ٽڪاڻو ڪو ورلي هوندو.

ٻائي صاحب جا انيڪ شرڌالو سک شيوڪ آهن جنجي ٻائي صاحب ۾ اتي شرڌا آهي ۽ جنکي پنهنجي شرڌا ۽ ڀاونا جا ڀاڙا مليا آهن ۽ جي ٻائي صاحب جي ڪرپا سان اڏجي پيا آهن.

ٻائي کمياداس 2 ويساک 1983 برابر مئي 1926 ڇڏيو ڱڏيو. هرهڪ سال 2 ويساک تي سندس درٻار ۾ سندس ورسي ڌام ڌوم سان ملهائي وڃي ٿي.

 

 

هنس نرواڻ آشرم

هنس نرواڻ آشرم ۾ پراڻ جي ڪپ تي ٽنڊي جان محمد اسٽيشن کان اتر طرف هڪ ميل پنڌ تي آهي. ٽنڊي جانمحمد تعلقي ڊگهري ضلع ٿرپارڪر ۾ اهي. چيٽ جي اکن 10 تائين هر سال ان آشرم ۾ وڏو ميلو لڳي ٿو، جتي سنڌ ٿر، ڪڇ، ماڙوار ۽ گجرات مان ساڌو سنت ۽ گرهستي اچن ٿا. ميلي ۾ ڀڄن ڀاءُ ۽ ڪيرتن ٿئي ٿو ۽ ڀنڊارو آئي وئي لاءِ چالو رهي ٿو. ان آشرم جو پايو وجهندڙ سوامي هنس نرواڻ آهي. سوامي هنس نرواڻ هنس نرواڻ سمپردايه جو پايو وڌو آهي. اها سمپردا هنس نرواڻ، سنڌ، ٿر، پنجاب، پورب، گجراب ۽ ماڙوار ۾ ڦهليل آهي. ان بيک جا ساڌو گرهستي هڪ ٻئي ۾ گڏجڻ ۽ موڪلڻ وقت جئي هنس نرواڻ چوندا آهن. ان آشرم ۾ ڏه کن ورڪت ساڌو رهن ٿا، جنجو نرواه ايشور اڌين آهي. سوامي هنس نرواڻ جا جيون چرتر هيٺ ڏجن ٿا.

شجرو

سوامي منجيرام صاحب

سوامي ڀاڻ صاحب

سوامي هنس صاحب

سوامي منجيرام صاحب ان آشرم ۾ هڪ وڏو يوگي سڌ مهاتما ٿي گذريو آهي. انجو چيلو سوامي ڀاڻ صاحب هو جنهن سنبت 1972 ۾ شرير تياڳيو. سوامي ڀاڻ صاحب جو چيلو سوامي هنس صاحب آهي جو صاحب هاڻي گادي نشين آهي.

سوامي جن جون سماڌيون ان آشرم ۾ آهن جن تي سال به سال ميلو لڳي ٿو. سوامي هنس داس جو پتا ڀڳت ڀائي ڄيٺارام هو. هو شري مالي براهمڻ سونارو هو. اصل مارواڙي سونارا هئا. جي ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ اچي رهيا آهن. سوامي هنس داس جو جنم سنبت 1947 ٿيو آهي. سوامي جن ٻه سال وڏن جي سونارڪي ڪرت ڪئي. پر پوءِ دنيا کي ناسونت ۽ دک روپي ڄاڻ وئراڳ ورتي ڌارن ڪري اچي پنهنجن وڏن سوامي منجيرام ۽ سوامي موتيرام جي سماڌين تي ايشور ڀڄن ڪرڻ لڳو. سوامي هنس داس ٻال جتي آهي. هن صاحب جو انڀو لکيل آهي. ڪيترا پستڪ هندي ٻولي ۾ هنجا لکيل آهن. انهن پسڪتن پڙهڻ سان پڙهندڙن کي گهڻو آمد پراپت ٿئي ٿو. سوامي جنکي هندوجاتيءَ جي انتي، واڌاري جو اونو رهي ٿو. سندس واڻي انڀوي آهي. سندس پستڪ شبد ساگر ۾ رهسيه ڀريل شبد چيل آهن. سوامي جن پڪا سناتني هندو آهن. سندس سمپردا هنس نرواڻ سناتنو اصولن تي ٻڌل آهي. سوامي جن پنهنجي آشرم تي روز ويدانتي پسڪتن جي ڪٿا ڪن ۽ پاڻ ڪيرتن ڪن ٿا. سوامي جن جا گهڻا چيلا ۽ شش آهن. سندس گرو سوامي ڀاڻ داس صاحب سنبت 1972 ۾ شرير تياڳيو. تڏهن پاڻ گاديءَ تي ويٺا. سندس شرڌالو سک سوامي جنکي هنس نرواڻ ڪري سڏين ٿا.

سوامي جن جا گهڻا چيلا آهن جنکي سوامي جن گذري، ننگر پارڪر، جوڌرپور، راڌن پور، گجرات ڏانهن اپديش ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي، جي چيلا انهن هنڌن تي ننڍا آشرم کولي ايشور جو اپديش لوڪن کي ڪن ٿا ۽ نام جپين ۽ جپائين ٿا. سوامي جن کي ٻه ٻيا آشرم هڪ کڏري ۽ ٻيو ٽنڊي الهيار ۾ سندس شرڌالو سکن ٺهرائي ڏنا آهن. سوامي جن ۾ پورن صدق ۽ شرڌا سندس شش ۽ چيلن جي آهي. سوامي جنجو سڀاءُ نرمل آهي. گهڻو سڪ ۽ پريم منجهن آهي. هو سادا سودا ۽ سڪ وارا ساڌو سنت آهن. سندس سنگ مان گهڻوئي پرائي سگهجي ٿو. سوامي جنجو ويشنو ڌرم آهي. هو پنهنجن سکن کي يوگ ۽ گيان جو اُپديش ڏين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org