سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب؛ 3

صفحو :7

بابا ديوانا صاحب جي درٻار

شهر حيدرآباد ۾ بابا ديوانا صاحب جي درٻار ملڪاڻي گهٽي جي ڇيري ۾ پرسڌ آهي. اهو جهونو اسٿان اٽڪل ٽن سؤ ورهين جو آهي. ان اسٿان ۾ گروگرنٿ صاحب براجمان آهن تنهن کانسواءِ هيٺيان مندر به آهن. (1) لڇمي نارائڻ جو مندر (2) شري راڌا ڪرشن جو مندر (3) شري رامچند جو مندر (4) ديوي ڀڳوٽي (5) لعل صاحب جو مندر (6) بابا شري چندر اُداسين جو مندر. ان اسٿان تي بابا پريم داس جي کٽ رکيل آهي. جنهن کٽ اڳيان سوين هزارين شرڌالو سک مٿو ٽيڪي پنهنجون منو ڪامنائون پورن ڪن ٿا. ان اسٿان جي گاديسر مهنتن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.

بابا ديوانا صاحب

بابا پريم داس صاحب

بابا نهلچداس صاحب

بابا جيرمداس صاحب

بابا جمناداس صاحب

بابا هري داس صاحب

اٽڪل ٽي سؤ ورهيه ٿيندا ته پنجاب ديش مان هيٺيان چار مهتمائون رٽن ڪندا سنڌ ۾ پهتا.

بابا ڀڳوانداس صاحب (2) بابا ديوانا صاحب (3) ڀائي ڪرنامل (4) بابا نماڻا صاحب. بابا ڀڳوانداس صاحب ٺٽي ننگر ڏانهن رخ رکي روانو ٿيو. جتي هڪ وڏو اسٿان سندس نالي جاري آهي. ان اسٿان کي بابي لڇمڻداس صاحب جو اسٿان به سڏيندا آهن. بابي ديواني صاحب حيدرآباد اچي پنهنجي درٻار جو پايو وڌو. ڀائي ڪرن مل هالن پراڻن ۾ رهي پيو جتي اڄ ڏينهن تائين سندن چاکڙين جي شيوا ٿيندي آهي. بابي نماڻي صاحب شاهپور چاڪر ۾ درٻار اسٿاپن ڪئي.

بابا ڀڳوانداس گدوبندر وٽ درياه شاه مان جهنڊو کڻي ٻاهر نڪتا. ان وقت اتي بيٺل ماڻهن کي اهو واقعو ڏسي گهڻو عجب لڳو. تنهن کانپوءِ بابا ديوان صاحب جهنڊو ڪلهي تي کڻي حيدرآباد جي شهر ۾ قلع کان وٺي سربزار ڏيئي هليا. وچ بازار ۾ هڪ کير واري تئي ۾ پيل گرم کير ويٺي ٺاريو. کير واري جو نالو ڀائي وسندمل هو. کير واري کي چيائون ته مونکي کير پياريندين. کير واري وسندمل جا ڪي ڀاڳ کليل هئا تنهن هٿ ٻڌي نمرتا سان بابا ديواني صاحب کي چيوته حاضر سائين هي کير جي تئي اوهانجي آهي. تئي ۾ کير اڌ مڻ ٽيهه سير هو. بابا ديواني صاحب پنهنجو کپر کڻي گرم گرم کير سان ڀري پيئڻ لڳو تان جو آهستي آهستي ڪري سڄي تئي پي ويو. فقير صاحب ڀائي کان پڇو ته تنهنجو نالو ڇا آهي. ڀائي وراڻي ڏني ته سائين وسند. تنهن تي فقير خوش ٿي انکي آسيسا ڪئي ته چلو ڀائي توهان سدائين وسندو ويهندو رهندين. اڄ تائين ان وسندمل ڏوڌي جا پٽ سنڌورق مرچنٽ سيٺيون شاهوڪار آهن. انهي آڪهه مان هڪ سيٺ پنجومل آهي. تنهن کانپوءِ بابا ديواني صاحب جنهن هنڌ تي هاڻوڪي درٻار آهي تتي ڌوڻي دکائي، جهنڊو زمين ۾ کوڙي ويهي ايشور جو ڀڄن ڪرڻ لڳا. ان وقت اتي جهنگ ئي جهنگ لڳو پيو هوندو هو.

بابي ديواني صاحب کي حيدرآباد واسين تنهن کانپوءِ هڪ سادي درٻار ٺهرائي ڏني. بابا ديوانا صاحب پنهنجي چيلي کي پٺيان درٻار جي سنڀال لاءِ وهاري پاڻ گدوبندر ۾ وچ درياه شاه اندر وڃي وهندا هئا. هڪ ڏينهن سندس چيلي بابي پريمداس بابا ديواني صاحب سان ڳالهه ڪئي ته سائين مان هن اسٿان تي ڪونه رهندس، هن اسٿان تي جن ڀوت رهن ٿا. بابو ديوانو صاحب اها رات اسٿان تي رهي پيو. رات جو هنکي جن ڀوت ڏسڻ ۾ آيا. بابي صاحب جنن کي چيو ته جو ترڪ هئه سو مڪي مديني چلي جائو اوئر جو هندو هئه سو گنگا جي چلي جائو. فقير صاحب جو اهو حڪم ٻڌي سڀ جن ڀوت اهو اسٿان ڇڏي ويندا رهيا.

ٿورن سالن گذرڻ بعد بابي ديواني صاحب پنهنجو جهنڊو ۽ چاکڙيون پنهنجي چيلي پريم داس کي ڏنا ۽ هنکي هدايت ڪئي ته هنن جي پوڄا ڪندو رهي ۽ پاڻ درياه شاه ۾ ٽٻي ڏيئي غائب ٿي ويا.

بابا پريمداس هڪ وڏي کٽ تي ويهي پراڻايام ڪندا هئا ۽ سماڌي ۾ وهندا هئا. هو صاحب وڏا يوگي هئا. بابا پريمداس وڏي ڪرامت جو صاحب هو. هڪ سک درٻار جو هڪ دفعي درٻار ۾ آيو بابي صاحب هنکي چيو ته اسانکي درٻار جي شيوا لاءِ چيلو گهرجي ٿو، تون اسان کي پنهنجي اولاد مان هڪ ٻالڪ ڏي. اهو سک پيرمرد هن کي ٻه پٽ هئا. بابي پريمداس هنکي چيو ته هن کانپوءِ جيڪو ٻالڪ ٿئي سو درٻار کي ڏج. ان سک کي پٽ جي بدران هڪ ڌيءَ ڄائي جا کڻي هن آڻي بابي صاحب اڳيان رکي. بابي پريمداس ان سک کي چيو ته هي ٻالڪ ڌيءَ نه آهي پر پٽ آهي. اهو ٻالڪ فقير جي ڪرامت سان ڌيءَ مان پٽ ٿي پيو جنهنجو نالو نهچلداس رکيائون جو پوءِ درٻار جي گاديءَ تي ويٺو. هڪ دفعي پاڻ اوچتو ڪوٽڙي وڃي نڪتا. ان وقت ڪوٽڙي شهر ۾ وبا جي بيماري زور هئي. روز ڪيترا ماڻهو وبا ۾ بک ٿي ٿيا. هڪ سيٺ جو جوان پٽ وبا ۾ گذر ڪري ويو هو. فقير صاحب جي ڪن تي ان جوان جي مائٽن جو رودن ۽ پٽڪو ڪنن تي پيو. فقير پڇيو ته ڇا آهي. چيائونس ته سائين هن شاهوڪار سيٺ جو جوان پٽ چلي رهيو آهي. فقير سائين بابي پريمداس کي اهو حال ٻڌي ان شاهوڪار تي ڪهل آئي. بابي صاحب هنکي چيو ته هڪ سؤ روپيه کڻي اچي اسانجي جهولي ۾ وجهه ته تنهنجو ٻالڪ وري جيئاري ڏيون. ان شاهوڪار فقير ۾ نشچو رکي هڪ سؤ روپيه آڻي هنجي جهولي ۾ وڌا. بابي صاحب ان مئل جوان کي وري جيئاريو. اهڙي طرح ٻين نؤ ڄڻن جي مائٽن پنهنجي مئلن کي وري جيئارڻ لاءِ منٿ ڪئي. فقير صاحب انهن تي به ڪرپا ڪري انهن کي جيئاريو. بابا پريمداس وري اهڙا ديالو سڀاءَ جا هئا جو درٻار جي ڀنگياڻي ساڻن حال اوريو ته سندس ڌيءَ جو وهانو ٿيڻون آهي. ان بابت هن کي پئسن جي گهرج آهي. بابي صاحب اهي هزار روپيه ان ڀنگياڻي کي ڏيئي ڇڏيا ته وڃي پنهنجي ڌيءَ جي وهانو ۾ ڪتب لاءِ. بابي پريمداس سکي شيوڪي ڪانه ڪئي. جيڪي سک ٿيڻ لاءِ چاهنا ڪندا هئا تنکي چوندا هئا ته وڃي مسندن جا سک ٿيو. بابو پريمداس سدائين جنهن واڻ جي مڙهيل کٽ تي وهندا هئا تنهن جي اڄ ڏينهن تائين درٻار ۾ پوڄا ٿئي ٿي. جيڪا ڪامنا شڌ ڀاونا سان رکي ماڻهو ان کٽ اڳيان مٿو ٽيڪين ٿا سا انهن جي پوري ٿئي ٿي. روزمره ان کٽ تي گل چاڙهبا آهن ۽ واس ڌوپ ڪبو آهي.

بابي پريمداس جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ سندس چيلو بابو نهلچداس گادي تي ويٺو. بابو نهلچداس ڪمائي وارو سانتيڪي سڀاءَ وارو سنت هوندو هو.گوسائين گهٽي واري ديوان سجان سنگهه کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. ان اولاد ملڻ لاءِ نهچلداس صاحب منٿ ڪئي. بابي صاحب هنجي ڌرمپتني کي درٻار ۾ بيٺل ٻير مان ٻه ڪچا ٻير ڇني ڏنا جي مائي شرڌا رکي کاڌا. مائي کي ٻه پٽ ٿيا جنجو اولاد گهڻو ٿيو.

بابي نهچلداس کانپوءِ سندس چيلو بابو جيرامداس گادي تي ويٺو. بابو جيرامداس وچن سڌيءَ وارو ۽ سنت ٿي گذريو اهي. ڊاڪٽر جهانگي رام گدومل آڏواڻي کي پٽ ڪونه ٿيندو هو انکي پٽ ڏنائون. ٻائو جيرامداس پاڻ وٽ پئسو جمع ڪري ڪونه رکندا هئا. جيڪي جمع ٿيندو هون سو ساڌو سنتن جي لنگر تي خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. ڀائي ٽهلرام جي ڌيءُ کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. ان هڪ دفعي بابي صاحب کي رسوئي پنهنجي گهر منائي. بابي صاحب کي سنڌي دارون ڀائي ٽهلرام پياريو. ڀائي ٽهلرام بابي صاحب کي عرض ڪيو ته سندس ڌيءُ کي وهانو ڪئي گهڻا سال گذري ويا آهن پر هنکي اولاد ڪونه ٿو ٿئي. اها ڇوڪري ڪرپالاڻين ۾ پرڻيل هوندي هئي. تنهن ڪري هنکي دارون پيئڻ کان منع هوندي هئي. بابي هنکي پنهنجي دارون واري خالي ڪٽوري مان ڦرا ڪڍي هنکي پيئڻ لاءِ ڏيئي چيو ته جيترا ڦرا دارون جا پيندينءَ تيترا توکي پٽ ٿيندا مائي شرڌا رکي ست ڦرا ان ڪٽوري مان پيتا ۽ هنکي ست پٽ ٿيا. بابي جيرامداس ڀائي ڏاندومل بولچند کي حڪم ڏنو ته توکي ڪمائي ۾ برڪت پوندي تون هڪڙو ئي خرچ ڪري درٻار جي عمارت نئين سر پڪي ٺهراءِ. ڀائي ڏاندومل ست ڪري بابي جيرامداس جي حڪم موجب درٻار جي عمارت ٺهرائي ۽ سڀ خرچ پڪي سر پاڻ ڪيو. ڀائي ڏاندومل کي هڪ سال اندر ئي هنجي ڪمائي ۾ وڏي برڪت پيئي. هن جيڪي عمارت تي خرچ ڪيو هو تنهن کان ڏهوڻا پئسا وڌيڪ ڪمائي ٿي.

بابي جيرامداس جي شرير ڇڏڻ کانپوءِ سندس چيلو بابو جمناداس گادي تي ويٺا. بابو جمناداس وچن سڌي وارا سنت هوندا هئا. جيڪو جهڙي مراد پائي وٽن ايندو هو تنهنجي مراد پوري ٿيندي هئي. گهڻن جا ڪارج ڪيائون. هڪ دفعي درٻار جو سک تيجومل پساري وٽن اچي حال ڪيو ته ڪمائي گهٽ آهي اهڙا ڪا آسيسا ڪريو جو ڪمائي ۾ برڪت پوي. پاڻ فرمايائون ته تون جيڪي ڪمائي تنهن مان ڪڇ درٻار کي دان ڪندو ره ته جلدي تنهنجي ڪمائي ۾ برڪت پوندي. تيجومل پساري ان ڳالهه تي صدق رکي عمل ڪيو ۽ هو جلدي شاهوڪار ٿي پيو. بابي صاحب گهڻن سکن جا ڪارج پورا ڪيا. سنبت 1885 ۾ سانوڻ جي ڇٺ تي بابي جنماداس ديولوڪ پڌاريا. شرير ڇڏڻ کان اٺ ڏينهن اڳ ٻڌيائون ته هاڻي اسين شرير تياڳينداسون. ان وقت برسات چڱي پيئي. سال به سال بابي جمنداس جي ورسي سانوڻ جي ڇٺ تي ملهائبي آهي ۽ هرهڪ ورسي تي برسات پوندي آهي. شرير ڇڏڻ وقت سندن عمر 40 ورهيه مس هئي. بابي جمنداس جي شرير ڇڏڻ کانپوءِ سندس چيلو بابو هريداس گادي تي 18 سالن کان ويٺا آهن. هريداس پنهنجي وڏن جي پيروي ڪري رهيا آهن. هر روز صبوح جو درٻار ۾ آسا جي وار ۽ ڪٿا ڪيرتن ٿئي ٿو. عام لنگر لڳي ٿو جتي هرڪو مزمان رسوئي اچي وٺي سگهي ٿو. درٻار جي ڪاروبار تمام سٺي نموني هلي رهي آهي.

 

 

بابا جولارام صاحب جي درٻار

شهر حيدرآباد ۾ دونهي واري گهٽي ۾ بابا جولارام صاحب گرو پوٽي جي پرسڌ درٻار آهي. بابا جولارام صاحب بيدي ڪل جا هئا گرو نانڪ صاحب جي ڇهين پيري جي هئا. اصل پنجاب نانڪاڻي صاحب جا ويٺل هئا. بابا گرپت صاحب سندن سڳا سؤٽ هئا.

سال 1840ع ڌاري جڏهن سنڌ جو حاڪم مير نصير خان هوندو هو. تڏهن ٽي سنت نالي هرهڪ (1) بابا جولارام صاحب (2) بابا ورکنڊي صاحب (3) بابا نانگو صاحب پنجاب کان سڌ ۾ آيا. بابا ورکنڊي سکر ۾ درياه شاه جي وچ ٻيٽ تي پنهنجو اسٿان ٺاهي ويٺا جنهن کي هاڻي ساڌ ٻيلو ڪوٺجي ٿو. بابا نانگو شهر حيدرآباد ۾ ڦليلي تي مساڻن جي ڀرسان درٻار ٺهرائي اچي ويٺا. شهر حيدرآباد جا سڀ چئناڻي عامل بابا نانگي صاحب جا سک آهن. بابا نانگو سڌ پرش ٿي گذريو آهي. جنهنجي هاڪ گهڻي آهي.

بابا جولارام صاحب وڏي ڪرامت جا صاحب هئا. سندن چمتڪار ڏسي سنڌ جو حاڪم مير نصير خان بابا جولارام صاحب کي مٿو ٽيڪيدو هو. هر روز صبوح جو مير نصير خان قلع ۾ پنهنجي محلات واري ماڙي تي بيهندا هئا ۽ بابا جولارام صاحب پنهنجي ماڙي تي بيهندا هئا. هر روز مير نصير خان پنهنجي ماڙي تان صاحب جو درشن ڪري مٿو نوائيندو هو. جيسين مير نصير خان بابي جولارام صاحب جو درشن نه ڪندو هو تيسين پنهنجي درٻار جي ڪاروبار نه هلائيندو هو. ديوان جهوڙيمل ميرن جي وزير پنهنجي گهوڙن ٻڌڻ جي لانڍي واري زمين بابي جولارام کي درٻار ٺهرائڻ ۽ رهڻ لاءِ سندس شيوا ۾ ارپڻ ڪئي.

بابو جولارام صاحب ٻال جتي برهمچاري لانگوٽ بند هئا. اٺئي پهر هري جو نام مک سان اُچاريندا هئا. درٻار جي شيوا پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. مٽيرن وارو مارو هٿ ۾ کڻي درٻار جي فرش ۽ ڀتين کي پنهنجن هٿن سان گاري سان مرامت ڪندا هئا. بابو جولارام صاحب بي پرواهه سنت هوندا هئا. سکي شيوڪي ڪانه ڪيائون. ڪنهن تي ٻنڌيان مقرر ڪونه ڪيائون. جيڪي سک ٿيڻ لاءِ وٽن ايندا هئا تنکي بابي گرپت صاحب ڏانهن سک ٿيڻ لاءِ موڪليندا هئا. لاچار ٻه چار گهر صديقي سکن جا پنهنجا سک ڪيائون.

بابا جولارام صاحب پوري رهت وارا هوندا هئا. بابي جولارام صاحب جي پوين جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.

بابا جولارام صاحب

بابا گنگارام صاحب

بابا مهرسنگهه صاحب

بابا ديواني چند صاحب

هن وقت ان درٻار جي گادي تي بابا ديواني چند ويٺل آهن.

 

ٻاٻا کيمداس صاحب جي درٻار

شهر حيدرآباد ۾ دونهي واري گهٽي جي منهن تي ٻاٻي کيمداس جي درٻار پرسڌ آهي. ان درٻار کي ٻاٻي گرداسرام صاحب جي درٻار به سڏين ٿا. اصل ان درٻار جا وڏا پنجاب کان اچي ان هنڌ تي چمٽو کوري دونهي دکائي اچي ويٺا هئا. درٻار لاڳو بازار جي منهن تي دونهي جنهن دونهي جو پراڪرم لوڪن ۾ پرسڌ آهي. ان درٻار ۾ هيٺيان گاديسر ٿي ويا آهن.

ٻاٻو کيم داس صاحب

ٻاٻو رام سرن صاحب

ٻاٻو هري داس صاحب

ٻاٻو گرداس رام صاحب

ٻاٻو منوهر داس صاحب

ٻاٻو ٻالڪداس

ان درٻار جو ٻاٻو گرداس چڱو شسيل ۽ گڻي ساڌو ايشور جو ڀڳت ٿي گذريو آهي. ٻاٻو گرداسرام صاحب چڱو وديوان ۽ گائن وديا جو ماهر هوندو هو. ٻاٻي گرداسرام صاحب جي ڏينهن ۾ ان درٻار جا گهڻا سک شيوڪ ٿيا ۽ درٻار جي نئين سندر عمارت جڙي تيار ٿي. ٻاٻو گرداسرام پورن برهمچاري ٻالجتي هوندا هئا. ٻاٻي گرداسرام يوگي پرش هوندا هئا. منجهن آڪرشن شڪتي گهڻي هوندي هئي. هر ڪنهن جي دل پاڻ ڏانهن جهٽ ڇڪي وٺندا هئا. ڪيترن تي آسيسا ڪيائون. ڪيترا سک سندس آسيسا سان اڏجي پيا آهن. اهي ٻاٻي گرداسرام صاحب تان ٻلهار پيا وڃن. ڪراچي واري پوهومل کي اولاد جي بخشيش ڪيائون. حيدرآباد جو خانچند اکين کان جڏو هو. هنکي حڪم ڏنائون ته پنهنجون اکيون وڃي گرو گرنٿ صاحب جي منجي جي پاون سان مهٽ. پوري ساڍن ڇهن مهنن ۾ ائين ڪرڻ سان خالچند جي اکين ۾ وري جوت آئي.

ٻاٻي گرداسرام صبوح جو سويل اُٿي ڪرپا ڪري ڪرم پنهنجي ڪوٺي ۾ ايشور جو نام ٻه ٽي ڪلاڪ جپيندو هو. تنهن کانپوءِ صبوح 8 کان 10 تائين شبد ڪيرتن پاڻ ڪندو هو. 10 کان 12 تائين گروگرنٿ صاحب جي ڪٿا ڪندو هو. ٻاٻي گرداسرام گهڻن تي آسيسا ڪئي ۽ گهڻن جا دک دور ڪيا. مايا نه اصل سندن پٺيان ڇيلي ٿي ڦرندي هئي. ٻاٻو صاحب هٿ جو ڇوٽ هوندو هو. جيڪو سوالي وٽس ڪو سوال کڻي ايندو هو تنهن کي خالي اصل ڪونه موٽائيندا هئا. ٻاٻي صاحب سون جي انداز ۾ سکي شيوڪي وڌائي. ڀاوي ۽ پريت وارا ته سندس هزارن جي انداز ۾ هوندا هئا. ٻاٻو گرداسرام صاحب 16 سال گادي تي ويهي درٻار کي هر طرح زور وٺايائون اڄ تائين سندن نالو هر ڪنهن جي وات ۾ آهي. هرڪو ٻاٻي گرداسرام جي گڻن جي ساک ڪري رهيو آهي. ٻاٻو گرداسرام دکين دک جي دور ڪرڻ لاءِ پهل پڙهي پياريندا هئا. جهار وجهندا هئا. سڳو ڌاڳو پڙهي ڏيندا هئا. جنتر لکي يگيه جي ڀڀوت کائڻ ۽ بندن تي مهٽڻ لاءِ ڏيندا هئا. هرهڪ سال اُتراڻ جي ڏينهن درٻار ۾ ديوتائن جي پرسنتائي لاءِ وڏو يگي ڌام ڌوم سان ڪندا هئا. ٻاٻو گرداسرام صاحب ماس مڇي ۽ شراب اصل ڪونه ورتائيندا هئا. سر تي وڏيون جٽائون رکيل هونديون هين. گهڻو ڪري وار ڇريل رکندا هئا. سندن شڪل شاندار هوندي هئي. ٻاٻي گرداسرام صاحب کٽ درشن ڌرم سڄي حيدرآباد جي سڀني سمپردائن جي ساڌن سنتن جو ڪيو. جنهن تي هزارين خرچ ڪيائون. شرير ڇڏڻ کان اڳواٽ ٻڌايائون ته اسين هاڻي شرير ڇڏيون ٿا.

تاريخ 7 آکاڙ 1885 سنبت، 2 بجي جو شرير تياڳيائون هرهڪ سال ٽي ڏينهن سندن ورسي ڌام ڌوم سان درٻار ۾ ملهائي وڃي ٿي. سندن چاکڙيون درٻار ۾ رکيل آهن. سندن چاکڙين اڳيان نمڻ جو وڏو مهاتم آهي هر ڪنهن کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا. سندس ديولوڪ پڌارجڻ کانپوءِ سندس چيلو ٻاٻو منوهر داس گادي تي ويٺو جو ساڌ فقط 12 سال گادي تي رهيو. هاڻي ان درٻار جي گادي تي ٻاٻي منوهر داس جو چيلو ٻاٻو ٻالڪداس گاديءَ تي ويٺل آهي.

 

 

مهاتما رامانند جي ڪٽيا

ڳوٺ لقمان ۾ اسٽيشن خيرپور ميرس جي نزديڪ سنت رامانند جي ڪٽيا آهي. ان ڪٽيا ۾ مهاتما رامانند صاحب رهي ٿو. اهو اسٿان رمڻيڪ آهي. ان اسٿان سان لاڳو هڪ باغ آهي. اها ڪٽيا ڀائي ٻيجارام هڪ سنت گرهستي اٽڪل ٽيهه سال ٿيا ته مهاتما رامانند کي پنهنجي باغ ۾ ٺهرائي ڏني. ان ڪٽيا ۾ سنت رامانند صاحب سڄو ڏينهن پنهنجن سنگين سان گڏ گذاري ٿو ۽ گيان ۽ ايشور ڀڳتي بابت پنهنجن سنگين کي اُپديش ڏي ٿو. ٻن ٽن سالن کان ان ڪٽيا ۾ سنت رامانند صاحب وٽ ڪيترا سوالي کڻي اچن ٿا. انهن سوالين جي منوڪامنا سندن ڀاونا ۽ شرڌا انوسار پوري ٿئي ٿي. ڌن جا سوالي ڌن کي پراپت ٿين ٿا ۽ روزگار جا سوالي روزگار کي ۽ شرير جي تندرست رهڻ جا هر ڪنهن کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا ڪوبه سوالي خالي نٿو وڃي. مهاتما رامانند جا مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجن ٿا.

سنت رامانند اصل ڳوٺ هالاڻي تعلقي ڪنڊياري جا ويٺل آهن. سندن جنم جو نالو منگترام هو. وڏي آڪهه وارا هئا. ڪيترا سندن آڪهه جا عزيز ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڌنڌو ڪندڙ آهن ۽ ڪيترا وڏين نوڪرين ۾ آهن. جڏهن 18 ورهين جي ڄمار جا ٿيا تڏهن ايشور جي پريم جو رنگ مٿس اچي چڙهيو ۽ هو وئراڳ وارو ٿيو. تنهن ڪري گهر ٻار ڇڏي اچي هالاڻي وارن سنتن جي درٻار ۾ رهيو ۽ درٻار جي شيوا ڪرڻ لڳو. مائٽن کيس شادي ڪرڻ لاءِ گهڻوئي چيو پر هن شادي نه ڪئي. تنهن کانپوءِ جلدي هردوار گنگا جي طرف تيرٿن ڏانهن هليو ويو. اُتي نامور پنڊت ڪيشوانند جي چيلي سنت وشڌ آنند کي پنهنجو گرو ڪيائين.گرو وٽان ڌرم شاستر پڙهي سورڳو آشرم کان پري پهار تي اڪيلو رهي وڃي ڪي سال تپسيا ڪيائين. اٺن ورهين تيرٿن تي رهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ اچي ديوان منگهارام جي باغ ۾ رهيو. ديوان منگهارام خيرپور رياست جي والي مير علي مراد خان جي نوڪري ۾ هوندو هو. سنت رامانند 10 سال ديوان منگهارام جي باغ ۾ رهيو. تنهن کانپوءِ لقمان نواسي ڀائي ٻيجارام جي شرڌا ۽ سڪ سنت رامانند صاحب ۾ ٿي. هن سنت کي پنهنجي باغ ۾ هڪ ڪٽيا ٺهرائي ڏني. ان وقت کان وٺي سنت رامانند ان ڪٽيا ۾ رهڻ لڳو. ڀائي ٻيجارام جو اٽل وشواس ۽ شرڌا سنت رامانند صاحب جي تن من ۽ ڌن سان شيوا ڪئي ۽ پاڻ کي هر ڪنهن طرح سنت مٿان ارپڻ ڪري ڇڏيو. ٻيجارام سنت جو شرڌالو سک هو. ڀائي ٻيجارام پاڻ به هڪ سنت گرهستي ۽ وڏي ڪمائي وارو ٿي گذريو اهي. ٻارهان سال ٿيا ته ڀائي ٻيجارام 46 ورهين جي ڄمار ۾ گذر ڪري ويو آهي. سنت رامانند صاحب جي اوسٿا هن وقت 70 ورهيه ٿيندي. پر سنت ڪڏهن به بيمار نه ٿيا آهن. شرير ۾ ٽڪرا آهن. سدائين کل مک رهن ٿا ۽ وڏي موج آنند ۾ سکيو وقت گذارين ٿا. گيرورتا ڪپڙا ڪونه پهرين ٿا پر رواجي اڇا ڪپڙا پهرين ٿا. سنت ايشور ڀڳتي ۽ گيان جا ڀنڊار آهن. سناتن هندو ڌرم جا اُچ خيال سندن آهن. وڏا وڏا ڪامورا سندن پريمي شش آهن. رات جو نت نيم سان 3 بجي اٿن ٿا. تنهن کانپوءِ 3 بجي کان 6 بجي صبوح تائين پنهنجي برهم آنند جي اڀياس ۾ رهن ٿا. تنهن کانپوءِ سکمني صاحب جو پاٺ ٻڌندا آهن. شرير جي ڪريا ڪري باغ واري ڪٽيا ۾ ايندا آهن. باغ واري ڪٽيا ۾ روزمره 5 کان 6 مهمان وٽن ويٺا ئي رهن ٿا. سدائين وٽن ستسنگ لڳو رهي ٿو. سنت آئي وئي سان ايشور ڀڳتي ۽ گيان بابت وچن ولاس ڪندا آهن. 2 بجي منجهند جو سنتن ۽ مهمانن جي رسوئي ڀائي ٻيجارام جي گهران ايندي آهي جا سڀني سان گڏجي وٺندا آهن. تنهن کانپوءِ ٿورو آرام ڪري ساڍي 5 شام جو موٽي ڀائي ٻيجارام جي اوطاق ڏانهن ويندا آهن. ساڍي 8 بجي رات جو رسوئي وٺي آرامي ٿيندا آهن. سنت رامانند جهڙا پورن مهاتمائون هن زماني ڪي ڇڊا لڀندا اهڙن سنتن جي سنگ ڪرڻ مان هرڪو لاڀ وٺي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org