سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب؛ 3

صفحو :8

گو سائين ڪرشن گر جي مڙهي جيڪب آباد

شهر جيڪب آباد ۾ سرڪاري واه جي ڪپ تي گوسائين ڪرشن گر جي نامور مڙهي آهي. اها مڙهي سنياسين جي مڙهي آهي، سنياسي ديوي جا پوڄاري آهن. ان اسٿان ۾ هيٺيان مهاتمائون ٿي ويا آهن.

گوسائين سورج گر

گو سائين ڪرشن گر

گو سائين شنڪر گر

گو سائين ڀڄن گر

گو سائين ڀون گر

گو سائين ڀڳوان گر

اها مڙهي گو سائين ڪرشن گر جي نالي پرسڌ آهي. ڇاڪاڻ ته گوسائين ڪرشن گر هڪ وڏو مهاتما ۽ ڀڄنيڪ شرير هو سندس ايام ۾ اها گدي ساري سنڌ ۾ نامور ۽ مشهور ٿي. گوسائين ڪرشن گر اٽڪل 15 سال ٿيا ته شرير ڇڏي ويو آهي. سندس ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ سندس چيلو گوسائين شنڪر گر گادي تي ويٺو آهي. هن وقت گادي تي گوسائين شنگر گر ويٺل آهي. هرهڪ سال ناهري واري مهني ۾ گوسائين ڪرشن گر جي ورسي ڌام ڌوم سان ملهائبي آهي. ان مڙهي ۾ گرو گرنٿ صاحب براجمان آهن تنهن کانسواءِ شو جو مندر ۽ ديوي جو مندر آهي. اهو اسٿان ڏاڍو رمڻيڪ ۽ سٺو ٺهيل آهي. ان اسٿان ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جا سنت مهاتمائون اچي ڪڇ ڏينهن رهي سک وٺي وڃن ٿا. اسٿان جي سنتن ۽ ٻاهرين سنتن مهاتمائن لاءِ ڪيتريون ڪٽيائون هيٺ ۽ مٿي ٺهيل آهن. هر روز صبوح ۽ شام مڙهي ۾ ستسنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن ٿئي ٿو. صبوح جو 7 کان 9 بجي تائين شام جو 5 بجي کان 8 بجي ڪٿا ڪيرتن سنگ ٿئي ٿو. گوسائين شنڪر گر شام جو گرو گرنٿ صاحب جي ڪٿا ڪندو آهي. هن وقت گو سائين گر جي اوسٿا 57 ورهيه آهي. ان ڌرمي اسٿان تي مجهند، شام جو عام لنگر جاري ٿئي ٿو جنهن ۾ چاليهارو سنت ۽ ٻيا مزمان ڀوڄن وٺن ٿا. هن اسٿان کي گوسائين شنڪر گر، گرڀائي ۽ گوسائين ڪرشن گر جي چيلي به چڱو پنهنجي ڀڄن جي پرتاپ سبب زور وٺايو آهي. اسٿان کي گهڻي سکي شيوڪي آهي. سنڌ جي ان پاسي جي رهاڪن جي ان مڙهي ۾ گهڻي شرڌا ۽ صدق آهي.

گو سائين ڪرشن گر موهيندڙ ۽ سهڻي شڪل جو هوندو هو. هو صاحب ڏاڍي مٺي ۽ سهڻي سر سائين ايشور جا شبد ڳائيندو هو. سندس ڪيتري واڻي رچيل اهي. سائين ڪرشن گر سال به سال حيدرآباد ۾ سوامي ست چت آنند صاحب ۽ ڀائي کيماداس صاحب سان صحبت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا ۽ اونهاري جا ٻه ٽي مهنا ڀائي کيماداس صاحب جي ٽڪاڻي ۾ لٿا پيا هوندا هئا ۽ روز شام ٽڪاڻي ۾ ۽ ڪڏهن سوامي ست چت آنند صاحب جي ستسنگ ۾ شبد ڪيرتن ڳائيندا هئا ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪندا هئا.

 

قنڌاراڻي خالصا اڪال ڀونگو حيدرآباد

شهر حيدرآباد سنڌ ۾ ڪچي اُلهندي ۾ هڪ پراچين سمي جي گرو درٻار آهي. جنهنجو نالو اڪال ڀونگو آهي. اَڪال يعني اَڪال پرک ايشور پرماتما، تنهنجو ڀونگو يعني اسٿان، ايشور جو اسٿان. اهو اسٿان سڀني کان جهوني گرو درٻار آهي. جنهن ۾ چار هسوارا گرو صاحبن جا هٿن سان لکيل آدي گرو گرنٿ صاحب ۽ هڪ دشمين پاتشاه گرو گوبند سنگهه جو هسوارو صاحب براجمان آهن. هرروز صبوح جو شري آسادي وار ڇهين کان ساڍي 7 بجي تائين ۽ ڪٿا گرو گرنٿ صاحبن جي 8 کان 9 بجي تائين ٿيندي آهي ۽ شام جو 7 کان 9 تائين ڪٿا ڪيرتن ٿيندو آهي. هي هڪ عاليشان ۽ سندر اسٿان شري امرتسر صاحب جي درٻار جي نموني ۾ ٺهرايل آهي. اهو ڌرمي اسٿان ڪنهن به خاص هڪ ماڻهوءَ جي خاص ملڪيت نه آهي. اڪال ڀونگو ستگورن جي ملڪيت آهي ۽ ٻين ٽڪاڻن ۽ درٻارن وانگر ڪنهن خاص ماڻهو جي ملڪيت نه آهي. ان درٻار جي ڪاروبار شرڌالو قنداراڻي خالصن جي هڪ ڪاميٽي هلائي رهي آهي. درٻار جي آمدني ۽ خرچ جو روزانو حساب ڪتاب رکڻ ۾ اچي ٿو. هن درٻار تي قنڌاراني نالو هن ڪري پيو جو ميرن جي صاحبي ۾ هڪ آڏومل پنهنجي عيال اولاد سميت پنجاب کان لڏي حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رهيو تنهن کانپوءِ هو صاحب حيدرآبادي عامل سڏجڻ ۾ آيو. قنڌاري مل آڏومل جو پوٽو هو. آڏواڻي گهٽي آڏومل جي نالي سان سڏجي ٿي. هي قنداراڻي خالصا ڀائر قنڌاري مل جا اولاد آهن. درٻار واري زمين اٽڪل ڏهه هزار فوٽ آهي. ان زمين تي ٽالپرن جي راڄ ۾ قنڌاراڻي آڪهه وارن اوائل ۾ هڪ ڪچي اوطاق جوڙائي هئي. جتي قنڌاراڻي آڪهه وارا روز گڏجي روح رهاڻ ڪندا هئا. ان قنڌاراڻي برادري جو هڪ ديوان ماڻڪسنگهه جو انگريزن وٽ مختيارڪاري جي عهدي تي هو. هن صاحب نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي برادري جا ٻه ٽي ڀائر پاڻ سان وٺي سال 1855ع ڌاري شري امبرتسر صاحب ڏانهن روانو ٿيو. انهن سڀني شري امبرتسر جي درٻار ۾ ٻه ٽي مهنا رهي ستسنگ ڪيو ۽ امبرت ڇڪي خالصا ٿيا. شري امبرتسر سان اُسهڻ وقت ٻه هسوار صاحبن جا هڪ آدي هسوارو صاحبن ۽ ٻيو دسمين پتا جو مٿي تي کڻي منزلون ڪندا حيدرآباد موٽي آيا. انهن پاڻ سان گرو گوبند سنگهه صاحب جا ٿورا شستر به آندا. اهي شستر اڪال ڀونگي ۾ اڄ ڏينهن تائين موجود آهن ۽ انهن جي شيوا ٿيندڙ آهي.

خالصي ماڻڪسنگهه ۽ سندس سؤٽن شري امبرتسر کان موٽڻ بعد سال 1855ع ۾ مٿي ذڪر ڪيل اوطاق ڊهرائي، ان هنڌ پڪي درٻار صاحب جوڙيائون ۽ ان پڪي درٻار ۾ شري امبرتسر مان آندل ٻه هسوار براجمان ڪيائون ۽ گهڻن برادريءَ جي ڀائرن کي امبرت ڇڪائي خالصا پنٿ ۾ آندائون ۽ ان درٻار جو نالو اڪال ڀونگو رکيائون اها درٻار قنڌاراڻي برادريءَ وارن پاڻ ۾ ڦوري ڪري ٺهرائي انهن مان ڪن ڪاٺ خريد ڪري ڏنو ۽ ڪنهن هالن جون ڪاشيءَ جي سرن جي شيوا ڪئي. درٻار صاحب جي لاءِ وصولي ڪرڻ ۽ جڳهه جوڙائڻ جو ڪم ٻن بانيڪارن خالصي چرتسنگ ۽ خالصي تلوڪسنگهه تي رکيل هو. جڏهن درٻار صاحب جي جاءِ سال 1858ع ۾ تيار ٿي تڏهن سال 1858 کان وٺي سال 1872 تائين درٻار جو ڪاروبار خلاصو ديوان چرتسنگهه هلايو خالصي چرتسنگهه درٻار صاحب ۾ ڀائي هرڪشنداس منگلاڻي ۽ ڀائي گاگارام بئسيراماڻي شبدي مقرر ڪيا جي هر روز صبوح جو شري آسادي وار ۽ شبد ڪيرتن ڪندا هئا. دسمين پاتشاه جي هسواري صاحب جي ٽهل لاءِ هڪ خالصو صوڀاسنگهه جنهن جو امبرت ڇڪيل هو تنهن کي مقرر ڪيائين. خالصي چرتسنگهه جي شرير ڇڏڻ کانپوءِ قنڌاراڻي برادري وارن خالصي ماڻڪسگهه کي اڪال ڀونگي جي ڪاروبار سونپي. خالصو ماڻڪسنگهه گرو صاحبن جي ٻاڻي پڙهڻ ۽ انجي ارٿ ۽ ڪٿا ڪرڻ ۾ هوشيار هوندو هو. خالصي ماڻڪسنگهه اڪال ڀونگي جي شيوا ۽ ڪاروبار چڱي طرح هلايو. پاڻ صبوح جو سويل نت نيم سان 4 بجي اڪال ڀونگي ۾ ايندو هو. دسمين پاتشاه جي هسواري جي ٽهل لاءِ هڪ نهنگ سنگ نالي خالصو مقرر ڪيو ويو. هو درٻار صاحب ۾ رهندو هو. سڄو ڪم درٻار صاحب جو هو پاڻ ڪندو هو. خالصو نهنگ سنگهه چڱو سنت هوندو هو. هو صاحبن جي ٻاڻي چڱي طرح ڄاڻندو هو. مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳي ٻڌايائين ته مان سڀاڻي شرير ڇڏيندس. انهن ڏينهن ۾ خالصن ۽ سکن جي پلٽڻ حيدرآباد ۾ هوندي هئي. پلٽڻ وارن خالصن ۽ سکن سان نهنگ سنگهه جو تمام گهڻو سنٻند هوندو هو. هن صاحب جي ڪري پلٽڻ وارا درٻار صاحب ۾ گهڻو ايندا هئا. سندس قضئي جو ٻڌي سڄي پلٽڻ جا سپاهي موڪل وٺي سندن ڪائي سان گڏ مساڻي ڏانهن هليا. وڏي ڌام ڌوم سان سندس ڪريا ڪرم درٻار صاحب ۾ ڪيو ويو. درٻار جي ٽهل شيوا قنڌاراڻي برادري وارا ۽ سندس اولاد خوشي سان ڪندا هئا. درٻار صاحب لاءِ ڇٽ، هسوارن جا قيمخوان جا رومال ۽ صاحبن جي براجمان واري ڪوٺي جي سامان جي ٽهل سڀ قنڌاراڻي خالصا ڪندا هئا.

درٻار صاحب جي ٽهل شيوا لاءِ ڀائي آتماسنگهه ۽ ڀائي راڌا ڪرشن مقرر ٿيل هئا. ڀائي راڌا ڪرشن 34 سال ڀريا اڪال ڀونگي جي شيوا گهڻي سڪ ۽ شرڌا سان ڪئي. ڪيترا سال اڪال ڀونگي جي ڪاروبار خالصي ماڻڪ سنگهه ڪئي، سندس سرڳواس ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪاروبار قنڌاراڻي خالصي تيغ سنگهه خالصي ماڻڪسنگهه جي وڏي پٽ جي هٿ ۾ آئي. مگر هو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ريلوي اسٽيشن ماستر هو. تنهن ڪري درٻار صاحب جي ڪاروبار پنهنجي ڀاءُ خالصي محڪم سنگهه جي هٿ ۾ ڏنائين انهي ريت سال 1901ع تائين درٻار جو ڪاروبار خالصي محڪوم سنگهه هلايو آخر محڪوم سنگهه ۽ سندس برادري واري قنڌاراڻي خالصن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو جنهن تي ڌر ديواني دعويٰ ڪئي اهو ديواني تڪرار سال 1901 کان وٺي سال 1905 تائين ڪورٽن ۾ هليو. اهو سڀ وقت درٻار بند هئي. آخر ڪورٽ مان اهو فيصلو ٿيو ته اڪال ڀونگي جي سنڀال لاءِ ڪو خاص هڪ ماڻهو يعني تيغ سنگهه يا محڪم سنگهه نه آهي پر اها درٻار سڄي قنڌاراڻي خالصن جي ملڪيت آهي. تنهن کانپوءِ سال 1905ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪاروبار هڪ چونڊيل ڪاميٽي جي هٿ وس آهي.جنهن ڪاميٽي جا ميمبر فقط قنڌاراڻي خالصا آهن.

گذريل ويهن سالن ۾ اڪال ڀونگي واري درٻاري واري جاءِ ۾ گهڻيون ڦيرڦاريون ۽ واڌارا ٿيا آهن. اها شيوا ڀائرن پي ڪئي آهي اڪال ڀونگي درٻار جي وڏي مهما آهي ڪيترا شرڌالو سک درٻار صاحب ۾ اچي ڀوانا رکي پنهنجو سوال گرو گرنٿ صاحب اڳيان پيش ڪن ٿا ۽ انهن جو اهو سوال قبول پوي ٿو ۽ سندن ڪارج راس ٿين ٿا گهڻن شرڌالن کي ان ڳالهه جا پرتا آهن. هرڪنهن کي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا. ان درٻار سان لاڳو پنج سماڌيون به آهن. اهي سماڌيون انهن خالصن ڀائرن جون آهن جن اڪال ڀونگي جي شيوا ڪئي آهي. انهن مان هڪ سماڌ خالصي ديواني سنگهه جي آهي. جنهن ڪيترا سال پينشن تي وڃڻ کانپوءِ نظر گهٽ هوندي به اڪال ڀونگي جي تن من ۽ ڌن سان شيوا ڪئي آهي. هي صاحب سڪ ۽ شرڌا رکي صبوح جو سويل هر روز 5 بجي آڏواڻي گهٽي مان جتي سندس رهڻ جي جاءِ هئي تتان اڪال ڀونگي ۾ اچي گروگرنٿ صاحب جي شيوا ڪندو هو. ڪيتري به برسات پوي ۽ ٿڌيون پونديون هيون ته به هي چڱو مڙس پنهنجو نيم نه ڇڏيندو هو. سندس فرزند مسٽر رام سنگهه اڳوڻو ائڪڊمي جو پرنسيپال آهي.

 

 

درٻار مهنت سوامي رام ديال

شهر حيدرآباد ۾ آڏواڻي گهٽي جي پڇاڙي ۾ جهولي درٻار نالي مهنت سوامي رام ديال جي پرسڌ آهي. ان درٻار جي مهنتن جي پرنالي هيٺ ڏجي ٿي:-

ڀڳت ڀڳوان (2) شري سوامي گرداس جي (3) شري سوامي منيرام (4) شري سوامي هرداس جي (5) شري سنتداس (6) شري گرڏتاجي (7) شري فقير بخش (8) شري آگيارام (9) شري سوامي گرديا (10) شري سوامي رام ديال (11) شري سوامي هرنامداس.

شهر حيدرآباد ۾ پرسڌ چار مهنت گهڻن سالن کان وٺي مقرر ٿيل آهن. (1) شري مهنت پيارورام جي 02) شري مهنت ڌيانداس جي (3) شري مهنت رام ديال جي (4) شري مهنت مڌنداس جي، انهن چئني مهنت جو وڏو مهنت پيارورام جي هو ۽ سندس پويان آهن.

ان درٻار جو وڏو ڀڳت ڀڳوان گري سنياسي هو جنهن صاحب کي گرو شري چند صاحب ٺٽي جي شهر ۾ بخشيش ڏني هئي. ڀڳت ڀڳوان ڪرامت جو صاحب هو. سوامي سنتداس سنبت 1880 ۾ حيدرآباد ۾ اچي درٻار اسٿاپن ڪئي. ان درٻار ۾ هرروز صبوح جو 7 کان 10 تائين شري آسادي وار ۽ ڪيرتن ۽ ڪٿا ٿيندي آهي. ورتمان گاديسر مهنت سوامي هرنامداس صاحب پاڻ ڪٿا ڪيرتن ڪندا آهن. مهنت سوامي هرنامداس صاحب هڪ وڏو ودوان پنڊت، سڀ ڌرم شاستر پڙهيل ۽ نرموهي ۽ وئراڳ وان ساڌو آهي. هن وقت حيدرآباد بلڪ سنڌ ۾ مهنت هرمانداس جهڙا ودوان ۽ ايشور ڀڳت ڪي ڇڊا لڀندا. هو صاحب ٻال جتي ۽ برهمچاري آهي. مهنت هرمانداس درٻار جي سموري ڪاروبار پنهنجي چيلي ٻائي سنمکداس جي حوالي ڪري پاڻ سمورو وقت درٻار جي شيوا، ڪٿا ڪيرتن ۽ ڌرم شاستر جي اڀياس ڪرڻ ۾ سڦلو ڪري ٿو. هن لڪل لعل جي ڪن ٿورن کي سڌ آهي. پڙهندڙ هن صاحب جي صحبت ڪرڻ سان گهڻوئي پرائي سگهندا. هي درٻار اڪثر ڪري مهنت سوامي رام ديال جي نالي سان هن وقت سڏجي ٿي. جنهن صاحب جي مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجي ٿو.

مهنت سوامي رام ديال حيدرآباد جي عامل ديوان جو پٽ هو جنهن کي سندس مائٽن پنهنجن ورهين جي ڄمار ۾ ان درٻار جي مهنت گرديال صاحب کي ارپڻ ڪري ڏنو. مهنت گرديال ٻالڪ کي فقيري بيک ڏيئي رام ديال نالو رکي پنهنجو چيلو ڪيو. چيلو رام ديال جڏهن اڃان مس ڏهن ورهين جو ٿيو ته گنگا پاسي سنتن ۽ ساڌن سان گڏجي جهنگل ۾ وڃي يوگ اڀياس ۽ تپسيا ڪئي. ڀريا 25 سال هي صاحب جهنگل ۾ ايشور ڀڳتي ۽ يوگ اڀياس ڪرڻ ۾ سڦلا ڪيا تنهن کانپوءِ 35 سالن جي اوسٿا ۾ حيدرآباد ۾ موٽي آيو. ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ سندس گرو مهنت رام ديال صاحب چولو ڇڏيو ۽ گادي تي مهنت رام ديال براجمان ٿيو. هن صاحب 25 سال گادي تي رهي 62 سالن جي اوسٿا ۾ سنبت 1986 برابر سال 1930ع ۾ ديولوڪ پڌاريو. مهنت سوامي رام ديال صاحب پورن ايشور ڀڳت هئا. کين وچن سڌي پراپت ٿيل هوندي هئي. ست نام جي پهرين پوري جپ صاحب جي پؤڙي پڙهي ڪنهن به بيمار يا ڌن ۽ نوڪري جي گهرجائون کي پهل پياريندا هئا يا رکيا ۾ جنتر ٺاهي ڏيندا هئا ۽ ان جا اوس ڪارج ٿيندا هئا. هزار بيمارن جا دک مهنت صاحب 5 دور ڪيا ۽ انيڪ شرڌالو سکن جا ڪارج پورا ڪيائون. ڪيترا شاگرد جڏهن امتحان ڏيڻ ويندا هئا، تڏهن سوامي جن کان رکيا لکائي اها ٽوپي ۾ وجهي ويندا هئا ته امتحان هال ۾ هنن کي سڀ ڪڇ سولائي سان ايندو هو ۽ هو امتحان ۾ اوس پاس ٿيندا هئا. ڪهڙو به سخت بيمار جنهن کي ڊاڪٽرن لا علاج ڪري ڇڏي ڏنو هو سو به سوامي جنجي ست نام جي پؤڙي پڙهيل پهل پيئڻ سان ۽ رکيا پائڻ سان ترت چڱو ڀلو ٿي پوندو هو. انيڪ ماڻهو سوامي جنجي آسيسا سان وڃي نوڪري ۽ ڌنڌي کي لڳا.

مهنت سوامي رام ديال صاحب جي روزمره جي ورتڻ جو ذڪر ڪجي ٿو. هر روز رات جو 4 بجي اُٿي شرير جي ڪريا لاهي درٻار جي اڱڻ جي ٻهاري هٿن سان پائي ٿڌي پاڻي سان سناڻ ڪري گرو گرنٿ صاحب جو پرڪاش پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. ٻه ڪلاڪ گرونٿ صاحب جو پاٺ ويٺا پڙهندا هئا.تنهن کانپوءِ ڪڻاه پرساد پنهنجن هٿن سان تيار ڪندا هئا. ڏينهن رات ۾ هڪ دفعو روٽي وٺندا هئا. روٽي پنهنجي لاءِ ۽ چيلن لاءِ سدائين پنهنجي هٿن سان تيار ڪندا هئا. اول ٻين سڀني کي کارائين پوءِ پاڻ کائيندا هئا. تنهن کانپوءِ ٿورو آرام ڪندا هئا. هر روز شام جو 4 – 5 بجي نيولي ڪرم ڪري اها ڏينهن جي کاڌل روٽي دال ڦلڪو ۽ چانور وات ۾ اوڪاري ڪڍي ڇڏيندا هئا. اها ورتڻ سندن هميشہ روز مره جي هوندي هئي. شام جو هر روز پنهنجي آکاڙي ڊومڻ واه جي ڀرسان گاين جي سنڀال ڪرڻ ويندا هئا. سوامي جنکي گاين جي شيوا ڏاڍي پسند هوندي هئي. گاين بلي سندن روزانو خرچ چار پنج روپيه هوندو هو. گايون 15 – 16 هونديون هين گاين سان ڏاڍو پريم هوندو هون. گاين جي هٿن سان شيوا ڪندا هئا. سوامي جن ٻين ٽڪاڻيدارن ۽ مهنتن وانگر پئسو پاڻ وٽ جمع نه ڪيو. 8 يا 10 ڏينهن سنتن ساڌن جي رسوئي ڪري ان تي سموري بچت 8 – 10 ڏينهن جي خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. پاڻ وٽ پئسو اصل جمع نه ڪيائون. سياري ۽ اونهاري رات جو ٻاهر درٻار جي جي انڱڻ ۾ سمهندا هئا. ڪهڙو به تهه سيارو هوندو ته مهنت صاحب ٻاهرٺان ڱڻ ۾ سمهيو پيو هوندو هو. وٽس جي وڃبو هو ته حال احوال ڏيندو وٺندو هو. کلمک سڀاءَ جا هوندا هئا. اٽڪل 17 سال ٿيا ته چولو ڇڏيائون سندن گادي تي سندن چيلو سوپامي هرنامداس ويٺو. سوامي هرنامنداس حيدرآباد جي ديوانن جو ٻالڪ هو جنهن کي مائٽن سوامي رام ديال صاحب کي ارپڻ ڪري ڏنو. سوامي هرنامداس حيدرآباد جي ديوانن جو ٻالڪ هو جنهن کي مائٽن سوامي رام ديال صاحب کي ارپڻ ڪري ڏنو. سوامي هرنامداس جو مٿي ٿورو ذڪر ڪيل آهي. هي صاحب هرنامداس جو مٿي ٿورو ذڪر ڪيل اهي. هي صاحب پنهنجي گرو وانگر سمورو وقت درٻار ۾ رهي درٻار جي شيوا ڪري ٿو ۽ شاسترن پڙهڻ ۾ سڦلو ڪري ٿو.

 

نانگي گنگارام صاحب جو اسٿان حيدرآباد

شهر حيدرآباد سنڌ ۾ هندن جي مساڻي گهاٽ جي ڀرسان هڪ جهونو ڌرمي اسٿان نالي نانگي صاحب جي درٻار آهي، جتي نانگي گنگارام صاحب جنجي سماڌي آهي. ان اسٿان ۽ سماڌيءَ ۾ حيدرآباد نواسين جو ايتري قدر صدق آهي جو جڏهن جڏهن ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن هنن کي آڏو ايندي آهي، تڏهن نانگي گنگرام صاحب جي سماڌين تي وڃي پنهنجي مشڪلات ظاهر ڪندا آهن ته سگهوئي سندن مشڪلات آسان ٿيندي آهي. ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته نانگي صاحب جن هاڻي به حاضران حضور ويٺا آهن. سڏ تي سڏ ڏين ٿا. ان ڌرمي اسٿان جي گاديسرن جي پرنالي هيٺ ڏجي ٿي.

نانگو گنگارام صاحب (2) نانگو ڪشنداس صاحب (3) ٻائو مسترام صاحب (4) ٻائو مڪترام صاحب (5) ٻائو هرڪشنداس صاحب (6) ٻائو آگيارام صاحب (7) ٻائو ڪنولداس.

نانگي گنگارام صاحب جنجو جنم براهمڻ ڪل ۾ ٿيو پر پوءِ بيک اداسي اختيار ڪري سر تي جٽائون ڌاريون هئائون. سندن گوردئارو پنجاب ضلع اٽاوا ۾ هو، پاڻ سان گڏ ٻه ڪامل فقير سوامي وڻکنڊي صاحب ۽ سوامي سنتداس صاحب شامل ڪري تيرٿ ياترا ڪندا سنبت 1861 ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ پڌاريا. ٻئي سنت ويهه سال حيدرآباد سنڌ ۾ گڏجي مساڻي جي ويجهو درٻار ۾ رهڻ لڳا. سوامي وڻکنڊي نانگي گنگارام صاحب کي وڏي ڀاءُ موافق سمجهي انجو ادب ڪندا هئا ۽ سندس آگيا موافق هلندا هئا. پڇاڙي جي وقت نانگي صاحب سوامي وڻکنڊي صاحب کي هي صلاح ڏني هئي ته منهنجي ديهانت کانپوءِ توهان وڃي سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سکر جي ويجهو جا ٻيٽاري آهي اتي دونهي لڳائي پنهنجو اسٿان ڪجو ۽ انجو نالو ساڌ ٻيلو رکجو. سنبت 1881 برابر سن 1804ع ۾ سوامي وڻکنڊي صاحب نانگي صاحب جا سنک گنگا جي ڏي روانا ڪري ۽ پاڻ روهڙي طرف روانا ٿيا ۽ هاڻوڪي ساڌٻيلي ۾ براجمان ٿيا.نانگو گنگارام صاحب ٻن سنتن سان گڏ حيدرآباد ۾ سنتن سان گڏ حيدرآباد ۾ اچي مساڻي گهاٽ وٽ زمين صفا ڪرائي دونهي دکائي اچي ويٺا. درجي به درجي اتي لانڍي تيار ٿي ۽ ٿورا برتن ڀنڊاري لاءِ موجود ٿيا.

حيدرآباد جي چئناڻي گهٽي جي برادري وارا سڀ گهر ديوان چئنرام جو اولاد نانگي گنگارام صاحب جي درٻار جا سک آهن. انهن سڄي برادري وارا نانگي صاحب کي ڏنل وچن موجب شراب ڪونه ورتائيندا آهن.

ديوان چئنراءِ جنهنجي نالي چئناڻي گهٽي سڏجي ٿي تنهن کي پٽ سنتان ڪونه ٿيندو هو، تنهن لاءِ نانگي صاحب جنجي اڳيان وينتي ڪيائين. نانگي صاحب جن حڪم ڪيو ته پپر جي اڳيان ڏکڻ پاسي درٻار لاءِ باغ پوکاءِ. انهي باغ ۾ جيتريون چڪيون پنهنجي هٿ سان پوکيندين تيترا پٽ توکي ٿيندا. ديوان چئنراءِ نانگي صاحب جو پريمي سک هوندو هو. ديوان چئنراءِ پنهنجي هٿ سان 6 چڪيون پوکيون ۽ انکي پوءِ 6 پٽ ٿيا. اهو باغ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. ديوان چئنراءِ کي جيڪي 5 پٽ نانگي صاحب جي حياتيءَ ۾ ٿيا تن جا نالا نانگي صاحب پاڻ رکيا. مطلب ته نانگي صاحب جي چئنراءِ تي وڏي مهر جي نظر هئي. نانگي صاحب ڪيترا ڪرامت جا ڪم ڪيا جنهن ڪري سندن نالو عام ماڻهن ۽ حاڪمن ۾ مشهور ٿي ويو. نانگو گنگرام ڪرامت جو صاحب هو. نانگي صاحب جو ناماچر ڏاڍو هو. ان وقت حيدرآباد ۾ فقط اهو ئي اسٿان هو جنهن ۾ پرديسي نانگن فقيرن جون جماعتون اچي رهنديون هيون هڪ يا ٻه ڏينهن ڪچو سيڌو نانگي صاحب وٽان انهن جماعتن کي ملندو هو.

ديوان جهوڙومل ميرن جو وزير هو هنجي برخلاف مير صاحب وٽ ڪنهن چغلي هنئي ته جهوڙيمل سرڪار کي نقصان پهچائي ڍل جي بستگيءَ ۾ ڪنهن زميندار کي بي واجبي فائدو رسايو آهي. ان لاءِ مير هڪ نواب کي جانچ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. جهوڙيمل نانگي صاحب وٽ پنهنجو حال پيش ڪيو. نانگي صاحب جهوڙيمل کي آسيسا ڪئي ۽ هن تان اها آپدا ٽاري.

نانگو صاحب رات جو 4 بجي اٿي سناڻ پاڻي ڪري سماڌي ۾ وهندا هئا ۽ سڄو ڏينهن هري نام جو نالو اُچاريندا هئا. جڏهن ستسنگي وٽن ايندا هئا تڏهن انهن سان گيان چرچا اُپديش جي وارتا ڪندا هئا. چئناڻي برادري کانسواءِ ٻيا گهڻا حيدرآباد جا عامل ديوان نانگي صاحب جا شرڌالو ۽ صادق سک هوندا هئا. اهي سڀ درٻار جي ٽهل شيوا صدق سان ڪندا هئا.

لعلواڻي ديوانن اُتم سنگهه ۽ ديوان جيچندراءِ جون سماڌيون ان درٻار ۾ رکيل آهن. حيدرآباد جي مير صاحب جو پڻ صدق نانگي صاحب ۾ هوندو هو. مير صاحب ننڍا، وڏا نانگي صاحب وٽ سندس درٻار ۾ ايندا هئا.

نانگو گنگارام صاحب ويهه سال حيدرآباد سنڌ واري درٻار جي گادي تي براجمان ٿي سنبت 1881 ۾ جوتي جوت ٿيا. نانگي گنگارام صاحب جا ٻه چيلا هئا. هڪڙو ٻائو پورنداس ۽ ٻيو ڪشنداس. نانگي صاحب کانپوءِ ٻيو نمبر چيلو ٻائو ڪشنداس گادي تي براجمان ٿيا. جيئن مٿي ڏيکاريل آهي ته نانگو گنگارام جڏهن حيدرآباد سنڌ ۾ آيو تڏهن پاڻ سان به ڪامل فقير پنجاب کان وٺي آيو هو. انهن مان ٻائو سنتداس هڪ وڏو ڪرامت جو ڌڻي ٿي گذريو آهي. ان سنت جون ڪيتريون ڪرامت جون ڳالهيون ٻڌجن ٿيون. هو صاحب رڌين جو مالڪ هوندو هو. ٻائي سنتداس جو پريم ديوان چئنراءِ سان هوندو هو. ٻائي سنتداس صاحب جي سماڌي هن اسٿان تي نانگي گنگارام صاحب جي سماڌ سان گڏ رکيل آهي. ٻائو سنتداس صاحب اڃان تائين حاضر ناظر آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ براهمڻ کي نياڻي جي وهانو لاءِ 500 روپين جي گهرج هئي. ان براهمڻ ٻائي سنتداس صاحب جي سماڌ اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو. هنکي پوري پنجين ڏينهن 500 روپيه سماڌ اڳيان رکيل نظر آيا.

نانگو ڪشنداس صاحب سنبت 1881 برابر سن 1824ع ۾ گادي تي ويٺا. ۽ سنبت 1893 برابر سال 1836 جوتي جوت ٿيا. ڪل 12 سال گاديءَ تي براجمان ٿيا.

نانگي ڪشنداس کي پنهنجي گرو نانگي گنگارام صاحب جي ڀنڊاري لاءِ پئسن جي گهرج ٿي ان وقت پئسو موجود ڪونه هو. تنهن هوندي به نانگي ڪشنداس سڄي سنڌ جي فقيرن کي ڀنڊاري جو لوٽو ڏياري موڪليو نانگي صاحب ڪراچي مان کنڊ ۽ گيهه گهرائي انجي رقم لاءِ هڪ هزار روپين جي هنڊي ديوان جهوڙيمل کي لکي هنڊي ديوان جهوڙيمل اکين تي رکي ڀري ۽ پنهنجا وڏا ڀاڳ سمجهيا جو گرن سندس يادگيري ڪئي آهي ۽ کيس شيوا ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي. درٻار جي ٻين شرڌالو سکن پنهنجي پڄندي آهر ڀنڊاري لاءِ سامان ۽ نقد پئسن جي مدد ڪئي. بي انداز سامان اچي گڏ ٿيو. حشام ساڌو سنت ۽ ماڻهو گڏ ٿيا نانگي گنگارام صاحب جي وڏي برڪت تيار ٿيل مال تي پوندي هئي. گهڻي قدر ڀوڄن لٽائڻ ۽ کارائن کانپوءِ به ڪيترو مال روز بچي پوندو هو سو ٻئي ڏينهن غريبن غربن کي کارايو ويندو هو. ڀنڊاري پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترو مال بچي پيو. نانگو ڪشنداس وڏي نانگي صاحب جي حڪم موجب روز درٻار جي لوڙهي کي پرڪرما ڏيئي شانتي سان پنهنجي نت نيم ۾ مشغول رهندو هو. هي مهاتما ديلوان ۽ سڀاءَ جو سادو هوندو هو. هو هر ويلي رام نام مک سان پيو اُچاريندو هو. گهڻو وقت نيم سان سماڌيءَ ۾ رهندو هو.

نانگي ڪشنداس کانپوءِ سندس چيلو ٻائو مسترام صاحب سنبت 1893 ۾ گادي تي ويٺا ۽ سنبت 1912 ۾ جوتي جوت ٿيا. ڪل 19 سال گاديءَ تي براجمان ٿيا. هي سنت اصل ماتلي تعلقي جو ويٺل هو. هنجي ڪچي کان ساڌ ٻڌي هئي ۽ هر سال هڪ ٻه مهنا نانگي صاحب جي دل و جان سان شيوا ڪندو هو. ٻائو مسترام سڄو ڏينهن هٿن سان درٻار جي ۽ درٻار سان لاڳو باغ جي شيوا ڪندو هو. گهڻو وقت باغ ۾ گذاريندو هو. ٻائو مسترام سنبت 1912 جو جوتي جوت سمايا. ٻائي مسترام جي ديولوڪ پڌارجڻ کانپوءِ سندس چيلو ٻائو مڪترام گادي نشين ٿيو. ٻائو مڪترام گاديءَ تي وهڻ وقت 14 سالن جي عمر جو هو تنهن ڪري درٻار جي ڪاروبار سڀ ڀائي ڏيئورام هڪ شرڌالو درٻار جو سک هلائيندو هو. ٻائو مڪترام سنبت 1912 برابر سن 1855ع گاديءَ تي براجمان ٿيا ۽ سنبت 1975 برابر سن 1918ع برابر 63 سال گادي نشين هئا. درٻار جي ڪاروبار ڀائي ڏيئورام هلائيندو هو. ٻائو مڪترام ڳالهائڻ جو بلڪل سوکم هو. سندس آهار به ٿورو هوندو هو. سڀ وقت گرمنتر زبان سان پيو اُچاريندو هو. ٻائي صاحب جي پيشاني ۾ ڏاڍي ڪرانتي هئي ۽ سندس اکيون الاهي جوت سان پيئون ٻڙنديون هيون. هن فقير جي دل ڏاڍي ڪشادي هوندي هئي. اُدارچت هوندو هو. درٻار ۾ لنگر تي گهڻا آدمي ايندا هئا. تنکي ڦلڪو ڀاڄي يا ڍوڍو چٽڻي ملندي هئي. جواني جي اوسٿا ۾ سندس حليمائي ۽ سانتيڪي سڀاءَ ۽ اُتم سريشٽ رعت ڪري هنجو جس ۽ پرتاب گهڻي قدر وڌيو.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مکي سکرامداس جو پٽ سخت بيمار ٿي پيو. مکي صاحب ٻائي مڪترام صاحب کي پنهنجي جاءِ تي گهرايو ۽ پرارٿنا ڪئي ته آسيسا ڪريو ته ٻالڪ چڱو ڀلو ٿئي. ٻائي مڪترام پنهنجا چرن ٻالڪ جي مٿي تي گهمايا ۽ يڪدم چڱو ڀلو ٿي پيو. ٻائو مڪترام پنهنجي گرن وانگر نانگو هو. سندس شادي ڪيل ڪانه هئي. هڪ دفعي هڪ ٻڍو جوڳيسر درٻار ۾ اچي ٽڪيو، جنهنجي شيوا ٻائي صاحب چڱي ڪئان جوڳيسر درٻار ڇڏڻ وقت ٻائي صاحب کي عرض ڪيو ته مون کي هڪ وچن ڏنو هنکي وچن ڏنو تنهن تي ان جوڳيسر پنهنجي 9 ورهين جي نينگري جي ٻانهن ٻائي صاحب کي ڏيئي چيو ته اوهان هن سان وهانو ڪريو. جو انجام اوهان ڪيو آهي. ٻائي مڪترام پهريائين جوڳيسر جي اها وينتي قبول نه ڪئي پر آخر هنجي گهڻي ستائڻ تي ۽ پنهنجي ڏنل وچن کي ڀنگ نه ڪرڻ لاءِ لاچار ان ڪنيا سان وهانو ڪيو. ٻائو مڪترام صاحب سڀاءَ جو ديالو ۽ نهٺو هو. سندس مورت نماڻي هلت سادي ۽ ڪنڌ هميشہ هيٺ هوندو هو. هو دل جو ڪشادو، ساڌ ٻڌ ۽ غريبن تي ڪهل ڪرڻ وارو هو. حيدرآباد شهر لاءِ ٻارن جي دفن ڪرڻ لاءِ مساڻي جي ڀرسان پنهنجو ٽڪرو زمين جو پئنچات کي بنا عيوض جي ڏنو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٻائي مڪترام کي مودي جي بل ڏيڻ لاءِ هڪ سؤ رپيه ضروري گهربل هئا. ٻائي صاحب نانگي صاحب ۽ درٻار جي ٻين گاديسرن جي سماڌين اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو ۽ تنهن کانپوءِ وڃي بستري تي آرامي ٿيو. صبوح جو سويل اڃان اونده پيل هئي ته هڪ اجنبي ماڻهو هنکي ننڊ مان جاڳائي هڪ هزار روپين جو هٿ ۾ ڏيئي غائب ٿي ويو. ٻائي صاحب کي اها حالت ڏسي گهڻو تپرس لڳو جو درٻار جا سڀ دروازا بند هئا. پڙهندڙ اها ڳالهه ياد ڪن ته ٻائونانگو صاحب کي آد وٺي سڀ گاديسر ان درٻار جا حاضران حضور آهن اسان ۾ فقط شرڌا ۽ ڀاونا جي گهٽتائي آهي. حيدرآباد جي شهدادپوري پڙي جا گهڻا ماڻهو ۽ لکاڻي آڪهه وارا هن درٻار جا صديقي سک آهن. ٻائو مڪترام صاحب تاريخ 8 ناهري سنبت 1979 ۾ ديولوڪ پڌاريا.

ٻائي مڪترام صاحب کي ٻه پٽ هئا. هڪ ٻائو هرڪشنداس ۽ ٻيو ٻائو آگيارام، انهن ٻنهي ۾ گرو صاحب ڪلا وڌي آهي ۽ هو پنهنجن وڏن جا آدرش اڳيان رکي درٻار جو ناماچار قائم رکندا آيا آهن ۽ پاڻ ۾ نام جپين ٿا ۽ سکن کي به نام جپائين ٿا. ٻائي هرڪشنداس جي ڏينهن ۾ صاحبن جو مندر، سماڌين جي ڀرسان درٻار جي پريمي سکن ٺهرايو آهي.

ٻائو هرڪشنداس صاحب 4 – 5 سال مس گادي تي وهڻ کانپوءِ ديولوڪ پڌارجڻ کانپوءِ ٻائي مڪترام جو ٻيو نمبر فرزند ٻائو آگيارام صاحب گادي نشين ٿيو. ٻائو آگيارام صاحب پڻ ٻه چار سال گادي نشين رهيو. ورتمان درٻار جو گاديسر ٻائو ڪنولداس صاحب ٻائي آگيارام صاحب جو وڏو فرزند گادي نشين گذريل 14 سالن کان آهي. جو صاحب درٻار، سماڌين جي شيوا ۽ ٽهل ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org