سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :1

جديد تدريسي طريقو

ثناءُ الله سومرو

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليمي سکيا ۽ فن جي موضوع تي ڪي به قابل قدر ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن. اسان جون يونيورسٽيون جيڪڏهن اتي ويٺل مهان پروفيسرن کان تعليمي ۽ فني موضوعن تي اڪيڊمڪ ڪتاب لکرائي سنڌ جي ماڻهن تائين رسائينديون اچن ها ته هيستائين هزارن جي تعداد ۾ سٺا ڪتاب سنڌ جي شاگردن، استادن ۽ عام پڙهندڙن کي ملي پون ها. ليڪن اهڙي ذميداري ۽ احساس جي کوٽ جي ڪري هيستائين تعليمي ۽ اڪيڊمڪ موضوعن تي ڳڻڻ جوڳن ڪتابن جو تعداد ڏيڍ درزن کان وڌيڪ ڪونهي.

تعليم جو شعبو سڄي تعليمي نظام جي ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو. ان شعبي جي لاءِ تهائين وڌيڪ اڪيڊمڪ ڪتابن جي ضرورت آهي. انهيءَ ضرورت کي مدنظر رکندي اسان فوري طور تي ٻه ڪتاب ابتدائي تعليم جي سکيا ۽ جديد تدريسي طريقو ڇاپي رهيا آهيون ته جيئن سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي معيار جي بلند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو حصو ملائي سگهون. اسان جي هيءَ ڪوشش جيڪڏهن سنڌ جي استادن ۽ والدين جي لاءِ سندن شاگردن ۽ اولاد جي لاءِ بهتر تعليم جي شعور کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ٿي بڻجي ته پڪ سان هيءَ سنڌيڪا جي سنڌ جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش ليکبي.

نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيڊمي.

باب پهريون

بحث جو موضوع

 

علم

۽

 زندگي

موجوده تعليمي نظريي ۽ ان جي اهم ترين اصولن کي ڀليءَ ڀت سمجهڻ لاءِ سڀ کان بهتر طريقو هي آهي ته اسان جديد اسڪول جي ان تصور تي نظر وجهون جيڪو هن دؤر جي پيداوار آهي ۽ جنهن جديد تعليمي خيالن کي عملي صورت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن اسانجو مقصد موجوده تعليم جي تاريخي ارتقاء ڏيکارڻ هجي ها ته اسان ان ڳالهه تي بحث ڪريون ها ته جديد خيالن مان مراد هيءَ ناهي ته انهن جو قديم خيالن سان ڪو تعلق ناهي يا تعليم ۾ ڪو اوچتو وڏو انقلاب اچي ويو آهي جنهن ڪري سمورا پراڻا آثار مٽجي ويا آهن ۽ انهن جي جڳهه تي هڪ بلڪل نئين عمارت ٺهي چڪي آهي، بلڪه انساني سماج وانگر تعليمي تبديليون پڻ علت ۽ معلول (سبب ۽ نتيجي) جي هڪ اٽل ارتقائي سلسلي ۾ جڪڙيل هونديون آهن، انهن جون پاڙون ماضيءَ جي واقعن ۽ حادثن ۾ لڪل آهن ۽ جيئن ته هتي اسان جي بحث جو موضوع تعليم جو تاريخي مطالعو نه پر جديد تدريسي علم ۽ ان جا طريقا ۽ اصول آهن.

تنهن ڪري باب ۾ اسان مختلف تعليمي مسئلن جي انهن وڏن اصولن بابت بحث ڪنداسين جن تي موجوده دؤر جا بهترين تعليمي خيال مشتمل آهن. هتي هيءَ ڳالهه پڻ ياد رکڻ گهرجي ته ڪا علمي تجويز يا انساني ادارو پنهنجي نصب العين سان مڪمل طور ٺهڪندڙ نه هوندو آهي ڇاڪاڻ ته نصب العين ڪا ٽِڪ ٻَڌل منزل نه آهي جتي اسان واقعي به پهچي وڃون بلڪه هڪ رهنما ستارو آهي جيڪو اسان جي پهچ کان مٿي هوندو آهي ۽ اسانجي ڪوششن لاءِ هدايت جي روشنيءَ جو ڪم ڏيندو آهي.

قديم تعليمي طريقو

جديد (ترقي يافته ملڪن جي) اسڪول جي تعليمي اصولن ۽ لاڙن تي غور ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿي سگهي ٿو ته اسانجي تعليمي ارتقا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ اسانجون تعليم گاهون ڪهڙن مقصدن کي پورو ڪرڻ ۾ رڌل آهن ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ اسان ڪيترو، پوئتي رهجي ويا آهيون.

جديد اسڪول جي واقعي اهميت ۽ حقيقي مفهوم کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان کي پس منظر جي طور تي اسڪول جي قديم تاريخي تصور تي هڪ سرسري نظر وجهڻ گهرجي ته جيئن اسان ٻنهي (جديد ۽ قديم) ۾ ڀيٽ ڪري سمجهي سگهون ته تعليمي تصور ۾ ڪهڙا عنصر مستقل اهميت رکڻ سبب قديم دؤر کان هينئر تائين لڳاتار هلندا پيا اچن ۽ ڪهڙين ڳالهين ۾ تبديلي يا ترميم ٿي وئي آهي. هتي ان ڳالهه تي تفصيلي بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ته انساني زندگيءَ جي نظام ۾ اسڪول جي شروعات ڪيئن ٿي؟ شروعات ۾ ماڻهن زندگيءَ جي ضرورتن کان مجبور ٿي پنهنجي اولاد کي ڪجهه اهي شيون ٻڌايون ۽ سيکاريون جن جي ڄاڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه هيو يعني جن تي انهن جي زندگيءَ جو دارو مدار هيو. مثال طور کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ جا طريقا، گرميءَ ۽ سرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪا محفوظ جاءِ ڳولهڻ يا ٺاهڻ، لٽي ڪپڙي ٺاهڻ، پوک ڪرڻ، شڪار ڪرڻ ۽ ٻين ضروري ڪمن لاءِ هٿيار ۽ اوزار ٺاهڻ. ان شروعاتي دؤر ۾ سندن ڌيان لازمي طور مادي شين ۽ ضرورتن تائين محدود هيو پر ڪجهه زماني کانپوءِ مختلف قبيلن ۾ رسمون ۽ عبادتون، قانون، معاشرت جي طريقن، گيتن ۽ ڀڄنن جو مجموعو تيار ٿي ويو. ظاهر آهي ته اهي شيون به والدين يا خاندان جي بزرگن پاڻ ئي ٻارن کي سيکاريون هونديون. هيءَ تعليم جي اها منزل آهي جنهن کي مؤرخن بي ضابطه تعليم جي نالي سان سڏيو آهي ۽ شروعات ۾ تعليم جي رڳي اها ئي صورت هئي. ان وقت ڌنڌن ۽ هنرن وغيره جي تعليم نوجوان سڌيءَ طرح حاصل ڪندا هئا يعني سوسائٽيءَ جي ڪاروبار ۾ سڌو سنئون شريڪ ٿيندا هئا. نظري تعليم جيڪا اڃا تائين ايتري اڻ لکي نه هئي جو زندگيءَ جي عملي مشغلن سان ان جو تعلق نظرن کان بلڪل اوجهل هجي، اها خاندان ۾ ئي ڏني ويندي هئي.

اسڪولن جو قائم ٿيڻ

جڏهن آهستي آهستي انسان پنهنجي تجسس واري ذوق جي ڪري پنهنجي آسپاس جي نظارن ۽ شين ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ انهن جي خاصيتن ۽ لاڳاپن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ته سندس معلومات جو ذخيرو وڌيو ۽ اهو مختلف علمن جي صورت ۾ مرتب ٿيو، تڏهن سوسائٽيءَ کي ان جي ضرورت محسوس ٿي ته اهي علم باقاعده طريقي سان ٻارن ۽ نوجوانن تائين پهچايا وڃن. ڇاڪاڻ ته هينئر ڪم جي وسعت ۽ ذميداري ايتري ٿي وئي هئي جو خاندان جا فرد پنهنجي لازمي مشغلن جي دوران ضمني طور تي ان تعليمي فرض کي نڀائي نه پيا سگهن، ان ضرورت کان مجبور ٿي اسڪول قائم ڪيا ويا جتي ڪجهه ماڻهو جيڪي ٻين معاشي فرضن کان آزاد ڪيا ويا هئا خاص طور تي ٻارن ۽ نوجوانن جي تعليم لاءِ مقرر ڪيا ويا ته کين نه فقط سمورا مفيد هنر ۽ عملي ڪم سيکارن جيڪي زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهن بلڪه کين انهن نظري علمن کان پڻ روشناس ڪن جيڪي لڳاتار اؤسر وٺي رهيا هئا ۽ انسان جي ڄاڻ ۽ سگهه ۾ واڌارو ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح تمدني زندگيءَ جي نظام ۾ اسڪول پنهنجي جاءِ پيدا ڪئي. پروفيسر ڊيوي (Dewey) ان صورتحال تي هن ريت روشني وجهي ٿو:

جيئن تمدن ترقي ڪندي آهي، ٻارن جي صلاحيتن ۽ وڏن جي ڪاروبار ۾ هڪ وڏو خال پوندو ويندو آهي ۽ ٻارن لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ته هو اهي ڪجهه سؤلا ۽ سادا ڪم بالغن جي ڪمن ۾ سڌو سنئون شريڪ ٿي سکي سگهن. بالغن جا ڪم اڪثر پيچيده ۽ ٻارن جي سمجهه کان ايترو مٿي هوندا آهن جو هو راند ۾ انهن جون اهلون ڪري انهن جي مقصد ۽ مفهوم کي نٿا سمجهي سگهن. تنهنڪري جيڪڏهن اسان هي چاهيون ٿا ته ٻار وڏا ٿي سوسائٽيءَ جي ڪاروبار ۾ لاڀائتي طريقي سان شريڪ ٿين ته ضروري آهي ته اڳ ۾ ئي کين ان  مقصد لاءِ تعليم ڏني وڃي. ان مقصد کي مدنظر رکي باضابطه تعليم گاهون قائم ڪيون وينديون آهن. تعليمي وسيلن ۽ نصاب وغيره جي ترتيب عمل ۾ ايندي آهي ۽ ضروري شين جي پڙهائڻ جو ڪم هڪ خاص جماعت جي حوالي ڪيو ويندو آهي .... جيئن جيئن سوسائٽيءَ جا ذريعا ۽ وسيلا وڌيڪ ڪشادا ۽ انهن جو انتظام ۽ نظم و ضبط وڌيڪ ڏکيو ٿيندو ويندو آهي، رواجي باضابطه تعيلم جي ضرورت پڻ وڌندي ويندي آهي.

(Democracy and Education صفحو 9)

جڏهن مروجه اسڪول قائم ٿي ويا ته انهن جي نصاب ۽ داخلي تنظيم ۾ به سوسائٽيءَ جي ترقيءَ ۽ پيچيدگيءَ جي لحاظ کان تبديليون شروع ٿيون ۽ انهن ۾ نوان نوان علم ۽ مضمون شامل ٿيندا ويا. شروعات ۾ انهن جي تعليم پڪ سان ڪجهه مفيد دستڪارين ۽ رسمن ۽ عقيدن سيکارڻ تائين محدود هوندي، پر جڏهن انساني علم ۾ واڌارو آيو ۽ اهو لکت ۾ آندو ويو ته لکڻ پڙهڻ جي اهميت وڌي وئي، ڇاڪاڻ ته لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابليت هاڻي علم حاصل ڪرڻ جي ڪنجي سمجهڻ ۾ آئي. ويلن ٽائن ڊيوس (Valentine Devis) پنهنجي ڪتاب The School Idia (اسڪول جو تصور) ۾ انهن عنصرن جو واڌارو ڪندي لکي ٿو:

جڏهن انسان جي علم ۽ عقل ۾ ترقي ٿي ۽ کيس واندڪائي، علمي غور ۽ فڪر ۽ تخيل جي بلند پروازيءَ جا موقعا نصيب ٿيا ته ادب، موسيقي، آرٽ ۽ رقص نون هنرن جي طور تي نصاب ۾ داخل ڪيا ويا. ان کانپوءِ مروجه عملي ضابطي (يعني قانون)، صحيح يا پسنديده طرز عمل (يعني اخلاق) ۽ غيب تي ايمان (يعني مذهب) کي علم ۽ تهذيب جي دائري ۾ شامل ڪري ورتو. جڏهن ٻارن کي اهي علم سيکاريا ويا ۽ کين انسانيات کي مناسب انداز سان سمجهڻ ۽ ان جو قدر ڪرڻ جي تعليم ڏني وئي ته اسڪول جي موجوده تصور جي تڪميل ٿي.

(صفحو 12)

ان بيان مان واضح ٿئي ٿو ته اسڪول جو شروعاتي تصور ڪهڙو هيو. ان مان مراد هئي اهڙي درسگاهه جتي شاگرد اهي مفيد علم حاصل ڪندا هئا جيڪي زندگيءَ جي بقا ۽ آس پاس جي حالتن کي سمجهڻ لاءِ ضروري هئا، ۽ جن سان انهن جي تجسس واري ذوق جي به ٿوري گهڻي تسڪين ٿي ويندي هئي. جڏهن اسڪول جي تصور جي تڪميل ٿي ته ان ۾ شاگرد علم کي ڪنهن ٻاهرين غرض کانسواءِ پڻ حاصل ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته ان سان انهن جي نفس جي تهذيب ۽ ذهن جي ترتيب ٿيندي هئي ۽ زندگيءَ جي معنويت ۾ واڌارو ٿيندو هو. مختصر هيءَ ته اسڪول جو ڌيان ٽن قسمن جي علمن ڏانهن هيو. هڪ اهو جيڪو شاگردن کي معاشي وسيلن ۽ مادي زندگيءَ جي ضرورتن لاءِ تيار ڪندو هو، ٻيا اهي جيڪي سندن عقلي ۽ ذهني ترتيب لاءِ مقرر هوندا هئا، ٽيان اهي جيڪي انهن جي اخلاقي تربيت ۽ ڪردار جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏيندا هئا. ان ڏاڪي بڏاڪي ارتقا جي شروعاتي دؤر ۾ تعليم جي لاڀائتي پهلوءَ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ان سان سڌو سنئون زندگيءَ جون مادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون. جڏهن علمن ۾ ترقي ٿي ۽ استاديءَ هڪ مستقل پيشي جي صورت اختيار ڪئي ته نظري ۽ ذهني ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ڏجڻ لڳو، ايستائين جو موجوده دؤر ۾ مدرسي يا اسڪول جو لفظ درس جي جاءِ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ درس جي معنيٰ ڪتابي ۽ زباني تعليم قرار ڏني وئي. اسان جي ملڪ ۾ گذريل صديءَ جي تعليمي انقلاب کان اڳ تقريباً سمورن ملڪن ۾ اسڪول جو مفهوم هي هيو ته اها اهڙي جاءِ آهي جتي شاگردن کي ڪجهه خاص مضمون پڙهايا ويندا آهن جن کي استاد يا والدين پنهنجي نقطه نظر سان ضروري سمجهن ٿا ۽ جن ۾ سندن خيالن جي نشونما ۽ ڪنهن حد تائين زماني جي رفتار مطابق مٽاسٽا يا تبديلي ٿيندي رهندي آهي.

ابتدائي ۽ هاڻوڪي اسڪول جو فرق

اسڪول جي ان ابتدائي تصور جو دارو مدار ڪجهه اهڙن فرضن تي آهي جن تي تنقيد ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي نظريه تعليم کي انهن سان اختلاف آهي. ان ڳالهه کان ڪوبه ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگهي ته علمي ترقين ۽ انساني زندگيءَ جي مؤجوده تنظيم کي مد نظر رکندي قديم اڻ سهيڙيل تعليم اسان جي ضرورتن لاءِ ڪافي نه پئي ٿي سگهي. اها تعليم جيئن اسان ٻڌائي چڪا آهيون ته عملي زندگيءَ ۾ سڌو سنئون ڏني ويندي هئي ۽ ان جو دائرو تمام محدود هيو، ان جي ذريعي سوسائٽيءَ جا موجوده تمدني ذخيرا ۽ علمي ۽ عملي خزانا هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ ممڪن نه هئا. اڄڪلهه جي باضابطه اسڪولن ۾ جيڪا تعليم ڪتابن ۽ تحريري علمن جي ذريعي ڏني ويندي آهي ان سان شاگردن جو تجربو تمام وسيع ٿيندو آهي. هُو نه رڳو پنهنجي دؤر ۽ ماحول کان بلڪه قديم تصنيفن جي مطالعي جي ذريعي سمورن دؤرن جي بهترين تمدني، علمي ۽ ادبي ڪارنامن کان واقف ٿي ويندا آهن، پر جتي اسڪول جي ان نئين تنظيم سان تعليم ۾ ڪشادگي ۽ باقاعدگي پيدا ٿي آهي اتي ڪجهه خطرا پڻ پيش آيا آهن. انسان پنهنجي ڄاڻ ۽ علم کي رڳو پنهنجي حافظي ۾ يا عمل جي صورت ۾ محفوظ ناهي رکيو بلڪه ان کي لکت ۾ آندو اٿائين، تنهنڪري اهي سموريون حقيقتون ۽ اصول جيڪي وڏن وڏن ڊگهن تجربن جو نچوڙ آهن رڳو ڪجهه اصطلاحن يا علامتن ذريعي بيان ڪري سگهجن ٿا. جيڪو ماڻهو انهن تجربن کي پاڻ حاصل ڪري چڪو آهي ۽ انهن حقيقتن کان واقف آهي جيڪي اهي علامتون ظاهر ڪن ٿيون اهو انهن مان ڀليءَ ڀت فائدو وٺي سگهي ٿو. ان جي نظر ۾ انهن جي اها ئي حيثيت آهي جيڪا هڪ فني ماهر آڏو مختصر نويسيءَ (Short hand) جي ياداشتن جي هوندي آهي. هو انهن اشارن تي نظر وجهندو آهي ۽ سندس ذهن ۾ اهي سمورا تجربا ۽ واقعا تازا ٿي ويندا آهن جن جي ياد کي محفوظ رکڻ لاءِ هن ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي ڪجهه نشان ٺاهيا هئا، پر اسان اها ڳالهه نٿا مڃي سگهون ته جيڪو ماڻهو انهن تجربن کان وانجهيل رهيو هجي ۽ جنهن کي انهن واقعن جي مشاهدي جو موقعو به ناهي مليو اهو انهن لفظن ۽ علامتن مان اوترو ئي فائدو وٺي سگهي. ممڪن آهي ته هو پنهنجن ذاتي تجربن جي بنياد تي قياس کان ڪم وٺي لفظن ۽ علامتن کي هڪ حد تائين معنيٰ ڏئي سگهي پر جيستئاين پاڻ انهن نتيجن تائين پهچڻ جي ڪوشش نه ڪندو جيڪي انهن لفظن ۽ علامتن ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن تيستائين سندس علم ۽ اصليت جو رنگ پيدا نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح نه هجي ها ته اتر قطب جي هڪ تجربيڪار سياح کي اتي جي حالتن جو جيترو حقيقي علم آهي اوترو ئي هڪ پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪري جو هجي ها جيڪو ان سياحت جو سفرنامو غور سان شروع کان آخر تائين پڙهي وٺي. پر حقيقت هيءَ آهي ته ان ڪتاب جو هڪ هڪ لفظ سياح جي نظر آڏو کوڙ سارن تجربن جي هڪ دنيا آڻي ڇڏي ٿو ۽ سندس ذهن لفظن کان حقيقتن ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ ڇوڪرو ڪتاب کي ان حد تائين سمجهندو آهي جنهن حد تائين سندس محدود تجربو انهن لفظن ۾ جان وجهي سگهي ۽ سندس نفس ۾ اهي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيتون پيدا ڪري سگهي جيڪي لفظن جي پردي ۾ لڪل آهن. جيڪڏهن فرض ڪيو ته کيس انهن حالتن جو ذري جيترو به علم يا تجربو ڪونهي، ته سفرنامي جا لفظ ان لاءِ رڳي ايتري اهميت رکن ٿا ته اهي سندس ڪجهه حواسن کي عارضي طور تي متاثر ڪن ٿا ۽ بس. وڌ ۾ وڌ ائين ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن سندس اڳوڻو علم وسيع ۽ تخيل سگهارو آهي ته قياس جي ذريعي ڪجهه مبهم تصويرون سندس دماغ آڏو اچي وڃن.

اهڙيءَ طرح ڪيميا جي ڪتاب ۾ اهو پڙهڻ ته ڪاربونڪ ايسڊ گيس، ڪاربن ۽ آڪسيجن جي هڪ خاص تناسب سان ملڻ سان ٺهندي آهي، بغير عملي تجربي ۽ مشاهدي جي ائين آهي جيئن ڪو جادوءَ جي منتر کي ورجائي. انهن مثالن مان واضح ٿئي ٿو ته ذاتي تجربي جي پس منظر کانسواءِ لفظي تعليم اڻپوري آهي. معلومات جيستائين عمل جي ڪسوٽيءَ تي پوري نه لهي ان کي علم جو درجو نصيب نٿو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com