سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :14

مظاهراتي طريقي جا فائدا

(1) هي طريقو ظاهري ڏيکاءَ ۽ ڏسڻ سان لاڳاپيل آهي. ان کي سبق جي باريڪ پهلوئن جي وضاحت ڪرڻ ۾ سڦلائتو سمجهيو ويندو آهي. استاد ان جي ذريعي سبق جي ڏکين ڳالهين ۽ باريڪ پهلوئن جي سمجهاڻي ڏيندو آهي، هو ڪلاس ۾ سبق جي مختلف پهلوئن کي عملي اظهار سان بيان ڪري سبق کي اثرائتو ۽ دلچسپ بڻائيندو آهي.

(2) هيءَ طريقو احساسن جي پرورش ڪندو آهي ۽ خاص طور تي حسي قدرن جي تسلي ڪندو آهي. جيڪا شيءِ لفظن، تقرير ۽ تحرير سان سمجهه ۾ نه اچي ان لاءِ هيءَ طريقو وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو آهي. خاص طور گهريلو معاشيات جا سبق ان ذريعي تمام اثرائتا ۽ ڪامياب ٿيندا آهن.

(3) هيءَ طريقو تدريس کي دلچسپ بڻائيندو آهي. اهو خاص طور تي ثانوي اسڪولن لاءِ آهي ڇاڪاڻ ته هو شين کي پنهنجي آڏو ڏسندا ۽ محسوس ڪندا آهن. مددي شين جي استعمال ۾ شاگرد دلچسپي وٺندا آهن. هي طريقو تقريري طريقي جي ورجاءِ ۽ ڊيگهه کان آزادي ڏياري ٿو. شاگردن تي مسلسل ليڪچر جا اڻ وڻندڙ اثر پوندا آهن ۽ ٿڪاوٽ محسوس ڪندا آهن. تنهنڪري هيءَ طريقو تمام مددگار ۽ تعليمي مقصدن کي پورو ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.

(4) هن جي ذريعي تدريس اثرائتي بڻائي ويندي آهي، مثال طور ڪي سبق عملي نوعيت جا هوندا آهن جن ۾ فقط عملي اظهار ئي سوڀارو بڻائي سگهي ٿو. ڪن سبقن کي البت تقريري طريقي سان واضح ڪري سگهجي ٿو ۽ بعد ۾ عملي طور تي وضاحت پڻ ڪري سگهجي ٿي.

(5) هي طريقو شاگردن کي تنقيد ۽ تبصري جا موقعا مهيا ڪري ٿو.

ڪهاڻيءَ جو تدريسي طريقو (Story telling Method)

ڪلاس روم جي تدريس کي اثرائتو ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ شاگردن کي متوجهه ڪرڻ، آماده ڪرڻ ۽ دلچسپي ۽ شوق جي جذبن کي اڀارڻ تمام اهم آهي. آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ جي طريقي مان مراد ڪو مضمون ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پڙهائڻ آهي. خاص طور تي اسلاميات، سماجي اڀياس ۽ تاريخ جا سبق ان طريقي سان پڙهايا ويندا آهن. ان تدريس ۾ مختلف واقعن ۽ ڪهاڻين جي مدد سان سبق ۾ دلچسپي پيدا ڪئي ويندي آهي. ان طريقي سان اسان خشڪ مضمونن جي تدريس پڻ دلچسپ ۽ وڻندڙ بڻائي سگهون ٿا. 

ڪهاڻيءَ جا اصول

1 – هن طريقي کي فقط ضرورت پٽاندڙ ئي اختيار ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سکڻيون ۽ خيالي ڪهاڻيون ٻارن کي خيالن جي دنيا جو عادي ۽ بي عمل بڻائينديون آهن. مائيڪل  جي چوڻ موجب ”جڏهن هن سکيا جي ضرورت هجي تڏهن استعمال ڪجي ۽ اخلاقي موضوعن جي تدريس ۾ استعمال ڪجي.“

2 – ڪهاڻيءَ يا آکاڻيءَ جو موضوع تمام مختصر هجي ۽ اخلاقي سبق رکندڙ هجي. ڊگهي ڪهاڻيءَ سان شاگرد ٿڪجي پوندا ۽ سکيا جو عمل متاثر ٿيندو.

3 – ڪلاس ۾ ان دوران مڪمل سانت هجي ۽ شاگرد ڪنهن ڪم ۾ رڌل نه هجن.

4 – استاد کي آکاڻي ٻڌائڻ جو فن ايندو هجي ۽ آکاڻيءَ مطابق لهجي ۽ انداز ۾ ڦيرڦار ڪري سگهندو هجي ۽ منجهس خود اعتمادي ۽ آکاڻيءَ سان جذباتي لڳاءُ پڻ هجي.

5 – آکاڻيءَ جي چونڊ وقت ٻارن جي عمر ۽ ذهبي قابليت کي نظر ۾ رکيو وڃي. گڏوگڏ ان ۾ ٻارن لاءِ دليريءَ وارا، مهم جو ۽ سرگرم ڪردار شامل هجن.

6 – آکاڻي ٻڌائڻ دوران ٻارن کان واقعن سان لاڳاپيل سوال پڇيا وڃن ته جيئن سندن دلچسپي ۽ ڌيان جو اندازو لڳائي سگهجي ۽ ڌيان لڳاتار قائم رهي.

7 – تدريس دوران سوالن ذريعي شاگردن جي مدد سان آکاڻيءَ جا واقعا تت جي شڪل ۾ ڪاري بورڊ تي لکيا وڃن.

8 – شاگردن کي آکاڻي ٻڌائڻ ۽ لکڻ جا موقعا ڏنا وڃن ته جيئن منجهن خيالن جي اظهار جي قدرت پيدا ٿئي.

تقريري تدريسي طريقو (Lecture Method)

تقريري تدريسي طريقو سڀ کان وڌيڪ پراڻو تدريسي طريقو آهي. ان جي خلاف هر دؤر ۾ ڏي وٺ ٿي آهي پر اڃا تائين تعليمي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مروج طريقو اهو ئي آهي. ان جي فائدي کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ اڃا تائين سندس مقبوليت ئي ان جي افاديت ۽ سچائيءَ جو زنده دليل آهي. هن طريقي جي خوبين ۽ خامين جو دارومدار ان طريقي نه پر ان کي استعمال ڪندڙ فرد تي آهي.

تقريري طريقي ۾ استاد گهڻو ڪري پاڻ ڳالهائيندو آهي. وڏي منظم ۽ منطقي انداز سان مواد کي شاگردن آڏو پيش ڪندو آهي. پيش ڪرڻ جو انداز نفسياتي ۽ جذباتي به ٿي سگهي ٿو ته سنجيده ۽ منطقي پڻ. اصل مقصد شاگردن آڏو ڄاڻ ۽ فڪر پيش ڪرڻ آهي. هيءَ طريقو بياني يا ڪهاڻيءَ واري طريقي سان ملائي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته بياني يا ڪهاڻيءَ واري طريقي ۾ شاگردن کي ضروري مواد مختصر وقت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ليڪچر ڊگهو ۽ تفصيلي هوندو آهي.هي طريقو ڪلاس ۾ شاگردن جي تعداد کي نظر ۾ سڦلائتو سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته گهڻي تعداد جي صورت ۾ هر هڪ جي الڳ الڳ رهنمائي ڏکي ٿيندي آهي ۽ ان صورت ۾ ليڪچر جي ذريعي اهو مقصد پورو ٿي سگهي ٿو. ان ريت ٿوري وقت ۾ يڪسان طور تي وڏي تعداد کي گهڻي ڄاڻ مهيا ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي آهي. ان جي وصف هينئن پڻ بيان ڪري سگهجي ٿي.

”هيءَ هڪ اهڙو تدريسي طريقو آهي جنهن ۾ استاد هڪ طرفي ڄاڻ ڏيندو آهي ۽ شاگرد سانت سان ٻڌندا آهن ۽ نوٽ ڪندا ويندا آهن. استاد نهايت ترتيب ۽ منطقي انداز سان مضمون جو مواد پيش ڪندو آهي.“

تحقيق مان اها ڳالهه پڌري ٿي آهي ته هيءَ طريقو استاد جي مخصوص مقصدن تي دارومدار رکي ٿو. بهرحال هن طريقي ۾ استاد لفظن جي چونڊ، ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ بدني چرپر ذريعي پڻ خاص جذبن، احساسن، روين ۽ فڪر ۽ عقيدن کي شاگردن ۾ منتقل ڪندو رهندو آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي استاد نبي ڪريمﷺ جن نهايت نرم ۽ مٺي لهجي ۽ انداز سان تقرير فرمائيندا هئا. تقرير بلڪل واضح ۽ مختصر پر جامع هوندي هئي. زبان سادي ۽ فصيح ۽ رفتار وچٿري هوندي هئي. آواز معتدل ۽ چٽو، جنهن نڪتي تي زور ڏيڻ گهرندا هئا ان کي بيان ڪرڻ کانپوءِ ٿورو ترسندا هئا ته جيئن ڳالهه ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ پوريءَ طرح لهي وڃي. ساڳيءَ طرح حيرت ۽ دلچسپي وڌائڻ لاءِ خاص قسم جا لفظ ۽ جملا مخاطب جي ذهني صلاحيت ۽ سگهه کي نظر ۾ رکي فرمائيندا هئا.

بحث مباحثي جو تدريسي طريقو (Discussion Method)

موجوده دؤر ۾ تدريس جي اهڙن طريقن تي زور ڏنو ويندو آهي جن ۾ ڪلاس روم ۾ شاگردن جي آزادانه ۽ فطري طور تي شموليت ۽ اؤسر ٿي سگهي. هيءَ طريقو اهڙي ئي قسم جو تدريسي طريقو آهي. هيءُ هڪ جمهوري آدرشن تي دارومدار رکندڙ طريقو آهي ۽ ان جي ذريعي سکيا پڻ گهڻي ٿيندي آهي.

بحث يا مذاڪري ۾ هڪ گروپ جا ميمبر ڪنهن گڏيل دلچسپيءَ جي موضوع تي يا ڪنهن گڏيل مسئلي تي پنهنجي راءِ ۽ خيالن جو اظهار هڪ وڌيڪ صلاحيت رکندڙ رڪن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪندا آهن. بحث مباحثي ۾ مطالعي ۽ تياريءَ جي ضرورت هوندي آهي. مواد جي چونڊ ڪري ان کي منظم ڪيو ويندو آهي. بحث مباحثو يا مذاڪرو خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو هڪ اهم سماجي فن آهي.

سوال ڪرڻ جو فن (Question Techneque)

سوال ۽ جواب رڳو هڪ طريقو نه پر هڪ ترڪيب پڻ آهي. سوال اثرائتي سکيا جو هڪ واضح حصو آهي. اهي ڪنهن هڪ موضوع، مسئلي يا تازي واقعي بابت گروپ جي فڪر کي اڀاريندا آهن. سوالن ۽ جوابن جو استعمال ٻين طريقن ۾ پڻ ڪري سگهجي ٿو. گهڻن تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته تدريس جو مطلب ئي هنر منديءَ سان سوال ڪري ذهني فعاليءَ کي اڀارڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي. سوال سدائين کان سڀني عام تدريسي ترڪيبن مان هڪ اثرائتي ترڪيب رهي آهي. تعليم ۾ جديد تبديلين جي باوجود ان ترڪيب جي پنهنجي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو حافظي ۽ سمجهه جو جائزو وٺڻ لاءِ ۽ مٿانهين سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو ذريعو آهي.

سوال رهنمائيءَ جي هڪ سؤلي ۽ سڌي شڪل آهي. هي شاگردن جي فڪر کي اڻ لاڳاپيل ڳالهين کي نظر انداز ڪرڻ ۽ مناسب ۽ لاڳاپيل ڳالهين تي ڄمائڻ ۾ مدد ڏيندڙ آهي. هيءَ شاگردن جي ذهن کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار ڪندو آهي. ان ريت ترڪيب خاص ۽ واضح سکيا لاءِ تمام اهم آهي.

باب نائون

ڪلاس روم جي انتظام جي اهميت

 

 

ڪلاس (روم جو) انتظام

ڪنهن به تنظيم کي صحيح ڏس ۾ هلائڻ لاءِ ”انتظام“ (Management) هڪ اهم شعبو آهي، جنهن جو مقصد هدف حاصل ڪرڻ لاءِ باهمي ربط ۽ هڪٻئي سان تعاون انتهائي ضروري آهي.

ڪلاس روم جو انتظام انهن ٻن ذميوارين مان هڪ آهي (جڏهن ته ٻي ذميواري تعليمي عمل آهي) جيڪو مکيه مقصد (يعني ٻارن جي تعليم) جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ياد رهي ته اسانجي سمورين ڪوششن جو مقصد ٻارن کي بامقصد تعليم ڏيڻ آهي. ڪلاس شاگردن / شاگردياڻين جي هڪ تنظيم آهي، جتي کين

ان مقصد لاءِ ڪٺو ڪيو ويندو آهي ته انهن کي تعليم ڏني وڃي. ٻين تنظيمن وانگر ان لاءِ به صحيح رهنمائيءَ ۽ نظم و ضبط جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن گهربل مقصد حاصل ڪري سگهجن. رهنمائيءَ ۽ نظم و ضبط وارو اهو ڏکيو ڪم استاد کي ڪرڻو آهي. اهو مفروضو بلڪل غلط آهي ته ڪلاس ۾ پاڻمرادو نظم و ضبط پيدا ٿي ويندو آهي.

ڪلاس روم جي انتظام لاءِ استاد شاگردن ۽ شاگردياڻين جي رهنما يا سونهين جي حيثيت سان پنهنجو اثر رسوخ، پنهنجا ويچار، نصيحتون ۽ رهنمائيءَ واري قابليت ڪم آڻيندو آهي، يعني ”ڪلاس روم جو انتظام“ هڪ گهڻ رخي ذميواري آهي جنهن ۾ پڙهائيءَ سان لاڳاپيل انتظامي اصولن، ان سان واسطيدار ڪمن ۽ نظم و ضبط جو خيال رکڻو پوي ٿو.

جيئن پهريائين به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلاس روم جو انتظام مکيه مقصد (يعني ٻارن کي تعليم ڏيڻ) تائين پهچڻ جي هڪ ڪوشش ۽ هڪ اهم ذريعو آهي، تنهنڪري هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رهي ته ان لاءِ انهن سمورن لاڳاپيل فردن ۽ ادارن وٽان سهڪار حاصل ڪرڻو پوندو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ان عمل سان جڙيل آهن. اچو ته ان ڳالهه جو تجزيو ڪريون ته انهيءَ عمل ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو شامل آهن ۽ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون ۽ اسان کي انهن ۾ ڪهڙيون اميدون آهن.

* اسڪول ۾ داخل ٻار معاشري مان ايندو آهي ۽ ان معاشري جي ٻين فردن سان سندس گهرو تعلق هوندو آهي. سندس سکيا واري عمل تي نه رڳو هن جا والدين، ڀينرون، ڀائر، بلڪه پورو معاشرو اثر انداز ٿيندو آهي. ان ڪري سڀ کان پهرين ذميواري معاشري تي عائد ٿئي ٿي. معاشرو پنهنجن نمائندن ذريعي (يعني P.T.A وغيره) استاد جي ان ڪم ۾ هٿ ونڊائي سگهي ٿو. ڪلاس روم جا ڪي انفرادي مسئلا اهڙا به هوندا آهن جن جو تعلق ٻار جي گهر سان هوندو آهي، ان ۾ سندس والدين تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي استاد جو هٿ ونڊائين. ڪي مسئلا اجتماعي نوعيت جا هوندا، جن جي حل لاءِ پوري ڪميونٽيءَ کي مدد ڪرڻي پوندي.

* ڪلاس روم جا ڪي مسئلا اهڙا به هوندا، جن کي مقامي طور استاد يا هيڊ ماستر / هيڊ مسٽريس حل ڪري سگهن ٿا پر ٻيا مسئلا اهڙا هوندا آهن، جن لاءِ پنهنجي سرڪل آفيسر، تعلقي آفيسر يا وري ضلعي آفيسر جي مدد جي ضرورت پوندي آهي. اهڙين حالتن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن سرڪل آفيسر وقت بوقت اسڪول جو معائنو ڪندو رهي ته گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ۽ استاد لاءِ پڙهائيءَ واري عمل ۾ آسانيون پيدا ٿي پونديون آهن پر جيڪڏهن آفيسرن طرفان نگراني نه هجي يا اهو عمل نالي ماتر ٿيندو هجي ته پوءِ ننڍا ننڍا مسئلا به گڏجي ڳنڀير معاملو بڻجي پوندا آهن.

ڪلاس روم جي انتظام ۾ استاد جو ڪردار

ڪلاس روم جي انتظام ۾ استاد پاڻ هڪ اهم ڪردار هوندو آهي. هو ٻارن لاءِ ماڊل جي حيثيت رکندو آهي، تنهن ڪري سندس هر عمل ڏٺو وائٺو ۽ جاچيو پرکيو ويندو آهي. ڪلاس کي بهتر نموني هلائڻ لاءِ هيٺين معاملن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

والدين سان رابطو

ٻار جي تعليم ۽ تربيت والدين ۽ استادن جي گڏيل ذميواري آهي ۽ جيستائين انهن ٻنهين ۾ رابطو ۽ سهڪار نه هوندو تيستائين گهربل نتيجا نٿا حاصل ڪري سگهجن. استاد لاءِ ضروري آهي ته هو نه رڳو ٻارن جي والدين کي ڄاڻندو سڃاڻندو هجي بلڪ ساڻن سندس لڳاتار رابطو پڻ هجي. ان سان هڪ پاسي هو ٻارن جي گهر جي ماحول کان به واقف ٿيندو، جنهن ڪري سندن مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهندو ۽ ٻئي پاسي هو والدين کي وقت بوقت ٻار جي تعليمي حالت کان به باخبر رکي سگهندو. ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ٻار جي والدين سان هر مهيني گڏجاڻي ٿئي. هر مهيني ممڪن نه هجي ته ٻئي مهيني ميٽنگ ضرور ٿيڻ گهرجي. ان صورت ۾ استاد کي هر مهيني اڌ جيترن ٻارن جي والدين سان گڏجاڻيءَ جي رٿابندي ڪرڻ گهرجي.

ٻين استادن سان رابطو

ڪلاس روم جي بهتر انتظام لاءِ ضروري آهي ته انچارج استاد پنهنجي ڪلاس جي ٻين استادن سان به رابطو رکي ۽ ٻارن جون ڏکيائيون حل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري.

شاگرد سان لاڳاپيل ذميواريون

استاد کي پنهنجن سمورن شاگردن جا نالا ياد رکڻ گهرجن ۽ کين سندن نالن سان سڏڻ گهرجي، ان سان هڪ پاسي ٻار به استاد سان مانوس ٿي ويندا ته ٻئي پاسي سندن دل ۾ هر وقت اهو خيال رهندو ته استاد کين چڱي طرح سڃاڻي ٿو ۽ ڪنهن به غلط حرڪت تي ڪنهن به وقت پڪڙ ٿي سگهي ٿي. استاد کي شاگردن جي گهريلو حالتن جي به سڌ هئڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته کيس ٻارن جي والدين جا نالا به ياد هئڻ گهرجن.

استاد جيڪو مضمون پڙهائيندو هجي ان تي کيس مڪمل عبور هئڻ گهرجي. استاد لاءِ ضروري آهي ته هو گهران تياري ڪري اچي. جيڪڏهن ڪو مضمون ڪجهه سال / عرصو اڳ لکيو ويو آهي ۽ هاڻي ان ۾ تبديلي اچي وئي آهي ته ان کان به آگاهه هجي ۽ پاڻ به ذهني طور ان تبديليءَ کي قبول ڪري. ان معاملي ۾ هو جدت پسند هجي. ڪي ٻار ڏاڍا ذهين ٿيندا آهن ۽ کين پنهنجي دلچسپيءَ وارن موضوعن / شين بابت پنهنجي استادن کان به وڌيڪ ڄاڻ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار اهڙي ذهانت جي مظاهري جي جرئت ڪري ته استاد کي سندس ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها صحيح هجي ته ان کي قبولي ۽ اهڙي شاگرد جي همت افزائي ڪري.

ڪلاس روم جو ماحول ڪنهن به ڇڪتاڻ جو شڪار نه هجي ته جيئن ٻار آزاد ماحول ۾ سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ سکڻ سيکارڻ جي عمل لاءِ ماحول مناسب ۽ موزون هجي. استاد هر ٻار تي انفرادي ڌيان ڏي ۽ سکڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رفتار کي گهٽ يا وڌ ڪري. تياري ڪرڻ مهل پنهنجي ڪلاس جي سڀ کان ذهين شاگرد کي ذهن ۾ رکي پر پڙهائڻ وقت سڀني کان ڪمزور شاگرد سندس اکين آڏو هجي. ٻين جي راين جو خيال رکي ته جيئن ڪلاس ۾ سڀني جا حق محفوظ هجن ۽ جمهوري روايتن کي هٿي ملي.

ماحول ۾ نواڻ ۽ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ پڙهائڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪري ۽ ڪلاس ۾ موجود ٻڌڻ ۽ ڏسڻ واريون سڀ شيون ڪم آڻي. ان سلسلي ۾ هو پاڻ به سستيون يا مفت واريون شيون ٺاهڻ ڄاڻندو هجي ۽ اهي ٻارن کان به ٺهرائي سگهي. ان کان علاوه هو ٻارن کي سوال پڇڻ جي سکيا ڏئي ۽ هر سوال تي ٻارن جي همت افزائي ڪري. ان سان هڪ پاسي ٻارن جي حوصلي افزائي ٿيندي ته ٻئي طرف انهن لڄارن ٻارن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن جا جواب پڻ کين ملندا رهندا، جيڪي پنهنجي شرميلي طبيعت جي ڪري سوال نه پڇي سگهندا آهن. استاد هن ڳالهه کي يقيني بنائي ته هر ٻار وٽ ڪتاب موجود هجي.

گهر ۾ ڪرڻ لاءِ ڪم باقائدگيءَ سان ڏي ۽ ان کي باقائدي چيڪ به ڪري. جيڪڏهن ان ۾ غلطيون هجن ته انهن کي سڌاري يا ٻيهر لکڻ لاءِ چوي. پوءِ سڌاريل سنواريل مواد کي وري ڏسي. گهر لاءِ ڪم ڏيڻ انتهائي اهم آهي پر ان کي چيڪ ڪرڻ ۽ ٻيهر ڏسڻ ان کان به وڌيڪ اهم آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن گهڻي ڪم جي ڪري واندڪائي نه ملي ۽ استاد کي اها پڪ هجي ته هو ڏنل گهرو ڪم صحيح طرح چيڪ نه ڪري سگهندو ته بيشڪ گهر لاءِ ڪم نه ڏي پر جيڪڏهن هو ڪم ڏئي ٿو ته پوءِ ان کي چيڪ ڪرڻ تمام ضروري آهي.

پنهنجي سبق جي هدفن کان واقف هجي ۽ جيڪا شيءِ پڙهائي رهيو هجي ان جو خاڪو سندس ذهن ۾ بلڪل صاف ۽ چٽو هجي. هو شاگردن کي به هدفن جي باري ۾ ٻڌائي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته هو نصاب جي هڪ ڪاپي ڪلاس ۾ رکي ۽ وقت بوقت ان جو مطالعو ڪري. استادن بابت هدايتن کي هر وقت ذهن ۾ رکي ۽ ڪم آڻي.

سڀني ٻارن سان هڪجهڙو ۽ برابريءَ وارو سلوڪ ڪري. ڪنهن سان به ذات پات، رنگ، نسل ۽ مالي حيثيت سبب جانبداراڻو ورتاءُ نه ڪري، ڇاڪاڻ ته ان سان ڪلاس ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿيندو ۽ سکڻ سيکارڻ وارو عمل پاڻمرادو رڪجي ويندو. هر سبق يا سبق جو ڪو حصو مڪمل ٿيڻ تي ان ڳالهه جو جائزو وٺي ته ان کي ٻارن ڪيتري حد تائين سمجهيو آهي.

ڪلاس روم جي تنظيم

استاد کي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلاس روم کي سٺي سٽاءُ ۾ رکڻ گهرجي، ان لاءِ هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻ انتهائي ضروري آهي:

* ڪلاس روم واري جڳهه جو بهتر استعمال.

* ڪلاس روم ۾ ٻارن جي ويهڻ جو صحيح انداز.

* ڪلاس روم ۾ صاف سٿري ماحول، ديوارن جو سٿرو هئڻ، مناسب روشني ۽ رديءَ واري ٽوڪريءَ جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻ.

* چارٽن ۽ ماڊل جي تياري.

* استاد جو لباس ۽ ڳالهائڻ جو انداز ڍنگائتو ۽ مثالي هئڻ گهرجي.

* سستي ۽ هٿرادو مواد ٺاهڻ جي موجودگي.

* ڪتابن ۽ ٻارن جي تعليمي رڪارڊ کي درست رکڻ.

* هفتيوار، ماهوار ۽ ٽماهي ٽيسٽ وٺڻ ۽ ان جو رڪارڊ رکڻ.

* ٻارن جي ماحول (يعني خانداني پسمنظر، علائقي جي ماڻهن جي اڪثريت جي ڌنڌي، عام ماڻهن جي رجحان وغيره) بابت معلومات رکڻ.

ڪلاس روم جو اندريون ماحول

ڪلاس روم اندر استاد کي هيٺين ڳالهين جو ضرور خيال رکڻ گهرجي:

(1) صفائي: ڪمري ۾ مڪمل صفائي هجي. فرش صاف هجي. رديءَ جي لاءِ ٽوڪري يا ڪو ڊٻو استعمال ڪريو. ڀتيون صاف هجن ۽ انهن تي ليڪا يا اجايون سجايون ڳالهيون لکيل نه هجن. انهن ڀتين کي ٻارن جي ٺاهيل چارٽرن يا نقشن وغيره ٽنگڻ لاءِ ڪم آڻجي. ڪوشش ڪري ڀتين کي هر سال رنگ ڪرائجي. جيڪڏهن ڪمري ۾ پاڻيءَ جو ڪولر موجود هجي ته ان ڳالهه کي به يقيني بڻائجي ته ڪولر جي هيٺان خالي بالٽي رکيل هجي ته جيئن فالتو پاڻي ان ۾ وڌو وڃي. سليبس جي هڪ ڪاپي ڀت تي چمبڙايل هجي ۽ ٽيچر پنهنجي ڊائريءَ مان هر مهيني مدد وٺي.

(2) ٻارن جي ويهڻ جو انداز: ان جي وڏي اهميت آهي ۽ ان کي وقت بوقت تبديل ڪندو رهڻ گهرجي. هر ڀيري اها ڳالهه نظر ۾ هجي ته سمورن ٻارن کي بليڪ بورڊ ۽ استاد پوري طرح ڏسڻ ۾ اچن. ان لاءِ ڪيترائي طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا:

(الف) ٻار کي قد جي لحاظ کان ويهاري سگهجي ٿو، يعني ڊگهي قد وارا ٻار پويان، ننڍي قد وارن کي اڳيان ويهارجي ته جيئن سڀني کي بليڪ بورڊ ۽ استاد نظر اچي.

(ب) ٻارن کي رول نمبر مطابق به ويهاري سگهجي ٿو.

(ت) هر مهيني ٽيسٽ ۾ حاصل ڪيل نمبرن جي لحاظ کان به ٻارن کي ويهاري سگهجي ٿو. يعني وڌيڪ مارڪن وارا ٻار اڳيان ۽ گهٽ مارڪن وارا پويان ته جيئن ته صحتمند چٽا ڀيٽيءَ وارو ماحول پيدا ٿئي.

(ث) ٻارن کي گروپن ۾ ويهاري سگهجي ٿو، چئن چئن يا پنجن پنجن ٻارن جو گروپ ٺاهي انهن کي ويهاري سگهجي ٿو. ان ۾ استاد کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر گروپ ۾ هڪ يا ٻه هوشيار ٻار شامل هجن ته جيئن ٻار هڪ ٻئي کان وڌ ۾ وڌ فائدو پرائي سگهن. گروپن ۾ ويهارڻ جو هڪ طريقو ٻيو به آهي، سو اهو ته ٻارن کان پڇجي ته اهي ڪهڙي ڪهڙي گروپ سان گڏ ويهڻ پسند ڪندا. ان طريقي سان ڪلاس جي ٻارن جو هڪٻئي ڏانهن رويو به معلوم ٿي سگهي ٿو.

(3) ٻارن ۾ صفائي: ڪوشش ڪجي ته ٻار هر روز صاف سٿرا ڪپڙا پائي اچن. جيڪڏهن غربت جي ڪري اهي هڪ يا ٻن وڳن کان وڌيڪ جوڙا وٺي نٿا سگهن ته منجهن والدين جي مدد سان اها عادت وجهجي ته اهي گهر وڃي ڪپڙا تبديل ڪن ۽ رات جو ساڳيا ڪپڙا پائي نه سمهن. ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته ٻارن جي ويهڻ جو بندوبست هجي. جيڪڏهن ڊيسڪ يا بينچ نه هجي ته تڏي توريءَ جي هر روز موڪل کانپوءِ صفائي ٿئي ته جيئن ٻارن جا ڪپڙا ميرا نه ٿين يا گهٽ ۾ گهٽ ميرا ٿين.

جائزو

بهتر تعليمي نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته استاد وقت بوقت اهو جائزو وٺندو رهي ته جيڪي ڪجهه پڙهايو ويو سو ٻار ڪيتري حد تائين سمجهي سگهيا آهن. اسين ان مشق کي هيٺ ڄاڻايل قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا:

(1) روزانو يا سبق جي آخر ۾ جائزو وٺڻ: هي ڪم استاد هر سبق يا عمل جي آخر ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ مختصر ۽ ننڍن ننڍن سوالن ذريعي معلوم ڪري سگهي ٿو ته جيڪي ڪجهه ٻارن کي پڙهايو ويو آهي سو هو ڪيتري حد تائين سمجهي سگهيا آهن. ضروري ڪونهي ته اها ڪارروائي لکت ۾ ئي ڪئي وڃي يعني زباني به ڪري سگهجي ٿي.

(2) ماهوار / مقرر وقت جي ٽيسٽ وسيلي: هر مهيني / مقرر وقت جي پوري ٿيڻ تي ان وقت تائين جي پڙهائيءَ جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. اها تحريري ٽيسٽ به ٿي سگهي ٿي. اهو خيال رکڻ گهرجي ته ٽيسٽ گهڻو وقت نه هلي ۽ گهڻي ڏکي نه هجي مختصر ۽ سادي هجي ته چڱو. ان جا نتيجا رجسٽر ۾ لکڻ گهرجن ۽ استاد هر ٻار جي سمورن نتيجن تي نظر رکي. اهڙيءَ طرح هو اهو به معلوم ڪري سگهي ٿو ته ڪهڙو ٻار ڪهڙي مضمون ۾ ڪمزور آهي ۽ ڇو ڪمزور آهي، جنهن جي لاءِ خاص انتظام ڪري سگهي ٿو.

(3) ٽماهي، ڇهه ماهي، نو ماهي ۽ ساليانا امتحان: هي ماهوار ٽيسٽ کان وڌيڪ تفصيلي هوندا آهن ۽ انهن جا نتيجا به رجسٽر ۾ لکيا ويندا آهن. ان ۾ ۽ ماهوار ٽيسٽ ۾ اهو فرق هوندو آهي ته هي نتيجا رپورٽ بوڪ ۾ نوٽ ڪيا ويندا آهن ۽ انهن تي مائٽن يا وارثن جون صحيحون ورتيون وڃن ٿيون.

ان کانسواءِ هر ٻار جي هڪ تفصيلي رپورٽ به اسڪول ۾ رکڻ ضروري آهي جنهن ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي آخر وقت تائين جو سمورو رڪارڊ هوندو آهي.

* ان تي سموري بنيادي معلومات يعني نالو، ولديت، پيءُ جو پيشو، وغيره لکيل هجي.

* هن وقت تائين حاصل ڪيل مارڪن جو به تفصيل موجود هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com