سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :12

سرائڪي ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ

1- سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو سننڌ:

بلوچستان، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي زبان جي پهچ ۽ پکيڙ جو ذڪر ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ لاءِ مختلف حالتون، سبب ڪارڻ ۽ اصول بيان ڪيا ويا آهن. انهن ساڳين سببن، ڪارڻن ۽ اصولن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي ناتي ۽ سرائڪي ايراضيءَ ۾ سنڌي زبان جي ڦهلاءَ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن ساڳين حالتن کي سامهون رکي ٻوليءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو خواجه فريد به سنڌي زبان ۾ ڪلام چيو، يا اها خبر پوي ته ملتان تائين سنڌي زبان جي پهچ ۽ پکيڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟

(الف) سرائڪي ٻولي: سرائڪي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ مختلف ماهرن مختلف رايا ڏنا آهن. عرب سياحن سرائڪي زبان کي سنڌي زبان سڏيو آهي. اصطخري بيان ٿو ڪري ته ”منصوره، ملتان ۽ اُن جي مضافات جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي“ (1) ابن حوقل سفرنامي ۾ لکي ٿو ته، ”منصوره، ملتان ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ عربي سنڌي زبانون رائج آهن“(2).

پنجاب جي ڪن ماهرن سرائڪيءَ کي پنجابي زبان جو هڪ لهجو يا شاخ (Dialect) ڄاڻايو آهي(3)، ته وري ڪن هن زبان کي لهندا جي شاخ ڪوٺيو آهي(1). ڪن ماهر جو رايو آهي ته ”سرائڪي زبان پنهنجي ليکي هڪ خود مختيار زبان آهي، جا برصغير ۾ سڀ کان پراڻي زبان آهي، جيڪا هڪ اصلوڪي زبان آهي. ۽ جا آرين جي اچڻ کان اڳ ڳالهائي ويندي هئي، ۽ جنهن مان سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ ڪشميري ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن“(2)

هن راءِ جو پهريون

حههاسدگحصو قديم هندستان جي انهن برهمڻ جي ياد ٿو ڏياري، جن ڪي صديون اڳ اها دعوا ڪئي هئي ته سنسڪرت دنيا ۾ سڀ کان پراڻي زبان آهي، ۽ دنيا جون سڀ زبانون ان مان ڦٽي نڪتيون آهن(3). پوءِ جڏهن سر وليم جونز ننڍي کنڊ پاڪ – هند ۾ آيو، ۽ سنسڪرت جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اها دعوا ڪيائين ته سنسڪرت يورپ ۾ سڄي دنيا جي زبانن جي ماءُ ته خير ڪا آهي، پر البت سنسڪرت، گريڪ ۽ لئٽن توڙي ٻيون هند – يورپي ٻوليون هڪ ئي خاندان مان ڦٽي نڪتل آهن. تنهن ڪري ئي منجهن هڪجهڙائي آهي.

بلڪل انهيءَ اصول موجب سنڌي – سرائڪي، پنجابي- سرائڪي توڙي سنڌي – سرائڪي- پنجابيءَ جو تقابلي مطالعو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌي، سرائڪي، پنجابي، ڪشميري ۽ پشتو وغيره ۾ ڪا هڪجهڙائي ڏسي منشي عبدالرحمان ۽ مولانا بشير احمد ظامي صاحبن اها دعوا ڪئي آهي ته پاڪستان جون اهي سڀ زبانون سرائڪيءَ جون شاخون يعني لهجا آهن.

حقيقت هيءَ آهي ته ڪن به ٻن کان وڌيڪ زبانن جي تقابلي مطالعي لاءِ ضروري آهي ته جديد لسانيات جي اصولن جو مطالعو ڪجي. ان کان پوءِ لسانيات جي ماهرن طرفان مقرر ڪيل اصولن ۽ قانونن، ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح محقق آزاد ذهن رکندو هجي، سائنسي ۽ علمي سوچ جو مالڪ هجي ۽ جذبات کان پاسو ڪندڙ هجي، اڳواٽ لاءِ قائم ڪري، پوءِ ان لاءِ جي دائري اندر پنهنجي پسند موجب مواد گڏ ڪرڻ سان سائنس ۽ علمي نتيجا نڪري نه سگهندا. محقق کي گهرجي ته جن زبانن جي ڀيٽ ڪرڻ چاهيندو هجي، انهن جي دائري، انهن جي سياسي ۽ سماجي پس منظر، انهن جي صوتياري، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ کي سامهون رکي، انهن جي ڀيٽ ڪري ۽ نتيجا ڪڍي. اهڙا نتيجا اڳواٽ رٿيل يا سوچيل نتيجن جي ڀيٽ ۾ علمي هوندا. اهڙا نتيجا جذبات کان آجا هوندا. ظني نه هوندا پر علمي ۽ سائنسي اصولن مطابق هوندا.

لسانيات جي ماهرن ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ زبانن جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ جيڪي اصول مقرر ڪيا آهن، انهن ۾ اهڙين زبانن جي صوتيات جو مطالعو، صوتياتي جوڙجڪ جو مطالعو، علم صرف ۽ نحو جو مطالعو اهم اصول آهن. جيڪڏهن ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾، اهي هڪجهڙايون هونديون ته پوءِ چئبو ته يا ته هڪ زبان، ٻيءَ زبان مان ڦٽي نڪتي آهي، يا ٻئي (يا وڌيڪ) زبانون ڪنهن هڪ ئي ساڳئي بنياد جون شاخون آهن، يعني هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. صرف لفظن جون لڙهيون سامهون رکڻ سان يا اُنهن ۾ هڪجهڙائي ڏسي وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ ۽ ائين چوڻ ته فلاڻي زبان، فلاڻي زبان جي شاخ آهي، علمي ۽ فني دعوائون نه آهن.

هن تهميد کان پوءِ سرائڪي ۽ سنڌي ٻولين جي جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان اڳ، سرائڪي زبان جي هڪ شيدائيءَ، محترم محمد بشير احمد ظاميءَ، جي دعوا جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. ظامي صاحب پنهنجي ڪتاب ”سرائڪي زبان ڪا ارتقا“ ۾ لکيو آهي:

”قديم واديءِ سنڌ سرائڪي زبان جو محل وقوع آهي. هن جو حدود اربع، زبان جو حدود اربع آهي.

هيءَ زبان سنڌ جي هر حصي ۾ موجود آهي. بنيادي يا ثانوي زبان جي شڪل ۾ هن جو هر جڳہ تي پهچڻ هن جي هر هنڌ موجود هجڻ جو دليل آهي. ليڪن اهو شرف هتي جي ٻين متداول السنه کي حاصل نه آهي. سرائڪي گويا واديءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ وارين ٻولين جي ماءُ آهي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي، ڪشميري ۽ پشتو وغيره ٻوليون، پير مرد سرائڪيءَ جي جسم مان پيدا ٿيندڙ ٻوليون آهن“(1).

ظامي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:

”ملتان سرائڪي علائقن جو هڪ قديم ترين شهر آهي. اسان جي تاريخ هن شهر جي قدامت، اُن جي اولين باشندن ۽ اُن جي قديم زبان جي آغاز متعلق بلڪل لاعلم ۽ نا آشنا آهي. قرآئٺ قياسات مان جو ڪجهه اخذ ڪيو ويو آهي، اُن مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم زماني ۾، واديءِ سنڌ جو اقتدار ملتانين جي هٿ ۾ هوندو هو، ۽ ملتان کي، ملتانين جي زبان، سرائڪيءَ جي علائقن ۾ مرڪزيت حاصل هئي. گهڻو زمانو گذرڻ کان پوءِ جڏهن مرڪزي اقتدار ختم ٿي ويو. جڏهن هيءَ زبان بي سهارا رهجي ويئي، ۽ علائقائي اثرن کان متاثر ٿيڻ لڳي، ۽ الڳ الڳ مقامي اثرن جي ڪري، ڪيترن ئي خطن ۾ ورهائجي ويئي، پوءِ انهن خطن جا ماڻهو، پنهنجو پنهنجو رنگ ۽ اثر پيدا ڪرڻ جي ڪري، پنهنجي پنهنجي پسند جي نالن سان سڏجڻ لڳا، اهو ئي سبب آهي جو لسانيات جا محقق، جيڪي هن زبان کان واقف نه آهن، ۽ اُن کي ڳالهائي يا سمجهي نٿا سگهن، اُهي، هن (هڪ زبان) جي مختلف علائقائي نالن جي ڪري دوکو کائڻ سبب، ان کي الڳ الڳ زبانون سمجهڻ لڳا“(1)

ظامي صاحب جيڪي دليل ڏنا آهن، سي هي آهن(2):

(i) ڪنهن به علائقي جي آب – هوا، اتي جي زبان ۽ ان زبان جي ڳالهائيندڙن تي اثرانداز ٿيندي.

(ii) اهڙيءَ طرح ميداني ۽ پهاڙي علائقي جو به زبان تي اثر ٿئي ٿو.

(iii) هڪ زبان تي پسگردائيءَ ۽ ڀر وارين زبانن جو اثر ٿئي ٿو.

(iv) ٻوليون جنهن به لساني گروهه يا خاندان سان تعلق رکنديون آهن، ان خاندان جو اثر ورثي ۾ رکنديون آهن.

(v) حاڪم قوم جون زبانون محڪوم قوم جي زبانن تي اثر ڪنديون آهن. ڪن محققن جو خيال آهي ته حاڪم قوم جي زبان، محڪوم قوم جي زبان سڄي بدلائي نٿي سگهي، يا ملڪ بدر نٿي ڪري سگهي، پر الٽو پنهنجي محدود حيثيت جي ڪري مقامي وسيع تر زبان ۾ جذب ٿي، گم ٿي وڃي ٿي.

(vi) حمله آورن جي آمدرفت به ڪنهن علائقي جي اصلي زبان جي تبديليءَ جو اهو سبب هوندي آهي. اهي علائقا يا شهر، حمله آورن جي حملن يا هلچل جا مرڪز بنيل هوندا آهن. اهي پنهنجي اصلي زبان وڃائي ويهندا آهن، يا سندن زبان گاڏڙ بنجي ويندي آهي، پر شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن جي زبان وڌيڪ خالص هوندي آهي.

(vii) هڪ ترقي يافته زبان جو ڀر پاسي يا پسگردائيءَ وارين زبانن تي وڏو اثر ٿيندو آهي، ليڪن پري جون ٻوليون به ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿيون سگهن.

(viii) مرڪز سان ويجهڙائي يا دوري به زبانن کي متاثر ڪندي آهي. هڪ وسيع زبان انهيءَ سبب جي ڪري ننڍين شاخن يعني لهجن ۾ ورهائجي ويندي آهي.

ظامي صاحب طرفان ڏنل دليلن مان هي سوال پيدا ٿين ٿا:

(i) ملتان، ڪنهن زماني ۾ قديم ۽ عظيم سنڌ جو هڪ صوبو، ۽ اُن صوبي جو هڪ صوبائي شهر هو، پر ملڪ نه هو. قديم ۽ عظيم سنڌ ملڪ جو تخت گاهه، راءِ گهراڻي جي حڪومت کان وٺي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت تائين، يعني سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جي شروع ٿيڻ (712ع) تائين اروڙ هو، ۽ ان زماني ۾ ملتان جي حيثيت صوبائي هئي، ۽ ملتان جو شهر، قديم سنڌ ملڪ جي ملتان جي حيثيت صوبائي هئي، تنهنڪري اها ٻولي جيڪا سڄي ملڪ ۾ ڦهليل هئي، ۽ جيڪا ڌار ڌار نالن سان منسوب هئي ۽ آهي، تنهن زبان کي صرف هڪ صوبائي شهر، يعني ملتان سان منسوب ڪرڻ ڪيتري قدر صحيح آهي؟ ان زبان کي ملتاني ڇو چئجي، ۽ بهاولپوري ڇو نه چئجي؟ ان زبان کي ميانوالي ڇو نه ڪوٺجي؟ خود ظامي صاحب پنهنجي پهرئين ڪتاب (بهاولپوري – ملتاني)، جيڪو 1962ع ۾ شايع ٿيو هو تنهن ۾ هن زبان کي ملتاني – بهاولپوري ٿو سڏي، جيتوڻيڪ کيس اها خبر آهي ته ملتاني ۽ بهاولپوري ٻولين ۾ ڪجهه قدر ڦير ۽ فرق آهي.(1)

(ii) سنڌ اُن زماني ۾ هڪ عظيم ملڪ هو، جنهن جون سرحدون اُتر ۾ ڪشمير تائين، ڏکڻ ۽ ديبل تائين، اولهه ۾ ڪرمان تائين ۽ اوڀر ۾ ڪنوج تائين هيون. اهڙيءَ عظيم سلطنت ۾ يا ته ڪا هڪ زبان ڪا نه هوندي، پر جيڪڏهن هوندي ته اها ننڍين ننڍين شاخن ۽ لهجن ۾ ورهايل هوندي، انهيءَ زماني ۾ مواصلاتي رشتا ايترا نه هئا، جنهن ڪري اُن جي اُترئين ڇيڙي واري ايراضيءَ واري لهجي ۾ ڏاکڻي حصي واري لهجي جي صوتي ۽ صرفي سٽاء ۾ گهڻو فرق هوندو. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته قديم سنڌ ملڪ جي جيڪڏهن هڪ زبان هوندي ته اُن جو نالو ملڪ جي نالي پٺيان ”سئنڌوي“ يا ”سنڌي“ هوندو ۽ نه ڪه ان ملڪ جي هڪ صوبي ملتان جي هڪ شهر ملتان جي نالي پٺيان ’ملتاني ٻولي‘ هوندو؛ يقيناً زبان جو نالو ملڪ جي نالي سان منسوب هوندو، تنهن ڪري ملتاني يا سرائڪي زبان اُن دؤر جي اُن عظيم سلطنت ’سنڌ‘ جي زبان جي هڪ شآخ يا لهجو هوندو، ڇاڪاڻ ته لهجي مان زبان ڪا نه نڪرندي آهي، پر لهجو ته پاڻ، ڪنهن زبان جي هڪ شاخ مثل هوندو آهي، البت ڪو لهجو معياري صورت وٺندو آهي ۽ سڄي ملڪ جي زبان کي ان جي نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن ان وقت ملتان ۽ اُن جي چوڌاري واري علائقي جي بوليءَ جو ڪو ٻيو نالو هجي ها ته عرب سياح ان کي سنڌي ٻولي هرگز نه سڏين ها.

(iii) ڪا به زبان جنهن جا لکين ڳالهائيندڙ موجود هجن، تنهن زبان کي بي سهارا زبان ڪيئن چئبو؟ ظامي صاحب ڪيئن ٿو چوي ته مرڪز جي اقتدار ختم ٿيڻ سان ملتاني زبان بي سهارا بنجي ويئي. مرڪز ته اروڙ هو ۽ نه ڪه ملتان.

(iv) مرڪزي زبان جي حيثيت ۾ سرائڪيءَ تي علائقائي ٻولين جي اثر ٿيڻ وارو اصول ته قبول ڪري سگهجي ٿو، پر مرڪز جي ٽُٽڻ کان پوءِ، ۽ بي سهارا زبان بنجڻ کان پوءِ ان تي علائقائي اثر ڪيئن ٿيو؟

(v) قديم زماني کان ترقي يافته سنڌي رهي آهي يا سرائڪي

(vi) وسيع زبان ننڍين ننڍين شاخن ۽ لهجن ۾ ورهائجي ويندي آهي. قديم زماني ۾ سنڌ ملڪ جي وسيع زبان ڪهڙي هوندي، قديم سنڌي يا سرائڪي؟

(vii) سنڌ صوبو هن وقت به طبعي يا جاگرافيائي لحاظ کان ڌار ڌار حصن ۾ ورهايل آهي، يعني اُتر (سرو)، وچولو، لاڙ، ٿر، کارو، ڪاڇو ۽ ڪوهستان. هر حصي جي ٻوليءَ کي اُن حصي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، يعني اُتر ۾ اُترادي، وچولي ۾ وچولي، لاڙ ۾ لاڙي، ٿر ۾ ٿري يا ٿريلي ۽ ڪوهستان ۾ ڪوهستاني.

اڳوڻي يعني قديم زماني جي زيرين سنڌ، يعني موجوده سنڌ ۾ سرائڪي، زبان ڳالهائيندڙن جو گهڻو حصو، قديم سنڌ جي سري واري حصي يعني سرائڪي خطي مان خاص طور ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان وغيره مان لڏي آيلن جو آهي. اهي ماڻهو حاڪم بنجي ڪونه آيا هئا. مثال طور ٽالپر بلوچ، جي نيٺ سنڌ جا حاڪم بڻجي ويا، شروع ۾ روزگار جي تلاش لاءِ ديره جات کان لڏي، سڪونت لاءِ سنڌ ۾ آيا هئا؛(1) پر جيئن ته اهي ويڙهو قسم جا ماڻهو هئا، انهيءَ ڪري ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ طاقتور بڻجي ويا، ۽ آهستي آهستي حڪومت ۾ سندن عمل دخل شروع ٿيو. هنن جي مادري زبان سرائڪي هئي. اها زبان پهرين پهرين سندن قوم تائين محدود هوندي هئي، پر پوءِ سنڌ جي حڪومت تي سندن قبضي ٿيڻ کان پوءِ، هيءَ زبان سندن رشتيدارن کان سواءِ، نوڪرن چاڪرن ۽ ٻين بلوچ قبيلن تائين محدود رهي. درٻار ۾ فارسيءَ جو رواج هو.(1) پر عوام جي زبان سنڌي هئي، تنهنڪري ٽالپر حاڪمن کي، عوام سان، سندن عوامي زبان يعني سنڌيءَ ۾ مخاطب ٿيڻو پوندو هو. ان دؤر ۾ عملي ۽ ادبي زبانون فارسي ۽ سنڌي هيون، خود ٽالپر حڪمران فارسي توڙي سنڌي زبان جا وڏا شاعر، اديب ۽ عالم هوندا هئا. (2)

(viii) سنڌ وارا ڪشمير ۽ سوات تائين حمله آور رهيا ۽ صدين جون صديون ڪشمير کان وٺي ديبل تائين غالب رهيا. انهن جي زبان سنڌي هئي، تنهن ڪري سندن زبان جو سڄي ملڪ تي تسلط ٿيڻ لازمي امر هو.

ملتان تائين علائقو سورهين ۽ سترهينءَ صديءَ تائين سنڌي حاڪمن جي تسلط هيٺ رهيو آهي، تنهن ڪري اها دعويٰ ڪرڻ ته اقتدار ملتانين جي هٿ ۾ هو، هڪ خوش فهمي آهي، ڇو ته ملتاني ۽ ملتان گهڻو ڪري هر دؤر ۾ مغلوب رهيا آهن، هنن کي پنهنجي حڪومت جو موقعو هرگز نه مليو آهي، جي مليو آهي ته ڪن ٿورن سالن لاءِ.

(ب) سياسي سبب:

بلوچستان واري باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته راءِ گهراڻي جي حاڪم، راءِ سهرس جي حڪومت جي زماني ۾ اروڙ سندن تخت گاهه هو، سندس حڪومت جون حدون هڪ طرف مڪران تائين، ٻئي طرف ديبل تائين هيون، ته ٽئين طرف ڪرمان ۽ ڪيڪانانا تائين ۽ چوٿين طرف ڪشمير ۽ سوات تائين هيون(1). ڪيڪانان ڪوهه سليمان جو اهو حصو هو، جيڪو دريا گومل کان وٺي نوشڪيءَ تائين ڦهليل هو. راءِ سهرس پنهنجيءَ حڪومت کي هيٺين چئن صوبن ۾ ورهايو هو.(2)

(i) صوبه برهمڻ آباد – هن صوبي ۾ نيرون، ديبال، لوهاڻا، لاکا ۽ سمہ جا خطا شامل هئا.

(ii) صوبه سيستان – هن صوبي ۾ ٻڌيه، جنڪنان، رونجهاڻ ۽ مڪران تائين سرحد شامل هئي.

(iii) صوبه اسڪلنده – هن صوبي ۾ ڀاٽيا، تلواڙہ، چچ پورا، ديوپور ۽ ڪچي اچي ٿي ويا.

(iv) صوبه ملتان – هن صوبي ۾ سڪه، برهمپور، ڪردن ۽ ڪشمير تائين علائقا شامل هئا(3).

برهمڻن جي حڪومت جي زماني ۾ پڻ حڪومت جون سرحدون ساڳيون هيون ۽ چچ جي حڪومت جو تخت گاهه اروڙ هو.(4) چچ، ملتان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سيوستان، برهمڻ آباد، ڪرمان ۽ قندابيل جا علائقا فتح ڪيا. ملتان صوبي تي پنهنجو نائب مقرر ڪيائين.(1)

محمد بن قاسم جڏهن سنڌ ملڪ فتح ڪيو، تڏهن اروڙ جي فتح کان پوءِ، اُتر طرف وڌيو ۽ پهرين پهرين درياء ڀياس جي ڏکڻ ۾ ڀاٽيا جي قلعي تي حملو ڪيائين.(2) هي هڪ پراڻو قلعو هو. چچ جو ڀائٽيو آروَٽ هن قلعي تي حڪمران هو. هي قلعو فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم درياء ڀياس پار ڪري، اسڪلنده جي قلعي کي گهيرو ڪيو، جو درياءَ راويءَ جي ڏاکڻئين ڪناري تي هڪ مضبوط قلعو هو(3). هن قلعي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هو ملتان پهتو.(4) هن مان ظاهر آهي ته چچ جي زماني ۾ هن قلعي جو سارو انتظام سنڌ جي مرڪزي شهر ۽ تخت گاهه اروڙ جي تسلط هيٺ هو، ۽ ڀاٽيه، اروڙ ۽ ملتان جي وچ ۾، درياء ڀياس جي ڏاکڻئين ڪناري تي واقع هو.(5)

ملتان ۽ ان جو سارو علائقو نه فقط برهمڻ گهراڻي جي دؤر حڪومت تائين، سنڌ جي حڪومت جو اهم علائقو هو، پر مسعوديءَ جي بيان مان واضح ٿئي ٿو ته عربن جي حڪومت جي زماني ۾ پڻ هن علائقي کي سنڌ جو مکيه حصو سمجهيو ٿي ويو.(6) ان وقت به ملتان سنڌ جي عربي رياست جو هڪ صوبو هو.

ان زماني ۾ سنڌ جي عربي حڪومت جون حدون منصوره کان شروع ٿينديون هيون، ۽ اتر ۾ ملتان تائين ويهه هزار ڳوٺ اچي ٿي ويا(1). هن دؤر ۾ سنڌ ۾ ملتان، منصوره، محفوظہ ۽ بيضاءِ اسلامي تهذيب جا مرڪزي شهر هئا(2).

اهڙيءَ طرح تيز، ديبل، منصوره، خزدار، اروڙ، ملتان، ڪنوج ۽ قندابيل وڏا واپاري مرڪز هئا(3). منصوره مهراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ هڪڙي ٻيٽ تي آباد هو. هي شهر سمنڊ جي ڪناري کي ويجهو هجڻ سبب هتان عراق، عمان، ايراني نار، گجرات ۽ ملتان سان، ۽ مهران ذريعي واپار هلندو هو(4). 1334ع ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو هو، ان زماني ۾ ملتان سنڌ جو تختگاهه آهي(5). ابن بطوطه لکي ٿو ته اُچ کان پوءِ آءٌ ملتان پهتس. هي شهر سنڌ جو تختگاهه هو(6).

خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي زماني ۾ حبيب بن مهلب سنڌ ۾ ملتان جو گورنر هو. 99هه (717ع) ۾ خليفي عمر بن عبدالعزيز، عمر بن مسلم باهليءَ کي، سنڌ ۽ ملتان جو گورنر مقرر ڪيو. 111هه (729ع) ۾ تميم بن زيد سنڌ جو گورنر هو. هن جي اوچتي وفات تي ملڪ ۾ بدنظمي ڦهلجي ويئي، ۽ ڏاهر جي پٽ جئه سنگهه ملتان تي قبضو ڪيو، ۽ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيائين(7). اهڙي طرح ملتان هڪ خودمختيار رياست بنجي ويئي، جنهن تي بنو سامه سٺ سال تائين حڪومت ڪئي.

سنڌ جي عباسي گورنر هشام بن عمرو تغلبيءَ جي زماني ۾ جنگي جهازن جو هڪ ٻيڙو، گجرات جي مغربي ساحل نارند ڏانهن موڪليو ويو. هشام اتر ۾ ٿيل بغاوت کي ختم ڪري، ملتان تي قبضو ڪيو. خليفي منصور هشام جي انتظامي صلاحيتن کان خوش ٿي، 156هه  (73- 772ع) ۾ سنڌ جي گورنريءَ سان گڏ ڪرمان جي گورنري به کيس ڏني(1).

260هه (873ع) ۾ جڏهن اسماعيلي فرقي جا داعي سنڌ ۾ آيا تڏهن ملتان وري سنڌ ملڪ جو تختگاهه هو. 303هه (915ع) ۾ اسماعيلي داعين سنڌ ۾ باقاعدي اچڻ شروع ڪيو. 373هه (983ع) ۾ جلم بن شيبان کي اسماعيلي عقيدي جي ڇويهين امام ۽ فاطمي خليفي سيدنا العزيز بالله سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو(2). گويا ان وقت به ملتان قديم سنڌ جو تختگاهه هو.

عربي حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ سبب سنڌ ۾ مختلف رياستون قائم ٿيون، جن ۾ منصوره، ملتان، سندان، مڪران ۽ مشڪي خاص هيون(3). 401هه (1010ع) ڌاري سلطان محمود غزنويءَ ملتان، ۽ 416هه (1025ع) ڌاري منصوره فتح ڪيا. 27 سالن کان پوءِ 444هه (1052ع) ڌاري سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود غزنويءَ جي ڏينهن ۾ راجپال ابن سومره، نومسلم سنڌي اسماعيلي امير، منصوره ۽ ملتان تي قبضو ڪيو(1).

1175ع ۾ شهاب الدين غوريءَ ملتان تي قبضو ڪيو، ۽ 575هه (1179ع) ۾ هن سومرن کان سنڌ جو اُتريون حصو فتح ڪيو، مگر لاڙ ۽ ٿر وارن حصن تي سومرا سردار قابض رهيا. 602هه (1206ع) ۾ سلطان شهاب الدين غوريءَ جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ غوري سلطنت ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي. دهليءَ جي تخت تي غلام گهراڻي جو قبضو ٿيو، پر سنڌ جي حڪومت ناصر الدين قباچه جي حصي ۾ آئي(2).

ناصرالدين قباچه، قطب الدين ايبڪ جو ناٺي هو. قطب الدين ايبڪ جي حصي ۾ لاهور ۽ دهليءَ جي حڪومت آئي. قطب الدين ايبڪ جي وفات کان پوءِ، ان جو پٽ آرام شاهه 607هه (11-1210ع) ۾ دهلي جو حڪمران ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ناصرالدين قباچه سنڌ جو باقي حصو ديبل تائين فتح ڪري پنهنجيءَ حڪومت سان ملائي ڇڏيو، ۽ پاڻ خودمختيار حاڪم ٿيڻ جو اعلان ڪيائين، ۽ سلطان جو لقب اختيار ڪيئين(3). اهڙيءَ طرح ملتان سميت سنڌ جي حڪومت جو دهليءَ سان واسطو ختم ٿي ويو. قباچه اُچ کي پنهنجو تخت گاهه بنايو(4)، ۽ پنهنجو خطبو ۽ پنهنجو سڪو جاري ڪائين.

ناصرالدين قباچه، سال 625هه (28- 1227ع) ۾، بکر وٽ درياءَ ۾ ٻڏي مئو(1). انهيءَ ڪري التتمش حملو ڪري سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ تي قبضو ڪيو، ۽ پنهنجي وزير نطا۾ الملڪ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين. نظام الملڪ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اُچ مان ڦيرائي بکر ۾ ڪيو(2). 630هه (1232ع) ۾ نظام الملڪ جي جاءِ تي نورالدين محمود کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. انهيءَ زماني ۾ يعني 632هه (1235ع) ۾ التتمش وفات ڪئي، ۽ سندس ننڍو پٽ رڪن الدين فيروز شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو. هي ڪمزور حاڪم هو. انهيءَ ڪري دهليءَ جي تخت تان تڪرار شروع ٿيو.

643هه (46-1245ع) ۾ مغلن اُچ ۽ ملتان تي قبضو ڪيو. پر سلطان مسعود انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان کان پوءِ سلطان مسعود سنڌ جي دارالڪومت بکر ۾ آيو، ۽ نورالدين محمود کي هتائي، ان جي جاءِ تي جلال الدين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين، ۽ پاڻ دهلي هليو ويو. هو اڃا ملتان ۾ ئي هو ته امير مٿيس ناراض ٿي پيا ۽ کيس هٽائي سندن جاءِ تي التمش جي پٽ ناصر الدين محمود کي حاڪم مقرر ڪيائون. ناصرالدين محمود 25 محرم 644هه (1246ع) ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو. 22 شوال 649هه (1251ع) ۾ سلطان ناصرالدين محمود اُچ ۽ ملتان کان ٿيندو بکر آيو، جو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هن سنڌ جي حڪومت کي ٻن صوبن ۾ ورهايو. بکر کان ملتان تائين علاعقي تي سلطان سنجر کي مقرر ڪائين، ۽ بکر کي هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ بنايائين. سنڌ جي هيٺئين حصي تي مشتمل ٻيو صوبو قائم ڪيائين، جنهن جون حدون بکر کان هيٺ لاڙ ۾ ديبل تائين مقرر ڪيائين. ۽ قتلغ خان کي هن صوبي جو گورنر مقرر ڪيائين، ۽ سيوهڻ اُن جو تخت گاهه بنايائين. ملتان کي سنڌ کان الڳ صوبو قائم ڪري اتي سيد خضر خان کي حاڪم مقرر ڪيائين(1). 1414ع ۾ خضر خان دهليءَ جي تخت تي قبضو ڪيو ۽ سيد گهراڻي جو بنياد رکيائين. هن پنهنجي پٽ معزالدين کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو. 1438ع ۾ بهلول لوڌي ملتان جو گورنر ٿيو، پر هن کي جلدي هٽايو ويو.

1443ع ۾ اهل ملتان، شيخ يوسف قريشيءَ کي پنهنجو حاڪم چونڊيو. هي بزرگ، شيخ بهاءَ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو(2). جنهن زماني ۾ شيخ يوسف قريشيءَ جي ملتان ۾ حڪومت هئي، ان زماني ۾ راءِ سهارا لانگاهه سنڌي جو ملتان ۾ وڏو اثر هو. هن پنهنجي ڌيءَ جو سڱُ شيخ قريشيءَ کي ڏنو. 1445ع ۾ هڪ ڏينهن هن قلعي تي قبضو ڪيو(3). شيخ يوسف جان بچائي نڪري ويو(4). پوءِ راءِ سهارا لانگاهه، سلطان قطب الدين لانگاهه جي لقب سان ملتان جو حاڪم بنيو، ۽ چنيوٽ ۽ شور ڪوٽ فتح ڪري، ملتان سان ملايائين، ۽ 1469ع تائين حڪومت ڪيائين(5).

1470ع ۾ راءِ سهارا لانگاهه جو پٽ سلطان حسين لانگاهه تخت تي ويٺو، 1483ع ۾ دهليءَ جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ سلطان حسين لانگاهه کي ملتان جو حاڪم تسليم ڪيو. هن ٽيهه سال حڪومت ڪئي. هي علم دوست ۽ مدبر شخص هو. هن وڏا وڏا عالم گهرايا ۽ انهن کي وڏا وڏا پگهار ڏيئي، پاڻ وٽ رکيائين.

لانگاهه خاندان ملتان تي ڪل 80 سال حڪومت ڪئي. جنهن زماني ۾ سنڌ تي سما گهراڻي جي حڪومت هئي، انهيءَ زماني ۾ ملتان تي لانگاهه خاندان راڄ ڪيو. هن خاندان جي حڪومت جي زماني ۾ ڪيترائي بلوچ قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا.

سمن کان پوءِ سنڌ تي ارغونن حڪومت ڪئي. ارغونن جي حڪومت جي زماني ۾ مرزا شاهه حسن ارغون، 1524ع ۾، ملتان تي حملو ڪيو. سخت جنگ کان پوءِ هن ملتان جو علائقو فتح ڪري سنڌ جي حڪومت سان ملائي ڇڏيو. نيٺ 1528ع ۾ بابر بادشاهه جي پٽ عسڪريءَ حملو ڪري ملتان فتح ڪيو، ۽ ان علائقي مان ارغونن جي حڪومت جو خاتمو آندائين، ۽ هن علائقي کي دهليءَ جي حڪومت سان ملائي ڇڏيائين.

دهليءَ وارن سلطانن جي قبضي ۾ اچڻ کان پوءِ، ملتان صوبي جون سرحدون ديپالپور جي مشرقي سرحد کان وٺي، بکر جي اولهه واري حد ۽ جيسلمير تائين هيون. شهنشاهه اڪبر جي زماني ۾ ٺٽو به ملتان صوبي ۾ شامل ڪيو ويو، يعني سنڌ جو تخت گاهه وري ملتان ٿيو. انهيءَ ڪري ان جون سرحدون اولهه طرف ڪيچ مڪران تائين، اتر ۾ سورا پرڳڻي تائين ۽ ڏکڻ ۾ اجمير تائين هيون(1). ان کان پوءِ مغل سلطنت جا گورنر هت ايندا رهيا. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي گورنريءَ تائين سنڌ تي مغلن جو قبضو هو. پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي ئي 1700ع ۾ سنڌ جي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو.

جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪمران ٿيو تڏهن صادق آباد ڪارداري ۽ خانپور ڪارداريءَ جو حصو ميان نور محمد ڪلهوڙ فتح ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏيو(1). ميان نور محمد ڪلهوڙي ديره اسماعيل خان جي هوتن سان به جنگيون ڪيون، ۽ ليهه (Leiah) سنڌ- ساگر دو – آبي کان چناب تائين هٿ ڪيائين(2). ميان نور محمد کان پوءِ ميان غلام شاهه، جسڪاڻين کي شڪست ڏيئي، 1769ع ۾ ديره غازي خان تائين ملڪ فتح ڪيو(3).


(1)  اصطخري: المسالک و الممالک، اردو ترجمه، هندستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم ڳڙهه دارالمصنفين، 1960ع، ص 375.

(2) Elliot, H., op. cit. p. 39.

(3)  عبدالحميد عتيق فڪري: العتيق العتيق، بهاولپور، سرائڪي ادبي مجلس، 1971ع، ص 124.

(1) Grierson G., Linguistic Survey of India, Vol: VIII. P. 240.

(2)  محمد بشير احمد ظامي بهاولپوري: عهد هائي قديم مين سرائکي زبان کا ارتقا، بهاولپور، مرڪز سرائکي زبان تي ادب، حبيب کالوني، اپريل، 1970ع، ص 18.

(3) Bloomfield, L., Language, London, George Allen and Unwin LtD 1961, p.12.

(1)  محمد بشير احمد ظامي بهاولپوري: عهد هائي قديم مين سرائکي زبان کا ارتقا، بهاولپور، مرڪز سرائکي زبان تي ادب، حبيب کالوني، اپريل، 1970ع، ص 18.

(1)  محمد بشير احمد ظامي بهاولپوري؛ حوالو ڏنو ويو آهي. 1970ع، ص ص 23 ۽ 24.

(2)  ايضاً.

(1)  محمد بشير احمد ظامي: بهاولپوري – ملتاني، بهاولپور، عبدالعزيز ملک، پرنسپال گورنمينٽ ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، نومبر 1962ع، ص ص 27 ۽ 29

(1)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، ص ص 580 ۽ 581

(1)  Dr. Burnes A, Visit to the Court of Sind, Edinburgh, Robert Cadel 1831, p. 121

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حوالو پهريون، ص 602 ۽ پڻ ڏسو: گل حسن ڪربلائي: مهراڻ جون موجون ۾ مضمون: ”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“ ايدٽ ڪيل سيد حسام الدين راشدي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، ص 32.

(1)  علي ڪوفي: چچنامو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 27

(2)  ايضاً

۽ پڻ ڏسو: اعجاز الحق قدوسي تاريخ سندهه حصه اول ص 20.

(3)  Extracts from the District 7 States Gazetteers of Punjab (Pakistan) Vol. II. Lahore, Research Society of Pakistan, University of the Punjab, 1977, p.21.

(4) Ibid, P. 399

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol. I, p. 4

(2)  چچنامو، ص 51

(3)  چچنامو، ص ص 350، 351 ۽ 359

(4)  ايضاً، ص 350

۽ پڻ ڏسو: اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اصول، ص 20.

(5)  چچنامو، ص 351.

(6)  ايضاً، ۽ پڻ ڏسو: اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصو اول، ص 20.

(1)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن  سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 204

(2)  ايضاً ص 204.

(3)  ايضاً ص 205.

(4)  ايضاً ص 192.

(5)  Extracts from the District & Stases Gazetteers of Punjab (Pakistan) Op. Cit., p. 13.

(6)  Ibid. Vol. II, p. 34.

(7)  چچنامو: ص 7.

(1)  ظفر ندوي: تاريخ سنڌ، اعظم گڙهه، مطبع معارف 1947ع، ص 159.

(2)  اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصو اول، ص266.

(3)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، ص 218.

(1)  ايضاً، ص 220، اسماعيلي حڪومت جي سلسلي ۾ پڙهو: منصوره ۾ اسماعيلي حڪومت مقالو، ٽماهي مهراڻ.

(2)  منهاج سراج: طبقات ناصري، جلد اول، مترجم غلام رسول مهر، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ 1975ع، ص 744، ۽ پڻ ڏسو: اعجاز الحق قدوسي، تاريخ سنده، حصه اول، ص 338.

(3)  منهاج سراج، طبقات ناصري، جلد اول، مترجم غلام رسول مهر، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1975ع، ص 744، ۽ پڻ ڏسو: اعجاز الحق قدوسي، تاريخ سنده، حصه اول، ص 440.

(4)  ايضاً ص 744.

(1)  منهاج سراج: طبقات ناصري، ص 744-745.

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 221.

(1)  منشي عبدالرحمان: آئينه ملتان، ص 164.

Also see: Extracts from the District & States Gazetteers of Punjab (Pakistan), Vol. II Lahore, Research Society of Pakistan, University of the Punjab, 1977, p. 36.

(2)  منشي عبدالرحمان: آئينه ملتان، ص 98.

(3) ايضاً،

(4)  ايضاً.

(5) Extracts from the District & States Gazetteers of Punjab (Pakistan), Op. Cit. pp. 36 & 37.

(1)  منشي عبدالرحمان: آئينه ملتان، ص 164.

(1) Extract from the District & States Gazetteers of Punjab (Pakistan) Op. Cit. p. 419.

(2) Extract from the District & States Gazetteers of Punjab Op. Cit. p. 200.

(3) Ibid, p. 407

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com