سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:9 

بيروني جي ڪتاب الصيدنہ ۾ آيل سنڌي نالن جي جدول

پسارڪي وکر جو اصلوڪو نالو

سنڌي نالو

وڌيڪ معلومات

آرطيٰ

 

 

آزاد درخت

 

 

 

اَسِطِوخوذوُ

اِسقيل

 

 

 

 

اسِرنۡج

 

اَشنَہ

 

اُشتر غاز

 

 

اُصف

 

آفييُون

 

 

اَقاقيا

 

 

 

 

اُفحوان

 

اڪليل الملڪ

 

 

 

 

* آم غيلان

 

 

 

اَنيسِون

 

 

بَنۡج

 

 

 

 

 

* بورَق

 

* بُوزيدان

 

بَهرامِج

 

 

 

 

توتيا

 

 

 

 

 

 

 

 

 

توبال الَّنحُاس

 

 

 

جُندبِيۡدَستر

 

 

 

 

 

 

جنديش؟

 

 

 

جوزالقيء

 

 

الحاح

 

 

الَحبَّة الخُضراء

 

 

 

 

حرمل

 

 

حِضَضُ

 

 

 

 

 

حِلۡتِيۡت

 

 

*خَبَثَ اَلفِضّةَ

 

 

 

* خَبَث الذهب

 

 

 

خلاف

 

* دُلفِين

 

 

 

 

 

* دَمُ الاخَوين

 

 

 

 

 

 

 

*زَرنب

 

 

 

 

*زِرنِيخ

 

 

 

 

 

 

 

* زَرين درخت

 

 

* زَنِجبيل

 

 

 

* زَنجَغر

 

 

 

* زُهم

 

 

 

 

 

 

 

سابيرَج

 

 

 

 

*سَذَاب

 

 

 

 

 

 

* سُمّاق

 

 

 

 

سُورَنۡجان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

* سُوس

 

 

 

* صَبَار

 

 

 

 

 

صمغ

 

 

 

 

 

* صندل

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

* عروق

 

 

 

 

* العشرُوق

يا

العشرق

 

 

 

* عُصفۡر

 

 

 

 

 

 

 

 

* عَنَب الثعلب

 

 

 

 

* حَبّ الغار

 

 

* الغَضَف

 

 

 

 

 

 

 

فِلۡفِل

 

 

 

 

 

*فُوَّة الصَّباغين

 

 

 

 

 

* قِرفَہ

 

 

 

 

* قَردمانا

 

 

* ڪَرَفۡس جبلي

 

 

 

 

 

 

* کُزمازج

 

 

* کَمَّون

 

 

 

 

* کَهرُوبا

 

* لُبۡني يا لِبُنِي

 

 

* لِسان اُلعصافِير

 

* مَحرُوث

 

 

 

* مُزدَ کي

 

 

*مُصۡطُلکِي

 

 

 

 

 

 

* الۡمِغرَه

 

 

 

 

 

* مُنج

 

 

* نارمشک

 

 

 

 

 

* نانخواه

 

 

 

 

* نشا

 

 

 

* نطرون

 

 

* نَمُّام

* النَّورهَ

 

 

مَهَت

 

 

لِمُ

 

 

 

دَهار

 

قويا بصل

 

 

 

سِنو

 

سيابروا

 

سُني هنکفار

 

قوتري

 

سرشني رس

       

سلہ ارها يا سلنارها

 

 

فلانج

 

سوتن

 

 

 

 

جاماها

 

 

 

سَروُق

 

 

دهطورا

(؟) [ڀنگ]

 

 

 

اُوسُ

 

شَذوار

 

سَريس

 

 

 

 

طتَو [تِٿو] مور ڪرنيون

 

 

 

 

 

 

ڪرماشا

 

 

 

گند بيستر

 

 

 

 

 

گنديستن [گنديش]

 

 

منبهل [ميڻ ڦل]

 

جواسا

 

 

ڪلنڪور

 

 

 

 

هملو

 

 

’وطہ‘ يا الوطہ

 

 

 

 

هين [هڱ]

 

رفاقِطي [رُپاڪٽي]

 

سُورن قطي [سون ڪٽ]

 

 

ويوس

 

بُولُو

 

 

 

 

 

بانورت

 

 

 

 

 

 

 

تونيا

 

 

 

 

هڙتال ۽ منسل

 

 

 

 

 

والو  بندلوا يا دالو بندلو

سُنڍ

 

 

 

منکلو يا جاما منکلو

 

کٿوري

 

 

 

 

 

 

 

سيبيزاوا

 

 

 

 

سَدابُو (سُوا؟)

 

 

 

 

 

تتل

 

 

 

 

لاکل مول (لاڪل مول) ۽

’سڪوره (گل جو نالو)

 

 

 

 

مهلتي

يا ملتي يا مسلي

 

انبلي

 

 

 

 

 

شير شيروا

(=شيرو)

 

 

 

[صندل چندن] سر کنڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

هَلِدر (هَيڊر)

 

 

 

تتل تترک قوال سريش

 

 

کهنبو

 ’رنگ ساوڻ‘

 

 

 

 

 

 

قواد

 

 

 

 

شنکر (=سڱر؟)

غَضَف قلنج

 

 

 

 

 

 

مرچ

 

 

 

 

 

مَڃُت

 

 

 

 

 

حادطج

 

 

 

 

بہ سودا

 

 

گهر سفائج يا سفايج

 

 

 

ساڪُڙ

 

 

جيروا (=جيرو)

 

 

 

سونده وينا

شلهاد يا شلها

 

اِندرَجَو

 

سنڌي نالو پڙهڻ ۾ نه آيو

 

بول

 

 

کبہ (=ڪبہ)

 

 

 

 

 

دهاء (ڌاء)

 

 

 

 

ففي

 

 

نارعفف (=نارغفن)=ناگڦڻ

 

 

 

جَواڻ يا جاڻَ

 

 

 

کيسوان کير

 

 

’رطرولمس‘

 

سُسَرم

شَنوا

 

 

’اراطيٰ‘ جمع آهي ۽ ان جو واحد ’ارطاة‘ آهي. هن کي ’رمث‘ پڻ چئبو آهي ۽ ان جو سنڌي نالو ’مهت‘ آهي (بشر). هي ٻوٽو وارياسي زمين ۾ اُڀري ٿو. قد جو ننڍو ۽ پنن جو رنگ ڳاڙهيرڙو ٿئي ٿو.

اهو فارسي نالو آهي؛ عربيءَ ۾ ’سَيَسبانہ‘ چون. جُرجان جي ملڪ ۾ گهڻو ٿئي ۽ اتي ان کي ’وَنِ‘ چون [غالباً سنڌي لفظ ’وڻ‘ جو عڪس]. ”سنڌي ۾ هن کي لِم سڏين“ (بشر). [ڀانئجي ٿو ته اڳ عام سنڌي نالو ’لِمُ‘ هو. هن وقت پڻ اتر سنڌ ۾ ’لِم‘ چون، جيتوڻيڪ وچولي ۽ لاڙ طرف ’نم‘ سڏين].

رومي لفظ ’ستوخس‘ تان ورتل آهي. ”سنڌي ۾ هن کي دهار سڏين“ (بشر). هڪ ٻوٽو آهي، جيڪو غزني طرف پيدا ٿئي ٿو. سڀ ۾ سٺو،  ساون پنن وارو آهي.

”سنڌي هن کي ’قويا بصل‘ سڏين“ (بشر). قلمي نسخي ’ب‘ جي حاشيه ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سنڌي هن کي ’کانده‘ يا ’کندري‘ سڏين.“ [’کانده‘ ۽ ’کندري‘ مان ’ڳنڍ‘ (بسر جي) ۽ ’ڳنڍڙي‘ جو گمان نڪري ٿو. سنڌ ۾ ’جهنگ بصر‘ ٿئي ٿو، جيڪو دوا ۾ ڪم اچي ٿو.. ٿر ۾ مينهن تي گهڻو اُڀري ٿو. اهو بلڪل بصر (بصل) جهڙو ئي ٿيندو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان آڳاٽي وقت ۾ ان کي ’ڪويا بصر‘ سڏيندا هجن.]

فارسي ۾ ’شنگرف‘ ۽ سنڌي ۾ ’سنو‘ چون (بشر). [سنڌ ۾ پسارين وٽ ٻه قسم: هڪ شنگرف ۽ ٻيو شنگرف سنڌي سڏجي].

هڪ ٻوٽو آهي. فارسي ’دوالہ‘ ۽ هندي ۾ ’چڙيلہ‘ يا ’چريره‘ سڏجي. بشر جي چوڻ مطابق سنڌي ۾ ’سيابروا‘ ۽ هندي ۾ ’سيلبُوا‘ سڏجي.

هيءَ ’انگدان خوش‘ نالي ٻوٽي جي پاڙ آهي، جنهن کي سنڌي ۾ ’سُني هنکفار‘ سڏجي (بشر). [ ’سني هنکفار‘ مان مراد شايد ’سنهي هِڱ پاڙ‘ هجي. انگريزي ترجمو هن طرف ڏنو آهي.

‘It is the root of good Syrian rue’

عام طرح ان کي ’کبر‘ سڏيو وڃي ٿو. اهو هڪ قسم جو ٻج يا ڦر (ثمرة) آهي. بشر جي چوڻ مطابق ان کي سنڌي توڙي هندي ’قوتري‘ چو. [’قوتري‘ مان ’ڳُٺڙي‘ جو گمان نڪري ٿو.]

’افيون‘ رومي نالو آهي ۽ فارسي نالو ’دوشش نارکوک‘ (بيروني). بشر جي چوڻ موجب؛ فارسي ۾ هن کي ’مَلبند خوشخواک سياه‘ ۽ سنڌي ۾ ’سرشني رس‘ سڏين. [موجوده لفظ ’چرش‘ انهيءَ آڳاٽي نالي ’سرشني رس‘ مان نڪتل آهي.]

’اقاقيا‘ اصل ۾ رومي/يوناني نالو آهي. عربيءَ ۾ هن کي ’فَقَد‘ چئبو (بيروني). فارسي ۾ ان کي ’ملبند شدرڪ‘ ۽ سنڌي ۾ ’سلہ ارها‘ چون (بشر). [’چرش‘ جو فارسي نالو، جيڪو بشر ڄاڻايو آهي، تنهن تي ’ملبند‘ آهي. ان مان گمان نڪري ٿو ته’اقاقيا‘ به انهيءَ قسم جي ڪا شي آهي. ’ڪتاب الصيدنہ‘ جي ٻئي هڪ قلمي نسخي ۾ ’سلہ ارها‘ بدران ’سلنارها‘ لکيل آهي.]

’اقحوان‘ ساڳيو ’بابو نج‘ [’بابونوا‘] آهي. بشر جي چوڻ مطابق هن کي ’فلانج‘ چون. [ فلانج = فلانہ = فلانو = ڦُلاڻو. غالباً اُن وقت ’بابوني‘ کي سنڌي ۾ ’ڦلاڻو‘ سڏيندا هئا.]

هن کي فارسي ۾ ’شاه بسہ‘ يا ’شاه افسر‘ چون. هن قول موجب هندي ۾ هن کي ’اسپرڪ‘ يا ’پرنڪ‘ چون. بشر جي چوڻ مطابق سنڌي ۾ هن کي ’سوتن‘ سڏين. [’اسپرڪ‘ غالباً ’اسپنگر‘ آهي، جنهن جي معنيٰ ته اڳ سنڌي ۾ ’اسپنگر‘ کي ’سوتن‘ چوندا هئا. انگريزي ترجمي ۾ ڄاڻايل آهي.

“It is a grass which spreads horizantaly on ground”]

بيروني چوي ٿو ته عربي ۾ هن کي ’الشوڪہ‘ ۽ سنڌي ۾ ’جاماها‘ چئجي. [’الشوڪہ‘ جي لفظي معنيٰ مان ظاهر آهي ته هي ڪو ڪنڊن وارو ٻوٽو آهي. انهيءَ معنيٰ جي مدنظر ’جاماها‘ (يعني ’جاماها’) ساڳيو اهوئي ڪنڊن وارو ٻوٽو آهي، جنهن کي هينئر سنڌي ۾ ’ڊراماهو‘ چئجي ٿو. اڳ ’ڊراماهو‘ کي غالباً ’جاماهو‘ يا ’ڄاماهو‘ سڏيندا هئا.]

هي رومي يوناني نالو آهي. بشر جي چوڻ موجب هن جو سنڌي نالو ’سروق‘ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو ساڳيو ’نانخواه رومي‘ آهي. [انگريزي ترجمي ۾ نانخواه کي ‘aniseed’ لکيو ويو آهي].

بشر جي چوڻ موجب ’بنج‘ جا ٻه قسم آهن: هڪ پهاڙي [جهنگلي] ۽ ٻي ’بستاني‘ [باغائي]؛ ان جو نالو فارسي ۾ ”گوز ماثل“ ۽ سنڌي ۾ ’دهطورا‘ آهي. [’گوز ماثل‘ جو سنڌي نالو ’ڌاتورو‘ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. مگر بيروني لکي ٿو ته ’بنج‘ ٻي شيءِ ۽ گوز ماثل ٻي شيءِ آهي. انهيءَ ڪري، ڀنگ کي ڌاتورو ڪونه چئبو. البت ’ڌاتورو‘ پڻ سنڌي نالو آهي ۽ اهو نالو ’گوز ماثل‘ جو هو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب الصيدنہ ۾ ٻيءَ جاءِ تي ’جوز ماثل‘ جي نالي هيٺ وضاحت ٿيل آهي ته هندي ۾ هن کي ’تہ توره‘ يعني ’ده توره‘ چون.]

بيروني جي وضاحت موجب رومي/ يوناني ۾ هن کي  ’افرونطرون‘، سرياني ۾ ’بعثرا‘ ۽ سنڌي ۾ ’اوس‘ چون. هن جو بهترين قسم آرمينا ملڪ مان ايندو هو.

بيروني جي وضاحت موجب ’بوزيدان‘ فارسي نالو آهي ۽ سنڌي ۾ ان کي ’شَذوار‘ سڏين. هي ساڳيو ’عقار هندي‘ آهي. رنگ ۾ اڇاڻ تي مائل ۽ تاندرون سان ڳتيل ڇوڏي مثل ٿئي.

عربي ۾ ’الرنف‘ چون. هن کي ’بهرم جهنگلي‘ يا ’العصفرالبري‘ به چون. بشر جي چوڻ موجب فارسي ۾ ’بورکر‘ يا ’بولکر‘ ۽ سنڌي ۾ ’سريس‘ سڏين. رات جو هن جا پن سسي وڃي ڏانڊي سان لڳن. [سريس = سريہ = سرينہ. سنڌي ’سرينہ‘ وڻ جا پن سج لهڻ سان ٻوٽجي ۽ سسي ويندا آهن. يا ٿي سگهي ٿو ته ٻيو ڪو ٻوٽو اڳ ’سريہ‘ سڏيو ويندو هو، جنهن تان ’سرينہ‘ وڻ تي اهو نالو پيو.]

بشر جي چوڻ موجب سنڌي توڙي هندي ۾ هن کي ’طتو‘ چون. هڪڙو قسم، مور جي ڳچي مثل (علي لون عنق الطاؤس) رنگ جو سائو آهي، جنهن کي فارسي ۾ ’سنگ مس‘ ۽ سنڌي توڙي هندي ۾ ’مور ڪرنيون‘ چون. ٻيو قسم، رنگ جو اڇو جنهن کي سنڌي توڙي هندي ۾ ’سنگِ طتو‘ چون. ’مور ڪرنيون‘ يعني مور جي ڪَر وانگر مور جي ڳچيءَ جي رنگ جهڙو. اهي ٻئي سنڌي نالا يعني ’طتو‘ ۽ مور ڪرنيون جيڪي هڪ هزار سال اڳ هلندڙ هئا، تن جا اهڃاڻ هن وقت تائين موجود آهن، يعني سنڌ جي پسارڪي اصطلاح ۾ هن وقت پڻ توتيي کي ”مور تِٿو“ يا ’مور ٿوٿو‘ چون. لفظ ’مور’، ’مور ڪرنيون‘ جي يادگار آهي ۽ ’تٿو‘ يا ’ٿوٿو‘ ساڳيو اهو سنڌي لفظ آهي جنهن کي بشر ’طتو‘ ڪري لکيو آهي. ’ڪتاب الصيدنہ‘ جي بُرصا واري نسخي ۾ ’طتو‘ ۾ ’ت‘ جي مٿان شد ڏنل آهي، جنهن مان ’ٿ‘ جو اهڃاڻ ملي ٿو.

بيروني جي چوڻ موجب رومي/يوناني ۾ هن کي ’ڪلفيطس‘، سرياني ۾ ’هبابا’ ۽ فارسي ۾ ’تول برنج‘ چون. بشر جي چوڻ موجب سنڌي ۾ هن کي ’ڪرماشا‘ ۽ فارسي ۾ ’پوستہ ميِس‘ سڏين [هي ٽامي جو چورو يعني هڪ معدني وکر آهي، ۽ انگريزي ۾ ‘Copper dust’ سڏجي.]

بيروني جي لکيي موجب هي فارسي نالو آهي يعني ’بحري ڪلب (ڪتي) جا خصيا‘، لفظي معنيٰ هن طرح آهي: گند = خصية + بي = سواءِ + دست = تام، جنهن جي معنيٰ ٿي ’اڻ پورا خصيا‘. هن کي ’ڪلب الماء‘ يا ’ثعلب الماء‘ پڻ چئجي. بيروني چوي ٿو ته حمزي جي لکڻ موجب هندي ۾ هن کي ’گند شير‘ ۽ بشر جي لکيي مطابق هن کي سنڌي ۾ ’گند بيستر‘ سڏين.  [هزار سال اڳ سنڌي ۾ پڻ ساڳيو فارسي نالو رائج هو پر البت ’گند يستر‘ بدران سنڌي لهجي موجب ان کي ’گنديستر‘ سڏيو ويو. هن وکر کي هن وقت ’لڌڙي جا خصيا‘ سڏيو وڃي ٿو.]

’ڪتاب الصيدنہ‘ جي بُرصا ڪتبخاني واري نسخي ۾ هي نالو آيل آهي. اصل لفظ (غالباً) ’جنديش‘ آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته هندي ۾ هن کي ’کنديش‘ (= گنديش) چون، ۽ بشر جي چوڻ موجب سنڌي هن کي ’کنديستن‘ چون. [’کنديستن‘ اهو لفظ ائين لکيل آهي، پر غالباً صحيح صورتخطي ’گنديش‘ ئي ٿيندي.]

بشر جي چوڻ مطابق سنڌي ۾ ’مِنبهل‘ ۽ هندي ۾ ’مين بهل‘ چون. بيروني وضاحت ڪئي آهي ته ’بهل‘ معنيٰ ’ميوو‘ (بهل هو الثمرة) [’بهل‘ يعني ’پهل‘ معنيٰ ’ميوو‘. سنڌي نالو ’منبهل‘ يعني مِنڦَل؛ هن وقت سنڌي نالو ’ميڻ ڦل‘ آهي.]

ننڍڙو ٻوٽو جنهن جو ٻج چانور جيترو رَتائين رنگ تي ڳاڙهو ٿعئي، هن کي ’اشتر خار‘ پڻ سڏين. بشر جي چوڻ موجب سنڌي ۾ هن کي ’جواسا‘ چئجي. [’جواسا‘ مان مراد شايد ’جوانسا‘ يعني ’جوانسو‘ هجي].

بيروني چوي ٿو ته ’بُطم‘ وڻ جو ڦر آهي، جنهن کي فارسي ۾ ’خنجڪ‘ ۽، سيستاني ٻولي ۾ ’ڪنبشڪ‘ چون. سنڌي ۾ ان کي ’ڪلنڪور‘ سڏين. هن وڻ جو ’کؤنر‘ سڀ کان عمدو آهي. [اصل صورتخطي ’کلنکور’ جيڪو لغت جي ڪتاب ’مدارالافاضل‘ موجب ’خنجڪ‘ نالي داڻي (ٻج) جو قسم آهي، جنهن کي ’ڪلتهي‘ پڻ چئجي. هن وقت سنڌي ۾ ’حبہ خضراء‘ (لفظي معنيٰ ’سائو ٻج‘) جو علمي نالو ’بن‘ آهي].

بيروني جي چوڻ مطابق فارسي ۾ هن کي سِپَند، ۽ سنڌي ۾ ’هملو‘ چئجي. [’هملو‘ مان مراد ’هرملو‘ آهي، جيڪو هن وقت به ’هرملو‘ يا ’هرمرو‘ سڏجي ٿو. ابو حنيفه ڪتاب النبات، ۾ هي نالو آندو آهي. هيءُ ٻوٽو پٿرائين زمين ۾ خاص طرح لَڪي طرف گهڻو ٿئي ٿو.]

بيروني جي چوڻ موجب رومي/يوناني ۾ هن کي ’لوقيون‘ ۽ فارسي ۾ ’پيل زهره‘ سڏجي. بشر جي چوڻ مطابق سنڌي ۾ ’وطہ‘ يا ’الوطہ’ ۽ هندي ۾ ’قولوط‘ سڏجي. [ان وقت سنڌي پسار ۾ غالباً يوناني نالا رائج ٿي چڪا هئا، ڇاڪاڻ ته اصل عبارت ۾ ڄاڻايل آهي ته: سنڌي ۾ هن کي ’وطہ‘ يا ٻي پڙهڻي موجب ’الوطہ‘ چئجي ۽ جالينوس پڻ ان کي ائين ئي سڏيو آهي (وبالسندية ”وطہ“ و في نسخة ”الوطہ“ و کذالک سمّاه جالينوس). ابو حنيفہ ”ڪتاب النبات“ ۾ آندو آهي ته هي ٻوٽو وارياسي زمين ۾ قيقان (قلات) طرف اُڀري ٿو.]

بيروني چوي ٿو ته هي ’انجدان‘ (انگدان) وڻ جو کؤنر آهي ۽ فارسيءَ ۾ ’نگزد‘ سڏجي. سنڌي ۾ ’هين‘ چون. [هن وقت ’حِلتيت‘ جو عام سنڌي نالو ’هڱ‘ آهي؛ غالباً هزار سال اڳ به سنڌي ۾ ’هڱ‘ سڏيندا هئا، جنهن کي عربي ۾ ’هين‘ جي اچار سان ادا ڪيو ويو.]

بيروني چوي ٿو ته يوناني ۽ عربي ۾ ’اقليماء، فارسي ۾ ’کيثہ‘ ۽ سنڌي ۾ ’رفاقطي‘ سڏجي ٿو. [’رفاقطي‘ يعني ’رُپاڪٽي‘. صحيح نالو ’رُپاڪٽِ‘ آهي، مگر ٽ جي زير واري اچار کي ’ي‘ سان ادا ڪيو ويو آهي.’خبث افضةَ جي لفظي معنيٰ ئي آهي ’چاندي جي ڪٽ‘ غالباً سنڌي لفظ ’ڪٽ‘ تان ئي فارسي ۾ ان کي ’ڪيثہ‘ سڏيو ويو.]

مٿئين اسم ’خبث الفضة‘ جي ذڪر هيٺ بيروني چوي ٿو ته ’خبث الذهب‘ کي يوناني ۽ عربي ۾ ’اقليماء اصفر‘، فارسي ۾ ’نخبةزر‘ ۽ سنڌي ۾ ’سورن قطي‘ سڏجي. ’سورن قطي‘ يعني سون ڪٽِ.]

بشر جي چوڻ مطابق هي ساڳيو ’صفصاف‘ آهي. فارسي ۾ ان کي ’بيد سبيذ‘ (بيد سفيد) ۽ سنڌي ۾ ’ويوس‘ چون. ’خلاف‘ وڻ جي ڪاٺ مان کؤنر نڪرندو آهي.

بيروني جي لکڻ موجب ’دلفين‘ يوناني نالو آهي، عربي ۾ ’دُخش‘ ۽ سنڌي ۾ ’بولو‘ سڏجي. [’دُلفين‘ يوناني ‘Dolphin’ آهي. ’بُولو شايد آڳاٽو اچار آهي، ۽ هن وقت ’ٻُلهڻ‘ سڏجي ٿو. هي هڪ دريائي جانور آهي جيڪو خاص طرح سنڌو درياء جي روهڙي - سکر واري ڀاڱي ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو. هن جو ٻيو سنڌي نالو ’ٻِرُون‘ آهي. محقق بيروني کي اهي ٻئي سنڌي نالا معلوم هئا. هت ’بولو‘ (يعني ’ٻلهڻ‘) آندو اٿس، ۽ پنهنجي ٻي تصنيف ’ڪتاب الهند‘ ۾ ’برلو‘ ڪري لکيو اٿس، يعني ’ٻِرون‘ ڇاڪاڻ ته وقت گذرڻ سان ’ل‘ مٽجي ’ر‘ ٿيو ۽ عام اچار ۾ ڦيرو آيو.]

ابو حنفة ڪتاب النبات ۾ لکيو آهي ته هي هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جنهن مان ڳاڙهو رنگ نڪري. بيروني جي لکڻ موجب پسارڪي اصطلاح ۾ عام طرح ’قاطر‘ سڏجي. سنڌي ۾ ان کي ’بانو رت‘، فارسي ۾ ’خون سياوشان‘ ۽ هندي ۾ ’پانڊورت‘ سڏين. [ٿي سگهي ٿو ته ’بانَوَ رت‘ شايد اصل ۾ ’پانوَ رَت‘ يعني ’پانڊوَ رت‘ هجي،پر ’دم الاخوين‘ توڙي ’خون سياوشان‘ جي لفظي معنيٰ آهي ’ٻن ڀائرن جو رت‘ يا ’ڀائرن جو رت‘؛ انهي لحاظ سان ’بانو رت‘ غالباً اصل سنڌي نالي ’ڀائن رت‘ جي عربي صورت آهي. ڳاڙهي رنگ جي لحاظ سان ان کي ’رت‘ سڏيو ويو. سنڌ ۾ هن وقت هن وکر جو علمي نالو ’هيرا دکني‘ آهي، مگر هزار سال اڳ هيءُ وکر سنڌي ۾ نج سنڌي نالي سان ’ڀائن رت‘ سڏيو هو].

’زرۡنب‘ يا ’زَرفقت‘ هڪ قسم جا پن آهن جن ۾ تکي خوشبو ٿئي ٿي. اهي سيستان واري پاسي کان عرب ملڪن ڏانهن ايندا هئا. هندي توڙي سنڌي ۾ ان کي ’تونيا‘ چون. [هندي ۽ سنڌي وارو اهو نالو ’ڪتاب الصيدنہ‘ جي بُرصا ڪتبخاني واري قلمي نسخي ۾ ڏنل آهي. ڇپيل ڪتاب ۾ سنڌي نالو ڏنل ڪونهي، مگر هندي نالو ’تويناعي’ ڇپيل آهي، ۽ حاشيي ۾ ڄاڻايل آهي به ٻئي هڪ قلمي نسخي ۾ تونينانجي، لکيل آهي.]

بيروني چوي ٿو ته زرنيخ جا ٻه قسم آهن: پيلو ۽ ڳاڙهو. پيلي کي سنڌي توڙي هندي ۾ ’هڙتال‘ چون؛ ڳاڙهي کي سنڌي ۾ ’مسعل‘ ۽ هندي ۾ ’منجل‘ چون. [سڀني نسخن ۾ ’مقسل‘ ڏنل آهي. ڇاپي جي حاشيي ۾ ٽامسن جي حوالي سان ڄاڻايل آهي ته هي لفظ اصل ۾ شايد ’مِيۡنسل‘ هجي، يعني Realgar يا ’زرنيخ‘. صحيح لفظ ’منسل‘ آهي ۽ نه ’مقسل‘. ’هڙتال‘ وکر سنڌي ۾ مشهور آهي. پيلي کي ’هڙتال‘ ۽ ڳاڙهي کي ’من ڇر‘ چئجي (فرهنگ جعفري). سنڌي ’من ڇر‘ (= من جر = من جل) ۽ هندي ’منجل‘ ساڳي ڳالهه آهن. پڻ ’من ڇر‘ (=من ڇر = من چل = من صل = منسل) ۽ منصل يا منسل ساڳي ڳالهه آهن. ٿر جي پسارين وٽ اسان ٽي قسم ڏٺا: ڳئون - ڏندي ۽ من ڇر].

عربي ۾ ’عريان‘ ۽ سنڌي ۾ ’والو بندلوا‘ يا ’دالوبندلو’ سڏين. [ڇاپي ۾ ’دالو بندلو‘ ڏنو آهي پر هيٺ حاشيي ۾ ڄاڻايل آهي ته ’ق‘ نسخي جي پرهڻي ’والو بندلوا‘ آهي. برصا واري نسخي ۾ پڻ ’والو بندلوا‘ آهي.]

بيروني جي لکڻ موجب هندي ۾ تازي کي ’ادرڪ‘ ۽ سڪل کي ’سنڍ‘ چئجي. [ڇپيل ڪتاب ۾ ’سُنڊهه‘ لکيو ويو آهي ظاهر آهي ته اهو سنڌي اچار وارو سنڌي نالو آهي. هندي ۾ ’سونڻهه’ چئبو. ٿي سگهي ٿو ته بيروني واري وقت ۾ ’هندي‘ ۾ پڻ ساڳيا ’سنڌي‘ نالا يعني ’ادرڪ‘ ۽ ’سنڍ‘ استعمال ٿيندا هجن.]

عربي ۾ ان کي ’زَنجرف‘ يا ’سنجرف‘ سڏجي. ڇليل يا ڪُٽيل (مسحوق) زنجرف کي هندي ۾ ’سندور‘ ۽ غير مسحوق کي ’هنکل’ سڏين. بشر جي لکڻ موجب سنڌي ۾ ان کي ’منکلو‘ يا ’جاما منکلو‘ چون. [بشر جو ڄاڻايل سنڌي نالو ’ڪتاب الصيدنہ‘ جي برصا واري قلمي نسخي ۾ موجود آهي. ڇپيل ڪتاب ۾ اهو سڄو فقرو رهجي ويو آهي.]

’زُهم‘ ۽ ’زُباد‘ ساڳي ڳالهه آهن. هندي نالو ’ڪتوره‘ آهي ۽ جنهن حيوان مان پئدا ٿئي تنهن کي ’ڪتور بلاري‘ چون. ان جي مشڪ کي هندي ۾ ’تندي‘ يا ’پوديس‘ سڏين. الخشڪي جي چوڻ موجب، اهو (مشڪ) سنڌ طرفان ديبل ۽ سندان کان اچي ٿو. [’ڪتوره‘ يعني ’کٿوره’.اهو سنڌي لفظ’کٿوري‘ آهي؛ ۽ هندي لفظ جو اچار ’ڪستوره‘ (کهستوري ٿيڻ کپي ها. ٻيو ته ’ڪتور بلاري‘ (Civet Cat) سنڌي ’اضافي ترڪيب‘ مطابق ’کٿور ٻلاڙي‘ (کٿوري واري ٻلڙي آهي. جيئن ته ’زهم‘ سان ديبل ۽ سندان کان ئي عرب ڏانهن ايندو هو، انهيءَ ڪري اهي مقامي نالا پڻ ’سنڌي‘ سمجهڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو اهي هن وقت جي سنڌي اُچارن سان پڻ ملن ٿا. هندي نالا ’تندي‘ ۽ ’پوديس‘ جدا طور ڄاڻايا ويا آهن.)

دمشقي جي چوڻ موجب اهو وکر ساڳيو ’لفاح‘ آهي،جنهن کي ابو معاذ جي چوڻ موجب ’سابيشڪ‘ چئجي. بشر جي چوڻ مطابق فارسي ۾ ان کي ’سبيزه‘ ۽ سنڌي ۾ ’سيبيزاوا‘ سڏين. [’لفاح بري‘ کي سنڌ ۾ هن وقت جي پسارڪي علمي نالي سان ’لکما لکئي‘ سڏجي ٿو. پر جيڪڏهن اصل نالو ’لفاح‘ نه پر ’لقاح’ آهي ته پوءِ سنڌي ۾ ’لقاح‘ جو پسارڪو علمي نالو ’اِڪوهي‘ آهي (فرهنگ جعفري)].

ٻه قسم آهن: هڪ بُستاني ۽ ٻيو بري. بيروني چوي ٿو ته ’سَدابُو‘ ساڳيو ’فيغاتن‘ آهي ۽ بري (جهنگلي) کي ’فيغاتن اَغريون‘ چون. ’بري‘ طعام ۾ بالڪل ڪونه ٺهي. سنڌي ۾ ان (بري) کي ’سَدابُو‘ چون. محمد بن زڪريا رازي جي لکڻ موجب بري جو ٻج ’حرمل‘ جي ٻج کان ننڍو ۽ وڌيڪ ڪارو آهي. هندي ۾ ان کي ’ساوه‘ چون يعني سدائين سائو. [’سدابو‘ طعام ۾ پوندو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ’سُوا‘ هجي، جنهن کي شايد اڳ ’سدابو‘ سڏيندا هئا. عربي نالو ’سذاب‘ غالباً سنڌي نالي ’سدابو‘ تان ورتل آهي. ’ساوه‘ پڻ سنڌي لفظ آهي پر ان کي ’هندي‘ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ’ساوه‘ يعني ’سائو‘ يا ’سدائين سائو‘.]

سنڌي ۽ هندي ۾ هن کي ’تتل‘ سڏين. ڪن جي چوڻ موجب اهو نالو ’تنتک‘، تترک، تماتير يا تتريک آهي. فارسي ۾ ’تتره‘ چون. هڪ ڳاڙهي رنگ جو کٽي ذائقي وارو وکر آهي (رازي) ۽ ٻيو ڪڙي ذائقي وارو جنهن کي رنگريز ڪم آڻين.

[في الحال اسان کي وڌيڪ معلومات نه ملي سگهيا آهن. هيٺ ’العشروق‘ کي پڻ ’تترڪ‘ سڏيو ويو آهي.]

هڪ ٻوٽي جو پاڙ جنهن کي ’جعفريه‘ سڏين. بهار ۾ سڀ کان پهريائين گل ڪڍي. بشر جي چوڻ موجب فارسي ۾ ’لعبت بربرّي‘ ۽ سنڌي ۾ هن کي ’لاکل مول‘ سڏين. بشر جي ڪتاب جي ٻئي هڪ نسخي ۾ ’لاقول‘ لکيل آهي، جيڪو ’اصل‘ (ٻوٽي جي پاڙ) آهي... فارسي ۾ ’سورنگان‘ سڏين. هن کي پن تترڪ سڏيو ويو آهي. ٻئي قول موجب اصل ٻوٽو خريف جي موسم ۾ مينهن کان اڳ اُڀري ٿو، ۽ پڻ چيو وڃي ٿو ته ان جي گل کي سنڌي ۾ ’سکوره‘ (سڪوره) سڏين. [ڪراچي ڇاپي ۾ بشر وارو سنڌي نالو ڏنل ڪونهي، مگر برصا واري نسخي ۾ موجود آهي ۽ ان جي اصل عربي عبارت هن طرح آهي: ”ويالسنديہ لاکل مول، وفي نسخة ’لاقول‘ وهو اصلہ“. ’لاقول’ اصل ٻوٽي جي پاڙ آهي. ’لاکل مول‘ جي معنيٰ ’لاڪل جو مول‘ يعني ’لاڪل‘ جي پاڙ. اهو پويون بيان جيتوڻيڪ ’سورنجان’ هيٺ ڏنل آهي ۽ سورنجان بابت ئي ٿي سگهي ٿو، مگر ائين پڻ لڳي ٿو ته ڄڻ اهو بيان ڪنهن ٻئي وکر بابت هجي ۽ پوءِ ٻئي بيان گڏجي ويا هجن. سنڌ ۾ هن وقت پسارين وٽ ’سورنجان‘ جا ٻه قسم ملن ٿا: سورنجان مٺي ۽ سورنجان کٽي.]

هندي ۾ ’مُهُلّت‘ سڏين. بشر جي چوڻ موجب هندي ۾ ’رسون‘ چون ۽ سنڌي ۾ ’مهلتي‘ سڏين. (بشر جي ڪتاب جي) ٻئي هڪ نسخي ۾ ’مسلي‘ يا ’ملتي‘ لکيل آهي. [ڪراچي ڇاپي جي ايڊيٽر وضاحت ڪئي آهي ته هندي نالو ’مُلڻهه‘ يا ’ملهڻي‘ آهي. مٿئين بيان مان سنڌي نالا ’مهلتي‘، ’ملتي‘ يا ’مسلي‘ ملن ٿا هي ساڳي مُلٺي آهي.]

هي ساڳيو ’تمر هندي‘ آهي. سنڌي ۾ ان کي ’انبلي‘ سڏجي. [ڪراچي ڇاپي ۾ ’اِنبّلي‘ لکيو ويو آهي. برصا واري قلمي نسخي ۾ ’املي‘ يا ’امالي‘ بنان زير زبر جي لکيل آهي. ’اِنبلي‘ پڙهيو ته به ان مان مراد ’اِملي‘ ٿيندي، جيڪو هندي نالو سمجهڻ گهرجي. سنڌي ۾ هن وقت ’گدامري’ سڏجي جيڪو ٿي سگهي ٿو ته اڳئين سنڌي نالي ’گڏ آنبلي‘ (= گد آمري = گد + آملي = گڏ +آنبلي = گڏو گڏ لڳل کٽيون انبڙيون = گدامري جي ڇُڳي ۾ گڏو گڏ داڻا) جي بدليل صورت هجي.]

بشر جي چوڻ مطابق فارسي ۾ هن کي ’کور’ (ڪور) ۽ سنڌي ۾ ’شيروا‘ سڏين. بيروني اڳتي هلي ڄاڻائي ٿو ته هندي ۾ ’چير‘ چون. [برصا واري قلمي نسخي ۾ ’شيروا‘ آهي. ڪراچي ڇاپي ۾ ’شير‘ ڪري لکيو ويو آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي اُچار ’او‘ (آخر ۾ و) کي پويان ’الف‘ ڏيئي ’او‘ ڪري لکيو ويو. مثلاً ’جيرو‘ کي ’جيروا‘. انهيءَ لحاظ سان ’شيروا‘ اصل ۾ ’شيرو‘ ٿيندو. ’صمغ‘ دراصل ’کؤنُر‘ (Samar, Shittam Wood) آهي. ٻٻر ۽ ٻين ڪنڊن وارن وڻن جي کؤنُر کي ’صمغ‘ چئبو. کؤنۡر کي ان وقت ’شيرو‘ چوندا هئا.]

صندل کي هن وقت به ’صندل‘ توڙي ’چندن‘ چئجي، پر اهڙي سنڌي نالي جو ذڪر آندل ناهي. بيروني ڄاڻايو آهي ته هندي ۽ زنجي (آفريقي) ٻولي ۾ ’چندل‘ ’چندن‘ يا ’چندان‘ چون. وڌيڪ چوي ٿو ته:-

”لہ بزر کالعدس و المقاصيري ’سہ سو کند،

اي قطاع جيدة. والاحمر منہ ’رخــت چندن‘“

[گمان غالب آهي ته هن عبارت ۾، ’سہ سو کند‘ اصل ۾ ’سر سر کنڊ‘ هجي، ’سر کنڊ‘ ساڳيو چندن جو ٻيو سنڌي نالو آهي، ۽ ’سر کنڊ‘ توڙي (هلڪي اُچار سان) ’سر کن‘ سڏجي. رسالي جي هڪ وائي جي مصرع

’سيڻين سر کنڊ سپجي، عطر پرين اَتورا.‘

ٻئي ڪنهن شاعر چيو آهي ته ان چاڻ ۽ بي قدر ماڻهو:

”ساري وڻ سرکن جو ٿا بيدا برابر ڪن.“]

هندي ۾ ’هَلِدر‘ ۽ فارسي ۾ زرچوبہ چون. بشر جي چوڻ موجب سنڌي ۾ ان کي ’هلدر‘ چون. [ڇاپي نسخي ۾ ’هلدر‘ آهي جيڪو ’ڪتاب الصيدنہ‘ جي باقي ٻين نسخن مطابق آهي. برصا واري نسخي ۾ ’هَلِزر‘ يا ’هَلذِر‘ لکيل آهي، (۽ اها د ۽ ذ جي تبديلي جائز آهي.) هن وقت سنڌي ۾ ’هيڊر‘ ۽ هندي ۾ ’هلدي‘ سڏجي. سنڌي جي هاڻوڪي اُچار ۾ آڳاٽي اُچار واري آخري ’ر‘ اڃان تائين موجود آهي - ان وقت سنڌ ۾ ’هيڊر‘ کي ’هلدر‘ سڏيندا هئا.]

هي رنگ جو ڳاڙهيرو ۽ وڻندڙ خوشبوءِ وارو ٻُوٽو آهي. بشر جي چوڻ موجب ’لعشرق‘ ساڳيو ’سَنامڪي’ آهي ۽ سنڌي ۾ ’تترک ۽ يا ’قوال سريشي‘ سڏين. [مٿي بيروني ’سماق‘ جو پڪو سنڌي ۽ هندي نالو ’تتل’ ڏنو آهي، پر ائين پڻ ڄاڻايو اٿس ته ڪن جي چوڻ موجب ان کي ’تتر‘ پڻ سڏين. هت بشر جي بيان موجب ’العشروق‘ ساڳيو سَنامڪي آهي ۽ سنڌي ۾ العشروق توڙي سنامڪي کي ’تترڪ‘ يا ’قوال سريش‘ سڏين. عربي اچار ’قوال سريش‘ مان اصل سنڌي اُچار ’ڳوال چرش‘ يا ’ڳنوار چرش‘ جو گمان نڪري ٿو.]

هندي ۾ ’ڪُسُنۡب‘ فارسي ۾ ’اسپرگ‘ ۽ سنڌي ۾ ’رنج ثاون‘ سڏين. [برصاواري نسخي ۾ ائين آهي، پر ڪراچي ڇاپي ۾ ان جو حوالو ڏنل ڪونهي. ان جي بدران فارسي ۽ سنڌي نالي واري عبارت ٻئي هڪ نسخي جي حاشيي تان ورتل آهي ۽ اها هن طرح آهي: ”بالفارسيہ اسپرگ و بالسندية رنج ثاون (؟) وفيہ نظر“. ’رنج ثاون’ جي آڏو سوال جي نشاني يا بعد ۾ شڪ وارا الفاظ ته ’فيہ نظر‘جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته برصا واري نسخي ۾ صاف ’رنج ثاون‘ لکيل آهي. هندي نالي ’ڪُسنب‘ مان ظاهر آهي ته هي ’کُهنبو‘ آهي ’رنج ثاون‘ يقيني طور سنڌي نالي ”رنگ ساوڻ“ جي صورت آهي. ان وقت ’کهنبي‘ کي سنڌي ۾ ’رنگ ساوڻ‘ پڻ سڏيندا هئا. ساوڻ ۾ رنگ برنگي ڪڪر ٿين ٿا ۽ انهي لحاظ سان ’ساوڻ رنگ‘ ڄڻ ’کهنبي ورن‘ اهي. هن وقت تائين جي سينگار شاعري ۾ اها تشبيہ عام آهي.]

بشر جي چوڻ موجب ان کي فارسي ۾ ’روباد زح‘ ۽ سنڌي ۾ ’قواد‘ چون. ڪراچي ڇاپي جي ايڊيٽر حاشيه ۾ ’برهان قاطع‘ جي سَند سان ٻيو فارسي نالو ’روباه ترمک‘ لکيو آهي، ۽ پڻ ڄاڻايو اٿس ته هندي ۾ هن کي ’مڪو‘ چون.]

بشر جي چوڻ موجب فارسي ۾ هن کي ’دهمست‘ ۽ سنڌي ۾ ’شنکر‘ سڏين. هي ’لوبيا‘ جي داڻن جيڏا داڻا، رنگ ۾ سفيدي - پِيلاڻ ڏي مائل آهن. [ڪراچي ڇاپي جي ايڊيٽر ڄاڻايو آهي ته ’سنڪر‘ لفظ ’مدار الافاضل‘ لغات (279X2) ۾ موجود آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو سنڌي نالو ڪنڊي جي وڻ جي ’شڱر‘ جو هجي. سڱرن ۾ اندران جيڪي ٻج ٿين ٿا سي سفيدي ۽ پيلاڻ ڏانهن مائل آهن.]

بيروني چوي ٿو ته: لغت جي ماهر اِبن دُرَيۡد جي ’ديوان اللغہ‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته هند (سنڌ سميت هندستان) ۾ هي کجيءَ مثل هڪ وڻ آهي، جنهن جي ٻهارن مان ڇڪا ۽ تڏا ٺاهين (يتخذمن خوصة الغرائر والحُصُر)؛ پر مون کي منصوره (سنڌ) جي شهرين ٻڌايو ته: هي هڪ وڻ آهي جنهن  کي سِيراف، عُمان، ۽ بصري وارا ”الخوص المکري“ يعني ’مڪراني کجي‘ سڏين. منصوره جي سهر وارا پاڻ مقامي طور عربي ۾ ان کي ’الغصِف‘ چون ۽ ان جو سنڌي نالو ’قلنج‘ آهي. مڙس جي قد جيڏو ٿئي. ان ۾ ڦر ٿئي جنهن ۾ سخت گول ککڙيون آهن، جنهن مان تسبيح جا داڻا ٺاهين.

[غالباً] ڦِيش جو ٻُوڙو].

’فلفل اَسود’ (ڪاري رنگ وارن) کي هندي ۾ ’مِرَچ‘ چون ۽سنڌي زبان ۾ ’مَرچ‘. [ڪارن مرچن جو بيان آهي. ڇاپي ۾ ”بالسغدية“ (’سُغدي ٻولي‘) ۾ لکيل آهي. پر غالباً اصل صحيح لفظ ”بالسنديہ“ هوندو (يعني سنڌي ٻولي ۾)، ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ هندي ٻولي (”بالهندية“) جو ذڪر آهي. ڪتاب الصيدنہ جي ٻئي هڪ قلمي نسخي (ق) ۾ پڻ ’بالسغديہ‘ جي بدران ’بالسنديہ‘ لکيل آهي. هن وقت سنڌي ۾ ’مرچ‘ لفظ ’م‘ جي زير سان اُچارجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته هڪ هزار سال اڳ بيروني واري وقت ۾ ’مِرچ‘ (’م‘ جي زبر سان) چوندا هجن.]

هندي ۾ ان کي ’منت‘ چون ۽ فارسي ۾ ’روين‘. [’منت‘ صورتخطي، سنڌي جي اُچار مڃٺ،  سان ملي ٿي. هندي اچار ’مَجيڻهه‘ آهي. بيروني چوي ٿو ته سٺي قسم جي مڃٺ بلخ ۽ آرمينيا مان جرجان، سيستان ۽ مڪران ڏانهن ويندي هئي ۽ اتان پوءِ هند ۽ زنج (آفريقا) ڏانهن نيندا هئا. ظاهر آهي ته مڪران کان پوءِ سنڌ ۾ آڻيندا هوندا ۽ تان پوءِ هند ۾. انهيءَ لحاظ سان مقامي سنڌي نالي ’مڃٺ‘ جي پويان ئي هندي نالو ’مَجِيڻهه‘ پيو هوندو. عربي نالي جي لفظي ترجمي مطابق انگريزي ۾ Dyuer’s madder چون.]

بشر جي چوڻ موجب هن کي هندي ۾ ’طج‘ ۽ سنڌي ۾ ’حادطج‘ چون. [عوام ۾ هي ’دارصيني‘ (دالچيني) جي نالي سان مشهور آهي. ‏[سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ بعضي ’تج‘ نالو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر هن وقت عام سنڌي نالو ’دالچيني’ آهي، جيڪو عربي نالي ’الدارصيني‘ جي پويان مشهور ٿيو. ’حادطج‘ شايد اصل ۾ ’حارطج‘ هجي يعني ’گرم تج‘ - دالچيني جو اثر گرم آهي.]

بشر جي چوڻ موجب (’د‘ سان) ’قرد مانا‘ توڙي (’ط‘ سان) ’قرطمانا‘ چون ۽ اهو رومي نالو آهي. فارسي ۾ ’کرويا رومي‘ سڏين ۽ سنڌي ۾ ’بہ سود‘ چون. [ڪراچي ڇاپي جي ايڊيٽر Gray جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته ان جو انگريزي نالو Carum Cravi  آهي.]

ڪَرفس کي فارسي ۾ ’ڪرفس جويني‘ چون. هندي ۾ ان جي پاڙ کي ’ڪَهربا‘ ۽ ان جي ککڙي کي کهرنج چون. بشر جي چوڻ موجب ’بزرالڪرفس‘ کي سنڌي ۾ ”کهر سفائج“ چون. [’ڪرفس‘ جو بيان جدا ڏنل آهي ۽ ان کان پوءِ ’ڪرفس جبلي‘ جو بيان جنهن جي هيٺ بشر جو مٿيون حوالو ڏنل آهي. ڪراچي ڇاپي ۾ ’کهر سفائج‘ آهي. بُرصا واري نسخي ۾ ”کهر سفايج“ آهي. ’کهر سفائج‘ توڙي ’کهر سفايج‘ مان اصل سنڌي نالي ”گهر صفائي“ جو گمان نڪري ٿو. هن وقت سنڌ جي پسارين وٽ ’منهن صفائي‘ جي نالي سان هڪ وکر موجود آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو اڳ ’گهر صفائي‘ سڏبو هجي.]

اصل فارسي نالو ’گزمارگ‘ آهي. هي ٻج آهي جيڪو لامن ۾ ٿئي ٿو  (ثمراة الطرفاء). ’الرسائلي‘ جي چوڻ موجب هي ’جوز الاثل‘ آهي. هندي ۾ ان کي ’ساکور‘ سڏين. [’گز‘ فارسي ۾ ليي جي وڻ کي چون. ’ساکور‘ لفظ ساڳيو سنڌي ’ساڪڙ‘ آهي.]

رومي ۾ ’قومينون‘ سرياني ۾ ’کمونا‘ ۽ هندي ۾ ’جيره‘ چون. ٻئي بيان موجب سرياني ۾ ’کمونا‘ توڙي ’زيرا‘ چون ۽ هندي لفظ ’جيره‘ سرياني تان ورتل آهي. اڃان به ٻئي بيان موجب سرياني ۾ ’کموناهند‘ ۽ فارسي ۾’زيره هندو سياه‘ سڏين.. بشر جي چوڻ موجب هندي ۾ ’اجاحي‘ ۽ سنڌي ۽ ’جيروا‘ سڏين. [سنڌي نالو فقط بشر ڏنو آهي. ’جيرو‘ کي آڏو ’الف‘ ڏيئي ’جيروا‘ ڪري لکيو آهي.]

مختلف بيانن موجب هڪ قسم جو کؤنر آهي. بشر ڀانيو ته ’جذاب الحشيش‘ جو نالو ڪهريا يا قهربا آهي ۽ سنڌي ۾ ان کي ’سونده وينا‘ چون.

هن تي ’لُبني‘ نالو انهيءَ ڪري پيو جو ’لبن‘ (کير) کي ڄمائي ٿي. بشر چوڻ موجب هن کي فارسي ۾ ’فتار و خشک‘ ۽ سنڌي ۾ ’شلهاد‘ چون. [برصا واري نسخي جي پڙهڻي ’لِبُني’ ۽ ’شلهاد‘ آهي. ڪراچي ڇاپي ۾ ’لُبني‘ ۽ ’شلها‘ لکيو ويو آهي. tyrax tree]

بشر جي چوڻ موجب هن کي فارسي ۾ ’مُرغ زفانک‘ (= مرغ زبانکہ يعني ’پکي (جي) زبان‘) ۽ سنڌي ۾ ’اِندرَ جَو‘ چون. ’اندَ رجَو‘ مان ’اندر ڄڀ‘ جو گمان نڪري ٿو.

هي ’سياق الا نجدان‘ آهي، ۽ ڪي چون ٿا ته هي ’اشترعار‘ آهي. اهو حنيفہ (ڪتاب النبات) جي لکڻ موجب هي ’اصول الانجدان‘ (الطيب‘ يعني خوشبودار انجدان جو ٿڙ آهي. فارسي ۾ ان کي ”گز انگدان خوش“ ۽ سنڌي ۾ لفظ (پڙهڻ ۾ نه آيو) چون. ڪراچي ڇاپي جي ايڊيٽر ’محروث‘ جو انگريزي ۾ نالو Asfoetida ڄاڻايو آهي.)

هندي ۾ هن کي ’جاطييرس‘ ۽ سنڌي ۾ ’بول‘ چون. [هي عبارت ڪتاب الصيدنہ جي برصا واري نسخي جي حاشيہ ۾ قلمبند ٿيل آهي. ڪراچي ڇاپي ۾ وچ وارا فقرا کٽل آهن ۽ فقط ائين لکيل آهي ته ”هندي ۾ هن کي ..... ’بول‘ چون.]

خليل هن جو نالو ’کِباء‘ (ڪباء) ڄاڻايو آهي. بشر جي چوڻ موجب سنڌي ۾ هن کي ’کبہ‘ ۽ فارسي ۾ ’ريباس‘ يا ’ريباست‘ چون. حمزه هن جو نالو ’کبہ‘ لکيو آهي.

[سنڌي نالو ’کبہ ڪراچي ڇاپي مطابق آهي. هيٺ حاشيہ ۾ هڪ نسخي جي پڙهڻي ’کيہ‘ آهي. برصا واري نسخي جي پڙهڻي پڻ غالباً ’کِيہ‘ آهي. جيئن ته خليل ۽ حمزه به ’کِباء‘ ۽ ’کبہ‘ ڏنو آهي، انهي ڪري سنڌي نالو به ’ڪبہ‘ ٿيندو جئين ته اهو نالو اڳ جي عرب عالمن جي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي، انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو ته ساڳيو عربي نالو سنڌ ۾ رائج ٿيو.]

حمزه چوي ٿو ته هي هڪ قسم جي ڳاڙهي مٽي (الطين الاحمر) آهي. بشر جي لکيي موجب هن کي فارسي ۾ ’گِل سُرخ‘ ۽ سنڌي ۾ ’دهان‘ چون. [’الطين الاحمر‘ يا ’گِل سُرخ‘ معنيٰ ڳاڙهي مِٽي. ڪراچي ڇاپي جي متن ۾ ’دهان‘ ڏنو ويو ۽ هيٺ حاشيہ ۾ ڄاڻايل آهي ته برصا واري نسخي جي پڙهڻي ’دهاز‘ آهي. راقم برصا واري نسخي جي مطالعي وقت اها پڙهڻي قلمبند ڪانه ڪئي، پر صحيح سنڌي نالو ’دهاء‘ (=ڌاء) ٿيندو. ڌاء پٿرائين ڳاڙهي مٽي آهي جيڪا ڪنڀار ٿانون جي چٽن ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪن.]

’منج‘ عربي نالو آهي. فارسي ۾ ’کونک‘ ۽ سنڌي ۾ ’ففي‘ چون. اهو وڏن معجونن ۾ ڪم اچي ٿو، پر ’بنج‘ (ڀنگ؟) ناهي. ان کي ’منج‘ زريق شتان‘ ۽ پڻ ’منج طوراني‘ چون. [’ففي‘ مان مراد پپي آهي. يعني پست جي ڏوڏي؟]

هندي ۾ ’ناگ کيسر‘ چون۽ سنڌي ۾ ’نارعفف‘. ٻئي هڪ نسخي موجب ’ناروقيسر‘ ڏنل آهي. ٻين ڪتابن ۾ آهي ته هند وارا هن کي ’ناگيست‘ سڏين. صحيح هندي نالو ’ناگر متر‘ ۽ پڻ ’ناکفف‘ يا ناکيس‘. اهو هڪ سٺي خوشبوءِ وارو گل آهي، جنهن جا ورق گلنار‘ جهڙا آهن. [سنڌي نالي ’نارعفف‘ توڙي هندي نالي ’ناکفف‘ ۾ آخري ’ف‘ شايد اصل ۾ ’ن‘ هجي ۽ سنڌي نالي ’نار عفف‘ واري ’ع‘ شايد اصل ۾ ’غ‘ هجي، انهيءَ لحاظ سان ’ناغفن‘ ۽ ن’کفن‘ مان نانگڦڻ‘ جو گمان نڪري ٿو.]

سنڌي ۾ هن کي ’جوان‘ چئجي. بشر جي چوڻ موجب فارسي ۾ هن کي ’نغمن خوالان‘ يا ’ناخواه، چون. [ڪراچي ڇاپي جي ايڊيٽر حاشي ۾ ڄاڻايو آهي ته برصا جي نسخي توڙي ’ق‘ نسخي جي پڙهڻي ’ج‘ جي زير سان ’جِوان‘ آهي پر ٻين نسخن ۾ ’ج‘ جي پيش سان ’جُوان‘ آهي جيڪا ڇاپي جي متن ۾ رکي وئي آهي. موجوده وقت ۾ سنڌي اُچار ’جُواڻ‘ يا ’جاڻ‘ آهي. ٿر طرف ’اَجمون‘ پڻ چون.]

فارسي ۾ ’نشاسہ‘ ۽ سنڌي ۾ ’کيسوان’ کير‘ چون. اهو ساڳيو ’لباب قمح‘ آهي. [’لباب قمح‘ يعني ڪڻڪ جو لباب يعني نشاستو. ’کيسوان کير‘ = ’ڳيهوان کير‘. ’ڳيهوان‘ معنيٰ ’ڳيهون جو‘ = ڪڻڪ جو. ’ڳيهوان کير‘ معنيٰ ڪڻڪ جو کير يعني نشاستو.

اهو ڳاڙهو بُورق آهي ۽ سنڌي ۾ ’رطرولموس‘ يا ’رطرولمس‘ چون. [برصا واري نسخي ۾ ’رطرولمس‘ آهي ۽ ڪراچي ڇاپي ۾ ’رطرولمس‘ لکيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌي اُچار ’رطرولمس‘ اصل ’نطرون‘ جي بگڙيل صورت هجي.

اهو ’سيسَنۡبَر‘ آهي. سنڌي توڙي فارسي ۾ ’سۡسَرم‘ سڏجي.

سنڌي ۾ ’شُنوا‘ ۽ فارسي ۾ ’آهک‘ چون. [اصل ۾ غالباً ’شُنو‘ جنهن کي آڏو ’الف‘ ڏيئي ’شنوا‘ ڪري کيو ويو آهي. ’شُنو‘ يعني ’چنو‘.]

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org