سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو ٻيو

صفحو :5

باب پنجون

اِيئن ٿيندو، اِيئن ٿيندو.

مـُـربيءَ پنهنجي حـُـجري مان قريباََ پنجويهه منٽ غيرحاضر رهيو. اُن وقت ساڍا ٻارنهن ٿيا هئا، پر دمتري، جنهن لاءِ هـُـو سڀ اُتي اَچي گڏ ٿيا هئا، اَڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. معلوم ايئن پئي ٿيو، ته هن کي ڄڻ ته سڀني وساري ڇڏيو آهي. مربي وري جڏهن پنهنجي حـُـجري ۾ داخل ٿيو، ته هن ڏٺو ته سڀئي مهمان نهايت شوق مان گفتگوءَ ۾ مشغول آهن. ايون ۽ ٻه راهب اُن ۾ وڏو حصو وٺي رهيا هئا. موسيوف به اُن ۾ حصي وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر هن ۾ به هـُـو ڪامياب ٿي نه سگهيو هو. کيس فرصت ئي نه ٿي ملي، جو پاڻ کي نمايان بڻائي سگهي. هـُـن جو به ڳالهايو ٿي، اُن ڏانهن ڪنهن به توجهه نه ٿي ڏنو، جنهن ڪري سندس غصو وڌندو ٿي ويو. ايونا سان سندس اڳ ۾ گهڻيون ئي شعوري  ۽ ذهني ملاقاتون ٿي گذريون هيون، مگر هن دفعي، هـُـو سندس بي توجهيءَ کي، جو ساڻس ڏيکاري رهيو هو، برداشت ڪري نه ٿي سگهيو. هن خيال ڪيو ته:

 ”هن کان اڳ ۾، مان ترقي پذير يورپ جي پهرئين قطار ۾ اول هئس، مگر هتي، هن نئين نسل، اسان کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيو آهي.“

فيودور  پاولووچ، جنهن واعدو ڪيو هو، ته هـُـو خاموش ۽ چـُـپ رهندو، ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ رهيو، پر هـُـو پنهنجي پاڙيسري موسيوف کي ٽوڪ ۽ طنزيه نموني زيرلب مـُـشڪ سان نهاريندو رهيو ۽ اُن جي اعصابي تڪليف کي ڏسي خوش پئي ٿيو. گهڻي وقت کان هن چاهيو ٿي، ته اُن کان انتقام وٺي. انڪري هيءُ موقعو به سندس هٿ ۾ آيو هو، اُن کي هن وڃائڻ نه ٿي گهريو. آخر، هـُـو پنهنجي خودداريءَ کي روڪي نه سگهيو، سندس ڪلهي جي ويجهو ٿي، چيڙائڻ جي نموني سرگوشي ۾ چيو ته:-

 ”اوهان اُن وقت ئي ڇو نه هليا ويا، جڏهن خوش خلقي سان مربي کي چمي ڏني هـُـيوَ؟ اوهان ڇو هن فاسد سنگت ۾ موجود رهڻ جي قبوليت ڏني؟ هيءُ سڀ شايد اِن لاءِ هو، ته اوهان کي، جا تڪليف پهتي ۽ بي عزت ڪيو ويو، اُن لاءِ اوهان ترسي، پنهنجي هوشياريءَ سان انتقام وٺڻ گهريو آهي. هاڻي اوهان ايستائين وڃي به نه ٿا سگهو، جيستائين اوهان پنهنجي هوشياريءَ کي هـِـنن تي ظاهر نه ڪريو.“

 ”تون وري ...... تنهنجي ڳالهين جي برعڪس مون کي وڃڻ گهرجي.“

 ”تون ڪٿان ويندين؟ تون ته پويون هوندين جو هتان ويندين؟“  فيودور پاولووچ طعني طور کيس ٻي ضرب هنئين. عين اُن وقت زوسيما به اَچي پهتو.

سڄو بحث هڪ لحظي لاءِ بند ٿي ويو. مگر مربيءَ پنهنجي اڳينءَ نشست تي ويهندي، سڀني کي اهڙيءَ طرح پيار سان ڏٺو جو ڄڻ چاهيائين ٿي ته اِهو گفتگو جاري رهي. اِليوشا، جو سندس چهري جي نشيب ۽ فراز جو ڄاڻو هو، ته هـُـو حد کان وڌيڪ ٿڪل آهي ۽ ڏاڍيءَ ڏُ کيائيءَ سان استقامت اختيار ڪئي اَٿس. سندس ناتواني اِنهيءَ حد تي پهتل هئي، جو ٿي سگهيو پئي، ته هـُـو بيهوش ٿي وڃي. سندس چهرو گوماٽجي ويو هو، جو اڪثر اِهڙي دوري کان اڳ ۾ لڳندو آهي. سندس چـَـپَ سفيد ٿي ويا هئا، پر اُن هوندي به هـُـن نه ٿي چاهيو، ته اُن جماعت کي منتشر ڪري. ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ته اُن جماعت کي ترسائڻ ۾ سندس ڪو خاص مطلب هو. ڪهڙو مطلب هوندو؟ اليوشا نهايت غور سان کيس جاچي رهيو هو.

پادري ايوزف، لئبررين، اَيون ڏي اشارو ڪري، مربيءَ کي چيو ته،  ”مان سـَـکر ماڻهوءَ سان هڪ دلچسپ مضمون تي بحث ڪري رهيو آهيان. هيءُ اهڙيون شيون پيش ڪري رهيو آهي، جي جديد آهن، پر مان خيال ڪريان ٿو، ته دليل ٻنهي طرفن جا مضبوط آهن. هن سکر ماڻهوءَ، هڪ ڪتاب جو، جنهن کي ڪليسا وارن، ڪليسائي ضابطي ۾ اُن جي حدن بابت لکيو آهي، جواب ڏنو آهي.“

 ”مون کي ڏک آهي جو مون اِها تحرير نه پڙهي آهي، پر مون اُن جي لاءِ ٻـُـڌو ضرور آهي.“  مربي ايون ڏانهن پـُـر شوق ۽ سواليه نگاهن سان ڏٺو.

پادري ايوزف لئبررين، پنهنجي گفتگو جي سلسلي کي جاري رکندي چيو ته،  ”هـِـن بحث ۾ هـِـن سکر ماڻهوءَ، نهايت دلچسپ مقام حاصل ڪيو آهي. هيءُ صاف طرح هن حقيقت جو انڪاري آهي، ته ديول کي رياست کان جدا ڪيو وڃي.“

مربي زُوسيما، اَيون کان پڇيو ته،  ”هيءُ دلچسپ ته آهي پر ڪهڙي مراد سان؟“

ايون، اِليوشا جي تصـور جي خلاف، جنهن کي خوف هو، ته هـُـو شـُـتر بي مهار ٿي گفتگو ڪندو، گستاخيءَ واري آواز کي ڇڏي، نهايت نهٺائيءَ ۽ ادب واري آواز ۾  چيو ته:

 ”منهنجو عقيدو هن نظريي تي آهي، ته هيءُ ٻه شيون، يعني ڪليسا ۽ رياست، جيڪڏهن گڏ رهن، ته کين ابديت حاصل ٿي ويندي. جيتوڻيڪ هيءُ به ناممڪن ٿو نظر اَچي، ته هي ٻئي پاڻ ۾ شامل رهي سگهنديون. ڇاڪاڻ ته هنن جي بنيادي اُصولن جي مونجهاري سبب، سندن يڪسانيت مان مفيد نتيجا ظاهر ٿين، ناممڪن آهي، ڇو ته ٺاهه جي بنياد ۾ ئي دروغ گوئي هوندي. ڪليسا ۽ رياست ۾ ساز ۽ سـُـلوڪ اَچي، خاص طرح اهڙن سوالن ۾ مثلاََ: اختيار سماعت جو حـَــدون - صحيح معنيٰ ۾ ٺاهه جو باعث ٿينديون؟ منهنجي خيال ۾ هيءُ نهايت مشڪل آهي.

هيءُ مذهبي جماعت جو نمائندو، منهنجو مخالف ٻـُـڌائي ٿو، ته ڪليسا کي رياست ۾ صحيح ۽ واضح مقام حاصل آهي. مان ته سندس برعڪس، هن خيال جو آهيان، ته سڄيءَ رياست کي ڪليسا ۾ ضم ڪرڻ گهرجي. نه ايئن ته اُها اُن جي ڪنهن گوشي ۾ هجي! جيڪڏهن اِهو ڪن سببن جي ڪري هاڻي ناممڪن آهي، ته اُن کي حقيقي معنيٰ ۾ ترتيب ڏيڻ گهرجي، ته جيئن عيسائي سماج ۾ آئندي ترقيءَ کي سنئون سـِـڌو، حاصل ڪري سگهجي.“

 ”بلڪل صحيح“. پاديسي راهب، جو خاموش ۽ وڏو عالم هو، پنهنجي فيصلائتي راءِ ڏني.

 ”هيءُ خالص مذهبي تعصب آهي“. موسيوف بي صبريءَ مان ٽنگن کي هيڏي هوڏي لوڏيندي چيو.

راهب ايوزف رڙ ڪري چيو ته،  ”ٺيڪ آهي، اسان جي اڳيان ڪوبه پهاڙ نه آهي“. هن مربيءَ ڏي رُخ ڪري، گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکيو ته،  ”اوهان مهرباني ڪري منهنجي مخالف جي جواب تي غور ڪريو. هيءُ هڪ بنيادي ۽ ضروري مسئلي تي ڳالهائي رهيو آهي. سندس گفتگو مان اوهان کي معلوم ٿيندو، ته هيءُ ڄڻ ته ڪليسا جو ڪو عهديدار آهي. هيٺيون بنيادي ڳالهيون وضاحت طلب آهن.

پهريون، ڪنهن به جماعت کي هيءُ حق نه ٿو پهچي، ته هـُـو پنهنجي ارڪان جي شهري ۽ سياسي حقن کي پنهنجي تصرف ۾ رکي. ٻيو ڪليسا کي ڪنهن به ريت هيءُ حق نه آهي، ته سماجي ۽ فوجداري ڳالهين کي پنهنجي اختيار سماعت ۾ آڻي، ڇاڪاڻ ته هي خدائي اداري سان گڏ، انسانن لاءِ مذهبي ڳالهين جو هڪ خالص ۽ پاڪ نظام آهي. آخري ۽ ٽئين ڳالهه هيءَ ٿي اَچي، ته ڪليسا هن جهان جي بادشاهت نه آهي“.

 ”هيءَ غلط گوئي ۽ لفاظي، هڪ ڪليسا جي عهديدار کي نه ٿي سونهي!” راهب پاديسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته،  ”مون اُن ڪتاب کي پڙهيو آهي، جنهن جو تو جواب ڏنو آهي“. هن اَيون کي خطاب ڪري چيو،  ” ۽ مان هنن لفظن تي ته ڪليسا هن جهان جي بادشاهت نه آهي - عجب کاڌو. واقعي جيڪڏهن هيءَ جهان جي بادشاهت نه آهي، ته پوءِ هن جو وجود زمين تي ڪونه آهي. انجيل ۾ جي لفظ - هن جهان مان نه آهي - چيا ويا آهن، اُنهن کان اِها مراد نه آهي، جا ورتي وڃي ٿي. هنن لفظن سان کيڏڻ، ناقابل حمايت آهي. يسوع مسيح دنيا ۾ ڪليسا کي برپا ڪرڻ لاءِ آيو. آسماني بادشاهت بيشڪ هن جهان جي نه آهي، پر آسماني آهي، پر ڪليسا جي وسيلي ئي، جنهن کي هن زمين تي قرار آهي، آسمان ڏي وڃي سگهجي ٿو. پوءِ اهڙن لفظن سان ٻٽي معنيٰ ۾ کيڏڻ نه فقط غلط آهي، پر اُن کي ڪڏهن به بخشي نه ٿو سگهجي. حقيقت ۾ ڪليسا هڪ بادشاهت آهي ۽ حڪومت ڪرڻ جي حقدار آهي. اهـُـا سڄي زمين تي قابض ٿي ويندي، جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي“.

اَيون فيودورووچ، جو نهايت احترام سان کيس ٻـُـڌي رهيو هو، ٻيهر زوسيما کي خطاب ڪيو، سندس گفتگو ۾ اڳي وانگر سنجيدگي ۽ سادگي ٿي ڏٺي.

 ”منهنجي مقالي جو بنيادي فڪر هيءُ آهي ته قديم زماني ۾ يعني ٽي صديون اڳ، مسيحت اڪيلي، فقط ڪليسا جي صورت ۾ زمين تي ظهور ڪيو. اُن وقت روم جي مشرڪ حڪومت جي خواهش هئي، ته مسيحي دين ۾ اَچي. هـُـو عيسائي بڻجي ويا ۽ ڪليسا کي پاڻ سان شامل ڪيائون، پر سندن رياست سڀڪنهن طور ۽ طريقي سان مشرڪ ٿي رهجي وئي. حقيقت ۾ اِهو سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته روم جي شهنشاهيت رياست جي حيثيت ۾، حد کان وڌيڪ مشرڪاڻي تمدن ۽ تهذيب کي پنهنجي اندر محفوظ ٿي رکيو. مثال طور، ڪيئي بنيادي رياست جا اُصول. عيسائي ڪليسا، رياست ۾ شامل ٿيندي ئي بيشڪ اُن جي بنيادي اُصولن جي ڪنهن به حصي جي سامهون نه جـُـهڪي. هـُـو پهاڙ وانگر قائم رهي، هـُـن ڪنهن به ٻئي مقصد ۽ اِرادي کي گرفت ۾ آڻڻ نه گهريو، پر جو ڪجهه خدا جي طرف کان الهامي طور مقرر ٿيو. هـُـن سڄي دنيا کي پاڻ ڏي ڇـِـڪيو ۽ قديم مشرڪ رياست پاڻ ڪليسا ۾ شامل ٿي وئي. اهڙيءَ ريت (جنهن تي مستقبل جي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي) هيءُ ڪليسا جو ڪم نه آهي، ته پنهنجي مقرر ٿيل مقام کي رياست ۾ ڳولي. جيئن هر ڪو سماجي نظام يا انسان جي مذهبي مقصدن جو نظام چاهي ٿو. (جنهن کي منهنجو مخالف ڪليسا سڏي ٿو.) برعڪس اُن جي، سڀ ڪا زميني رياست، آخر ۾ مڪمل طور تي ڪليسا ۾ مدغم ٿيڻ گهرجي ۽ اُنهن سڀني مقصدن کي رد ڪري ڇڏي، جن جو ڪليسا سان ٽڪراءُ ٿئي. هيءُ، هن کي خفيف نه ڪندو نه وري اُن جي حيثيت گهٽجي ويندي، نه وري اُن جو شان ۽ شوڪت، هڪ عظيم رياست کان گهٽ ٿيندا نه وري اُن جي حاڪمن جي شان ۾ ڪا گهٽتائي ايندي. هي تنهن کي ڪوڙي، مشرڪاڻي ۽ غلط رستي کان بچائي، صحيح ۽ سچي راهه ڏي وٺي ويندي، جو تنها رستو ان کي غير فاني منزل ۽ مقصد ڏي وٺي ويندو. اِهوئي سبب آهي، جو ’اُصول عدالت مذهبي‘ جي مصنف پوري تور ۽ تڪ سان، اُنهن بنيادي حقيقتن کي ڳولي ۽ لکيو آهي، جنهن کي هـُـو اسان جي پـُـر گناهه ۽ نامڪمل دور جي لاءِ عارضي ٺاهه ٿو سمجهي. پر جڏهن مصنف هي خوفائتو اظهار ٿو ڪري، جنهن جي ڪجهه حصي کي راهب ايوزف هاڻي  شمار ڪيو آهي - دوامي آهن. تڏهن هـُـو سنئون سڌو ڪليسا جي مخالفت ٿو ڪري. هيءُ هڪ مقدس ۽ جاوداني شغل آهي ۽ بس. هيءُ  منهنجي مقالي جو تـَـتُ آهي.“

 ”اِها ئي مختصر حقيقت آهي“. راهب پاديسي پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکندي چيو. هـُـو هر هڪ لفظ کي ڇنڊڻ ۽ ڇاڻڻ لڳو.  ”ڪن اُصولن جي مطابق، جي اُڻويهين صدي عيسويءَ ۾ وضاحت سان بڻايا ويا آهن، ڪليسا کي رياست ۾ مدغم ٿيڻ گهرجي. اِها ڄڻ ته نشيب کان فراز ڏي چڙهائي ٿيندي. اُن ۾ غائب ٿي وڃڻ سان اسان علم لاءِ هڪ راهه بڻايون ٿا، جا هن دور جي تهذيب ۽ تمدن جي روح ڏي وٺي ويندي، پر ڪليسا جيڪڏهن ابتڙ زور ڏنو ۽ آمادگي نه ڏيکاري، ته اُن جو  ڪو حصو جدا ٿي رياست سان وڃي ملندو ۽ اُن جي پوري ضابطي هيٺ هوندو. هيءُ جديد مغربي ملڪن ۾ جتي ڪٿي عام ٿي ويندو. مگر روسين جون اُميدون ۽ ذهني تصور، هيءُ نه ٿو چاهي ته ڪليسا نشيب کان گذري، رياست جي مٿاهين قسم تي پهچي. ان جي برعڪس هـُـو چاهين ٿا، ته رياست جي پڇاڙي تڏهن سـَـرهي ٿيندي، جڏهن هـُـو محض ڪليسا بڻجي وڃي ۽ نه ٻيو ڪجهه. اِيئن ٿيندو، اِيئن ٿيندو!”

موسيوف پنهنجي ٽنگ وري ڦيرائيندي ۽ مشڪندي چيو ته،  ”مان قبول ٿو ڪريان ته تو مون کي ڪجهه نه ڪجهه تسلي ڏني آهي. جيستائين مان خيال ٿو ڪريان ته معلوم ايئن ٿئي ٿو، ته هيءُ معيار گهڻو دور آهي، ايترو دور، جو جيستائين مسيح دنيا ۾ وري اَچي. لڙائي تي بندش، سياست ۽ بئنڪاري، هي يوٽوپيا جو هڪ خواب آهي. يعني جهان تي سوشلزم جي حڪومت قائم ٿي ويندي. مان ڏسان ٿو ته ڪليسا دادرسيءَ جي لاءِ تيار ٿي ويندي. ڏوهارين تي مقدمو هلائڻ ۽ اُنهن کي چهبڪ هڻائڻ، قيد جي سزا ڏيڻ ۽ موت جي حد تائين، اُن جا اختيار رهندا.“

 ”پر جيڪڏهن فقط ڪليسا جي عهديدارن جي ڪورٽ رهي ته پوءِ اُنهن کي هن سزائن ڏيڻ جي ضرورت ئي نه رهندي. ڏوهه ۾ اُنهن تي مقدمي هلائڻ جون راهون ئي بدلجي وينديون. اِهو ڪم يڪدم ته ٿي نه سگهندو، پر آهستي آهستي.“  ايون، گهٻرائڻ کانسواءِ نهايت ڳنڀير ٿي چيو.

 ”توکي هن جي پـَـڪ آهي،“ موسيوف کيس پر شوق نگاهن سان ڏٺو.

 ”جيڪڏهن ڪليسا کي اِهي اختيار مليا، ته هـُـو پنهنجي اندر سڀني ڏوهارين ۽ نافرمانن کي شامل ڪندي، سندن مٿا ڪونه وڍيندي.“  ايون گفتگو جو سلسلو جاري رکندي چيو. مان اوهان کان پڇان ٿو، ته هن شموليت جو ڪهڙو اَثر پوندو؟ ڪوبه ڏوهه ڪرڻ سان، ماڻهن کان نه پر جناب مسيح کان پري ٿي ويندو. هن گويا ڏوهه ڪرڻ سان انسانيت جي خلاف ورزي نه ڪئي هوندي، پر خود جناب مسيح جي. مان يقين سان چوان ٿو بي شڪ هاڻي به ايئن آهي، پر اُن جي صاف وضاحت نه آهي. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اَچي ته ڪو ڏوهاري، پنهنجي ضمير کي هيئن چئي تسلي ڏئي ٿو، ته ’مان وري ڪريان ٿو، پر ڪليسا جي خلاف ته نه ٿو وڃان. مان جناب مسيح جو دشمن نه آهيان.‘ پر جيڪڏهن ڪليسا، رياست جي بجاءِ جاءِ وٺندي ته، هن جي لاءِ هيءُ مشڪل ٿي پوندو جو ڪليسا جي مخالفت ڪري، جا سڄي دنيا تي ڇانيل آهي. ۽ اِيئن چوڻ ته سڀ ماڻهو غلطيءَ تي آهن ۽ سڄي انسانيت، ڪليسا جي ڪوڙ ۽ فريب ۾ ورتل آهي، بيهودگي  ٿيندي. مان چور ۽ قاتل جي هوندي به پـَـڪو مسيحي آهيان، ڪليسا جي ضابطي هيٺ چئي نه سگهبو. اُن جي لاءِ غير معمولي اسباب جي ڪامياب جوڙجڪ هئڻ کپي.

ٻئي طرف ڪليسا جي ڏوهه بابت پنهنجو تصور ملاخطه ڪريو. ڇا ُها پنهنجي موجود مشرڪاڻي طور ۽ طريقي کي شهرت نه ٿي ڏئي؟ ڇا هـُـن سماج جي حفاظت ڪرڻ لاءِ، داغدار ارڪان کي، مشيني طريقي سان علحده ڪرڻ جي ڪا ڪوشش به ڪئي آهي؟ صداقت سان تبديل آڻڻ لاءِ، موجوده دور ۾، انسان جي نئين نسل جي اصلاح لاءِ ڪو خيال به پيش ڪيو آهي؟“

موسيوف اُن جي گفتگوءَ کي وچ مان ڪٽيندي چيو ته:

 ”تنهنجو مطلب ڇا آهي، مان ٻيو ڀيرو به تنهنجي مطلب کي سمجهي نه سگهيو آهيان، اوهان ته ناسمجهيءَ واري ۽ مبهم گفتگو ٿا ڪريو. ڪليسائي حق کان محروم ڪرڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ هيءَ ڪهڙي قسم جي نيڪالي آهي؟ ايون فيڊرووچ، اوهان پاڻ کي فقط وندرائي رهيا آهيو“.

 ”هائو، توکي ڄاڻڻ گهرجي، ته حقيقت ۾اَڄ ايئن آهي.“  مربي اوچتي چيو ۽ سڀني جو رخ اُن ڏانهن ڦـِـري ويو.

 ”جيڪڏهن ڪليسا جو وجود نه هجي ها، ته ڏوهن کي ڪابه روڪ نه ٿئي ها، ڪابه صحيح سزا مقرر ٿي نه سگهي ها. منهنجو اُن سزا سان مطلب نه آهي، جو مشيني طور تي، روح جي لاءِ وڌيڪ غصو پيدا ڪري ۽ گناهه کي وڌائي. منهنجو اُن سزا سان مقصد آهي، جا گنهگار جي دل ۾ خوف پيدا ڪري ۽ اُن طوفاني حالت ۾ سندس قلب ۾ تسڪين پيدا ڪري. اُها سزا، جا گنهگار جي دل ۾ پنهنجو پاڻ نيڪي جي مشعل روشن ڪري.“

موسيوف سخت حيرت مان چيو ته،  ”منهنجي تمنا آهي، ته هن جي ٿوري تشريح لازمي آهي، جيئن مطلب جي وضاحت ٿي وڃي.“

مربيءَ چيو:  ”منهنجو مطلب آهي، ته هيءُ قيد ۽ بند، جسماني ايذاءَ جون ڪاروايون، ڪنهن به ماڻهوءَ جي اصلاح نه ڪري سگهيون آهن. گنهگارن جي دل ۾ ڪوبه خوف پيدا نه ڪري سگهيون آهن. گناهه کي ڪنهن به تارازيءَ ۾ تورڻ جي بجاءِ تباهڪاريءَ کي وڌ کان وڌ رواج ٿو ملي. هن مان آسانيءَ سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته هنن سزائن مان ڪوبه فائدو نه ٿو ملي. جيتوڻيڪ ڪو بـُـرو عضوو مشيني وسيلن سان وڍجي ته وڃي ٿو پر اُن جي بجاءِ ٻيا گنهگار اَچي سندس جاءِ ٿا ڀرين.

اسان جي دور ۾ امدادي طريقي جو هئڻ لازمي  آهي، جيئن گنهگار جي اصلاح ڪري کيس نيڪيءَ جي طرف آندو وڃي. هيءُ طريقو فقط مذهب آهي، جو تنها انسان جي ضمير کي بيدار ڪري ٿو. جڏهن گنهگار پاڻ کي ڪليسا جي سامهون ڏوهي سمجهندو، تڏهن ئي پاڻ کي مسيح جي گروهه مان سمجهي، هو اُن جي قبوليت ڏيندو. اِهوئي سبب آهي، جو اَڄ به گنهگار، ڪليسا جي سامهون پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪري ٿو پر رياست جي سامهون نه. جيڪڏهن سماج، ڪليسا جي صورت اختيار ڪري، ته هـُـو ڄاڻي سگهي، ته اَسان جن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، اُنهن کي ڪيئن پاڻ سان ملايون. جيئن ته ڪليسا کي هاڻي ڪوبه اختيار ٻڌڻو نه آهي، ۽ اخلاقي طور ۽ طريقي تائين محدود آهي، اُنڪري اُها پنهنجو پاڻ ڏوهين جي سوچڻ کان ئي عاري آهي. اُن هوندي به اُها گنهگارن کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي اَچي ٿي. اُها کين ديول جي عبادت لاءِ اجازت ڏئي ٿي، سندن مادي ضرورتون پوريون ڪري ٿي ۽ کين خيرات ڏئي ٿي. هوءُ اُنهن کي قيدي ته سمجهي ٿي، پر نه گنهگار.

جيڪڏهن ڪليسا به هنن کي حڪومت وانگر سمجهي ۽ پاڻ وٽان هڪالي ڇڏي ته پوءِ خدايا! هنن تي ڇا گذرندو؟ بيشڪ اهڙيءَ حالت ۾ گنهگارن جي لاءِ، خاص طرح روسي گنهگارن لاءِ ڇا ٿيندو، جن اَڃا تائين، ايمان پنهنجي هٿن مان نه وڃايو آهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي هن حالت ۾ گنهگارن جون دليون ايمان کي هٿ کان ڇڏي ڏين. ڪليسا ته هنن تي ماءُ وانگر مهربان آهي ۽ محبت کان سخت سزا ڏيڻ کان گريز ڪندي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ويچارن، حڪومت کان گهڻي ئي جسماني تڪليف ڏٺي آهي. هاڻي جڳائي ٿو ته مٿن رحم آڻجي.

هن مان ظاهر آهي، ته اهڙيءَ صورت ۾ ڪليسا، گناهه ۽ گنهگار کي خيريت جي نگاهه سان نه ڏسندي ۽ لازمي ٿيندو، ته اهڙن ڌڪاريل انسانن کي، راهه راست تي آڻڻ جي هدايت ڪندي، بدڪاريءَ کان بچائيندي ۽ کين نئين زندگي بخشيندي. هيءُ به برابر آهي، ته (مربي، مشڪڻ لڳو) ڪليسا هن ڳالهه تان هٿ به کڻڻ لاءِ اَڃا تيار نه آهي. اُها پنهنجي اڳئين بنياد تي برقرار آهي. جيئن ته اُن جي ارڪان ۾ اَڃا ڪوبه فتور نه آيو آهي، اُنڪري اُها ڪنهن ڪامل تبديليءَ جي انتظار ۾ آهي، جا هڪ واحد ۽ بين الاقوامي طاقت واري ڪليسا هوندي. ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو، توڙي جو زمانا گذري وڃن. اِهو مقدر آهي، ته ايئن ٿيندو. اُنڪري اسان کي اُن وقت جو ڪوبه اندازو لڳائڻ نه گهرجي. وقت ۽ موسمن جو راز خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي، جو اُن جي وسيع حڪمت ۽ محبت ۾ پوشيدو آهي. انساني فهم اُن کي پري خيال ڪندو هجي، پر اُهو جاودان فيصلو شايد قريب هجي. شايد اُن جي صبح جو ظهور هجي. ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو!”

 ”ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو!” راهب پاديسي، ايمان ڀريل وڏي آواز سان چيو.

 ”عجيب آهي، عجيب” موسيوف، گرم ۽ درشت آواز ۾ چيو.

 ”ڪهڙي ڳالهه توکي عجيب لڳي؟“  راهب ايوزف ، کانئس خبرداريءَ سان پڇيو.

 ”هيءُ اعتبار کان ٻاهر آهي“  موسيوف بي صبريءَ سان چيو.  ”رياست کي جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪليسا کي وڌائي رياست جو مقام ڏنو ٿو وڃي. هيءُ ته مذهبي تعصب  آهي. پوپ گريگري ستين به هن جو خواب نه ڏٺو هوندو.“

راهب پاديسي، پنهنجي تلخ آواز  ۾ چيو،  ”نهايت غلط، ڪليسا کي ڪٿي ٿو رياست سان منسلڪ ڪيو وڃي؟ هيءُ ته غلط فهمي ٿيندي. اِهو ته روم جو خواب آهي. هيءُ ٽيون شيطاني حوس ٿيندو. اسان جو مقصد آهي، ته رياست کي ڪليسا ۾ آندو وڃي ۽ ڪليسا کي بين الاقوامي بڻايو وڃي. هيءُ ستارو اوڀر کان ضرور اُڀرندو.“

موسيوف ظاهر ظهور خاموش ٿي ويو. سندس شڪل ۽ صورت مان غير معمولي شخصي وقار پئي ڏٺو. چپن ۾ مشڪي، هـُـن ڄڻ ته اُن جي تصديق ٿي ڪئي. اليوشا کيس سمورو وقت پريشانيءَ مان پئي نهاريو. هن بحث کيس مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. اُن ڪڏهن ڪڏهن ريڪٽين ڏانهن پئي ٿي ڏٺو، جو دروازي جي ڀرسان، بلڪل خاموش، اکيون هيٺ ڪريو، هن سڄي بحث کي ٻڌي رهيو هو. مگر اليوشا، سندس ڳلن جي رنگ مان سمجهي ورتو هو، ته ڪيتري قدر نه هو جوش ۾ آهي! هن ڀـَـليءَ ڀت ڄاتو ٿي، ته سندس جوش جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ اوچتو موسيوف اَثر واري آواز ۾ پنهنجي وقار کي قائم رکندي چيو ته،  ”جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي، ته مان هڪ ننڍڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌايان. ٿورا ورهيه اڳي، ڊسمبر جي جشن جي پوري ٿيندي ئي، مان پئرس ۾ هڪ وڏي اثر واري سرڪاري آفيسر جي دعوت تي وٽس مهمان ٿيس. اُن وٽ مان هڪ نهايت مزيدار ماڻهوءَ سان مليس. هـُـو پاڻ ته جاسوس نه هو، پر سياسي جاسوسن جي سڄي گروه جو نگران هو - پنهنجي ليکي سندس مقام نهايت اهميت وارو هو.پنهنجي شوق جي مدنظر، مون کي ساڻس گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو. جيئن ته هـُـو ملاقاتي نه هو پر هـُـو سرڪاري آفيسر مون سان نهايت عزت سان پيش اَچي رهيو آهي. اُنڪري هـُـو، مون سان مروت کان وڌيڪ کليل دل سان مليو، جو فرينچن جو شيوو آهي، هـُـو بامروت ٿيڻ ڄاڻندا آهن، خاص ڪري ٻاهرين ماڻهن سان. مون کيس چڱيءَ طرح سمجهي ورتو. گفتگوءَ جو موضوع هو انقلابي اشتراڪي، جن تي اُن وقت مقدمو هلي رهيو هو. مان هتي فقط اُن شخص جي عجيب راءِ پيش ڪندس، جنهن جو هن اظهار ڪيو هو. هن چيو ته،  ”اسان هنن اشتراڪين، شرپسندن، ملحدن ۽ انقلابين کان خوفزده نه آهيون، اُن هوندي به اسان جي مٿانئن ڪـَـڙي نظر آهي. اسان سندن هر چرپر کي ڄاڻندا رهون ٿا. هن مان ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جي خدا ۽ مسيح کي مڃين ٿا، پر هـُـو ساڳئي وقت اشتراڪي به آهن. اسان کي اهڙن ماڻهن کان بيحد خوف ٿيندو آهي. هي نهايت خطرناڪ انسان آهن! هڪ بي دين اشتراڪي کان هڪ عيسائي اشتراڪي وڌيڪ خطرناڪ آهي!” مون تي سندن لفظن بيحد اَثر ڪيو.

 ”ساڳي ڳالهه، هتي اتفاقي طور تي مون کي پيش آئي آهي.“

 ”تون شايد اِها ڳالهه اَسان تي مڙهڻ گهرين ٿو.“  پاديسي راهب کيس سنئون سڌو چئي ته ڏنو، پر اُهو سڄو بي اَثر ٿي ڏٺو.

اُن کان اڳ ۾ جو پيٽر اليگزينڊرووچ خيال ڪري، کيس ڪو جواب ڏئي، دروازو کـُـليو ۽ دمتري فيودورووچ، جنهن جي لاءِ مهمان گهڻي وقت کان انتظار ۾ هئا. اَندر گهڙي آيو. حقيقت ۾ هنن کيس وساري ڇڏيو هو، پر سندس اوچتي آمد سبب ٿوري وقت لاءِ سڀئي حيران ٿي ويا!

 

dc

باب ڇهون

اهڙو ماڻهو جيئرو ڇو آهي؟

دمتري فيودور پاولووچ، اَٺاويهن سالن جو نوجوان، قد جو پورو پـُـنو، وڻندڙ شڪل ۽ صورت، پنهنجي عمر کان مڙيوئي ڪجهه وڏو ٿي لڳو. سندس عضوا مضبوط هئا ۽ منجهس چڱي جسماني طاقت ٿي ڏٺي، پر سندس چهري ۾ ڪا شگفتگي ڪانه هئي. قدري نازڪ ٿي ڏٺو ۽ سندس ڳل گوشت کان بلڪل خالي ٿي ڏٺا. اُنهن ۾ غير صحتمند پيلاڻ ٿي ڏٺي. سندس وڏيون نمايان ڪاريون اکيون هيون، جنهن مان سندس پختي ارادي جي جهلڪ ٿي ڏٺي، مگر اُن هوندي به مبهم ۽ مشڪوڪ ٿي ڏٺيون. اُن هوندي به جڏهن منجهس اشتعال ٿي پيدا ٿيو يا تنڪ مزاجي سان ٿي ڳالهايائين، تڏهن اُن جي اکين سندس مزاج جي ڪيفيت سان ساٿ نه ٿي ڏنو، پر ڪنهن شيءِ سان بيوفائي ٿي ڏيکاري. ڪڏهن ته اُنهن شين کان بي تعلق پئي ٿي ويو، جي گذري رهيون هيون. اِهو نهايت ئي مشڪل آهي، جو ٻڌائي سگهجي، ته هـُـو ڇا سوچي رهيو آهي؟ اُهي جي ساڻس ڪنهن وقت ڳالهائيندا هئا، ته ايئن ئي چوندا هئا. ماڻهو جي سندس اکين ۾ افسردگي ۽ فڪرمندي ڏسندا هئا، اُهي سندس اوچتي ٽهڪ ڏيڻ تي گهٻرائجي ويندا هئا. اُن وقت جڏهن سندس اکين ۾ اُداسي ڇانيل هوندي هئي، ته اُها هـُـن جي پـُـر لطف ۽ لااُبالي خيالن تي دلالت ڪندي هئي. سندس پيشانيءَ تي جا مصنوعيت نظر ايندي هئي سا سولائي سان سمجهه ۾ اَچي ويندي هئي. سڀ ڪنهن کي ايتري ته خبر هئي يا گهٽ ۾ گهٽ ٻـُـڌو هئائون، ته هـُـو ڪيتري وقت کان نهايت ئي بيقرار ۽ پريشان حياتي گذاري رهيو هو. ساڳئي وقت پيءُ سان جهڳڙي هئڻ سبب منجهس شديد غصو به پيدا ٿي ويو هو. ڳوٺ ۾ اُن بابت ڪيتريون چه ميگوئيون ٿي هليون. ايئن به سچ آهي، ته تند مزاجي سندن فطرت هئي. اسان جو جسٽس اوپيس ڪٽخلزڪوف چوندو هو ته  ”هي غير مستحڪم ۽ غير متوازن طبعيت وارو آهي.“

هـُـو خاص امتيازي شان سان بي داغ لباس پهريل هو. خبرداريءَ سان ننڍي ڪوٽ جا بٽڻ بند ٿيل هيس. هـُـن تازو فوجي نوڪري ڇڏي هئي، اُنڪري مـُـڇون هيس پر ڏاڙهي ڪانه هيس. سندس ڪارا ناسي وار ننڍا ڪتريل هئا ۽ اُنهن کي ڦڻي ڏنل هئي، جي اڳيان نراڙ تي جـُـهڪيل هئا. فوجي ماڻهو وانگر هن پختا ۽ وڏا قدم ٿي کنيا. هـُـو ٿورو وقت چانئٺ تي ترسيو ۽ سڀني ويٺلن تي نظر وجهي، سڌو مربيءَ وٽ ويو، جنهن کي هـُـو ميزبان سمجهي رهيو هو. هن کيس ٿورو نوڙي سلام ڪيو ۽ کيس دعا لاءِ عرض ڪيائين. زوسيما پنهنجي ڪرسي تان اُٿي کيس دعا ڪئي ۽ دمتري ڪمالِ اَدب سان سندس هٿن کي نهايت گرمجوشيءَ سان چميو.

 ”ايتري ڪشاده دلي ڏيکاريو، جو منهنجي دير سان اَچڻ کي بخشي ڇڏيو. سميرڊياڪوف خدمتگار کي منهنجي پيءُ مون ڏانهن موڪليو هو، جنهن ٻـُـڌايو ته فقط هڪ ماڻهوءَ سان وقت مقرر ٿيل آهي، پر هاڻي اوچتو ٻـُـڌم - ”

 ”پاڻ کي تنگ نه ڪريو،“ مربيءَ وچ ۾ ڳالهايو.  ”ڪابه ڳالهه ڪانه آهي، جي اوهان دير سان آيا آهيو. اِن جو ڪوبه اَثر نه پوندو.“

 ”مان اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان، اوهان جي نيڪي، لطف ۽ ڪرم ۾، مون کي هن کان گهٽ اُميد نه هئي“.

دمتري ايترو چئي، هڪ ڀيرو وري به جـُـهڪي نياز حاصل ڪيو، پوءِ هـُـو سـِـڌو پيءُ ڏانهن مـُـڙيو ۽ اُن کي به ساڳيءَ تعظيم ۽ تڪريم سان نوڙي سلام ڪيائين. صاف ظاهر ٿي ڏٺو، ته هـُـن اِهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو هو. اِهو خيال ڪري ته سندس اِهو فرض آهي، ته پنهنجي نيڪ نيتي ۽ اَدب ڏيکاري هـُـن نهايت سنجيدگيءَ سان آداب بجا آندا.

فيودور پاولووچ، هن کان بنهه بي خبر هو، مگر موقعي آهر کيس پيش آيو. دمتريءَ جي سلام ۽ اَدب بجا آڻڻ جو ردعمل وٽس فقط اهو پيدا ٿيو، جو هـُـو ڪرسيءَ تان ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ پٽ کي اوترو ئي سلام ڪيائين. سندس چهرو اَچانڪ سنجيدو، متين ۽ مؤثر ٿي ويو، جنهن مان سندس خباثت ۽ ڪينه پروري صاف ٿي ڏٺي. اُتي جيڪي به موجود هئا، اُنهن جي اڳيان دمتري نوِڙيو ۽ سواءِ ڪنهن ڳالهائڻ جي وڏن ۽ دليراني قدمن سان هڪ خالي ڪـُـرسي تي وڃي ويٺو - جا فادر پاديسيءَ جي ڀرسان پيل هئي ۽ ڪـُـٻڙو ٿي ويهي رهيو، ته اُن گفتگوءَ کي ٻـُـڌي، جنهن ۾ هـُـن رُخنو اَچي وڌو هو.

دمتريءَ جي داخل ٿيڻ ۾ ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت ڪونه لڳو هوندو ۽ گفتگو وري شروع ٿي ويو. موسيوف چيو ته،  ”مان اوهان کي ايون فيودور پاولوچ  جو هڪ نهايت ئي دلچسپ ۽ عجيب قصو ٿو ٻـُـڌايان. هن ڳالهه کي صرف پنج ڏينهن ٿيندا، هڪ مجلس ۾، جيڪا خاص عورتن جي هئي، هڪ بحث دوران نهايت سنجيدگيءَ سان چيائين ته،  ”دنيا ۾ ڪابه اِهڙي ڳالهه ڪانه آهي، جا ماڻهن کي پاڙيسرين سان محبت ڪرڻ لاءِ چوندي هجي. قدرت جو اِهڙو قانون آهي، ته ماڻهو انسان ذات سان پيار رکي. جيڪڏهن هن زمين تي، پيار ۽ محبت جو رشتو کڻي ٿيو به هجي، ته اِهو ڪو قدرت جو قانون نه هوندو پر رڳو انڪري، ته انسان بديءَ ۽ بداخلاقيءَ تي ايمان آندو آهي.“  ايون فيودور پاولووچ، جملي جي درميان، ايترو به گڏيو هو ته قـُـدرت جو سمورو قانون اِن ئي ايمان تي آهي. جيڪڏهن توهان انسان مان سندس بديءَ جو جـُـزو ختم ڪري ڇڏيو، ته نه فقط پيار ۽ سـِـڪ، بلڪ زندگيءَ جي هر اُها قوت - جا هن دنيا کي زندهه رکي ٿي - سا بلڪل ختم ٿي ويندي. پوءِ ڪابه بـُـري شيءِ ڪانه هوندي ۽ سڀ ڪاشيءِ قاعدي موجب هوندي. آدمخوري پڻ، پر اُهو سڀ ڪجهه نه آهي. آخر ۾ هـُـن دعويٰ سان چيو ته،  ”اسان مان هرڪو شخصي طرح - جيئن اسان آهيون، خدا ۽ حيات جاويد ۾ اعتقاد نه ٿا رکون، انڪري فطرت جي اخلاقي قانون کي، هڪدم، اڳئين مذهبي قانون کان ابتڙ بدلائڻ گهرجي. خود پرستيءَ ۽ گناهه کي نه فقط قانون سمجهيو وڃي پر اُن لاءِ لازمي طرح تسليم ڪرڻ کپي، پوءِ هن حالت مان جي نتيجا نڪرندا، اُهي معقول ۽ عزت ڀريا هوندا. هن بعيد از قياس حقيقت مان، اوهان، اسان جي وهمي ۽ عقل کان وانجهيل دوست ايون فيودور پاولووچ  جي خيالن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.“  

 ”معاف ڪجو“، اوچتو دمتري رڙ ڪري چيو،  ”جيئن مون صحيح طرح ٻڌو آهي، ته نه فقط گناهه ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اُن کي تسليم به ڪيو وڃي، ڇو ته اِهو اڻ ٽر ۽ معقول نتيجو آهي، جو هر ملحد جي نقطهِّ نظر مان پيدا ٿئي ٿو - ڪيئن ايئن آهي نه؟“

 ”بيشڪ ايئن آهي“. راهب پاديسي چيو.

 ”مان هن کي ياد رکندس.“

هنن لفظن جي چوڻ  کان پوءِ دمتريءَ پنهنجي گفتگوءَ کي اوچتو ايئن بند ڪري ڇڏيو، جيئن ڳالهايو هئائين. هرڪو کيس عجب مان نهارڻ لڳو.

مربيءَ اوچتو، ايون فيودور ڏي منهن ڪري پڇيو ته:

 ”اوهان جو سچ پچ اِهو عقيدو آهي، ته روح جاودان مان، انسان جي ايمان جي هلي وڃڻ جو نتيجو اِهوئي نڪرندو آهي؟“

 ”هائو، مون ڪيئي ڀيرا، اُن جو اظهار ڪيو آهي. جيستائين جاوداني روح ۾ ايمان نه  آهي، نيڪي هن جهان ۾ رهي ئي نه ٿي سگهي.“

 ”جيڪڏهن تنهنجو اِهو عقيدو آهي، ته نيڪ بخت آهين، پر جيڪڏهن نه ته بدبخت!”

ايون مشڪندي چيو ته،  ”ڇو بدبخت؟“

 ”ڇاڪاڻ ته سڀني ڳالهين جي هوندي، تون پنهنجي روح جي جاوداني هئڻ ۾ ايمان نه ٿو رکين. نه وري اُن ڳالهه ۾ تنهنجو اعتقاد آهي، جنهن کي تو ڪليسا جي اختيار سماعت بابت پنهنجي مقابلي ۾ لکيو آهي.“

 ”شايد اوهان صحيح هجو! ....... مان حقيقت ۾ مذاق نه ڪري رهيو آهيان.“  ايون اوچتو اُن جي قبوليت ڏني ۽ سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.

 ”اِهو سچ  آهي ته تو مذاق نه ٿي ڪيو، پر اِهو سوال اَڃا تنهنجي دل جي تارُن کي ڇيڙي رهيو آهي. تو اُن کي حل ئي نه ڪيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته  شهيد به پاڻ کي نااُميديءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. ڄڻ ته نااُميدي خود اُن کي اوڏانهن ڦيرايو آهي. ساڳيءَ ريت تون به پنهنجي نااُميديءَ جي باعث پاڻ کي سماج تي بحث ڪرڻ ۾ بدلائي رهيو آهين. جيتوڻيڪ تون پاڻ به پنهنجن دليلن تي ڀروسو نه ٿو رکين. دل جي درد ۽ سور سبب اُن تي اندر ئي اندر ٺٺولي ٿو ڪرين ...... تو اَڃا اُن سوال جو جواب ئي نه ڏنو آهي. اِهو تنهنجي گهڻي رنج ۽ ملال جو سبب آهي. ڇو ته اِهو جواب جي تقاضا ٿو ڪري.“

 ”پر ڇا، اُن جو جواب مون کي ڏيڻو آهي؟ اُهو جواب اثبات ۾  هوندو.“

ايون هيءُ سوال عجيب طريقي سان پڇندو هو ۽ مربيءَ ڏانهن زيرِلب مشڪندي نهاريندو به رهيو.

 ”اِهو جيڪڏهن اثبات ۾ حل ٿي نه ٿو سگهي، ته نفي ۾ به ڪونه ٿي سگهندو. توکي خبر آهي ته اِهائي تنهنجي دل جي خصوصيت آهي. اِهي سموريون تڪليفون اِنهيءَ جي ڪري ئي آهن، پر خالق جو شڪر اَدا ڪر، جنهن توکي ايڏي بلند دل عطا ڪئي آهي، جا اِنهن سڀني تڪليفن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي سگهي ۽ جا رفيع الشان شين تي سوچ ۽ ويچار ڪري ٿي، ته اَسان جي جاءِ جنت ۾ آهي. خدا توکي اِها توفيق بخشيندو، جو تون اُن جو جواب زمين تي ڳولي لهندين ۽ هـُـو تنهنجي راءِ کي روشن بڻائيندو!”

مربيءَ پنهنجا هٿ مٿي کنيا ۽ ايون جتي ويٺو هو، شايد اُن جي مٿان صليب جو نشان بڻائي ها، پر هـُـو پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو ۽ سندس ويجهو وڃي دعائون ورتائين ۽ هٿن کي چميائين. پوءِ خاموشيءَ سان پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي ويٺو. سندس چهرو متين ۽ سنجيده ٿي لڳو. سندس هيءُ عمل ۽ اڳيون گـُـفتو نهايت حيرت ڀريو ٿي لڳو. هـُـن پنهنجي عجب ڀرئي اَنداز ۾ متانت سان، اُتي ويٺلن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو هـُـو سڀئي ٿوريءَ دير لاءِ دمبخود ٿي ويا. اليوشا جي چهري تي البت اِدراڪ، فهم ۽ فراست ٿي ڏٺي. موسيوف هڪدم پنهنجن ڪلهن کي چورڻ پورڻ لڳو. ساڳئي وقت فيودور پاولووچ ، پنهنجيءَ جاءِ تان ٽپ ڏئي اُٿيو.

 ”پاڪ ۽ مقدس مربي!” ايون ڏانهن اِشارو ڪندي، هن چيو،  ” هي منهنجو پـُـٽ آهي ۽ منهنجي گوشت جو ٽڪرو، منهنجو نهايت ئي جان جگر! مان ايترو ضرور چوندس، ته هـُـو فرمانبردار ڪارل مور آهي، پر هـُـو پٽ، جو هاڻي آيو آهي دمتري - جنهن بابت مان اوهان کان انصاف ٿو گهران، سو نافرمان فرانزمور آهي - هـُـو ٻئي شلر جا ڊاڪو آهن ۽ مان حڪمران ڪائونٽ وون مور آهيان. انصاف ڪر ۽ اسان کي بچاءِ. اسان کي نه فقط اوهان جي دُعائن، بلڪ پيشنگوئيءَ جي به ضرورت آهي.“

 ”مذاق کي روڪ ۽ صاف صاف ڳالهاءِ. پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جي بي عزتي سان، پنهنجي گفتگوءَ جي ابتدا نه ڪر.“  مربيءَ جهيڻي ۽ ٿڪل آواز ۾ جواب ڏنو. هـُـو ظاهري طرح بلڪل ختم ٿيندو ٿي ويو، ۽ سندس طاقت ڪـِـرندي ٿي وئي.

 ”هڪ ناشائسته ۽ کـِـل جهڙو ناٽڪ، جنهن جو مون هت اَچڻ کان اڳ ۾ ئي خيال ٿي ڪيو.“  دمتريءَ کي بيحد غصو اَچي ويو ۽ هـُـو به ٽپ ڏئي اُٿيو،  ”هن کي معاف ڪريو، مقدس مالڪ!” مربيءَ کي خطاب ڪندي هـُـن چيو،  ”مان مهذب نه آهيان، اُنڪري خبر نه آهي ته اوهان کي ڪهڙيءَ ريت خطاب ڪريان؟ توهان کي ٺڳيو ويو آهي ۽ اوهان ايترا ته شريف طبع آهيو، جو اَسان کي هت ملڻ جي اجازت ڏني اَٿوَ. منهنجي پيءُ جو مطلب فقط بدنامي آهي. هـُـو ڇو ايئن ڪري ٿو، سو صرف هـُـو ئي ٻڌائي  سگهي ٿو؟ هن ۾ سندس ڪونه ڪو مقصد آهي، پر مون کي پـَـڪ آهي ته مان اُن کي چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو!”

 ”سڀئي مون تي تهمت رکن ٿا، هي سڀئي“، فيودور پاولووچ پنهنجي واري تي چيو،  ”پيٽراليگزينڊرووچ به مون تي الزام ٿو رکي، تو مون کي ملامت جي قابل پئي سمجهيو آهي. پيٽراليگزينڊرووچ تون، تون!” هن مـُـڙي موسيوف ڏانهن نهاريو. جيتوڻيڪ هن کي وچ ۾ نه ڳالهائڻ جو نه خيال هو نه خواب هو.  ”سڀ مون تي الزام رکن ٿا، ته مون ٻارن جي دولت کي پنهنجن پيرن جي هيٺان لڪائي ڇڏيو آهي ۽ اُنهن کي ٺڳيو آهي. ڇا هتي قاعدي قانون جي ڪورٽ ڪانه آهي ڇا؟ اُتي هـُـو لکيتن مان جاچي سگهن ٿا. دمتري فيودور پالووچ! تو وٽ ڪيترو پيسو هو. اُن مان تو ڪيترو خرچ ڪيو آهي ۽ باقي ڇا بچايو آهي؟ پيٽر اليگزينڊرووچ پنهنجي فيصلي ڏيڻ کان ڇو ٿو ڪيٻائي؟ دمتري، هن جي لاءِ ٻيو ته نه آهي. جيئن ته هـُـو سڀئي منهنجي خلاف آهن، ۽ دمتري فيودور پاولووچ منهنجو قرضي آهي، ٿورن پيسن جو نه بلڪ هزارن جو، جنهن لاءِ مون وٽ دستاويزي ثبوت آهن. سڄي شهر ۾ سندس زنا ڪاريءَ جو چرچو آهي. جتي هـُـو اڳ مقرر ٿيل هو، اُتي هـُـن هڪ شريف ۽ آبرودار ڇوڪريءَ کي ڦاسائڻ جي خاطر، ڪيترائي ڀيرا، هڪ ٻه هزار رپيا خرچ به ڪيا. اَسان کي اُن جي سموري خبر آهي. دمتري فيودورووچ جي اُن راز جي هر تفصيل کان واقف آهيون. فادر زوسيما! اوهان اعتبار ڪندا، ته هـُـن هڪ معزز ڇوڪريءَ جي دل کي موهي ڇڏيو آهي، جنهن جو تعلق هڪ اعليٰ ۽ دولتمند خاندان سان آهي. اُها ڇوڪري، هڪ اهڙي ڪرنل جي ڌيءُ آهي، جو ڪنهن وقت سندس آفيسر هو ۽ جنهن کي ڪيترائي اعزاز مليل آهن. ’ينا آرڊر‘ اُن جي ڇاتي تي چمڪندو رهي ٿو. هـِـن اُن ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو واعدو به ڪيو هو ۽ اُن سان مڱيل به آهي. مگر هوءَ هتي يتيم  ۽ بيڪس رهجي وئي آهي. اُن هوندي به هيءُ هڪ حسين ساحره سان سندس بنهه اکين کان، ناچ ڪندو رهي ٿو. انهيءَ ساحره ايئن کڻي چئجي، ته ان جي هڪ آبرودار ماڻهوءَ سان شادي به ڪيل  آهي. پر اُن هوندي به هوءَ هڪ خودمختيار طبعيت جي مالڪه آهي ۽ هڪ اهڙو مضبوط قلعو آهي، جنهن کي سـَـر ڪرڻ سڀ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هڪ شرعي زال جي حيثيت ۾ هوءَ ڏاڍي گـُـڻن واري آهي. سچ، مقدس مالڪ! هوءَ ڏاڍي نيڪ آهي. دمتري اُن مضبوط قلعي کي سونيءَ ڪنجي سان کولڻ گهـُـري ٿو ۽ اُنڪري ئي هـُـو مون سان گستاخاڻي هلت ٿو هلي. هـُـو ڪوشش ٿو ڪري، ته مون کان ڪجهه رقم ڇڏائي. حالانڪه هـُـو اُن حسين ساحره تي ڪيترائي هزار روبل خرچ ڪري چـُـڪو آهي. هن مقصد جي خاطر هـُـن مسلسل پيسا قرض طور پئي ورتا آهن. اِهي پيسا ڀلا ڪنهن کان ورتا اَٿائين؟ مان چوان - مـِـتيا کان.“

 ”خاموش!” دمتري رڙ ڪري چيو،  ”ترس! جيستائين مان هليو وڃان. منهنجي سامهون، هڪ عزت واري ڇوڪريءَ کي بدنام ڪرڻ جي جرئت نه ڪر! جيڪڏهن اُن ڇوڪريءَ  بابت تون غصي ۾ هڪ لفظ به وڌيڪ ڳالهائيندين، ته توکي اُهو معاف نه ڪيو ويندو.“

هـُـو سهڪڻ لڳو.

 ”مـِـتيا! مـِـتيا!” فيودور پاولووچ مـجنونءَ واري رڙ ڪئي ۽ اکين مان ڳوڙها وهي ويس.  ”تنهنجي پيءُ جون بددعائون تولاءِ ڪجهه به نه آهن؟ مان توکي، جي بددعا ڏيان، ته پوءِ ڇا؟“

 ”بي شرم ٻهروپي!” دمتري غصي مان بلند آواز سان چيو.

 ”اِهو، هيءُ پنهنجي پيءُ کي ٿو ڳالهائي! پيءُ کي! ٻين سان سندس ڪهڙي روش هوندي؟، صاحبو! هيءُ رڳو پاڻ کي وڏو سمجهڻ آهي. هت هڪ غريب مگر شريف ماڻهو رهي ٿو، جنهن تي هڪ وڏي ڪٽنب جو بار آهي. هـُـو ڪئپٽن آهي. ڪنهن تڪليف ۾ اَچي ويو ۽ کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. نه عام ماڻهن جي اڳيان نه وري ڪورٽ مارشل جي ذريعي. سندس عزت تي ڪنهن به قسم جو داغ نه آيو. ٽي هفتا کن ٿيندا، دمتري کيس ڏاڙهيءَ کان جهلي، شرابخاني کان گهلي، گهٽيءَ ۾ وٺي آيو ۽ ماڻهن جي اڳيان خوب ماريائينس. اِهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري؟ ڇو ته هـُـو منهنجي هڪ ننڍڙي ڪاروبار جو ايجنٽ آهي.“

 ”اِهو سڀ ڪوڙ آهي! ظاهري طرح سچ آهي پر باطني طرح غلط!” دمتري غصي ۾ سمورو ڪنبي رهيو هو.  ”مقدس پيءُ! مان پنهنجي عمل کي حق بجانب ڪونه ٿو سمجهان. هائو، مان سڀني جي اڳيان قبول ٿو ڪريان، ته مون ڪئپٽن سان حيوان جهڙي هلت هلي هئي. مون کي اُن جو ڏک آهي. مان پنهنجي اُن وحشياڻي تيش لاءِ ڏاڍو نادم آهيان. اُنهيءَ ڪئپٽن، يعني تنهنجو اُهو ايجنٽ، اُن عورت وٽ ويو، جنهن کي تو حسين ساحره سڏيو آهي، کيس منهنجي پاران تجويز پيش ڪيائين، ته جيڪڏهن مان پنهنجي حساب ڪتاب جي لاءِ تو مٿان زور آڻيان، ته هوءَ توکان منهنجي قرض جو رقعو - جو تنهنجي قبضي ۾ آهي - وٺي ۽ اُن جي مدد سان، مون تي پيسن جي وصوليءَ لاءِ مقدمو داخل ڪري، جيئن مان جيل اُماڻيو وڃان. هاڻي وري تون مون کي اُن جي محبت لاءِ ملامت ڪري رهيو آهين. جڏهن تو خود اُن عورت کي ڦاسائڻ لاءِ ڀڙڪايو هو! مون کي منهنجي روبرو هـُـن ٻـُـڌايو هو ۽ توتي کلي ٿي. تو مون کي جيل ۾ صرف هن لاءِ موڪلڻ ٿي گهريو. ڇو ته توکي اسان جي محبت تي رشڪ پئي آيو. ڇاڪاڻ ته تون کيس هٿ ڪرڻ پيو گهرين ۽ مون کي اهو سڀ معلوم آهي. هوءَ تو تي اُنڪري به کـِـلي ٿي. تون ٻڌين ٿو، جئن هوءَ ٻـُـڌائي رهي هئي. هوءَ تو تي وڏا ٽهڪ ڏئي کـِـلي رَهي هئي. سو اِهڙو آهي، هـِـت هيءُ اوهان جو آدمي! هيءُ پيءُ آهي جو پنهنجي اوباش پٽ کي بدنام ڪري رهيو آهي. دوستو، مون کي منهنجي غصي لاءِ معاف ڪجو. مون کي اڳ ۾ ئي هيءُ اَندازو هو، ته هن عيار اوهان سڀني کي هت اِنڪري ڪـَـٺو ڪيو آهي، ته جيئن ڪو تماشو پيدا ڪري. مان هن کي هتي معاف ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. جيڪڏهن هـُـو اُن لاءِ هٿ ڊگهيري ته مان معاف ڪري ڇڏيان ۽ پنهنجي معافيءَ لاءِ عرض ڪريان! پر جيئن ته هن هاڻي ۽ هن گهڙيءَ، نه فقط منهنجي بلڪ هڪ شريف نوجوان عورت جي - جنهن لاءِ مون کي ايترو احترام آهي جو مان سندس، خواهه مخواهه نالو به وٺڻ به پسند نه ٿو ڪريان، بي عزتي ڪئي آهي. مون بلڪل پختو اِرادو ڪيو آهي، ته کيس اُن جو تماشو ڏيکاريان، جيتوڻيڪ هـُـو منهنجو پيءُ ڇو نه آهي ....“  

هـُـو، هن کان وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ ساهه تڪليف سان کڄي رهيو هو. حجري ۾ سڀڪنهن تي بي چيني ڇانيل هئي. زوسيما کان سواءِ ٻيا سڀئي پنهنجن جاين تان پريشان ٿي اُٿيا. راهب بلڪل تند ۽ تلخ ٿي ڏٺا، پر مربيءَ جي هدايت جو انتظار ڪري رهيا هئا. هـُـو اَڃا ويٺو هو، هـُـو پـِـيلو ٿي لڳو. جوش ۽ اشتعال کان نه بلڪه بيماريءَ جي ڪمزوريءَ کان. التجا ڀري مرڪ سندس چهري تي نمودار ٿي. هـُـو هر هر پنهنجي هٿ کي مٿي کڻي رهيو هو، جيئن اُن طوفان کي روڪي سگهي. مگر هـُو ڪنهن شيءِ لاءِ واجهائي  رهيو هو. غور سان جاچي رهيو هو ۽ اُن شيءِ جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جا اَڃا هـُـن لاءِ صاف نه ٿي هئي. موسيوف آخرڪار ذِلت ۽ بدنامي محسوس ڪئي.

 ”اسان سڀئي هن شرمناڪ تماشي لاءِ جوابدار آهيون“ هـُـن گرم ٿي چيو،  ”پر مان جڏهن هت آيو هوس، تڏهن اُن جو اَندازو ڪونه لڳايو هوم. جيتوڻيڪ اِها خبر هيم ته ڪهڙي ماڻهوءَ سان واسطو پيو آهي؟ هي سڀ هڪدم ختم ٿيڻ گهرجي. سائين! مون تي اعتبار ڪريو، ته هتي جو ڪجهه ظاهر ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن به تفصيل جي مون کي ٿوري به خبر ڪانه آهي، مان ٻنهي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان. مون کي پهريون دفعو هيءَ خبر پوي ٿي ..... هڪ پيءُ پنهنجي پٽ جي بداخلاق عورت سان تعلقات تي ايترو حاسد آهي، جو اُن بابت سازش رٿي، کيس جيل اُماڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هيءَ هڪ اهڙي صحبت آهي، جنهن ۾ مان زبردستيءَ سان ويٺو آهيان. مون سان فريب ٿيو آهي، مان سڀني کي ٻـُـڌايان ٿ و، ته مون سان به ايترو ئي دوکو ٿيو آهي، جيترو ٻين سان ٿيو آهي.“

 ”دمتري فيودورپاولووچ” فيودور پاولووچ، هڪ غير فطري آواز ۾ رڙ ڪري چيو،  ”تون جيڪڏهن منهنجو پـُـٽ نه هجين ها ته مان توکي دوبدو وڙهڻ لاءِ، هن گهڙيءَ چئلينج ڪريان ها ..... پستول سان ..... رومال سان لڪائي، فقط ٻن ٽن قدمن تان.“  هـُـن زور سان زمين تي ٻئي پير هڻي ماٺ ڪئي.

اُهي سمورا پراڻا پاپي، جي پنهنجي سڄي حياتي ايئن گذاريندا آهن، اُنهن لاءِ ڪي اهڙيون به گهڙيون هونديون آهن، جو اُهي پنهنجي انسانيت ڏي موٽي وڃن ٿا، پوءِ ڪنبندا ۽ لرزندا ۽ احساس جي شدت کان ڳوڙها وهائيندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ جلد ئي، ٿورو پوءِ، پاڻ سان ڀڻ ڀڻ به ڪري ڳالهائيندا  آهن.  ”توکي خبر آهي ته تون هاڻي مڪر ڪري رهيو آهين. جهونا گنهگار ۽ بي شرم! تون وري حرڪت ڪرين ٿو. تون پنهنجي پاڪيزگيءَ سان گڏ قهر ۽ غضب به ڏيکاري رهيو آهين؟

دمتريءَ جي نرڙ تي تڪليف جي ڪري گهنج پئجي ويا ۽ پيءُ ڏانهن نهايت ئي حقارت سان نهاريائين.

 ”مون سمجهيو ٿي ..... مون سمجهيو ٿي.“  هن صاف آواز ۾ چيو، ڄڻ ته اُن تي قبضو پائي رهيو آهي.  ”مان پنهنجي ڳوٺ ٿو وڃان، پنهنجيءَ دل جي راڻيءَ سان، پنهنجي مڱينديءَ سان، ته جيئن هن جي ٻـُـڍاپي ۾ چڱي پرگهور ٿي سگهي. پر مان ڏسان ٿو ته هيءُ بدچلن، شهوت پرست ۽ ذليل مسخرو، رڳو ڳنوار آهي.“

 ”دوبدو لڙائي!” هڪ ڀيرو وري اُن آفت زده ٻـُـڍي رڙ ڪري چيو. هر هڪ لفظ چـَـٻي ۽ چٿي ڳالهائي رهيو هو.  ” ۽ تون اليگزينڊرووچ موسيوف، مان توکي اِهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته تنهنجي پوري خاندان ۾ ڪابه شاندار ۽ وڌيڪ ايماندار - تون ٻڌين ٿو نه - عورت ڪانه ٿي آهي. جهڙي اُها آهي، جنهن کي تون هاڻي، ايئن جرئت ڪري سڏيو آهي! ۽ تون دمتري فيودورووچ، اُن پيداوار جي خاطر پنهنجي مڱينديءَ کي ڇڏيو آهي، ڇو ته تون ايئن خود محسوس ٿو ڪرين، ته هوءَ اُن جي اڳيان بتي به جهلي ڪانه ٿي سگهي. اهڙي ئي عورت کي پيداوار سڏيو ويندو آهي.“

 ”شرمناڪ،“ فادر ايوسف چيو.

 ”شرمناڪ ۽ ذليل!” ڪلگنوف جي چهري تي ڳاڙهاڻ ڇانئجي وئي ۽ جذبات جي اثر کان ڪنبندي، لرزندڙ آواز ۾ چيائين. هـُـو اُن وقت تائين خاموش هو.

 ”اهڙو ماڻهو آخر زندهه ڇو آهي؟“  دمتري جو پڻ غصي ۾ هو، بڙ بڙ ڪندي کوکلي آواز ۾ چيو. هـُـن پنهنجن ڪلهن کي مٿي کنيو ۽ ايترو ڪٻڙو ٿي ويو، جو بلڪل بدصورت ٿي لڳو.  ”ٻڌايو ته هن کي اِن نموني ڇڏي سگهجي ٿو، ته هـُـو هن زمين کي ناپاڪ ڪندو رهي؟“  هـُـن چوڌاري، هرهڪ ڏانهن نهاريندي، اُن ٻـُـڍي ڏانهن اِشارو ڪندي چيو. هـُـو ڄاڻي واڻي ايئن ئي ڳالهائي رهيو هو.

 ”ٻڌو، ٻڌو، او راهب! پيءُ کي مارڻ واري کي ٻـُـڌو.“  فيودور پاولووچ  رڙ ڪري چيو ۽ راهب ايوسف ڏانهن ڊوڙي ويو.  ”اِهو آهي، تنهنجي شرمناڪيءَ جو جواب! شرمناڪي ڇا آهي؟“  اُها پيداوار، اُها بدڪردار عورت، شايد توکان وڌ پاڪ آهي! توهان راهب فقط نجات جي راهه جي جستجوءَ ۾ آهيو! هوءَ شايد پنهنجي جوانيءَ جي هٿن مان ڪـِـري آهي، يا پنهنجي ماحول کان تباهه ٿي آهي، پر هوءَ محبت ڀري آهي، يسوع مسيح به اُنهن عورتن کي بخشيو آهي، جي محبت ڀريون آهن.“

 ”يسوع مسيح، اهڙين عورتن کي ڪونه بخشيو هو!” شريف الطبع راهب ايوسف کان بي صبري ۾ نڪري ويو.

 ”هائو، اهڙي محبت لاءِ هـُـو، ايئن هيو راهبو!” توهان هت گوبي کائي پاڻ کي پاڪ سمجهو ٿا. توهان دريائي مڇي کائي، ايئن سمجهو ٿا، ته خدا کي اُن مڇيءَ جي رشوت ٿا ڏيون.“

 ”هيءُ برداشت کان ٻاهر آهي“. حـُـجري جي هر طرف کان آواز آيو.

هيءُ منظر، جو سهڻ کان ٻاهر هو، هڪدم ختم ٿي ويو. فادر زوسيما پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿي کڙو ٿيو. اِليوشا، جو هن بلڪل اُن انتظار کان پريشان هو، جو ساڳيو مربي ۽ ٻين کي هو، کيس پنهنجي ٻانهن جي سهاري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زوسيما دمتريءَ جي طرف وڌيو ۽ سندس نزديڪ پهچڻ تي سندس قدمن ۾ ڪـِـري پيو. اِليوشا سمجهيو ته ڪمزوريءَ جي سبب ڪـِـري پيو آهي، پر ايئن نه هو. مربي بلڪل ظاهر ظهور ۽ ڄاڻي واڻي، دمتريءَ جي قدمن تي جـُـهڪي پيو هو ۽ سندس نراڙ زمين کي چڱيءَ ريت ڇهـُـي ورتو. اليوشا بلڪل هـَـڪو ٻـَـڪو ٿي ويو ۽ جيئن ئي هـُـو اُٿي کڙو ٿيو، ته هـُـن کي سهارو ڏئي نه سگهيو، سندس چپن تي بلڪل ڦـِـڪي مرڪ هئي.

 ”خدا حافظ! مون کي سڀئي معاف ڪجو!” سڀني مهمانن جي اڳيان زوسيما نوڙندي چيو.

دمتري گهڙيءَ لاءِ حيرت ۽ عجب ۾ بيٺو رهيو. هن جي اڳيان نوِڙڻ، اِن جو مطلب ڪهڙو؟ اوچتو هـُـن وڏي واڪي چيو.  ”او خدا!” ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪائي ڪمري کان ٻاهر ڊوڙندو نڪري ويو. ٻيا مهمان سندس پويان ٽولي بڻائي نڪري ويا. مونجهاري ۾ کانئن خداحافظ به چوڻ وسري ويو. فقط راهب هنن ڏي دعا جي لاءِ وڌي ويا.

 ”هن نموني هن جي پيرن تي ڪرڻ مان ڇا مطلب هو؟ اِهو ڪو اشارو هو يا ٻيو ڪجهه؟“  فيودور پاولووچ ، سواءِ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ جي رڙ ڪري چيو. سندس خيال وري گفتگوءَ کي ڇيڙڻ جو هو، پر اُن وقت هـُـو سڀئي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويا هئا.

 ”هڪ ڀڳل ديوار ۽ هڪ بدمغز ماڻهوءَ کي مان ڪوبه جواب ڏئي نه ٿو سگهان.“  موسيوف هڪ عجيب مزاح سان هڪدم جواب ڏنو.  ”پر فيودور پاولووچ  مان پاڻ کي يقيناََ تنهنجي صحبت کان هميشه دور رکندس، هو راهب ڪٿي آهي؟“

اُهو راهب؟ اُهو ساڳيو راهب آهي، جنهن سڀني کي بزرگ سان گڏ کاڌي کائڻ جي دعوت ڏني هئي. مربيءَ جي ڏاڪڻ کان جيئن ئي هـُـو هيٺ لٿا، ته هـُـو ساڻن اَچي مليو. ايئن ٿي لڳو، ته هـُـو ڄڻ ته سندن انتظار ۾ هو.

 ”مقدس پيءُ! مون تي هڪ مهرباني ڪريو. منهنجا خلوص منداڻا نياز راهب سپيرئر کي ڏجو. مون لاءِ شخصي طرح معافي گهرجو، ته موسيوف اَدب سان چيو آهي ته کيس نهايت ارمان آهي، جو اَڻٽر حالتن جي ڪري مان کاڌي جي ميز تي حاضر ٿي ڪونه سگهندس.“  ڏاڍي بڇان مان موسيوف راهب کي چيو. ”۽ اِهي اَڻٽـَـر حالتون، بهرحال مان  آهيان.“  فيودور پاولووچ، کيس هڪدم اَڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته،  ”اوهان ٻـُـڌو صاحب! هيءُ منهنجي صحبت ۾ رهڻ نه ٿو گهـَـري، ته هـُـو هڪدم هليو آيو هو. پيٽر اليگزينڊرووچ توکي وڃڻ گهرجي. مان توکي منٿ ٿو ڪريان، ته فادر سپيرئر ڏانهن وڃ، ڇو ته توکي چڱي بـُـک لڳي آهي. مان ته انڪار ٿو ڪريان، پر توکي ڪرڻ نه گهرجي. مان گهر وڃي ماني کائيندس. مان پاڻ کي هت اوهان جهڙو ڪونه ٿو ڀانيان. پيٽراليگزينڊرووچ! وڃ. منهنجا مٺڙا مائٽ!“

 ”مان توجهڙي ذليل جو مائٽ!“

 ”مون اِهو، اِنڪري چيو ته جيئن توکي مـَـڃايان. ڇا تو هميشه منهنجي مائٽيءَ کان انڪار نه پئي ڪيو آهي؟ جيتوڻيڪ تون سچ پچ منهنجو مائٽ آهين. مان اِهو ديول جي ڪئلينڊر مان ثابت ڪري سگهان ٿو.

تون ايون! جيڪڏهن چاهين، ته ترسي پـَـؤ. مان گهوڙا تو لاءِ پوءِ موڪلي ڏيندس. اهو مناسب ۽ حـُـسن اخلاق آهي، ته فادر سپيرئر ڏانهن وڃين. پيٽراليگزينڊرووچ اُن گستاخيءَ لاءِ معافي وٺجو، جو اسان هت پيدا ڪئي آهي.“

 ”اِهو صحيح به آهي، ته تون گهر ٿو وڃين. تون ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڳالهائين؟“

 ”پيٽر اليگزينڊرووچ! اِهو جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، تنهن کان پوءِ مان ايئن ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ صاحبو! مون کي معاف ڪجو، مان آپي کان ٻاهر نڪري ويو هوس ۽ پريشان پڻ هوس. سچ پچ ته مان شرمسار آهيان. صاحبو! هڪڙي کي سڪندر مقدونيءَ جي دل آهي ۽ ٻئي کي ننڍڙي ڪتي جي. مان وري به شرمسار آهيان. اهڙي قيد مان نڪرڻ کان پوءِ، مان ڪيئن ٿو مانيءَ تي وڃي سگهان! خانقاه جي چٽڻي کي هـَـڙپ ڪري وڃان. مان شرمسار آهيان ۽ مجبور، مون کي معاف ڪجو!“

 ”بدمعاش کي رُڳو اِها ڄاڻ آهي ته ڪيئن اَسان کي دوکو ڏئي.“  موسيوف خيال ڪري رهيو هو، جو اَڃا تائين مسخريءَ جي اُن واپسيءَ کي بي اعتبار اکين سان ڏسي رهيو هو. هـُـن مـُـڙي ڏٺو. ڏٺائين ته موسيوف کيس ڏسي رهيو هو. هـُـن کي پري کان چميءَ جو اشارو ڏنائين.

 ”پوءِ تون راهب سپيرئر ڏي هلين ٿو؟“  موسيوف ايون کان پڇيو.

 ”ڇو مون کي ته ڪالهه خاص طرح سان دعوت ڏني وئي هئي.“

 ”بدنصيبي سان مان ته هن اَڻ وڻندڙ کاڌي تي مجبور ٿي هلان ٿو،“ موسيوف ساڳي بي رُخيءَ سان چيو. اِهو به خيال نه ڪيائين ته راهب اِهو سڀ ڪجهه ٻـُـڌي رهيو آهي.  ”اسان کي هن گستاخيءَ جي لاءِ ضرور معافي وٺڻ گهرجي ۽ سمجهائڻ گهرجي، ته هن ۾ اسان جو ڪوبه قصور ڪونه آهي. تون ڇا ٿو چوين؟“

 ”خدا ڪري ته اِيئن ٿئي! هيءَ بي مزي ماني.“

هـُـو اڳتي وڌيا، راهب خاموشيءَ سان ٻـُـڌندو رهيو. رستي ۾ هـُـن فقط ايترو ڏٺو، ته جهنگ ۾ فادر سپيرئر سندس انتظار ڪري رهيو آهي ۽ هن کي شايد اَڌ ڪلاڪ کان به وڌيڪ دير ٿي وئي هئي. هـُـن کي ڪوبه جواب نه مليو. موسيوف نفرت سان اِيون جي طرف نهاريو.

 ”ڏسو! مانيءَ لاءِ ٿو وڃان، گويا ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو.“ هـُـو سوچڻ لڳو.  ”بي غيرت ڪرامازوف جو ضمير!“

 

 

dc

 

باب ستون

نوجوان جو معاش ڏانهن وڃڻ

اليوشا، مربي زوسيما کي سهارو ڏيئي، سمهڻ واري ڪوٺيءَ تائين وٺي آيو ۽ پاڻ هن جي بستري تي ويهي رهيو. اِها ننڍڙي سينگاريل ڪوٺي هئي، جنهن ۾ ڪي ضروري شيون پيل هيون. هڪ ننڍو پلنگ.... جنهن تي بناپوش جي گاديلو پيل هو. ڪنڊ ۾ پڙهڻ جي ٽيبل هئي، جنهن تي صليب جو نشان ۽ عيسائي مذهب جو ڪتاب هو. مربي ٿـَـڪ جي ڪري، بستري ۾ بلڪل سمائجي ويو. سندس اکيون روشن هيون ۽ ڏاڍي مشڪل سان ساهه ٿي کنيائين. هـُـو اِليوشا کي گهـَـري نظر سان ڏسي رهيو هو، ڄڻ ته ڪجهه سوچي رهيو آهي.

 ”وڃ، منهنجا پيارا تون وڃ! اِها مشڪل منهنجي لاءِ ڪافي آهي. جلدي ڪر، هـُـتي تنهنجي ضرورت آهي. وڃ ۽ وڃي فادر سپيرئر جي ٽيبل تي ويهه“.

 ”مون کي هت ترسڻ ڏيو“، اليوشا التجا ڪئي.

 ”تنهنجي هـُـتي وڌيڪ ضرورت آهي. هـُـتي اَمن ۽ اَمان ڪونه آهي. تون هـُـتي هوندين، ته ڪنهن ڪم اَچي سگهندين. جيڪڏهن بـَـديءَ جو روح پيدا ٿئي، ته دعا گهرجانءِ ۽ اِهو ياد رک منهنجا پـُـٽ ته آئينده لاءِ هيءَ تنهنجي جاءِ نه آهي. جڏهن مان هتان خدا جي مرضيءَ سان هليو ويندس، ته خانقاه ڇڏي ڏِجانءِ ۽ هميشه لاءِ هليو وڃجانءِ.“

اليوشا تي وحشت ڇانئجي وئي.

 ”اِهو ڇا آهي؟“  في الحال تنهنجي جاءِ، هيءَ نه آهي. مان توکي هن دنيا ۾ عظيم فرض کي اَدا ڪرڻ جي دعا ڪريان ٿو. تنهنجي حياتيءَ جو وڏو سفر ٿيندو. تون شادي پڻ ڪندين. هيءُ سڀ ڪجهه نڀائڻ کان پوءِ تون هـِـتي ايندين. هـُـتي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پر مون کي تو ۾ شڪ به نه آهي، اُنڪري مان توکي اوڏانهن موڪليان ٿو. يسوع مسيح توسان ساٿي آهي. تون کيس تـَـرڪ نه ڪجان“. هـُـو به توکي نه ساريندو. تون انتهائي غم ڏسندين، پر اُن غم ۾ تنهنجي لاءِ خوشي ۽ راحت هوندي. تنهنجي لاءِ منهنجو اِهو آخري پيغام ڪافي آهي. غمگينيءَ ۾ آسودگيءَ کي ڳولـجان“. محنت ڪجان“. سواءِ ڪنهن رُخني جي، منهنجن لفظن کي ياد رکجان“. جيتوڻيڪ مان پوءِ توسان ڳالهائيندس، هاڻي منهنجا ڏينهن نه بلڪ ڪلاڪ به ڳڻت ۾ آهن.“

اليوشا جي چهري تي هڪ دفعو وري جذبات ظاهر ٿيا. سندس وات جون ٻئي ڪـُـنڊون ڦڙڪي رهيون هيون.

“اِهو ٻيهر ڇا آهي؟“  مربي زوسيما وڻندڙ مسڪراهٽ سان پڇيو. “دنيا وارا ڀل ته ڪنهن جي موت تي ڳوڙها ڳاڙين، پر هـِـتي اسان پنهنجي وڇڙندڙ پيءُ تي خوشي ٿا ڪريون. اَسان خوشي ٿا ملهايون ۽ هن لاءِ دعا ٿا ڪريون. مون کي اَڪيلو ڇڏ ته مان عبادت ڪريان. وڃڻ ۾ ٿوري تڪڙ ڪر. پنهنجن ڀائرن جي ڀر ۾ ويهج، صرف هڪ جي ويجهو نه، مگر ٻنهي جي قريب.“

فادر زوسيما کيس دعا ڏيڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا. اِليوشا پنهنجي ڪابه ناراضگي نه ڏيکاري، جيتوڻيڪ سندس ڏاڍي خواهش هئي، ته هـُـو ترسي پوي. هن کان سواءِ هيءَ به سندس خواهش هئي ته هـُـو اِها به پڇا ڪري ته هـُـو دمتريءَ جي اڳيان ڇو نوڙيو ۽ سندس اُن مان ڪهڙو مطلب هو؟ هيءُ سوال سندس زبان سان ٽـَـڪرائجي رهيو هو، مگر همٿ نه پئي ٿيس، جو کڻي پڇي. هن سمجهيو ته جيڪڏهن مناسب هجي ها، ته مربي خودبخود ٻـُـڌائي ها. ظاهر هو ته اِها سندس مرضي ڪانه هئي. هن عمل اليوشا تي بي پناهه اَثر وڌو هو. سندس اُن جي معنيٰ خيز مفهوم تي ايمان هو، پـُـراسرار ۽ شايد هيبت ناڪ پڻ.

هـُـو جيئن ئي تڪڙو تڪڙو حـُـجري جي احاطي کان ٻاهر نڪري هلڻ لڳو، ته وڃي خانقاه ۾ فادر زوسيما جي کاڌي تي پهتو، تڏهن پنهنجيءَ دل ۾ درد اُڀرندو محسوس ڪيائين ۽ ٿورو ترسي پيو. ايئن ٿي لڳو، ته هن وري مربي زوسيما جا لفظ ٻـُـڌڻ ٿي گهريا، جو پنهنجي آخري وقت جي پيشنگوئي ڪري رهيو هو. هـُـن جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي، سا ناممڪن هئي جو صحيح نه نڪري. اليوشا کي سندس اِشاري ۾ ڪامل يقين هو، پر هـُـو ان کان اَڪيلو ڪيئن رهي سگهندو؟ هـُـن کي ڏسڻ يا ٻڌڻ کان سواءِ، هـُـو ڪيئن زنده رهي سگهندو؟ هـُـو آخر ڪيڏانهن وڃي؟ هـُـن کيس چيو هو ته روئجان نه، خانقاه ڇڏي وڃجان“. او خدا! هيءُ گهڻي وقت کان پوءِ هو، جو اِليوشا ذهني ڪوفت ۾ گرفتار ٿيو هو. هـُـو اُن جهنگ مان، جنهن حجري کي خانقاه کان علحدو ٿي ڪيو، تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. منجهس اِها طاقت ڪانه هئي، جو خيالن جي هن طوفان کي برداشت ڪري سگهي. هن سـُـڪل صنوبر جي وڻ کي ڏٺو جو رستي تي بيٺو هو، کيس ڏور وڃڻو نه هو، صرف پنج سـَـو قدمن تائين وڃڻو هو، کيس هيءُ به خيال هو، ته رستي تي کيس ٻيو ڪوبه ڪونه گڏبو، پر پهرئين موڙ تي هـُـن ريڪٽن کي ڏٺو. هو ڪنهن جو انتطار ڪري رهيو هو.

 ”تون منهنجي لاءِ ترسيو آهين“، اليوشا وٽس پهچندي پڇيو.

 ”هائو،“ ريڪٽن تلخ مسڪراهٽ سان چيو.  ”تون فادر سپيرئر وٽ تڪڙو وڃي رهيو آهين. مون کي خبر  آهي ته هن وٽ دعوت آهي. اهڙي دعوت ڪڏهن به ٿي نه آهي، سواءِ اُن دعوت جي، جا فادر سپيرئر بشپ ۽ جنرل پهائون جي ڪئي هئي. توکي ياد هوندو، مان دعوت تي ڪونه هوندس، پر تون وڃي چٽڻيءَ تي هٿ صاف ڪر. اليڪسي! پر مون کي هڪڙي ته ڳالهه ٻـُـڌاءِ، هن روحاني ڪشف مان ڪهڙو مطلب هو؟  مون توکان فقط اِهوئي ٿي پڇڻ گهريو.“

“ڪهڙو ڪشف؟“

“اُهو جو تنهنجي ڀاءُ دمتريءَ جي اڳيان مربيءَ جو نـِـوڙڻ هو. هن جي پيشاني زمين تي آواز به پيدا ڪيو هو!“

 ”تون فادر زوسيما جي متعلق ٿو پڇين؟“  

 ”هائو فادر زوسيما بابت.“

 ”زمين تي آواز؟“

 ”آهه، ڪهڙو نه بي حرمتي وارو لهجو! خير اُن جو حرج ڪونهي، پر اُن جو مطلب ڪهڙو هو؟“

 ”مشيا مون کي اُن جي ڪابه خبر نه آهي؟“

 ”مون ڄاتو پئي ته هـُـو توکي ڪونه ٻڌائيندو. هن ۾ حيرت جو ڪوبه مقام نه آهي. رڳو دستوري کل جهڙي رسم! پر اِن اَدائگيءَ ۾ ڪو مقصد هو. شهر جا سمورا پاڪ نفس هن بابت ڳالهيون ڪندا. اِها ڳالهه پوري علائقي ۾ پکڙجي ويندي ۽ حيرت جو سبب بڻبي، ته آخر هن جو مطلب ڇا هو؟ مان سمجهان ٿو ته هن ٻڍڙيءَ کي ڪو تيز نڪ آهي، جو هـُـو گناهه کان نفرت ٿو ڪري ۽ تنهنجي گهر ۾ اِها بدبوءِ آهي.“

 ”ڪهڙو گناهه؟“

اِهو صاف ظاهر هو ته ريڪٽن ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿي نظر آيو.

 ”ٿـِـي سگهي ٿو، ته اِهو گناهه تنهنجي گهر ۾ هجي. تنهنجن ڀائرن ۽ تنهنجي شاهوڪار پيءُ جو هجي. سو فادر زوسيما اِنڪري زوم سان ڪري پيو. پوءِ جو ڪجهه ٿئي، اُن لاءِ هـُـو تيار آهي. بعد ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو به ته اُهو به ايئن ئي هوندو. اوه! اِهو ته هـُـن پاڪ نفس پهريائين ئي محسوس ڪيو هو، ۽ هيءُ بلڪل الهامي هو. حالانڪ اِها ناقص قسم جي اڳڪٿي آهي، جهڙيءَ ريت هـُـو اَڍنگي نموني ڪري پيو. اوه! هن ۾ ته ڪا مجازي رمز هئي. سڀئي اِيئن چوندا ته مجازي! پر شيطان کي سـُـڌ آهي ته اِهو سڀ ڪجهه ڇا هو؟ اِهو هـُـن جي عظمت جي ياد پيو تازي ڪندو. هـُـن گناهه بابت اڳڪٿي ڪئي ۽ گنهگارن ڏانهن اِشارو ڪيائين! اِهو، ايئن ئي اهڙن سودائي متعصبن جو نمونو پئي رهيو آهي. هـُـو شراب خانن کان پارلنگهي وڃن ٿا ۽ مندرن ڏانهن پٿر اُڇلائين ٿا. بلڪل تنهنجي مربيءَ جان. هـُـو صحيح ۽ سالم ماڻهوءَ تي لـَـٺ ٿو کڻي ۽ قاتل جي قدمن ۾ ڪـِـري ٿو پوي.“

 ”ڇا جو گناهه! ڪير قاتل؟ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

اِليوشا تي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي وئي. ريڪٽن پڻ ماٺ ۾ هو.

 ”قاتل ڪير؟ ڄڻ ته توکي ڪا خبر ئي ڪانه آهي! مان شرط ٿو رکان، ته تو اُن بابت اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو  آهي. ڪهڙو نه اِهو دلچسپ آهي. خير اِهو اِيئن ئي هو. اِليوشا ٻـُـڌ، تو هميشه سچ پئي ڳالهايو آهي. جيتوڻيڪ تون هميشه ٻن باهين ۾ رهيو آهين. تو، هن تي سوچ ويچار ڪيو آهي، جواب ڏي؟“

 ”هائو، مون ڪيو آهي،“ اليوشا، هوريان آواز ۾ چيو، جنهن کان ريڪٽن به هيسجي ويو.

 ”ڇا تو سچ پچ ڪيو آهي؟“

 ”مون ..... مون اِيئن ته خيال ڪونه ڪيو آهي،“ اليوشا ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪئي. تو ته سـِـڌو سنواٽو عجيب نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته مون ايئن قياس ٿي ڪيو.“

 ”هان ڏٺه!“ ڪهڙي نه سـُـٺي نموني ظاهر ڪيو اَٿئي! اڄ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي ڏسي، تو گناهه جو خيال ڪيو آهي، ته پوءِ مان غلطيءَ تي نه آهيان.“

 ”هڪڙي منٽ لاءِ ترس،“ اِليوشا بلڪل بي تاب ٿي لڳو.  ”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جو توکي ايئن نظر ٿو اَچي؟ هن ۾ تنهنجي ڪهڙي دلچسپي آهي؟ سڀ کان پهريائين اِهو سوال ٿو پيدا ٿئي.“

 ”ٻه سوال، هڪ ٻئي کان الڳ، پر فطري. ۽ مان ٻنهي تي جدا جدا روشني وجهندس. ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مون کي ايئن نظر ٿو اَچي. مان شايد ايئن محسوس نه ڪريان ها، جيڪڏهن مان تنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي اوچتو نه ڏسان ها ۽ يڪدم سنئون سنواٽو سندس دل ۾ نه نهاريان ها. مون هـِـن ماڻهوءَ ۾ هڪ امتيازي وصف لڌي آهي. اِنهن ايماندار، مگر جذباتي ماڻهن ۾ اهائي هڪ وصف ٿئي ٿي، جنهن کي اورانگهڻ نه کپي. شايد ايئن ٿي پئي ها، ته هـُـو تنهنجي پيءُ تي چاقوءَ سان ڊوڙي پوي ها، پر تنهنجو پيءُ شرابي، پراڻو پاپي آهي. هـُـو ڪڏهن به اهڙي قسم جو خط نه ڪڍڻ چاهيندو - پر جيڪڏهن ٻئي اهڙي معاملي تي وڃي پهتا، ته ٻنهي کي ڏک ٿيندو.“

 ”نه مشيا، نه، جيڪڏهن ايئن آهي، جنهن جي تون پڪ ٿو ڏئين، ته معاملو ايستائين ڪونه پهچندو.“

 ”پر تون لرزي ڇو رهيو آهين؟ مان توکي ٻڌايان ٿو. تنهنجو مـِـتيا ڀلي ايماندار هجي (هـُـو بيوقوف آهي پر ايماندار، ۽ شهوت پرست آهي.) اِهائي سندس تعريف آهي، اِهوئي سندس ذاتي جوهر آهي. اِهو تنهنجو ئي پيءُ آهي، جنهن کيس ايترو شهوت پرستيءَ ۾ ڪيرايو آهي. توکي خبر آهي اليوشا! ته مان توتي عجب کائيندو آهيان ته تون ڪيئن پنهنجي پاڪائي قائم رکي سگهيو آهين. تون پڻ ڪرامازوف آهين. تون ڄاڻين ٿو! تنهنجي خاندان ۾ شهوت پرستي هڪ مهلڪ بيماري وانگر وچڙيل آهي، پر هاڻي، اِهي ٻئي نفس پرست، هڪ ٻئي کي چاقو کڻي پيا تاڙين. هي ٽئي هڪ ٻئي سان پيا ٿا ٽڪرائين. شايد چوٿون تون به هجين؟“

 ”تون اُن عورت جي متعلق غلطيءَ تي آهين. دمتري اُن کي ذليل ٿو سمجهي.“  اليوشا ٿورو ڏڪندي چيو.

 ”گروشيناڪ! منهنجا ڀاءُ، هـُـو اُن کان حقارت نه ٿو ڪري. هـُـن پنهنجي مڱينديءَ کي جيئن ته هـِـن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، اُنڪري هـُـو ڪيئن اُن کي حقير سمجهندو. اُن ۾ منهنجا ڀاءُ! ڪجهه مڙيوئي آهي، جنهن کي اَڃا تون ڪجهه نه ٿو سمجهين. هڪ انسان ڪنهن سونهن کي پيار ڪري ٿو - عورت جي جسم سان يا سندس جسم جي ڪنهن حصي سان، جنهن کي فقط هڪ نفس پرست ئي سمجهي سگهي ٿو. اُن لاءِ هـُـو پنهنجا ٻار، پنهنجو پيءُ، ماءُ، بلڪه پنهنجو وطن - رشيا به ڇڏي سگهي ٿو. هـُـو جيڪڏهن ايماندار آهي ته چوري ڪندو، جيڪڏهن شفيق آهي ته خوف ڪندو، جيڪڏهن سچار آهي ته دعا ڪندو. پـُـشڪن عورت جي قدمن جي شاعر، سندس پيرن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. ٻيا سندس ساراهه کي ڪونه ٿا ڳائين، پر هن جي پيرن ڏانهن هيجان ۽ پريشانيءَ کان سواءِ نهاري نه ٿا سگهن. هتي منهنجا ڀائڙا! نفرت ڪابه مدد نه ٿي ڪري. پوءِ ڇو نه کڻي هـُـو گروشيناڪ کان حقارت ئي ڪري. هـُـو  ڪري ٿو، پر پاڻ کي چيري ۽ ڦاڙي ته نه ٿو سگهي.“

 ”مان اِهو سمجهان ٿو،“ اليوشا ڄڻ ته جهٽڪو کاڌو.

 ”سچ ٿو چوين ۽ درست ٿو چوين، ڇو ته تون پهرين ئي لفظن ۾ قبوليت ڏئي چـُـڪو  آهين.“  ريڪٽن خباثت سان چيو،  ”هي توکي بي خبريءَ کان بچائي ٿو ۽ ساڳئي وقت اعتراف ڪرڻ اَملهه آهي ته پوءِ تون اُن موضوع کان غير واقف نه آهين، تو اڳ ۾ ئي، اُن تي سوچيو آهي. منهنجو مطلب جنسي نفس پرستيءَ کان آهي. او بي داغ روح! اليوشا! تون هڪ مقدس مرد آهين، تون درويش آهين، پر اِهو شيطان ئي ٿو ڄاڻي، ته تو اُن لاءِ ڇا سوچيو آهي ۽ اُن بابت اڳ تون ڇا سوچيندو رهيو آهين؟ تون پاڪ آهين، پر تون اُن جي گهراين ۾ به آهين. مان توکي گهڻي عرصي کان ڏسندو رهان ٿو. تون خود پاڻ ڪرامازوف آهين، تون سڄو سارو ڪرامازوف آهين. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي. هن مان ظاهر آهي ته اصل ۽ نسب جو ماڻهن جي طبيعتن تي ڪيڏو نه دخل ٿا رکن. پيءُ جي طرفان تون نفس پرست آهين ۽ ماءُ جي طرفان سودائي درويش. تون ڏڪين ڇو ٿو؟ انهيءَ لاءِ ته مان توکي حقيقتون ٻـُـڌائي رهيو آهيان. توکي خبر آهي، ته گروشيناڪ مون کي منٿون ڪندي آهي، ته مان توکي وٽس وٺي وڃان. هـُـو چوندي آهي ته مان هن پادريءَ کي ڇـِـڪي هيٺ ڪنديس. سندس تقدس جو لباس تار تار ڪري ڇڏينديس. تون هيءُ خيال به نه ٿو ڪري سگهين، ته توکي آڻڻ لاءِ هـُـو ڪيتريون آزيون ڪندي آهي. عجب آهي، ته هوءَ تو ۾ ڇو ايتري دلـچسپي وٺي ٿي. توکي خبر آهي ته هوءَ هڪ غير معمولي عورت آهي؟“  

 ”هن جي مهرباني مڃجانءِ ۽ چئجانس ته مان ڪونه ٿو اَچان“ اليوشا ڦڪيءَ کـِـلَ سان چيو،  ”مشيا! توکي جيڪي چوڻو آهي، اُهو چئي ختم ڪر، پوءِ مان توکي پنهنجو اصلي خيال ٻـُـڌائيندس.“

 ”ڇا آهي، جنهن کي مان ختم ڪريان؟ سڀ ڪجهه بلڪل صاف آهي. ڀائڙا! اِهو اُهوئي پراڻو راڳ آهي، پر جيڪڏهن تون شعور ۾ نفس پرست آهين، ته پوءِ ڀلا تنهنجو ڀاءُ ايون؟ هـُـو پاڻ ڪرامازوف آهي. توهان سڀني ڪرامازوف جي بنياد ۾ ڇا آهي؟ فقط نفس پرستي، خيانت ۽ سوداءُ! تنهنجو ڀاءُ ايون، مذهبي مضمون فقط کـِـلَ ۽ مذاق لاءِ لکي ٿو. ڪنهن احمقاڻي حرڪت لاءِ، ۽ اُن مقصد جي خاطر، جنهن جي کيس به ڪا خبر نه آهي. جيتوڻيڪ هـُـو بي دين آهي ۽ هـُـن قبول ڪيو آهي، ته اِها پاڻ سان سندس مڪاري آهي. اِهو آهي تنهنجو ڀاءُ ايون! هـُـو اِها به ڪوشش ٿو ڪري، ته مـِـتيا جي مڱينديءَ کي هٿ ڪري وٺي. مون کي شڪ آهي، ته هـُـو اُن ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن کان وڌيڪ ڇا کپي، جو خود مـِـتيا رضامندي ڏيکاري آهي؟ مـِـتيا پنهنجي مڱينديءَ تان هٿ کڻي آزاد ٿي پوندو ۽ گروشيناڪ ڏانهن جهڪي پوندو. پنهنجي شرافت ۽ غير خاني داريءَ جي باوجود، هـُـو ايئن ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن کي خيال ۾ رک. هيءُ آهن مقدر جا ماريل! ڪهڙو خبيث توکي اِتان ڪڍي سگهندو؟ هـُـو پنهنجي ڪمينائپ کي سمجهي ٿو ۽ اُن تي لڳو اَچي! مان توکي اهو به ٻـُـڌائي ڇڏيان ته اِهو پوڙهو، تنهنجو پيءُ، هاڻي مـِـتيا جي راهه ۾ رنڊڪون ٿو وجهي. گـُـروشيناڪ تي هــُـو اوچتو موهجي پيو آهي. هـُـن کي جڏهن ڏسي ٿو، ته سندس وات پاڻي پاڻي ٿيو وڃي. هيءُ به اِنڪري ئي هو، جو هـُـن حجري ۾ تماشو پيدا ڪيو. ڇاڪاڻ ته موسيوف کيس ڌڪاريل جيو ٿي سڏيو. هـُـو ته ٻلي ۽ ٻـِـليءَ جي عشق  کان به بدتر آهي. شروع ۾ هن کيس گـُـتي ۾ نوڪري ڏني هئي ۽ ڪنهن معمولي ڌنڌي ۾ لڳايو پر هاڻي کانئس سڀ ڪجهه ڇڏائي، مٿس حيران ۽ پريشان ڦرندو وتي ٿو. هـُـو ڪيترين ئي لالچن سان کيس هرکائي رهيو آهي، جو ڪو عزت ڀريو ڪم نه آهي. اِها پـَـڪ آهي ته املهه پيءُ ۽ پٽ جو، راهه جي وچ تي ضرور ٽڪراءُ ٿيندو. مگر گروشيناڪ ٻنهي کي پسند ڪونه ٿي ڪري. فقط ٻنهي سان کيڏي رهي آهي. ٻنهي کي مـَـڇرائي رهي  آهي، ته جيئن ٻنهي کان گهڻي ۾ گهڻو حاصل ڪري سگهي. هوءَ پيءُ جو جيتوڻيڪ گهڻو ئي پيسو اُڏائي سگهي ٿي، پر هـُـوءَ ساڻس شادي ڪانه ڪندي. ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو آخر ۾ ڪنجوس ٿي، پنهنجي مـُـٺ کي ڀڪوڙي ڇڏي، مـِـتيا جو قدر ۽ قيمت اِتي وڌي وڃي ٿي. هـُـن وٽ پيسو ڪونه آهي پر هـُـو ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بنهه آتو آهي. هـُـو پنهنجيءَ مڱينديءَ ڪيٽرينيا اَيونونا کان، جا حـُـسن ۽ جمال ۾ جواب نه ٿي رکي ۽ ڪرنل جي ڌيءُ آهي، جان ڇڏائي گروشيناڪ سان شادي ڪرڻ جا پـَـهه پچائي رهيو آهي. هيءَ ڪنهن وقت، هڪ اَدنيٰ، غير مهذب، جاهل ۽ بدڪار پوڙهي سوداگر سيمسونوف جي - جو ضلعي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، داشته رهي چـُـڪي آهي. قتل ۽ خون جو، هاڻي ڪو واقعو ٿئي، ته پوءِ ڪا چڱائي ٿي. ايون اُن لاءِ منتظر ويٺو آهي. اِهو واقعو کيس پــَـٽَ تي ڪيرائڻ لاءِ ڪافي آهي. هـُـو پوءِ ڪيٽرينيا ايونونا کي هٿ ڪري وٺندو، جنهن لاءِ هـُـو ايترو اُداس ۽ حسرت ۾ گذاري ٿو. پوءِ سـَـٺ هزارن جو ڏاج کڻي کيسي ۾وجهندو. هڪ نيچ ۽ پينو ماڻهوءَ جي لالچائڻ لاءِ اِهو ڪافي آهي. اِهو به ياد رکجانءِ ته هـُـو مـِـتيا سان ڪابه زيادتي ڪونه ٿو ڪري پر حقيقت ۾ اُن لاءِ آساني ٿو پيدا ڪري. مون کي ڳالهين جي خبر آهي- اِجهو اَڃا اڳئين هفتي، جڏهن هـُـو گـُـتي ۾ ڪن رولو ڇوڪرين سان شراب پي رهيو هو، ته هـُـن رڙ ڪري چيو، ته هـُـو پنهنجي مڱيندي ڪيٽرينيا جي بلڪل لائق نه آهي پر سندس ڀاءُ ايون هر طرح مستحق آهي. ڪيٽرينيا ايونونا، پڇاڙيءَ ۾ اهڙي وڻندڙ ۽ دلڪش ماڻهوءَ کان انڪار ڪانه ڪندي. هوءَ هن ڳالهه ۾ ڏاڍي ٻـُـڏتر ۾ آهي، ته هوءَ ٻنهي مان ڪنهن کي پنهنجو بڻائي. ڏسو ته ڪهڙي عمدي طريقي سان ايون، اوهان سڀني کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو آهي. اوهان سڀئي سندس پرستش ٿا ڪريو. هـُـو اوهان تي وڏا وڏا ٽهڪ ٿو ڏئي ۽ اوهان جي ذلالت مان لطف ۽ مزو ٿو وٺي.“

 ”توکي ڪيئن خبر پئي؟ تون ايترو يقين سان ڪيئن ٿو چوين؟“  پيشانيءَ تي گهنج آڻندي، اليوشا شوخيءَ سان چيو.

 ”اِهو ڇو ٿو پڇين ۽ منهنجي جواب تي، توکي خوف ڇو ٿو ٿئي؟ هن مان ظاهر آهي ته جو ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، سو سورنهن آنا سچ آهي“.

 ”ايون توکي ڪونه ٿو وڻي، پر ايون ۾ دولت جي لاءِ ڪابه دلـچسپي ڪانه آهي“.

 ”سچ؟ ڀـَـلا ڪيٽرينيا ايونونا جو حسن ۽ جمال ڪيئن آهي؟ فقط پيسو ته نه آهي؟ جيتوڻيڪ سٺ هزارن جي ڏاج ۾ ڪا گهٽ جاذبيت نه آهي؟“

 ”ايون اُن کان گهڻو بلند آهي. هزارن جي خاطر هـُـو ڪنهن سان ڳانڍاپو ڪونه ڳنڍيندو. اِهو پيسو نه هوندو ۽ نه وري اُن ۾ آسائش آهي، جنهن کي ايون ڳولهي ٿو. شايد ڪا مصيبت ۽ اَذيت آهي، جنهن جي کيس تلاش آهي.“

 ”ڪهڙو نه مجنون خواب آهي او شريف الفنس؟“

 ”مشيا! توکي خبر نه  آهي ته هـُـن وٽ ڪيترا نه گهـَـرا جذبا آهن. هن جي دل جڪڙيل آهي. ڪي مـُـنجهيل شڪ ۽ شبها مٿانئس ڀوت وانگر سوار آهن ۽ بس. هـُـو اُنهن مان هڪڙو آهي، جن کي نه ڪروڙن جي تمنا آهي ۽ نه خواهش. هن کي ته فقط پنهنجي سوال جو جواب کپي.“

 ”اِها ته عبارت جي چوري آهي. اليوشا! تون ته محض مربيءَ جا فقرا نقل ٿو ڪرين. ايون ته اوهان جي اڳيان هڪ مسئلو رکيو آهي!“  ريڪٽن ڪيني کي ظاهر ڪندي چيو. سندس شڪل بدلجي وئي ۽ چپ ڦڙڪي رهيا هئس.  ”هڪ احمقاڻو مسئلو! اُن تي غور ڪرڻ ئي بي سود آهي. پنهنجي دماغ کي جنجهوڙيو، پوءِ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اَچي ويندو. تو سندس احمقاڻي نظريي کي هاڻي ٻـُـڌو. جيڪڏهن حيات جاوداني نه آهي ته پوءِ ڪا به حسـِـنِ سيرت ۽ نيڪي ڪانه آهي. پوءِ هر شيءِ جي جائز ۽ ناجائز جو ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي. توکي ياد آهي، ته تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا ڇا چيو هو؟  ”مان اُن کي سيني سان سانڍيندس” بدمعاش لاءِ ڪهڙو نه دلڪش نظريو! مان بد شد ٿو ڳالهايان، جا ناداني آهي. نه فقط بدمعاشن جي لاءِ پر ڀليل ۽ ڀٽڪيل لاءِ به دلڪش نظريو! اِهو آهي خيالن جو ڀوت ۽ منجهيل شڪ ۽ شبها! اِهو فقط هن جو کيل آهي، اُن جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هڪ طرف مڃڻ کان سواءِ، ٻيو چارو ڪونه رهندو. ٻئي طرف گناهه جو اعتراف ڪرڻو ئي پوندو. هن جو پورو نظريو دوکو آهي. انسانيت خود بخود نيڪيءَ جي قوت کي ڳولي لهندي، پوءِ اُها اَبدي حياتي ۾ يقين نه به ڪري. اِها آزاديءَ جي حب، يڪسانيت ۽ پنهنجائپ ۾ کيس ملي ويندي.“

ريڪٽن جوش مان پاڻ کي روڪي نه ٿي سگهيو، پر يڪايڪ خاموش ٿي ويو. ڄڻ ته ڪجهه ياد آيو هجيس.

 ”بس اِهو ڪافي آهي،“ هـُـن اَڃا تائين زهر ٻڏل لهجي ۾ ٿي ڳالهايو.  ”پر تون کلين ڇو ٿو؟ تون مون کي شايد بيهودو ۽ احمق ٿو سمجهين؟“

 ”مان ته توکي ڪڏهن به بيهودو ۽ احمق ڪونه ٿو سمجهان. اِهو ته مان خواب ۾ به نه سنڀران. پر تون چالاڪ آهين ..... خيال نه ڪر. اِها منهنجي ناداني هئي، جو مون مشڪيو ٿي. مشيا! مان سمجهان ٿو ته تون هن تي ڏاڍو گرم ٿو ٿئين. مان تنهنجي گرميءَ مان اَندازو لڳايان ٿو، ته تون به ڪيٽرينيا ايونونا کان بي پرواهه نه آهين. ڀائڙا! مون کي هن جو گمان ته گهڻي وقت کان هو ته آخر ڪهڙو سبب آهي، جو تون منهنجي ڀاءُ ايون کي پسند نه ٿو ڪرين. توکي ساڻس رقابت آهي.“

 ”سندس دولت لاءِ بدگماني پڻ؟ اِهو به ڇو ڪين ٿو چوين؟“

 ”پيسي بابت ته مان ڪجهه به نه چوندس. مان تنهنجي توهين ڪرڻ ڪونه نڪتو آهيان.“

 ”ته پوءِ مون کي اعتبار آهي، جي تون اِيئن چوين ٿو پر توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي ڀاءُ ايون کي به مونجهاري ۾ وڌو اٿم. تون اِهو ڪونه ٿو سمجهين ڇا ته ڪيٽرينيا ايونونا کان سواءِ به ڪو کيس ناپسند نه ٿو ڪري؟ پوءِ اهڙو مان بدنصيب ڪٿي آهيان، جو کيس ناپسند ڪريان؟ هـُـو مون کي گارين ڏيڻ تي مائل آهي، جنهن جي توکي خبر آهي ته پوءِ مون کي اهو حق حاصل نه آهي ته مان به کيس گهٽ وڌ ڳالهايان؟“

 ”مون ته ڪڏهن به هن کي تنهنجي لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندي ڪونه ٻـُـڌو آهي. هن ته تنهنجو ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو آهي.“

 ”ڇو؟ اِها اَڃا اڳئين ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هن ڪيٽرينيا ايونونا وٽ دل کولي مون کي گاريون ٿي ڏنيون - ڏسين ٿو، ته تنهنجي خادمه ۾ هـُـو ڪيتري نه دلچسپي ٿو وٺي. هڪ ٻئي جي پٺيان ڪنهن کي رقابت آهي. منهنجا ڀاءُ! مان هي چئي نه ٿو سگهان. هن پنهنجو ڏاڍو خيال ظاهر ڪيو، ته مان رياضيدان جو پيشو مستقبل جي لاءِ اختيار نه ڪريان ۽ نه وري راهب بڻجان. اِنڪري مان پـَـڪ پيٽسبرگ هليو ويندس، جتي ڪنهن نامياري رسالي ۾ تبصري نگار بڻجان ۽ ايندڙ ڏهن سالن تائين لکندو رهان. پڇاڙيءَ ۾ مئگزين جو مالڪ ٿيان ۽ اُن ۾ آزاديءَ سان لکندو رهان. اُن ۾ اشتراڪي خيالن جي هلڪي جهلڪ هجي، هلڪي حاشيه آرائي هجي. هميشه ۽ سمورو وقت تيز نظر هجي، جا ٻنهي طرفن ڏي پوندي رهي. فقط بيوقوفن کي فريب ڏيڻو پوندو. تنهنجي ڀاءُ جي بيان موجب اشتراڪي خيالن جي جهلڪ منهنجي آمدنيءَ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ڪندي، پنهنجي معاش جي آخري ڏينهن ۾، مان پيٽسبرگ ۾ هڪ عاليشان جڳهه جوڙائيندس، پنهنجو ڇاپخانو قائم ڪندس. مٿيون طبقو مسواڙ تي ڏيندس. هـُـن ته اُن لاءِ جاءِ به ڳولي ڇڏي آهي، نئين پٿر واري پـُـل جي ڀرسان نيوا جي هن پار، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته اِها پيٽسبرگ ۾ ئي ٺهندي.“

 ”سچ مشيا، اِهو ايئن ئي ٿيندو ۽ سندس حرف حرف سچو نڪرندو“. اليوشا خوش مذاقيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، مشڪي چيو.  ”اليڪسي فيودور پاولووچ! توکي شايد طنز ۽ مذاق مان لطف ٿو اَچي.“

 ”نه نه مون کي معاف ڪجان“. مون مذاق نه ٿي ڪيو. منهنجي دل ۾ هڪ الڳ ٿلڳ ڳالهه آهي، پر معاف ڪجان“. اِهو توکي سڀ ڪجهه ڪير ٿو ٻڌائي؟ تون پاڻ ته ڪيٽرينيا ايونونا ڏانهن ڪونه ويو هئين، جتي هــُـو تو بابت ڳالهائي رهيو هو.“

 ”مان اُتي برابر ڪونه هيس پر دمتري فيودور پاولووچ  اُتي هيو. مون پنهنجي ڪنن سان هن کي ڳالهائيندي ٻـُـڌو. ڪنهن به اِرادي کان سواءِ مون کيس اتفاقاً ٻـُـڌي ورتو. اُن وقت مان گروشيناڪ جي سمهڻ واري ڪمري ۾ هوس. مان اُتان نڪري به نه ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته دمتري فيودور پاولووچ  ٻئي ڪمري ۾ ويٺو هو.“

 ”هائو، برابر سچ ٿو چوين، مون کان اِهو وسري ويو هو، ته هوءَ تنهنجي رشتيدار آهي.“

 ”رشتيدار، اِها گروشيناڪ ۾ منهنجي رشتيدار“، ريڪٽن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.  ”تون چريو ته نه آهين، تون پنهنجي خيالن ۾ ئي گم آهين؟“

 ”ڇو هوءَ تنهنجي رشتيدار نه آهي؟ مون ته گهٽ ۾ گهٽ ايئن ٻڌو آهي.“

 ”تون اِهي ڳالهيون ڪٿان ٿو ٻڌين؟ توهان ڪرامازوف، پراڻي زماني جي هئڻ جون ٻٽاڪون ٿا هڻو. پاڻ کي اوچي خاندان جا ٿا سمجهو. حالانڪ تنهنجو پيءُ، ٻين جي ميز تي مسخري جو پارٽ ادا ڪندو آهي ۽ بورچيخاني ۾ خاص مهربانيءَ سان اجازت وٺندو آهي. مان کڻي هڪ پادريءَ جو پٽ آهيان ۽ اوهان جهڙن معزز ماڻهن جي نگاهن ۾ ڌوڙ کان وڌيڪ نه هجان، پر مون کي ايتري بي پرواهي ۽ شوخيءَ سان بي عزت نه ڪريو. مون کي پاڻ پنهنجي مان ۽ مرتبي جو احساس آهي. اليڪسي فيودورپاولووچ، مان ڪڏهن به گروشيناڪ جهڙي عام رواجي فاحشه جو رشتيدار ٿي نه ٿو سگهان. مهرباني ڪري هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“

ريڪٽن بلڪل خفا ٿي لڳو.

 ”مون کي بخشجان“. منهنجو ڪڏهن به اِهو ارادو نه هو، پر تون هن کي فاحشه ڪيئن ٿو سڏين؟ هوءَ اِهڙي قسم جي عورت به آهي ڇا؟“  اليوشا ۾ فورََا لرزو پيدا ٿي ويو.  ”مان توکي وري به ايئن ٻڌايان ٿو، ته مون ايئن ئي ٻڌو آهي، ته هـُـوءَ تنهنجي رشتيدار آهي. تنهنجو اَڪثر وٽس اَچڻ وڃڻ ٿيندو آهي ۽ تو مون کي خود ٻڌايو آهي، ته تون سندس عاشق نه آهين. مان ته ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو آهي، ته توهان ماڻهن کي ساڻس ڪا ايڏي نفرت آهي. سچ پچ هوءَ اُن جي مستحق به آهي ڇا؟“

 ”هن ڏانهن وڃڻ لاءِ مون کي ڪي ذاتي سبب هوندا، اُن سان تنهنجو ڪوبه واسطو نه آهي. پر جيستائين مـِـٽي مائٽيءَ جو تعلق آهي ۽ تنهنجي ڀاءُ يا تنهنجي پيءُ جو قياس اِهوئي آهي، ته اوهان سان ئي اِهو تعلق ٿيندس ۽ نه مون سان. ٺهيو، اِها ڳالهه اِتي ئي ختم ٿا ڪريون. تون هاڻي ماني کائڻ وڃ ته بهتر آهي. اَڙي هوءَ وري ڪهڙي خرابي پيدا ٿي آهي. اِهو ڇا  آهي ڀلا؟ اسان کي دير ٿي وئي آهي ڇا؟ هنن ايترو جلدي ته کاڌو ختم ڪونه ڪيو هوندو! ڪرامازوف وري ڪو هنگامو پيدا ڪيو ٿو ڏسجي. هــُـو ڪير ٿا اَچن؟ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجو ڀاءُ ايون! سندن پٺيان هـُـو ڏس، فادر سپيرئر، ڏاڪڻ تان رڙيون ٿو ڪري. جواب ۾ تنهنجو پيءُ به رڙيون ٿو ڪري ۽ ٻانهون ٿو لوڏي. اَڙي اَڙي موسيوف به پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڀڳو ٿو وڃي. ڏسين ٿو، هـُـو وڃي رهيو آهي - ضرور ڪو مار موچڙو ۽ شور غل ٿيو آهي. کاڌو ته ٿي ئي ڪونه سگهيو هوندو. پـَـڪ ئي پـَـڪ فادر سپيرئر تي حملو ٿيو هوندو! يا شايد هنن هڪ ٻئي کي ڌڪ هنيا هجن! اِهو هنن لاءِ چڱو ٿيو.“

ريڪٽن جي حيرت ۽ تعجب لاءِ ڪي سبب هئا. اُتي سچ پچ شرمناڪ ۽ اَنوکو تماشو ٿي گذريو هو. اِهو ڪن گهڙين جي مونجهاري، جوش ۽ خروش جو نتيجو هو ۽ بس!

 

 

dc

 

باب اٺون

شرمناڪ نظارو

هڪ عالي خاندان ۽ نفاست پسند هئڻ جي باعث موسيوف ڪجهه اندروني بي ڪيفي ۽ بي آرامي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. هو جڏهن ايون سان گڏ، فادر سپيرئر وٽ پهتو تڏهن پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري وڃڻ تي کيس شرمندگيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. هـُـن محسوس ڪيو ته زوسيما جي چهري ۾ فيودور پاولووچ  جي ذليل ۽ حقارت آميز حرڪت کان، جا کيس پريشاني ٿي هئي ۽ جنهنڪري هـُـو پنهنجو پاڻ وساري ويٺو هو، تنهن کان بهرحال کيس پري رهڻ گهربو هو.

 ”راهبن  تي ڪنهن به حال ۾ ڪو به الزام رکي نه ٿو سگهجي،“ هـُـو ڏاڪڻ تي چڙهندي سوچڻ لڳو:  ”جيڪڏهن هت هيءُ معقول ۽ مناسب ماڻهو آهن (جئن فادر سپيرئر هڪ عالي مرتبي جو آهي)، ته پوءِ ڇو نه اُنهن سان دوستاڻي ۽ مانائتي طريقي سان پيش اَچجي، مان ڪوبه بحث ڪونه ڪندس. هرچيز ۾ اُنهن سان متفق ٿيندس. مان خوش خلقيءَ سان کين پنهنجو ڪندس ۽ اُنهن کي ڏيکاريندس، ته منهنجو اُن ايسپ، اُن مسخري ۽  تماشائيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي. اِنهن ڳالهين ۾ انهيءَ ڪري ئي وڪوڙجي ويو هوس، ڇو ته اُهي ايئن ئي پئي ٿيون، جن ۾ ڪنهن چڱي مقصد کي سامهون نه ٿي رکيو ويو.

هن پڪو ارادو ڪيو ته خانقاه سان جو سندس مقدمو هلي رهيو آهي، تنهن کي ختم ڪندو ۽ سندس جيڪو ڪاٺين ۽ مڇي مارڻ جو حق آهي، تنهن تان به دستبردار ٿي ويندو. هـُـو ايئن ڪرڻ لاءِ انڪري به تيار ٿيو هو، ڇو ته سندس حق، پنهنجي اصلي قدر ۽ قيمت وڃائي چـُـڪا هئا. کيس اُن جهنگ ۽ نديءَ لاءِ پورو اَندازو پڻ ڪونه هو ته اُهي ڪـَـٿي آهن؟

سندس اندر ۾ اهي بهترين خيال مضبوط ٿيندا ٿي ويا. جيئن ئي هن فادر سپيرئر جي کاڌي جي ڪمري ۾ پير رکيو، خانقاه جي رهندڙن مان فادر ايوسف، فادر پيسي ۽ هڪ ٻيو راهب موجود هئا، جن کي کاڌي جي دعوت مليل هئي. موسيوف سان ايون ۽ ڪلگنوف به گڏ هئا. فادر سپيرئر ٻه قدم اڳتي وڌي ڪمري جي وچ ۾ آيو، جيئن پنهنجن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري سگهي. هـُـو ڊگهو ۽ سنهو، مگر طاقتور پوڙهو ٿي لڳو. هن جا وار ڪارا هئا، جن ۾ سفيد وارن جون ٿوريون چـَـڳون به هيون. سندس چهرو ڊگهو، ڳنڀير ۽ بلڪل ڪنهن ويراڳيءَ وانگر ٿي لڳو. هـُـو خاموشيءَ سان پنهنجن مهمانن جي اڳيان نوڙيو. هن ڀيري هـُـو سندس دعا حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس وڌي ويا. موسيوف ته هٿن چمڻ تائين به ڪوشش ڪئي پر سپيرئر اُن وقت پنهنجين هٿن کي پري ڪري ورتو. ايون ۽ ڪلگنوف سموري رسم کي مڪمل ادب سان ۽ نهايت سادگيءَ سان اَدا ڪيو. بلڪل ڳوٺاڻن جيان هٿ کي به چمي ڏني.

 ”اسان کي نيازمنديءَ سان اوهان کان معافي وٺڻ گهرجي،“ موسيوف ڪشادي پيشانيءَ سان، ڏند ڪڍي کلندي، نهايت شاندار ۽ مؤدب لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو:  ”معاف ڪجو، جو اَسان اُن صاحب يعني فيودور پاولووچ، جنهن کي اوهان دعوت ڏني هئي، اُن کان سواءِ آيا آهيون. هن اوهان جي مهمان نوازيءَ کي احسانمنديءَ سان ڏٺو پر مجبوريءَ کان انڪار ڪيو آهي. ڪنهن سبب جي ڪري، عزت ڀري فادر زوسيما جي ڪوٺڙيءَ ۾ هـُـو پـُـٽ سان نامناسب اَڻ بڻت جي ڪري، آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ ڪي اِهڙا لفظ ڳالهائي ويٺو هو، جي اَڻ سونهائيندڙ هئا ..... سچ پچ نازيبا هئا، جن کان (راهبن ڏانهن نهاريندي) اوهان جي قابل احترام هستي، بنا ڪنهن شبهي جي، اڳ ۾ ئي واقف آهي، تنهنڪري، هـُـن اهو محسوس ڪندي، ته مٿس اِهو الزام آهي، ايمانداريءَ سان مون کي ۽ پنهنجي پٽ ايون فيودور پاولووچ  کي عرض ڪيو آهي، ته اوهان تائين سندس معذرت کي پهچايون. مختصر طرح کيس پـَـڪ آهي ۽ سندس اِها خواهش آهي، ته اُن جي پوءِ تلافي ڪندو. هـُـن اوهان جي نيڪ دعائن لاءِ عرض ڪيو آهي ۽ پڻ اِها به گذارش ڪئي اَٿائين، ته جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، اُن کي وساري ڇڏجي.“

موسيوف جيئن ئي اُن طنز ۽ هجو جا پويان لفظ چيا، ته ايئن لڳو ته ڄڻڪ هن مڪمل طور تي دلجمعي ۽ اطمينان حاصل ڪري ورتو  آهي ۽ مونجهاري جا سمورا نشان گم ٿي ويا آهن. هـُـو هڪ ڀيرو وري خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان انسانيت کي پيار ڪرڻ لڳو آهي.

فادر سپيرئر کيس وقار سان ٻـُـڌو ۽ مٿي کي ٿورو نوڙائي چيائين ته،  ”مون کي هن جي غيرحاضريءَ تي سچ پچ ته گهڻو ارمان آهي. اسان جي ميز تي هـُـو شايد اسان کي پيار ڪرڻ سکي ها ۽ اسان کيس به پيار ڪريون ها. ڀلائي ڪري اوهان پنهنجين جاين تي ويهي رهو.“

هـُـو پاڪ تصوير جي سامهون ٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان دعا جا لفظ چيائين. سڀني عزت ۽ احترام سان جهڪي ڪنڌ کي نوڙايو.

اِها ئي گهڙي هئي، جڏهن فيودور پاولووچ  پنهنجي پوئين شرارت ٿي کيڏڻ گهري. اِها حقيقت آهي، ته هن سچ پچ گهر وڃڻ جو اِرادو ڪيو هو ۽ هـُـن فادر سپيرئر وٽ ماني کائڻ کي نامناسب ٿي سمجهيو. جيتوڻيڪ مربيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ سندس شرمناڪ روش کان پوءِ ڪجهه به نه ٿيو هو. اِيئن به نه هو، ته هـُـو ڪو پنهنجي روش کان شرمندو ٿيو هو، پر هـُـو اڳي کان به اڳرو هو، اُن هوندي به هـُـن مانيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ نامناسب ٿي سمجهيو. سندس چيڪاٽ ڪندڙ گاڏي، مشڪل سان هوٽل جي ڏاڪڻ وٽ پهتي هئي ۽ هـُـو اَڃا گاڏيءَ مان لٿوئي نه هو، جو هـُـو يڪدم اُتي رڪجي ويو. مربيءَ وٽ جي هـُـن لفظ چيا هئا، سي کيس ياد آيا:  ”مون هميشه ايئن ئي محسوس ڪيو آهي، ته جڏهن به مان ماڻهن سان ملندو آهيان ته ايئن لڳندو آهي، ته مان اُنهن کان گهٽ آهيان ۽ هـُـو سڀئي مون کي مسخرو سمجهندا آهن، تنهنڪري خيال ڪيم ته ڇو نه مسخري جو پارٽ اَدا ڪريان. جيتوڻيڪ اِها پـَـڪ اٿم ته اوهان مان هر هڪ مون کان وڌيڪ بيوقوف ۽ ڪمتر آهي.“  اُن ڪري سندس هميشه اِهائي پئي خواهش رهي، ته هو پنهنجي بيهودي حرڪت جو ٻين کان بدلو وٺندو رهي. کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري کانئس ڪنهن پڇيو هو، ته  ”تون فلاڻي يا فلاڻي کي ايترو ڇو ٿو ڌڪارين؟“  اُن وقت به بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ سان اِهوئي جواب ڏنو هئائين، ته  ”مان توکي ٻڌايان، ته هـُـن مون کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچايو آهي، پر ڇاڪاڻ ته مان هن سان هڪ خراب حرڪت ڪئي هئي، اُن ڪري مان کانئس نفرت ڪريان ٿو.“

اِهو سڀ ڪجهه هاڻي ياد ڪندي، هـُـو خبيثاڻي طور تي مشڪيو ۽ ٿوري وقت لاءِ شش و پنج ۾ پئجي ويو. سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي، سندس چـَـپَ ڦڙڪڻ لڳا.  ”چڱو، مون جيئن ابتدا ڪئي آهي، هن کي ايئن ئي جاري رکڻ گهرجي.“  هن فيصلو ڪيو. اُن وقت سندس اُن مونجهاري جي بلنديءَ جو هنن لفظن مان اَندازو لڳائي سگهجي ٿو، جي هن چيا:  ”هينئر پاڻ کي ٺاهڻو ته نه آهي، اُنڪري مان ڇا آهيان، اُن تي سڀني کي شرمندو ڪريان ته بهتر آهي. مان بلڪل سهي نه سگهندس ۽ ڪڏهن به نه!“

سندس مغز گرم ٿي ويو. هـُـو يقيناََ هٻڪي رهيو هو ۽ پنهنجي ڳالهائڻ جي لهجي کان بلڪل بي نياز هو. هـُـن سـَـٽَ ڏيئي پنهنجو ٽوپلو کنيو.

 ”ڇا هـُـو برداشت نه ٿو ڪري سگهي“. فيودور پاولووچ  رڙ ڪري چيو.  ”بلڪل نه، ڪڏهن به نه ٿو ڪري سگهي؟ سائين! مان اندر اَچان يا نه؟ هڪ مهمان جي حيثيت ۾ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندا يا نه؟“

 ”خلوص دل سان اوهان جي آجيان ڪريان ٿو“، فادر سپيرئر جواب ڏنو.  ”صاحبوءِ هن وڌيڪ چيو:  ”مان جرئت ڪري توهان کي نهايت ئي دل جي صفائيءَ سان گذارش ڪريان ٿو، ته پنهنجي اَڻ بڻت کي پاسيرو رکي پيار ۽ سڪ ۾ ڳنڍجي وڃو. هڪ آڪهه جهڙو ميل ميلاپ ڪريو - مالڪ جي مهربانيءَ سان اسان جي ميز تي ويهو.“

 ”نه نه، اِهو ناممڪن آهي.“  موسيوف وري به رڙ ڪئي.

 ”چڱو، جيڪڏهن اِهو پيٽر اليگزينڊرووچ لاءِ ناممڪن آهي ته مون لاءِ به ناممڪن آهي. مان به ڪونه روڪبس. مان هاڻي هر جاءِ تي پيٽر اليگزينڊرووچ سان ئي رهندس. اِهوئي سبب آهي، جو مان آيو آهيان. پيٽر! جيڪڏهن تون هليو ويندين ته مان به هليو ويندس، پر جي تون ترسندين ته مان به ترسندس. توهان جڏهن آڪهه جو نالو کنيو، ته ڄڻ کيس هڪ ڏور ۾ ٻـَـڌي ڇڏيو. فادر سپيرئر هي منهنجي مائٽيءَ کان به انڪار ٿو ڪري.“

 ”اِهو ڇا ٿي رهيو آهي، اِهو ڇا ٿي رهيو آهي؟“  راهبن جي گروهه مان آواز ٻـُـڌڻ ۾ آيو.

 ”هلو ته هلون،“ موسيوف، ڪلگنوف کي چيو.

 ”نه، معاف ڪجو،“ فيودور پاولووچ  وڏي واڪي سان چيو ۽ هڪ قدم ٻيو به اڳتي وڌي رکيائين.  ”مون کي اجازت ڏيو ته مان پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪريان. پيٽر اليگزينڊرووچ مون کي هـُـن حجري ۾ انهيءَ ڪري رسوا ڪيو ويو، ڇو ته مون گولي کائڻ جو ذڪر ڪيو هو ۽ اها منهنجي ٻي جاهليت سمجهي وئي. منهنجو مائٽ موسيوف پنهنجن لفظن ۾ شرافت کي صداقت تي ترجيح ڏئي ٿو، پر مان ذاتي طرح سچائيءَ کي شرافت کان وڌيڪ سمجهان ٿو ۽ - لعنت آهي اِهڙي شرافت تي! مون کي اجازت ڏيو، مان دل جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. فادر سپيرئر، جيتوڻيڪ مان مسخرو آهيان ۽ مسخريءَ جو ئي پارٽ اَدا ڪريان ٿو، تنهن هوندي به منهنجو روح پاڪ ۽ عزت ڀريو آهي. پيٽر اليگزينڊرووچ وٽ فقط زخميل غرور ۽ خودپسندي  آهي ۽ بس. مان هـِـت رڳو انڪري آيو  آهيان ته دل جي ڳالهه ڪريان ۽ ڏسان وائسان. منهنجو پٽ اليڪسي هت آهي ۽ محفوظ آهي. مان سندس پيءُ آهيان. هـُـن جو خيال رکڻ لازمي ۽ اُن جو فڪر ڪرڻ منهنجو فرض آهي. مون جيتوڻيڪ احمقاڻي حرڪت ٿي ڪئي، مگر هڪ تيز اک سان ڏٺم ٿي ۽ هڪ سـَـرلي ڪـَـن سان ٻـُـڌم ٿي. هاڻي مان پنهنجي کيل جو آخري حصو کيڏڻ گهران ٿو. توهان کي خبر  آهي ته مون تي ڇا ٿو وهي ۽ واپري؟ هيءُ اوهان وٽ ڇا آهي؟ جو زمين تي ڪـِـري پوي، سو هميشه لاءِ اتي ئي پيو رهي. پر اِهو ايئن ٿيڻ نه گهرجي. مان چاهيان ٿو ته زمين کان بلند ٿيان. اي مقدس بزرگو! مون وٽ اوهان سان صحبت ڪرڻ لاءِ ڪابه صلاحيت ڪانه آهي. پنهنجن گناهن جو اعتراف ڪرڻ پاڪائي رکي ٿو ۽ مان اُن جي اڳيان نهايت ئي احترام سان نوڙڻ لاءِ تيار آهيان، پر هتي حـُـجري ۾ سڀني گوڏن ڀـَـر ڪري، بلند آواز سان اقرار ڪيو هو. ڇا وڏي آواز سان اقرار ڪرڻ صحيح ٿئي ٿو؟ مذهبي طرح ته ايئن آهي ته مقدس پيءُ ڳجهه ۾ اقرار ڪيو وڃي ٿو. فقط اوهان وٽ ئي اقرار راز ۾ رهي ٿو ۽ اِها پراڻي رسم به آهي، پر ڏسو، ته مان اِهو سڀ ڪجهه، سڀ ڪنهن جي اڳيان، ڪيئن ٿو سمجهائي سگهان ته مون هيئن ڪيو ۽ هـُـونءَ ڪيو .... توهان اِهو به سمجهو ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن اُن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي. اُنڪري اِهو سچ پچ ته شرمناڪ آهي نه راهبو! مان اِهو به ڄاڻان ٿو ته ممڪن آهي ته اوهان خانقاه ۾ چهبڪ هڻڻ به شروع ڪري ڏيو. مان پهرئين فرصت ۾ مقدس سائينيڊ کي لکندس ۽ پنهنجي پٽ اليڪسي کي گهر وٺي ويندس.“

اسان کي هتي هن نقطي کي ياد رکڻ گهرجي، ته فيودور پاولووچ  جو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو، اُن جو هڪ اکر به نه ٿي سمجهيائين ۽ نه وري اُن جو چڱيءَ ريت اظهار ٿي ڪيائين. اُن وقت ڪنهن به گوڏن ڀـَـر ڪري، مربيءَ جي حجري ۾ وڏي آواز سان اقرار ڪونه ڪيو هو ۽ نه وري هـُـن اِهو ڏٺو هو. هو فقط پنهنجي پريشان يادگيريءَ مان ۽ پراڻي عادت موجب اِهو سڀ ڪجهه بدنامي خاطر ٿي ڳالهايو.

پيٽر اليگزينڊرووچ رڙ ڪري چيو:  ”بيحد اَڻ سهائيندڙ.“

 ”مون کي معاف ڪجو“، راهب سپيرئر چيو.  ”مقدس ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي منهنجي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترائي بـَـد شد لفظ زبان مان ڪڍيا. اُنهن کي ٻـُـڌي، مان پاڻ کي ايئن پئي چيو آهي، ته اِها تنبيهه خدا جي طرف کان آهي ۽ هـُـن ئي هيءُ منهنجي روح جي پاڪائيءَ لاءِ موڪليو آهي. اُنڪري مان اوهان جو عاجزيءَ سان شڪر گذار آهيان. منهنجا معزز مهمان!“  هـُـو فيودور پاولووچ جي اڳيان نوڙيو.

 ”تون، تون - ڪيترا نه عياراڻا ۽ فرسوده جملا! پائمال جملا، ۽ لتاڙيل اِشارا! پراڻو ڪوڙ ۽ دستوري جبين فرسائي. اوهان اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻو به ٿا. وات ۾ ماکي ۽ اندر ۾ ڪاتي. جيئن شلر جا ڊاڪو! مون کي اجائي پٽاڙ ڪانه وڻي. راهبو! مون کي فقط سچ ئي وڻي ٿو. پر اِها سچائي گوبي کائڻ ۾ ڪانه ٿي لڀي ۽ مان اُن جو بلند آواز سان اظهار ٿو ڪريان. مقدس راهبو، اوهان ڀلا فاقا ڇو ٿا ڪڍو؟ اُن جي بدلي ۾ جنت جي تمنا  ڇو ٿا رکو؟ اِهڙي انعام جي خاطر، مان پڻ اَچي بـُـکون ڪڍي سگهان ٿو! درويش راهبو! اوهان کي هن دنيا ۾ نيڪ سيرت ٿيڻ کپي. پنهنجي سماج جي ڀلائي ڪريو، نه ٻين جي ذلت تي پاڻ کي خانقاه ۾ ڪنهن مٿاهين جاءِ حاصل ڪرڻ جي خاطر لڪائي ويهو. اوهان کي ايترو چوڻ به ضرور ڏکيو لڳندو، پر مان بي مقصد ڪونه ٿو ڳالهايان. فادر سپيرئر! اِن مان ڀلا هـِـنن کي هٿ ڇا ٿو اَچي؟ ايئن چوندي، هـُـو ميز ڏي وڌيو. اُهائي شراب جي بوتل، اُهوئي ايلميف ڀائرن جو ماکيءَ مان تيار ڪيل شراب.  ”هان، هان، راهبو! اِهو سڀ ڪجهه ماکيءَ کان مٿاهون ئي آهي.“  هن بوتلن ڏانهن نهاريو.  ”اِهي راهبن ئي ته آڻي رکيون آهن. هي...! هي...! هي...! سڀ ڪنهن ڏٺيون آهن. رشيا جا هاري ۽ مزدور پنهنجي پگهر جي ميڙي سيڙي اِتي ٿا کڻي اَچن ۽ اُنهن جي ڪٽنبن کي وري محصول اُڳاڙيندڙ نپوڙيندڙا رهن ٿا. توهان کي اِها خبر آهي مقدس راهبو، ته ڪيئن اُنهن جو خون ٿو چوسجي؟“

 ”هيءَ ته بيحد شرمناڪ روش آهي!“  فادر ايوسف چيو.

فادر پيسي ضديت جي حد تائين خاموش هو. موسيوف ڊوڙندو ڪمري کان نڪري ويو ۽ ڪلگنوف اُن جي پٺيان پٺيان ڀڄندو ويو.

 ”ٺهيو، فادر مان پيٽراليگزينڊرووچ جي پوئتان وڃان ٿو. مان وري توهان کي ڏسڻ لاءِ ڪونه ايندس. مان اوهان ڏانهن هڪ هزار روبل موڪليندس، جيئن اوهان وٽ اَڃا گهڻي دولت ٿئي. مان هيءُ پنهنجي جوانيءَ جو بدلو ٿو وٺان ۽ اُنهن سڀني ذلتن جو عيوض، جي مون برداشت ڪيون آهن.“  هن مصنوعي غصي کي ظاهر ڪندي ٽيبل تي مڪ هڻي ڪڍي.  ”هن خانقاه منهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو  آهي. هن مون کان ڪيترائي ڳوڙها وهارايا آهن. توهان منهنجي سودائڻ زال کي منهنجي خلاف ڪيو هو. اوهان مون کي گهنڊ ۽ ڪتابن سان گهڻو ئي ستايو آهي ۽ منهنجي متعلق ڪيتريون ئي ڪوڙيون ڪهاڻيون پکيڙيون آهن. گهڻو ٿيو راهبو! هيءُ آزادي جو زمانو آهي. جهازن ۽ ريلن جو دور آهي. توهان مون کان هزار ۽ سـَـو روبل ته ڇا، سـَـو ڪوڙيون ڪوڏيون به حاصل ڪري نه سگهندا.“

اِهو ظاهر آهي ته اسان جي خانقاه هن جي زندگيءَ ۾ ڪوبه حصو ڪونه ورتو هو ۽ نه وري هن جي ڪري هـُـن ڪو ڳوڙهو ئي ڳاڙيو هو. پر هـُـو پنهنجي اُن بناوتي جذبات کان ايترو ته مغلوب ٿي ويو هو، جو هـُـو اِهو سڀ ڪجهه سچ سمجهي رهيو هو. هن جي مٿان جذبات جي ايتري ته شدت ڇانئجي وئي هئي، جو هـُـو بنهه روئي رهيو هو، پر ساڳئي وقت هـُـن اِهو به محسوس ڪيو ته اِهوئي وقت آهي، جو اِتان نڪري وڃڻ کپي.

فادر سپيرئر سندس ڪوڙ تي ڪنڌ کي نوڙايو ۽ مؤثر اَنداز ۾ ڳالهايو ته،  ”اڳتي ايئن لکيل آهي، محتاط ٿي برداشت ڪريو ۽ خوشيءَ سان ذلت کي سهي وڃو. اُها جا اوهان تي ناحق اَچي ٿي، اُن کان گهٻرائجي نه وڃو ۽ نه وري اُن کان نفرت ئي ڪيو، جنهن اوهان کي خوار ڪيو آهي. اَسان ايئن ئي ڪنداسون.“

 ”تت! تت! تت! فقط پنهنجي لاءِ ئي سوچيندا رهو ۽ ٻيو سڀ ڪجهه بڪواس آهي. پنهنجي متعلق ئي غور ڪندا رهو، راهبو! مان وڃان ٿو، پر مان پيءُ جي حيثيت ۾ پنهنجي پٽ اليڪسيءَ کي هتان وٺي وڃان. ايون فيودور پاولووچ ، منهنجا فرمانبردار پٽ، مون کي اجازت ڏي ته مان توکي پنهنجي پٺيان اَچڻ لاءِ حڪم ڏيان، پاولووچ رڙيون ڪندو ۽ هٿن سان اشارا ڏيندو ٻاهر نڪري ويو.

اِهائي گهڙي هئي، جڏهن ريڪٽن اُنهن کي ڏٺو هو ۽ اليوشا جو اُن ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو.

 ”اليڪسي،“ پڻس کيس پري کان ڏسندي ئي رڙ ڪئي.  ”تون مون سان هميشه لاءِ گهر هليو هل. پنهنجو وهاڻو ۽ گاديلو کنيو اَچ. پٺيان ڪجهه به نه ڇڏ.“

اليوشا اِهو نظارو ڏسي بلڪل بت بڻيو بيٺو رهيو. فيودور پاولووچ  هاڻي گاڏي ۾ چڙهي ويٺو.

ايون، جو هاڻي پنهنجيءَ جاءِ تي ٺهي ويٺو هو، ڪوچوان کي گاڏي هلائڻ لاءِ چيو.

 ”تون ئي ته اُهو آهين،“ فيودور پاولووچ  چيو.

ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ پـُـٽ ڏانهن اُبتين اکين سان ڏسندي چيائين  ”تو ڇو هيءُ خانقاه جو بکيڙو ڪرڻ گهريو؟ ۽ تو اُن لاءِ اصرار ڇو ڪيو ۽ توئي اُن کي ڇو پسند ڪيو. هاڻي ڀلا ڇو ٿو ناراض ٿئين؟“

فيودور پاولووچ وري ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو.

 ”برانڊي  جو هڪ ڍڪ هاڻي ڏاڍو وڻندو.“  هـُـن پر معنيٰ لفظن ۾ چيو. مگر ايون ڪوبه جواب نه ڏنو.

 ”جڏهن اسان گهر پهچنداسون، تڏهن تون به ڪجهه پيئندين؟“

ايون وري به خاموش رهيو.

فيودور پاولووچ  وري به ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو.

 ”پر مان اليوشا کي هتان خانقاه مان ڪڍي وٺندس، جيتوڻيڪ تون اُن کي ناپسند ٿو ڪرين، معزز ڪارل وون مور.“

ايون حقارت سان پنهنجن ڪلهن کي جنبش ڏني ۽ مـُـڙي رستي ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ هنن گهر تائين پاڻ ۾ هڪ اکر به نه ڳالهايو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org