سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 11

 

 2- سر شاهنواز خان ولد غلام مرتضيٰ خان ڀٽو

(لاڙڪاڻو)

هي خاندان اصل ۾ پنجاب جي طرف کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺو هو. سنڌ ۾ اول سندن پڙڏاڏو ميان محمد خان آيل هو. هڪ روايت موجب هي اصل ۾ جيسلمير جي راجپوت گهراڻي، بالي خاندان جي شاخ هئا. سندن خاندان جو مفصل ذڪر سردار واحد بخش خان ڀٽي جي حياتيءَ جي احوال ۾ آيل آهي. سندن پوءِ جو شجرو هيٺينءَ طرح آهي:

سر شاهنواز خان جي ڏاڏي جو نالو خدا بخش خان هو، جنهن پنهنجي نالي "ڳڙهي خدا بخش خان" ڳوٺ، رتيديري تعلقي ۾ ٻڌايو هو.

 سر شاهنواز خان ان جي فرزند، غلام مرتضيٰ خان، جو پهريون نمبر پٽ هو ۽ ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش خان ۾ 2 مارچ 1888ع تي ڄائو هو. ٿوري ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ وٺي، پوءِ انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسي ۽ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو. سندس ڏاڏي 1896ع ۾ وفات ڪئي. ان کانپوءِ سگهوئي سندس والد غلام مرتضيٰ خان به جوانيءَ ۾ اڪٽيهه سالن جي عمر ۾، 1899ع ڌاري وفات ڪري ويو. ان ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي، هو ملڪيت جي سنڀال لاءِ واپس ڳوٺ آيو. کين لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ زمين هئي.

هن ٻاويهه سالن جي عمر ۾ ملڪي معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. اهو سنه 1910ع جو زمانو هو. پهرين هو ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ڪليڪٽر هوندا هئا. انهيءَ زماني کان وٺي هن حڪومت جي آفيسرن سان سٺا لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. ان کانسواءِ پنهنجي زمين به سڌاريائين. لاڙڪاڻي ۾ بنگلا ڀٽو ڪالونيءَ ۾ ٺهرايائين. جن مان ڪيترن بنگلن ۾ سرڪاري عملدار مسواڙ تي رهندا هئا. هي لاڙڪاڻي طرف پهريون ئي زميندار هو، جنهن جديد طرز تي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪئي. عام زميندارن وانگر سارو وقت ڪچهرين يا شڪارن ۾ ڪو نه گذاريندو هو. هن جا هر ڳالهه لاءِ  وقت مقرر هوندا هئا. ماڻهو وٽس اطلاع سان ايندا هئا. عملدارن سان سٺن تعلقاتن هئڻ ڪري، کيس سنه 1919ع ۾. او. بي. او جو خطاب مليو ۽ پوءِ سنه 1921ع ۾ "خانبهادر" ٿيو. سنه 1924ع ۾ کيس "قيصر هند" جو خطاب عطا ٿيو. سنه 1925ع ۾، کيس سي. آ”. اي جو  لقب مليو. آخر ۾ 1 جنوري سنه 1930ع ۾ کيس سر" (K.C) جو خطاب مليو.

هي 1919ع ۾، منٽو مارلي رفارمس هيٺ، هڪ سال لاءِ زميندار ۽ جاگيردارن طرفان اِمپيريل ڪائونسل دهليءَ ۾ چونڊجي ويو. جتي 1920ع تائين هو. 1920ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو مسلسل 1933ع تائين چونڊبو آيو. مانيٽگو چيمسفوڊ رفارمس بعد، 1921ع جي شروعات ۾، هيءُ لاڙڪاڻي ضلعي مان بمئي ڪائونسل تي چونڊجي ويو، جنهن تي 1936ع ۾ سنڌ جي جدا ٿيڻ تائين رهندو آيو. سنه 1925ع ۾ سنڌ محمون اسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ چونڊيو ۽ ان جماعت تي، انهيءَ حيثيت سان، 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزير ٿيڻ تائين رهندو آيو. سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جو، 1925ع کان وٺي هو ليڊر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو سنڌ جدا ٿيڻ تائين رهيو.

هن ڪوآپريٽور تحريڪ جي زور وٺائڻ لاءِ، خانبهادر عظيم خان سان گڏجي گهڻي ڪوشش ورتي. گهڻ وقت تائين هو لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽور بئنڪ جو چيئرمين چونڊبو آيو. سرڪار طرفان هن کي 1920ع ۾، فرسٽ ڪلاس اَنرري اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن جاءِ تي هو 1930ع تائين ڪم ڪندو آيو.

بمبئي علائقي طرفان سائمن ڪميشن کي مدد ڪرڻ لاءِ، جا ڪميٽي مقرر ٿي هئي، ان جو هن کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ان ۾، سنڌ جي جدائيءَ واري سوال تي ووٽ نه ڪرڻ تي، سنڌ ۾ گهڻو چؤٻول پيدا ٿيو. عام راءِ جو احترام ڪندي، هن پوءِ سگهوئي پنهنجو رخ بدلايو، ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائي، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ طلب ڪرايائين. نومبر 1930ع ۾، لنڊن ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس تي هن کي سرڪار طرفان سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. اتي سنڌ جي سوال تي غور ڪرڻ لاءِ برطانيا سرڪار طرفان لارڊ رسل جي چيئرمينيءَ هيٺ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن تي سنڌ مان سر غلام حسين هدايت الله ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو ميمبر هئا. ان ڪميٽيءَ  ۾ هن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پرزور تقرير ڪئي. تڏهوڪي بمبئيءَ جي گورنر جي هڪ تقرير مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سکر براج اسڪيم کي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل دهليءَ کان منظور ڪرائڻ ۾ به، سر شاهنواز خان جو وڏو هٿ هو. 1932ع ۾، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ علامه يوسف عليءَ جي صدارت هيٺ "سنڌ آزاد ڪانفرنس" ڪٺي ٿي. هيءُ ان جو استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. اتي "سنڌ آزاد ڪانفرنس" نالي سان قائم ڪيل جماعت جو هن کي صدر چونڊيو ويو، جنهن جو ميران محمد شاهه سيڪريٽري ٿي ڪم هلائيندو هو.

1924ع ۾ هن کي بمبئي سرڪار جو وزير چونڊيو ويو ۽ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو ڏنو ويو. انهيءَ عهدي تي هي 1936ع جي مارچ تائين رهيو. ان کانپوءِ هڪ سال لاءِ سنڌ جو گورنر جو صلاحڪار ٿي رهيو.

سنڌ ۾ جڏهن اسان 1934ع ۾، "سنڌ پيپلس پارٽي" نالي جماعت برپا ڪئي، تڏهن ان جو ليڊر هن کي چونڊيو ويو هو. سنڌ ۾ سياسي جماعتن ٺاهڻ لاءِ اها پهرين ڪوشش هئي. ان کان اڳ سنڌ جي پارليامينٽري سياست لاءِ مسلمانن ۾ ڪا جماعت ڪا نه هئي. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن گهڻو ڪري گورنرن يا وائسراءِ کي ائڊريس ذريعي شڪايتن پيش ڪرڻ ۽ ٺهرائن پاس ڪرڻ جي ايجنسي ٿي ڪتب ايندي هئي. سنڌ آزاد ڪانفرنس جو مقصد سنڌ جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪرڻ هو. ان وقت تائين سنڌ ۾، ڪن خاص بااثر شخصي گروهن ذريعي ڪم هلندو هو. انهن ۾ هڪ گروهه سر غلام حسين هدايت الله جو هو، ۽ ٻيو سر شاهنواز خان ڀٽي جو. پهرئين گروهه جا مکيه رڪن سيد محمد ڪامل شاهه، مسٽر نور محمد وڪيل، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سردار عبدالرحيم خان کوسو ۽ پير صاحب پاڳارو هئا. ٻئي گروهه سان  خانبهادر الهه بخش سومرو، سيد ميران محمد شاهه، مسٽر محمد هاشم گزدر، خانبهادر غلام نبي شاهه ۽ مخدوم صاحب هالا شريڪ هئا. پيپلس پارٽي حقيقت ۾ سر شاهنواز خان جي پارٽي هئي. انهن ٻنهي گروهن، پنهنجي پنهنجي طاقت آزمائيءَ لاءِ سال جي آخر ۾، مرڪزي اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ مختلف اُميدوارن کي مدد ڪئي، ۽ سر شاهنواز گروهه نبي بخش خان ڀٽي کي مدد ڪئي. انهيءَ ۾ پهريون نمبر ووٽ ڀٽي گروهه کي مليا. ٻئي نمبر ۾ سر غلام حسين گروهه جي عيوضي چونڊجي آيو. يئن ته اها شخصي پارٽي هئي، ۽ سر شاهنواز خان بمبئي سرڪار جو وزير مقرر ٿي چڪو هو، ان ڪري، ترت ئي پوءِ، هن مڪاني سياسي مسئلن سان دلچسپي جهڪي ڪري ڇڏي، ۽ اها پارٽي ري موت مري ويئي.

1936ع ۾ سنڌ جدا صوبي ٿيڻ شرط وري سياسي پارٽين ٺاهڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿيون. هن دفعي اسان حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، پنجاب جي يونينسٽ پارٽيءَ جي نموني تي سنڌ اتحاد پارٽي ٺاهي ۽ ٻنهي گروهن جي اڳواڻن کي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست ڪئي. ٻنهي ان ۾ شريڪ ٿيڻ ان  شرط تي قبوليو ته پارٽيءَ جو ليڊر سيٺ عبدالله هارون ٿيندو، ۽ ڊيپوٽي ليڊر اهي ٻئي ٿيندا. هو ٻيئي ڪنهن هڪ جي ليڊرشپ هيٺ رهڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ 31 آڪٽوبر 1936ع تي، اتحاد پارٽيءَ جي ڪنوينشن ڪٺي ٿي. جنهن ۾ دستور العمل پاس ڪيو ويو. چونڊن مهل، پارٽيءَ طرفان جڏهن ٽيون ڊيپوٽي ليڊر، سيد ميران محمد شاهه مقرر ٿيو، تڏهن سر غلام حسين وارو گروهه ڪنوينشن مان احتجاج طور نڪري ويو، ۽ وڃي ٻي جماعت بنايائون. اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر ڪجهه عرصو حاجي عبدالله هارون رهيو، پر پوءِ ان استعيفيٰ ڏني ۽ ان جو سر شاهنواز خان ليڊر چونڊيو ويو، ۽ حاجي عبدالله هارون ڊيپوٽي ليڊر طور ڪم ڪرڻ لڳو. اتحاد پارٽي غير فرقيوار پارٽي هئي. سر غلام حسين واري مسلم پوليٽيڪل پارٽي فرقيوار هئي. چونڊن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو، ۽ حاجي عبدالله هارون ٻئي ليڊر، فرقيوار پروپئگنڊا ڪري شڪست کائي ويا. چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا چوويهه ميمبر چونڊجي آيا، جن سر شاهنواز کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرائڻ واسطي گورنر کي درخواست ڏني، کيس چونڊائڻ لاءِ مون استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ليڪن گورنر اها ڳالهه قبول نه ڪئي. چي اها جمهوريت جي روايتن جي خلاف ڳالهه هئي ته هڪ شڪست کاڌل ليڊر کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرائجي. نيٺ هـُـن منٿ ڪري، سر شاهنواز خان کي بمبئيءَ ۾، پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبريءَ لاءِ رضامند ڪيو.  سر شاهنواز خان خود هاڻ دل شڪسته ٿي پيو، ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ سياست ۾ رهڻ نه گهريائين.

4 اپريل 1937ع تي، هيءُ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ 1945ع تائين اُتي ميمبر طور ڪم ڪندو رهيو. 1945ع کان هيءُ جهونا ڳڙهه اسٽيٽ ۾ ديوان مقرر ٿيو، اتي 1948ع تائين رهندو آيو. جڏهن جهونا ڳڙهه اسٽيٽ تي هندستاني قبضو ٿيو ۽ نواب جهونا ڳڙهه پاڪستان آيو، ته هيءُ به ان سان گڏجي هتي آيو. ڪجهه وقت تائين هتي به هو ديوان رهندو آيو، پر پوءِ صحت جي خرابيءَ ڪري، ان تان استعيفيٰ ڏنائين.

هن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرينءَ مان امداد علي خان، ۽ ٻيو سڪندر علي خان فرزند ٿيس. پهريون سندس حياتيءَ ۾، اپريل 1950ع ۾، انتقال ڪري ويو. ٻئي 28 آڪٽوبر 1962ع تي وفات ڪئي. ٻيءَ شاديءَ مان ذوالفقار علي خان فرزند 5 جنوري 1928ع تي ڄائس، جو پڙهي، ولايت مان بئرسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو. 1958 کان جولاءِ 1966ع تائين ميان ذوالفقار علي خان پاڪستان حڪومت ۾ وزير جي عهدي تي متمڪن رهيو. پوين سالن ۾ هو پاڪستان جو پرڏيهي وزير پڻ ٿي رهيو.

سياسي مسلڪ:

سر شاهنواز خان سنڌ جي ٻين سياستدانن وانگر سياست عمليءَ جو مکيه رڪن هو، جنهن ۾ اقتدار ذريعي ملڪي خدمت جي ميقصد کان اڳيان رکيو وڃي ٿو. سندس سياسي پاليسي غير فرقيوارانه، ۽ آبادگار طبقي جي حمايت واري هئي.

منهنجي ساڻس واقفيت:

منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت ڊسمبر 1924ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾، سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت هيٺ سنڌ ايڊوڪيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي، ٿي. ان ۾ هي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. ان کانپوءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ اڪثر ملڻ پيو ٿيندو هو. هي ان جو پريزيڊنٽ هو. آءٌ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر هوس. اسان جي گهري واقفيت سردار واحد بخش خان ڀٽي جي معرفت ٿي، جنهن جي رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ (جو ڀٽي نسل مان سڏائيندو هو) سان گهڻي واقفيت هئي. 1928ع ۾، آءٌ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيس. ٻئي سال مسٽر گزدر جي مقرريءَ تي مسٽر گبسن ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر سان اختلاف ٿي پيم، جنهن لوڪل بورڊ جي گرانٽ بند ڪري ڇڏي، ان معاملي ۾ سر شاهنواز خان اسان جي مدد ڪئي. ان کانپوءِ سندس بمبئي پبلڪ جسروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿي وڃڻ تائين منهنجا ساڻس گهرا تعلقات هلندا آيا. سندس بمبئيءَ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن توڙي جهونا ڳڙهه واري عرصي ۾، سنڌ سان تعلقات گهٽ رهيا. جهونا ڳڙهه کان واپس اچڻ بعد، هو اڪثر گوشه نشينيءَ ۾ رهيو.

هـُـن 19 نومبر 1957ع تي، لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.

3- مرحوم ميان الهه بخش ولد حاجي محمد عمر سومرو

(شڪارپور)

"اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون"

هيءُ سنڌ جي سومرا قبيلي مان هو، جن جي سنڌ تي گهڻي وقت تائين حڪومت رهي هئي. اهو قبيلو حب الوطنيءَ، قومي غيرت ۽ بهادريءَ کان مشهور هو. سنڌ تي عربن جي قبضي کانپوءِ غزنوي حاڪمن جو قبضو ٿيو. ان کانپوءِ سنڌ ۾ هي پهريون قبيلو هو، جنهن ان کي ڌارين جي تسلط کان آجو ڪري، مڪاني خود حڪومت قائم ڪئي هئي.

سومرن جي قبيلي جي اصل بابت ٻه روايتون مشهور آهن: هڪ محض اعتقادي، جنهن موجب هنن کي عربي النسل علوي خاندان مان شمار ڪيو وڃي ٿو! ٻيءَ روايت موجب هو راجپوت گهراڻي جي شاخ، يعني آرين نسل، مان هئا. سندن قديم نالن، رسم رواج وغيره، ۽ پڻ مستند تاريخي حوالن مان  پوئين روايت ئي صحيح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت بعد، گهڻي وقت کان، اهو رواج ٿي ويو هو، ته هرڪو پاڻ کي عربي النسل سڏائي. ان ڳالهه کي فخر جي نشاني سمجهيو ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي،  جو ملڪ ۾ هيترا سارا سيد، قريشي، علوي، عقيلي وغيره پيدا ٿي پيا آهن. اهو حال آهي ننڍن گروهن جو، ليڪن وڏا قبيلا، جهڙوڪ پٺاڻ، بلوچ، سما، سومرا به انهيءَ بيماريءَ کان بچي نه سگهيا. بدقسمتيءَ سان سومرا قبيلي جي دور حڪومت جي پوري ۽ تفصيلي تاريخ لکجي نه سگهي آهي، جنهن مان سندن دور جي حالات جو پورو پتو پئجي سگهي. پر هن ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته سنڌ جي قديم دور کي ڇڏي، نزديڪ ترين تاريخي زماني ۾، سندن دور نهايت اهميت وارو ٿي گذريو آهي. عمر مارئي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، مومل راڻي جا رومانوي داستان انهيءَ زماني جي يادگار آهن.

هن قبيلي جي خانه جنگيءَ ۽ ڌارين طاقتور حڪومتن جي ڪاهن، سندن دور حڪومت جي خاتمي سان گڏ سنڌي تهذيب، تمدن ۽ سياسي اقتدار کي گهڻو صدمو رسايو. ان ۾ گهڻي ۾ گهڻي قرباني انهيءَ قبيلي جي افراد کي ڏيڻي پيئي. ان کان پوءِ، انهيءَ قبيلي جا باقي بچيل ماڻهو سنڌ، جهونا ڳڙهه، ڪڇ، بهاولپور، مظفر ڳڙهه جي جدا جدا حصن ۾ وڃي لڏي ويٺا، جن مان ڪيترا ته سندن جدا جدا ڌنڌن ڪري، بعضي جهڳن تي اصل قبيلي جي نالي سان به نٿا سڏجن. اتر سنڌ ۾ ڊکڻ، رنگريز ۽ ٿرپارڪر ۾ عمرڪوٽ وارا صوفي، سڀ انهيءَ قبيلي سان لاڳاپو رکندڙ آهن. اتر سنڌ، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن جا ڪيترا رهاڪو اڃا تائين سومرا سڏجن ٿا. دودي سومري جي حب الوطني ۽ بهادريءَ جو قصو سنڌ جي ڳوٺن ۾ زبان زد عام آهي. سندس معرڪه آرائيءَ جي ڳالهه اڃا تائين ڳوٺن ۾ ڀان ۽ ڀٽ ڳائيندا رهن ٿا. اهي ڳالهيون سنڌ جي بهادريءَ جي تاريخ جو مکيه ورق ڪري، شمار ڪيون وڃن ٿيون.

سنڌ جي دودي ثاني، مرحوم الهه بخش، جا وڏا شڪارپور شهر جا رهاڪو هئا. شڪارپور ۾ سندن پاڙو "مستري" نالي سان مشهور آهي. سندس پڙڏاڏي جو نالو به الهه بخش هو، جو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ان کي رحيم بخش نالي فرزند ٿيو. اهو به والد وانگر ٺيڪيداري ڪم ڪرڻ لڳعو. ان ڪري ئي هو پوءِ مستري سڏجڻ لڳا. ميان رحيم بخش کي حاجي محمد عمر نالي فرزند ٿيو، جو به اول ۾ ساڳيو ڌنڌو ڪندو هو. منڍ ۾ هن جي آمدني پوري پني هوندي هئي. هن جا ميان الاهي بخش خان ڀٽي سان دوستانه تعلقات هوندا هئا، جنهن جو هو ڪم ڪار به ڪندو هو. ميان الاهي بخش خان جي وفاتيءَ کانپوءِ، هن جي زمين مئنيجر ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي، جنهن وٽان حاجي محمد عمر زمين جا مقاطعا کڻي، محنت ڪري، زمين سڌاري آباد ڪرائي، ۽ ان مان کيس ڪافي فائدو پيو.

ان وقت ڌاري جيڪب آباد جو ڊيپوٽي ڪمشنر مسٽر سمائيٽ هو، جنهن جو هن تي قابليت، محنت ۽ ايمانداريءَ ڪري، راز ٿي پيو. هن، سندس مدد ڪري، جيڪب آباد طرف ٻيلي هيٺ آيل زمين جو آباديءَ لاءِ کيس ٺيڪو ڏياريو. ان ٺيڪي هن کي ويتر سڌاري، مالا مال ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي زمين خريد ڪري، آباد ڪرائڻ لڳو ۽ سکيو ستابو ٿي ويو. مرحوم نيڪ بخت، نماز روزي جو پابند، محنتي، يارويس، سخي مرد ٿي گذريو آهي. کيس ٻه فرزند ٿيا: (1) ميان الهه بخش، ۽ (2) حاجي ميان مولا بخش. هو چشمي واري بزرگ، (ساڪن نزديڪ ڪوئيٽا) جو مريد هو. شڪل شباهت ۾ وضع  دار ۽ شاندار هو. 1928ع ڌاري، بيمار ٿيڻ سبب کيس بمبئيءَ علاج لاءِ وٺي ويا، جتي وفات ڪيائين، ۽ اتي ئي مدفون آهي.

ميان الهه بخش، سندس وڏو فرزند، 1900ع ڌاري شڪارپور شهر ۾ ڄائو هو. هن ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتي. ثانوي تعليم 1912ع ڌاري هوپ فل اڪيڊمي، شڪارپور ۾ وٺڻ شروع ڪيائين. اسڪول جي ڏينهن ۾ هو ذهين ۽ تيز فهم شاگرد هو. راندين ۾ گهڻو بهرو وٺندو هو. ڪرڪيٽ سان کيس خاص دلچسپي هوندي هئي. ڪيترا دفعا پنهنجي اسڪول پاران هو سکر، جيڪب آباد اسڪولن جي شاگردن سان راندين کيڏڻ لاءِ چونڊيو ويو. هو مئٽرڪ تائين پڙهڻ کانپوءِ، تعليم ڇڏي، والد سان گڏ سرڪاري ٺيڪن ۽ زمينداريءَ جي سنڀال جو ڪم ڪرڻ لڳو. هوشيار ۽ باوسيله هئڻ ڪري، سگهوئي هو انگريز انجنيئرن سان سٺا تعلقات پيدا ڪري ويو، جن جي مهربانيءَ سان هن ٺيڪن مان گهڻو ڪمايو. هي جيترو ڪمائيندو هو، اوترو ڪشاده دليءَ سان خرچ به ڪري ڄاڻندو هو. مجلسن، يارن، دوستن، محتاجن، علمي ادارن ۽ شاگردن تي خرچ ڪرڻ ۾ هٿ ڇوٽ هوندو هوس، ان ڪري سندس اثر جو دائرو ويو وڌندو.

1923ع ڌاري، هيءُ جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو. 1926ع جي چونڊن ۾، هي خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ، سلطان ڪوٽ، سکر ضلعي جي بااثر ۽ مکيه زميندار، جي مقابلي ۾، بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي آيو. ڀـُـٽي خاندان سان سندس والد جي ڏينهن کان سٺا تعلقات هوندا هئا. هن سر شاهنواز خان ڀـُـٽي جو بمبئي ڪائونسل ۾ دست راست ٿي ڪم ڪيو، جو ان وقت بمبئي ڪائونسل ۾، سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو. انگريزي آفيسرن جي لاڳاپي، ذهني لياقت ۽ ڪائونسل جي ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ سبب، بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ جي زماني ۾، هن کي گهڻين ئي ڪائونسلن سان واسطي رکندڙ يا سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو، جتي کيس تجربي حاصل ڪرڻ جا گهڻا موقعا مليا. هي 1926ع کان 1936ع تائين، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو.

ان کان اڳ، 1928ع ۾، هيءُ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو. جنوري 1931ع ۾، هن جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي ساليانه نمائش جي موقعي تي، سنڌ جي لوڪل بورڊن جي پريزيڊنٽن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس سڏائي. ان ڪانفرنس ۾ لوڪل بورڊن جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترائي ٺهراءَ پاس ٿيا، ۽ ان موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ايسوسيئيشن پڻ برپا ڪئي ويئي. انهيءَ ئي موقعي تي، هن سنڌ جي مسلم سياستدانن جي ڪانفرنس، سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ، سڏائي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ ۽ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. سکر ۽ جيڪب آباد ضلعا، وڏن زميندارن ۽ قومن جي سردارن جي رهائش ۽ اثرن وارا ضلعا هئا. هيءُ هڪ ته، شهر جو رهاڪو ۽ ٻيو ته هـُـنن جي مقابلي ۾ ننڍو زميندار ۽ بي راڄو ماڻهو هو، پر لياقت، قابليت، خوش خلقي، لڳ لاڳاپي ۽ ڪشاده دستيءَ جي ڪري، ٻنهي ضلعن تي حاوي ٿي ويو.

منهنجي ساڻس واقفيت سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ڊائريڪٽريءَ جي زماني ۾ ٿي، جا آهستي آهستي ٿي، وڌندي ويئي. جڏهن منهنجو مسٽر گبسن ڪليڪٽر ڪراچيءَ سان، ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽيءَ جي زماني ۾، 1929ع کان، اختلاف پيدا ٿيو، ته سنڌ جي ٻين اسيمبليءَ جي ميمبرن سان گڏ، هن به اسان جي مدد ڪئي هئي. 1934ع ۾، جڏهين پيپلس پارٽي منهنجي بنگلي تي ٺاهي ويئي هئي، ته ان ۾ سر شاهنواز خان ڀٽي کي ليڊر، ۽ هن ۽ ميران محمد شاهه کي ڊيپوٽي ليڊر چونڊيو  ويو. 1934ع ۾، مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ٻه اُميدوار چونڊجڻا هئا، جن لاءِ ٽي اُميدوار بيٺا: (1) سر حاجي عبدالله هارون، (2) شيخ عبدالمجيد سنڌي، ۽ (3) سردار نبي بخش خان ڀٽو. ان ۾ آزاد خيال وارن ماڻهن شيخ عبدالمجيد جي مدد ڪئي. سر غلام حسين هدايت الله جي گروهه حاجي عبدالله هارون جي مدد ڪئي. سر شاهنواز خان ڀٽي جي گروهه جا پيپلس پارٽيءَ وارن نبي بخش خان ڀٽي جي مدد ڪئي. ان ۾، اپر سنڌ ۾ اليڪشن جو ذمو ميان الهه بخش سومري تي رکيو ويو، ۽ لوور سنڌ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو هو. انهيءَ اليڪشن ۾ نبي بخش خان گهڻي ۾ گهڻا ووٽ کنيا.

1936ع ۾، اتحاد پارٽي قائم ٿيڻ تي، هي ان ۾ شامل ٿيو. چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا چوويهه کن ميمبر چونڊجي آيا، پر پارٽيءَ جي ليڊر، سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ ڊيپوٽي ليڊر، سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊن ۾ شڪست آئي ۽ اُهي چونڊجي نه سگهيا. ان تي گورنر، سر لنسليٽ گرهام، سر غلام حسين جي پارٽيءَ جا صرف پنج ميمبر چونڊجي آيا هئا، پر هن مير گروپ کي وزارت ڏيڻ سان بلوچ گروپ جي مدد حاصل ڪري ورتي ۽ اهي ميمبر اتحاد پارٽيءَ کي ڇڏي ويا. اهڙيءَ طرح، هو هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد به حاصل ڪري وزارت ٺاهي، ڪم هلائڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو ته اتحاد پارٽيءَ ۾ صرف نـَـوَ کن ميمبر وڃي رهيا، جن ۾ ڪي منهنجي سنگت جا، ۽ ڪي خانبهادر الهه بخش جي سنگت جا هئا.

نيٺ اتحاد پارٽيءَ جو ٻيو مکيه سينئر ميمبر، سيد ميران محمد شاهه، به وڃي وزارت سان شامل ٿيو. باقي رهيل اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن خانبهادر الهه بخش کي ليڊر ۽ مسٽر گزدر کي ڊيپوٽي ليڊر چونڊي، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو. مخالفت جي عرصي ۾، اتحاد پارٽيءَ ۽ ڪانگريس ملي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪانفرنسن سڏائڻ جو پروگرام رٿيو. ان ۾ ميان الهه بخش دلچسپي ورتي.پڪ ۾ ته هن چڱو حصو ورتو. مسٽر ڀلو ڀائي ڊيسائي، مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس اسيمبلي پارٽيءَ جي ليڊر کي، شڪارپور ۾ اچڻ جي موقعي تي، هن چڱي آڌر ڀاءُ ڪئي. سنه 1937ع جي آخر ۾، اتحاد پارٽيءَ جي، سر غلام حسين جي وزارت سان، هڪ پروگرام جي بنياد تي، ڪوئليشن ٿي، جنهن پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي ويئي. ان ڪاميٽيءَ تي اتحاد پارٽيءَ طرفان خانبهادر الهه بخش، مسٽر گزدر ۽ آءٌ ميمبر هئاسون.

سر غلام حسين حتي الامڪان ان پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پروگرام کي تيزيءَ سان عمل ۾ آڻڻ ۾، ڪي مکيه دشواريون نظر آيون: جهڙوڪ (1) عملدارن جي غير همدردانه روش، (2) وزارت ۾ سواءِ سر غلام حسين جي ٻين غير تجربيڪار ۽ اڻ لائق وزيرن جي موجودگي، ۽ (3) اتحاد پارٽيءَ جي، وزارت ۾ نمائندگيءَ کانسواءِ، وزارت جي مدد. انهن دشوارين کي دور ڪرڻ لاءِ وزارت ۾ وزيرن جو تعداد وڌائي ٽن هوشيار، تجربيڪار ۽ نوجوان وزيرن جي آڻڻ جي تجويز سر غلام حسين کي ڏني ويئي. انهن ۾ خانبهادر الهه بخش، خانبهادر کهڙي ۽ مسٽر نيچلداس جا نالا پيش ڪيا ويا پر ڪن سببن ڪري، اها تجويز عمل ۾ اچي نه سگهي. جنهن ڪري، مارچ 1938ع ۾، بجيٽ جي موقعي تي هڪ روپيه ڪٽ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ بعد، سر غلام حسين جي وزارت کي شڪست ڏيئي، نئين وزارت خانبهادر الهه بخش جي هٿ هيٺ ٺاهي ويئي. ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان اتحاد پارٽيءَ جي هيءَ وزارت ٺهي. ان ۾ وزيراعظم کانسواءِ پير الاهي بخش ۽ مسٽر نيچلداس وزيراڻي ٻه وزير ٿيا.

جنهن صورت ۾ وزارت ڊاهڻ ۾ صرف ستن مسلمان ميمبرن ووٽ ڪيو هو، ۽ ٻيا سڀ هندو ميمبر هئا، ۽ وزارت جي طرفدار ميمبرن ۾، هندن جي اڪثريت هئي، تنهن ڪري مسلمانن جي پڙهيل گروهن طرفان ان تي سخت احتجاج ٿيو. مسلمانن جي پڙهيل طبقي کي مشتعل ڪرڻ لاءِ نڪتل وزيرن ۽ ان جي طرفدارن فرقيوار پروپئگنڊا جي آڌار تي گهڻو ڪجهه ڪيو. ان کي منهن ڏيڻ ۽ مسلم عوام سان لاڳاپي قائم ڪرڻ لاءِ، پير الاهي بخش جي گشت جو ڊگهو پروگرام رٿيو ويو، ۽ 29 مارچ 1938ع تي، وزيراعظم اسيمبليءَ ۾ وزارت جي پاليسيءَ بابت، هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن جا مکيه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:

"(1) هندستان ۾ جا قومي بيداري پيدا ٿي آهي، ان کان هي صوبو بچي نٿو سگهي، ان ڪري عوام جي جذبات ۽ اُميدن کي مدنظر رکندي، آءٌ هي ظاهر ڪرڻ گهران ٿو ته منهنجي وزارت، انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ جن ٻين پارٽين جي مدد سان وجود ۾ آئي آهي، تن جي پروگرامن کي ملڪي حالتن ۽ ضرورتن جو تحفظ رکندي، حتي الامڪان عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي. ان باري ۾ هي صاف ٻڌائڻ ٿو گهران ته، اسان جي پارٽيءَ ٻين جماعتن سان سودو ڪري، وزارت نه ورتي آهي. اسان صرف هي واعدو ڪيو آهي ته ملڪي انتظام کي قوم پرستيءَ جي بنيادن تي هلايو ويندو. جيئن عوام جا عيوضي عملدارن جي دست اندازيءَ کان آزاد ٿي، حڪومت عوام جي خواهشن مطابق هلائي سگهن. آءٌ ميمبرن کي اپيل ڪندس ته اسان جي ڪمن کي ڏسي، پوءِ وزارت جي بري ڀلي هئڻ بابت فيصلو ڪن. اسان جو صوبو مرڪز کان گرانٽ تي مدار رکي ٿو. اسان مرڪزي حڪومت کي عرض ڪنداسون ته سنڌ جي قرضن جي مقرر ڪيل انگن اکرن جي نئين سر جانچ ڪئي وڃي.

"(2) سکر براج نڪرڻ ڪري، سنڌ جي ڪن حصن جي زراعت تي نقصانڪار اثر پيو آهي. ان جي سدباب لاءِ اسان لوور سنڌ براج ٺهرائڻ لاءِ تجويز تيار ڪرڻ واسطي خاص آفيسر مقرر ڪرڻ گهرون ٿا. ان تجويز تيار ڪرڻ ۾، مالي نفعي جي خيال کان ماڻهن جي ڀلي جي نقطه نگاهه کي ترجيح ڏني ويندي.

"(3) اسان اتر سنڌ ۽ خاص ڪري روهڙي ڊويزن جي واهن کي سڌارڻ گهرون ٿا.

"(4) اسان انتظام کي درست ڪرڻ ۽ خرچ گهٽائڻ لاءِ بمبئي ري آرگنائيزيشن ڪميٽيءَ جي رٿن تي مناسب قدم کڻڻ گهرون ٿا.

"(5) اسان ڪانگريس وزارتن وانگر پگهار گهٽ کڻنداسون.

"(6) ڪورٽن طرفان جن ماڻهن کي ڏنڊن جي سزا ڏني وڃي ٿي، ان لاءِ اسان ضلعي عملدارن کي هدايتون ڪنداسون ته جي ماڻهو ڏنڊن عيوض سزائون ڀوڳڻ چاهين، تن کان زوريءَ ڏنڊ نه وصول ڪيا وڃن.

"(7) اسان آنرري ماجسٽريٽن جي دستور کي ختم ڪنداسون.

"(8) اسپيشل ماجسٽريٽن جي دستور کي حال جاري رکيو ويندو.

اسيمبليءَ کان خرچ جي منظوريءَ وٺڻ بعد، حتي الامڪان تنخواه دار ماجسٽريٽ رکنداسون.

(9) لوڪل باڊيز مان ٿاڦيل ميمبرن جي دستور کي، اسيمبليءَ ۾ لوڪل باڊيز ايڪٽ جي ترميم جو بل آڻي، ختم ڪنداسون.

"(10) واهن جي سروس، روڊن تان عام ماڻهن جي آمدرفت لاءِ اسان، ضرورت وارن هنڌن تي، ڪجهه عرصي لاءِ، آزمودي طور، رستا لوڪل بورڊن جي حوالي ڪنداسون.

"(11) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾، يڪدم پنجن روپين جو اضافو ڪنداسون.

"(12) مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي واپس موٽائڻ جي اختياري مرڪزي حڪومت کي آهي. جيڪڏهن مولانا طرفان واپس اچڻ جي اسان کان گهر ٿي، ته مرڪزي سرڪار کي اسان ان جي سفارش ڪنداسون.

"(13) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن جي رد ڪرڻ جي غور ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪميٽي مقرر ڪنداسون." وغيره، وغيره.

سگهوئي پير الاهي بخش عوام سان رابطي پيدا ڪرڻ لاءِ گشت شروع ڪيو،  جنهن عوام ۾ وزارت لاءِ همدردي پيدا ڪري، وزارت کي مضبوط ڪري ڇڏيو.

1938ع جي آخر ڌاري، ڍلن وڌائڻ جو سوال وزارت اڳيان پيش ٿيو. اهو سوال، الهه بخش وزارت پنهنجي مدد ڪندڙ ٽنهي پارٽين جي مشوري جي خلاف فيصلو ڪري، ڍلون وڌائي ڇڏيون. ان تي اتحاد پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا- هڪڙا وزيرن جي طرف رهيا، ٻيا عام پارٽيءَ طرف. ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيون، باوجود سندن ٺهرائن جي ڀڃڪڙيءَ جي، وزارت سان ساٿ ڏينديون آيون. اتحاد پارٽيءَ جا باقي ميمبر مخالفت ۾ وڃي ويٺا. سر غلام حسين جو گروهه اڳي ئي مخالفت ۾ ويٺل هو. حاجي عبدالله هارون، جو اسيمبليءَ کان ٻاهر اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر هو، سو آل انڊيا آئيني سوالن تان ڪانگريس ۽ هندن جي پاليسين ۽ رويي ڪري، ناراض ٿي، مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ويو. ان سنڌ ۾ صوبه مسلم ليگ ڪانفرنس 8- 9 آڪٽوبر 1938ع تي، جناح صاحب جي صدارت هيٺ سڏائي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ساري هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ اچي ڪٺا ٿيا هئا.

چناچه، 11 آڪٽوبر 1938ع تي، سيٺ حاجي عبدالله هارون جي جاءِ تي هيٺيان مکيه ماڻهو گڏ ٿيا: (1) مسٽر محمد علي جناح، صدر، آل انڊيا مسلم ليگ، (2) سر حاجي عبدالله هارون، (3) سر سڪندر حيات خان، وزيراعظم پنجاب، (4) مير بنده علي خان ٽالپر، (5) مولوي فضل الحق، وزيراعظم بنگال، (6) خانبهادر الهه بخش، وزيراعظم سنڌ، (7) سر سعدالله خان، وزيراعظم آسام، (8) پير الاهي بخش، وزير ريونيو سنڌ، (9) سر غلام حسين هدايت الله، (10) جي. ايم سيد.

اتي خانبهادر الهه بخش کي سڀني مسلم ليڊرن طرفان منٿ ڪئي ويئي ته بنگال ۽ پنجاب جي وزيراعظمن وانگر هي به مسلم ليگ سان الحاق ڪري، جا ڳالهه هن گهڻي ست ستاءَ بعد قبول ڪئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ، 14 آڪٽوبر شام جو، گهڻا سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر اچي ڪٺا ٿيا، ۽ انهن کان مسلم ليگ پارٽيءَ جي عهدنامي تي صحيحون ورتيون ويئون. اوڻٽيهه ميمبرن صحيحون ڪيون.

پوءِ سوال اٿاريو ويو ته ليڊر جي نئين سر چونڊ ڪئي وڃي. ان تي خانبهادر الهه بخش ۽ سندس طرفدارن اعتراض اٿاريو ته پنجاب ۽ بنگال ۾ جڏهين اڳيون وزارتون قائم رکيون ويئون هيون، ته پوءِ هن حالت ۾ ڇو جداگانه رويو اختيار ڪيو ٿي ويو. جناح صاحب ساريءَ وزارت کي مسلم ليگ جي ماتحت آڻڻ لاءِ ليڊر جي چونڊ ضروري ٿي ڄاتي. سر غلام حسين گروهه ان کي وري طاقت هٿ ڪرڻ جو موقعو ٿي سمجهيو، ان ڪري صلح ٽٽي پيو. الهه بخش انڪار ڪيو. مسلم ليگ کليل مخالفت شروع ڪئي. الهه بخش مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سامهون پيش پوڻ کان انڪار ڪيو.

ان تي، جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾، مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي ٺهي. ان جو ليڊر سر غلام حسين ۽ ڊيپوٽي ليڊر مير بنده علي خان چونڊيا ويا، ان ۾ ٺهراءُ ڪري، مون کي حڪم ڪيو ويو ته الهه بخش وزارت خلاف بي اعتباريءَ جو ٺهراءُ اسيمبليءَ ۾ موڪليان. ٿوري وقت کان پوءِ اسيمبلي ڪٺي ٿي. ان وچ ۾ الهه بخش وزارت مسلم ليگ ۾ شامل ٿيل گهڻن ميمبرن کي پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو. خود مسلم ليگ پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊيپوٽي ليڊر به مسلم ليگ کي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيا. آخر جڏهن ٺهراءُ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو ته صرف ستن ميمبرن ان لاءِ ووٽ ڪيو ۽ رٿ ڪري پيئي. رهيل مسلم ليگ ميمبرن خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي پارٽيءَ جو ليڊر چونڊيو.

1939ع جي وچ ڌاري، مسلم ليگ سکر جي منزلگاهه مسجد مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. اڪثر هندو ميمبرن وزارت تي زور رکيو ته اها جاءِ مسلمانن کي موٽائي نه ڏني وڃي. مسلم ليگ طرفان ان جي پرزور گهر ٿي. آخر، ان لاءِ قانوني انحرافي ڪندڙ هزارها ماڻهو جيل موڪليا ويا. مسلمانن زوريءَ مسجد تي قبضو ڪيو. هندن ان جي خالي ڪرائڻ لاءِ، سرڪار تي زور رکيو. حڪومت جڏهن مسلمانن کان زوريءَ مسجد جو قبضو ورتو، ۽ مکيه ڪارڪنن کي قيد ڪيو، ته سنڌ ۾ هندو- مسلم فساد پيدا ٿي ويا. مذهبي جذبات ڀڙڪڻ ڪري، ڳوٺن ۾ رهندڙ هندن لاءِ غير سلامتيءَ واري حالت پيدا ٿي پيئي. ان کان متاثر ٿي، هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن عارضي نفعي خاطر مسلم ليگ سان گڏجي، الهه بخش وزارت کي شڪست ڏيئي، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو.

جهڙيءَ طرح الهه بخش وزارت ستن مسلمان ميمبرن جي آڌار تي، هندو ميمبرن جي مدد سان طاقت ۾ آئي هئي، ساڳيءَ طرح مسلم ليگ وزارت به هندو ميمبرن جي آڌار تي ستن مسلمان ميمبرن سان طاقت ۾ آئي. اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن جو اهو دستور هو ته جيڪا به ڌر وزارت ۾ آئي، ان اسان آخر تائين وفادار رهندا هئا، ۽ ان جي ڪرڻ کان پوءِ وڃي ٻيءَ وزارت جو ساٿ ڏيندا هئا. هنن جي وفاداريء شخصن يا پارٽين سان نه هئي، بلڪه طاقت سان هئي، جنهن جي هٿ ۾ طاقت هوندي هئي، اڪثريت مسلمان ميمبرن جي ان جو ساٿ ڏيندي هئي. نئين مسلم ليگ وزارت ۾ مون کي به زور ڪري وزير بنايو ويو. مون کي خبر هئي ته ڪانگريس ۽ هندو ميمبرن طرفان حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ هي عارضي سمجهوتو هو، ۽ وقت گذرڻ بعد پهرئين موقعي تي نئين وزارت کي ڪيرائي، وري الهه بخش وزارت کي طاقت ۾ آندو ويندو، مسلم ليگ ٻاهر نڪرڻ بعد وري ساڳيءَ طرح فرقيوار پروپئگنڊا شروع ڪندي، اڳئين دفعي ان ڪري هندو- مسلم فساد ٿيا، اڳتي ڇا ٿئي ان جو پتو خدا کي. ان جو حل مون کي، مڪاني حالتن مطابق، هندو- مسلمانن جو سمجهوتو ڪرائي سڀني پارٽين جي هڪ گڏيل وزارت ٺاهي، ڪاروبار هلائڻ ۾ ڏسڻ ۾ آيو. ان واسطي مون خانبهادر الهه بخش کي مولانا ابوالڪلام جي معرفت سمجهائي، وزارت ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو، ۽ پاڻ استعيفا ڏيئي پنهنجي جاءِ تي کيس وزير ڪري آندو. مون ساڻس اهو واعدو ڪيو ته ٻن مهينن بعد مير بنده علي خان استعيفا ڏيندو، ۽ وزيراعظم جي چونڊ جملي مسلمان ميمبر ڪندا. ليڪن مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ انهيءَ سمجهوتي کي قبول نه ڪيو. ان تي هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي الهه بخش وزارت کي طاقت ۾ آندو. اهڙيءَ طرح سنڌ آل انڊيا سياسي جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بنجي پيئي.

آءٌ ان وقت ردعمل جي گهوڙي تي سوار هوس. پنهنجي گذشته صوفيانه روايات کي وساري، مسلم ليگ جي فرقيوارانه ذهنيت جو شڪار بنجي ويس، ۽ ان سموريءَ ڳالهه لاءِ صرف ڪانگريس کي جوابدار ٺهرايم. حالتون هاڻ هن ڪڙيءَ تي وڃي بيٺيون ته هڪ طرف ڪانگريس طرفان "هندستان خالي ڪريو" جي تحريڪ شروع ٿي، ته ٻئي طرفان مسلم ليگ وارن پاڪستان ذريعي هندستان کي ورهائڻ لاءِ پروپئگنڊا شروع ڪري ڇڏي. انگريزن ڪانگريس مٿان سختي شروع ڪئي. هزارها ماڻهو جيلن ۾ موڪليا ويا، جملي ڪانگريسي وزارتن استعيفائون ڏنيون. الهه بخش وزارت ئي هئي، جا ڪانگريس جي طرفدار حڪومت هئڻ جي باوجود طاقت ۾ رهندي آئي. الهه بخش کي فيصلو ڪرڻو هو ته يا مسلم ليگ سان شامل ٿي وزارت بچائي، ۽ انگريزن جي پاليسيءَ موجب قومي آزاديءَ لاءِ لڙندڙن تي هٿن سان سختيون ڪندو رهي، يا وزارت ڇڏي ٻاهر نڪري وڃي. اهو الهه بخش جي زندگيءَ ۾ دوراهي تذبذب هو. ليڪن آخر هن فيصلو ڪري پنهنجو لاٽ قوم پرستن طرف ڦٽو ڪيو. هن انگريزن جي قومپرستن تي سختين خلاف احتجاج ڪندي، پنهنجا لقب- خانبهادري ۽ او. بي. اي- جا انگريزن کي 26 سيپٽمبر 1942ع تي، هڪ خط وائسراءِ کي لکي، موٽائي موڪليا. ان خط جو لب لباب هيٺيون هو:

"حضور جن کي هن خط جي ذريعي مطلع ڪرڻ گهران ٿو ته مون فيصلو ڪيو آهي ته برٽش سرڪار کان مليل لقب، ملڪ جي عام راءِ ۽ عقيدن جي مدنظر، پاڻ وٽ رکي نٿو سگهان، ۽ موٽائي ڏيان. هندستاني ملڪي آزاديءَ لاءِ گهڻي وقت کان جدوجهد ڪندا رهيا آهن. موجوده جنگ شروع ٿيڻ بعد اُميد هئي ته جن اصولن جي بنياد تي اتحادي قوتون فسطائي حڪومتن سان لڙي رهيون آهن، انهن جي مدنظر هندستان کي آزادي ڏيئي، ان کي جنگ ۾ آزادانه طور حصي وٺڻ جو فخر ڏنو ويندو. پر ائين نه ڪيو ويو.

"اهو منهنجو ايمان آهي ته هندستان آزادي حاصل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. برٽش سرڪار جي بيانن ۽ عمل مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته هو هندستان جي مختلف سياسي پارٽين کي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون وجهي، پنهنجو سامراجي تسلط ملڪ تي قائم رکڻ گهرن ٿا. تازو برٽش سرڪار جي وزيراعظم مسٽر ونسٽن چرچل جي ديوان عام ۾ ڪيل تقرير هندستان جي سمجهدار ۽ قوم پرست ماڻهن ۾ نهايت نااُميدي پيدا ڪئي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انگريزن کي آزادي ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. ان ڪري آءٌ اهڙيءَ حڪومت طرفان ڏنل لقب پاڻ وٽ نٿو رکي سگهان ۽ موٽائي موڪليان ٿو."

ان تي گورنر سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو، ۽ سندس جاءِ تي سندس ڪابينه جي وزير سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ چيائين، جنهن مسلم ليگ جي شموليت سان وزارت ٺاهي.

ان کان پوءِ مسٽر الهه بخش سماجي ڪم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو. ان وقت سنڌ وڏين ٻوڏن هيٺ آيل هئي. ان ۾ هن پنهنجي آباد زمينن کي ٻوڙائي، شڪارپور شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

14 مئي 1943ع تي، صبح جو شڪارپور ۾ ٽانگي ۾ سوار ٿي، هڪ طرف کان جيئن واپس پئي آيو، ته ڪن ماڻهن مٿس پستول مان ٻه فائر ڪري، کيس شهيد ڪري وڌو، ۽ هو ڀڄي ويا. گهڻن   ماڻهن جو چوڻ هو ته اهو سياسي قتل هو. اهڙيءَ طرح هن سنڌي بهادر سياستدان ۽ قومي ڪارڪن جي حياتي پوري ٿي. سندس خاندان مان هي ٽيون شهيد هو.

"مڙيئي معاف ڪياس خالق بدلي خون جي"

کيس ٽي فرزند آهن: (1) مسٽر رحيم بخش، (2) مسٽر حيدر بخش، ۽ (3) عبدالصمد.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org