سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :11

  

 (64)

 

سنسان نديءَ جي لاھيءَ وٽ، ڊگھن ٻوڙن جي وچ ۾،

مون ھن کان پڇيو:

”ڪنواري نينگري، پنھنجي ڏيئي کي رئي سان ڍڪيون

ڪيڏانھن پئي وڃين؟

منھنجو گھر گھگھھ اونداھو ۽ ھيڪلو آھي-

پنھنجو ڏيئو مون کي ڏئي ڇڏ!“

ھن ھڪ پل لاءِ پنھنجون ڪاريون اکيون، مٿي کنيون

۽ نماشام جي ڌنڌ ۾ منھنجي منھن ڏي ڏٺائين.

”مان نديءَ تي آئي آھيان،“ ھن چيو،

”تھ پنھنجو ڏيئو نديءَ ۾ تاريان،

جڏھن ڏينھن جي روشني اولھھ ۾ جھڪي ٿي گم ٿي وڃي.“

مان ڊگھن ٻوڙن ۾ ھيڪلو بيٺو رھيس

۽ ھن جي ڏيئي جي لڄاري لاٽ کي،

موجن ۾ بيڪار لڙھندو ڏسندو رھيس.

پھر گذرندڙ رات جي سانت ۾، مون کانئس پڇيو،

”نوجوان نينگري تنھنجا سارا ڏيئا تھ ٻري ۽ تري چڪا-

وري تون پنھنجو ڏيئو کنيو، ڪيڏانھن پئي وڃين؟

منھنجو گھر گھگھھ اونداھو ۽ ھيڪلو آھي.

پنھنجو ڏيئو مونکي ڏئي ڇڏ!“

ھن پنھنجا ڪارا نيڻ منھنجي چھري تي کپايا

۽ ھڪ پل لاءِ ھڪي ٻڪي ٿي بيھي رھي.

”مان آئي آھيان“ ھن نيٺ چيو،

”پنھنجو ڏيئو آسمان کي ارپڻ لاءِ“

مان بيٺو رھيس ۽ ھن جي ڏيئي کي

خلا ۾ بيڪار جلندو ڏسندو رھيس.

بنا چانڊوڪيءَ جي اونداھي اڌ رات جو مون ھن کان پڇيو،

”نوجوان نينگري، پنھنجو ڏيئو ڇاتيءَ لائي،

توکي ڇا جي تلاش آھي؟

منھنجو گھر گھگھھ اونداھو ۽ ھيڪلو آھي-

پنھنجو ڏيئو مون کي ڏئي ڇڏ“

ھوءَ ھڪ گھڙيءَ لاءِ رڪي، سوچيائين،

۽ منھنجو چھري ۾ گھور وجھي تڪيائين.

”مان پنھنجو ڏيئو آندو آ.“ ھن چيو،

”ڏيئن واري ڏڻ ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ“

مان بيٺو رھيس ۽ ھن جي ننڍڙي ڏيئي کي،

ٻين ڏيئن جي روشنيءَ ۾ وڃائبو ڏسندو رھيس.

±

 

 (65)

 

منھنجا ربَ، منھنجي جيون جي ھن ڇلڪندڙ جام مان،

تون ڪھڙو روحاني مڌ، پيئڻ چاھيندين؟

منھنجا شاعر، ڇا تنھنجي خوشي ان ۾ آھي

تھ پنھنجي تخليق کي منھنجي اکين سان ڏسين؟

ڇا تنھنجي خوشي ان ۾ آھي

تھ منھنجي ڪنن جي چانئٺ وٽ، چپ چاپ بيھي

پنھنجو دائمي سرگرم وارو گيت ٻڌين؟

تنھنجي ڪائنات منھنجي من ۾ لفظ اڻندي رھي ٿي

۽ تنھنجي سرھائي انھن ۾ موسيقي ڀريندي وڃي ٿي،

تون جوش محبت ۾ پنھنجو پاڻ، مون کي ڏئي ڇڏين ٿو

۽ پوءِ پنھنجو سارو ميٺاج، مون ۾ محسوس ڪرين ٿو.

±

 

 (66)

 

ھوءَ جيڪا ھميشھ منھنجي وجود جي گھراين ۾ رھي،

نماشام جي ھلڪين ھلڪين ۽ ڌنڌلين روشنين ۾،

جنھن ڏينھن ڏٺي جي روشنيءَ ۾،

ڪڏھن بھ پنھنجو گھونگھٽ نھ ھٽايو،

منھنجا خدا منھنجي آخري گيت ۾ ويڙھيل،

تنھنجي لاءِ منھنجو اھوئي آخري نذرانو ھوندو.

لفظن ساڻس عشق جو اظھار ڪيو،

پر کيس حاصل نھ ڪري سگھيا،

ريبڻ ۽ ريجھائڻ بھ پنھنجو پرشوق ٻانھون،

ھن ڏانھن وڌايون، پر بي سود.

پنھنجي دل جي تھھ خاني ۾ تنھن کي سانڍيون،

مان ملڪان ملڪ رمندو رھيو آھيان.

۽ ھن جي چوڌاري منھنجي حياتيءَ جي واڌ ويجھھ ۽ زواليت

پئي اڀرندي ۽ ڪرندي رھي آھي.

منھنجي سوچن ۽ عملن، منھنجي ننڊن ۽ سپنن تي

ھن ئي حڪمراني ڪئي آھي،

پر پوءِ بھ، ھو ھميشھ، ھيڪلي ۽ الڳ ٿلڳ رھي آھي.

ڪيترن ئي ماڻھن منھنجو در کڙڪايو آھي،

ھن جي گھر ڪيائون، پر مايوس ٿي موٽي ويا آھن.

ڪائنات ۾ ڪو ھڪڙو بھ اھڙو ڪونھ آھي،

جنھن ڪڏھن ھن کي منھان منھن ڏٺو ھجي،

ھوءَ پنھنجي ھيڪلائيءَ ۾ تنھنجي سڃاڻڻ

۽ سويڪار ڪرڻ لاءِ منتظر رھي آھي.

±


 

 

 (67)

 

تون ئي آڪاش آھين ۽ آشيانو بھ تون ئي آھين.

اي حسن جمال، انھي آکيري ۾ اھو تنھنجو پيار ئي تھ آھي،

جيڪو روح کي رنگن، آوازن ۽ خوشبوئن سان

ويڙھيون ويٺو آھي.

اجھو ھو صبح، سانيتگيءَ سان،

ڌرتيءَ کي ڇٽ پارائڻ لاءِ

ساڄي ھٿ ۾، سونھري کاريءَ ۾

خوبصورتيءَ جي گلن جي چادر کنيون پيو اچي.

۽ ھوءَ شام، آرام ۽ سڪون جي الھندي وڏي سمنڊ مان،

پنھنجي سونھري صراحي ۾ امن ۽ سڪون جي ٿڌين سرڪين سان،

بي گس پيچرن تان ٿيندي، خالي چراھگاھن ۾ پھچي ٿي

جتان ڌڻ چري، واپس وڃي چڪا آھن.

پر اتي جتي، روح جي اڏامي پھچڻ لاءِ

بي انت آسمان پکڙيو پيو آھي

۽ جتي بي داغ جوت جي حڪمراني آھي،

اتي نھ ڪو ڏينھن آھي ۽ نھ ڪا رات،

نھ ڪو روپ نھ ڪو رنگ، ۽ نھ ڪو آواز،

بنھھ ڪونھ، ڪڏھن بھ ڪونھ.

±

 

 (68)

 

تنھنجو سج ڪرڻو، منھنجي ھن ڌرتيءَ تي ٻانھون کولي اچي ٿو

۽ منھنجي دروازي تي، سڄو سارو ڏھاڙو ان لاءِ بيٺو ھجي ٿو

تھ جيئن منھنجي ڳوڙھن، آھن ۽ گيتن جا ٺھيل ڪڪر،

تنھنجي قدمن ۾ واپس اچي کڻي اچي.

وڏي شوق ۽ خوشيءَ وچان،

ستارن سان سجايل پنھنجي ڇاتيءَ کي،

ان ڪوھيڙي واري ڪڪر جي چادر سان ويڙھين ٿو

۽ ان کي اڻ ڳڻيل شڪلين ۽ تھن ۾ تبديل ڪرين ٿو

۽ ان کي سدائين بدلجندڙ رنگن سان رنڱين ٿو.

۽ ڪڪر جي اھا چادر ايڏي ھلڪي، بي بقا ايڏي نازڪ،

ڳوڙھن ڀريل ۽ اونداھي آھي،

جنھن ڪري ئي تون ان سان پيار ڪرين ٿو،

تون جيڪو اوجل بي داغ ۽ سانيتڪو آھين

۽ ان سبب ڪري ئي اھا تنھنجي ھيبت ناڪ اڇي اجري روشنيءَ کي

پنھنجي دلسوز پاڇن سان ڍڪي سگھي ٿي.

±

 

 (69)

 

ساڳي جيون ڌارا جيڪا منھنجي رڳن مان راتو ڏينھان وھي ٿي

سا ساري سنسار ۾ جاري ۽ ساري آھي

۽ مقرر انداز ۽ لئي تال تي رقص ڪندي رھي ٿي.

اھا ساڳي زندگي آ، جيڪا سرھائي وچان،

گاه جي بي انت، سلن جي صورت ۾،

ڌرتيءَ جي ڌڌڙ مان ڦٽي نڪري ٿي

۽ پنن ۽ گلن جون شور مچائيندڙ ڇوليون بڻجي پوي ٿي.

اھا ساڳي حياتي آھي،

جيڪا ڄم ۽ موت جي سامونڊي ھندوري ۾

چاڙھھ ۽ وھڪرو بڻجي لڏندي رھندي آھي.

مان ائين محسوس ڪيان ٿو

تھ ان زندگيءَ جي دنيا جي ڇھاءَ سان ئي

منھنجا انگ عضوا ٻھڪي رھيا آھن.

۽ منھنجو ناز جڳن جي ان جيون ڌارا جي ڌڪ ڌڪ سبب ئي آھي

جيڪا ھن پل منھنجي جسم جي رت ۾ رقص ڪري رھي آھي.

±

 

 (70)

 

ڇا تنھنجي وس کان ٻاھر آھي

انھيءَ سرگم جي تال سان خوش رھڻ؟

انھيءَ خوفائتي خوشيءَ جي واچوڙي ۾ ڪڏڻ، ڪرڻ،

گم ٿيڻ ۽ ڀڄي ڀورا ٿيڻ؟

سڀني شين جي پيھھ اڳتي آھي،

اھي رڪجن نھ ٿيون، پوئتي نھارين نھ ٿيون.

ڪابھ قوت انھن کي پٺتي روڪي نھ ٿي سگھي،

اھي ڌوڪينديون اڳتي ھلن ٿيون.

انھيءَ تيز، ساھي نھ پٽيندڙ موسيقي جي سر سنگيت سان قدم ملائيندي،

موسمون رقص ڪنديون اچن ٿيون ۽ گذريو وڃن ٿيون.

رنگن راڳن ۽ خوشبوئن جا بي شمار آبشار

جھجھي خوشيءَ ۾ اوتجي رھيا آھن

جيڪا پوءِ ھر پل وکرجي وڃي ٿي،

ھمت ھاري ٿي ۽ مري وڃي ٿي.

±

 

 (71)

 

تھ جيئن مان پنھنجو پاڻ مان گھڻو حِظ حاصل ڪيان،

۽ ان کي ھر سو پکيڙي،

تنھنجي تيج تجلي تي رنگبرنگي پاڇا اڇلايان،

اھڙي ئي آھي تنھنجي مايا.

تون ئي پنھنجي وجود اندر ھڪڙي ڀت ٺاھين ٿو

۽ پوءِ پنھنجي ذات جي الڳ ڪيل حصي کي،

اڻ ڳڻين سرن ۾ سڏين ٿو

تنھنجي اھا خود تقسيم، سرير بڻجي مون ۾ بھ سمائجي وئي آھي.

رنگبرنگي ڳوڙھا ۽ مرڪون بڻجي، خوف ۽ اميدون بڻجي،

دل چيريندڙ گيت، ساري آسمان ۾ پڙاڏو بڻجي ٿو.

لھرون مٿي اڀري، وري ھيٺ لھي، ٻڏي وڃن ٿيون.

خواب جڙن ٿا، وري ٽٽن ٿا،

مون ۾ خود تنھنجي، پنھنجي ھار عيان آھي.

ھي پردو جيڪو تون ٽنگيو آھي،

تنھن تي رات ۽ ڏينھن جي بُرش سان

بيشمار تصويرون چٽيل آھن.

ان جي پويان تنھنجو آسڻ،

سنوت ۽ سڌائي وارن سمورين کوکلين ليڪن کي پري اڇلائيندي،

عجب اسرارن جي ونگن ورن سان اڻيل آھي.

’مان‘ ۽ ’تون‘ جو مھا تماشو آڪاش تي ڇانيل آھي،

مان ۽ تون جي سر سان ساري فضا ۾ لرزش آھي.

۽ مان ۽ تون جي ڳولا ۽ لڪ ڇپ ۾، سارا جڳ لنگھي وڃن ٿا.

±

 

 (72)

 

ھوئي آھي باطن وارو، جيڪو منھنجي وجود کي

پنھنجي گھرن لڪل، ڇھائن سان جاڳائي ٿو.

ھوئي آھي جيڪو منھنجي نيڻن تي منڊ مڙھي ٿو،

۽ وڏي سرھائي وچان منھنجي دل جي تارن تي،

خوشي ۽ ڏک جا، جھيڻا ۽ اوچا، آلاپ رچائي ٿو.

ھوئي آھي جيڪو ھن مايا جا ڄار

نيري ۽ سائي، سون ۽ چاندي جي

ڦٽي ويندڙ رنگن سان اڻي ٿو

۽ پنھنجي پيرن جي تھن مان

ليئا پائڻ ڏئي ٿو.

۽ جنھن جي ڇھاءُ سان مان

پنھنجو پاڻ وساري ويھان ٿو.

ڏينھن اچن ٿا ۽ جڳ گذري وڃن ٿا

۽ سدائين ھوئي آھي،

جيڪو ڪيترن ئي نالن سان، ڪيترن ئي ويسن ۾،

خوشيءَ ۽ ڏک جي ڪيترين ئي سرمستين ۾،

منھنجي دل کي چوري ٿو.

±

 

 (73)

 

منھنجي لاءِ ترڪ ۽ تِياڳ ۾ نجات ناھي.

مان خوشيءَ جي ھزار ٻنڌڻن ۾ ئي

پاڻ کي آزاديءَ جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪيان ٿو.

تون ھميشھ پنھنجي طرح طرح جي رنگن ۽ خوشبوئن وارن

شرابن جا تازا دنگ مون ۾ اوتيندو رھين ٿو.

۽ ھن ٺڪر جي ٿانؤ کي ڪنين تار ڀرين ٿو.

منھنجي دنيا طرح طرح جا سوين ڏيئا

تنھنجي شعلي مان ٻاريندي،

۽ تنھنجي مندر جي دڪي آڏو رکندي.

پنھنجي حواسن جا دروازا،

مان ڪڏھن بند ڪونھ ڪندس.

منھنجي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڇھڻ جون راحتون

تنھنجي ئي راحت ۽ آنند کي سمائينديون

ھائو، منھنجون ساريون خوشفھميون،

خوشيءَ جا شعلا ٿي ٻرنديون

۽ منھنجون سموريون خواھشون،

رسي پچي محبت جا ميوا بڻجي پونديون.

±

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org