سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :6

 

 

 

راز نامو

 

مون ھينئر پنھنجا غزل پورا ڪيا،

دل ۾ ليڪن راز ڪجھھ رھجي ويا.

تنھن ڪري ھڪ مثنوي ٻيھر لکان،

جنھن کي پوئين وقت ۾ ظاھر ڪيان.

حڪم ان جي سان لکان تازو ڪتاب،

راز رمزن سان ڀريل خاصو ڪتاب.

عزم ناھي منھنجو آھي يار جو،

تنھن ڪري معنيٰ جو دروازو کليو.

ھي ڪتاب آخر زماني ۾ لکيم،

پنھنجي مخفي راز کي ظاھر ڪيم.

حال وارو ڪو ڏسي منھنجو ڪتاب،

جو پئي توحيد جو خاصو شراب.

ھن رسالي جي خبر ڇا خام کي،

علم عارف کان سوا ڇا عام کي.

حڪم ٿيو مان رازنامي کي لکان،

پنھنجي پوئين وقت ۾ ڪجھھ ڪم ڪيان.

جو پڙھي سو ھٿ کڻي اسلام تان،

دور ٿئي ھر مذھب ۽ ايمان کان.

راز رحماني ھتي ظاھر ڪري،

ھي ”سچو“ خود کي ”خدائي“ ٿو سڏي.

حال واري کان سواءِ منھنجو ڪتاب،

جو بھ پڙھندو سو وڄائيندو رباب.

ھن رسالي کي سڄڻ ڄاڻي خدا،

ڪير پڙھندو حال واري کان سواءِ.

ھر ڪو اھڙو راز مخفي ٿو رکي،

شابس آھي ان کي جو ظاھر ڪري.

عشق سان ٽمٽار آھي ھي ڪتاب،

ڏس منجھس معنيٰ جا موتي بي حساب.

جيڪو واقف ٿيندو منھنجي حال کان،

حال کان بيحال ٿيندو بي گمان.

غير واقف ٿي نھ پڙھ منھنجو ڪتاب،

پر پڙھڻ سان راز حاصل ڪر شتاب.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

راز رمزن سان ڀريان ٿو ھي ڪتاب،

ڪيئن ڪڍان ٿو دل جي شيشي مان شراب،

ڪيئن نھ قدرت سان خدا آھي ڪريم،

حي ۽ قيوم، رحمان ۽ رحيم.

پاڻ مولا آھي قادر ڪارساز،

شاھ مالڪ ملڪ جو ۽ بي نياز.

تون زبان سان اڳ ۾ بسم الله ڪر،

پوءِ محمد شاھ جي ساراھ ڪر.

جيئن خدا مان ٿيو عيان نام رسول،

تيئن رسالت ۾ اچي سو پيو قبول.

ويس بدلائي سڪندر ٿيو سفير،

پاڻ نوشابھ اڳيان آيو امير.

خود چيائين، ”موڪليو مون کي امير،

مان سڪندر شاه جو آھيان سفير“.

نيٺ نوشابھ سڃاتو شاھ کي،

با ادب بيھي رھي ان جاءِ تي

خود چيائين، ”تنھنجي ٻانھي مان ٿيان،

روز و شب تو شاھ جي خدمت ڪيان

ڇو ٿو پردي ۾ ڇپائين پاڻ کي،

ڇو ٿو رنجن ۾ رھائين پاڻ کي“.

در حقيقت پاڪ مرسل ۽ خدا،

جيڪڏھن ڄاڻين تھ ٻئي آھن ڪٺا.

ناھي احمد ۽ احد ۾ ڪوئي فرق،

ميم آھي عشق جي مستي ۾ غرق.

جيڪي پيدا ٿيا زمين و آسمان،

يا منجھن سج چنڊ آھن نور سان.

آھي سڀني ۾ سدا حق جو حضور،

ظاھر و باطن انھيءَ جو آھي نور.

آھي موجودات ۾ مولا جي ذات،

جو ڏسين ٿو آھي سا ان جي صفات.

ھر وڳي ۾ ھو رھي موجود ٿو،

پٽ ڪڏھن پھري، ڪڏھن ويڙھي کٿو.

مختلف رنگن جو ھڪ خيمو ھڻي،

شاھ ويٺو آھي ماري ڇانوڻي.

اندران سؤ حڪم جاري ٿو ڪري،

پاڻ ٿو نعرو انالحق جو ھڻي.

آھي بيرنگي ھميشھ رنگ ۾،

پاڻ آھي صلح ۾ ڇا جنگ ۾.

ھو ڪڏھن فرعون يا موسيٰ ٿيو،

ھو ڪڏھن مريم، ڪڏھن عيسيٰ ٿيو.

پاڻ ئي دنيا تي شاھي ٿو ڪري،

پاڻ ئي خود کي سپاھي ٿو ڪري.

خود سميع آھي سدائين خود بصير،

خود عليم آھي. ڪليم آھي قدير.

درد سان پوندي سموري ھي خبر،

درد ڌاران بي خبر آھي بشر.

عشق وٺ ڇڏ پاڻ پيريءَ جي پچر،

درد ريءَ آھي اجايو شور و شر.

عشق ۾ اچ دين ۽ اسلام ڇڏ،

عشق ۾ اچ پنھنجو ننگ ۽ نام ڇڏ.

عشق ۾ اچ سڀ وساري ڇڏ سبق،

تو مٿان روشن ٿي ويندا نو طبق.

عشق ۾ اچ ڇڏ مسائل جي پچر،

ڇو ٿو ويڳاڻو وتين ڀڄ بي خبر.

عشق ۾ اچ ڇڏ حڪايت جو حصو،

ڪر نھ دارا ۽ سڪندر جو قصو.

پاڻ کي ڇڏ ڪر اميري عشق جي،

آھي شاھي ڇا وزيري عشق جي.

عشق آھي ذات حق جي سربسر،

درد ڌاران ڪين پوندي ھي خبر.

عشق وٺ ۽ ترڪ ڪر تدبير کي،

جان و دل سان ڏس انھيءَ تاثير کي.

عشق وٺ ڇڏ پاڻ پيريءَ جي پچر،

رند ۽ سرمست ٿي رھ بي خطر.

عشق ۾ اچ ڇڏ گناھ ۽ ڇڏ ثواب،

تنھنجي دل ڪاري ڪندا تنھنجا حجاب.

عشق جو شھباز جنھن کي ٿو وٺي،

نيڪ و بد کان ان کي واري ٿو ڇڏي.

دور آھي عشق جي منزل ڪٺن،

ڪيترائي بحر وچ تي ٿا وھن.

عشق جي منزل پسائي لامڪان،

عشق واري کان پري سود و زيان.

عشق جي سنئين راھ ۾ طالب ٿي شاد،

آھي ٻي ھر راھ ۾ مڪر و فساد.

دوجھان ۾ عشق شاھي ٿو ڪري،

لامڪان تائين رسائي ٿو ڇڏي.

درد آڏو عقل جي ڪھڙي مجال،

درد وارو مرد آھي باڪمال.

مرد بڻجي درد سان ٿي ھمڪنار،

عشق وارو ٿي وظيفن کي وسار.

عشق وٺ اي يار اھل درد ٿي،

جي پڇين مون کان تھ ڪامل مرد ٿي.

عشق وٺ ۽ پنھنجي ھستي کي وسار،

يار جي رستي ۾ جان ۽ تن کي ڳار.

عشق وارو بحر آھي بي ڪنار،

دل کي لھرين ۾ ٿو لوڙھي بار بار.

عشق جو ھي بحر آھي موجزن،

ان جي موجن جو شمار آھي ڪٺن.

عشق آھي حق جو رستو بي گمان،

”لي مع الله“ آھي مرسل جو بيان.

عشق ”سبحاني“ جي خاصي قيل و قال،

عشق ۾ چوغو جنيدي حق جو حال.

عشق ظاھر ڪئي ”انا احمد“ جي حد،

”ميم“ جو پردو ھٽائي ٿيو احد.

”لوڪشف“ جي گفتگو ڪئي مرتضيٰ،

عشق جون رمزون ٿيون ان کان عطا.

اول ۽ آخر اھو موجود آھ،

باطن ۽ ظاھر اھو موجود آھ.

ھيءَ حقيقت عشق جي آھي کري،

سر ڏئي حاصل ڪري وٺ سروري.

ڪر مصلي کي ۽ چوغي کي تباھ،

پھلوان ٿي ڪوٽ ھستي جي کي ڊاھ.

خود پرستي ۾ برابر بند ٿئين،

ڪفر جو پاتئي جڻيو خورسند ٿئين.

خاص مردن جو يقين آھي اھو،

ڪفر توڙي دين کي ڪن ٿا ڦٽو.

سڀ کي ناھي عشق جي رستي جي ڄاڻ،

جيڪو عاشق آھي سو ڄاڻي ٿو پاڻ.

عشق جو مھراڻ آھي موجزن،

جنھن ۾ ڪارونڀار ڪن ڪڙڪا ٿا ڪن.

جي وڃي مسجد پڇين يا خانقاھ،

عشق ريءَ حاصل نھ ٿيندي حق جي راھ.

درد دل سان پڙھ ڪلام ۽ ڪر نھ لڄ،

جيڪڏھن بيدرد آھين تون تھ ڀڄ.

جيڪڏھن ڪجھھ درد آھي تو ۾ يار،

ڪن ملائڪ تو مٿان موتي نثار.

پاڻ سان جي درد کي شامل ڪرين،

من گھرئي محبوب سان محفل ڪرين.

عشق جي دوجڳ ۾ آھي سروري،

عشق سان حاصل ٿئي ٿي برتري.

عشق ھر ڪنھن کان رھي ٿو بي نياز،

مان ڏسيان ٿو توکي پنھنجي دل جو راز.

انت ناھي عشق جو ڪنھن کي ادا،

ان کي ناھي ابتدا ۽ انتھا.

عشق جي نااھل کي ڪھڙي خبر،

ان کي عارف ٿا سڃاڻن سربسر.

بي دليا ڇا عشق جي غم سان رھن،

عشق وارا سر مٿس قربان ڪن.

ھڻ کڻي وحدت جي دريا ۾ ٽٻي،

”مان ۽ تون“ کان جلد وٺ آزادگي.

جي اجايو ”مان ۽ تون“ ۾ ٿڙڪندين،

عشق جي رمزن کي حاصل ڇا ڪندين.

سؤ ڪتابن جا پنا ڇو ٿو پڙھين،

علم منطق ۾ اجايو ٿو ڪڙھين.

ڇو رھين ٿو مست مڪتوبات ۾،

پاڻ کي ڇو ٿو وجھين آفات ۾.

عشق جي ڪانھي ڪتابن ۾ ھوا،

آھي ان جي عشق جو رستو جدا.

ھر ڪتابي بحث کي تون باھ ڏي،

عشق پھچائيندو تو وٽ يار کي.

پيٽ وارو علم شيطاني ٿيو،

علم منطق جو پريشاني ٿيو.

ظاھري علم آھي سارو قيل و قال،

جنھن ۾ حاصل ڪين ٿيندو حق جو حال.

ظاھري علم آھي يوناني سڄڻ،

ڇو پڙھين ٿو جنھن ۾ ناھي ڪو لڇڻ.

عاشقيءَ جو علم پڙھ ڪر عاشقي،

ٻيو سمورو علم آھي فاسقي.

عاشقي جو علم پڇ تون سربسر،

پر نھ پڇ مون کان ڪو منطق جو اکر.

جيئن ھتان آيس ھلي ھن جاءِ تي،

جيڪي آندم سو وڃايان ٿو ڪٿي.

پاڻ مولا عشق جو تحفو ڏنو

عاشقي جو علم سيني ۾ وڌو.

علم ظاھر جي ذري ظاھر نھ ٿي،

ھجر واري باھ ساڙيندي رھي.

عاشقي جو علم آندو ھت سچو،

جو بچيو باقي سو شيطاني ٿيو.

علم ظاھر آھي بي حاصل سڄو،

عاشق آھين تون تھ ڪر ڪجھھ حوصلو.

پاڻ چئين ٿو عالم آھيان بي مثال،

علم ظاھر سان نھ ھٿ ايندءِ ڪمال.

علم جون ڊاڙون ھڻين ٿو بي حساب،

قاف تائين ناھي ڄڻ تنھنجو جواب.

ھي سمورو علم يوناني ٿيو،

سربسر ھي علم شيطاني ٿيو.

علم يوناني سڄو مڪر ۽ فساد،

عاشقي جي علم ۾ ڪر اجتھاد.

علم اھڙي کان اسان پاسو ڪيو،

گرچھ سارو بوعلي سينا لکيو.

عاشقيءَ جو علم آندو مصطفيٰ،

پر ڪيو ظاھر زبان مرتضيٰ.

مڪتب آھي علم يوناني جي جاءِ،

ڇڏ انھيءَ کي وسوسا پنھنجا وڃاءِ.

علم ظاھر ۾ رڳو جھيڙو جھٽو،

علم عشاقيءَ ۾ ناھي ڪو ڦڏو.

فلسفو جادو طبابت يا رمل،

آھي ھر ڪو علم شيطاني عمل.

عشق تيزيءَ سان اچي ٿو اوچتو،

علم ان کان ٿو ڀڄي، ترسي نٿو.

عاشقي جو علم ڄاتو صادقن،

ٻيو سڃاتو عاشقن ۽ طالبن.

عشق ان جي کان سواءِ سڀ ڪجھھ خراب،

فھم رک والله اعلم بالصواب!.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ناھي فردوسي، نظاميءَ جو جواب،

دريگانو آھي منھنجو ھي ڪتاب.

ھن ۾ ناھن بادشاھن جا قصا،

معرفت وارا ٿا سمجھن ماجرا.

ڪين آھي ھي مسائل جو ڪتاب،

منھنجي مرشد جي اڳيان ٿيو مستجاب.

درد دل جي سان لکيم ھيءَ ماجرا،

خود قلم کي حڪم فرمايو خدا.

رازنامو آھي منھنجو ھي ڪتاب،

جو بھ پڙھندو سوئي ٿيندو ڪامياب.

عشق جي غم ۾ منجھس آھي بيان،

جو زبان مان ناھي آھي دل منجھان.

تون خيال آھين وٺي ڇڏ ھي خيال،

جيئن پئين توحيد جي مئي بي مثال.

عاشقن ھن راھ ۾ ماريو مٿو،

ڪين سوچيائون ڪتابي مسئلو.

پاڻ کي پنھنجي نظر ۾ گم ڪري،

شاھ شاھن جو ڪري ڇڏ پاڻ کي.

مرد بڻجي اچ انھيءَ ميدان ۾،

”مان ۽ تون“ کي ڇڏ انھيءَ چوگان ۾.

تڙ تڪڙ ۾ پاڻ کان بيزار ٿي،

عشق جي رمزن جو واقفڪار ٿي.

پاڻ ۾ ھوندين تھ حق ھوندئي جدا،

پاڻ کان ويندين تھ گڏ ٿيندئي خدا.

دور دوئي کي ڪري دلدار ٿيءُ،

ھڪ رھي اي يار تون سردار ٿيءُ.

ڪنھن کي ڳوليندو وتين ٿو سچ ٻڌاءِ،

دربدر ڊوڙين ڊڪين ٿو ڪنھن جي لاءِ.

تو بگاڙي پنھنجي حالت پاڻ آھ،

توکي دوئي جي سڄي ڇڪتاڻ آھ.

جيڪڏھن پنھنجي حقيقت ڄاڻندين،

غير کان ھر حال ۾ پاسو ڪندين.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

اي سڄڻ، تون عشق واري شمع ٻار،

ڪم ڪري وٺ اڄ، سڀاڻي کي وسار.

مڃ اھا منھنجي نصيحت اي ادا،

پاڻ کان ٻاھر ھجڻ جي گھر دعا.

وٺ سڌو رستو پري رھ پاڻ کان،

ورنھ گمراھي ۾ ايندين بي گمان.

گم نھ ڪر رستو اھو توحيد جو،

ھڪ رھي حق ساڻ ھل، ڪر غم نھ ڪو.

ھل ھليو طالب متان ويھي رھين،

جيستائين راز سڀ حاصل ڪرين.

تون حباب آھين، حباب آھين، حباب،

پاڻ ماري بحر بڻجي وڃ شتاب.

بحر جو نالو پيو پاڻيءَ مٿان،

ان منجھان نھرن جا نالا ٿيا نوان.

موج کاڌي بحر سئون لھرون ٿيون،

سي وري ساڳيون منجھس گم ٿي ويون.

اول ۽ آخر اھو موجود آھ،

باطن ۽ ظاھر اھو موجود آھ.

پاڻ کي توحيد جي رستي ۾ ڳار،

پنھنجي ھستي ٽوڙ ”مان مان“ کي وسار.

تنھنجي ”مان مان“ آھي ابليسي عمل،

ناھي ابليسي عمل جو نيڪ ڦل.

ڄاڻ دوئيءَ کي وڏي ڪافر جو ڪم،

ھن طريقي سان ھنيو شيطان دم.

ڄاڻ ھردم پاڻ کي حق سان ڪٺو،

حق جو توسان، تنھنجو حق سان واسطو.

غير حق ناحق ٿو سمجھين پاڻ کي،

باھ ۾ وجھھ ھر ڪتابي جاڻ کي.

ھن جو توتي تنھنجو ھن تي ٿيو مدار،

واٽ وٺ ”مان مان“ جي وائي کي وسار.

آھي ”مان مان“ جو اھو پردو وڏو،

سچ پڇين مون کان تھ سڀ آھي ڦڏو.

جسم توڙي جان و دل سڀ يار آھ،

وچ ۾ ناھي غير سڀ دلدار آھ.

ھي سڄو کٽراڳ ڇڏ موران مٽي،

پاڻ کان ڪر ھي پريشاني پري.

ھن پريشانيءَ کي ٽاري ڇڏ صفا،

پنھنجي ھستيءَ کي وساري ڇڏ صفا.

ھي نشاني آھي شيطاني قدم،

بيخودي ۾ آھي رحماني قدم.

راھ رحماني ۾ آھي بيخودي،

بيخودي ۾ تون بھ سڀ ڪجھھ پاڻ ٿي.

پاڻ حق ٿي مار ”سبحاني“ جو دم،

آھي سبحاني ۾ سلطانيءَ جو دم.

ھت ھميشھ آھي حيرت ۾ رھڻ،

ھڪ ھجڻ، دوئي ڇڏڻ، يڪتا ٿيڻ.

ڄاڻ ھردم ھڪ ھميشھ ھڪ سڃاڻ،

ھن عقيدي ۾ نھ ڪوئي وھم آڻ.

 

ڪير آھيان ڪير آھيان ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان عجب ۾ ٿو رھان.

 

مصطفيٰ جي راھ وٺ دل صاف ڪر،

غير کان بيزار ٿي اچ بي خطر.

مصطفيٰ کان ٿي ھدايت جي سخا،

مرتضيٰ کان ٿي عنايت جي عطا.

مصطفيٰ ٿيو انبيا جو پيشوا،

مرتضيٰ ٿيو اوليا جو رھنما.

مڃ يگانن ۾ يگانو مصطفيٰ،

ان جي رمزن جو خزانو مرتضيٰ.

سمجھندو رھ ھڪ علي توڙي نبي،

ڪر نھ احمد ۽ احد ۾ ڪا وٿي.

ھيڪڙائيءَ سان رھيا اصحاب خاص،

دور دوئيءَ کان رھيا احباب خاص.

ھڪ نھ سمجھڻ آھي بس بيگانگي،

ھڪ ھجڻ سان ٿي رھي مردانگي.

ھڪ ڄڻي جا روپ آھن ڪيترا،

ھڪ گھڙي بدلائي ٿو ڪيڏا وڳا.

ھي سخن منھنجو نھ ھرگز تون وسار،

مرد بڻجي حوصلو مردن جو ڌار.

مرد ٿي ڏيکار مڙسيءَ جو مثال،

عشق جي رستي ۾ حاصل ڪر ڪمال.

عشق جي اسرار کان رھ باخبر،

عشق سان حاصل ڪندين حق جي نظر.

عشق در کولي ڇڏيو اسرار جو،

عشق سان ھر راز پڌرو ٿي پيو.

 

ڪير آھيان ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ڏس پڙھي تون حرف ھڪڙو جسم جو،

جنھن ۾ خاڪو آھي حق جي اسم جو.

جيڪڏھن سمجھين تھ سڀ ڪجھھ اسم آھ،

در حقيقت اسم جملھ جسم آھ.

اسم ڌاران جسم آھي ڪجھھ بھ ڪين،

پاڻ حاصل ڪر اھو پورو يقين.

حرف جي معنيٰ کي حاصل ڪر سگھو،

عاشقن آڏو جي ماڻين مرتبو.

جو ڏسي ٿو آھي ٻوليندڙ اھو،

جو ٻڌي ٿو آھي ڄاڻيندڙ اھو.

حرف جي معنيٰ انھيءَ جي ذات آھ،

پاڪ وصفن جي منجھس اثبات آھ.

ڏس اکين آڏو سڀئي اسرار – حق،

ھر ذرو پيو ٿو ڪري اظھار – حق.

ھر طرح سان يار چالا ٿو ڪري،

ڪيترا دلدار گفتا ٿو ڪري.

ھر زبان تي آھي ان جي گفتگو،

جابجا دلبر جي آھي جستجو.

 

ڪير آھيان ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

جسم توڙي جان و دل دلدار آھ،

ھر طرح سان ھوش وارو يار آھ.

ماھ ماھي عشق واري بحر ۾،

ٻئي جھان لوڙھي ڇڏيا جنھن لھر ۾.

عشق واري بحر ۾ ماري ٽٻي،

وڃ ھميشھ لاءِ ھستيءَ کان ڇٽي.

پاڻ ڦوٽو آھي پاڻي بي گمان،

جو وڏائي ٿو ڪري پاڻيءَ مٿان.

پيو ڦسي ڦوٽو از خود آب ٿيو،

موج ٿيو درياھ ٿيو گرداب ٿيو.

نام ٿيو درياھ سڀني جو يڪو،

ان ۾ آھي بي گمان مطلب اھو.

ڪيتريون چيزون ڪيون پيدا ڪمند،

جا بجا ڏس ڳڙ مٺائي کنڊ قند.

ڪيئن ٿيو داڻي منجھان پيدا شجر،

جنھن ڪڍيا پن ڏار ٽاريون ۽ ثمر.

ڏس ڪڻي مان وڻ سندس وحدت ڪيو،

ڪيئن سمورو ڪم اھو قدرت ڪيو.

ميڻ مان ٺاھن ٿا ماڻھو مورتون،

اٺ ڳئون گھوڙي گڏھ ھاٿي سنديون.

جي ملايئ ميڻ ٻيھر مھٽبي،

مورتون وينديون سموريون ميٽجي.

ٺاھجن ٿا سون مان زيور ھزار،

مختلف جن جا نمونا بيشمار.

ھن مٽيءَ مان ٿانؤ ڪيئي ٿا ٺھن،

ڪنھن کي ڪونرو ڪنھن کي لوٽو ٿا چون.

ٻج بڻائي ڪجھھ ڪڻا ٿا پوکجن،

برگ و گل سر سبز بنجي ٿا ڦٽن.

مون ٻڌايو صاف گدري جو بيان،

آھي ان ھڪڙي جو سارو داستان.

ڏس تھ ڪڪڙي مان نڪري ڪيئن ڪپاه،

رنگ ڪيڏا ٿو ڪڍي سبز ۽ سياه.

ڪوٽ چوغو پوتڙو دستار ڏس،

ٽوپ چولو يا اڳٺ سلوار ڏس.

ناھ ڪپڙي جي نمونن جو شمار،

جن سڀن جو آھي ڪڪڙي تي مدار.

ھي سمورا ڄاڻ وحدت جا مثال،

وحدت ۽ ڪثرت جو ھڪڙو آھي حال.

اصل ۾ وحدت منجھان ڪثرت بڻي،

سربسر ڪثرت وري وحدت بڻي.

پاڻ تي پنھنجي نظر تون پاڻ ڪر،

ڪين ڪجھھ الله ريءَ ايندئي نظر.

مون ٻڌايو آھي وحدت جو بيان،

اھي وحدت ۾ ئي ڪثرت جو بيان.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ھيئن چيو ڪافور ھيڪر فخر سان،

مان ھوا کي ٿو وڃي قابو ڪيان.

جيئن اٿيو تيئن پاڻ بڻجي ويو ھوا،

پنھنجي ھستيءَ کان ھميشھ ٿيو جدا.

ڊاڙ ھنئي پاڇي تھ سج جي روشني،

سيگھھ ۾ آڻي ڪيان ٿو ھت ڪٺي.

پاڻ ليڪن روشنيءَ ۾ ٿيو فنا،

پنھنجي ھستيءَ کان ھميشھ ٿيو جدا.

مرد ھڪڙي کي مليو ماڻھو عجيب،

جنھن چيس، ”اي يار اچ منھنجي قريب.

ڏي ڏيو ٻاري تھ بڻجان ڪامياب،

جيئن ڏسان پنھنجي اکين سان آفتاب“.

ھن چيس، ”درويش ديوانو نھ ٿيءُ،

بي خبر بي ھوش بيگانو نھ ٿيءُ.

ڪير آھي جو ڏئي سان سج ڏسي،

سج فقط سج سان ئي ڏسجي ٿو سگھجي.

ڪنھن کي ھستي سان نھ حق حاصل ٿيو،

جنھن ڇڏي ھستي اھو حاصل ٿيو.

پاڻ کان ويندين تھ بڻبين پاڻ حق،

تنھنڪري ھر حال ۾ تون ماڻ حق.

ياد ڪر مون کان ٻڌي نڪتو اھو،

رھ خدا جي راھ ۾ صوفي سچو.

درد ھٿ ڪر درد آھي دلپذير،

ورنھ رسوائيءَ ۾ رھندين اي فقير“.

خود پرستن کي ملي ڪيئن دڳ سڌو،

کڏ ۾ گھليائون ڊڊو شيطان جو.

غار ۾ ديرو دمائيندا رھيا،

خلق سان حيلا ھلائيندا رھيا.

جو ڪري ٿو خود پرستيءَ جي نگاھ،

سو ٿئي ٿو سخت رسوا ۽ تباھ.

خود پرستيءَ جا لطيفا دور ڪر،

ڇڏ خودي اچ بي خودي ۾ سربسر.

آھي ذڪر ۽ فڪر وارن جو ڪمال،

جي ھميشھ ٿا رکن دم جي سنڀال.

عشق وارن عارفن جي راھ ڏس،

دم سنڀالڻ سان انھنجو چاھ ڏس.

درحقيقت دم سنڀالڻ دمبدم،

طالبن ۽ صادقن جو آھي ڪم.

دم سنڀالڻ جو ڪندو رھ انتظام،

پاڻ کان گم ٿي رھين جيئن تون مدام.

دم سنڀالڻ سان ظاھر عشق ٿيو،

دم زدن ۾ ڪوٽ ھستيءَ جو ڀڳو.

عشق جو مھراڻ آھي موجزن،

وٺ سڌو رستو ٻڌي منھنجو سخن.

ڪنھن مھل عاشق مقام – ذڪر،

ڪنھن مھل آھي مقام – فڪر ۾.

ڪنھن مھل ھن وٽ مقامات – شھود،

ڪنھن مھل ھن وٽ مقامات – وجود.

جي سندس عظمت تجلي ٿي ڪري،

ذڪر ان جو ڪين باقي ٿو بچي.

جي وري عزت تجلي ٿي ڪري،

بس شھود ان دم نٿو آڏو رھي.

جي تجلي ڪبريائي ٿي ڪري،

بس گھڙيءَ ۾ فڪر فاني ٿو ٿئي.

جي تجلي ٿي ڪري خود پاڪ ذات،

ڪين باقي ٿي بچي ھي ڪائنات.

”مان اوھان جو رب“ ٿي ٻولايو خودي،

”مان سراسر حق“ چوايو بي خودي.

پاڻ کي فرعون سڀ جو رب سڏيو،

پنھنجي ھستي کان اھو نعرو ھنيو.

دم ”انا الحق“ جو ھنيو منصور شاھ،

بيخودي ۾ پاڻ آيو بادشاھ.

ھن خودي فرعون تي آندو عذاب،

نفس جي خواھش ۾ ٿيو خوار ۽ خراب.

بيخودي منصور کي برتر ڪيو،

دو جھان ۾ ان جو عشق اظھار ڪيو.

دينداري ۾ برابر شاھ ھو،

قرب ھو منصور تي الله جو.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

جيڪڏھن ڪو ٻار پيدا ٿو ٿئي،

ڪيئن نھ دائي جي ھٿن ۾ ٿو پلي.

دم سنڀالڻ آھي دائي جي مثال،

جنھن منجھان حاصل ٿئي ٿو ھر ڪمال.

فڪر وارو ٻار پلجي ٿو پوي،

نوجوان ھڪ ڏينھن بڻجي ٿو پوي.

پالنا ۾ ٿي ڪري دائي ڪمال،

خود بلندي تي ٿي پھچائي خيال.

رھنمائي ٿي ڪري دم جي سنڀال،

جو خدا ڏي ٿو وڃي ڇڪجي خيال.

ھن طرح ھي ٻار ڪامل ٿو ٿئي،

کيس دائي جو نٿو اونو رھي.

ٻن ۾ آخر ھيڪڙائي ٿي اچي،

گم ڪري ٿي جان، دل ۽ جسم کي.

سڀ وڃن ٿا يار باقي ٿو بچي،

دم انا الحق جو دمادم ٿو لڳي.

ھر طرح ھر حال ۾ حق ٿو رھي،

حق ھڪالي ٿو ڇڏي ھر غير کي.

راز وحدت جو کلي ٿو بي گمان،

ھن حقيقت جو گھڻو آھي بيان.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

چنڊ جي چانڊاڻ آھي جابجا،

پر اھو پاڻي ۾ ڏسجي ٿو صفا.

جي پوي ٿي عڪس تي پنھنجي نظر،

ھو بھو پاڻيءَ ۾ ڏسجي ٿو قمر.

آھي دل عارف جي پاڻيءَ جي مثال،

جنھن م ظاھر ٿئي ٿي ذات – ذوالجلال.

ڇڏ وساري علم تون دعوات جو،

ڇو تھ ھن ۾ ناھي ڪو رستو سڌو.

ترڪ ڪر ھي علم تسخيرات جو،

پنھنجي ھٿ سان ٽوڙ لالچ جو ٽڳو.

ڇڏ خدارا خلق ساري جي پچر،

يار جي زلفن ۾ دل کي قيد ڪر.

يار سان رھ غير جي ھر ڪار ڇڏ،

غير سان ھرگز نھ رھندو يار گڏ.

ڪنھن جي ھستي ناھي دلبر کانسوا،

آھي دلبر جا بجا جلوه نما.

اي سڄڻ موليٰ جو طالب ٿي گذار،

پنھنجي دل جا وھم سارا تون وسار.

تنھنجي چوڌاري ٿيا ماڻھو ڪٺا،

وھم شيخي جي ۾ آھين مبتلا.

اي سڄڻ تون وھم شيطاني نھ ڪر،

ڇڏ انھيءَ پيريءَ بزرگي جي پچر.

غير جي ھر ڳالھھ کان بيزار ٿيءُ،

ھيڪڙائي ۾ رھي ھوشيار ٿيءُ.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان عجب ۾ ٿو رھان.

 

اي سڄڻ وٺ جلد مسڪيني جي راھ،

ٿي وڃين جيئن دوجھان جو بادشاھ.

راھ مسڪيني خدا جي راھ ڄاڻ،

ٿي فنا توحيد جي رستي ۾ پاڻ.

پاڻ ٿي مسڪين مڃ منھنجي صلاح،

آھي مسڪيني جي انھيءَ ۾ فلاح.

جي ھلڻ چاھين خدا جي راھ سان،

من جو مطلب پاءِ مسڪيني منجھان.

راھ مسڪيني نھ آھي راھ عام،

ڄاڻ وارا ڄاڻندا ان جو مقام.

راھ مسڪيني ٿي وحدت سان گڏي،

شاھ شاھن جو بڻائي ٿي ڇڏي.

وٺ خدا جي راھ مسڪيني منجھان،

خود کي روشن ڪر انھيءَ خورشيد سان.

مصطفيٰ مسڪين ڪوٺيو پاڻ کي،

ٻڌ سچي دل سان انھي اھڃاڻ کي.

پاڪ مرسل پاڻ کي مسڪين چئي،

خود فقيرن کي ھدايت ٿي ڪئي.

آھي مسڪينيءَ جو اعلي ٰمرتبو،

جنھن ۾ آھي راز وحدت جو سڄو.

ھر طرح ھر حال ۾ مسڪين ٿي،

اچ خدا ڏي واٽ وحدت جي وٺي.

پاڻ مسڪيني جي منزل ماڻ تون،

ھڪ احد احمد کي ھردم ڄاڻ تون.

 

ڪير آھيان ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان عجب ۾ ٿو رھان.

 

ڇڏ طلب جنت جي، موليٰ کي سنڀال،

پنھنجي دل مان دور ڪر ديگر خيال.

ڇو رھين ٿو غير جي فڪرات ۾،

پنھنجي دل کي ڇو وجيھن آفات ۾.

خواب ٿو جنت جي حورن جو لھين،

حسرتن جا داغ دل تي ٿو سھين.

 جنت ۽ دوزخ جو خالي آھي نام،

رند عاشق مست بڻجي رھ مدام.

دوزخ آھي ڌار دلبر کان ٿيڻ،

جنت آھي يار سان يڪجا ھجڻ.

ڄاڻ پڙدو راھ جو دوزخ جي باھھ،

ھن سخن تي ڪر حقيقت جي نگاھ.

جو نٿو محبوب جومنھن ھت ڏسي،

سو ھميشه ھت بھ انڌو ٿو رھي.

جو ھتي ھستي نٿو ماري سگھي،

سو ھتي دوزخ ۾ داخل ٿو رھي.

رک يقيني طور ھي خاصو  خيال،

دور ڪر وھم ۽ گمان وارو خيال.

عشق ريءَ آھن سڀئي ڪوڙا قصا،

راز ڄاڻن ٿا ھي ديوانا پڪا.

ھي ڪھاڻيون ڪوڙ وارا ٿا ٻڌن،

صدق وارا پاڻ پاسي ٿا رھن.

يار جو جلوو نٿا عامي پسن،

عشق وارا ٿا اھو ديدار ڪن.

عشق جي رستي ۾ ڇا بزدل جو ڪم،

معرفت وارا رکن ٿا ھت قدم.

عشق جي دولت ڪيو دل کي غني،

سون چانديءَ سان نھ سا آباد ٿي.

درد دلبر جو وٺي ايثار ڪر،

صدق دل سان يار جو ديدار ڪر.

عشق بيشڪ ٿو بڻائي با ڪمال،

عشق سان وسري وڃي ٿي قيل وقال.

گفتگو سان ٿي وڃي ٿي دل سياھ،

عشق ڌاران ناھي ٻي ڪا حق جي راهھ.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org