سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :8

 

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

مون کي طنبورو بڻائي پاڻ يار،

ڪيئن وڄائيندو وتي ٿو آشڪار.

مون منجھان نغما ٿا نڪرن بيشمار،

سي ٻڌي وٺ قرب سان اي قربدار.

سر ڪڍي ٿو سوز مان ھي ساز ٻڌ،

ھر نموني جا اچي آواز ٻڌ.

يار جي ھٿ سان وڄي ٿي ان جي تار،

راز قدرت جا ٿين ٿا آشڪار.

ھجر جي يا وصل جي ٻولي ڪڏھن،

حال مستي جي ڪري ھولي ڪڏھن.

ڪجھھ نٿو ٿئي حڪم ان جي کان سواءِ،

پنھنجي ھستي کي مٽائي ڇڏ صفا.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

منھنجو ڏاڏو مشتھر صاحبڏنو،

جو محمد حافظ اعليٰ شان ھو.

ھڪ ڏھاڙي شھر کان ٻاھر ٿيو،

سير خاطر واٽ ورتيون ٿي ويو.

ڪوٿڙي ۽ ڏيوڻي جي درميان،

ھڪ اگھاڙي مست عورت ٿي عيان.

اصل ۾ ”بصري“ انھيءَ جو نام ھو،

جنھن جي حالت کان نھ واقف عام ھو.

ويجھڙو خواجھ جي بيھي پاڪباز،

درد واري دانھن ڪئي ھڪ دلنواز:

”ڏس تھ توکي ڪيئن نھ ساري ٿو خدا،

تون خدا کان ڇو ٿيو آھين جدا.“

بيت سنڌي ۾ ٻڌايائين ٻھ ٽي،

پيش خدمت ٿو ڪيان تن کي ھتي:

”چري کري بصري، کري تا ڪر نانھن،

وئي پرائي وھانءِ تنجو ھنئڙو تا ھي ٿيو.

جئان گھڻو جڳ ۾، پر جم نھ جيئڻ ڏئي،

باب نھ پڙھج بي، ھج آلوده الف سان.

ورسان وجھئو ڪاڻ، کرسان کليو سمھين،

آيل ھي اھڃاڻ، جو ڪڻ ڇڏي تھھ ابرين.“

ھي ٻڌي خواجھ صفا بيخود ٿيو،

سربسر عاشق بڻيو الله جو.

پنھنجو پٽڪو پاڻ اڇلايائين مٿان،

مئي محبت جي چکيائين چاھ مان.

بس محبت کان سوا سڀ ڪجھھ ڇڏي،

جھنگ ۾ ويھي رھيو گوڏا گڏي.

چھل چاليھا ڪڍيا جيئن مرد – راھ،

پوءِ ھلي آيو عبيدالله شاھ.

پاڻ خواجھ کي بڻايائين مريد،

لامڪان تائين پڄايائينس ديد.

راز وحدت جو مليس مرشد ھٿان،

حسن جانان جلوه گر ٿيس دل مٿان.

آھي الفت جي اھا ئي شاھراھ،

رک طلب ھڪ يار جي ٻئي کي نھ چاھ.

بس عبيدالله اسان جو شاھ ھو،

ھر طرح ھر حال ھمراھ ھو.

ھو سراپا نور ھو مرد – ڪمال،

کوڙ، جنھن پيدا ڪيا عيسيٰ مثال.

ٽجر خادم ھو سندس درگاھ جو،

ھر ولي ڄڻ ھو سپاھي شاھ جو.

ان جو ھر دربان سڪندر جي مثال،

ڇٽ ولايت جو ھيس سر تي بحال.

ڪيترا خاقان و خسر و قيقباد،

جم ڇا دارا، نوڪري ۾ شاد، شاد.

ڄڻ ھيا ”شبلي“ ”جنيد“ ان جا مريد،

معتقد ”ذوالنون“ توڙي ”بايزيد“.

ھر ملڪ ان جو ثناگو بي گمان،

غوث توڙي قطب ھر ھڪ مدح خوان.

پاڻ ھو آل محمد مصطفيٰ،

جنھن جو ڏاڏو ھو علي المرتضيٰ.

سو عبيدالله ھيو نور خدا،

خواجھ حافظ رھنما جو پيشوا.

تنھن عبيدالله ھادي سرفراز،

خواجھ سان رکيا راز و نياز.

پنھنجو مرشد پير ”عبدالحق“ سچو،

جنھن جو اعلي ٰمرتبو موليٰ ڪيو.

پير عبدالحق سخا جو بحر ٿيو،

جڳ ۾ جنھن کوليو خزانو فيض جو.

وصف ان جي ڪين ٿي سگھندي تمام،

جو چوان سو ڪجھھ بھ ناھي والسلام.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ھي سمورا اسم ٿيا ھڪ ۾ فنا،

ھڪ ٿيا سارا برابر ھڪ ٿيا.

ھڪ منجھان پيدا ٿي نالا لکين،

ھڪ منجھان ٿيون صورتون اعليٰ لکين.

”الف“ پڙھ ”بي“ ”تي“ جي وائي کي وسار،

بت پرستي آھي ”بي“، ”تي“ جي پچار.

الف مان پيدا ٿيا ھي باب سڀ،

تون ڦٽا ڪر تن سندا آداب سڀ.

پيش وحدت پيو ادب جو سر ڀڄي،

دور ٿيا آداب وحدت کي ڏسي.

اوچتو وحدت جو خيمو جيئن کتو،

خود بخود اڏريو پکي آداب جو.

ٿي ادب کان پوءِ وحدت مستقيم،

جو بھ چاھيو سو ڪيو سڀ ڪجھھ ڪريم.

لعل وحدت کي، ادب کي آب ڄاڻ،

ھٿ ڪري ھي لعل، ھر ڪنھن کي سڃاڻ.

ڇڏ وظيفا اسم وٺ الله جو،

غير ڪڍ، وٺ جابجا نالو اھو.

ناھي ڪجھھ موليٰ جي نالي کان سواءِ،

ڪاھلي آھي وظيفن ۾ صفا.

ھوش سان ھل ڇڏ وظيفن جي پچر،

دربدر ڇو ٿو رلين اي بي خبر.

راز رحماني جي ساري لھھ خبر،

ڪر وظيفن کان پري پنھنجي نظر.

فڪر حق جي ذات وارو رک مدام،

پاڻ تي ٻيون لذتون سڀ ڪر حرام.

بس انھيءَ ھڪ فڪر ۾ ھر گاه رھ،

ان جي وحدت کان سدا آگاه رھ.

تون نھ آھين يار آھي ياد رک،

جابجا جڳ ۾ جو ڏسجي ٿو عيان،

سو سراسر عشق آھي بيگمان.

عشق از خود ڏس اناالحق جو ڏنو،

جنھن جو ھر نقصان آھي فائدو.

عشق ثابت ڪئي خدا جي پاڪ ذات،

محو، جنھن ۾ ٿي سموري ڪائنات.

بس ھيو ھڪ خاص عاشق معتبر،

پنھنجي ھستي کان سراسر بي خبر.

وصل جي مئي سان صفا سرشار ھو،

رمز روحانيءَ جو واقفڪار ھو.

عام سڏبو جيڪو آڪيداس ھو،

پرت وارن ۾ ھميشھ پاس ھو.

اصل ۾ نالو ھيس ”عاقل فقير“،

مست ۽ مجذوب ھو روشن ضمير.

رمز اثباتي ۾ ھو ھوشيار ھو،

”لي مع الله“ جو بھ واقفڪار ھو.

جان تي ظاھر ۾ پاتائين جڻيو،

ھر ڪو ان جي حال کان واقف بڻيو.

ھي خبر قاضين جي ڪن تي پئي جڏھن،

گڏ ٿيا ملاّ ۽ مفتي سڀ تڏھن.

جلد عاشق سان لڙڻ لئي ٿيا تيار،

صبر جو دامن ڪيائون تار تار.

اڳ ۾ ھڪ سالڪ اچي ان کي چيو،

”پاڻ کي تو قرب جو قيدي ڪيو.

تنھن ڪري قاضين ۽ مفتين جو سپاھ،

توکي مارڻ ٿو اچي اي مرد – راھ.“

رڙ ڪري عاشق ڏنس ورندي اھا،

”جو چيئي ٻيھر بھ چئو تون مرحبا.

جي حقيقي عشق کي حاصل ڪرين،

پنھنجي ھستي کي صفا واري ڇڏين.

عشق جي تلوار آھي چيلھھ سان،

ڪيئن نھ ان جو سير حاصل مان ڪيان.

عشق جي تلوار جي قابو ڪندس،

خوف اڳتي جو رکي ڪئن ويھندس.

يار جي قدمن ۾ سر قربان ڪندس،

عالمن کي ھر طرح حيران ڪندس.

يار جي رستي ۾ قرباني ڪبي،

محبت مٺڙي جي ھي مھماني ڪبي.

راز سڀ منصور جيئن ظاھر ڪبو،

عشق سان سولي تي سر پنھنجو ڏبو.

عاشقن جي صف ۾ جيڪو بيھندو،

پنھنجو سر سولي اڳيان حاضر ڪندو.

دل ۾ آھي بحر غم جو موجزن،

موج ان جي موج ۾ آڻي ٿي من.

عشق منھنجو خون ھاريندو بجا،

تيخ ان جي سان ڪسڻ آھي روا.

سر ڏيڻ ھن راه ۾ آھي ڀلو،

راز ظاھر ٿئي زبان سان عشق جو.

يار جيئن چاھي خوشيءَ سان تيئن ڪيان،

مان سندس قدمن اڳيان قربان ٿيان.“

اوچتو ملن اچي ڪڙڪو ڪيو،

جن جي آڏو پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو.

پاڻ پنھنجو غير کان آزاد رک،

”قل ھو الله“ آھي ”الله الصمد“،

ڄاڻ معنيٰ باليقين آھي ”احد“.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

دوبدو بيھي ڪيائين ھيءَ صدا:

”مرحبا صد مرحبا صدر مرحبا.

خوش ھجو اي قاضيو! اي مفتيو!،

پنھنجي دل جي مدعا پوري ڪيو.

جي شريعت حڪم ڏئي ٿي قتل جو،

سيگھھ ۾ ھي ڪوٽ ھستي جو ڀڃو.“

حق جو ڪلمو سڀ ٻڌي حيران ٿيا،

جوش ۾ تن کي وڏا جولان ٿيا.

عالمن فتويٰٰ ڏني: ”رسوا ڪجيس،

منھن مٿان دانگي ملي گھمرائجيس.“

کيس چاڙھيائون  گڏه تي خار مان،

لپ مٽيءَ جي ٿي ھنيس خورد و ڪلان.

ھر طرف ھي ھل ٻڌو ٿي خاص و عام،

شير ھو سڀني جي وچ ۾ شاد ڪام.

عام ماڻھن کيس طعنا ٿي ڏنا،

ھر طرف کان ٿي ڀتر ان کي لڳا.

ڏاند ان کي ھو چڙھيءَ جي واسطي،

سو ڪھي کائڻ لڳا ماڻھو اتي.

ھي ٻڌي عاشق صفا سڀ کي چيو:

”ھن ڪڌي ڪم کان اوھان توبھھ ڪيو.

گوشت کائيندو جو منھنجي ڏاند جو،

پڪ انھيءَ کي موت ايندو اوچتو.

موت جي تلوار ايندي تن مٿان،

قتل ٿي ويندا ھي قاضي ناگھان.“

نيٺ ھن بانڪي بھادر کي ڇڏي،

ويو ھليو ھر ڪوئي پنھنجي جاءِ تي.

گوشت سؤ چاليھھ ماڻھن ۾ ھليو،

جن بھ کاڌو تن جو سڀ کي ھو پتو.

اوچتو تن جي مٿان آئي قضا،

جن بھ کاڌو ڏاند ھو سيئي ڪٺا.

جي ھيا ملا ۽ مفتي سڀ مئا،

نيٺ ان عاشق بھ پورا دم ڪيا.

مون انھيءَ بابت گھڻو ماريو مٿو،

جڳ ۾ ھر ڪو ناھي طالب راز جو.

ھاءِ مخفي راز ڪيئن رھجي ويا،

مان ٻڌايا، پر نھ جڳ ظاھر ڪيا.

ڪيستائين ٻيو ٻڌائيندس ڪلام،

اي برادر بس ڪيان ٿو والسلام.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

سڀ سچا عاشق وڃي رستي لڳا،

مان ھتي افسوس کاوان ٿو ڌڪا.

عشق وارا ويا ڇڏي ھن حال ۾،

جو اڃا تائين رھان ٿو قال ۾.

عشق وارا ويا ھليا حيران ڪري،

جن جي خاطر جيءُ منھنجو ٿو جلي.

عشق وارا ويا ھتي حيران ڪري،

سوز جن جي ۾ ٿي دل سڏڪا ڀري.

دوستن وٽ عاشقن ديرا ڪيا،

بڻجي بي گھر مون ھتي ڦيرا ڪيا.

عشق وارا ويا ڇڏي ھت واءِ واءِ،

حال پنھنجي تي ڪيان ٿو ھاءِ ھاءِ.

مون کي ھن حالت ۾ حيراني ڏئي،

عشق وارا ويا پريشاني ڏئي.

عشق وارن کان سوا لاچار ٿيس،

دربدر دانھون ڪري بيڪار ٿيس.

عشق وارا جڳ ڇڏي آزاد ٿيا،

جاوداني عيش سان آباد ٿيا.

درد واريون ڪيتريون دانھون ڪندس،

عشق وارن واسطي آھون ڪندس.

دل ۾ تن جي درد جي جاگير آھ،

بس انھن ڳالھين جو ھي تاثير آھ.

سر تي آيو عشق وارن جو فراق،

مون کي ماري ٿو انھن جو اشتياق.

عشق وارا ويا انھيءَ جي راه ۾،

سڀ دعاگو ٿيا سندس درگاه ۾.

غم جي رمزن کي سڃاڻي ڪر نظر،

جيئن پوي توکي حقيقت جي خبر.

پير عبدالحق اسان جو يار ڏس،

حق جي رمزن جا لکين اسرار ڏس.

حق ڏنيون جنھن کي ھزارين حڪمتون،

ھر گھڙي آھن مٿس لک رحمتون.

پاڻ ھادي رھنما، جنھن جو ٿيو،

حق جي رمزن جو پتو ان کي پيو.

جنھن کي بخشيائين پيالو فقر جو،

ان جو پارس سان وڃي پاسو لڳو.

عشق جي جوھر کي حق جي ذات ڄاڻ،

آيتون حق جون ڏسي ان کي سڃاڻ.

ھر صفت موليٰ جي ھت آيو کڻي،

غير ناھي آھي ساڳيو ئي ڌڻي.

جڳ جي شاھي ۽ بزرگي کان مٿي،

ھن خدائي کي پڄايائين ڪٿي.

دڳ وٺايائين سڌو درويش کي،

مئي محبت جي پياريائين سڏي.

کوڙ مون جھڙا سندس در تي مريد،

سر ڏيڻ ۾ جيڪي سمجھن پنھنجي عيد.

پنج پٽ ھن عشق جي سلطان جا،

گنج آھن دين ۽ ايمان جا.

ڇا ڪري سگھندي زبان تن جي ثنا،

پاڻ آھن پنھنجو مٽ عارف سچا.

منھنجو پھريون پيرزادو با اصول،

 مرحبا آھي محمد وٽ قبول.

خود صفا تحقيق جا گوھر ڪري،

غير جي تقليد کان ٿئي ٿو پري.

دين ۾ دائم رھيس ھڪ مشغلو،

معرفت جي ذڪر جو ۽ فڪر جو.

آھي ھادي رھنما بيشڪ ڀلو،

مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ جو دادلو.

اوليا ۽ انبيا جو پيشوا،

حق جو بندو خاص جڳ جو رھنما.

جنھن جي آڏو ٻئي جھان آھن ڦڙو،

عرش رسي، جنھن اڳيان ھڪڙو ذرو.

آھي معنيٰ جو خزانو ھي فقير،

جو بزرگي ۾ رھي ٿو بي نظير.

پير زين الدين ٻيو والا صفات،

آھي ھر ھادي جي زينت جنھن جي ذات.

آھي ساڳيو سر انھيءَ ھڪڙي ۾ پاڻ،

تون بھ ھڪڙي ۾ اھوئي سر سڃاڻ.

دين محمد آھي ثالث دلربا،

عشق واري سلسلي جو رھنما.

پيشوا چوٿون محمد جو ولي،

فخر دنيا جو سچو عاشق سخي.

بعد ۾ خاصو خداداد آھي پير،

عشق واري راه ۾ روشن ضمير.

ھي سمورا نام ٿيا ھڪ نام جا،

يار ھڪڙو آھي بيشڪ جا بجا.

ھڪ منجھان ھر ھڪ لقا پيدا ٿيو،

عقل کي ھن حال حيرت ۾ وڌو.

ھڪ اھو ئي سر ھتي آيو ھلي،

اصل ۾ آھي حقيقت ھيءَ پڪي.

تون انھيءَ ڪثرت ۾ وحدت کي سڃاڻ،

سچ تھ وحدت آھي ڪثرت پنھنجو پاڻ.

ھت قلم جو سر صفا ڪٽجي ويو،

جو ھيو لکڻو اھو لکجي ويو.

ھي خدائي ٿيو سندس در جو غلام،

”راز نامو“ ختم ٿيو بس والسلام.

حڪم ان جي سان کلي ٻيھر زبان،

جيئن چيو مون کي سڄڻ تيئن ٿو چوان.

مختصر آھي برابر ھي ڪلام،

فائدو حاصل ڪري ھر خاص و عام.

خون مان ٻوڙي قلم کي بار بار،

ھن رسالي کي ڪيو مون آشڪار.

عشق جا اسرار ظاھر ٿو ڪيان،

محو آھن ذڪر ۾ دل ۽ زبان.

ڪنھن کي طاقت ناھي جو خطرو ڏئي،

حڪم ان جي ساڻ ھلچل ٿي رھي.

عام ماڻھن کان پري ڪن ۾ اچي،

يار مون سان ڳالھھ ڪئي اسرار جي.

ڪي ڏھاڙا بند ھئي منھنجي زبان،

اوچتو ھي بار آيو دل مٿان.

فرض سنت مستحب کي خاص و عام،

نفل واجب سان پڙھن ٿا صبح و شام.

ياد ھر ڪو ٿو ڪري قرآن کي،

پر وظيفن سان نٿو موليٰ ملي.

ھو پڙھن ٿا جيئن اجورو ڪوملي،

جيءُ سندن جھوري انھيءَ ۾ ٿو جھڄي.

نفس پنھنجي کي ڦٽو ڪر وٺ خدا،

جسم ڪر موليٰ جي رستي ۾ فدا.

ٻڌ ذار سالڪ سخن منھنجو سچو،

دل ۾ ان جي عشق جو ديرو لڳو.

حال ۾ ھر ھڪ سخن ڄاڻو بجا،

حال ڌاران اھي ھر گفتو خطا.

ڪيفيت ڄاتي نھ ڪنھن ھن حال جي،

اھي ساڳي ڳالھھ حال ۽ قال جي.

دينداريءَ کي صفا واري ڇڏيم،

ھن مسلماني کي ميساري ڇڏيم.

بس ڀڄي ويا زھد، علم ۽ قيل و قال،

ويو زماني تان کڄي منھنجو خيال.

آگ ۾ اڇلائي ڇڏ سارا ڪتاب،

ٻڌ ”خدائي“ جي حڪايت لاجواب.

عقل جان ۽ دل ۾ آھي سڀ ٺڳي،

غيب کان اھڙي خبر مون کي ملي.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ڪجھھ تھ ماضيءَ جو تصور دل ۾ ڪر،
پنھنجي گذريل صورتن تي ڪر نظر.

تنھنجي پيري ۽ جواني جو مثال،

ڄڻ تھ ھڪڙو خواب ھو يا ڪو خيال.

خواب غفلت جو ڇڏي بيدار ٿي،

حال پنھنجي کان سڄڻ ھوشيار ٿي.

ڄاڻ ساريون صورتون خواب ۽ خيال،

ٻڌ ذرا ويساھ سان منھنجي مقال.

سمجھھ ھن صورت جي ھستي کي فنا،

پاڻ کي ھردم انھيءَ کان رک جدا.

جيڪي وھمي صورتون سمجھي ٿو پاڻ،

ھي بھ تن ئي صورتن وانگر سڃاڻ.

پاڪ معنيٰ سان ڪري ڇڏ پاڻ کي،

ھل سدائين تون سڌو ھن راه تي.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

اسم ذاتي جو ھميشھ ذڪر ڪر،

ذڪر ۾ مشغول رھ ۽ فڪر ڪر.

ذڪر جي تمثيل آھي سؤ سپاھ،

فڪر آھي ڄڻ تھ ان جو بادشاھ.

شاھ لشڪر کان سواءِ لاچار آھ،

شاه ري لشڪر وري بيڪار آھ.

شاھ جي عزت وڌائي ٿو سپاھ،

ياد ڪر ھي خاص نڪتو خير خواه.

ذڪر سان ئي پنھنجي ھستيءَ کي وسار،

جسم کان بيھوش رھ ليل و نھار.

ذڪر جو فرمان موليٰ ٿو ڪري،

تنھن ڪري ھي فرض بڻجي ٿو رھي.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

اھي ڪن ٻيٽن ۾ ھڪ مشھور وڻ،

جنھن کي چندن ٿا چون سڀ اي سڄڻ!.

ان جي کل شاخون ۽ پن سڀ سربسر،

ھر ھميشھ ٿا رھن خوشبو ۾ تر.

ان جي ڀرسان ٻيا بھ آھن اي سڄڻ!،

ڪيترا مختلف جنسن جا وڻ.

جيئن ھتي ھردم ھوائون ٿيون گھلن،

وڻ سڀئي چندن جي خوشبو ٿا وٺن.

ان جي نالي ۾ سمورا ٿا اچن،

اصلي نالا تن جا گم ٿي ٿا وڃن.

ھر شجر اھڙيءَ طرح چندن ٿيو،

ڄڻ تھ چندن آھي چندن مان ڦٽو.

ھر شجر چندن ٿو سڏجي ھر گھڙي،

ان منجھان خوشبو اچي ٿي مشڪ جي،

آھي پر اسرار ھي وڻ ايترو،

ڪنھن بھ ان کي ناھي ظاھر ۾ ڏٺو.

جو اتي ويندو اھو ٿيندو فنا،

سر وڃائيندو انھيءَ وڻ ۾ صفا.

ڄاڻ ھڪڙي ذات ھر شيءِ ۾ عيان،

ھي مڪان آھي برابر لامڪان.

اڳ ۾ پنھنجي ھوڏ ھستي کي وسار،

 پوءِ بلاشڪ ڪر اناالحق جي پڪار.

خاڪ جو پتلو نھ آھي تنھنجي ذات،

تنھن جي ھستي کي ڪڏھن ايندي نھ مات.

ھي پراڻو پوش ٿي ويندو فنا،

تنھنجي ھستي کي سدا ھوندي بقا.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

تو فقط ھڪ دم منجھان آندا ٻھ دم،

ٻن دمن توکي ڏنا ھت ڪيئي غم.

وٺ فقط ھڪ دم ڇڏي ٻن جي پچر،

ھٿ ڪري وٺ خاص وحدت جي خبر.

ٻن دمن مان ڄاڻ ھڪڙو دم ڀلو،

علم ھر ڪنھن کي نھ آھي راز جو.

ظاھر ۽ باطن انھي جو آھي گنج،

پاڻ ھڪ آھي نھ آھن چار پنج.

ڪفر ۽ ايمان ۾ ڪانھي وٿي،

آھي ساڳي ڳالھھ نيڪي ۽ بدي.

پاڻ کي نيڪي بدي کان رک جدا،

وٺ طريقت جو سڌو رستو صفا.

پاڻ کي نيڪي بدي کان پاڪ ڪر،

بس ٻنھي کي تون ملائي خاڪ ڪر.

ظاھر ۽ باطن جڏھن آھي خدا،

پوءِ چئو نيڪي بديءَ جو آھي ڇا؟

پاڻ کي پڪڙي وري رھندين ڪٿي،

جابجا دلدار ڦيرا ٿو ڪري.

مان نھ آھيان آھي ان حاڪم جو ڪم،

آھي دو عالم مٿان منھنجو قدم.

پنھنجي ھستي تان کڻي سارو خيال،

مون ڪيو منصور جو جھنڊو بحال.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

روز شب تون راڳ سان ھمراز رھ،

ساز جي آواز سان دم ساز رھ.

جي رکين ٿو عشق جي دل ۾ لغار،

ٻڌ ذرا مون کان جدائي جي پڪار.

راڳ جو آواز عاشق ٿا ٻڌن،

سوز وارا ان جي ويجھو ٿا وڃن.

جلد اي عاشق مزو وٺ راڳ جو،

يار پنھنجي سان وڃي ٿي ويجھڙو.

راڳ کي معراج سمجھن ٿا ولي،

روز شب ان کي ٻڌن ٿا متّقي.

غير جو ھر فڪر ميٽي ٿو ڇڏي،

وسوسا ۽ وھم ريٽي ٿو ڇڏي.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

وٺ سبق ھي معرفت جي راھ جو،

فرق ڇڏ ھادي جو ۽ گمراھ جو.

نيڪ و بد کي بحر وحدت ۾ وجھي،

ڇڏ شڪايت ۽ گلا شيطان جي.

ھو ڪڏھن ھادي ڪڏھن ھمراھ آ،

راھرو ھن راز کان آگاھ آ.

رھنما بڻجي ڪڏھن ڀلجي پوي،

ھو ڪڏھن غنچو ڪڏھن گل ٿو ٿئي.

ياد ڪر ”مجنون“ جي  ۽ ”ليليٰ“ جي ڳالھھ،

يا ٻڌي وٺ ”وامق“ ۽ ”عذرا“ جي ڳالھھ.

اک ملي مجنون کي ليليٰ واسطي،

جنھن کي گھايو ھڪ نظاري نينھن جي.

ان جي صورت جو سدا حقدار ھو،

روز شب مفتون مٿس ھر بار ھو.

ڪجھھ ڏٺائين ڪين ليليٰ کان سواءِ،

جنھن جي الفت ۾ رھيو ٿي مبتلا.

راھ ۾ ان جو ڪڍيائين انتظار،

ان جي غم جي مئي چکيائين بار بار.

غير کان مجنون وڌو منھن تي نقاب،

صرف ليليٰ کي ڏٺائين بي حجاب.

راز کان آگاھ ٿي اچ راھ ۾،

ھڻ ٽٻي توحيد جي درياھ ۾.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

شھر قنڌار ۽ ھرات آڏو عيان،

اھي قلعو ھڪ ”قلايش“ نام سان.

چو طرف قلعي جي آھي ڪوھسار،

عام سڏجي ٿو تڏھن تڪشير غار.

وقت پنھنجي ۾ عجب اسرار سان،

ھن کي جوڙايو ھيو نوشيروان.

ان ۾ ھڪ مخفي جڳھھ آھي جڙيل،

جنھن ۾ ھڪ پارس پٿر آھي پيل.

چار تلوارون اتي آھن عيان،

ان جي چوڌاري ڦرن ٿيون ھر زمان.

ور وڪڙ دڳ ۾ وڃڻ آھي محال،

مون گھٽائي ڪئي اڃا آھي مقال.

ھر طرح سان بند ٿيا رستا ٻيا،

در تي تلواريون کليل آھن سدا.

جيڪو پارس واسطي ويندو اتي،

پاڻ پنھنجو سر وڃائيندو اتي.

جسم سان ڪوئي نھ ٿيندو ڪارگر،

ھيءَ حقيقت ٿو ٻڌايان سربسر.

جو بھ ويندو ان جو سر ٿيندو قلم،

ڪير تلوارين مٿان رکندو قدم.

قتل ٿي ويا ھت بھادر ڪيترا،

جن ڪٽايا پير بازو ۽ مٿا.

جيڪڏھن ايندو ڪو پارس جي قريب،

پاڻ پنھنجو سر وڃائيندو غريب.

جي ڪرين حق جي طلب جو حق ادا،

ڪر انھيءَ جي راه ۾ سر کي فدا.

جان و تن سان ڪيئن ملي توکي خدا،

ڪر انھيءَ جي راه ۾ خود کي فنا.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

آھي سڀ ڪنھن ۾ سمايل ان جي ذات،

مان ٻڌايان ٿو صفا ان جون صفات.

حسن ڪامل سان کليو ھو گل مثال،

پاڻ پن پن ۾ پسائي ٿو جمال.

سبز ڳاڙھا ۽ اڇا ڪارا ھزار،

رنگ رنگي ٿو پسائي بي شمار.

جيڪڏھن گل جي پنن کي مھٽبو،

صرف پاڻي تن منجھان پيدا ڪبو.

ھي سڀئي گل جا پتا ٿيندا فنا،

آب خوشبوءِ دار کي رھندي بقا.

ڏس زمين ۽ آسمان جي ويڪراڻ،

پاڻ ۾ ڪيئن ٿو سمائي يار پاڻ.

ڪيتري دلڪش ٿي ڏسجي ڪائنات،

آھي اندر توڙي ٻاھر ان جي ذات.

سير سلطاني ڪري جو ڪجھھ ڏٺم،

سربسر ان جو پتو سڀ کي ڏنم.

جو ڏسين ٿو سو سندس آھي جمال،

آشنا ٿي پنھنجي ھستي ڪر حلال.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

آھي ھڪڙي ٻيٽ ۾ ھڪ ڳئون عجيب،

جا ڀڄي ٿي بک لڳڻ سان بدنصيب.

بحر ۾ بي خوف ماري ٿي ٽٻي،

جھٽ اچي ٿي بي بھا موتي ڪڍي.

چنڊ جيئن چمڪاٽ موتي ٿو ڪري،

ھوءَ تڏھين ٿي چاه مان چارو چري.

دور اونداھي کي موتي ٿو ڪري،

روشني ۾ جابجا ھوءَ ٿي چري.

اوچتو موتي جا طالب ٿا اچن،

ان مٿان پردو مٽي جو ٿا وجھن.

روشني بدران ٿي اونداھي ٿئي،

بدحواسي ۾ ٿي ھوءَ ڊوڙي ڊڪي.

سخت حيران ٿئي ٿي موتيءَ واسطي،

غور ڪر اي راھرو ھن ڳالھھ تي.

آھي ناداني سڄي ڳئون جي عيان،

جا مٽي کان ٻئي طرف ٿئي ٿي روان.

خود مٽي کي ڪين جاچي ٿي ڏسي،

خاص موتي جنھن ۾ مخفي ٿو رھي.

بحر ۾ ٻيھر اچي ڏئي ٿي ٽپو،

ان منجھان آڻي ٿي ھڪ موتي ٻيو.

غور سان ٻڌ ھي قصو ڪر ڪجھھ خيال،

بي خبر بڻجين متان ڳئون جي مثال.

خاڪ جو پتلو پري ڪر سربسر،

شاه شاھن جو صفا ايندئي نظر.

ھي مٽي جو بت پري ڪر پاڻ کان،

بي بھا گل ھٿ ڪري وٺ ان منجھان.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

دم خدائي جو ھڻان ٿو مان ڪڏھن،

گڏ گدائي سان رھان ٿو مان ڪڏھن.

جسم سان آھيان تھ بڻجان ٿو گدا،

پاڻ ۾ ناھيان تھ آھيان خود خدا.

ان گھڙي پرواز اعليٰ ٿو ڪريان،

پنھنجي سر کي پاڻ بالا ٿو ڪريان.

مان نھ آھيان ان جي ذات پاڪ،

جا ڪري ٿي وسوسا ۽ وھم خاڪ.

گم ٿيا سڀ روز شب ارض و سما،

اصل توڙي نسل جا نالا ويا.

ڇا مصلو ڇا جڻيو توڙي ڪتاب،

گم ٿيو ڏوھن ثوابن جو حساب.

شڪ عقيدا خوف بالڪل دور ٿيا،

دين، ايمان، ڪفر سڀ ڪافور ٿيا.

غم خوشي ۽ جان و تن سارا ويا،

ذڪر جا ۽ فڪر جا وارا ويا.

دور ٿيا ھر ريت سجدا ۽ سلام،

ختم ٿي ساري عبادت صبح شام.

رد رياڪاري جا سڀ رستا ٿيا،

لڙ لٿا لاھي ۽ چاڙھي جا صفا.

گم ٿيا اوري پري ھجر ۽ وصال،

ناھي ھت ڪنھن جو تصور يا خيال.

ڪوبھ قلبي يا زباني ذڪر ناھ،

ھت عبادت ۽ سخا جو فڪر ناھ.

ناھي مسجد ۽ مڙھي جو ڪو نظام،

رد وظيفا، رد جماعت، رد امام.

برج سڀ سج چنڊ تارا ٿيا تمام،

ناھي اڀرڻ ۽ لھڻ جو انتظام.

گم ٿيا ڪشف ۽ ڪرامت جا قصا،

ڪين ھت آھن حڪومت جا قصا.

ناھي ڪوئي جو ڪري ڪنھن جو سلام،

گم ٿيو نيڪي بدي جو انتظام.

حج زيارت جي غنيمت دور ٿي،

عقل ۽ تدبير جي ھستي ڇٽي.

پنھنجي ھستي کان جڏھن پاسو ڪيم،

اندر ۽ ٻاھر سمورو حق ڏٺم.

ھو ڪڏھن ناسوت مان ملڪوت ٿيو،

ھو ڪڏھن جبروت مان لاھوت ٿيو.

عشق ۾ پرواز مون ايڏو ڪيو،

راز محرم ناھي ڪو ھن حال جو.

ڪم نھ ايندو علم جو چرچو ھتي،

ناھي ڪو بازار جو سودو ھتي.

علم سان عالم جو ٿيندو احترام،

پير ڪوٺيندا انھيءَ کي خاص و عام.

تون اگر موليٰ جو طالب ٿي پوين،

پاڻ تسخيرات کان پاسو ڪرين.

عشق جي تلوار کڻ ۽ مرد ٿي،

مرد ٿي، پر درد ٿي ۽ فرد ٿي.

آھي شيخي ڇا بزرگي رھزني،

ھي ٺڳي جا ٺاه ٺاھي ٿي خودي.

ھي طريقو آھي ڏاڍو پر خطر،

بيخبر ھن راھ کان رھ باخبر.

نور مرسل جو ڪيو موليٰ عيان،

معرفت جا بحر نڪتا جنھن منجھان.

جنھن بھ ٽوٻي بحر ۾ ماري ٽٻي،

سو اتان ھرگز نھ ٿيو واپس وري.

بحر گوھر ۽ شناور گم ٿيا،

حال جي مستي پسايو ھي لقا.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

صوف جو وڻ صوف پيدا ٿو ڪري،

انب سان ئي انب جو وڻ ٿو ڦري.

ٻن کي بيشڪ نام ھڪڙو ٿو ڏجي،

ھن کي ميوو ھن کي وڻ ٿو ڄاڻجي.

آھي ساڳي ڳالھھ آدم ۽ خدا،

سمجھھ ”الانسان سري“ کي صفا.

پر نرالو آھي ميوي جو سواد،

ڪاٺ پن ٽاري ۾ ناھي ڪو سواد.

وڻ ۾ ناھي شاخ ميوي کان جدا،

آھي ميوو شاخ سان محڪم سدا.

ڇڏ فنا جو ماڳ ماڻي وٺ بقا،

مڃ نصيحت منھنجي، پس پنھنجو لقا.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

مرد  آھين تون تھ واري ڇڏ حساب،

حج زڪواتن سان نھ ٿيندين ڪامياب.

عبد بڻجڻ جي عيوض عارف ٿجي،

عبد واري وھم کان واقف ٿجي.

ھو نٿا ڄاڻن تھ ڇاھي ”يعرفون“،

تنھن ڪري زاھد چون ٿا ”يعبدون“.

عبد جي معنيٰ تي پردو ٿا وجھن،

معرفت کي ڪين سمجھي ٿا سگھن.

پاڻ ۾ رھجي تھ چئجي ”يعبدون“،

پاڻ کي ٻاھر ٿي پڙھجي ”يعرفون“.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

استقامت ”اھدنا“ جو راز آھ،

بينيازي جو اھو آواز آھ.

”اِھدنا“ جو راز سمجھايو علي،

جنھن سڄي دنيا کي بخشي روشني.

اڳ ۾ پڻ پنھنجو ھيو اعليٰ خيال،

بينيازي ۾ ٿيو بالا خيال.

مان ٻھاريدار موليٰ جو غلام،

نوڪري ڏيندو رھان ٿو صبح شام.

مصطفيٰ جي در جو سگ بڻجي رھيس،

جان و دل سان ان جو طالب ٿي رھيس.

مان ڪمينو ڪير جو دعوا ڪيان،

ڪيئن انھيءَ جي دوستي جو دم ھڻان.

يا خدا درگاه ۾ مون کي رساءِ،

ان جي ادنيٰ خادمن سان گڏ رھاءِ.

مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ جو مان غلام،

آل اطھر تي پڙھان ٿو سئو سلام.

مان نبي جي آل تان قربان ٿيس،

ان جي قرباني منجھان سلطان ٿيس.

شاھ جي گھوڙي جي پيرن جي مٽي،

شل پوي منھنجي لڱن تي ھر گھڙي.

عشق آھي مصطفيٰ جي اسم سان،

مرتضيٰ جي نام تان صدقو وڃان.

پاڻ فرمايو محمد مصطفيٰ،

آھي بربادي محبت کانسوا.

راز وحدت جو ٻڌايائون صفا،

مون گدا کي بادشاھي ٿي عطا.

مھر ڪئي مون تي رسولن جي امام،

عاشقن جي صف ۾ آيو منھنجو نام.

دم نھ ھڻ ھستي جو، سوچي کڻ قدم،

ياد ڪر موليٰ کي بيشڪ دمبدم.

غير جو ھر وھم دل تان دور ڪر،

مشورو منھنجو اھو منظور ڪر.

پنھنجي آڏو غير کي ھرگز نھ آڻ،

ماسوا ڇڏ حق جي ھستي کي سڃاڻ.

رک پتو ويساھ سان ھن راز جو،

جيئن وٺين ھر دو جھان جو فائدو.

خود ڪيائون مھر جي مون تي نگاھ،

حق بنا ھر شئي جي ھستي ٿي تباھ.

ھي ”خدائي“ ٿيو غلامن جو غلام،

رازنامو ختم ٿي ويو، والسلام.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org