سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :7

 

 

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪر مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

رھھ يگانو معرفت رک دل جي پاڻ،

ھن مٽيءَ مان دل جي رمزن کي سڃاڻ.

پاڻ کي ڄاڻي يگانو ٻڌ بيان،

معرفت جو راز ظاھر ٿو ڪيان.

موجزن دريا ۾ ڪشتيءَ جو مثال،

در حقيقت آھي ھستي جو مثال.

واقعي احوال پنھنجي جي خبر،

پنھنجي مرشد کان لڌي مون سربسر.

چو طرف کان آھي بحر بي ڪران،

جنھن ۾ ھڪ ڪشتي ڦري ٿي بي گمان.

پاڻ کي سمجھي ٿي ڪشتي ڪوه قاف،

خودسري کان ٿي ھڻي لاف و گزاف.

پر اھا ڪشتي ٿي پاڻيءَ ۾ ٻڏي،

بحر مان ٻيھر نٿي ٻاھر اچي.

بحر ۾ ٻيڙي وڃي ٿي غرق ٿي،

ان منجھان موجون اٿن ٿيون ھر گھڙي.

موجزن ھڪ بحر بڻجي ٿو وڃي،

جو ڪجھھ آھي جھٽ ۾ ھڪ ٿي ٿو وڃي.

آھي ڪشتي مثل ھن ھستي جو حال،

گم ٿيڻ سان ٿو اچي مستي جو حال.

پنھنجي ھستي کان فنا ڪر پاڻ تون،

”مان ۽ تون“ ۾ ھيڪڙائي آڻ تون.

حق ڇپايو ”مان ۽ تون“ واري حجاب،

ڪر ھي پردو دور، وٺ راھ صواب.

عشق ايو، جنھن اھو لاٿو حجاب،

عشق آيو، جنھن بڻايو ڪامياب.

عشق آڻي پنھنجي آتش ۾ وڌو،

راز مخفي کي کڻي ظاھر ڪيو.

عشق پنھنجي راھ ڏيکاري ڇڏي،

خود بخود حاصل ٿي دولت عشق جي.

درد دل جي ڳالھھ ٻڌ وٺ نيڪ راھ،

خود نمائيءَ سان مبادا ٿئين تباھ.

ھن خودي کان خود ڪيو بيزار عشق،

دل بڻائي قابل ديدار عشق.

عشق ميٽي ٿو ڇڏي باطل خيال،

شير آڏو جانور جي ڇا مجال.

عشق جي پڻ شير وانگر آھي چال،

جو ھڪالي ٿو ڪڍي ھر ھڪ خيال.

جانور ان جھنگ کان رھندا پري،

شير جنھن جي جاءِ پنھنجي ٿو ڪري.

حال جي ھي ڳالھھ آھي ڪر خيال،

قال جو ناھي قصو ڇڏ قيل و قال.

جنھن جي دل ۽ عشق خيمو ٿو ھڻي،

پنھنجي ھستي تان اھو ھٿ ٿو کڻي.

عشق پوڙھا ٿو بڻائي نوجوان،

ناتوانن کي ڪري ٿو پھلوان.

پنھنجي ھستي کان ڇڏائي ٿو ڇڏي،

بينوا حاڪم بڻائي ٿو ڇڏي.

مان ٻڌايان ٿو تھ آھي عشق شاھ،

عشق آڏو ڄاڻ ھر ھستي تباھ.

ھن سخن کي شعر گوئي تون نھ ڄاڻ،

آيتن وانگر مٿس ايمان آڻ.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

سر وڃي تنھنجو تھ ڏي ۽ شاد ٿي،

پنھنجي ھستي کان، مگر آزاد ٿي.

راز وحدت جو سراسر کول تون،

ھل سڌو حق ٻول ۽ حق ڳول تون.

عاشقن کي خاص آگاھي ملي،

عالمن کي ڇا خبر اسرار جي.

آھي موليٰ جو قسم ھي حق جي راھ،

ويجھڙو آھي انھي رستي ۾ شاھ.

ڪين ملندي راھ ٻي ھن کان سواءِ،

ھي سچو رستو ٻڌايو مصطفيٰ.

عشق پڌرو ٿو ملامت سان رھي،

شان و شوڪت کان سدائين ٿو ٽھي.

ڪين رھندي عشق جي ھستي لڪل،

ڏس پڌر پٽ ۾ سندس خيمو لڳل.

ڪيئن پڌر پٽ ۾ اھو خيمو لڪي،

جو سڄي دنيا ۾ ظاھر ٿو رھي.

عشق بيشڪ ھڪ تماشا گاھ آھ،

جنھن نھ ڄاتو ان کي سو گمراھ آھ.

ھر طرح ان ۾ ملامت ٿي رھي،

ٻڌ سخن ۽ سمجھھ ساري راز کي.

ڪين ڇڏ ھرگز ملامت جي پچر،

ڇو تھ ٿيندين ان منجھان تون بھره ور.

ريءَ ملامت عشق رھندو ڪٿ بھ ڪين،

ھن حقيقت ۾ بلاشڪ رک يقين.

عاشقن ھر نيڪنامي ڪئي ڦٽي،

تنھن ڪري ڪونين ۾ ويٺا کٽي.

تن جي آڏو ڪجھھ بھ ناھن ٻئي جھان،

ھن حقيقت ۾ ڪندو ڪھڙو گمان.

تن جي آڏو آھي ھي دم جو جھان،

آھي سو دم جو جھان غم جو جھان.

عشق وارن لاءِ جڳ آھي فنا،

ترڪ دنيا سان جي ماڻن ٿا بقا.

ڄاڻ حق جو نور سڀ ارض و سما،

اک پٽي ڏس ان جي قدرت جو لقا.

آدمي جي روپ ۾ بي روپ يار،

مصطفيٰ جي نام سان ٿيو آشڪار.

جنھن نھ ڄاتو ان کي سو گمراھ ٿيو،

ڄاڻ واري سان خدا ھمراھ ٿيو.

”من رآني“، پاڻ فرمايو نبي،

جنھن سڃاتو ان کي، تنھن ھستي ڇڏي.

بر فلڪ احمد، احد ٿيو عرش تي،

ھت سڏايائين محمد فرش تي.

فرق احمد ۽ احد ۾ تون نھ ڪر،

ڄاڻ ساڳيو ئي محمد سربسر.

مصطفيٰ جي راھ حق جي راھ آھ،

جنھن ڇڏي ھي راھ سو گمراھ آھ.

ٻن جھانن ۾ محمد نامدار،

شاھ اعظم آھي بيشڪ شھسوار.

خود وٺي آيو احد احمد جو نام،

ٻن جھانن جو ڪيائين اھتمام.

ڇا ٻڌايان حال ڪنھن بيدرد کي،

ڇو تھ ھي رستو وٺن ٿا مرد ڪي.

جي اڃا آھين خودي سان محترم،

رک نھ ھن درياه ۾ پنھنجو قدم.

اچ عدم جي بحر ۾ ٿي بي مثال،

پس ھميشھ پنھنجي جانب جو جمال.

مون اتان پنھنجو ڪيو شوريده حال،

بند ٿي منھنجي ھميشھ قيل قال.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ڄاڻ ٻن کي ھڪ ھميشھ پاڪباز،

جلد منھنجي گفتگو جو سمجھھ راز.

مرد موليٰ جي ٻيائي کي وسار،

يار سان ھڪ ٿي ھميشھ گڏ گذار.

ھڪ نبوت جو اکر آندو ھتي،

ھڪ ولايت جو وکر آندو ھتي.

ھڪ ٿي آيو انبيا جو رھنما،

ھڪ ٿي آيو اوليا جو پيشوا.

ھي سمورو آھي ھڪڙي جو بيان،

سمجھھ واري وٽ نھ رھندو ڪو گمان.

ھو ٿو ٻولي ناھي منھنجي گفتگو،

ٻول ھڪ ۽ ڳول ھڪ اي راھرو!.

جو چوي ٿو يار سو ئي ٿو چوان،

حڪم جي تعميل ويٺو ٿو ڪيان.

گفتگو منھنجي سراسر راز آھ،

اصل ۾ ان يار جو آواز آھ.

مان ڪٿي منھنجي نھ معلومات آھ،

ظاھر و باطن خدا جي ذات آھ.

بادشاھي پوش پھري ٿو ڪڏھن،

گودڙيءَ ۾ لعل بڻجي ٿو ڪڏھن.

پٽ ڪڏھن پھري ڪڏھن پائي کٿو،

چپ ڪڏھن آھي ڪڏھن ماري مٿو.

آھي آدم خود حوا سان ھو ڪڏھن،

آھي بلقيس ۽ سليمان ھو ڪڏھن.

ھو ڪڏھن گريان ڪڏھن خندان رھي،

ھو ڪڏھن عيسيٰ ڪڏھن عمران رھي.

ھو ڪڏھن خاصو صحابي ۽ رسول،

ھو ڪڏھن بڻجي ٿو اولاد بتول.

ھو ڪڏھن آھي عبيدالله پير،

ھو ڪڏھن صاحبڏنو روشن ضمير.

آھي ان ھڪڙي جي سڀ ذات و صفات،

ڄاڻ ھڪڙي جي جڳھھ ھي ڪائنات.

ھيڪڙائي ۾ رھي ٿو پاڻ ھڪ،

تون بھ ان ھڪڙي کي ھردم ڄاڻ ھڪ.

سمجھھ، ڏس ۽ چئو ھميشھ يار ھڪ،

ظاھر و باطن ٿيو دلدار ھڪ.

ڏس بھ ھڪ ۽ چئو بھ ھڪ ۽ ڄاڻ ھڪ،

جيئن رھي ھردم ڪٺو تو ساڻ ھڪ.

آھي ڦوٽو پاڻ پاڻيءَ جو شريڪ،

اصل ۾ الله ڄاڻي ٿو وڌيڪ.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ڇڏ انھن لاھن ۽ چاڙھن جي پچر،

عشق جي مستي ۾ اي دل ڪر گذر.

جلد اي دل دوجھان کي ڪر ڦٽو،

جيئن ڏسين تون عشق جو عالم چٽو.

پير عبدالحق اسان جو رھنما،

جنھن اڳيان ھڪ شخص آيو پارسا.

با ادب ٿي ان چيو: ”اي شاه دين،

مون کي سمجھايو اوھان ”عين اليقين“.

پير فرمايس تھ ”ٻڌ اي نيڪ فال،

تو پڇيو مون کان اھو سھڻو سوال.

ھن طرح علم اليقين آھي عيان،

باھ جيئن معلوم ٿئي دونھين منجھان.

صاف دونھين مان حقيقت ٿي ملي،

باھ مان نڪري ھوا ڏي ٿو ھلي.

تو اھو علم اليقين سمجھيو صفا،

ٻڌ ھينئر عين اليقين جي ماجرا.

ھن طرح عين اليقين حاص ڪجي،

باھ کي ويجھو وڃي ۽ جاچجي.

جي ڪيئي عين اليقين کي دل نشين،

غور سان ٻڌ تون ھينئر حق اليقين.

پاڻ پنھنجو آڳ ۾ اڇلائجي،

پنھنجي ھستي کي سراسر ميٽجي.

ھي ٿيو حق اليقين تحقيق ڄاڻ،

ٿي فنا، ان مان بقا جو ماڳ ماڻ.

تن بدن فاني ٿيا ھڪ ذات ۾،

نور ظاھر ٿي ويو ظلمات ۾.

پنھنجي ھستي کي ڪري ڇڏ گم صفا،

بيخودي سان ڪر انالحق جي صدا.

دم اناالحق جو اچي ٿو حق وٽان،

ھي حقيقت ڄاڻ تون ويساھ سان.

جيڪڏھن دل سان وٺين ھن راھ کي،

بيگمان حاصل ڪرين الله کي.

عشق ڏس طرحين تماشا ٿو ڪري.

ڪيئن تھ آڻي ٿو نرالي جاءِ تي.

جيئن جو پنھنجو پاڻ ڏيکاري ٿو عشق،

جان و تن کي جلد ۾ ڳاري ٿو عشق.

نور کي ڳولن ٿا پاڇا جابجا،

پر ٿين ٿا نور جي آڏو فنا.

ھن طرح جيڪو بھ ڳولي ٿو خدا،

سو خدا آ ڏو ٿئي ٿو خود فنا“.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ھڪ ڏھاڙي ھڪ سچي سالڪ صفا،

منھنجي مرشد وٽ اچي ڪئي ھي صدا:

”ھت اچي حاضر ٿيان ٿو ھر گھڙي،

ڇا ھتي پڻ ٿيندي منھنجي رھبري.

ڇا ھتي پڻ ھٿ ۾ دامن کي  ڪبو،

پنھنجي مرشد سان سدا رھبو ڪٺو؟“

پير مشڪي ۽ چيو ان مرد کي،

”مان اسان کان ھوءَ جڳھھ آھي مٿي.

پاڻ پنھنجو ڄاڻ ۽ مون کي سڃاڻ،

منھنجي دامن کي وٺي رک منھنجي ڄاڻ.

ھيڪڙائيءَ ۾ سدا ھجبو ھتي،

ھيڪڙائيءَ ۾ ٻيو آھي ڪٿي!.

ھن حقيقت تي برادر غور ڪر،

ڀڃ سڪندر واري ڀت کي سربسر.

تنھنجي ھستي ڀت سڪندر جي بڻي،

باخبر بڻجي انھيءَ کي ڀڃ کڻي.

ڀت ڀڃڻ ڌاران نھ ملندو دڳ سڌو،

ناھي سڀ ڪنھن کي پتو ھن رمز جو“.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ڇڏ کڻي ڪشف ۽ ڪرامت جي پچر،

ھي دعائن جا دلاسا دور ڪر.

راھ موليٰ جي لطيفن ۾ نھ آھ،

عشق وارو غم وظيفن ۾ نھ آھ.

قلب، روح ۽ نفس وارو ذڪر ڇڏ،

پر نھ درد عشق وارو فڪر ڇڏ.

اصل ۾ سارو ٺڳيءَ جو ٺاھ آھ،

راھر و ھردم ھتي گمراھ آھ.

ذڪر قلبي ۾ وڌن ٿا وسوسا،

عاشقن جي راھ ٻي آھي صفا.

ڪاسبي ھي راھ ڪن ٿا اختيار،

جنھن تي ناھي واقفن کي اعتبار.

ھي سراسر آھي شيطاني عمل،

بيخودي ۾ آھي سبحاني عمل.

ڇڏ لطيفن جي نمائش جي پچر،

ھي نمائش آھي ذلت سربسر.

عام ليکي ھو ولي الله آھ،

پر اھا جور و جفا جي راھ آھ.

ورد بيشڪ آھي، ليڪن درد ناھ،

درد ڌاران ڪوبھ ڪامل مرد ناھ.

ڊوھھ سان حيلا بھانا ٿو ڪرين،

بي سبب مڪر ۽ دغا ۾ ٿو مرين.

جو ٻيائي کي ڇڏي ھوشيار ٿيو،

جان و دل ڏئي يار کي خود يار ٿيو.

حق بنا دنيا ۾ ناھي ڪو ٻيو،

باخبر ٿي رک پتو ھن راز جو.

حق بنان ڪونين ۾ ڪونھي ٻيو،

آھي فرمودو اھو توحيد جو.

ڪيئن ڪڻي مان ڪيچ بنجي ٿا پون،

ڏس وري سي ماڻ ٿا ماپجن.

ڪيئن خدائي ۾ خدا گم ٿو رھي،

بادشاھي ٿي گدائي ۾ ڇپي.

بحر ڪيڏو موج ۾ مخفي ٿيو،

آھي پاڻيءَ جي مٿان پردو پيو.

بحر کان ٻاھر ٿيو پاڻي ڦڙو،

بحر سڏبو بحر جي اندر اھو.

بحر توڙي نھر سارو آھي آب،

ھر ذري جو مرڪز آھي آفتاب.

موجزن درياه دل ۾ ٿو رھي،

ھي قلم ٿو ”راز نامي“ کي لکي.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

 پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

مان نٿو ٻوليان اھو ٻولي ٿو پاڻ،

مان نٿو ڳوليان اھو ڳولي ٿو پاڻ.

مان نڪي مسلم نڪي ڪافر ڪٽو،

منتر ۽ جادو منجھان ڄاڻان نٿو.

ملحد  زنديق ناھيان بي گمان،

دور آھيان انت ۾ بي انت کان.

مان نھ آھيان بزرگ ۽ ڪو شيخ پير،

فقر جي تڪميل ۾ آھيان فقير.

عابد ۽ زاھد گدا مون کي نھ ڄاڻ،

پيشوا ۽ پارسا مون کي نھ ڄاڻ.

مفتي و ملا نڪي قاضي ٿيس،

ھر طرح ھر حال ۾ راضي ٿيس.

مان نڪي نوڪر نڪي آقا غلام،

سڀ کي سچ پچ دور کان آھي سلام.

دور آھيان دين ۽ اسلام کان،

ويجھڙو حق ٿو رھي ھن رمز سان.

ھن طلسمي رنگ ۾ رھجي ويس،

عشق جي ميدان ۾ پھچي ويس.

ٻڌ سراسر راز وارو ھي سخن،

دور ڪر سڀ مان، اسان ۽ جان تن.

جيڪي دروازا ھيا، تن کي ڇڏيم،

يار پنھنجي شھر مان حاصل ڪيم.

دم اناالحق جو ھڻان ٿو دار تي،

جنھن جو غوغا ساري دنيا ٿي ٻڌي.

عشق جون موجون رھن ٿيون بي ڪنار،

راز عالم ۾ ٿين ٿا آشڪار.

مثل – حيدر فتح ڪر خيبر جو ڪوٽ،

ھل ھنئين سان ھوت ڏي غازي ٿي گھوٽ.

ڀڃ کڻي ھي ڪوٽ خيبر جي مثال،

دوجھان ۾ جيئن ڪرين حاصل ڪمال.

صدق دل سان علم سک توحيد جو،

پيٽ وارو علم ڪر سارو ڦٽو.

دوش تي منصور جي جھنڊو رکيم،

ان جي بيرق کي مٿان کولي ڇڏيم.

مان ڪيان ٿو ان جي رمزن جي پچار،

جيئن ٿئي دنيا سڄي تي آشڪار.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

مئي وٺي توحيد جي مخمور ٿيس،

ملحدن ڄاتو تھ مان مشھور ٿيس.

ھر ھميشھ پي شراب ۽ پي شراب،

لاھ تسبيح ۽ مصلي جو حجاب.

پاڻ کان شيخي بزرگي دور ڪر،

ڇڏ اميري ۽ وزيري جي پچر.

ماءُ پيءُ پٽ زال وارو ميل ڏس،

ڪيئن نھ پٿريو آھي قدرت کيل ڏس.

عام کي ان ڳالھھ جو ناھي پتو،

حشر ڇا ٿيندو انھي احوال جو.

ڇڏ انھن وردن وظيفن جي پچر،

عشق ڌاران ڪجھھ نھ ٿيندو ڪارگر.

ٽوڙ تسبيح ۽ مصلي کي وسار،

پاڻ تان چوغو بزرگي جو اتار.

پنھنجي ڦاٽل گودڙي کي باھ ڏي،

ھر طرح سان ڇڏ ٺڳيءَ جي ٺاھ کي.

چست ٿي ڪيڏيون نمازون ٿو پڙھين،

سست موليٰ جي طلب ۾ ٿو رھين.

خلق جو خادم ٿي مخدومي وسار،

خوءِ فرعوني ڇڏي ڏي ھوش ڌار.

جو رھيو مخدوم سو محروم ٿيو،

جو رھيو محروم سو مخدوم ٿيو.

ناھي مخدومي ۾ رندن جو گذر،

آفتون آھن انھي ۾ سر بسر.

ڄاڻ اڳ ۾ اصل تنھنجو ڇا ھيو،

ڪيئن فرشتن تو اڳيان سجدو ڪيو.

ھت اچي غافل غلامي ٿو ڪرين،

عبد ٿي سڀ جي سلامي ٿو ڪرين.

بادشاھي مان بڻايائون غلام،

سخت حيرت ۾ رھان ٿو والسلام.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

جي منور ٿو ڏسين شمس و قمر،

تن کي خود روشن ڪيو تنھنجي نظر.

ڏس وري ھي برگ گل شاخ ۽ شجر،

بھرور، جن کي ڪيو تنھنجي نظر.

آسمان تي تنھنجي اک جو نور آھ،

ڇا ڏسي جيڪو نظر کان دور آھ.

تنھنجي اک ھر راز کي ظاھر ڪيو،

پر نٿو توکي پوي پنھنجو پتو.

تيز تلوار اھي مستن جي نظر،

ڀڄ پري مون کان ھٽي وڃ ڪر حذر.

آھي مستي سان ڀريل منھنجي نگاھ،

ھٽ پري زاھد مبادا ٿئين تباھ.

سربسر آھي اھا خوني نظر،

غير واصل کي ڪندي زير و زبر.

آھي مستي سان ڀريل منھنجي نگاھ،

دور ٿي ان کان ھميشھ گھر پناھ.

ناھي ھرگز منھنجي معمولي نظر،

وٺ خزانو عشق جو ڏي جلد سر.

شينھن جي اک ڏي ڏسڻ دشوار آھ،

پر ڏسي سو جنھن کي حاصل يار آھ.

منھنجي اک ديدار جي قابل بڻي،

ڪيئن نھ ھر ڪنھن واسطي قاتل بڻي.

آھي منھنجي اک مثال – ذوالفقار،

جنھن کي ڄڻ ھٿ ۾ کنيو حيدر ڪرار.

ڪير سھندو عاشقن جي اک جو تاب،

پنھنجي ھستي کي وڃائيندو شتاب.

آھي صورت کان سواءِ منھنجي نظر،

پاڪ اعليٰ ذات بيشڪ سربسر.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

اڳ ۾ پنھنجي ماءُ مان پيدا ٿئين،

پوءِ دائي جي ھٿن ۾ تون وئين.

پرورش ڪئي تنھنجي دائي چار ڏينھن،

تو لڳايو آھي ان سان پنھنجو نينھن.

ڇڏ انھي دائي کي مادر کي سڃاڻ،

ڪر پري ھي غير جي پوشاڪ پاڻ.

تنھنجو خلقيندڙ خدا آھي ٻيو،

معجزو سمجھين متان تون ماءُ جو.

جسم جي دائي جو واري ڇڏ اکر،

جسم توڙي جان و دل جي ڇڏ پچر.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

ٿورڙو پاڻي اگر ٿئي ٿو روان،

موج دريا ۾ ھڻي ٿو زور سان.

دم ھڻي دريا ٿو سمجھي پاڻ کي،

جابجا پنھنجو ئي غوغا ٿو ٻڌي.

جيڪڏھن پاڻي کي ڪجھھ رستو ملي،

موج سان مھراڻ بڻجي سو وھي.

راھ جاري ٿي تھ جھٽ دريا ٿيو،

ان جي لھرن جو لقاءُ پيدا ٿيو.

ھڪ جڳھھ تان سير بڻجي ٿو وڃي،

جا گھڻين ٻيڙين جا تختا ٿي ڀڃي.

پاڻ خود ھڪ موجزن درياءَ ڇڏي،

ھت لٿا آھيون مٽيءَ جي ملڪ تي.

ٻن جڳن ۾ ڪج ڪلاھي ٿا ڪيون،

خود گدا ھوندي بھ شاھي ٿا ڪيون.

جابجا آھي سدا ھڪ ذات – حق،

خود انالحق جو پڙھايائون سبق.

بحر معنيٰ جو کليو منھنجي مٿان،

”لا“ ڇڏي ”الا“ ۾ آيس عشق سان.

اصل ۾ تون بحر آھين بي ڪنار،

تو منجھان موجون اٿن ٿيون بي شمار.

فرق ناھي موج ۽ مھراڻ ۾،

سچ تھ سڀ ڪجھھ آھي پنھنجو پاڻ ۾.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

آھي موجودات موجن جي مثال،

جنھن ۾ حق جي ذات جو آھي ڪمال.

اي سڄڻ تون پنھنجي دل کي صاف ڪر،

پاڻ اڳ ۾ ڇا ھئين انصاف ڪر.

ھي سڀئي قانون رسمي ڪر ڦٽا،

پنھنجي ننگ و نام کي تون ڇڏ صفا.

رسم جي ڦندي ۾ ھيئن ڦاسي نھ وڃ،

غرق ڪر رسمن کي منھنجي ڳالھھ مڃ.

ڪيترا پاڻيءَ جا چشما ڌار ڌار،

چنڊ جي چھري کي ڪن ٿا آشڪار.

آھي چشمن ۾ سندس فاني مڪان،

روشني قائم رھي ٿي چنڊ سان.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

خلق جي ھر رسم کان آزاد ٿي،

ياد ڪر ھڪ يار کي آباد ٿي.

ھر طرح جي رسم کي تون ڏي ڏٽو،

پاڻ وڪڻي ھڻ محبت جو سٽو.

رسم جي ھر راه شيطاني بڻي،

خود شناسي راه رحماني بڻي.

رسم جي ھر ڪار دجّالي رھي،

دل الاھي عشق کان خالي رھي.

دور ٿي دجّال کان تون دور ٿي،

عاشقي جي راه ۾ مشھور ٿي.

ريت رسمن ۾ رھي ٿي ڪافري،

آھي ساري بت پرستي آذري.

ڪفر ۽ اسلام جون پاڙون پٽي،

مون مسلماني ڇڏي پنھنجي مٽي.

ھر طرح سان مون مسلماني ڇڏي،

مذھب و ملت پٽي پنھنجي مڏي.

مذھبن سان ناھي منھنجو واسطو،

مان انھيءَ کٽراڳ مان ڄاڻان نٿو.

بت پرستي آھي رسمن ۾ صفا،

ھيءَ حقيقت آھي ڄاڻي ھڪ خدا.

روڳ رسمن جو پري ڪر پاڻ کان،

عشق رک لولاڪ واري شاه سان.

ڄاڻ رسمن کي صفا زنجير دام،

جن ۾ ڦاسي ٿا وڃن ماڻھو مدام.

اي ٺڄڻ ھن دام کي ٽوڙڻ کپي،

منھن زماني کان صفا موڙڻ کپي.

جي زماني کان قدم ٻاھر ڪرين،

راز حاصل سر بسر ھر ھر ڪرين.

سڀ کي سوگھو ٿو ڪري رسمن جو دام،

جو بچيو ان کان سو آھي شاد ڪام.

مرد سو آھي جو ٽوڙي دام کي،

ھي جھان ڇا؟ ھو جھان ھڪدم ڇڏي.

عشق جون رمزون ڪيان ٿو آشڪار،

دين ۽ دنيا جي جھڳڙن کي وسار.

ننگ و نام ۽ ريت رسمن کي وسار،

ڪافري ڇڏي تون موحد  ٿي گذار.

 

ڪير آھيان، ڪير آھيان، ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان، عجب ۾ ٿو رھان.

 

آھي ان جو اسم، اسمن ۾ نھان،

سڀ فنا آھي، اھو آھي عيان.

اسم ايڏا ڇا ڪندين اثبات ۾،

محو ڪر اسمن کي ان جي ذات ۾.

آھي اسمن ۾ سمورو اختلاف،

ڄاڻ معنيٰ کي تھ سڀ ڪجھھ آھ صاف.

تون فلاڻو پٽ فلاڻي جو نھ چئو،

پاڻ تون آھين اھو ناھي ٻيو.

بحر گم موجن ۾ پنھنجو پاڻ ٿيو،

نيٺ موجن مان وري مھراڻ ٿيو.

گم ٿيون موجون تھ دريا دم ھنيو،

سڀ ڪجھھ آھيان مان نھ آھي غير ڪو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org