سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :2

 

هي ڪهڙو غسل خانو آهي؟

هڪ دفعي چانهه تي، آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني همراهن جو اچي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ٽيمن تي بحث کليو. ڪا دير پاڪستان جي مٿين قومي ٽيمن جي خاص خاص رانديگرن جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جون خبرون هلنديون رهيون. ان بعد هو آمريڪا جي قومي باسڪيٽ بال (نئشنل باسڪيٽ بال ائسوسيئيشن N.B.A) ۽ فٽ بال ٽيمن (نيشنل فٽ بال ليگ N.F.L) جون ڳالهيون ڪندا رهيا ته سيد پير اهي به نه آهن.  جنهن کي جتي جهٽ لڳي ٿو  اتي اهو پنهنجو فائدو ڏسي ٿو. آئون وائڙن  وانگر ٻڌندو رهيس. اٿڻ مهل پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ساٿي  حميد انور کي چيم ته آئون آهيان سو وتان آمريڪا ۽ ان جي ماڻهن جي تعريف ڪندو هتي ته لڏو ئي لٺ تي آهي. چئبو ته هن غسل خاني ۾ سڀ اگهاڙا وهنجي رهيا آهن.

گهر پهچي ٻئي ڏينهن انٽرنيٽ کوليم ته حميد انور جو هڪ دلچسپ اي ميل خط آيل هو. عنوان هوس:

N. B.A يا N. F. L ؟ يعني اها ڪهڙي ٽيم آهي، جنهن جو هي حال آهي.

جنهن جي 36 ڄڻن تي پنهنجي رفيقه حيات کي تنگ ڪرڻ جو ڏوهه مڙهيل آهي.

7 ڄڻا فراڊ جي ڪيس ۾ پڪڙجي  چڪا آهن.

19 ڄڻا ڪوڙا چيڪ لکڻ جا ڏوهاري آهن.

117 سڌي يا اڻ سڌي طرح گهٽ ۾ گهٽ ٻن بزنيسن ۾ ڏيوالي جو اعلان ڪري چڪا آهن.

3 ڄڻن تي زوريءَ زنا جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام آهي.

71 ڄڻا... هڪ دفعو وري لکڻ ڏيو 71 ڄڻا ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪري نٿا سگهن جو هنن جي ڏيتي ليتي خراب ثابت ٿي چڪي آهي.

14 ڄڻا نشي سان واسطو رکندڙ ڪيس ۾ Arrest ٿي چُڪا آهن.

8 ڄڻا شاپ لفٽنگ (دڪانن مان چوري ڪندي) جهلجي چڪا آهن.

21 ڄڻن تي، هن وقت به، مختلف ڪورٽن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن.

84 ڄڻا نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ ڪري ڏنڊ ڀري چُڪا آهن.

هاڻ توهان ٻڌايو ته هيءَ ڪهڙي ٽيم آهي؟ ڪهڙي آرگنائيزيشن آهي؟

ڀلي توهان سوچيو....

پر جي توهان سمجهو ٿا ته توهان جي سوچ کان ڳري ڳالهه آهي، ته پوءِ ٻڌو....

اها اسان جي 535 ميمبرن جي يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪانگريس آهي. (يعني آمريڪا جي نئشنل اسيمبلي) آهي. هي انهن نالائقن جو گروپ آهي، جنهن کي هن قوم پنهنجي نمائندگي خاطر چونڊيو آهي ۽ جيڪي اسان عوام کي سڌو رکڻ لاءِ هر سال سوين نوان قانون ٺاهين ٿا.

 

آمريڪا ۾ جهنم به آهي ته جنت به

* آمريڪا (USA) جي الڳ  ٿلڳ رياست الاسڪا ايڏي ته وڏي آهي جو ان جو سامونڊي ڪنارو (Coast line) باقي USA جي ڪناري جي اڌ جيڏو آهي.

* آمريڪا (U.S.A) ۾ سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا. آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ سڀ کان گهڻا پولش (پولنڊ ملڪ جا ماڻهو) رهن ٿا. پولنڊ جي گادي واري شهر وارسا بعد شڪاگو ۾ ئي پولش ماڻهن جي وڏي آدمشماري آهي.

آمريڪا جي رياست مشيگان جيڪا نيويارڪ  رياست جي کاٻي پاسي ۽ اوهيو ۽ انڊيانا رياستن جي مٿان آهي. ان جي شهر ڊيٽرائٽ (Detroit) جو هڪ اهم شاهراهه Wood ward Avenue جيڪو M-1 به سڏجي ٿو، آمريڪا کنڊ جو پهريون پڪو رستو آهي.

* آمريڪا جي اولهه ڪناري واري رياست ڪئليفورنيا جو هڪ شهر لاس اينجلس تمام مشهور آهي ۽ اسان پاڪستانين لاءِ ته تمام اهم شهر  آهي،  جو سڀ کان گهڻا پاڪستاني  نيويارڪ، هيوسٽن ۽ لاس اينجلس ۾ رهن ٿا. توهان کي خبر آهي ته لاس اينجلس جو سڄو نالو ڇا آهي؟

اهو آهي:

El Pueblo de Nuestra Senorala Reina de los angeles de Porciuncula

پر ايڏي وڏي نالي بدران هر هڪ لاس اينجلس سڏي ٿو. بلڪه ڪيترا ته ان جو به شارٽ فارم فقط ”ايل اي“ (L.A) سڏين ٿا، جيڪو اصل نالي جو فقط ساڍا ٽي في سيڪڙو ٿيو.

* نيويارڪ کي Apple City به سڏيو وڃي ٿو يا فقط Big Apple (وڏو صوف). نيو يارڪ تي اهو نالو 1930ع ۾ مشهور ٿيو، جڏهن يورپ جا جئز ڪلاڪار (Jazz Musician) نيو يارڪ آيا هئا. هنن هر شهر لاءِ Apple (صوف) لفظ استعمال ٿي ڪيو ۽ نيويارڪ جهڙو وڏو شهر هنن لاءِ وڏو صوف (The Big apple) هو.

* هونءَ ته سڄي آمريڪا ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا پر نيو يارڪ ۾ اها ڳالهه ويتر واضح محسوس ٿئي ٿي ۽ ڪن ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو نيو يارڪ ۾ هيڪاندي وڏي تعداد ۾ آهن، جيئن ته آئرش (آئرلينڊ جا ماڻهو) نيو يارڪ ۾ جيترا آهن اوترا سندن ملڪ جي وڏي شهر ڊبلن ۾ به نه آهن ۽ اهڙي  طرح اٽليءَ جا رهاڪو (اطالوي)به نيو يارڪ ۾ ايترا آهن جو سندن ملڪ جي گادي واري شهر روم ۾ به نه آهن ۽ جيترا يهودي اسرائيل جي وڏي شهر تل ابيب (Tel aviv) ۾ رهن ٿا ان کان گهڻا گهڻا نيويارڪ ۾ آهن.

* نيو يارڪ ۽ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ جيترا پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور آهن اوترا ڪراچيءَ م به نه آهن.

آمريڪا جي رياست اوهيو (Ohio) جيڪا پينسلوانيا رياست جي کاٻي پاسي ۽ ڪينٽڪي رياست جي اتر ۾ آهي، ان ۾ هڪ به قدرتي ڍنڍ نه آهي سڀ هٿرادو  ٺهيل آهن.

* اُتر آمريڪا کنڊ ۾ ٻه ميڪسيڪو آهن. هڪ ”نيو ميڪسيڪو“ نالي (U.S.A) جي رياست جيڪا ٽيڪساز ۽ اريزونيا رياستن جي وچ ۾ آهي ۽ ٻيو ”ميڪسيڪو“ نالي سينٽرل آمريڪا جو ملڪ آهي جيڪو U.S.A جي رياستن ٽيڪساز ۽ نيو ميڪسيڪو رياستن جي هيٺان آهي. وچ آمريڪا جا ميڪسيڪو کان علاوه ٻيا ملڪ آهن: بيليز، گئاٽيمالا، ايل سلوادور، هونڊورس، نڪراگئا، ڪاسٽاريڪا ۽ پاناما.

* اميزان (Amazon) ندي دنيا جي اهم ندين مان آهي، جيڪا ڪولمبيا، پيرو ۽ برازيل مان وهي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نديءَ ڪري برازيل جو وڏو علائقو گهاٽن ٻيلن (Rain Forests)  سان ڀريل آهي. دنيا جي ويهه سيڪڙو کان مٿي آڪسيجن هنن ٻيلن جي ڪري آهي. اميزان ندي مان ايڏو ته پاڻي ڌڪجيو سمنڊ ۾ ڇوڙ  ٿو ڪري جو سمنڊ ۾ هڪ سئو ميلن تائين مٺو وهڪرو ٿو رهي. اميزان ندي بعد جيڪي وڏيون اٺ نديون آهن، انهن مڙني جو پاڻي ملائجي ته به اميزان جو پاڻي گهڻو ٿو  ٿئي. ۽ آمريڪا U.S.A جي سڀني ندين جو پاڻي ملائجي ته انهن کان به ٽيڻو اميزان نديءَ جو پاڻي آهي.

* دنيا ۾ فقط ائنٽارڪٽيڪا ئي هڪ اهڙو کنڊ آهي، جيڪو ڪنهن به ملڪ يا حڪومت جي ملڪيت ناهي. دنيا جي نوي سيڪڙو برف Antarctica کي ڍڪيل رکي ٿي ۽ اها سڀ برف دنيا جي سموري پاڻيءَ جو ستر سيڪڙو آهي. جيتوڻيڪ اهو عجيب ٿو لڳي پر اها حقيقت آهي ته ائنٽارڪٽيڪا بيابان (Desert) آهي، جتي سڄي سال ۾ ٻه انچ به مينهن نٿو وسي. ائنٽار ڪٽيڪا جيتوڻيڪ برف ئي برف آهي، پر دنياجي گولي تي سڀ کان خشڪ (Dry) جاءِ آهي  جتي گهم جو درجو چين جي گوبي رڻ پٽ کان به هيٺاهون آهي.

* بالٽيمور وڃڻ لاءِ نيو يارڪ کان ريل ۾ چڙهيس ته منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويٺل نوجوان گوري منهنجي بئگ مٿي رئڪ تي رکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ وهڻ سان مون کان پڇيائين ته آئون ڪٿان جو آهيان.

”ڪراچيءَ“ جو“، مون وراڻيومانس ۽ تڪلف طور مون به کانئس پڇيو ته هو ڪٿان پيو اچي.

”جهنم مان“ (From the Hell) هن وراڻيو.

توهان کي ڪو ائين چوي ته توهان ڇا  سمجهندائو؟

اهو ئي ته همراهه کي چڙ لڳي آهي، ڇو جو اهو جواب ڪاوڙ جو يا بيزاريءَ جو  اظهار ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. هو مشهور چرچو ته ضرور ٻڌو هوندانوَ ته هڪ همراهه ٻئي کي آڌي رات جو ان وقت فون ڪيو جڏهن هو گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. ننڊ ڦٽڻ تي هن ڪاوڙ مان ”هيلو“ ڪيو ته اڳلي پڇيس سائين ڪٿان پيا ڳالهايو؟“ ”جهنم مان. ڪهڙو  ڪم اٿئي؟“ هن باهه ٿيندي چيو پر اڳلي ڪم جي ڳالهه ڪرڻ بدران کيس ويتر تپائڻ لاءِ چيو:

”بس بس سائين. اهو ئي معلوم ڪرڻو هو ته توهان صحيح هنڌ تي آهيو يا نه.“ ۽ فون رکي ڇڏيو.

بهرحال هن آمريڪن جي اهو چوڻ تي ته هو جهنم يعني Hell مان پيو اچي، مون کي نه حيراني ٿي ۽ نه پريشاني. ان ڪري جو نيو يارڪ جي کاٻي پاسي واري  رياست مشيگان ۾ هڪ اهڙو به شهر آهي، جنهن جو نالو Hell يعني دوزخ آهي. هي شهر هڪ سئو سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي.

چون ٿا ته آمريڪا جي هن شهر Hell ۾ پهريون ماڻهو جارج (George Reeves) نالي آيو. 1830ع ۾ جارج جيڪو نيو يارڪ جو رهاڪو هو، مختلف ملڪن کان وڌندڙ پناهگيرن (Immigrants) جو تعداد نيو يارڪ ايندو ڏسي پنهنجي شهرکي گڊباءِ چئي ڀر واري رياست مشيگان جو اڌ لتاڙي پنڪني نالي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڏهاڪو سال اتي رهي پو ڀر واري  ٻهراڙيءَ ۾ هڪ هزار کن ايڪڙ زمين وٺي اتي اچي  پوک ڪئي ۽ هڪ ڪاٺ چيرڻ جو ڪارخانو به لڳايو ۽ هن جو نالو Hell پئجي ويو. اهو نالو ڪيئن پيو ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هتي ڪجهه جرمن سياح آيا، جن کي هي علائقو ڏاڍو پسند آيو. هنن پنهنجي جرمن زبان ۾ هن علائقي لاءِ چيو ته ”وڻندڙ ۽ سهڻو“ آهي، جنهن لاءِ جرمن لفظ Hell آهي ۽  هن ڳوٺ جو نالو “Hell”هنم) پئجي ويو. هاڻ ته دنيا جي ماڻهو هتي هلي ملي اچن ٿا ۽ شهر واري نالي جي بورڊ اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائين ٿا، جيئن اسان ننڍي هوندي پيٽارو کان ڪراچي ويندي رستي تي ڪوٽڙي، جنگشاهي جهڙين ريلوي اسٽيشنن تي انهن جي نالي وارن بورڊن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائينداهئاسين ۽ هن شهر مان ٿي ويندڙ پنهنجي شهر يا وطن وڃي دوستن کي ٻڌائيندا آهن ته اسان ”جهنم“ مان ٿي پيا اچون.

هن شهر جهنم Hell ۾ ماڻهن پنهنجن دڪانن جا نالا به عجيب رکيا آهن، جيئن ته Screams آئس ڪريم پارلر، Ghost poop، اسڪوبي ڊُوڊُو Shock a lot وغيره ۽ توهان کي خبر آهي ته هن شهر ۾ ٻيو ڪهڙو خاص ڪم ٿئي ٿو؟ هتي يونيورسٽيءَ جون ڪوڙيون ڊگريون ۽ ڊپلوما سرٽيفڪيٽ ٺهي ملن ٿا، جيڪي هتي جي غير موجود ۽ ڪوڙي يونيورسٽي Damnation University جي نالي ٺهن. مون کي به هن شهر Hell جي خبر تڏهن پيئي جڏهن ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۾ اهو قانون پاس ڪيو ويو ته ملڪ جي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ اليڪشن اهو وڙهي سگهي ٿو جيڪو گرئجوئيٽ هجي ۽ ڪيترا پڇندا رهيا ته ٻڌو اٿئون آمريڪا جي هڪ شهر Hell ۾ پئسا ڏيئي جيڪا ڊگري وڻي وٺي سگهجي ٿي.

* بهرحال نيو يارڪ، پينسلوانيا، اوهيو ۽ انڊيانا  ۾ رهندڙ منهنجا هم وطني دوست مشيگان رياست جو هي شهر ”جهنم“ گهمڻ  چاهين ته هنن جي وڃڻ لاءِ بهترين طريقو هي آهي ته 23 West روٽ جو Exit 54 کڻي پوءِ M-36 فالو ڪن ۽ اڳتي Howell  Street تي پهچي، کاٻي مڙن ۽ پوءِ اڳيان پئٽرسن روڊ اختيار ڪرڻ سان اچي هن شهر Hell کان نڪرندا.

* آمريڪا ۾ نه فقط جهنم (Hell) نالي شهر آهي پر جنت (Paradise) به آهي، جيڪو پڻ ساڳي رياست مشيگان جي Chippwa ڪائونٽي ۾ آهي. هي شهر 1925ع ۾ وجود ۾ آيو، جنهن جي چوڌاري گهاٽا ٻيلا آهن ۽ هن شهر جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. هن شهر جي ڀرسان White Fish نالي خليج آهي، جنهن جي منهن تائين، ڪڏهن ڪڏهن، اسان کي جهاز وٺي اچڻو پيو ٿي.

هونءَ آئون سمجهندو هوس ته فقط اسان جي ڳوٺن جا نالاعجيب آهن، جهڙوڪ: کڏڙو، ٺري ميرواهه، مسو ڀرڳڙي، ٿرڙي محبت، ڳوٺ حضور بخش گشڪوري، يونين ڪائونسل اعتبار خان چانڊيو وغيره وغيره. پر هاڻ غور ٿو ڪريان ته آمريڪا جي ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا به عجيب آهن. مختلف هنڌن تان  سامان، جڏهن جهاز تي چڙهڻ لاءِ ايندوهو ته ڊيڪ تي ويهي انهن جا نالا پڙهندو هوس. اهڙا ئي ڪجهه نالا پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکان ٿو.

- فلوريڊا جو هڪ شهر” چوڪڙين جو يڪو“ Aces of Diamonds

- مائني (Maine) جو هڪ شهر ٺوڙهو مٿو Bald Head

- الينئاس جو شهر وڏو پَير Big Foot

- ٽيڪساس جو هڪ شهر دنگ ڊانگ

- ڪولوراڊو جو ”بي نام“ No Name نالي شهر

- پينسلوانيا جو شهر انٽرڪورس

-  ڪنٽڪي جو شهر ڀولڙي جي ٺونٺ Monkey’s Elbow

مسي سپي جو شهر گرم ڪافي Hot coffee ۽ ٻيو شهر گرم پاڻي Hot Water پڻ آهي.

- ٽيڪساز جو شهر لالي پاپ،

- ڪئليفورنيا جو شهر Rough and Ready

- ويو منگ جو شهر سڪل ڪانٽو Dry Fork

وسڪنسن جو شهر Bee Town، وغيره وغيره.

بهرحال آمريڪا جي شهرن جا اهي نالا اسان ڌارين کي عجيب ضرور لڳن ٿا. انگريز جڏهن سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا ته هنن کي اسان جي سنڌي ڳوٺن جا نالا خبر ناهي ڪيئن لڳندا هئا. خاص ڪري:

بائو ديرو، سوڀو ديرو، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، ٺٽ ڳوراهو، راڄو خاناڻي، درساڻو ڇنو، وڏا ماڇيون، تيڪڻو واهه، گپچاڻي، ڳاهيجا، ڳوٺ ڪرم خان ڪانڌرو، وغيره وغيره.

 

آمريڪا (USA) جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون

هڪ ويب سائيٽ www.zilvar.com ۾ آمريڪا بابت لکيل مزيدار حقيقتن مان ڪجهه هن ريت آهن.

* سئن فرانسسڪو جي ڊگهي ۾ ڊگهي گهٽي Geary” بليوارڊ“ آهي.

* واشنگٽن ۾ ملڪ جي صدر صاحب جي رهائش جي جاءِ وائيٽ هائوس ۾ 132 ڪمرا آهن.

* نيو يارڪ جي سينٽرل پارڪ ۾ پيئڻ لاءِ 125 ڦوهارا Fountain آهن.

* 3 جنوري 1959ع تي الاسڪا U.S.A جي 49 هين رياست بڻي.

* 20 Route آمريڪا جو ڊگهي ۾ ڊگهو هاءِ وي آهي.

* آمريڪا جو گرين ڪارڊ سائي رنگ جو ناهي.

* دنيا جي پهرين ٽيليفون ڊائريڪٽري ڪنيڪٽي ڪٽ رياست جي شهرنيو هئون ۾ 1878ع ۾ ڇپي، جنهن ۾ فقط هڪ صفحو هو ۽ جنهن تي پنجاهه ماڻهن جا نالا هئا.

* ڪوه مري ۽ ڪوئيٽا وانگر آمريڪا جو سڀ کان اتاهون شهر ڪولوراڊو رياست جو Leadville آهي، جيڪو سطح سمنڊ کان 10،200 فٽ مٿانهون آهي.

* آمريڪا جي رياستن جو سڀ کان ننڍو گاديءَ وارو شهر مونٽ پيليئر (Mont Pellier) آهي.

* نيو يارڪ جي جاڙن (Twin) ٽاورن ۾ 208 لفٽون هيون.

* ويسٽ پئانٽ واري ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس مليٽري اڪيڊمي“ آمريڪا جو پهريون انجنيئرنگ اسڪول هو.

* آمريڪا جي رياست الاسڪا جا ڪنهن به ٻي رياست سان بارڊر نٿا ملن.

* هني مون ملهائڻ لاءِ دنيا جا سڀ کان گهڻا ماڻهو آمريڪا جي رياست هوائي جو رخ رکن ٿا. هوائي رياست ٻيٽن جوجهڳٽو آهي، جيڪي ڪنهن زماني ۾ Sandwich Islands سڏبا هئا.

* ورجينيا رياست جي پراڻي قانون موجب هر پبلڪ عمارت ۾ ڪارن ماڻهن لاءِ الڳ ۽ گورن لاءِ الڳ Toilets ٺاهيا ويا ٿي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا جي صدر جي آفيس Pentagon ۾، ضرورت کان ٻيڻا ٽئاليٽ آهن.

* انڊيا جي رپئي وانگر آمريڪا جا شروع وارا هڪ ڊالر وارا سڪا جيڪي 1794ع ۾ ٺهيا، چانديءَ جا هئا.

* نيو يارڪ، شهراندر 722 زمين دوز ريل جا رستا آهن ۽ ”نيويارڪ“ USA جو پهريون گاديءَ وارو شهر آهي.

* ڊيلاويئر آمريڪا جي پهرين رياست ٿي.

* ”مون ٽانا“ جي ندي Roe River دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ندي آهي، جيڪا فقط 200 فٽ ڊگهي آهي.

* سرڪاري طرح آمريڪا (U.S.A) ۾ 556 اصلي آمريڪن Native American)) جا قبيلا آهن.

* آمريڪا جي سڀ کان غريب رياست مسي سپي آهي.

مسي سپي“ نديءَ جو به نالو آهي، جيڪا آمريڪا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي.

* آمريڪا ۾ جيڪي هر سال نوان ماڻهو (Immigrants) اچن ٿا، انهن جو 75 سيڪڙو ڪئليفورنيا، نيو جرسي، فلوريڊا، نيو يارڪ، الينئاس ۽ ٽيڪساز ۾ رهائش اختيار ڪرڻ پسند ڪري ٿو.

هاڻ مٿين ڳالهين تي ڪجهه  تبصرو ڪنداسين.

Geary Boulevard گيئري اسٽريٽ به سڏجي ٿو ۽ هي سئن فرانسڪو (ڪئليفورنيا) جو اهم شاهراهه آهي، جيڪو اوڀر اولهه وهي ٿو. هي رستو سئن فرانسسڪو جي وچ شهر کان اتان شروع ٿئي ٿو، جتي مارڪيٽ اسٽريٽ ۽ مونٽگنو ميري اسٽريٽ هڪ ٻئي کي ڪٽين ٿيون. هن روڊ تي اهو نالو جان ڊبليو گيئريءَ تان پيو جيڪو ڪئليفورنيا آمريڪا (U.S.A) جي رياست ٿيڻ تي سئن فرانسسڪو جو پهريون ميئر ٿيو هو.

* وائيٽ هائوس ان عمارت جونالو آهي، جتي آمريڪا جو صدر صاحب رهي ٿو ۽ آفيس جو ڪم ڪار ڪري ٿو. سندس اڇي رنگ ڪري وائيٽ هائوس سڏجي ٿو. هاڻ ته ان اسٽائيل ۽ رنگ جا گهر اسان وٽ به عام  ٿي ويا آهن ۽ وائيٽ هائوس سڏجن ٿا. ڪراچيءَ ۾ ٻه ته مون به ڏٺا آهن. هڪ ته PECH  سوسائٽي ۾ نرسري (شاهراهه فيصل) وٽ ۽ ٻيو ڪلفٽن تي گرامر اسڪول ڀرسان، بلاول چورنگي وٽ. بهرحال آمريڪا جو هي وائيٽ هائوس جنهن ۾ اڄ ڪلهه بش صاحب رهي ٿو ۽ ڄاڻ ته سندس صدارت واري نوڪريءَ جو مدو ختم ٿيو، 1600 پينسلوانيا ايوينيو NW تي، واشنگٽن DC يعني ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا لکڻ ضرورياهي نه ته عام آمريڪن ان گاديءَ واري شهر واشنگٽن بدران واشنگٽن رياست سمجهندا جيڪا آمريڪا جي بلڪل اولهه ڪناري تي اتر ۾ اداهو ۽ اوريگان رياستن مٿان آهي. آمريڪا جو گاديءَ وارو شهر واشنگٽن DC جنهن ۾ وائٽ هائوس آهي، ٻن رياستن ورجينيا ۽ ميري لينڊ مان زمين جو حصو ڪڍي ٺاهيو ويو آهي ۽ هاڻ واشنگٽن DC جو شهر فيڊرل حڪومت هيٺ آهي،جيئن اسلام آباد ڪنهن به صوبي ۾ نه آهي يا ڪوالالمپور شهر ڪنهن به رياست ۾ نه آهي. واشنگٽن جو هي شهر توڙي واشنگٽن رياست آمريڪا جي پهرين صدرجارج واشنگٽن نالي آهي.

واشنگٽن جو پينسلوانيا ايوينيو جنهن تي وائيٽ هائوس آهي، سال جو وڏو حصو ٽرئفڪ لاءِ بند ئي رهي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن جو ستايل عوام هن روڊ تي جلوس جي صورت ۾ پنهنجن ظالم حاڪمن خلاف Rallies ڪڍندا رهن ٿا، تقريرون ڪندا رهن ٿا، جن کي ”دونهيندار تقريرون“ چئي سگهو ٿا. سامهون اڇي گهر (White House) ۾ رهندڙ آمريڪا جي صدر جا خبر ناهي ڇا تاثرات هجن. ٽي دنيا جي مظلوم قومن جو داد فرياد ٻڌي به  ٿو يا نه ۽ جي ٻڌي ٿو ته ان جو هن کي غم به ٿئي ٿو يا نه. يا فون کڻي ان ملڪ جي صدر يا وزيراعظم سان خوش خيرعافيت ڪندو هوندو.

ڀوتار اسان ڪيئن توهان کي ياد آياسين؟“ هو آمريڪا جي صدر کان پڇندا هوندا.

”بس هينئر  دري کوليم ته تنهنجي ملڪ جا ماڻهو توکي ڪچيون گاريون ڏيئي رهيا هئا. ان تان ياد اچي وئين.“ آمريڪا جو صدر چوندو هوندو.

”ته پوءِ سائين انهن کي موچڙو هڻي ماٺ نٿا  ڪرايو؟“ هو آمريڪا جي صدر کي چوندا هوندا.

نه بابا. اهڙو ڇسوآئون به نه آهيان،“ آمريڪا جو صدر چوندو هوندن،“ توهان کي موچڙا هڻڻ لاءِ ته  هنن کي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي اٿم.“

بهرحال مون کي ڪجهه ڪجهه اها گيم لڳندي آهي. روس سان وڙهڻ لاءِ  بن لادن جهڙا تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ وري ان کي موچڙا هڻڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي ڪا عمارت ڪيرائي حملي جو جواز بنايو وڃي ٿو. هي آئون ڪو نه ٿو چوان. هتي جي اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو. ايران کي موچڙا هڻڻ لاءِ صدام کي تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ صدام کي پادر هڻڻ لاءِ سندس ملڪ جي ڪجهه ڪنگلن کان هن پينسلوانيا جي اهم شاهراهه تي صدام خلاف جلوس ڪڍرايا وڃن ٿا. ۽ پوءِ جنگ ذريعي انهن پهلوانن کي قيدي بڻايو وڃي ٿو يا وچ فضا ۾ هنن جي لاشن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃن ٿا.

هونءَ واشنگٽن جو هي اهم شاهراهه Pennsylvania Avenue سيڪيورٽي جو سبب ڏيئي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪرڻ تي هتي جا ڪيترائي شهري ادارا، ان جي خلاف، اخبارن ذريعي آواز اٿاريندا رهن ٿا، جو شهر جي ٽرئفڪ ٻين رستن تان موڙڻي پوي ٿي، جنهن ڪري جئم رهي ٿي،جيئن ڪراچيءَ ۾ آمريڪن قونصل خاني اڳيان ٽرئفڪ روڪڻ ڪري ٿئي ٿو.

سينٽرل پارڪ جنهن جي ڦوهارن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو نه فقط نيو يارڪ جو بلڪ سڄي آمريڪا جو سهڻو ۽ ناليرو پارڪ آهي، جنهن ۾ نه فقط نيو يارڪ شهر جا ماڻهو شهر جي گوڙ گهمسان کان ڀڄي سڪون جون گهڙيون گهارين ٿا پر ٻاهران ٽوئرسٽ به ان کي هڪ وار ضرور ڏسن ٿا. اسان به جڏهن جهاز هاڪاري نيو يارڪ ايندا هئاسين ته  پهرين دفعي ئي يا شايد ٻئي ڀيري هن پارڪ جا چڪر هڻي، انهن ڏينهن ۾ (1969ع يا 1970ع) جي عبرت اخبار ۾ هن پارڪ جو احوال لکيو هو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سينٽرل پارڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هٿرادو ٺهيل پارڪ آهي، جيڪو نيو يارڪ جهڙي ڳتيل ۽ ماڊرن شهر جي وچ ۾ آهي. هي پارڪ 843 ايڪڙن ۾ ڇانيل آهي. سندس ڊيگهه وارو پاسو پورا اڍائي ميل (يعني 4 ڪلوميٽر) آهي ۽ ويڪر وارو پاسو اڌ ميل (يعني منو ڪلوميٽر کن) آهي.

نيو يارڪ شهر جا پنج حصا آهن جيڪي Borough ٿا سڏجنِ برانڪس، ڪئينس، مئن هٽن، بروڪلن ۽ اسٽيٽن آئلنڊ. سينٽرل پارڪ سڀ کان گهڻي آدمشماري ۽ رونق واري باروح Manhattan ۾ آهي. هونءَ ته نيويارڪ ۾ ڪيترائي پارڪ آهن. ويندي  مئن هٽن ۾، جيڪو ايراضي جي حساب سان ڪو وڏو باروح ناهي، بئٽري پارڪ، بريئنٽ پارڪ، هڊسن رور پارڪ، واشنگٽن اسڪائر پارڪ، رورسائڊ (River Side) پارڪ جهڙا ڪيترائي پارڪ ۽ باغيچا آهن. پر ”سينٽرل پارڪ“ جي ڳالهه ئي ٻي آهي. هن پارڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هر سال اڍائي ڪروڙ ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ دنيا جي ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ هن پارڪ جا نظارا هجڻ ڪري دنيا جو مشهور پارڪ آهي.

سينٽرل پارڪ اتر کان 110 گهٽيءَ کان شروع ٿئي ٿو ته هيٺ ڏکڻ ۾ 59 اسٽريٽ تائين اچيو پهچي. يعني پارڪ کان ٻاهر مئن هٽن جون پنجاهه کن گهٽيون  هن پارڪ سان اچيو لڳن. پارڪ جي اولهه ۾ اٺون ايوينيو بارڊر ٺاهي ٿو ۽ اوڀر ۾ پنجون ايونيو (5th Avenue) آهي. پبلڪ لاءِ هي پارڪ 1859ع ۾ کوليو ويو هو ۽ هن کي ڊيزائين ڪرڻ وارا ٻه ماڻهو آهين فريڊرڪ ۽ ڪال ورٽ. انهن ٻنهين بروڪلن جو Prospect Park به ڊيزائين ڪيو هو. پارڪ ۾ ڪيتريون ئي هٿرادو ڍنڍون آهن، جن مان هڪ جو نالو آمريڪا جي صدر ڪينيڊي جي زال جئڪلين نالي پڻ آهي پر هن ڍنڍ جو نالو جئڪلين ڪينيڊي بدران جئڪلين اوناسز آهي. لڳي ٿو ته ان کي ٺهرائڻ جو خرچ پکو يونان جي جهازن جي مالڪ اوناسز ڪيو آهي. نيو يارڪ جو هي سينٽرل پارڪ دنيا جي ٻن ننڍين قومن کان به وڏو آهي. هڪ موناڪو جنهن کان ٻيڻو ٿيندو ۽ ٻي وئٽيڪن سٽي جنهن کان اٺوڻو ٿيندو.

آمريڪا جي ڀر واري رياست پين سلوانيا جي شهر فلڊلفيا جو Fairmount پارڪ هن سينٽرل پارڪ کان جيتوڻيڪ ڏهوڻو وڏو آهي، پران کي ڏسڻ لا جيترا ماڻهو اچن ٿا  ان کان ٽيڻا سينٽرل پارڪ کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.

 

آمريڪا جي رياست الاسڪا ۽ ڪجهه گرين ڪارڊ بابت احوال

* پاڻ شروع ۾ الاسڪا جي به ڳالهه ڪئي آهي ته آمريڪا جي اوڻونجهائين رياست آهي. دراصل الاسڪا جي آمريڪا جي ٻين رياستن کان مختلف پوزيشن آهي. الاسڪا اتر آمريڪا کنڊ ۾ هونديبه باقي آمريڪي رياستن سان ڳنڍيل هجڻ بدران الڳ ٿلڳ آهي، جنهن جي هڪ پاسي ڪئناڊا آهي ته ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ، بلڪه پئسفڪ سمنڊ جي هڪ ننڍي حصي کان پوءِ روس شروع ٿيو وڃي ۽ الاسڪا آمريڪا کان وڌيڪ روس جو حصو نه فقط لڳي ٿي پر هئي به روس جي. جن هن کي ويران ۽ بيڪار سمجهي آمريڪا کي 72 لکن ڊالرن ۾ 1867ع ۾ وڪڻي ڏنو. ان تي آمريڪا جي عوام وڏو گوڙ به ڪيو ته هڪ رڻ پٽ جهڙي زمين  جنهن تي ٻارهو ئي برف ڇانئي رهي ٿي ان کي خريد ڪري ملڪ جي خزاني تي بار وڌو ويو آهي. بهرحال 3 جنوري 1959ع تي صدر آئزن هاور جي ڏينهن ۾ ان کي رياست جو درجو ڏيئي آمريڪا جي 49 هين رياست (State) بنايو ويو.

الاسڪا اڄ به برف جو رڻ پٽ آهي، پر سعودي عرب ۽ ايران وانگر ڌرتيءَ جي هن حصي هيٺان تيل پيٽرول جون نديون وهن ٿيون، جن جو ايڏو ته مقدار آهي جو عرب ملڪن جو تيل ختم ٿيڻ بعد به هتي جاري رهندو. بلڪه آمريڪا جي هوشيار حڪومت ان تيل کي تڪڙو ختم ڪرڻ بدران مستقبل جي ڏکين  ڏينهن لاءِ بچائي رکندي اچي.

الاسڪا آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست آهي، جنهن جي پکيڙ 570380 چورس ميل  (يعني 1477261 چورس ڪلوميٽر) آهي. يعني آمريڪا جي باقي ڳنڍيل رياستن ۾ سڀ کان وڏي رياست ٽيڪساز کان  ٻيڻي ٿي. باقي آدم  شماريءَ جي خيال کان شهدادپور يا سانگهڙ کان به ننڍي آهي جو سڄي رياست ۾ پنج لک ماڻهو مس رهن ٿا.

الاسڪا جو سڀ کان وڏو شهر ۽ بندرگاهه جتي اسان جي ملڪ جا جهاز پڻ ايندا ويندا رهن ٿا ائنڪريج آهي. هونءِ سندس گاديءَ جو هنڌ جونيئو (Juneau) نالي هڪ ٻيٽ نما ننڍڙو شهر ۽ بندرگاهه آهي. الاسڪا آمريڪا جي اڪيلي رياست آهي،جيڪا مين  لئنڊ سان ڳنڍيل هجڻ جي باوجود سندس گاديءَ وارو شهر اهڙو آهي، جتي خشڪي رستي پهچڻ بدران فقط هوائي يا پاڻي واري جهاز رستي پهچي سگهجي ٿو.

الاسڪا وارو علائقو ارڙهين صديءَ ۾ يورپ کان آيل هيسپانين ڳولي لڌو. ان بعد اهي ڇڏي ويا ۽ انگريز اچي نڪتا. پر اسپين جي ماڻهن جون يادگيريون قرطبه (Cardoba) ۽ والديز (Valdz) جهڙن نالن وارا شهر اڃا تائين قائم آهن. الاسڪا ۾ الييوت ۽ ايسڪيمو نموني جون مختلف اصلي قومون رهن ٿيون ۽ 90 کن زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. تيل جي ڪري هيءَ رياست اميرهجڻ ڪري هتي سيلز ٽئڪس ناهي. آمريڪا  ۾ پنج ٻيون به رياستون آهن، جن ۾ سيلز ٽئڪس معاف آهي ۽ آلاسڪا امريڪا جي انهن ستن رياستن مان هڪ آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو Indvidual انڪم ٽئڪس به معاف آهي.

* شروع ۾ گرين ڪارڊ بابت به لکيو اٿم ته اهو دراصل سائي رنگ جو ناهي. هونءَ به آمريڪا جو ”گرين ڪارڊ“ اڄ ڪلهه  دنيا ۾ مشهور آهي. ٽي دنيا جو ماڻهو جنهن کي آمريڪا جو گرين ڪارڊ ملي ٿو، اهو پنهنجي خوش نصيبي سمجهي ٿو. (Green card) ڇا آهي؟ گرين ڪارڊ آمريڪا (U.S.A) ۾ هميشه رهڻ جو ڪارڊ آهي، جنهن کي United States Permanent Resident Card به سڏجي ٿو، جيڪو هڪ شناختي ڪارڊ مثل آهي، جيڪو ان ڳالهه جي ثابتي اهي ته ان ڪارڊ وارو آمريڪا ۾ قانوني طرح رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو حقدار آهي ۽ اهو ماڻهو LPR يعني Lawful Permanent Resident سڏجي ٿو. ان ڪارڊ کي گهڻو اڳ Alien Registeration رسيد سڏيو ويو ٿي ۽ هاڻ فقط پرمننٽ ريزيڊنٽ ڪارڊ. ان کي فارم I-551 به سڏجي ٿو.

هن ڪارڊ تي سائو ڪارڊ (Green Card) نالو ائين پيو جو هن ڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جي هاڻوڪي فارم I-551 کان اڳ جيڪو I-151 فارم هو، جيڪو ٻي وڏي لڙائي جي خاتمي بعد 1946ع ڌاري ڇپايو ويو هو. ان جو رنگ سائو هو. اڄ وارو فارم I-551 جيڪو 1977ع کان پوءِ شروع ڪيو ويو اهو ڪڏهن ڪهڙي رنگ تي ڇپجي ٿو ته ڪڏهن ڪهڙي تي ۽ اڃا تائين اهو فارم جيتوڻيڪ سائي رنگ جي پني تي نه ڇپيو آهي، پر هن فارم ۽ ڪارڊ جو نالو اڄ تائين ”گرين ڪارڊ“ هلندو اچي. هينئر هينئر سال 2006ع جا جيڪي گرين ڪارڊ ملن پيا، اهي اڇي رنگ جا آهن ۽ انهن جي پٺئين پاسي ساون اکرن ۾ لکائي ضرور آهي. هن ڪارڊ تي ڪارڊ جي مالڪ جو نالو، فوٽو ۽ ٻي ڄاڻ لکيل ٿئي  ٿي ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون لڪل طريقن سان رکيون ويون آهن، جيئن ان کي ڪو نقل ڪري ٺاهي نه سگهي. جيئن اڄ ڪلهه اسانجي ملڪ جا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ به ماڊرن ٽيڪنالاجي مطابق Readadle ٺاهيا ويا آهن، جن کي Scan مشينون پڙهي به سگهن ٿيون ۽ ان جي مالڪ مطابق ڄاڻ پرنٽ به ڪري سگهن ٿيون.

هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته آمريڪي قانون موجب آمريڪا جا اهي باشندا جيڪي گرين ڪارڊ ذريعي آمريڪا ۾ رهيل آهن، انهن لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ سان هروقت گرين ڪارڊ رکن، جيڪو  ڪنهن به وقت USCIS جو آفيسر چيڪ ڪري سگهي ٿو. USCIS معنيٰ يونائيٽيڊ اسٽيٽس سٽيزن شپ ائنڊ اميگريشن سروسز.

آمريڪا جا اهي رهاڪو جيڪي هتي جا شهري آهن ۽ کين هتي جو پاسپورٽ مليل آهي. انهن لاءِ ضروري ناهي ته هر وقت پاسپورٽ کڻي هلن. اهو ان ڪري جو آمريڪي آئين مطابق آمريڪي شهرين کي ووٽ جو حق ۽ ٻيون سهوليتون مليل آهن، جيڪي گرين ڪارڊ Permanent Residents وارن کي نه آهن، جيڪي پاسپورٽ ملڻ تائين Aliens يعني ڌاريان سڏجن نائن اليون واري حادثي کان اڳ ته ڪڏهن ڪنهن جي پڇا به ڪا نه ٿي ٿي ته آيا تون گرين ڪارڊ هولڊر آهين يا  پاسپورٽ وارو. آمريڪا ۾ آيل ڪيترائي غير قانوني ماڻهو ائين ئي پئي هليا. پر هاڻ سختي ٿيڻ ڪري ڪافي پڇا ڳاڇا ٿئي ٿي ۽ ڪيترن غير قانوني ماڻهن کي پنهنجي وطن واپس موڪليو ويو آهي. بهرحال هڪ توئرسٽ ويزا تي آيل همراه کي به گهرجي ته هو پنهنجو پاسپورٽ پاڻ سان گڏ رکي، خاص ڪري هو جڏهن هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃي پيو. ڇو ته ايئرپورٽن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي اڪثر چڪاس ٿيندي رهي ٿي، جنهن بابت هن کان اڳ واري آمريڪي سفرنامي ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ پڻ لکي چڪو آهيان. پنهنجي رهائش واري شهر نيو جرسي کان واشنگٽن ۾ پئي آيس ويس پر ٽن چئن مهينن ۾ ڪڏهن به ڪٿي ڪنهن منهنجي پاسپورٽ جي چڪاس نه ڪئي. آخري دفعي واشنگٽن وڃڻ وقت پاڻ سان نه پئي کڻي ويس پر پوءِ آخري وقت تي کڻي کيسي ۾ وڌم. واشنگٽن کان واپسي تي ريلوي اسٽيشن تي پهتس ته خبر پيئي ته ٽرين ۾ بم جي افواهه ڪري هر مسافر جي چڪاس پيئي هلي، جن ڌاررين وٽ پاسپورٽ نه هو انهن کي ٽرين ۾  چڙهڻ کان منع ڪري کين پنهنجي گهران پاسپورٽ گهرائڻ لاءِ چيو ويو. اهو به چڱو جو آمريڪا آهي، جتي وري به قانون قاعدو آهي. سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن عرب ملڪن ۾ ته اهڙو انڌير آهي جو پوليس جنهن کي کنڀي ٿي ته ان کي سڌو وڃيو جيل ۾ هڻي، ڇا جا وڪيل ڇا جي ڪورٽ ڪچهري. هن کي پنهنجي صفائيءَ جو ئي موقعو نٿو ڏنو وڃي. ان جا مثال پنهنجي حج واري ڪتاب (ڀلي پار تان ڀيرو) ۽ ”اي روڊ ٽو مدينا ”واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. ان ڪري اسان جهڙن غريب ايشيائي ٿرڊ ورلڊ جي ماڻهن کي  کپي ته پرديس ۾ وڏي خيال سان هلن جو ڏکئي وقت ۾ اسان جي ملڪ جا سفارتخانا به اکيون پوريون ڇڏين. گرين ڪارڊ پهرين ته آمريڪا جو INS ڊپارٽمينٽ Immigration & Naturalization Service اشو ڪندو هو پرهاڻ USCIS کاتو جاري ڪري ٿو، جيڪو کاتو پهرين  BCIS يعني Bureau of Citizenship & Immigration Services هو.

آمريڪا ۾ رهندڙ اهي ڌاريان جن کي اڃا گرين ڪارڊ نه مليو آهي ۽ هنن جي ان ڪم لاءِ درخواست غور هيٺ آهي، اهي جيڪڏن آمريڪا ۾ رهي ڪا نوڪري، يا جاب ڪرڻ چاهين ته هنن لاءِ Employment Authorization Document جيڪو EAD سڏجي ٿو حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

هڪ ڌارئين ماڻهو Immigrant کي ٽن مرحلن مان گذرڻ بعد گرين ڪارڊ ملي ٿو، جنهن بعد هو آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي به سگهي ٿو ته نوڪري يا بزنيس به ڪري سگهي ٿو. اهو سڄو Process ڪيترائي سال وٺي سگهي ٿو، جنهن جو مدار درخواست جي نوعيت ۽ ملڪ تي آهي، جنهن سان هن جو واسطو آهي.

پهرئين مرحلي ۾ USCIS کاتو Immigrant جي ويجهي مائٽ يا نوڪري ڏيندڙ (Employer) جي پٽيشن قبول ٿو ڪري. ويجهي مائٽ مان مراد زال مڙس يا ماءُ پي، پٽ ڌيءَ آهن. مثال طور هڪ پاڪستاني ڇوڪريءَ کي جيڪڏهن آمريڪا جو پاسپورٽ آهي ته هوءَ ماءُ پيءُ کي آمريڪا ۾ گهرائڻ لاءِ گرين ڪارڊ ڏياري سگهي ٿي. شادي شده آهي ته پنهنجي مڙس کي به گرين ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ USCIS کاتي ۾ پٽيشن درج ڪرائي سگهي ٿي. ڪو آمريڪن بزنيس مئن  يا ڪنهن ڪمپنيءَ جو مالڪ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي نوڪري ڏيڻ لاءِ هن جي گرين ڪارڊ جو بندوبست ڪري سگهي ٿو پر اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن، جي ڪمپني مقرر ڪيل حدکان مٿي ڪمائي رهي آهي ۽ حڪومت کي ان موجب ٽئڪس ادا ڪري پيئي ۽ ٻي ڳالهه ته هن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هن کي ان فيلڊ جي ڄاڻو جي ضرورت آهي.

ڪن صورتن ۾ گرين ڪارڊ انهن ڌارين کي به مليو وڃي ٿو، جيڪي آمريڪا ۾ پنهنجو پئسو لڳائين يعني Invest ڪن ٿا.

ٻيو مرحلو USCIS طرفان ويزا نمبر ملڻ جو آهي، جيڪو مائٽيءَ جي صورت ۾ ته يڪدم مليو وڃي باقي ٻين  صورتن ۾ ڪجهه وقت لڳيو وڃي جو هر سال لاءِ مقرر Limited ويزائون رکيل آهن ۽ ان ۾ ملڪن جو به حساب رکيل آهي، جيئن اڄ ڪلهه انڊيا وارن کي ته جلد مليو وڃي پر پاڪستان وارن لاءِ وقت ٿو لڳي. ۽ پوءِ آخر ۾ ٽيون مرحلو آهي، جنهن ۾ ويزا نمبر ملڻ تي درخواست گذار Immigrant پنهنجي ملڪ ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني ۾ Immigrant ويزا لاءِ Apply ڪري سگهي ٿو، جيڪي اڄ ڪلهه هر هڪ کي پاڻ وٽ انٽرويو لاءِ پڻ  گهرائين ٿا، پنهنجي ملڪ ۾ اڳ ۾ ته اهو ڪم ڪراچي ۾ ئي ٿي ويندو هو  پر هاڻ ڪيترن سالن کان انٽرويو لاءِ اسلام آباد وڃڻو پوي ٿو ۽ Immigrant ويزا جي اميدوار کي ميڊيڪل ٽيسٽ (خاص ڪري (H.I.V) بابت، ڦڦڙن جا ايڪس ري وغيره کان علاوه هن کي پنهنجي حد جي پوليس ٿاڻي جو”پوليس سرٽيفڪيٽ“ ۽ انهن ملڪن جي پوليس  رپورٽ جن ۾ هو ڏيڍ سال کن مٿي رهيو آهي، ڏيڻي پوي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: