سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :7

آمريڪا عجيب ملڪ ۽ اخبارون

USA (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جنهن کي اسان عام طرح فقط آمريڪا سڏيون ٿا، دنيا جو عجيب ملڪ آهي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو هي ملڪ ڌڪاريو وڃي ٿو ته سڀ کان گهڻو هي ملڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجو ئي مثال وٺون ته پاڪستان جو هر هڪ ماڻهو آمريڪا تي ڏمريو وتندو پر جي آمريڪا ماڻهن گهرائڻ جي لاٽريءَ جو اعلان ٿو ڪري ته هر هڪ اها ڪوشش پيو ڪندو ته ٻيو ڪو فارم نه ڀري پر پاڻ وس پڄي ته هڪ بجاءِ ٻه ڀري. اسان جا ملان مولوي، سياستدان، ليڊر، فوجي توڙي بزنيس مين محفل ۾ ويهي آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا پر اندران ئي اندران پنهنجن ٻارن کي اوڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪندا. قانوني طرح نه موڪلي سگهندا ته غير قانوني طرح موڪلڻ جي به ڪوشش ڪندا. انهن جي Set ٿي وڃڻ تي پاڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار Shift ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. چوندا آمريڪا ۾ مذهب جي آزادي آهي، نوڪري ۽ ڌنڌا ڌاڙيون آهن، سٺي تعليم آهي، سٺي موسم آهي، سٺو ماحول آهي، سٺو پگهار آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه امن امان جي صورت تمام سٺي آهي، هر هڪ سڪون جي زندگي گذاري ٿو.  ضرور ائين ئي هوندو. تڏهن ته جيڪو به آمريڪا اچي ٿو اهو موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. موٽي فقط اهو ٿو جيڪو هتي ڏوهه ڪري ٿو پوءِ پنهنجي ملڪ لڪڻ لاءِ ڀڄي ٿو (ڇو ته هن کي خبر آهي ته هتي پوءِ سندس بچڻ جي راهه ناهي. چورن بدمعاشن جي ٿم جي جاءِ  پنهنجو وطن ئي آهي) يا اهو ٿو موٽي جنهن کي هتي جي حڪومت سندس غير قانوني رهائش جو Status هجڻ ڪري ڀڄايو ڪڍي. پوءِ اهڙا ماڻهو شرم کي پرچائڻ  لاءِ پنهنجي ملڪ موٽي اڪثر اهو چوندا وتندا آهن ته اپنا ملڪ اپنا هي. يا وري چوندا آمريڪا ۾ ته اسان کي فلمن جو هيرو (يا هيروئن) به ڪري ٿي رکيائون، يا وري چوندا اسان کي فلاڻي فلاڻي نوڪري به ملي پئي پر اسان چين نه بابا! پنهنجو ديس پنهنجو آهي. روکي سوکي هم اپني وطن ڪي کائينگي. حالانڪه  حقيقت ۾ اها ڳالهه ناهي. سڀ زباني ڊائلاگ آهن. حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٿي سگهي ٿو  ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙو هجي به جو ظاهر آهي  آمريڪا ۾ هر ملڪ جا- ويندي  هر هڪ عرب ملڪ جا لکين ماڻهو رهن ٿا. انهن مان ڪو هڪ ٻه آمريڪا جي خوشحالي، امن امان جي زندگي ۽ سڪون ڀريو ماحول ڇڏي موٽي اچي ته ٻي ڳالهه آهي. باقي هونءَ عام طرح ڪو موٽي اچي؟ I  Have yet to see

ڪو زمانو هو اڄ کان 40 سال کن اڳ 1968ع ڌاري جڏهن آئون پاڻي جي جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جي حيثيت ۾ آمريڪا پهريون دفعو آيو هوس ۽ پوءِ ٽي چار سال اسين مختلف جهازن ذريعي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ايندا رهياسين. پاڪستاني ته ٿورا هئا پر انڊين به گهٽ هئا. پاڪستانين ۾ گهڻي ڀاڱي پنجاب يا سرحد  صوبي جا هئا ۽ انڊين ۾ گجرات صوبي جا پٽيل هئا. سنڌي هندو هئا پر آمريڪا جيڏو ملڪ آهي، ان جي حساب سان آمريڪا (يعني USA) کان گهڻا سينٽرل آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا جي ملڪن ۽ پئسفڪ ۽ ڪئريبين سمنڊن جي ٻيٽن (جهڙوڪ برمودا، ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو وغيره) ۾ هئا. سنڌي مسلمان جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا سي پئسي وارن وڏيرن جا پٽ هئا، جن جو مقصد محنت ڪري ڪمائڻ ۽ ٻين کي گهرائڻ ۽ پنهنجي وطن اچي ڪارخانا فئڪٽريون ۽ تعليمي ادارا کولي غريب عوام جي خوشحالي پيدا ڪرڻ بدران هو فصل جو پئسو آمريڪا ۾ گهرائي گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش جي زندگي ۾ وقت ضايع ڪندا هئا. هڪڙو پئسو خرچ ڪري ٻيو پئسو ڳوٺان گهرائيندا هئا.پئسو نه اچڻ تي موٽي ويندا هئا. ڪيترن  کي ته آئون سڃاڻان جن کي آمريڪا جي Citizenship به ملي ۽ پاسپورٽ به هون پر  پوءِ اهو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيائون. پئسو نه اچڻ تي هنن کان نوڪري ۽ پورهيو ڪرڻ نٿي پڳو ۽ واپس وطن جو رخ رکيائون ٿي يا پنهنجي والد وارث جي وفات جو ٻڌي پڳ ٻڌائڻ ۽ ملڪيت پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ موٽي آيا ٿي. 1968ع ۾ مون اهڙن ماڻهن کي ويندي ۽ پهريون دفعو حيدرآباد جي بشير مغل، ٽنڊو جان محمد جي بابو ۽ سندس ڀاءُ يوسف ڏاهريءَ جهڙن کي هتي ايندو ڏٺو، جيڪي اسان وانگر عام ماڻهو هئا، جن وٽ ڪجهه به نه هو، نه پئسو نه سپورٽ. هنن پنهنجي Survival ۽ پنهنجن ٻچن ٻارن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ جيڪي پورهيا ۽ محنتون ڪيون، جيڪي پنڌ ۽ بکون ڪاٽيون آئون اهڙن ماڻهن کي سلام ٿو ڪريان.

بهرحال آمريڪا ۾ پڻ جپان ۽ يورپ وانگر ڌارين ماڻهن جي اچڻ تي سختيون ٿينديون رهيون (۽ ڏينهون ڏينهن اهي وڌي رهيون آهن) ۽ آمريڪا جيتوڻيڪ هڪ ڏورانهون ترين ملڪ آهي ته به ان ۾ ڪو اهڙو چارم ضرور آهي جو مٿين ڳالهين جي باوجود سڀ کان گهڻا اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪي ايندا رهن ٿا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر جي شروعات ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر هئا، چوڌاري هسپانوي (Spanish) ڳالهائڻ وارا نظر آيا ٿي. ظاهر آهي USA سان گڏ ميڪسيڪو، گئاٽمالا، نڪراگوا جهڙا وچ آمريڪا جا ملڪ ۽ برازيل، ڪولمبيا، چلي، اڪيڊار جهڙا ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ ويجها آهن، جتي Spanish ۽ پورچو گالي ڳالهائي وڃي ٿي. (پورچو گالي به هيسپانوي زبان وانگر آهي، جيئن سرائڪي ۽  پنجابي ٻوليون  تمام گهڻيون ملن ٿيون ۽ ڌاريون ماڻهو پرکي نه سگهندو) اڄ انهن اسپيني ڳالهائڻ  وارن جو ننڍي کنڊ جا ماڻهو مقابلو ڪن ٿا. آمريڪا جا وڏا شهر ته ڇا ڳوٺ ڳوٺ ۾ انڊين پاڪستاني ماڻهو ۽ انهن جا دڪان نظر اچن ٿا. حلال  گوشت کان علاوه توهان کي هر قسم جو مرچ مصالحو ۽ ڳڙ، ڀڳڙا، ڦودني جون ٽڪيون، احمد جو آچار، هيڊ، ٻاجهر، جوار، گدامڙي، مندرن ۾ رکڻ لاءِ پرساد، نماز پڙهڻ لاءِ مصلو ۽ باٿ روم لاءِ لوٽو ملندو.

انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ اسان جي جهازن  تي اچي مهينو مهينو پراڻيون جنگ ۽ ڊان اخبارون کڻي ويندا هئا ۽ وڏي شوق سان وڃي پڙهندا هئا. ڪا اخبار جهاز  تي رهجي ويندي هئي ته واپسي جي سفر تي ان کي ور ور ڏيئي اسين به پيا پڙهندا هئاسين. ويندي اشتهار، اڄ جا اگهه، ڌيان طلب، ڪورٽ نامون جهڙيون شيون به غور سان پڙهندا هئاسين. ڪو ڪو امير ماڻهو پاڪستان مان اخبار پوسٽ ذريعي گهرائيندو هو، جيڪا جيتوڻيڪ باءِ ايئر موڪليل هوندي هئي پر تڏهن به مالڪ جي هٿن ۾ هفتي بعد پهچندي هئي ۽ تمام مهانگي پوندي هئي. انٽرنيٽ ۽ Cable جو ته اڃا تصور به نه هو.  پوءِ اسيءَ جي شروعات ۾ ٻڌو سين  ته جنگ وارن جنگ اخبار ڪراچي ۽ لاهور کان علاوه لنڊن ۽ نيو يارڪ مان به ڪڍڻ شروع ڪئي آهي. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته نيو يارڪ کان ايندڙ هڪ دوست مون لاءِ هڪ ٻه جنگ جا پرچا کڻي آيو هو. اخبار فقط ٽن چئن صفحن تي پکڙيل هئي ۽ قيمت به ڳري هيس. ان جو سبب اهو ئي هو ته پڙهندڙ (خريدار) گهٽ آهن، اشتهار ٿورا ٿا ملن.... وغيره ۽ هاڻ 35 سالن کن بعد آمريڪا ۾ وري آيو آهيان ته Scene ئي بدليل نظر اچي رهي آهي، آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به ننڍي کنڊ جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ حلال گوشت لاءِ ڪنهن يهوديءَ کان ڪوشر جو پڇڻ بدران ديسي بازار مان مليو وڃي. ٻئي مرچ مصالحي جي دڪانن سان گڏ حلال گوشت جا به دڪان نظر اچن ٿا  نه فقط ٻڪري، ڍڳي، ڪڪڙ جو گوشٽ پر انهن جا جيرا، بڪيون ويندي پاوا منڍيون پيون وڪامن، جيڪي  هت عام طرح نه وڪامن ۽ نه هتي جا آمريڪن کائين. هڪ اهڙي حلال گوشت جي  دڪان ۾ پنهنجي ڀاڻيجن ثمير ۽ ضمير وسطرو سان گهڙيس جيسين هو گوشت خريد ڪن آئون در وٽ رکيل مختلف اڙدو ۽ انگريزي اخبارن جا بنبڊل ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ هڪ اڙدو اخبار کڻي ان جا صفحا اٿلائڻ لڳس. ويهارو کن صفحن جي اها اخبار هئي. پاڪستان ۽ هندستان جي خبرن کان علاوه اسان جي ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا ۾ ڪيل ڪارنامن ۽ بدنامين جي خبرن سان ڀريل هئي. هر صفحي تي جام اشتهار. هلڻ مهل ثمير پڇيو ته ماما اخبار کڻون.

”قيمت پڇ ته گهڻي آهي؟“ ظاهر آهي  گذريل زماني جي ٽن چئن صفحن واري اخبار جي ئي قيمت ڳري هئي  ۽ هنن ۾ ته انيڪ صفحا آهن ۽ رنگين ڇپائي آهي سو قيمت مناسب هجڻ جي صورت ۾ ئي خرد ڪري سگهجي ٿي نه ته ٽي وي ڪيبل ۽ انٽرنيٽ تان مفت ۾ خبرون ۽ SANA (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جي SANA – List خطن مان ئي ملڪ جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو.

”هي اخبارون سڀ فري آهن“ ثمير ٻڌايو.

”پر هنن مان ڪن تي ٻه ته ڪن تي ٽي ڊالر قيمت لکي پيئي آهي.“ مون اخبارن کي اٿلائيندي چيو.

”قيمت ضرور لکيل آهي پر هر هڪ مفت ۾ ڏئي ٿو  جو اخبار وارن ۾ Competition ڏاڍي آهي.“

”ٺهيو مون سمجهيو- دراصل هر اخبار واري کي ايڏا اشتهار مليو وڃن جو مفت ۾ ڏيڻ تي به کين نقصان نٿو ٿئي. مون ڇهه کن مختلف اخبارن مان هڪ هڪ کنئي ۽ پوءِ ته ساڳيو حال هتي جي ٻين ديسي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ڏٺم. ڪجهه انگريزي اخبارون پڻ آهن جيڪي هتي جون اسلامي تنظيمون ۽ هندو ائسوسيئيشن ڪڍن ٿيون. ڪجهه انگريزي اخبارون هتي جي هر علائقي مان نڪرن ٿيون، جن ۾ ان علائقي جي خبرن کان علاوه ان علائقي جي دڪانن ۽ انهن ۾ لڳندڙ sale، جاين، پلاٽن ۽ ڪارين موٽرن جي خريد ۽ وڪرو جا اشتهار آهن ۽ هر اخبار جي اشتهارن مان ايڏي ڪمائي ٿئي ٿي جو ماڻهن تائين اخبار پهچائڻ لاءِ هو دڪاندارن کي منٿون ڪن ٿا ته پنهنجي دڪانن ۾ رکو ته توهان جا گراهڪ هي اخبارون مفت ۾ کڻي وڃن. ڪجهه امير اخبارن جا مالڪ خاص ڪري ڪميونٽي نيوز پيپر وارا پنهنجي اخبار گهرن تائين به پهچائين ٿا. بهرحال مون جهڙي واندي ماڻهوءَ لاءِ اهي مفت جون اخبارون پڙهڻ سٺو شغل آهي ۽ ٽن مهينن کان اڃان اهو قائم آهي. جنهن وقت به بازار ۾ ڪنهن شيءِ جي خريداري لاءِ نڪران ٿو ته نئين شايع ٿيل اخبار کڻيو اچان. انهن اخبارن بابت ٽيڪا ٽپڻي- خبرن جو معيار، اشتهار ۽ ٻيا ڪالم وغيره- ٻئي مضمون ۾ ئي لکان ٿو.

 

 

آمريڪا مان نڪرندڙ  ديسي اخبارون

هن کان اڳ واري مضمون ۾ لکيو اٿم ته ڪو وقت هو جو هن ڏورانهين ديس ۾ پنهنجي ملڪ جي اخبار پڙهڻ لاءِ پيو سڪبو هو پر هاڻ هتي ڪيتريون ئي اڙدو ۽ انگريزي اخبارون نڪرن ٿيون ۽ نه فقط نڪرن ٿيون پر  مفت ۾ ورهائيون وڃن ٿيون. اڙدو ۽ انگريزيءَ کان علاوه گجراتي ۽ تامل زبانن جون به ڪيتريون ئي اخبارون نڪرن ٿيون. جيڪي زبانون جيئن ته مون کي سمجهه ۾ نٿيون اچن، ان ڪري انهن اخبارن سان منهنجي دلچسپي ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن اخبارن جي فرنٽ پيج تي ڪا ڌيان ڇڪائيندڙ تصوير نظر ايندي آهي ته ان ڏينهن اها به کڻي ايندو آهيان- تصويرون ڏسڻ لاءِ. پئسا ته هونءَ ئي نٿا ڏيڻا پون، جو اخبار کڻڻ يا نه کڻڻ جو سوچجي. خاص ڪري آئون ته موڪل جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي آيو آهيان، سو مون وٽ ته ٽائيم ئي ٽائيم آهي. بهرحال آئون انگريزي ۽ اڙدو جون جيڪي اخبارون کڻي ايندو آهيان، اهي هن ريت آهن.

اردو ٽائيمز – 22 صفحن جي اڙدو اخبار، جنهن جي 32 صفحن جي هفتيوار مئگزين ”ٽائيمز ميگ“ به مفت ۾ ورهائي وڃي ٿي.

پاڪستان پوسٽ- 16 صفحن جي اخبار، جنهن سان گڏ 36 صفحن جي هفتيوار مئگزين ساڳي نالي سان نڪري ٿي ۽ مفت ڏني وڃي ٿي.

- پاڪستان ايڪسپريس- 24 صفحن جي اڙدو اخبار

- صدائي پاڪستان – 22 صفحن جي اڙدو اخبار

- آزاد – 12 صفحن جي اڙدو اخبار

- پاڪستان نيوز – 20 صفحن جي اڙدو اخبار

- نيويارڪ عوام – 20 صفحن جي اڙدو اخبار

- Desi Match – 32 صفحن جي اڙدو اخبار

- Indian Express – 48 صفحن جي  انگريزي اخبار

-  Indian post – 56 صفحن جي انگريزي اخبار

- Indian Abroad – 36 صفحن جي انگريزي اخبار

- Indian in New York – 28 صفحن جي انگريزي اخبار

مٿيون سڀ اخبارون ۽ مخزنون (جيڪي اخبار جهان يا عبرت مئگزن جي سائيز جون آهن- يعني نارمل اخبار جي اڌ جيڏيون) هفتيوار آهن ۽ پاڪستان ۽ هندستان جي ماڻهن جي ضرورتن ۽ دلچسپين کي پورو ڪن ٿيون. اهي سڀ اخبارون خميس ڏينهن نڪرن ٿيون ۽ جمع تائين ديسي بازارين جي دڪانن، ريسٽورنٽن، مسجدن ۽ مندرن ۾ پهچيو وڃن، جيئن هفتي جا موڪل جا ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر، ماڻهو پنهنجي واندڪائي ۾ پڙهي سگهن.

مٿين اخبارن کان علاوه انگريزي جي اخبار Muslims تمام مشهور آهي. انگريزيءَ جي 18 صفحن جي هفتيوار اخبار جيڪا The Voice of Muslim America نه فقط آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دلچسپيءَ جو باعث آهي پر ننڍي کنڊ ۽ عرب ملڪن جي مسلمانن لاءِ  پڻ. اهڙي طرح هندو ڌرم، عيسائين ۽ يهودين جي دلچسپيءَ جون پڻ ڪيتريون ئي هفتيوار انگريزي اخبارون نڪرن ٿيون ۽ مفت ورهائيون وڃن ٿيون.

مسلمانن جي دلچسپيءَ جي هڪ ٻي انگريزي اخبار جيڪا، هتان آمريڪا مان نڪري ٿي ۽ ٻين اخبارن وانگر مفت ورهائي وڃي ٿي The Muslim Link آهي، جيڪا 22 صفحن جي آهي، جنهن سان گڏ 48 صفحن جي ”دي مسلم لنڪ مارڪيٽ پليس“ پڻ ورهائي وڃي ٿي. هيءَ اخبار (The Muslim Link) هفتي ۾ ٻه دفعا نڪري ٿي ۽ سندس Motto  آهي:

Linking Believers Together

اهڙيءَ طرح هڪ اڙدو مذهبي اخبار ”الفضل“ نالي نڪري ٿي. 16 صفحن جي هن هفتيوار اخبار جو واسطو احمدي مسلمانن سان آهي.

آمريڪا ۾ رهندڙ احمدي فرقي جي مسلمانن جو النور نالي 90 صفحن جو ماهوار رسالو پڻ نڪري ٿو، جنهن جو اڌ اڙدو ۾ آهي ته اڌ انگريزيءَ ۾. اڙدو واري  حصي جو نالو ”النور“ آهي ۽ انگريزيءَ واري جو The Ahmadia Gazete, USA آهي.

- احمدي جماعت جو هڪ ٻيو 70 صفحن جو رسالو جيڪو ڪئناڊا مان نڪري ٿو ۽ سڄي  آمريڪا ۾ پڻ ورهايو وڃي ٿو ”نحن انصار الله“ آهي. هن رسالي جا 24 کن صفحا انگريزيءَ ۾ آهن ۽ 46 کن اڙدوءَ ۾ آهن.

- انڊيا کان آمريڪا آيل ٽوئرسٽن توڙي هتي رهائش اختيار ڪندڙ هر مذهب ۽ هر  زبان جي ماڻهن لاءِ خبرن سان ڀريل 44 صفحن جي انگريزي هفتيوار اخبار News India Times آهي.

- مفت ۾ ورهائجندڙ اخبارن ۾ هڪ ٻي هفتيوار انگريزي اخبار South Asian آهي، جنهن جو موٽو آهي.

The Voice of south Asians. هيءَ اخبار پاڪستان، انڊيا کان علاوه برما، سري لنڪا، ٿائيلينڊ، ملائيشيا جي ماڻهن ۾ مشهور آهي، جو هيءَ اخبار اهو سڄو علائقو Cover ڪري ٿي.

- آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ مسلمانن جي هڪ ٻي دلچسپ هفتيوار انگريزي اخبار Mirror International آهي، جنهن جو Motto  آهي:  Justice & Peace for all 16 صفحن جي هيءَ اخبار هر اربع ڏينهن نڪري ٿي ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي 45 رياستن ۽ صوبن جي ٻه سئو شهرن جي مسجدن، حلال گوشت جي دڪانن ۽ مسلمانن جي ريسٽورينٽن ۽ هوٽلن ۾ مفت ورهائپ لاءِ پهچيو وڃي.

آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي دلچسپي لاءِ مفت ورهائجندڙ ۽ سڀ کان ٿلهي اڙدو اخبار ”اردو ٽائمز“ آهي، جيڪا ميگزين سميت 54 صفحن جي ٿئي ٿي. ميگزين وارا صفحا باقي اخبار جي اڌ صفحن جيڏا ٿين ٿا.

”اردو ٽائيمز“ آمريڪا (يعني اتر آمريڪا- جنهن ۾ ڪئناڊا ۽ USA اچي وڃي ٿو) جي پهرين ۽ سڀ  کان وڏي ۽ گهڻو پڙهي ويندڙ اردو اخبار آهي. هن اخبار کي نڪرندي 35 سال ٿي ويا آهن ۽ هن سال سلور جوبلي ملهائي اٿس. هيءَ اخبار جنگ اخبار جي مالڪن جي لڳي ٿي، جنهن جو ايڊيٽوريل صفحو هوبهو جنگ اخبار جي اسٽائيل ۾ نڪري ٿو ۽ هن جو پبلشر خليل الرحمان آهي. اردو ٽائيمز اخبار هڪ  ئي وقت آمريڪا جي چوڏهن شهرن (نيو يارڪ، واشنگٽن، ميامي، ائٽلانٽا، شڪاگو، هيوسٽن، لاس اينجلس وغيره) مان ڇپجي ٿي، جيئن پاڪستان مان جنگ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد مان نڪري ٿي.

هن اخبار ”اردو ٽائيمز“ جي انتظامي مرڪزي آفيس نيويارڪ جي جئميڪا علائقي ۾ آهي ۽ ائڊريس هن ريت آهي:

169-20 Hillside Avenue, Jamaica, NY 11432, USA

فون نمبر 718-297-8700  ۽ فئڪس نمبر 0017-297-718

۽ اي ميل ائڊريس اٿس:

هيءَ اخبار نيٽ تي به پڙهي سگهجي ٿي، جنهن جي ويب سائيٽ آهي.

www.urdutimes.com  

فرنٽ پيج ۽ ٻين صفحن تي پاڪستان ۽ هتي جي خبرن کان علاوه دنيا جون به خبرون آهن. هتي جي ٻين اخبارن وانگر هيءَ اخبار به هتي جي اشتهارن سان ٽٻ آهي، جنهن مان هنن اخبارن جي وڏي ڪمائي ٿئي ٿي. ادارتي صفحو هوبهو  جنگ جهڙو آهي، جنهن ۾ اهي ساڳيا ڪالم ۽ ساڳيا لکڻ وارا اچن ٿا، جيئن ته اڄ جي  اخبار ۾ عبدالقادر حسن جو ڪالم ”غير سياسي باتين“ حسن نثار جو ”چوراها“ ، منو ڀائي جو ”گريبان“، عباس اطهر جو ”ڪنڪريان“، راجا انور جو ”بازگشت“، ڊاڪٽر  ظهور اعوان جو ”دل پشوري“  وغيره آهن.

آمريڪا مان نڪرندڙ  اخبارن ۾ ڪهڙي قسم جا اشتهار اچن ٿا؟

هن اخبار ”اردو ٽائيمز“ ۾ يا ٻين اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ جيڪي خاص ڪري انڊيا ۽ پاڪستان جا ماڻهو پڙهن ٿا هن قسم جا اشتهار جام نظر اچن ٿا.

- آمريڪن اميگريشن بابت، ڇو جو هنن اشتهار ڏيڻ وارن کي خبر آهي ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو آمريڪا ۽ ڪئناڊا اچڻ لاءِ آتا آهن. انڊيا جي رهاڪن لاءِ آمريڪا طرفان وري به سهولتون ۽ نوڪرين جي بارش پئي ٿئي. ان ڪري هنن اشتهارن ۾ اهي پاڪستاني، جيڪي هتي غير قانوني رهيل آهن يا ڪنهن ٽوئرسٽ يا پڙهائيءَ جي ويزا بهاني هتي پهچي هاڻ موٽڻ بدران هتي ئي لاءِ آتا هجڻ وارا، ڦاسن ٿا. پوءِ انهن ۾ ڪي صحيح گائيڊ به ڪن ٿا ته توهان جو ڪم ٿي سگهندو يا نه. ۽ جي ٿي سگهندو ته ڪهڙيون قانوني پيچيدگيون سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ آسان آهي، ڏکيو آهي يا ناممڪن. پر ڪيترا اِهي اشتهار ڏيڻ وارا ٺڳ وڪيل ۽ ڦورو ايجنسيون آهن، جيڪي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۽ منجهائن پئسو ڦرڻ لاءِ کين ڦاسائين ۽ ڦورو جوتشين ۽ تعويذ ڳنڍا ڪرڻ وارن وانگر (جيڪي اٿندي ئي وڏيون دعوائون ڪن ٿا ته محبوب توهان جي قدمن ۾، وڃايل جواني هڪدم واپس حاصل ڪيو، وغيره وغيره) هي وڪيل به بورڊ هڻيو ويٺا آهن ۽ ٻيا اخبارن ۽ ٽي وي تان اشتهار ڏين ته توهان هر قسم جي قانوني مسئلي جي حل لاءِ اسان سان رجوع ٿيو. فلاڻا يا فلاڻا ايسوسيئيٽ هڪ بااعتماد نالو آهي، جيڪو هيٺين ڪيسن ۾ قابل ترين آهي: گرين ڪارڊ، فئملي جي بنياد تي اميگريشن، ڊيپورٽيشن، سياسي پناهه، بزنيس ڪلوزنگ، بئنڪ ڪرپسي، طلاق، ريئل اسٽيٽ، سول سوٽ... وغيره وغيره. انهن ڳالهين ۾ ديسين کي ڦرڻ وارا گهڻو تڻو پنهنجا ئي آهن. ڪيترن پنهنجين ڪمپنين کي ولائتي رنگ ڏيڻ لاءِ ڪو آمريڪن گورو اڳيان ڪيو آهي. ڪي ته نج گورن جون به ڪمپنيون آهن جو هن ڌنڌي ۾ وڏي ڪمائي آهي. جيڏي وطن ۾ بيروزگاري ۽ بدحالي يا جيتري هنن خوشحال ملڪن ۾ اچڻ جي سختي اوتري هنن جي وڏي ڪمائي.

مٿين ڪيسن کان علاوه هتي جا ڪيترا واندا وڪيل اهڙا آهن، جيڪي توهان پاران مختلف ڪيس في وٺڻ بنا  وڙهي ان جو اجورو ڪيس کٽڻ تي ڪميشن جي روپ ۾ وٺڻ چاهين ٿا. ان لاءِ هنن اخبارن توڙي ملڪ جي وڏين اخبارن ۾ اشتهار ايندا رهن ٿا ته توهان کي ڪنهن جي ڪتي چڪ ته نه هنيو آهي؟ اسان توهان کي لکها ڊالر وٺرائي ڏينداسين. (ياد رهي ته هتي ڪتي پالڻ جي اجازت آهي، پر ان جي چڪڻ تي ڪتي جي مالڪ کي معاوضي طور وڏي رقم ڏيڻي پوي ٿي ۽ گهڻو ڪري ڪتو پالڻ وارو ان کي چڪ هڻن لاءِ به انشوئر ڪري ٿو. يعني اتفاق سان ڪتي ڪنهن واٽهڙوءَ کي چڪ هڻڻ ڪڍيو ته انجو معاوضو ڪتي جي مالڪ بدران انشورنس ڪمپني  ڀريندي. هتي آمريڪا ۾ روڊ حادثن جا به جام پئسا ملن ٿا. پنهنجي پاڪستاني هڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ! پوءِ انهن ڪمن لاءِ گهڻيئي بيروزگار وڪيل ويٺا آهن، جيڪي اڳواٽ في وٺڻ بنا پيا ڪيس وڙهن ۽ پوءِ ڪيس کٽڻ تي زخمي ٿيل همراهه کي ملندڙ پئسي جو هڪ حصو پاڻ رکن. سو اهڙن وڪيلن جا ان قسم جا اشتهار پڻ ايندا رهن ٿا ته ڇا توهان جو روڊ حادثو ته  نه ٿيو آهي؟ اسان توهان کي ان حادثي جو پئسو وٺرائي ڏيون. هڪ اهڙي حادثي بابت ٻڌم، جنهن ۾ ٻن ڪارين جي حادثي ۾ فٽ پاٿ تي هلندڙ هڪ غريب ۽ بي روزگار ماڻهو ڪري پيو، جسماني طرح ته هن کي رهنڊ به ڪا نه آئي، بلڪه پوليس جو اهو خيال هو ته حادثي بعد هن هلندڙ ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي انهن گاڏين وٽ کڻي ڇڏيو. بهرحال هوشيار وڪيل حادثي ڪري ذهني صدمو رسڻ جي بنياد تي هن کي انشورنس ڪمپني طرفان هزارين ڊالر وٺرائي ڏنا. پوءِ هن کي آمريڪا ۾ ڪا مزوري يا نوڪري ڳولڻ جي ضرورت نه پيئي. اڄ  اهو همراهه سنڌ جي وڏن زميندارن مان هڪ آهي.

واشنگٽن ۾ پنهنجي ڳوٺائي نجم ميمڻ جي فليٽ ۾ پهچڻ لاءِ سندس بلڊنگ جي لفٽ ۾ هڪ ٻه دفعو اهڙي مائي گهڙي، جنهن سان گڏ ڪتو هو. نجم کي چيم ته لفٽ ۾ اچڻ بدران ڏاڪڻ ذريعي هلڻ بهتر آهي، ڇو جو بند لفٽ ۾ رڇ جهڙي ڪتي سان گڏ بيهڻ ۾ ساهه ٿو وڃي ته متان ڪتو چڪ نه هڻي.

”سوال ئي  نٿو پيدا ٿئي ۽ هڻي به ڏسي! فائدي ۾ اسان وينداسين.“ نجم چيو ۽ آئون سمجهي ويس جو هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته واشنگٽن ۾ ڪتي جو فقط وات وجهڻ تي ڪتي جي مالڪ يا هن جي انشورنس ڪمپنيءَ کي هڪ لک ڊالر (يعني سٺ لک رپيا) Victim کي ڀري ڏيڻا پوندا.

اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي شادين ۽ طلاقن جي مسئلن مان به هتي جا آمريڪي وڪيل چڱو ناڻو ڪمائين ٿا. خاص ڪري انهن ماڻهن مان جيڪي آمريڪا ۾ رهڻ جي چڪر ۾ هتي جي عورتن سان پئسو ڏيئي صحيح معنيٰ ۾ يا ڪاغذن تي شادي ڪن ٿا. ان ڪم لاءِ اڪثر هتي جون وڏي عمر جون، نشئي پتئي حبشي عورتون آهن يا بي ڊوليون هسپانوي مايون. بقول منهنجي هڪ جهازي انجنيئر جي اسان پاڪستانين سان پئسو خرچڻ جي باوجود بهتر قسم جي عورتن بدران اهي عورتون شادي ڪن ٿيون جيڪي ” رنڊوا، بيوه، گهر سي بهاگي هوئي، شوهر کي پيٽي هوئي يا بچون سي روٺي هوئي، خونخوار قسم کي عورتين هين“ جيڪي شادي بعد ۽ طلاق وقت وڏي گهوپي ڪن ٿيون. جن جا مسئلا وڪيل ئي حل ڪن ٿا. جنهن لاءِ اسان جي هيرو کي الڳ پئسو وڪيلن کي ڏيڻو پوي ٿو.

آمريڪا جي هن قسم جي اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ (جيڪي اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو پڙهن ٿا) ٽئڪسي هلائڻ جا اشتهار به جام هوندا آهن، جيئن ته “Master Cabbie Taxi Academy” جن جو چوڻ آهي ته نيو يارڪ ۾ ڊرائيوري سيکارڻ جي اها اڪيلي قابل اعتماد اڪيڊمي آهي، يا هڪ ٻيو اشتهار ان سلسلي جو نظر اچي ٿو: “AJ Yellow Taxi Tutors”

”ييلو ٽئڪسي جي امتحان پاس ڪرڻ ۾ اسين توهان جي مدد ڪريون ٿا. جيڪڏهن توهان انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڪچا آهيو ته به ڪو مسئلو ناهي.“

نيو يارڪ، نيو جرسي، واشنگٽن، بالٽيمور، هيوسٽن جهڙا شهر جتي پاڪستاني گهڻا آهن، توهان کي ڪيترائي انڊين ۽ پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور ملندا. هونءِ به هتي اهو چوندا آهن ته پورهئي  ۾ ٽئڪسي هلائڻ مزيدار Job آهي، جنهن ۾ توهان پنهنجي پاڻ جا باس آهيو، جيتري دير وڻي ڪم ڪريو، يعني ٽئڪسي هلايو. وڻانوَ ته ڏينهن جوهلايو، وڻانوَ ته رات جو هلايو، ٽئڪسي هلائيندي وڻانوَ ته ماٺ مٺوڙيءَ ۾ هلايو وڻانوَ  ته پئسينجر سان خبرون چارون ڪندا هلو ۽ هر دفعي نئين ڪهاڻي نئون مسافر! بهرحال نيو يارڪ، واشنگٽن ۽ بالٽيمور جهڙن آمريڪي شهرن ۾ پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور کوڙ آهن پوءِ ڪي پنهنجي خريد ڪيل ٽئڪسي هلائين ته ڪي روز يا هفتي جي مسواڙ تي ڪنهن مالڪ کان وٺي هلائين. هتي قانون جي سختي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هر هڪ وٽ موبائيل فون آهن، ڪيترين ٽئڪسين ۾ وائرليس سسٽم آهي، سو  ٽئڪسي ڊرائيور يڪدم پوليس سان Contact ۾ اچيو وڃي.

خيرپور جي هڪ همراهه جيڪو واشنگٽن،  ورجينا ۽ ميريلينڊ پاسي ييلو ڪئب هلائي ٿو ، کان جڏهن اهو پڇيم ته سندس ٽئڪسي ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو مسافر به چڙهيو، جنهن لهڻ وقت پئسا ڏيڻ کان ڦڏو ڪيو هجي؟

”منهنجي پنجن سالن جي ڊرائيوري جاب ۾ هڪ دفعي ائين ضرور ٿيو. ٻه همراهه واشنگٽن جي سمٿوسن جي سب وي وٽان ورجينا جي آرلنگٽن لاءِ چڙهيا. گهر وٽ پهچي مون کي چيائون ته 35 ڊالر ڀاڙو ٿيو آهي، پر اسين تو کي 20 ڊالر ڏينداسين، جيڪڏهن تو وڌيڪ لاءِ گهر ڪئي ته تو کان اهي 20 ڊالر به واپس وٺنداسين ۽ ڏاڍي مار ڏينداسين.“

”پوءِ ڇا ڪيئي؟“ مون چيومانس.

”هو ويهه ڊالر ڏيئي گهر اندر گهڙي ويا، مون ان بعد يڪدم پوليس کي فون ڪيو. پنج اٺ منٽن ۾ ٻه پوليس وارا پهچي ويا. مون کين ٻڌايو ته ٻه ڄڻا منهنجا پنڌرهن ڊالر کائي ويا آهن. هنن ٽئڪسيءَ مان لٿل مسافرن جو در کڙڪايو ۽ کين چيو ته توهان هن ٽئڪسي واري جا پئسا کاڌا آهن، توهان کي پنج منٽ ٿا ڏيون کيس 15 ڊالر آڻي ڏيو نه ته هٿ ڪڙيون ٿا هڻون. ايتري ۾ پوليس وارن جو سپروائيزر به اچي پهتو، جيڪو اضافي مدد لاءِ پوليسس وارن پويان ايندو آهي. ان اچڻ سان چيو ته ٽئڪسي ڊرائيور کي پنڌرهن ڊالر نه ملڻ کپن. هن کي ڪافي دير ترسڻو پيو آهي سو هن کي Waiting جا به پئسا ملڻ کپن. پوءِ مون کي 15 بدران 25 ڊالر ڏنا ويا.“

سو انمان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ٽئڪسي ڊرائيور کي اهو ڊپ ناهي، جيڪو اسان جهڙن ملڪن ۾ عام آهي ۽ ٻي ڳالهه ته آمريڪا جا رستا بهترين هجڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ مزو اچي ٿو.

هتي جي اخبارن  ۾ ٽريول ايجنٽن جا به ڪيترائي اشتهار اچن ٿا ڇو ته آمريڪا جي شهرن ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين وغيره موڪلن ۾ پنهنجي وطن، مائٽن دوستن  سان ملڻ وڃن ٿا، حج، زيارتن ۽ ڌرمي جاين تي وڃن ٿا، ڪيترا هتي جا مقامي گورا انڊيا (خاص ڪري) ۽ نيپال ۽ سري لنڪا ڏي وڃن ٿا. انهن کي سستيون ٽڪيٽون ۽ بهترين Service مهيا ڪرڻ لاءِ اسان جي ديسي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ٽريول ايجنسيون آهن.

فوٽو گرافي ۽ وڊيو فلمون ڀرڻ جي ڪمپنين جا به ڪيترا اشتهار هتي جي اخبارن ۾ نظر اچن ٿا، جيئن ته :

BANDHAN Photo & Video

USA Gamera man.

Humza Video & Photo INC

وغيره وغيره اهڙن اشتهارن سان گڏ اڪثر گهوٽ ڪنوار جي تصوير ڏني وڃي ٿي. هتي آمريڪا ۾ جيڪي اسان جي ملڪ جي ماڻهن جون فنڪشنون، برٿ ڊي کان شاديون مراديون ٿين ٿيون، انهن جون هو وڊيو فلمون ڪڍائي يادگار طور پاڻ وٽ ۽ لئه رکڻ لاءِ پنهنجن مائٽن ڏي وطن موڪلين ٿا. ان مان فوٽو گرافرن ۽ انهن جي ڪمپنين جي وڏي ڪمائي ٿئي ٿئي.

آمريڪا ۾ جوتشي، جوڳي ۽ جادوگر

جوتشين، جادوگرن، پيرن ۽ جنات جي عالمن جا اشتهار به خوب اچن ٿا ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ان قسم جي پيرن ۽ جادوگرن جو آمريڪا ۾ تعداد وڌندو ئي رهي ٿو ۽ اهڙن جا اشتهار نه فط آمريڪا مان نڪرندڙ  اڙدو، گجراتي ۽ انگريزي اخبارن ۾ اچن ٿا پر هتان هلندڙ Zee & Sony جهڙن ٽي وي چئنلن تان پڻ ڏيکاريا وڃن ٿا ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي Claim ڪندڙ عالم، پير، جادوگر ۽ سائين بابا هر قسم جي پريشاني دور ڪرڻ جي گئرنٽي ڏين ٿا. انهن اشتهارن سان گڏ  تلڪ لڳل ”پنڊتن“ يا وڏي ڏاڙهي وارن ”پير بابن“ جا فوٽا هوندا آهن. هتي جي ٽي وي تي هن قسم جي پير بابن، سائين بابن ۽ اجميري پيرن بابت اشتهار هلڻ مهل هڪ ٻه مرد يا عورتون Testimony طور ٻڌائيندي ڏيکاريندا ويندا آهن ته ”اسان کي هي يا هي مشڪل هو پوءِ اجميري بابا وٽ هليا وياسين ۽ هن اسان جي دل جي مراد پوري ڪري خوشين سان مالا مال ڪري ڇڏيو“ ڇا ته جهالت يا شرڪ جي حد آهي! سا به آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جتي تعليم ۽ ميڊيڪل سائنس عام آهي، پر افسوس جو جن ڀوت جو اثر غائب ڪرڻ لاءِ ڪچو ايمان رکندڙ ماڻهو هنن پيرن ۽ پنڊتن وٽ ٿا وڃن، پٽ نه ڄمڻ تي زالون هنن ڊگهين ڏاڙهين وارن ”ڪرامتي بابائن“ وٽ ٿا وڃن. بقول اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ جي، جيڪو نيو يارڪ جي هڪ يونيورسٽيءَ جو ڊين آهي، آمريڪا تمام وڏو ملڪ آهي، ان ۾ رهندڙ اسان جي ڪروڙ ها ايشيائي ماڻهن ۽ مڪاني انگريز گورن ۾ جيڪڏهن هڪ سيڪڙو ته ڇا ڏهائي هڪ سيڪڙو به مت جا موڙهيل ماڻهو آهن ته به انهن جو تعداد لکن ۾ ٿيو وڃي ۽ ههڙا پير پنڊت آمريڪا جهڙي امير ملڪ ۾ ڪڏهن به بک نه مرندا.

هڪ اڌ صفحي جو اشتهار اخبار ۾ ڏسي رهيو آهيان، جنهن ۾ مٿان ئي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي ته ڏهه هزار ڊالر (يعني ڇهه لک رپين) جو روڪڙو انعام!

اهو انعام ان شخص لاءِ آهي، جيڪو مشهور جوتشي ماسٽر امر جي ڪم کي ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريندو. هي جوتشي جيڪو نيو يارڪ شهر جي 198 Foot Hill Ave تي رهي ٿو، توهان جا هيٺيان مسئلا حل ڪري سگهي ٿو:

ٻار نه ٿيڻ، قرض، شاديءَ ۾ رڪاوٽ، مالي نقصان، هر هر نوڪريءَ مان تڙجڻ،  عشق ۽ محبت جا مسئلا، دشمن جي ڪيل جادوءَ لاءِ ڦيڻو، خوف ۽ مونجهه. وغيره.

”جيڪڏهن توهان جو مقدمو ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ۽ توهان ان جو فيصلو وقت کان اڳ معلوم ڪرڻ چاهيو ته به هن جوتشيءَ ماسٽر امر سان رجوع  ٿيو“ ان اشتهار ۾ ڏنل آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به ڊاڪٽر يا دوا مان فائدو نٿو ٿئي ته به هن جوتشيءَ سان رجوع ٿيو..... وغيره وغيره. هاڻ سائين ڏيو منهن! ڇا آمريڪا جيڪو چنڊ ستارن ڏي راڪيٽ پيو موڪلي، ڇا ٽوڻن، ڦيڻن ۽ ڌاڳا وٽي ڏيڻ وارن جوتشين جي عياشي! اڄ جي انٽرنيٽ جي دور ۾ ته سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن: کڏڙو ۽ ڳوٺ مولوي حضور بخش گشڪوري جا ماڻهو به هوشيار ٿي ويا آهن؟

جادوئي پيرن فقيرن ۽ ٻاون پنڊتن کان علاوه اسان جي ديسي هٿ ٺوڪين روحاني حڪيمن ۽ خانداني طبيبن جي اشتهارن سان به هتي جون اخبارون ڀريون پيون آهن. لڳي ٿو ته هاڻ مريض وڃي آمريڪا ۾ بچيا آهن جو اهي سڀ حڪيم طبيب پنهنجي اباڻي وطن جا شهر دهلي، لکنو، اجمير، ڪلڪتو، سکر، ملتان ۽ حيدرآباد ڇڏي هتان نيو يارڪ، نيو اورلينس، فلڊ لفيا، بوسٽن، لاس اينجلس، شڪاگو، ۽ انا پولس کان نڪتا آهن. يا ننڍي کنڊ کان هيڏانهن آمريڪا آيل سڀ ذهني ۽ جنسي بيمارين جا مريض هئا، جن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڏين مڇين وارو ڊاڪٽر رائو اچي نڪتو آهي، جيڪو پنهنجي اشتهار ۾ اها دعويٰ ڪري ٿو ته هن جي چاليهه نسلن کان حڪمت تي دسترس آهي. هن پنهنجي اشتهار ۾ اهو به لکيو آهي ته هن وٽ جنسي مسئلن جو شرطيه علاج آهي ۽ هن وٽ چاليهه هزار کان وڌيڪ جڙي ٻوٽين جا نسخا آهن.

هڪ ٻيو چوٿي صفحي کن جو اشتهار انصار الرحمان جو ايندو رهي ٿو، جيڪو پاڻ کي پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو روحاني معالج ٿو سڏائي، اشتهار ۾ ڏنل آهي ته سڀني بيمارين جي روحاني علاج لاءِ انصار الرحمان توهان وٽ نيو يارڪ، مشي گن ۽ ڪئليفورنيا ۾ اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ملاقات ڪرڻي اٿانوَ ته هينئر ئي سندس موبائيل فون 3053-231-713 ملايو ۽ ملاقات لاءِ اڳواٽ وقت وٺو.

اڄ ڪلهه هتي جي اخبارن ۾ سني حسين پنهور ۽ فرحان شفيق طرفان ”پيپلز پارٽي USA“ جو به اشتهار اچي رهيوآهي، جنهن ۾ مٿان ڪنڊن تي بينظير ۽ ڀٽو صاحب جو فوٽو آهي ۽ وچ تي گروپ فوٽو ۾ بينظير سان گڏ فرحان شفيق، سجاد جاکراڻي، اڪرام الله ڌاريجو، سني حسين ۽ عدنان شفيق ان سان گڏ پيپلس پارٽي آمريڪا جي عهديدارن جا نالا آهن.

ڊاڪٽر ايم حسن صدر

اڪرام الله ڌاريجو- سينئر نائب صدر

چوڌري اعجاز فرخ، سينئر نائب صدر

راشد غزنوي – نائب صدر

ڪي بي ڀٽو – صدر CA

نظير ڀرڳڙي- نائب صدر ڪئليفورنيا وغيره

سندن آفيس جي ائڊريس ڏنل آهي:

712 Lassen Drive, Corona, California 92879 USA.

فون نمبر 4870-279-951 ۽ فيڪس 9119-279-915

ويب سائيٽ آهي: www.pppusa.org  

اي آر واءِ ARY DIGITAL ۽ نيو جرسي جي پاڪستاني آمريڪن ائسوسيئيشن طرفان ”ڌوم مچا دو“ نالي نيو جرسي ۾ پاڪستاني ميلو ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه اخبارن ۾ ان جو به اشتهار اچي رهيو آهي ۽ اهڙا رنگين اشتهار پاڪستاني دڪانن، هوٽلن ويندي مسجدن ۾ به اچن ٿا. هن ميلي ۾ عمر شريف، ابرارالحق، رحيم شاهه، پريا، ريجا ۽ ابير به ايندي جن جون تصويرون پڻ ڏنل آهن. هن قسم جا ميلا، آمريڪا ۾ رهندڙ انڊين ڪميونٽي به لڳائيندي رهي ٿي ۽ هنن جي فلمي دنيا جا ائڪٽر پڻ اٽينڊ ڪن ٿا. هاڻ اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي پاڪستاني ميلو هڻڻ جو شوق ٿيو آهي. شل ان ئي ڏينهن تي هتي جي انڊيا جي رهاڪن جو ڪو فنڪشن، ميلو يا ڳائڻ جو پروگرام نه هجي نه ته اسان جا پاڪستاني سڀ اتي پهچي ويندا ۽ عمر شريف وارا پاڻ کي ئي ڏسندا رهندا.

آمريڪا مان نڪرندڙ ۽ مفت ورهايون ويندڙ اخبارن ۾ هڪ پاڪستان پوسٽ نالي پڻ هفتيوار اردو اخبار آهي. 15 صفحن جي هيءَ اخبار ۽ ان سان گڏ 36 صفحن جي مئگزين ڪئناڊا جي ٽورنٽو ۽ مانٽريل ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن مان هڪ ئي وقت نڪري ٿي سندس انتظاميا آفيس نيو يارڪ جي علائقي جمائڪا ۽ بروڪلن ۾ آهي، خط وڪتابت  لاءِ اي ميل ائڊريس  ۽ ويب سائيٽ www.pakistanpost.net آهي. هن اخبار جو  چيف ايڊيٽر محمد آفاق خيالي، ايڊيٽر ايم آر فروخ ۽ سٽي ايڊيٽر سائره امين آهي.

پاڪستان پوسٽ جي ادارتي صفحي جا ڪجهه مستقل ڪالم نويس آهن: لاهور جو نذير ناجي(سويري سويري)، واشنگن جو منظور اعجاز (نئِ زاويي)، اسلام آباد جو جاويد چوڌري، ميساچوسٽس جو انوار سيد، خليل احمد نيني تال، نيو جرسي جو احمد وقاص ۽ رياض صاحب وغيره ان کان علاوه ٻيا ڪجهه ليکڪ جن جا ڪالم هن اخبار ۾ اچن ٿا. اهي آهن ڊاڪٽر ظفر اقبال نوري (سوئي منزل)،اوٽاوا ڪئناڊا جي عبدالحميد باشاني خان جو ڪالم ”بي بسي“ فلڊلفيا جي مولوي ڊاڪٽر سخاوت حسين سندرالوي (حڪم ازان) وغيره.

اڙدو جي هڪ ٻي اخبار ”پاڪستان ايڪسپريس“ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن مان هڪ ئي وقت خميس جي ڏينهن نڪري ٿي، سندس قيمت جيتوڻيڪ هڪ ڊالر لکيل آهي، پر جتي ڪٿي مفت ڏني وڃي ٿي. اخبار جي مرڪزي آفيس نيو يارڪ ۾ آهي. 35, 73rd street, Jackson heights, NY 11372, USA فون نمبر : 2418-505-718 ۽ فئڪس نمبر 2613- 335-718 هن اخبار جو چيف ايڊيٽر ظفر قريشي آهي ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر شاهد ڪمال خان آهي. اخبار جي اي ميل ائڊريس آهي .  هن اخبار جا مستقل ڪالم نويس ڪجهه هي آهن: تابش خانزادو (زندگي اي زندگي)، ڊاڪٽر اعجاز راهي (ويو پوائنٽ)، نير زيدي (اندرون خانه)، مجيب خان (گردش عالم)، محمد سليمان کوکر (سياستين ڪيا ڪيا)، زاهده حنا (لو ڪرلو بات)، نگهت پروين (معذرت ڪي ساٿ)، ناصر خان ناصر (آئينه ذرا ديک).

صدائي پاڪستان پڻ هفتيوار اڙدو اخبار آهي، جيڪا هڪ ئي وقت اسلام آباد، نيو يارڪ، واشنگٽن، شڪاگو، ميامي ۽ هيوسٽن مان نڪري ٿي. آمريڪا ۾ سندس قيمت ٽي ڊالر (يعني 180 رپيا) آهي پر مفت ۾ ئي ورهائي وڃي ٿي. اخبار جا مالڪ اخبار جو خرچ اشتهارن مان ڪڍي وٺندا هوندا. هن اخبار کي اشتهار به جام  آهن ته ڪالم لکڻ وارا به جام آهن. آمريڪا ۾ سندس انتظاميا آفيس نيو يارڪ ۾ آهي.

P.O Box 300 – 749 Brooklyn, NY 11230 USA.  سندس اي ميل ائڊريس آهي ۽ ويب سائيٽ اٿس:

 www.sadaepakistan.net

صدائي پاڪستان اخبار جو پبلشر احسان چغتائي آهي. ايڊيٽر فرحت آفريدي. اخبار جا ڪجهه ڪالم نويس هن ريت آهن: نيو يارڪ جو اخلاق احمد خان، راجه انور (بازگشت)، هيومن رائيٽس ايڪٽويسٽ طارق صديقي، حماد خان (تحرير و انتخاب)، شاهه عالم صديقي (باتين شاهه جي ڪي)، شفيق لغاري (اظهار خيال)، ڪلديپ نير (ڀارت سي)، فاروق قيصر (سرگم ڪالم) نيو يارڪ جو واحد ڀٽي (ضرب واحدي) وغيره وغيره.

نيو يارڪ مان هڪ ٻي ننڍڙي ٻارهن صفحن جي هفتيوار اخبار ”آزاد“ نالي نڪري ٿي، جيڪا نيو يارڪ رياست جي شهرن کان علاوه نيو جرسي، ڊيلا ويئر، پينن سلوانيا ۽ ڪنيڪٽي ڪٽ رياستن جي شهرن ۾ عام نظر اچي ٿي. اخبار جو چيف ايڊيٽر سعود علي صديقي ۽ ايڊيٽر ولي رضوي آهي. اخبار جي اي ميل ائڊريس azadnewspaper@aol. ۽ هن ويب سائيٽ تي پڙهي سگجي ٿي: www.azadnewspaper.com اخبار ۾ ايترا اشتهار نه آهن. شايد ان ڪري هيءَ ٻين اخبارن جي مقابلي ۾ گهٽ صفحن واري آهي. ڪالم لکڻ وارن ۾ عامر هاشم خاڪواني، محمد جميل، لطافت مفتي، عباس حيدر ڪاظمي آهن.

آمريڪا مان نڪرندڙ ويهن صفحن جي هڪ ٻي هفتيوار اردو اخبار ”پاڪستان نيوز“ آهي، جنهن جي اي ميل ائڊريس آهي: ۽ ويب سائيٽ zshopnet.com آهي. هن اخبار جا مشهور ڪالم نويس هن ريت آهن: جاويد چوڌري، شڪاگو جو افتخار نسيم محمد حسين، واشنگٽن جو سيد ( هيوسٽن نامه)، نيويارڪ جا سيد افضال محسن، سردار محمد نصرالله، اسرار احمد ڪسانا، مجيب لوڌي ۽ جهانگير خٽڪ. نيو جرسي جو سليم صديقي، وغيره. اخبار جو صدر ۽ پبلشر مجيب ايس لوڌي آهي ۽ ايڊيٽر خرم لوڌي.

آمريڪا جي هڪ ٻي هفتيوار اردو اخبار ”نيو يارڪ عوام“ آهي، جيڪا نيو يارڪ کان علاوه نيو جرسي، شڪاگو ۽ واشنگٽن مان نڪري ٿي. سندس پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر ايڇ منهاس آهي ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ايم شفيق آهي. سندس انتظامي آفيس نيو يارڪ ۾ آهي. 337- Broadway, suite # OSC, 3rd flr, Newyork, NY 10013 فون نمبر 212-219-1331 ۽ فئڪس نمبر 1335-219-212 آهي ۽ اي ميل ائڊريس آهي سندس مستقل لکڻ وارا آهن: واشنگٽن ڊي سي وارو الطاف پيرزادو (واشنگٽن ڪي فضائون سي)، بوسٽن جو عتيق صديقي (اظهار خيال)، نيو يارڪ جو جاويد عنايت (نيويارڪ سي)، سلمان ظفر (يه هي صورتحال)، ڊاڪٽر شفيق (آج ڪي بات)، محمد ارشاد خان ۽ واصف حسين واصف وغيره

هڪ ٻي هفتيوار اردو اخبار جيڪا احمدي جماعت وارا ڪڍن ٿا، ”الفضل“ آهي، جنهن جو ايڊيٽر نصير احمد قمر آهي. هيءَ اخبار لنڊن مان شايع ڪري UK ۽ ڪئناڊا ۽ USA جي شهرن ۾ ورهائي وڃي ٿي ۽ ائڊريس آهي: 16 Gressenhall Rd, London sw185QL, UK فون نمبر 7603-8544-020 ۽ فيڪس آهي: 7611-8544-020

”الفضل“ اخبار جي اي ميل ائڊريس آهي: هن اخبار سان گڏ چئن صفحن جي ”اخبار احمديه“ به مفت ورهائي وڃي ٿي، جيڪا جرمني مان نڪري ٿي ۽ جماعت احمديه جرمني جو ترجمان سڏجي ٿي. اخبار جو ايڊيٽر نعيم احمد نير آهي. ائڊريس هن ريت آهي:

National Shoba Tasneef, Almadiyya Muslim Jamaat, Genfer Strll, 60437 frankfurt- Germany.  اِي ميل ائڊريس   هنن اخبارن ۾ اشتهار نه برابر آهن، گهڻيون ڳالهيون احمدي جماعت سان واسطو رکندڙ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: