سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :6

 

حميد انور جي ڪهاڻي ۽ ڪچهري

سٺا هئائو ته  هينئر به سٺا رهو....

حميد انور مون سان ملڻ جو پروگرام اڱاري ڏينهن رکيو هو. هن مون کي فون تي ٻڌايو ته هن سان آمريڪا ۾ زبردست ٽرئجڊي ٿي پئي. سڄي زندگي جي جيڪا بچت هئي سا هن ٻن هنڌن تي Invest ڪئي پر سمورو پئسو لڙهي ويو. ”ان ڪري هاڻ آئون نوڪري  ڪريان پيو. هونڊا ڪارن جو شو روم آهي اتي Sales consultant آهيان. يعني سيلز مئن سمجهه- هتي مڙيئي سيلز ڪنسلٽنٽ سڏين جيئن پاڻ واري حجام کي هتي Hair Dresser يا Hair Designer سڏين. سو بهرحال هاڻ آئون هن عمر ۾ نوڪري ڪريان ٿو ۽ مون کي هفتي ۾ آچر ۽ اڱارو موڪل ٿئي.“

حميد انور جي اها ڳالهه ٻڌي آئون ڪي ڏينهن ڏاڍو ڏکويل رهيس ته هڪ نيڪ انسان ۽ قابل انجنيئر جنهن زندگيءَ جو وڏو حصو ابو ڌابيءَ ۾ گذاريو ۽ بيحد اعليٰ عهدي تي رهيو ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ٽوئر لاءِ ٿي ويو ته ڪڏهن ڪهڙي ۾. ابو ڌابيءَ ۾ هي واحد پاڪستاني آفيسر هو، جنهن کي زمين تي سفر ڪرڻ لاءِ شوفر ڊرون ڪار هئي ۽ هوائي جهاز ۾ هميشه بزنيس ڪلاس هليو ٿي. اڄ هو چوهٺ سالن جي ڄمار ۾ هتي جي سخت سيءَ ۽ برفاني موسم ۾ صبح جو اٺين کان شام جو ڇهين تائين ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. ڏينهن ٻن بعد واشنگٽن ۾ پنهنجي هڪ  ٻئي ڪلاس ميٽ، قاضي احمد جي سميع جادران سان ڳالهه ڪيم ته مون حميد انور کان هن ريت ٻڌو آهي، ٿي سگهي ٿو مون غلط ٻڌو يا سمجهيو.

”نه يار صحيح ئي هوندو It is no surprise for me. ڇو جو هنن ولائتن ۾  توڙي پنهنجي ملڪ ۾ وڏا وڏا ڪاٽڪو ۽ بشني ويٺا آهن ۽ توکي ته خبر آهي ته حميد انور ننڍي هوندي کان ڪيڏو سادو، ٻئي جي ڏک کي پنهنجو سمجهڻ وارو ۽ ٻين جي ڳالهين ته وسهجي وڃڻ وارو آهي. هن سان ضرور دوکو ٿيو هوندو.“ سميع تجزيو ڪري راءِ ڏني.

”هن مون کي اهو به ٻڌايو،“ مون پنهنجي ڪلاس ميٽ سميع کي چيو، (ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسان ٻئي حميد انور کان هڪ سال جونيئر هئاسين.)، ”ته منهنجي پٽ مون کي گهڻو ئي سمجهايو ته بابا تون هلي ڪراچي يا ڳوٺ نصرپور زمينن تي رهه. ٿوري گهڻي زمين ۽ باغ آهي ۽ هزار کن ڊالر آئون پيو موڪليندو سانءِ پر مون کي اها ڳالهه نه وڻي. آئون پاڻ ئي پورهيو ڪري ڪمائڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي ڪمائيءَ مان زال ۽ باقي ٻن ننڍن ٻارن جو خرچ پکو هلائڻ چاهيان ٿو.“

اسان حميد انور سان روبرو ملڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. سميع به حميد انور سان مون وانگر آخري دفعو 1962ع ۾ مليو هو. ”هتي واشنگٽن ۽ ورجينا ۾ منهنجي نظر ۾ اليڪٽرڪ فرمس جو جاب آهي، جيڪو هو آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. ملنئي ته مون پاران نياپو ڪجانس ته هيڏانهن مون ڏي هليو اچي.“ سميع مون کي چيو.

۽ هاڻ پروگرام موجب اڄ حميد انور سان 45 سالن بعد ملاقات ٿي. مون وٽ اچڻ لاءِ هو پنهجي گهران يارهين بجي نڪتو. رستي تان فون ڪيائين ته هو پنڌرهن منٽ کن گروسري شاپ مان ڪم لاهي پوءِ مون وٽ ٻارهين اندر پهچي ويندو.“ پوءِ ڪنهن هوٽل ۾ هلي ٿا ماني کائون ۽ ڪچهري ڪريون.“

”حميد انور ڳالهه ٻڌ مانيءَ جي تڪليف کي ڇڏ. تون به هينئر نيرن ڪري نڪتو آهين، مون به هاڻ ڪئي آهي. هن عمر ۾ پرتڪلف ماني کائن پاڻ کي بيمار ڪرڻو آهي.  ان ڪري ڪافي يا چانهه پيئنداسين.“ مون چيو مانس.

”يارڪمال ٿو ڪرين 45 سالن کان پوءِ مليا آهيون. پوءِ به فقط ڪافي يا چانهه پيئون؟“

”جي ها! سا به بنا شگر ۽ مِلڪ جي! شگر ليول بارڊر تي آهي. کير ڪولوسٽرل ليول ٿو وڌائي.“ مون Reasoning ڪئي مانس.

هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”بارڊر ليول تي! بس نه؟ هتي آئون ڪڏهوڪو ڊائيبيٽڪ آهيان ۽ بلڊ پريشر پڻ اٿم. بهرحال ماني کائبي. اهو منهنجو آرڊر آهي. آئون  تنهنجو سينئر آهيان ۽ تون جونيئر آهين. تنهنجو ڪم فقط Yes, Boss! چوڻ آهي.“

حميد انور ٻارهين بدران هڪ بجي پهتو. آئون کيس دير سان پهچڻ جو ڏوراپو ڏيان تنهن کان اڳ پاڻ ئي چيائين: ”يار پاڻ کڻي يورپ ۾ رهون يا آمريڪا  ۾،  رهنداسين اهي ئي ٽنڊي باگي جا ڄٽ. بلڪ هاڻ ته اهي ڳوٺاڻا به وقت جا پابند ٿي ويا آهن.“ ۽ پوءِ ڀاڪر پائي ملي آهستي چيائين ”يار رستو ئي سمجهه ۾ نه پئي آيو. خبر ناهي ڪٿان ڪٿان رلي رلي تو تائين پهتو آهيان.“

دراصل رستي جي ڳولا ۾ اسان کي هوٽل تائين ويندي ۽ وري   واپسي ۾ به، ساڳي پريشاني ٿي ۽ اسان جو پيٽارو جو پهريون JUO (هائوس جوليڊر) حميد انور هر وقت غلط رستا اختيارڪري، ڪار جو پيٽرول ساڙڻ کان علاوه رستن جو بار بار ٽال ٽئڪس ڀريندو رهيو. رستن جي ان مونجهاري جو احوال الڳ لکي رهيو آهيان.

سالن کان پوءِ ملياسين ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙي ڪهڙي خبر ڪجي ۽ ڪنهن ڪنهن ساٿيءَ جو هڪ  ٻئي کان پڇجي. اسان جا ساٿي گذريل اڌ صديءَ ۾ ڇا ڪندا رهيا. انهن مان ڪن کان آئون واقف هوس ته ڪن کان حميد انور هو. پراڻي ڪاليج جون ڳالهيون ۽ چرچا ياد ڪري کلندا رهياسين.

”خبر اٿئي ڪاليج ڇڏڻ بعد“ حميد انور هڪ قصو ياد ڪري پهرين کليو ۽ پوءِ ٻڌائڻ شروع ڪيو، “ هڪ دفعو آئون، انور ميمڻ ڪٽ نمبر 48 جيڪو پڻ مون سان گڏ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ هو ۽ علي رضا ميمڻ ڪٽ نمبر 56، پيٽارو ڏي، علي رضا ميمڻ جي ڀاءُ سڪندر سان ملڻ وياسين. اهو وقت پريپ (ڪمري ۾ ويهي هوم ورڪ ڪرڻ) جو هو. اسان سڪندر کي ڪمري مان ٻاهر سڏي خبر چار پئي ڏني ورتي ته مٿان ڪرنل ڪومبس (ڪاليج جو انگريز پرنسپال) انسپيڪشن تي اچي لنگهيو. اسان ٽنهي کي ڏاڍي دٻ ڪڍيائين ته You have broken college law يعني پريپ جي وقت ملڻ آيا آهيو. اسان چيس سر اسان کي ان جي خبر نه هئي. پوءِ اسان کي ليڪچر ڏنائين ته Ignorance of law is no excuse ۽ اسان جي جونيئرن اڳيان اسان کي چيائين ته Get out of my college. اسان ڦلهڙو منهن ڪري ٻاهر نڪتاسين ۽ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. ريلوي ڦاٽڪ تائين سڀ چپ هئاسين پوءِ نيٺ چيوسين ته انگريز جي پٽ اسان کي جونيئرن اڳيان ڏاڍو ذليل ڪيو. مون چيو مان ته کيس منهنجو به خيال نه ٿيو ته هن ڪاليج جو آئون ٽن سالن لاءِ JUO هوس. انور هيڪاندو باهه ٿيو پيو هو. علي رضا کي چيائين ته گاڏي موٽاءِ ته هلي ڪرنل ڪومبس کي چئون ته تو اسان جي خالي پيلي بي عزتي ڪئي آهي.

”سائين گاڏي موڙي واپس آياسين ته ڪرنل ڪومبس آفيس مان نڪري چڪو هو. اسان سندس گهر پهتاسين ته ان وقت هو گهر ۾ گهڙي رهيو هو. پگهر ۾ سڄو شل هو. انور ميمڻ جو ته توائيءَ ۾ مٿو وڃي گهر اڳيان لڙڪيل جهاز واري گهنڊ سان لڳو. آواز تي ڪرنل ڪومبس مڙي اسان کي ڏٺو ۽ کيڪاري اندر وٺي آيو. بورچيءَ کي چانهه ۽ بسڪيٽ ڪيڪ آڻڻ لاءِ چيائين. اسان چيس ته سائين توهان اسان کي دڙڪا ڏيئي بي عزتي ڪئي.

چانهه جا ڪوپ ۽ بسڪيٽن جي پليٽ اسان ڏي سيريندي چيو.

The purpose was not to insult you but to educate you

اسان چيس پر توهان کي ته خبر آهي ته

We are good boys

سگريٽ دکائي چيائين.

You were good but this doesn’t mean to break the laws. If you were good you should remain good.

انور ميمڻ هڪ ئي وقت تي ٻه ٻه بسڪيٽ ڳڙڪائيندي سنڌيءَ ۾ مون کي آهستي چيو: هاڻ گهڻو ئي ٿيو ڪجهه بسڪيٽ کاءُ ۽ ڪجهه کڻ ته واٽ ڇڪيون.

ڪرنل ڪومبس کي خبر ناهي شڪ پيو يا پاڻهي خيال آيو جو پاڻ ئي پڇيائين ته ماني کاڌي اٿانوَ؟ اسان هائوڪار ڪئي پر اسان کي شايد ٻٽا ٻٽا بسڪيٽ کائيندو ڏسي ڪو احساس ٿيس جو بورچيءَ کي چيائين ته قاضي عابد صاحب وٽان جيڪو ڪيڪ آيو آهي ان جو اڌ مون لاءِ رک ۽ اڌ جون سلائيس ڪري هنن کي ڏي ته رستي تي کائيندا وڃن.“

 

ييس سر، نو سر، وڌ ۾ وڌ پارڊن سر!

”حميد انور! تون ٽنڊو باگو جو آهين يا ميرپور خاص جو؟“

اسان جي ڪار هاءِ وي (NJTP) تي چڙهي ته مون حميد انور کان پڇيو.

”اسين دراصل ايسٽ پنجاب جا آهيون. سنڌ ۾ اسان، پاڪستان ٿيڻ کان گهڻو اڳ 1935ع ۾ آياسين. 1957ع ۾ جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيس ته منهنجو پيءُ ٽنڊو باگو جو صوبيدار (SHO) هو. اسان جو پيءُ ڪوٽڏيجي جو ڊي ايس پي ٿي رٽائرڊ ٿيو. ڳوٺن ۾ رهڻ ڪري اسين سنڌي ڳالهائيندا هئاسين ۽ اسڪول ۾ به آئون سنڌي پڙهيس. ٽنڊي باگي ۾ اسان جي اسڪول جو نالو مير جان محمد اسڪول هو. منهنجي پيءُ (چوڌري برڪت عليءَ) جو هڪ دوست هوندو هو نسيم حجازي. جڏهن به هو ڪو ناول لکندو هو ته بابا ڏي موڪليندو هو ۽ ٻيو ڪو پڙهي يا نه پر آئون ضررو پڙهندوهوس. اهي ناول پڙهي آئون فوج ۾ وڃڻ جا ۽ سپاهي ٿيڻ جا خواب ڏسندو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جو اشتهار آيو. مون بابا کي چيو ته مون کي اوڏانهن موڪليو. بابا اشتهار پڙهي چيو پٽ تنهنجي پيءُ کي تنهنجا ٻيا چار ڀائر به پڙهائڻا آهن، تنهنجي پي جو پگهار فقط ٽي سئو رپيا آهي، تنهن مان ڏيڍ سئو رپيا تنهنجي في ڏيان ته باقي بچندو ڇا.

بهرحال منهنجي ضد ڪرڻ تي بابا مون کي داخلا جي امتحان لاءِ ڇڏيو. اسين ڳوٺن ۾ رهندا هئاسين. انگريزي سا سٺي نه هئي پر مئٿس ۽ جنرل ناليج تمام سٺي هئيسين. مون رٽن ٽيسٽ ۾ ايتريون ته سٺيون مارڪون کنيون جو انٽرويو ۾ نظاماڻي صاحب مون کي سئو رپيا اسڪالر ملڻ جي خوشخبري  ٻڌائي. ظاهر آهي منهنجو پيءُ به ڏاڍو خوش ٿيو. (شريف نظاماڻي جو والد صاحب الاهي بخش نظاماڻي) آخر سائين ڪاليج وڃڻ جو ڏينهن اچي ويو. مون ان ڏينهن لاءِ خاص گهڻن ورن واري سٿڻ ٺهرائي هئي، جنهن جو انهن ڏينهن ۾ فيشن هو ۽ هڪ  ڊگهي سائي رنگ جي قميص جنهن ۾ چانديءَ جا ڦندڻن وارا ٻيڙا ۽ گيتلو جوتو پائي ڪاليج پهتس. ڪيترا ٻار ڪراچي، لاهور، سکر ۽ ٻين شهرن جا هئا، جيڪي مون تان ڪي ڏينهن کلندا رهيا. اسان کي ڪاليج ۾ اچڻ کان اڳ خط لکيو ويو هو ته جيسين ڪاليج طرفان يونيفارم ملي اسان گهران پينٽ، ٽاءِ ۽ جوراب کڻي اچون. مون ڪڏهن پينٽ نه پاتي هئي. منهنجو وڏو ڀاءُ حفيظ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ پڙهيو ٿي، ان جي هڪ پينٽ کڻي نڪتو هوس، جيڪا ٻئي ڏينهن پائي ڪلاس ۾ آيس. عجيب مسخرو لڳي رهيو هوس. منهنجي ڀاءَ جي پينٽ قد ۾ ته مون کي صحيح هئي پر چيلهه تي ويڪري هئي. بيلٽ ڪو نه هيم، سو اڳٺ سان ٻڌي مٿان پوليس واري واري جرسي پائي ڪلاس ۾ پهتس ته سڀ مون کي گهوري ڏسڻ لڳا. آخر پنهنجي انگريزي ٽيچر مسٽر عبدالله خادم حسين(بعد ۾ ايڊيوڪيشن جو فيڊرل سيڪريٽري به ٿيو) مون کي ڪلاس اڳيان سڏائي پڇيو ته واٽ از دس. مون کي انگريزيءَ ۾ جواب اچي نه. سو چپ ئي رهيس، آخر پاڻ منهنجي جرسي مٿي ڪئي ته منهنجي پتلون اڳٺ سان وٽي سٽي پئي هئي. سڀ تهڪ ڏيئي کلڻ لڳا خاص ڪري ڪراچي جو شمس بلوچ ۽ ميرپور خاص جو چاچو رفيق. مون کي خادم صاحب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته منهنجي ڪلاس اڳيان بي عزتي ڪئي اٿس.

ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ کان اڳ اسان کي خط ذريعي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪاليج ۾ فقط انگريزي ڳالهائبي. آئون ڪافي پريشان رهيس ته مون لاءِ الائي ڇا ٿيندو. پر ڪاليج ۾ وڃڻ جي خوشي به ڏاڍي هيم. انهن ڏينهن ۾ آئون اڙدو جو هڪڙو گانو ڳائيندو هوس. ”اي ميري زندگي تجهي ڊهونڊون ڪهان. اهو گانو مون کي ڏاڍو وڻندو هو ۽ هر وقت ڳائيندو رهندو هوس. آئون پنهنجي ئي منهن دل ئي دل ۾ سوچيندو رهندو هوس ته ڪئڊٽ ڪاليج ۾ الائي ڇا ٿيندو اتي گانا به انگريزي ڳائڻا پوندا. پر پوءِ وري چوندو هوس ته آئون ته اتي به اهو ئي گانو ڳائيندس انگريزي ۾ ترجمو ڪري. ۽ پوءِ گاني جو ترجمو ڪيم. O, My Life! Where can I find you  ۽ ڳائڻ لڳس.

”ياد اٿئي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پاڻ کي ٻن قسمن جون چادرون ملنديون هيون هڪڙيون اڇيون جن کي بيڊ شيٽ يا بيڊ اسپريڊ سڏيندا هئا ۽ ٻي رنگين....... ان کي ڇا سڏيندا هئاسين؟“

”ڪائونٽرپين.“

”ها. ڏس ته سهي اسان کي ته اڃا به انهن ڳالهين جي خبر نٿي پوي ۽ سوچ ته سهي انهن ڏينهن ۾ آئون ٽنڊي باگي کان آيو هوس. مون ان کان اڳ حيدرآباد يا ميرپور خاص جهڙا شهر به نه ڏٺا هئا. سو پهرين ڏينهن ئي اسٽورڪيپر ڪليم صاحب آيو ۽ اچي پڇيائين Did you get counterpane? هل ته منهنجا سائين! مون کي ڪائونٽر پين جهڙن لفظن جي ڪهڙي خبر؟ مون کي رڳو گيٽ لفظ سمجهه ۾ آيو ۽ ان جي معنيٰ اسان جي دماغ ۾ ”دروازو“ هو. مون سمجهيو ته هو پڇي ٿو ته دروازو صحيح ڪم ٿو ڪري. مون وراڻيومانس Yes sir ۽ پوءِ ڪٻٽ جو دروازو کولي ڪاليج  طرفان مليل ٽئال ۽ چادرون ڏسي مون کي ٿو چوي ويري گڊ!  ويري گڊ!

”سو مهينو کن ته رڳو Yes Sir ۽ No Sir تائين ڪم پئي هلايم. وڌ ۾ وڌ Pardon Sir پوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي convent اسڪولن کان آيل لاهه ڪلاس ميٽن ۽ ڊاڪٽر رضا شيخ، ڪموڊور زين العابدين شاهه، ڪئپٽن سعيد ڀَلي ۽ ميرپور خاص جي خالد لطيف جهڙن کي انگريزي ڳالهائيندو ٻڌي ٻڌي اسان به ڊرامي باز ٿي پياسين. مئٿس ۽ جنرل ناليج ۾ ته شروع کان هوشيار هوس. مسٽر امين مئٿس ٽيچر جاميٽري جي پيرڊ ۾ ٿيرم سمجهائي پڇندو هو ته اچي ويو سمجهه ۾ ته سڀ کان اڳ ۽ ڪڏهن ته فقط آئون هٿ مٿي کڻندو هوس. پڙهائيءَ ۾ سٺوهجڻ ڪري سڀ دوست ٿي ويا سواءِ منهنجي ڀرواري روم ۾ رهندڙ شمس بلوچ جي.“

”اڄ ڪلهه شمس بلوچ ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو مانس.

”هتي آمريڪا ۾ ئي آهي. مون وانگر هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهي پر ننڍپڻ واري داداگيري اڃا نه وئي اٿس. پر هاڻ اسڪول جي ڏينهن واراجهيڙا نٿو ڪري. ٽيچر وڃڻ کان پوءِ مون کي چوندو هو ته اڙي لمبو تم اتني هوشيار ڪيون هو؟ هاڻ سائين ڏيو منهن! هڪ ڏينهن نيرن تي ميس جي ڪئٽرر کي گار ڏئي ٿو چوي هينئن بيضو فراءِ ڪبو آهي. هن وڃي ڪرنل ڪومبس کي دانهن ڏني ۽ ٻنهي مون کي شاهد ڪيو جو ڀر ۾ آئون ويٺو هوس. شمس مون کي چيو ته جيڪڏهن تو مڃيو آهي ته مون گار ڏني آهي ته لمبو تنهنجو خير ناهي. هوڏانهن منهنجو ضمير ملامت ڪري. آخر فيصلي مهل ڪرنل ڪومبس پڇيو ته مون چيومانس ته مون چڱي طرح نه ٻڌو. ڪرنل ڪومبس سمجهي ويو پوءِ شمس کي چوڻ بدران سندس پيءُ کي گهرائي ٻڌايائينس ته پٽهين کي سمجهاءِنه ته ڪاليج مان ڪڍندو سانس.“

”سندس ننڍو ڀاءُ بشير بلوچ جيڪو اسان جو ڪلاس ميٽ هو اهو به باڪسر سٺو هو پر داداگير نه هو. سندس والد صاحب ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. ايندو هو ته پاڻ سڀني سان قرب سان ملندو هو.“ مون چيو مانس

”ها بلڪل صحيح ٿو چوين. سٺن شاگردن لاءِ ڪرنل ڪومبس کي تحفا به ڏئي ويندو هو. خاص ڪري ڪتاب. پر شمس وڏو مٿي جو سور هو. مون کي هر وقت چوندو هو تنهنجو نڪ ايڏو ڊگهو ڇو آهي؟ ۽ پوءِ ٻين کي چوندو هو ته چانهه پيئندي حميد انور جو نڪ چانهه جي ڪوپ ۾ هليو وڃي.....“

 

فوٽوءَ ۾ منهنجو پيٽ نه اچي.

اسان ڳالهين ۾ هر هر رستو ڀلبا رهياسين ۽ هر وقت غلط رستي تي چڙهي غلط Exit مان ٿي نڪتاسين. هر وقت حميد انور پنهنجي ان غلطيءَ جو ڏوهاري آمريڪا جي هاءِ وي ڊپارٽمينٽ کي ٿي ٺاهيو.

”ڀيڻسان ڪڃر رستي تيSign Board  به نٿا هڻن ته ڪهڙو رستو آهي ۽ ڪيڏانهن پيو وڃي.“ هن هر دفعي رستو ڀلجڻ تي چيو ٿي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته جيترا سٺا رستا، انهن جا نقشا ۽ انهن تي لکيل نالا ۽ صحيح ڏنل اشارا آمريڪا ۾ آهن اوترا دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهن. هاڻ مڙيئي جپان ۽ ملائيشيا ٻئي نمبر تي اچي رهيا آهن. حميد انور کي، ڪيترا دفعا ڀر وارن ڪارين جي ڊرائيورن ۽ پيٽرول پمپن تان رستو پڇڻو پيو. هڪ دفعو ته نئين ڄاول ٻارن جي تحفن واري دڪان اڳيان گاڏي بيهاري رستو پڇڻ لاءِ اندر وڃڻو پيو. دير ڪيائين ته گاڏيءَ مان لهي آئون به اندر ويس ته ڏسان ته دڪان  ۾ رکيل شيون پيو ڏسي. اڄ شام جو سندس پوٽي(وڏي پٽ محمد يوسف جي پٽ مصطفيٰ) جو برٿ ڊي هو. شايد ان جو خيال اچي ويس.

”الطاف جنگل ۾ ڇا ته زبردست دڪان آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ ڪائونٽر تي ويٺل مالڪڻ کان رستو پڇي کيس چيو: ”مائي دڪان ته واهه جو کوليو اٿئي.“

”پوءِ ڪجهه خريد ڪر نه؟“ هن چيو.

”هڪ ڏينهن آرام سان ضرور ايندس. هينئر جلدي ۾ آهيان. هي منهنجي ننڍپڻ جو دوست 45 سالن کان پوءِ مليو اٿم. هن کي لنچ ڪرائڻي اٿم. ٽي ته هتي ئي ٿي ويا آهن.“

بهرحال اسان پڇائيندا پڇائيندا Oak Tree روڊ تان اچي نڪتاسين، جتي پاڪستانين (خاص ڪري پنجابين ۽ ڪجهه ڪراچيءَ جي ميمڻن) ۽ انڊين (خاص ڪري گجرات جي پٽيلن ۽ سنڌي هندن) جا سوين دڪان آهن. سيڌي جا، ڪپڙي جا، حجامڪا ۽  بيوٽي پارلر، وڊيو ڪئسٽن  ٽيليفونن جا، زيورن جا، درزين جا، نيل پالش ڪرڻ ۽ نڪ ٽوپڻ وارن جا، اسٽيٽ ايجنٽن، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا ۽ ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون آهن. اسان هڪ شاليمار نالي ريسٽورنٽ ۾ گهڙياسين. منهن وٽ ئي قطار ۾ مختلف ڀاڄين ۽ گوشتن جا ڏهه ٻارهن ڊش هئا، جن جي پويان چار کن سائي وڳي ۾ عورتون گراهڪن کي سندن پسند جون شيون کڻي وڃڻ لاءِ پئڪ ڪري ڏئي رهيون هيون يا هوٽل ۾ ويهي کائڻ لاءِ پليٽن ۾ وجهي ڏيئي رهيون هيون. هر ڀاڄي، گوشت، ڀت، برياني وغيره جي تصوير ۽ ان جو اگهه مٿي فريم ۾  ڏنل هو.

پالڪ گوشت جي پليٽ ڇهه ڊالر يعني پاڪستاني ساڍا ٽي سئو رپيا، اهو هتي جي حساب سان سستو اگهه ٿيو جو ٻين ٺاهه جوڙ وارين هوٽلن ۾ جتي بئرا يا ڇوڪريون Serve ٿيون ڪن ۽ وڏن شهرن جي مرڪزي علائقن ۾ آهن، اتي ان ساڳي ڊش جي قيمت ٻيڻ کان به مٿي آهي. اهڙي طرح چپلي ڪواب ڇهه ڊالر، بهاري ڪواب ڇهه ڊالر، مٽن برياني ڇهه  ڊالر، ڪوفتا ڪَري ڇهه ڊالر، چڪن جلفريزي ڇهه ڊالر، فش فراءِ ڏهه ڊالر، هتي مڇي سڀ ۾ مهانگي آهي، چڪن سستي آهي، هليم ڇهه ڊالر، نهاري ڇهه ڊالر، پاوا ڇهه ڊالر، نان هڪ ڊالر پراٺو اڍائي ڊالر، قيمي وارو نان ساڍا ٽي ڊالر، ٻه سموسا هڪ ڊالر، کيرڻي ٻه ڊالر، رسملائي ٽي ڊالر، گلاب جامن ٻه ڊالر وغيره.

هتي اسان جي پاڪستاني يا انڊين هوٽلن ۾ ٻڪريءَ جي گوشت کي Mutton لکڻ بدران Goat meat لکن ٿا جيڪو عجيب لڳي ٿو. پوءِ ته چڪن بدران هين ميٽ، بيف بدران cow meat وغيره لکڻ کپي پر هتي فقط مٽن وارن ڊشن تي goat korma، Achari goat وغيره لکيل آهي. هڪ پاڪستاني هوٽل واري ٻڌايو ته هتي رڍ جو گوشت ٻڪري جي گوشت کان مهانگو آهي، ان ڪري فقط Mutton لکڻ بدران Goat Biryani يا Lamb Steak لکيو وڃي ٿو. عرب ملڪن جا ماڻهو رڍ ۽ دنبي جو گوشت پسند ڪن ٿا ۽ اسان جي ملڪن (پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا،بنگلاديس وغيره) جا ٻڪري جو گوشت.

آمريڪا ۾ ڪٿي به توهان کي منڍي پاوا نه ملندا. پر پاڪستاني ۽ هندستان جي حلال ميٽ شاپ تان توڙي ريسٽورنٽن تي (جيئن اوڪ ٽري روڊ جي هيءَ هوٽل شاليمار) منڍي ۽ پاوا ملندا. کاڌن جي ڊگهي لسٽ ۾ هن هوٽل ۾ مرچي پڪوڙا، لکهنو جي برياني، ڪراچي گوشت، نورتن قورما به  هئا ۽ هڪ ڊش Chicken 65 به هو! خبر ناهي ڇو ان جو نالو اهو رکيو اٿن. مون کي گهڻو وقت مختلف ڊشن کي جاچيندو ڏسي حميد انور چيو ته هل ته هلي بفيٽ لنچ کائون، جيڪا هوٽل جي ٻي ڀت پاسي ٽيبل تي سجايل هئي. مون پليٽ کڻي ان ۾ چانور، سائي رنگ جي گل گوبي (بروڪلي) جي ڀاڄي ۽ هڪ ٻن ٻوڙن مان ذرو پرزو وجهي، اچي ٽيبل تي ويٺس. چوڌاري نظرڪيم ته ڪافي ٽيبل ڀريل هئا، جن مان هڪ ٻن تي فئمليون ويٺل هيون، باقي تي نوجوان عورتن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا هئا. اسان جي ڀر واري ٽيبل تي حجاب ٻڌل هڪ ماءُ ڌيءُ اڙدوءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. هوٽل جي منهن وٽ رکيل ڊشن وٽ ٽيبل تي ٽي ماڊ قسم جون، پتلونن ۾ مسلمان ڇوڪريون ماني کائي رهيون هيون. مسلمان ان ڪري ٿو چوان جو بقول هتي جي گورن جي انهن جي نرڙ تي Dot (يعني ڳاڙهو ٽڪو) نه هو. ٻي ڳالهه ته سندن مٿا حجاب سان ڍڪيل هئا. جيسين حميد انور جي سواري لڏندي لمندي پهچي، تيسين آئون ڪئميرا کڻي انهن ٽن ڇوڪرين وٽ پهتس. توهان پاڪستان جون آهيو؟

”نه اسين انڊيا جون آهيون.“ هنن صاف اڙدوءَ ۾ جواب ڏنو.

”دهليءَ جون؟“ مون پڇيو.

”نه حيدرآباد دکن جون.“

”مسلمان هجڻ ۽ حجاب ۾ هلڻ ۾ توهان کي ڪيئن ٿو محسوس ٿئي. آئون نائن اليون جي حوالي سان پڇي رهيو آهيان.“

”بلڪل نارمل ٿيون محسوس ڪيون. بلڪه اسان جي عزت ڪئي وڃي ٿي. نائن اليون جهڙو واقعو ٿيڻ تي وقتي طور ڪجهه ماڻهن جا جذبات مشتعل ٿيو وڃن پر هتي جي حڪومت سختيءَ سان Law &  Order قائم ڪريو وڃي. ان کان وڌيڪ هنگاما ۽ مارڪٽ پنهنجن ملڪن ۾ ٿئي ٿي. اڄ به مذهبي آزاديءَ جي لحاظ کان آمريڪا از گريٽ ڪنٽري.“

آئون هڪ قسم جو جرنلسٽ آهيان. پنهنجي ملڪ جي اخبار لاءِ توهان جي تصوير ڪڍي سگهان ٿو؟ سندن تصوير ڪڍڻ بعد پنهنجي ٽيبل ڏي آيس ته حميد انور پنهنجي پليٽ رکي ويهي چڪو هو. مون سندس ٽي چار اڪيلا پورٽريٽ فوٽو ڪڍيا.

”يار رڳو منهنجا اڪيلا ته نه ڪڍ. گڏجي به ڪڍايون.“

”ها صحيح ٿو چوين. ترس ته ڪنهن کي چئون ٿا. اتي اسان جي ڀر واري ٽيبل تي ويٺل ماءُ ڌيءُ مان ڌيءَ پليٽ کڻي ڪو ٻوڙ کڻن لاءِ اٿي ته اسان فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيس. اسان ٻئي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺاسين. ٻئي هڪ ئي قد جا ڊگها هئاسين. ڇهن فٽن جي لڳ ڀڳ. هاڻ پوڙها ٿيڻ ڪري ۽ ڪجهه ورٽيبرا جي وچ جو Gap گهٽجڻ ڪري انچ ٻه  گهٽجي چڪا هونداسين. ڪاليج جي ڏينهن ۾ ٻئي سنها هوندا هئاسين ۽ ڪلاس ميٽ اسان کي لمبو ۽ اٺ چوندا هئا.هاڻ جڏهن 45 سالن کان پوءِ ملي رهيا آهيون ته هو ٿلهو ٿي چڪو آهي. آئون صفا گنجو. روبند سان مٿي ڍڪيل ڇوڪري ڪئميرا جي زوم کي دٻائي فوڪس ٺاهيو.

”بيٽي ذرا خيال سي فوٽو لينا ميرا پيٽ نظر نه آئي.“ حميد انور چيو.

”۽ منهنجو مٿو نظر نه اچي.“ مون چيومانس.

ڇوڪريءَ کلندي چيو“ Sir پوءِ باقي بچندو ڇا؟!“

حميد انور هڪ دفعو وري راڳ دهرايو. بس پٽ جيتري قدر ٿي سگهي. سٺو فوٽو ڪڍجانءِ جو فوٽو ڪڍائڻ به اسان لاءِ ضروري آهي.  ننڍپڻ ۾ اسان هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏ پڙهياسين ۽ هاڻ 45 سالن بعد اڄ ملي رهيا آهيون. 1957ع ۾ جنهن ڪاليج ۾ آئون ويس ان ۾ ٻي سال هي (مون ڏي اشارو ڪري) آيو هو....

ڇوڪري حيرت مان اسان کي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ماءُ ڏي اشارو ڪري چيو ته اهو سال ته منهنجي ماءُ جي ڄم جو سال آهي.

فوٽو ڪڍڻ لاءِ اسان کيس thank you چئي اچي ماني کائڻ ويٺاسين.

 

هي ڪهڙو جهاد آهي، مسلمان مسلمان کي پيو ماري

حميد انور کي چيم 45 سال وڏو عرصو آهي ۽ هاڻ پاڻ سٺ سالن کان مٿي چڙهي ويا آهيون. اهو ملڪ جنهن ۾ ماڻهن جي Average عمر 45 سال هجي اتي سٺ ٽپڻ وڏي ڳالهه آهي. It is late evening of our life نظر ٿي ڊوڙائجي ته پنهنجا ڪيترا ساٿي هميشه لاءِ جدا ٿي ويا. تنهنجا ڪلاس ميٽ سائين محبوب چنا جو پٽ شفيق الرحمان چنا، هيراباد جو نصير قاضي، ميرپور خاص جو عبدالستار ميمن ۽ منهنجا ڪلاس ميٽ چاچي علي گوهر جو پٽ تاج بگٽي، عبدالصمد ڪاڇيلو صاحب جو پٽ رفيع ڪاڇيلو، قاضي عابد جو پٽ اظهر عباسي (گل)، فرقان علوي ۽ ٻيا ڪيترا راهه رباني وٺي ويا. ويندي پاڻ کان سال ٻه جونيئر DIG محسن پنهور، خيرپور جو نجم قاضي، مشتاق ميرجت، ريلوي ڊپارٽمينٽ وارو نصير قاضي ۽ ٻيا به هي جهان ڇڏي ويا. الله کين جنت نصيب ڪري. ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو، روز لياقت جتوئي دانهن کڻي ايندو هو ته عبدالجبار عباسي منهنجي پينسل ٿو ڀڃي ۽ هاڻ عبدالجبار عباسي دانهون کڻيو اچي ته لياقت جڏهن به چيف منسٽر ٿو ٿئي ته مون کي بور کاتي ۾ بدلي ٿو ڪري.

حميد انور کلڻ لڳو. مون حميد انور کان سندس والد صاحب چوڌري برڪت علي جو پڇيو. پيٽارو پنهنجي پٽ سان ملڻ ايندو هو ته اسان جيڪي ساڳي هائوس ۾ رهندا هئاسين، انهن کي به ڪا نه ڪا ڳوٺ جي سوکڙي، خاص ڪري سَتون ڏيئي ويندو هو، جنهن ۾ کنڊ وجهي شربت ٺاهي پيئندا هئاسين. حميد انور ٻڌايو ته 1999ع ۾ سندس والد ڪار جي حادثي ۾ گذاري ويو. ميرپور خاص ۾ ڪا شادي اٽينڊ ڪري ڪار ذريعي حيدرآباد موٽيو پئي ته سامهون ايندڙ بس سان اهڙو ته حادثو ٿيو جوڪار ٻه ٽڪر ٿي ويئي ۽ ڪار ۾ موجود سڀ ماڻهو گذاري ويا  جن ۾ هڪ سندس وڏو ڀاءُ حفيظ انور هو ۽ ٻه سوٽ ۽ ٻه عورتون هيون حميد انور جي وڏي ڀاءَ حفيظ انور جي زال اسان جي دوست ظفر ٻلال جي ڀيڻ ٿئي ۽ ان جي هڪ ٻي ڀيڻ ناهيد اسان جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ جي زال آهي ۽ ننڍي ڀيڻ نجمه شوڪت جي ننڍي ڀاءُ لياقت جماڻيءَ جي زال آهي. لياقت ڪجهه عرصو پنهنجي وڏي ڀاءُ نصير جماڻي(مُلين) وٽ مانچسٽر ۾ رهيو ان کان پوءِ هاڻ هتي USA ۾ آهي ۽ پيٽرول پمپن جو  ڪاروبار اٿس.

حفيظ انور جو وڏو پٽ آصم حفيظ جيڪو پاڪستان ايئر فورس ۾ ونگ ڪمانڊر آهي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ رهي ٿو. ان جي ڇهه سال اڳ حميد انور جي وڏي ڌيءَ ماريا سان شادي ٿي هئي ۽ کين ٻه جاڙا پٽ زرق ۽ محد آهن ۽ هڪ ٻن سالن جي ڌيءَ اليها آهي.

حميد انور ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان 1962ع ۾ انٽرڪ رڻ بعد مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان اليڪٽرڪ ۾ B.E ڪئي. ان بعد 1967ع ۾ واپڊا ۾ جونيئر انجنيئر جي نوڪري مليس. ٽي مهينا کن لاهور ۾ نوڪري ڪرڻ بعد پوءِ حيدرآباد بدلي ٿيس. انهن ڏينهن ۾ واپڊا جو چيئرمين شاهه نواز هو. حميد انور جيستائين پاڪستان ۾ هو يعني 1975ع تائين ته هو حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو. ان بعد ابو ڌابي آيو.

حميد انور مهراڻ انجنيئرنگ جي ڪاليج جو ٻڌايو ته اتي به سٺي زندگي گذري جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جا ساٿي اتي موجود هئا. ”اسين پهرين بئچ جا شاگرد هئاسين. مون سان گڏ مرزا بشير، شبير لغاري ۽ ٻيا پيٽارو جا ڪلاس ميٽ هئا. ان بعد ٻئي سال ۽ پوءِ ٽي سال انور ميمڻ، طلعت عباس، اقبال ترڪ،  ڏيپلي جو عبدالرحمان (عمر جو پٽ) ۽ نواز ميمڻ، ميرپورخاص جو مرحوم عبدالرحمان ميمڻ، دادو وارو عبدالقادر قريشي ۽ ٻيا ڪيترا ئي هئا. ايتري قدر جو اليڪشن ٿي ته پيٽارو وارن مون کي مجيب پيرزادي جي خلاف کڻي بيهاريو. هاڻ ڪٿي سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ مجيب پيرزادو ڪٿي آئون، سياست کان اڻ ڄاڻ. سخت مقابلو ٿيو. مون ته ٻڌو ته مجيب وارن قاضي عابد ۽ چاچي فقير محمد بسو ميمڻ وارن سان فئملي تعلقات هجڻ ڪري انهن کي چورايو ته سندن پٽ مجيب کي ووٽ ڏين پر آخر تائين اظهر عباسي ۽ انور ميمڻ مون سان گڏ رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اليڪشن مون هارائي پر  فقط ستن ووٽن تان، جيڪا مون جهڙي ڇسي لاءِ وڏي ڳالهه هئي.“

حميد انور جو ان دوران ڀاڀي انجم سان مڱڻو ٿي چڪو هو. انجم نوابشاهه واري چوڌري عبداللطيف جي ڌيءَ آهي، جنهن جي حيدرآباد ۾ وينس سئنيما هئي. (هاڻ شايد ان جاءِ تي فلئٽ ٺهي ويا آهن.) چوڌري عبداللطيف ئي جي صلاح مشوري سان سندس ڳوٺ نوابشاهه جي حاڪم علي زرداريءَ ڪراچيءَ ۾ بامبينو سئنيما ٺهرائي پر پوءِ منجهن اڻبڻت ٿيڻ تي عبداللطيف حيدرآباد ۾ اها وينس سئنيما اچي ٺهرائي. حميد انور کي ٻڌايم ته اسان جي هالا واري ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ  جو هڪ دوست ڊگريءَ جو ڊاڪٽر خليل آرائين هوندو هو، جنهن جي پڻ ان وينس واري سان مائٽي هئي. خليل جو ننڍو  ڀاءُ حفيظ آرائين ۽ ان جو سوٽ منور آرائين پڻ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا ۽ مون کان ٻه سال کن جونيئر هئا يا شايد ٽي سال. اهي به سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ ڊاڪٽر خليل ته ايڏو سٺو ماڻهو هو جو هر غريب سنڌيءَ جو مفت علاج ڪندو هو. هو بيحد سهڻو جوان ۽ قابل اکين جو ڊاڪٽر (Eye Specialist) هو. ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. هن کي پئسي ڏوڪڙ جي ڪا طمع نه هوندي هئي.“

”خبر اٿئي ڊاڪٽر خليل آرائين منهنجي اکين اڳيان ساهه ڏنو.“ حميد انور ٻڌايو، ”هن جي زال ڀاڀي شنيلا منهنجي سهري چوڌري عبداللطيف جي ڪزن ٿئي. وينس سئنيما جي افتتاح تي آئون به آيو هوس. منهنجو انجم سان تازو تازو مڱڻو ٿيو هو. اتي ڊاڪٽر خليل جي گهڻي مٺائي کائڻ ڪري طبيعت خراب ٿي ويئي. مرحوم ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪئي هئي ته هو ڪو ڊائبيٽڪ آهي. تن ڏينهن ۾ ان بيماري بابت ماڻهن ۾ گهڻو شعور پيدا نه ٿيو هو ته اها بيماري هڪ خاموش قاتل (Silent Killer) آهي. ڊاڪٽر خليل کي ڊاڪٽر عبدالرزا شيخ جي اسپتال Belair ۾ وٺي آيا ۽ ساڻس گڏ ڪمري ۾ آئون رهيس. سندس علاج ڊاڪٽر علي نواز چوڌري ڪندو رهيو. هو ڪوما ۾ جو ويو ته وري هوش ۾ نه آيو. هفتي کن بعد گذاري ويو.“

”کيس خبر ناهي اولاد به آهي يا نه؟“، مون پڇيو.

”ها آهيس ۽ اهو ڪافي Well off آهي. سندس ڌيءَ جي  شادي سندس ڀاءُ حفيظ الرحمان آرائين (ڪٽ نمبر 187) جي پٽ سان ويجهڙائيءَ ۾ ٿي آهي.“

”ڀلا تنهنجا ٻار ڇا پيا ڪن؟“ مون حميد انور کان پڇيو.

”مون کي چار ٻار آهن. وڏو محمد يوسف هتي نوڪري پيو ڪري. ابو  ڌابيءَ مان انٽر ڪرڻ بعد مون کيس آمريڪا جي ٽاپ يونيورسٽي- نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ موڪليو- جتان هن انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ B.Sc ڪئي. ان بعد فائننس جا ڪجهه ڪورس ڪيائين ته کيس نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ وڏي نوڪري ملي ويئي. مون کي ان نوڪريءَ بابت ۽ آمريڪا ۾ رهڻ بابت ابوڌابيءَ ۾ خط لکيائين ته مون کيس فون ڪيو ته توکي في الحال مون فقط پڙهائي لاءِ آمريڪا موڪليو آهي، پهرين فلائيٽ ۾ پاڪستان پهچي، اتي وڃي نوڪري ڳولهه. کيس هوائي جهاز جي ٽڪيٽ جا پئسا به نه بچيا هئا سو هڪ دوست کي لکيم ته هن کي ٽڪيٽ خريد ڪري ڏئي. اهڙين ڊگرين سان هن کي يڪدم اسٽئنڊرڊ ائنڊ چارٽرڊ بئنڪ جي اسلام آباد برانچ ۾ نوڪري ملي ويئي. آئون اڃان اسلام آباد نه ويو هوس، ڇهن کن مهينن بعد هڪ بين الاقوامي سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ مون کي ابو ڌابي حڪومت چيو، جنهن جي هڪ سيشن اسلام آباد ۾ رکي ويئي هئي. آئون اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائش واري هوٽل ۾ پهتس ته هي مون سان ملڻ آيو. هيڏي وڏي ڏاڙهي، لنڊي مرين کان گهڻو مٿي سٿڻ پهريل هو. مون کيس چاٻي ڏني ته هلي ڪمري ۾ ويهه ته اچانٿو. آئون واندو ٿي ڪمري ۾ پهتس ته عجيب آواز ٻڌم. ڏسان ته ڪنڊ ۾ اکيون پوري ذڪر پيو ڪري. آئون چپ چاپ سوچيندو رهيس. هو  خبر ناهي محمد اڪرم نالي ڪنهن مولويءَ جي اثر ۾ اچي ويو هو ۽ راتون  رات پاڪستان ۾ اسلامي انقلاب آڻڻ ۽ افغانستان ۾ جهاد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. مون کيس سمجهايو ته مذهبي ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. هونءَ به تون پنج وقت نمازي هئين ۽ مذهب ڪارڻ ئي مون تو کي آمريڪا جي رنگينين ۽ رونقن ۾ ڀٽڪڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي وطن گهرايو پر يڪدم بنا سوچي سمجهي ايڏو جلد ايتري Extreme تي هلي وڃڻ به ته سٺي ڳالهه ناهي. جهاد ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿو ته اهو به ڀلي وٺ، مون طرفان جهل ناهي پر هاڻ افغانستان ۾ ڪهڙي ڪافر سان جنگ پئي هلي؟ روسي ته ڪڏهوڪو لڏو پٽي ويا هاڻ افغانستان جا مسلمان پنهنجن مسلمانن سان پيا وڙهن ۽ انهن وچ ۾ اها جنگ سياست ۽ Power حاصل ڪرڻ جي پئي هلي. توهان کي ڀڙڪائڻ وارا ملان ته سڀ هتي پشاور ۾ ويٺا آهن ۽ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي جذباتي نوجوان اڻ ڄاڻائيءَ جي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو خاتمو پيا آڻين. ۽ پنهنجن والدين جو پيريءَ ۾ سهارو ٿيڻ بدران هنن کي ڏکن جا ڏجها ڏيو وڃن. هي ڪهڙو جهاد آهي، جنهن ۾ هڪ مسلمان ٻئي مسلمان کي قتل ڪري رهيو آهي!

”آئون کيس بئنڪ مان استعيفا ڏياري ابو ڌابي وٺي آيس، جتي کيس هڪ دفعو وري Merit جي بنياد تي نوڪري ملي وئي. سال ٻن بعد يورپ جي هڪ اخبار ۾ آمريڪا ۾ هڪ جاب لاءِ يورپين لاءِ اشتهار آيو. منهنجي پٽ محمد يوسف به Apply ڪيو. پهرين هن کي ان نوڪري جي ٽيسٽ ۾ وهڻ نٿي ڏنائون پوءِ جڏهن ٽيسٽ ۽ انٽرويو ورتائونس ته سڀ ۾ اول نمبر آيو ۽ هن کي اهو Job ڏنائون. هي تمام سٺو جاب سٺي پگهار وارو آهي. سندس شادي پنهنجي هڪ دوست ميجر باجوا جي ڌيءَ سائما سان ڪرائي اٿمانس، جنهن مان هن کي ٻه ٻار: مصطفيٰ ۽ آمنا آهن. ميجر باجواه به سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ کيس ورڪ شاپ آهي. ميجر باجواه اهو آهي، جنهن جي اسان جي سکر جي سنڌي دوست برگيڊيئر مختيار شيخ گذريل دفعي پاڪستان اچڻ تي دعوت ڪئي هئي، جتي عاشق حسين شاهه ڪِٽ نمبر 203، اقبال ترڪ ڪٽ نمبر 161 ۽ ٻين پيٽارو وارن سان منهنجي به سالن بعد ملاقات ٿي هئي. برگيڊيئر مختيار پيٽارو جو ناهي پر منهنجي ڪري هن ڪجهه پيٽارو وارن دوستن کي گهرايو هو.“

 

حميد انور جي فئملي، ميجر باجواه ۽ برگيڊيئر مختيار

”بزنيس ۾ نقصان جو چڪر ڪيئن پيش آيو؟“ مون حميد انور کان پڇيو.

”دراصل بزنيس جي چڪر ۾ آئون نوڪري به اڳواٽ ڇڏي ابو ڌابيءَ کان هتي آمريڪا آيس. هڪ اٽلين همراهه جيڪو منهنجو پهرين کان سڃاڻو هو ۽ سالن کان هتي شفٽ ٿي آيو هو، تنهن سان گڏ بزنيس ۾ پنهنجي  بچت جو وڏو حصو لڳايو. هن جي نيت خراب ٿي پيئي ۽ مون کي دوکو ڏيئي ڀڄي ويو. هن وقت به مون ٻڌو آهي ته هو آمريڪا ۾ فلوريڊا پاسي آهي. پوليس ۾  رپورٽ داخل ڪرايل اٿم پر سندس ملڻ ۽ منجهائس پئسن جي اوڳڙ جو آسرو گهٽ ٿو لڳي. ان بعد هڪ ٻئي پنهنجي ديسي همراهه سان گڏجي هڪ هوٽل ڪڍڻ لاءِ باقي موڙهي لڳايم ته بدقسمتي اهڙي جو هو ڏيوالو Bankruptcy ڏيکاري پاڪستان ڪٿي غائب ٿي ويو آهي. ڪي ڏينهن سخت ڊپريشن ۽ مونجهاري ۾ هوس ته ڇا ڪجي. منهنجي پٽ گهڻو ئي سمجهايو ته فڪر نه ڪريو هي توهان جي آرام جا ڏينهن آهن. توهان هلي پاڪستان ويهو. ڪجهه زمينن ۽ باغ تان پيو ملندانوَ ۽ هزار کن ڊالر هر مهيني آئون پيو موڪليندو سانوَ. پر سچ ته منهنجي دل نه مڃيو. مون پاڻ پورهيو ڪرڻ چاهيو ٿي. ڪجهه وقت پاس ڪرڻ جي خيال کان به. ڇو جو ايترو اڃان هوم جو ڳوٺ  هلي دال روٽي آرام سان کائي سگهان پر مون سوچيو هتي ٻچن ۽ پوٽاڻ وٽ ئي رهان. يقين ڪر الطاف America is a God gifted country آمريڪا الله جي طرفان هڪ نعمتن وارو ملڪ آهي، جتي دنيا جي غريب ۽ پريشان ملڪن جا ماڻهو سڪون حاصل ڪن ٿا- بشرطيڪ هنن ۾ قابليت هجي ۽ محنت جو جذبو هجي.“

”صحيح ٿو چوين. هتي اڻ محنتي ماڻهو رهي نٿو سگهي. هن عمر ۾ گاڏين جو سيلز مئن ٿي صبح کان شام تائين گرمين توڙي سخت سردين ۽ برف بارين ۾ به ڊيوٽي ڪرڻ ۽ گراهڪن سان مٿو هڻڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي.“ مون حميد انور کي چيو.

”بلڪل! هتي محنتي ماڻهو رهي سگهي ٿو. کوکلي ٽون ڦان وارو رهي نه سگهندو ۽ دماغ مان اها ٽون ڦان ڪڍڻ لاءِ پهريون سال کن مون اخبارون به ورهائيون. سخت سردي ۽ برف باري جي ڏينهن ۾ جڏهن رستن تي گوڏن جيڏي برف جمع ٿي ويندي هئي ته صبح جو چئين بجي اٿي اخبارن کي پلاسٽڪ جي لفافن ۾ بند ڪري پوءِ گهرن ۾ ورهائڻ شروع ڪندو هوس. دل ۾ چوندو هوس ته حميد انور اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏ ته تون ابو ڌابيءَ جو اعليٰ عملدار هئين، جنهن وٽ پنجن ڪمرن جو گهر ۽ شوفر Driven نئين ماڊل جي جرمن ڪار هئي. زندگيءَ جا باقي جيڪي ڏينهن آهن، اهي تو کي پورهيو ڪرڻو پوندو. ڪيترا ماڻهو جن کي خبر پيئي، اهي پاڪستان وڃي ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته حميد انور اخبارون ٿو ورهائي. ان بعد سال کن اولڊ ايج ڪميونٽي جي ماڻهن جي نوڪري ڪيم. ان بعد مون کي هت سرڪاري طرح نوڪري يا پورهئي ڪرڻ جي موڪل (Work Permit) ملي. پوءِ  هڪ ٻن هنڌن تي نوڪري ڪيم پر مون کي يڪدم ڪڍي ڇڏيندا هئا.“

”ڇو؟ پاڪستاني هجڻ ڪري؟“ مون پڇيو.

”نه. ڪم نه اچڻ ڪري. ظاهر آهي، مون ڪڏهن چانهه جو ڪوپ به پاڻ  ٺاهي نه پيتو سو منهنجي ڪم ۾، هن عمر ۾ اها ڦڙتي ۽ هوشياري نه هئي. هاڻ الله جي فضل سان سٺو جاب اٿم. ڳالهين ڪرڻ ۽ مشينن جي ڄاڻ ۾ هوشيار آهيان سو گراهڪ کي مطمئن ڪرڻ ۽ جيتڻ ۾ يڪدم ڪامياب ٿيو وڃان. گذريل مهيني به ويهارو کن هونڊا ڪارون وڪيم، جن تي چار هزار کن ڊالر ڪميشن مون کي ملي.“

”ننڍا ٻار ڇا ڪن؟“ مون پڇيو مانس.

”مونکي چار ٻار آهن. ٻه پٽ ٻه ڌيئون. وڏي پٽ يوسف ۽ ڌيءَ ماريا جي شادي ٿي ويئي آهي. باقي ٻه ننڍا مون سان گڏ رهن ٿا. تانيا هن سال نيو برنسوڪ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي ۽  ننڍو محمد سهيب چوڏهن سالن جو آهي ۽ هاءِ اسڪول ۾ آهي.“

”وڏو پٽ ڪٿي رهي؟“ مون پڇيو مانس.

”اهو به هتي ئي نيو جرسيءَ ۾ رهي ٿو. مون کان ڏهه منٽن جي فاصلي تي آهي. تو سان ملي اڄ شام جو ان وٽ وڃڻو اٿم، ميجر باجوا به اچي رهيو آهي.“

حميد انور وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر آهن. پاڻ وچئين نمبر تي آهي. وڏو حفيظ انور جيڪو ڇهه سال اڳ پنهنجي والد سان گڏ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، جنهن جي پٽ سان حميد انور جي ڌيءَ ماريا جي شادي ٿي. حميد انور جو ٻيو نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر رشيد انور انگلينڊ ۾ آهي، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان PHD ڪيائين. ننڍن ڀائرن ۾ ڊاڪٽر مقصود انور اسلام آباد جي PIMS اسپتال ۾ Skin Specialist آهي ۽ ان کان وڏو ڊاڪٽر مجيد انور جنرل فزيشن آهي، جنهن جي ڪلينڪ ۽ گهر گلشن اقبال ۾ آهي. هو مولائي مڙس آهي ۽ خير جائي ڪم ڪندو رهي ٿو. گهڻو ڪري غريبن جي دوا درمل به  مفت ئي ڪري ٿو. هونءَ به حميد انور جي سڄي فئملي ديندار ۽ خيراتي ڪمن کان مشهور آهي. هنن جو هميشه توڪل تي ڪم رهيو آهي. ساڙ حسد ۽ جهيڙي جهٽي کان حميد انور به ننڍي هوندي کان پري رهيو آهي. هو هميشه ٻين جي مدد ۽ ڀلي خاطر سڀ ڪجهه ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالمجيد سان گڏجي هن پنهنجين زمينن تي (جيڪي نصرپور پاسي آهن) آسي پاسي جي ڳوٺن جي ٻارن لاءِ اڄ کان 15 سال اڳ پنهنجي خرچ تي اسڪول کوليو، جتي  ٻارن کي بهترين تعليم ڏني وڃي ٿي.

”ٽي سال اڳ جڏهن ڳوٺ ويو هوس،“ حيمد انور ٻڌايو، ”ته اسڪول ۾ ڇوڪرين جو تعداد گهٽ ڏسي مون پڇا ڪرائي. معلوم ٿيو ته پري جي ڳوٺن کان ڇوڪرا ته اچي سگهن ٿا پر  نياڻين کي تڪليف ٿي ٿئي. اهو ٻڌي مون ان پاسي هڪ الڳ فقط ڇوڪرين لاءِ اسڪول کولرايو. اسان جي اوسي پاسي جا سڀئي سنڌي ٻار تعليم يافته آهن، ڌنڌن ڌاڙين ۽ نوڪرين ۾ لڳل آهن، اسان پاسي جي ڳوٺن جو توهان کي ڪو چور نظر نه ايندو. بابو چوندو هو توهان چور کي به تعليم ۽ روزگار ذريعي مسلمان بڻائي سگهو ٿا. اهو سڀ ڪجهه توهان تي مدار ٿو رکي ته توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو رکڻ چاهيو ٿا. وڏيرا ٿي چور ۽  ڌاڙيل پيدا ڪندائو ته اڄ نه سڀاڻي توهان لاءِ ئي مصيبت ثابت ٿيندا. پنهنجن هارين نارين ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻارن کي تعليم ڏيئي روزگار جي راهه ڏيکاريندا ته هو ۽ هنن جا ڪٽنب توهان کي دعائون ڪندا ۽ ٻئي جهان ۾ به توهان پاڻ لاءِ جنت پيدا ڪندائو. تون پاڪستان وڃين ته برگيڊيئر ارشد سان گڏ اسان جي تر جا ڳوٺ ضرور  گهمجانءِ. تعليم، گهر گهاٽن ۽ ساوڪ جي خيال کان تو کي اهي يورپ جا ڳوٺ لڳندا جن جا رهاڪو ڪا يورپي زبان ڳالهائڻ بدران سنڌي زبان ڳالهائين ٿا، جيڪا پاڻ هن وقت امريڪا جي  نيو جرسي رياست جي هن شاليمار هوٽل ۾ ڳالهائي رهيا آهيون.

ان رات حميد انور جي پوٽي (يعني ميجر باجوا جي ڏهٽي) مصطفيٰ جي سالگرهه هئي. حميد انور مون کي فئملي سميت اچڻ لاءِ چيو. ”بس گهر جائي ڀاتي هوندا. هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي ويندي.“

شام جو اسان وارو  ڀاڻيجو ثمير وسطڙو سوير ئي اچي ويو ۽ اسان اڌ ڪلاڪ کن جي ڊرائيو بعد حميد انور جي ڳوٺ پهچي وياسين. سندس گهر ڳولڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿي پر موبائيل  فون ذريعي هن جي ڏنل پار پتن موجب پهچي وياسين. ان ئي ڏينهن حميد انور جي ننڍي ڌيءَ تانيا هن رياست (نيو جرسي) جي مشهور يونيورسٽي رٽگرز مان گريجوئيشن ڪئي هئي سو سڀ بيحد خوش هئا. مانيءَ مهل حميد انور جو سيڻ يعني سندس ننهن صائما جو والد ميجر باجوا مون سان گڏ اچي ويٺو.

باجوا (سڄو نالو ميجر ڪوثر اقبال باجوا) لاهور مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1966ع ۾ پاڪستان آرمي Join ڪئي. سکر جو برگيڊيئر مختيار شيخ (ڪمشنر عابد شيخ جو ڪزن) سندس يونٽ آفيسر ٿي رهيو ۽ باجوا کان پنج سال جونيئر هو پر سندن تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سٺي دوستي هلندي اچي. هو شروع کان 23 ڪئولري يونٽ ۾ رهيا. ميجر باوجوا گهڻو وقت آرمي ۾ نه رهيو. 1977ع ۾ آرمي کان رٽائرمينٽ حاصل ڪري آمريڪا هليو آيو. هتي باجوا ڪيترائي مختلف نوڪريون ۽ بزنيس ڪيا ۽ بقول  سندس الله جو وڏو احسان آهي جو هن جنهن ۾ به هٿ وڌو ان  ۾ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي. اڄ هو گاڏين Automobiles جي بزنيس ۾ آهي ۽ سندس خاص فيلڊ گاڏين جي آٽومشين ٽرانسميشن آهي. پاڻ شروع کان هتي نيو جرسي ۾ رهي ٿو. کيس ٽي ڌيئون ۽ هڪ پٽ بلال آهي. سندس وڏي ڌيءَ صائمه جي شادي چار سال اڳ حميد انور جي پٽ محمد يوسف سان هتي آمريڪا ۾ ٿي هئي، جن کي هڪ ٽن سالن جو پٽ مصطفيٰ (جنهن جي سالگرهه تي اسان اچي نڪتاسين) ۽ هڪ سال جي ڌيءَ آمنا آهي.

حميد انور جي ڌيءَ وانگر ميجر باجوا جي پٽ پڻ   هتي جي رٽگرز يونيورسٽيءَ مان هن سال گريجوئيشن ڪئي آهي، جنهن يونيورسٽيءَ بابت پنهنجي پهرين سفرنامي“ نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ تفصيلي ذڪر ڪري چڪو آهيان.

اسان ان رات برگيڊيئر مختيار کي ياد ڪري ان جون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. ويتر باجواه مهينو کن اڳ ڪجهه ڏينهن  لاءِ ڪراچيءَ جو چڪر هڻي آيو هو جتي هن جو ميزبان برگيڊيئر مختيار هو سو  رکي رکي باجواه هن جي تعريف ڪندو رهيو.

”سائين بور ته نه پيا ٿيو؟“ وچ وچ ۾ باجواه يا حميد انور پڇيو ٿي.

”نه نه، “ مون  جواب ڏنو مان ٿي، ”برگيڊيئر مختيار کي آئون  به پسند ڪيان ٿو هو بيحد ماٺيڻو، ٻئي جي مدد ڪندڙ، محنتي، ذهين ۽ سٺو دوست آهي. هو اقبال ترڪ، عاشق حسين شاهه ڪرنل مسعود عزيز، ڪرنل محي الدين ۽ پيٽارو جي منهنجي ٻين ساٿين جو دوست آهي.“

هتي  ٻه ٽي سٽون برگيڊيئر مختيار بابت لکڻ بي محل نه ٿينديون، مختيار جنهن کي اسان ڪمشنر ۽ سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري عابد شيخ جي ڪري اڪثر مختيار شيخ سڏيون ٿا پر هن جو نالو مختيار آخوند آهي ۽ عابد شيخ جي مامي آخوند محمد شعبان جو فرزند آهي. پاڻ سکر جو رهاڪو آهي، جتان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان BSC آنرس ڪيائين ۽ تعليم دوران آرمي لاءِ چونڊجي ويو ۽ آرمي Join ڪرڻ بعد آرمي جي تعليمي ادارن مان M.Sc ڪيائين. پاڻ باجواه واري 23 Cav يونٽ ۾ رهيو ۽ گجرانوالا ۾ 19 آرمرڊ برگيڊ جي ڪمانڊ به ڪئي اٿس. سن 1973ع ۾ جڏهن هن جي پوسٽنگ جوڙ  بارڊر تي هئي ته هن جي شادي پنهنجي پڦاٽ، سکر جي مشهور وڪيل سائين عبدالرزاق آخوند جي ڌيءَ سعيده آخوند سان ٿي. ادي سعيده جي به بنيادي تعليم سکر جي آهي. شاديءَ بعد هن به ملٽري تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري تدريس جو ڪم ڪيو. پاڻ منگلا آرمي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال رهڻ کان علاوه ڪوئيٽا جي اقراء اڪيڊمي جي پڻ سرپرست رهي.

مختيار آرمي مان برگيڊيئر جي رئنڪ تي رٽائرڊ ٿيڻ بعد ائنٽي نارڪوٽڪس جو فورس ڪمانڊر رهيو. ان بعد ڪجهه عرصو سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سنڌ حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري رهڻ  بعد ائنٽي ڪرپشن کاتي جو چيئرمين ٿي هاڻ رٽائرمينٽ ورتي اٿس. سندس ڄم جي تاريخ 14 آگسٽ 1947ع آهي. جيڪا سندس دوستن کي هميشه ياد رهي ٿي.

برگيڊيئر مختيار کي چار ٻار آهن. وڏي نياڻي فرين جي شادي ڪجهه سال اڳ امير پنهور سان ٿي هئي، جن کي ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ آهي. فرين جو مڙس به سندس پيءُ وانگر آرمي آفيسر آهي ۽ اڄ ڪلهه ميجر جي رئنڪ تي آهي. مختيار جي ٻي ڌيءَ عنيقه جو  گهوٽ به آرمي آفيسر ڪئپٽن فيصل چاچڙ آهي، جنهن هينئر ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان جي سپيريئر سروس جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ٽريننگ بعد شايد فارين سروس  يا پوليس سروس ڀرتي ڪري. مختيار جا نه فقط ٻئي ناٺي آرمي ۾ آهن پر سندس اڪيلو پٽ ثاقب به آرمي ۾ ڪئپٽن آهي. ثاقب کي ٻه پٽ آهن. مختيار جو سڀ کان ننڍو ٻار قنديل آهي، جنهن  اڄ ڪلهه ڪامرس ۾ داخلا ورتي آهي.

 

حميد انور جي ڊرائيونگ

حميد انور جي ڊرائيونگ کڻي بهتر هئي پر رستن جي سڃاڻڻ ۾ هو بنهه ڪچو لڳو ٿي. ڪجهه وري ننڍپڻ جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ڌيان مان لهي ٿي ويس ته جنهن Exit مان نڪرڻو هو سا ته لنگهي ويئي! يا جنهن Route يا پارڪ وي يا Turnpike تي چڙهڻو پيو ٿي اها گذريو وڃي. ان تي وري واپس موٽڻ لاءِ هڪ رستي تان ٿي ٻي تي ۽ پوءِ ٿئي تي يا ساڳي تي ڦرندا رهياسين ٿي. اسان کي اسان جي گهر ”اولڊ برج“ واري شهر کان Iselin شهر جي اوڪ ٽر روڊ تي وڃڻو هو، جتي ڪيتريون ئي انڊين ۽ پاڪستاني هوٽلون ۽ دڪان آهن. اهو مفاصلو وڌ ۾ وڌ ويهن منٽن جو آهي، پر اسان ٻه ڪلاڪ مختلف رستن تي خوار ٿيندا  رهياسين. حميد انور کي ڪيڏو چوان ته خدا جا بندا ڀلا ڪنهن پيٽرول پمپ يا دڪان تان کڻي معلوم ڪر يا سگنل وٽ ترسڻ مهل ڀر واري گاڏي واري کان پڇ ته اسان صحيح رستي تي آهيون يا نه پر حميد انور جو اهو ئي ٺُڪَ جواب:

”پڇڻ اجايو آهي. بس ائين ئي هلندا ٿا رهون.“

”پوءِ ڀلا آخر صحيح منزل تي ڪيئن پهچنداسين، جيڪڏهن پڇنداسين نه ته؟“ مون چيو.

”آئون بس ائين ئي گهمندو رهندو آهيان پوءِ مون کي خبر پئجي ويندي آهي.“ حميد انور وراڻيو.

”عجيب ڳالهه ٿي! ٽن سالن کان تون نيو جرسي جي هن علائقي ۾ رهيل آهين، پر رستن جي ڄاڻ نه اٿئي؟“ مون چيو.

 ”ٻيا به اهو ئي چوندا آهن. بس يار آئون اڄ به ٽنڊو باگو جو ڳوٺاڻو ڄٽ آهيان، جهڙو 1957ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ وقت هوس.“

آخر هتان هتان ٿي هڪ هنڌ حميد انور هاءِ وي تان گاڏي ڪڍي عام روڊ تي اچي شهر جي گهٽين ڏي هليو. مون سک جو ساهه کنيو ته آخر اسين شهر پهچي  وياسين، جيتوڻيڪ هونءَ عام طرح نيو برج، راه وي، پرٿ جهڙا شهر جيڪي نظر ايندا آهن، انهن مان هڪ به نظر نه آيو. آمريڪا ۾ رستا کوڙ سو ٿي سگهي ٿو هي ڪنهن هاءِ وي يا شارٽ ڪٽ ذريعي پهچي ويو آهي. آخر هيڏانهن هوڏانهن ته خوب رليا هئاسين جو هڪ هنڌ ته ائٽلانٽڪ سٽي واري روڊ تي به چڙهي پيا هئاسين. مون حميد انور جي چهري ڏي ڏٺو، ٿوري دير اڳ جيڪو منزل ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ ٻهڪيو پئي ان تي اداسي ڇانيل ڏسي مون کي اڄاتو خوف ٿيو ته شايد غلط هنڌ تي ته نه پهتا آهيون. منهنجي پڇڻ کان اڳ هن انائونس ڪيو:

”منهنجي خيال ۾ هتان به نڪرجي“ ۽ پوءِ هڪ ٻن گهٽين مان ڦري واپسي جو روڊ ڳولڻ لڳو.“ ادا ڀائو. ڳالهه اها آهي ته هتان واپس هلڻو پوندو. هي ته اهو شهر ئي ناهي.“ هڪ دفعو وري ”نيو جرسي ٽرن پائيڪ، سائوٿ“ جو پڇائيندي پڇائيندي اچي هاءِ وي تي چڙهياسين.

”هاڻ يار خدا جي واسطي پيٽارو جون ڳالهيون بند ڪر.“ هن چيو. ”تون ئي ته ڪري رهيو آهين ته ٽنڊو باگو کان ڪئڊٽ ڪاليج ڪيئن پهتس.“ مون چيومانس.

”پر پڇين ته تون پيو.“

”چڱو هاڻ رستي تي Concentrate ڪر.“ مون چتاء ڏنومانس.

”صحيح ٿو چوين. پهرين هتي پهچڻ جي ڪريون پوءِ گذريل 43 سالن جون ڳالهيون، نه ته سڄي زندگي ائين ئي رستن تي ڪار ڊوڙائيندا رهنداسين.“

پيٽارو جون به ڳالهيون بند ڪيونسين پر اسان کي صاف لڳو ته صحيح رستي تي نه پيا چڙهون. سنوان سڌا هاءِ وي تي هئاسين. غلط Exit وٺي لهي پياسين ته هاڻ وري هاءِ وي تي چڙهڻ جي واهه نه پئي ملي.

”هڪ دفعو مون کي Turn pike (هاءِ وي) تي چڙهڻ ڏي پوءِ ڏسجانءِ مون کي.“ حميد انور  اعلان ڪيو .

پر سائين ٽرن پائيڪ تي پهچڻ جيڪو هر آمريڪن لاءِ رستي جا بورڊ پڙهي آسان آهي، اسان جي حميد انور لاءِ ناممڪن هو. آخر هڪ هنڌ پوسٽ مئن کي دٻن مان ٽپال ڪڍندو ڏسي هن گاڏي بيهاري هن کان پڇيو.

پوسٽ مئن ڪجهه دير سوچي آسان رستو ٻڌايس:

”پهرين سگنل لائيٽ وٽ ساڄي مڙجانءِ پوءِ سڌو ئي سڌو هلندو وڃجانءِ. رستي تي پل ايندي، ان جي مٿان وڃجانءِ، پنج ڇهه سگنل لائيٽ بعد گيري گئس اسٽيشن ايندي، اتي فائيفر بلوورڊ ايندو، جتان رستو جڳ جي هئنڊل جيان ٿي ٽرن پائيڪ هاءِ وي تي چڙهندو ۽ پوءِ اهو رستو وٺي وڃجو ۽ تيرهين نمبر Exit مان نڪرجو....“

پوسٽ مئن جي هدايتن موجب هاءِ وي تائين پهچي وياسين پر وري ڳالهين ۾ تيرهين نمبر Exit رهجي ويئي، بلڪه ان وقت ڌيان نه رهيو. هاءِ وي ڇڏي هيٺاهين رستي تي جيئن ئي پهتاسين ته حميد انور کي غلطيءَ جو احساس ٿيو.

”يار هي مون غلط Exit ورتو آهي. هن کان شايد اڳ وارو هو. هي ته ڪنهن شهر بدران قبرستان مان اچي نڪتاسين.“

هاڻ سائين اتان ته مڙي به نه سگهجي. آمريڪا ۾ ڪو رستو ڇٽي ويو ته ان رستي تي وري پهچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پنڌرهن ميل هلڻ ته معمولي ڳالهه آهي. اسان وري غلط راهن ۾ هليا وياسين. مونجهاري ڪري ٿورو سوچڻ ۽ گاڏي آهستي ڪرڻ تي پٺيان ايندڙن هارن ٿي ڏنا، جن جو حميد انور وٽ هڪ ئي جواب هو جيڪو هارن ملڻ تي چپن ۾ ڀڻڪيو ٿي.

”بابا اسان جي ڊرائيورنگ بس اهڙي ئي آهي. اسان کان بچو.“

هاڻ وري ڦري گري اسان ساڳي هاءِ وي تي اچي نڪتاسين. هڪ دفعو وري ٽال ٽيڪس ڏيڻ لاءِ حميد انور ڏيڍ ڊالر ڪڍيو. رستي جو ٽال وٺڻ لاءِ انچارج ڇوڪريءَ اسان کي گهوري ڏٺو پر سندس چهري تي همدرديءَ جا آثار هئا. ”مئڊم اسان جي مدد ڪجانءِ. اسين ڳالهين ۾ رستو وڃائي ويٺا آهيون. پنجيتاليهه سالن کان پوءِ جو مليا آهيون.“

پئسا اوڳاڙڻ واريءَ پني تي نقشو ٺاهي، رسيد سان گڏ حميد انور حوالي ڪيو.

”بس هاڻ پاڻ ڪا غلطي نه ڪنداسين. ڳالهين پٺيان پهرين ڀٽڪندا رهياسين.“

۽ پوءِ  واقعي اچي صحيح منزل تي پهتاسين. اسلين شهر جي نه فقط Oak Tree روڊ تي پهتاسين، پر ان پاڪستاني هوٽل شاليمار ۾ پڻ جتي اسان کي ماني  کائڻي هئي. هوٽل مٿان لڳل بورڊ تي وڏن ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو SHALIMAR ۽ ان جي هيٺان King of  Sweets & Restaurants  لکيل هو ۽ ان هيٺان 1335 Oak Tree road, Iselin, NJ 08830 ائڊريس هئي.

ساڳيو حال وري واپسيءَ تي موٽڻ مهل ٿيو. هوٽل ساڍي چئين ڇڏيسين ته ساڍا پنج ٿي ويا. رستن تي ڀٽڪندا رهياسين. آخر هڪ هنڌ Hess نالي پيٽرول پمپ تي بيهي ڀاڻيجي سمير وسطڙو کي آفيس  فون ڪيوسين ته اسان کي گهر وڃن جو رستو ٻڌاءِ، جيڪو هن لکايو ۽ هتي ڪنهن کان رستو پڇڻ مهل ڪجهه هن ريت ئي ٻڌايو وڃي ٿو:

Go right, Take Route 27.

Parkway south.

Exit- Route 9 south. (9 south/ Turn Pike/440).

Stay on route 9 south approx 10-15 mins.

Take exit from 9 south of  throckmorton lane or Ticeton lane

Take throckmorton lane (Traffic lane) – left

Turn right on Norman Lane.

ان بعد پوءِ اسان سگهو ئي گهر پهچي وياسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: