سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: سچل تي ببليو گرافي

باب: --

صفحو :1

سچل سرمست تي ببليو گرافي

محمد علي حداد

 

مان هي ڪتاب

انتساب

ٿو ڪريان

سچل سرمست جي يگاني محقق ۽ پنهنجي مٺڙي استاد

ڊاڪٽر عطا محمد حامي

جي نالي

جنهن جو مون تي احسان

نه صرف هن ببليو گرافي جي ترتيب تائين،

بلڪه مون کي ادبي ذوق بخشڻ جي

عنايت تائين محيط آهي.

 

 

 

 

 

پيغام

 

همه اوست جي قائل، منصوري مشرب ۽ مسلڪ جو پيروڪار صوفي شاعر، حضرت عبدالوهاب سچل سرمست جي پيغام کي ڪنڊ ڪڙڇ پهچائڻ لاءِ قومي پيماني تي سيمينار جو انعقاد ڪري رهيا آهيون.

موقعي ۽ محل جي مناسبت سان خيال ڪيم ته ”سچل سائين“ تي لکيل ڪو تحقيقي ڪتاب ڇپائجي، جنهن مان سندس ڪلام ۽ پيغام تي تحقيق ڪندڙ فائدو وٺي سگهن.

جڏهن مون کي محترم محمد علي حداد جي سچل سرمست تي مرتب ٿيل Bibliography ڏيکاري ويئي، ته سمجھيم ته موجوده دؤر ۾ سچل سائينءَ تي ان قسم جي تحقيق شايد ئي ڪا ٻي هجي. ان ڪري سچل سيمينار جي موقعي تي، هن ڪتاب کي ڇپائي حداد صاحب جي محنت کي ڪتابي شڪل ڏيئي، سنڌ جي ادب دوستن جي حوالي ڪجي ٿو.

اميد اٿم ته سنڌ ادب جا گھڻگھرا پنهنجون ڪوششون جاري و ساري رکندي، سنڌ جي تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي کي ڪتابي شڪل ڏيئي ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ محفوظ ڪندا.   

آءٌ انهن سڀني دوستن ۽ ڪارڪنن جو مشڪور آهيان، خاص طور جناب غلام محمد ميمڻ (ڊپٽي ڪمشنر خيرپور) جناب تنوير عباسي ۽ جناب نظام الدين جتوئي (ڊائريڪٽر انفرميشن سکر ڊويزن). جيڪي هن نيڪ ڪم ۾ هر وقت مون سان ٻانهن ٻيلي رهيا.

والسلام

 سکر                                سيد محب الله شاهه

 15 مارچ 1982ع                    ڪمشنر سکر ڊويزن

 

 

ٻه اکر

 

سنڌ جي عظيم صوفي شاعر، حضرت لطيف سائين جي مشن کي پايهء تڪميل تي پهچائيندڙ ”سچو سائين“ جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ’سچل نيشنل سيمينار‘ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

’سيمينار‘ جي سلسلي ۾ گڏجاڻين دوران، جڏهن مون کي اها خبر پئي ته ”سچل سائين“ تي محترم محمد علي حداد هڪ ”ڪتب نامون“  Bibliography لکيو آهي. جڏهن اها ’ببليو گرافي‘ منهنجي نظرن مان گذري، تڏهن محسوس ڪيم ته هن کي جيڪڏهن ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته بهتر ٿيندو. مگر منهنجي اهڙي ’خواب‘ جي تعبير ڪير ڪري؟

اسان جي نوجوان، هر دلعزيز، ادب دوست ۽ ’سچل سائين جي پارکو‘ سائين محب الله شاهه صاحب ڪمشنر سکر ڊويزن ان ’خواب‘ جي ’تعبير‘ ڪندي ان نيڪ ڪم جو ذمون کنيو. جيڪو سندن هڪ عظيم ڪارنامو آهي.

محترم حداد جون ڪوششون ۽ ڪاوشون، لائق صد تحسين آهن. فاضل مصنف کي ’ببليو گرافي‘ مرتب ڪرڻ لاءِ سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻه، حيدرآباد ۽ ڪراچي جھڙن دور دراز شهرن جا سفر ڪٽڻا پيا ۽ مختلف لائبريرين ۽ ڪتب خانن جون ورق گرادنيون ڪري مواد ميڙڻو پيو. اهو ڪو سولو ڪم نه هيو.

هي مختصر پر جامع ڪتاب مصنف جي لڳاتار ڏيڍ سال جي عرق ريزي جو نتيجو آهي، جيڪو اڄ اوهان جي هٿن ۾ ڪتابي صورت ۾ آهي.

جيستائين منهنجي ذاتي مطالعي ۽ مشاهدي جو تعلق آهي ته ڪنهن به شخصيت تي سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون مڪمل ’ببليو گرافي‘ آهي، جنهن ۾ مختلف 934 مستند ڪتابن، رسالن، مضمونن ۽ مقالن جا حوالا ڏنل آهن؛ جنهن ۾ هندستان مان ڇپايل ڪتاب به اچي وڃن ٿا.

ڪتاب جي آخر ۾ چار ڏسڻيون (Indices) ڏنل آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين باب جي اضافي ۽ جديد لاڙن جي حيثيت رکين ٿيون.

هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جي املهه ۽ منفرد ڪتاب آهي. هن کان بعد جيڪي به ’دولهه درازيءَ‘ تي ريسرچ لاءِ ميدان عمل ۾ پير ڌريندا ته کين ڪتاب لازمي طور پنهنجي اڳيان رکڻو پوندو.

محترم حداد هن ڪتاب کي منظر عام تي آڻي سنڌي ساهت تي احسان ڪندي ادب ۾ پنهنجو جائز حصو ڄاڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جو آءٌ کلي دل سان اعتراف ڪريان ٿو.

’سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،‘ (شاهه)

 

                                      ناچيز

  سکر                           نظام الدين جتوئي

           07 - 03 - 1981 ڊائريڪٽر انفرميشن، سکر ڊويزن

 

 

تعارف

 

سچل سرمست جي ببليو گرافيءَ جي اشاعت، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل آهي.

جديد تحقيق لاءِ ضروري آهي، ته هر اهم ادبي شخصيت جي حوالن جي هڪ وچور موجود هجي. ان کان سواءِ تحقيق جو ڪم اڌورو ۽ غير معياري ٿئي ٿو، ۽ تحقيق ڪندڙن کي حوالن کي ڳولهڻ ۾ تڪليف هڪ طرف ٿي ٿئي، ۽ وقت جو زيان ٻئي طرف.

سچل سرمست سنڌيءَ زبان جو پهريون شاعر آهي، جنهن جي باري ۾ معياري ۽ ذري گھٽ مڪمل ببليو گرافي شايع ٿي رهي آهي. ادب ڏانهن عام ماڻهن توڙي ادارن جي جيڪا روش آهي ان کي ڏسندي، اهڙي قسم جي ببليو گرافي ترتيب ڏيڻ ۽ شايع ٿيڻ هڪ معجزي کان گھٽ نه آهي.

ڪتابن جي ٻيهر نه شايع ٿيڻ ــــ لئبررين جو دور دراز هنڌن تي هجڻ ـــ لئبررين ۾ ڪتابن جي ترتيب وار سٽا ۽ فهرستن جو غير موجود هجڻ، ۽ ڪيترين ئي ذاتي لئبررين جي مالڪن جي ادبي ڪنجوسي، اهي سڀ رڪاوٽون آهن، جن کي محترم محمد علي حداد، همت، جذبي، محنت ۽ خلوص سان پار ڪيو آهي.

محمد علي حداد، سنڌي زبان جو اهو خاموش، محنتي ۽ ايماندار ڪارڪن آهي، جنهن کي نالي ڪڍائڻ جو شوق گھٽ، ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ جو فڪر وڌيڪ آهي. هو سنڌي ادب لاءِ سالن کان مسلسل محنت ڪندو ٿو اچي، ۽ ان جو نتيجو هيءَ ببليو گرافي آهي.

محترم محمد علي حداد، اڪيلي سر، بنا ڪنهن سرمايي جي، اهو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي، جنهن کي لکن جي بجيٽ وارا وڏا وڏا ادارا به سرانجام نه ڏيئي سگھيا آهن.اميد آهي ته اهي ادارا، اسان جي هن فخر لائق محقق کان سبق سکندا ۽ سنڌ جي سڀني اهم ادبي شخصيتن تي اهڙيون ببليو گرافيون ترتيب ڏياري، پنهنجي فرض کي ادا ڪندا.

سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ مصنف جو قدر ڪندي، کيس گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو، ان لاءِ محترم غلام محمد ميمڻ مبارڪن لائق آهي، جنهن اهي ايوارڊ شروع ڪرايا.

اميد ته لائق مرتب اسان جي ادب کي وڌيڪ مالامال ڪندو.

 

 سرمد جو گھر، خيرپور                  تنوير عباسي

26 فيبروري 1982ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org