سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪليمنجارو جي برف

باب: --

صفحو :1

ڪليمنجارو جي برف

ارنيسٽ هيمنگوي

ڇپائيندڙ پاران

 

”ڪليمنجارو جي برف“ جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار اَرنيسٽ هيمنگوي جي لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ ڪل 10 ڪهاڻيون شامل آهن. اَرنيسٽ هيمنگوي اهو واحد ليکڪ آهي، جنهن وڌ کان وڌ پنهنجن ذاتي تجربن ۽ مشاهدن کي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي. ليکڪ پهرين عالمي جنگ دوران اٽليءَ ۾ هڪ ايمبولينس ڊرائيور طور ۽ ٻي عالمي جنگ دوران يورپي محاذ تي جنگي رپورٽر جا فرض سرانجام ڏنا. يقينن هن ليکڪ ٻنهي جنگين دوران سپاهين کي زخمي ۽ مئل حالت ۾ ڏٺو هوندو ۽ کين ڪربناڪ حالت ۾ ايمبولينس ۾ کڻي اسپتال يا سندن وارثن تائين پهچايو هوندو. گڏوگڏ جنگين جون مختلف ڪيفيتون ۽ منظر سندس اکين اڳيان گذريا هوندا. انهن سڀني واقعن جي مشاهدي ۽ تجربي هيمنگوي جهڙي حساس ليکڪ کي متاثر ڪري ڪهاڻيون لکڻ لاءِ ذهني طرح اُتساهيو هوندو. هتي ڏنل تقريبا= سموريون ڪهاڻيون انهيءَ سڄي ويڙهاند واري دور جو پسمنظر ظاهر ڪن ٿيون.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته هڪ عظيم ليکڪ کي حالتن جو وڏو ادراڪ هوندو آهي. هو هڪ ئي وقت نه رڳو وقت ۽ حالتن جي نبض شناسي ڪرڻ ڄاڻندو آهي بلڪه ان جي بروقت علاج ڪرڻ جو به کيس فڪر هوندو آهي. هنن ڪهاڻين جي ليکڪ جي مڃتا ڪرڻ کان پوءِ شابس ڏجي جناب رشيد ڀٽي ۽ جناب علي بخش ميمڻ صاحبان کي، جن ڪهاڻين جي ترجمي ڪرڻ جو بار پاڻ مٿان کنيو ۽ اُهي نهايت سهڻي انداز ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ هن عالمي ادبي شهپاري جو اضافو ڪيو. ٻنهي صاحبن جي گڏيل پيار ڀرئي پورهئي سان تيار ٿيل هيءُ مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني جي الماريءَ ۾ ورهين کان نڌڻڪو پيل هو، اتان ڪڍي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري اڳڀرائي ڪرڻ جو اعزاز هن ناچيز بندي کي حاصل ٿيو آهي، نه ته ڪير ڄاڻي، ته هيءُ ادبي خزانو ڇپجي به ها الائي نه.

بهرحال اڄ هيءَ ذميداري مون کي مليل آهي ۽ سڀاڻي ڪنهن ٻئي کي نصيب ٿيڻي آهي ۽ هر ماڻهو پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ضمير آڏو پاڻ تي رکيل ذميدارين جو جوابده آهي. ان جو فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪري ڇڏيندو ته ڪنهن پنهنجي ذميوارين کي ڪيئن نڀايو. البت اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ادارا پنهنجي ذميداريءَ کي ذميداري سمجهي نڀائڻ سان ئي هلندا آهن. ادارن کي بهتر طريقي سان هلائڻ وارو فقط اهو ئي هڪ سائنسي حل آهي، باقي رستا اجايا ۽ غير ضروري آهن.

سنڌي ادبي بورڊ هڪ نج تحقيقي ۽ علمي ادارو آهي، تنهنڪري هـِـتي ماڻهن جو جيڪو جيترو به ڪم ٿيل آهي، پوءِ چاهي اهو ماسو هجي يا مڻ، ظاهر ٿي بيهي ٿو. منهنجي به هر وقت اهائي ڪوشش آهي، ته آءٌ پنهنجي مـُـدي دوران سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جي جيڪا خدمت ڪري سگهان، اها ماسن ۾ نه پر مڻن ۽ ٽنن ۾ هجي. ان ڪم ۾ مون سان گڏ اداري جي ٻين ڪارڪـُـنن جو پورهيو پڻ شامل هجي، ته جيئن اداري ۾ اجتماعي پورهيي جو تصور جـُـڙي سگهي. مون کي خوشي آهي ته اداري جي ڪارڪنن ان ڏس ۾ پاڻ ملهايو آهي. اُميد اٿئون ته پڙهندڙ به اهڙي ڀلي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا.

 

ڄام شورو، سنڌ

17 - مارچ 2005ع

بمطابق 06 صفر 1426 هه

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 


 

 

ليکڪ بابت

اَرنيسٽ هيمنگوي، آواڪ پارڪ، الينوائس ۾ 1899ع ۾ ڄائو. هن لکڻ جي شروعات 1917ع ۾ ”دي ڪئيناس سٽي اسٽار“ جي هڪ مستقل ڪالم نگار سان ڪئي. پهرين عالمي جنگ ۾ هن پنهنجون رضاڪاراڻيون خدمتون ائمبولينس ڊرائيور طور پيش ڪيون. هو اٽليءَ جي محاذ تي رُڌل رهيو، پر جلد ئي اُتي بري فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي سخت زخمي ٿي پيو ۽ کيس ضعيف قرار ڏئي واپس موٽايو ويو. سال 1921ع ۾ هيمنگوي پئرس ۾ قيام پذير ٿيو، جتي هو ٻين آمريڪي جلاوطنن جوٽيوڊ اسٽينن، جپئريوڊ، ايف اسڪاٽ، فٽز جرالڊ، ايذرا پاؤنڊ ۽ فورڊ مئڊاڪس فورڊ ڊوارن جي حلقي جو هڪ حصو ٿي پيو. سندس پهريون ڪتاب Three Stories and Ten Poems (ٽي ڪهاڻيون ۽ ڏهه نظم) 1923ع ۾ پئرس مان شايع ٿيو. اُن کان سـُـتت پوءِ 1925ع ۾ سندس ڪهاڻين جي چونڊ In our Time (اسان جي وقت ۾) شايع ٿيو، جنهن سندس آمريڪي ليکڪ طور ساک قائم ڪئي. 1926ع ۾ The sun also rises (سج به اڀري ٿو) جي ظاهر ٿيڻ سان، هيمنگوي نه رڳو ”وڃايل نسل“ جو آواز ٿي پيو، پر پنهنجي وقت جو ناميارو ليکڪ به. ان کان پوءِ 1927ع ۾ سندس ناول Men without women (مرد، عورتن کان سواءِ) شايع ٿيو. جڏهن هيمنگوي آمريڪا جي گڏيل رياستن ڏانهن موٽيو ته سال 1929ع ۾ اٽليءَ واري محاذ بابت سندس ناول A farewell to arms (جنگ کان موڪلاڻي) شايع ٿيو. سال 1930ع ۾ هيمنگوي ڪي ويسٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پوءِ ڪيوبا ۾، پر هن گهڻي سير سياحت ڪئي. اسپين، فلوريڊا، اٽلي ۽ آفريڪا بابت هن پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي آڌار ڪيترائي ڪتاب لکيا. سال 1932ع ۾ سندس Death in the after noon (لڙيءَ منجهند جو موت) بـُل فائيٽنگ (اسپين جو قومي راند جنهن ۾ ماڻهو مڇريل ڍڳن سان مقابلو ڪندو آهي) تي هڪ ڪلاسيڪي شاهڪار ڪتاب شايع ٿيو. سال 1953ع ۾ green Hills of Africa (آفريڪا جون سرسبز ٽڪريون) شايع ٿيو، جو آفريڪا ۾ وڏي شيل شڪار جو داستان آهي. بعد ۾ هو اسپين واري گهرو لڙائيءَ ۾ اخباري رپورٽر ٿيو ۽ اُهي رپورٽون ئي، سندس 1939ع ۾ جنگ جي موضوع تي شايع ٿيل بهترين ناول For whom the bell tolls (گهنڊ ”موت جو“ ڪنهن لاءِ پيو وڄي) جو پس منظر ٿيو. هن ڪئري بين سمنڊ ۾ آمريڪي يو. بوٽس (ٻيڙي) جي به رپورٽنگ ڪئي، ۽ ٻي عالمي لڙائيءَ دوران يورپي محاذ تي به جنگ جي رپورٽنگ ڪئي.

هيمنگوي جي مقبول ترين ڪتاب Old man and the sea (پوڙهو ۽ سمنڊ) کي 1953ع ۾ پليزر پرائيز (انعام) مليو. سال 1954ع ۾ هيمنگوي کي سندس پرزور اندازِ بيان جي فن تي هڪ انوکي شخصي طرز واري دسترس هئڻ سبب ادب جو نوبل انعام (Nobel Prize) مليو. آمريڪي فڪشن ۾ ناول ۽ ڪهاڻي جي اوسر تي، اثر انداز اديبن مان نهايت اهم شخصيت هيمنگوي، آمريڪي خلق جي ذهنن تي اهڙو ڇانئجي ويو، جهڙو ٻيو ڪوبه ويهين صديءَ جو ليکڪ نه ڇانئيو. سال 1961ع ۾ اداهو رياست جي شهر ڪيچم ۾ هن آپگهات سان پنهنجي جيون جو انت آندو. سندس ٻين ڪتابن ۾ هي ڪتاب شامل آهن: Torrents of Spring (بهار جا جـِـهرڻا) 1926ع، Winner Takes Nothing (کٽندڙ ڪجهه نه ٿو کڻي) 1933ع.

To have and have not

(هوند ۽ اڻ هوند) 1937ع

The fifth column، and the first forty nine stories.

(پنج ڪالم ۽ پهريون اڻونجاهه ڪهاڻيون) 1938ع

Across th river and into the trees.

(نديءَ جي هن پار ۽ وڻن ۾) 1950ع ۽ سندس موت کان پوءِ شايع ٿيل

A Movable feast.

(متحرڪ خيرات جي ماني) 1964ع

Islands in the stream.

(نهر ۾ ٻيٽ) 1970ع

The Dangerous Summer.

(خطرناڪ اونهارو) 1985ع

The gardens of edan.

(عدن جا باغ) 1986ع

 

 

”ڪليمنجارو“ جي برف

”ڪليمنجارو“، برف سان ڍڪيل 19710 فوٽ اوچو پهاڙ آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو آفريڪا جو سڀ کان مٿاهون پهاڙ آهي. هن جي الهندي چوٽيءَ جو نالو ’نڪاجي  نڪائي‘ يعني ’ديوتائن جو گهر‘ آهي. الهندي چوٽيءَ جي ويجهو ئي ڪنهن چيتي جو هڪ سـُـڪل ۽ ڄمي ويل مڙهه پيل آهي. ڪو به اهو سمجهائي نه سگهيو آهي ته ان ايڏي بلنديءَ تي چيتي ڇا پئي ڳولهيو!

”حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ سور ٿئي ئي نه“. هن چيو: ”اهائي ان جي شروع ٿيڻ جي نشاني آهي.“

”سچي؟“

”بلڪل. ان جي ڌپ جو البت مون کي ڏاڍو ڏک آهي، اها توکي تنگ ڪندي هوندي.“

”نه، نه. مهرباني ڪري ايئن ته نه چئو.“

”هنن ڏانهن نهار،“ هن چيو ”هتي کين هن ڌپ آندو آهي يا سندن تيز نظر؟“

جنهن سفري کٽ تي مرد ستو پيو هو، سا گدامڙيءَ جي وڻ جي ڇانوري ۾ پئي هئي ۽ جيئن ئي هن جي نظر جرڪندڙ کليل ميدان تي پيئي، ته ٽي وڏا پکي بي حيائيءَ سان ويٺل ڏٺائين ۽ درجن کان وڌيڪ مٿي آسمان ۾ لامارا ڏئي رهيا هئا ۽ زمين تي تڪڙا گهمندڙ پاڇولا پکيڙي رهيا هئا.

”جنهن ڏينهن کان ٽرڪ خراب ٿي آهي، تڏهن کان انهن پکين جا لامارا شروع آهن.“ هن چيو: ”اڄ پهريون دفعو آهي جو هو پٽ تي لٿا آهن. پهريائين مان انهن کي ڏاڍو ڌيان سان اُڏامندي ۽ لامارا ڏيندي ڏسندو هوس، ڇو جو مان انهن جي اها ڪيفيت ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪم آڻڻ پئي چاهي، پر هينئر ته اهو ڪجهه عجيب پيو لڳي!“

”مان ته چاهيان ٿي ته انهن ڏي خيال ئي نه ڏي.“ هـُـن چيس.

”مان ته رڳو توکي ٻڌايان ٿو.“ هن وراڻيو. ”ٻڌائڻ ۾ مون کي ڪو اهنج نه ٿو ٿئي، پر مان توکي پريشان ڪرڻ به نه ٿو چاهيان.“

”توکي خبر آهي ته تنهنجي ڳالهين مان مون کي تڪليف ڪانه ٿي ٿئي.“ هن چيو ”منهنجي پريشانيءَ جو ڪارڻ رڳو اهو آهي ته مان بدحواس ٿي وئي آهيان ۽ تو لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهان. منهنجي خيال ۾ ته پاڻ کي تيستائين وڌ ۾ وڌ خوش ۽ ڳالهين ۾ رڌل رکڻ گهرجي، جيستائين جهاز اچي.“

”يا جيستائين جهاز اچي ئي ڪونه!“

”قرب ڪري ٻڌاءِ ته تولاءِ مان ڇا ڪري سگهان ٿي؟ آخر ڪجهه ته ڪري سگهنديس.“

”تون منهنجي ٽنگ ڪٽي ڌار ڪري سگهين ٿي ۽ ائين ان عذاب جو خاتمو اچي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مون کي پڪ نه آهي. گولي هڻي ختم ڪري سگهين ٿي. تون هاڻي چڱي نشاني باز بڻجي وئي آهين. مون ئي ته توکي نشانو وٺڻ جي مشق ڪرائي آهي. ائين نه؟“

”جاني، اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر. ڀلا ڪجهه پڙهي ٻڌايانءِ؟“

”پڙهي ٻڌائيندينءَ ڇا؟“

”ڪتابن جي ٿيلهي مان ڪوبه، جو اسان نه پڙهيو هجي.“

”مان ٻڌي نه ٿو سگهان، ڳالهائڻ سهنجو ٿو لڳيم.“ هن چيو، ”ائين بحث تڪرار ۾ وقت سٺو گذريو وڃي.“

”مان ته تڪرار ڪونه ٿي ڪريان. مان جهيڙو به نه ٿي چاهيان. هاڻي اڳتي پاڻ کي جهيڙو جهٽو نه ڪرڻ گهرجي، ڪيترو به کڻي نراس ۽ مايوس ڇو نه ٿي وڃون. ٿي سگهي ٿو ته هو ٻي ٽرڪ ڪاهي اڄ موٽي اچن. ٿي سگهي ٿو ته جهاز ئي اڄ اچي وڃي.“

”مان هتان هلڻ نه ٿو چاهيان“، مرد چيو ”هتان وڃڻ مان هاڻي ڪوبه فائدو ڪونهي. البت توکي ڪو ان مان سک سهنج ملي ته ٺيڪ آ.“

”اها ته بزدلي آهي.“

”تون ڪنهن کي گارين ڏيڻ کانسواءِ آرام سان مرڻ به ڪونه ڏيندينءَ؟ مون لاءِ اهڙا بي معنيٰ لفظ ڇو ٿي چوين؟“

”تون ڪونه مرندين.“

”چري نه ٿيءُ، مان هينئر مران پيو، انهن حرامزادن کان پڇ.“ هن ان طرف نهاريو جتي ٽي بدصورت ۽ گندا پکي ويٺا هئا. سندن گنجا مٿا کنڀڙاٽين ۾ لڪل هئا. چوٿون به هيٺ لٿو. تڪڙا ٽپ ڏيندو، اڳتي وڌي، هوريان هوريان وڃي اڳين ٽن سان گڏيو.

”اهي هر ڏينهن ڪئمپ تي لامارا ڏيندا آهن. تو ڪڏهن ان طرف شايد ڏٺو ناهي. جي هانءُ نه هاريندين ته ڪونه مرندين.“

”اهو وري ڪٿي پڙهيو اٿئي؟ تون ته ڪا وڏي بي عقل آهين.“

”مرڻ جو فڪر ڇڏيو، ڪجهه ٻيو سوچ.“

”مسيح جي واسطي هاڻي بس ڪر.“ هن چيو، ”اهو ته منهنجو هاڻ وندر ٿي چڪو آهي.“

پوءِ هو ماٺ ٿي ويو. جهٽ لاءِ ليٽي پيو. اُس ۾ چمڪندڙ وسيع ميدان ڏانهن توڙ تائين ٻوٽن ڏانهن نگاهه هلي ويس. زرد ٻوٽن پويان هن کي ننڍڙا ننڍڙا اڇا دٻڪ نظر آيا، جي ڪن جهنگلي جانورن جا هئا. انهن کان به پرڀرو هن گڏهن جو هڪ ٽولو ڏٺو جيڪو ساون جهڳٽن اڳيان اڇن اڇن ٽٻڪن جيان پئي لڳا. ڪئمپ ڏاڍي سٺي جڳهه تي هئي. پهاڙ جي اوٽ ۾ وڏن وڏن گهاٽي ڇانوَ وارن وڻن جي هيٺان، جتي پيئڻ جو پاڻي به موجود هو. ڀرسان ئي هڪ ذري گهٽ سڪل دُٻو هو، جتي پٽ تتر صبح جو اچي ڊاٻو ڪندا هئا.

”چئين ته ڪجهه پڙهي ٻڌايان“.”هن چيس. هوءَ سندس کٽ جي پاسي سان ڪپڙي واري آرام ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. ٿڌڙي هير گـُـهلي رهي هئي.

”نه، مهرباني.“

”شايد ٽرڪ اچي وڃي.“

”مون کي ان جو ڪو فڪر ڪونهي.“

”مون کي ته آهي.“

”توکي ته هونءَ به انهن ڳالهين جو فڪر هوندو آهي، جن جي مون کي پرواهه نه هوندي آهي.“

”نه. گهڻيون نه. هئري.“

”چڱو ڀلا، شراب جي جام بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“

”تنهنجي لاءِ نقصانڪار آهي. ان حالت ۾ نشي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. توکي پيئڻ نه گهرجي.“

”مولو!“ هن رڙ ڪئي.

”جي سائين.“

”وسڪي ۽ سوڍا کڻي آءُ“

”حاضر سائين.“

”نه پيءُ. ڪتابن ۾ به لکيل آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ نه پيئڻ گهرجي. مان به سمجهان ٿي، ته واقعي تنهنجي لاءِ خراب آهي.“

”نه، منهنجي لاءِ سٺو آهي.“

هن سوچيو، هينئر سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو. هاڻ هن کي ان کي ختم ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو، سو اهڙيءَ طرح شراب تي تڪرار سان ان جي پڄاڻي ٿي. جڏهن کان هن جي ساڄي ڄنگهه ۾ (گئنگرين) ناسور ٿيو هو، هن کي محسوس به ڪونه پئي ٿيو ۽ سور سان گڏ خوف ۽ ڀؤ به وڃي چڪو هو ۽ هن کي رڳو ٿڪاوٽ ۽ ڪاوڙ محسوس ٿيندي هئي ته ان نموني اچي هن جي پڄاڻي ٿي هئي، پر هينئر اُن هن لاءِ ڪا معنيٰ نه پئي رکي. عجب آ ته ڪيئن نه زندگيءَ کان ٿڪاوٽ ان کي آسان ڪري ڇڏيو هو.

هينئر هو اهو ڪجهه ڪڏهن نه لکي سگهندو، جو ڪجهه هن انهن بابت پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد لکڻ پئي چاهيو. خير، هينئر جي هو ڪجهه لکڻ به چاهي ها ته نه لکي سگهي ها. ”ٿي سگهي ٿو ته تون اهو ڪڏهن لکي ئي نه سگهين ها ۽ اهوئي سبب هو جو تون ان کي ملتوي ڪندو ۽ شروع ڪرڻ کان نٽائيندو آئين.“ هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.

”ڪاش، اسين هت اچون ئي نه ها.“ عورت چيو. هوءَ گلاس هٿ ۾ جهلي چپ ڀيڪوڙي هن ڏانهن نهاري رهي هئي. ”توکي پئرس ۾ اهو ڪجهه نه ٿئي ها جو هت ٿيو آهي. تون سدائين چوندو هئين ته تون پئرس کي چاهيندو آهين. اسين پئرس ۾ ئي ترسي پئون ها، يا ڪنهن ٻئي طرف هليا هلون ها. مان ته ڪاڏي به هلي پئي سگهيس. مون ته چيو هو ته جيڏانهن تون چاهيندين اوڏانهن مان هلنديس. جي توکي شڪار جو ئي شوق هو، ته هنگريءَ هليا هلون ها ۽ اتي شڪار به ڪريون ها ته آرام سان به هجون ها.“

”تنهنجي چنڊي دولت.“ هن چيو.

”اهو انصاف نه آهي.“ هن وراڻيو. ”اها ته منهنجي به ايتري ئي هئي، جيتري تنهنجي. مون ته تو لاءِ هرشيءِ ڇڏي ڏني. هرجاءِ تي تنهنجو ساٿ ڏنو ۽ هر اهو ڪم ڪيو جو تو چاهيو. پر جيڪر اسين هت نه اچون ها.“

”تو ئي ته چيو هو ته هيءَ جاءِ توکي وڻندي آهي.“

”اهو تڏهن، جڏهن تون صفا چاڪ چڱو ڀلو هئين. پر هينئر مان هن جڳهه کان نفرت ٿي ڪريان. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهو سڀ ڪجهه توسان ڇو ٿيو آهي. اسان کي ڪهڙي ڪيي جي سزا ملي رهي آهي.“

”منهنجي خيال ۾ مون کان غلطي اها ٿي جو جڏهن پهريون ڀيرو رهڙ آئي ته آيوڊين نه لڳايم. پوءِ به مون ان طرف ڌيان نه ڏنو ڇو جو مون کي پڪريز ٿيو ئي ڪين. پوءِ بعد ۾ جڏهن ان جي حالت خراب ٿي ويئي، شايد ان سادي ڪاربولڪ استعمال ڪرڻ سبب، ڇو جو ٻيون جيوڙا مار دوائون ختم ٿي چڪيون هيون. رت جون سنهيون ناليون مفلوج ٿي ويون ۽ ناسور شروع ٿيو.“ هن ڏانهس نهاريو. ”ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي.“

”منهنجو اهو مطلب نه آهي.“

”جيڪڏهن اسان جڏي ديسي ڊرائيور بجاءِ ڪو سٺو تجربيڪار ڊرائيور کڻون ها ته هو تيل وغيره جي چڪاس ۽ جاچ ڪندو رهي ها، ۽ ٽرڪ جو بيئرنگ ائين نه سڙي وڃي ها.“

”منهنجو اهو به مطلب نه آهي.“

”جيڪڏهن تون پنهنجي ماڻهن کي نه ڇڏين ها، خدا جي مار پوين ويٽسبري، ساراتوگا، ۽ پام بيچ وارن ماڻهن کي نه ڇڏين ها. منهنجي خاطر.....“

”ائين ڇو ٿو چوين؟ مون ته توکي چاهيو آهي. اهو چوڻ مناسب نه آهي. مان هاڻي به تو سان پيار ڪريان ٿي. سدائين توسان پيار ڪندي رهنديس. ڇا تنهنجو مون سان پيار ڪونهي؟“

”نه“ مرد چيو، ”مان نه ٿو سمجهان. نه ئي مون ڪڏهن توکي چاهيو آهي.“

”هئري، ڇا پيو چئين؟ تون نشي ۾ هوش وڃائي ويٺو آهين.“

”نه، مون کي هوش عقل آهي ئي ڪونه جو وڃايان.“

”نه پيءُ“ هن چيس. ”پيارا! قرب ڪر، اهو نه پيءُ، اسين جو ڪجهه ڪري سگهون سو اوس ڪرڻ گهرجي.“

”تون ڪرين ته ڪر.“ مرد، عورت کي ڪاوڙ ۾ چيو. ”مان ٿڪجي پيو آهيان.“

هن جي تصور ۾ ’ڪاراگاچا‘ جي ريلوي اسٽيشن اچي ويئي. هو پنهنجي سامان سوڌو اتي بيٺو هو. سمپٽن اوريئنٽ ريل جي انجڻ جي روشني اوندهه کي چيريندي وڌي رهي هئي. فوج جي ڀاڄ کان پوءِ هو ٿريس کان واپس وري رهيو هو. اها ڳالهه به انهن مان هڪ هئي جي هن لکڻ لاءِ رکي ڇڏيون هيون. بلغاريا ۾ صبح جو نيرن تي درين کان ٻاهر نهاريندي پهاڙن تي برف جو نظر اچڻ ۽ نانسين جي سيڪريٽريءَ جو هڪ پوڙهي کان پڇڻ ته اها برف هئي يا ٻيو ڪجهه ۽ پوڙهي جو ان کي ڏسڻ ۽ چوڻ ته اها برف نه هئي ۽ اڃا برف ۾ دير هئي ۽ سيڪريٽريءَ جو ٻين ڇوڪرين کي ورجائڻ ته، نه اها برف نه آهي ۽ پوءِ سڀني جو هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ ته اها برف نه هئي ۽ هو سڀ ڀليل هيون، پر حقيقت ۾ اها برف ئي هئي ۽ جڏهن آباديءَ جو تبادلو ٿيو ته هن انهن سڀني کي ان ئي رستي سان اماڻيو. اها ساري برف ئي برف هئي، جنهن تي هلندي هلندي هو سڀ مري ويون.

ان سال گدائرٽل ۾ به ناتال وارو سارو هفتو برف پئي هئي. ان سال هو هڪ ڪاٺير جي گهر ۾ رهيا هئا، جنهن جو اڌ ڪمرو ته چينيءَ جي بخاري والاريو هو. هو رات جو کاٻر جي گاديلن تي پٽ تي سمهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اتي هڪ ڀڳوڙو فوجي به آيو هو جنهن جا پير برف تي پنڌ ڪري ڪري ڦٽجي ويا هيا ۽ منجهانئن رت ڳڙي رهيو هو. هنن کيس پشم جا جوراب ڏنا. سندس پويان پوليس لڳل هئي. هنن کيس روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن پوليس پيڇو ڪندي اتي اچي پهتي ته هن کين ڳالهين ۾ ريجهائي ويهاريو، جيستائين ڀڳوڙو فوجي پري نڪري ويو ۽ سندس پيرن جا نشان به برف پوڻ سان ڍڪجي ويا.

ناتال واري هفتي جي پوئين ڏينهن شرنز ۾ ايتري برف پئي جو دريءَ مان ٻاهر نهارڻ سان ئي اکيون چمڪ کان چنجهيون پئي ٿي ويون ۽ سڀ ماڻهو چٽيءَ طرح نظر اچي رهيا هئا جي گرجا کان گهرن ڏانهن موٽي رهيا هئا. اتي ئي هو گهميا ڦريا هئا، ان ئي زردي مائل رستي تي جو برفاني گاڏين جي هلڻ ڪري لسو ٿي ويو هو ۽ جو نديءَ جي ڪناري سان چيل جي وڻن سان ڍڪيل پهاڙن تي هليو پئي ويو. ڪلهن تي ڳريون اسڪيز (برف تي ترڪڻ جون لوهي جتيون) کڻي هو مٿي چڙهيا هيا ۽ مئڊليزهاس نالي برفاني ڇپ تان هو هيٺ ترڪندا ڊوڙيا هيا. برف، جا ڄميل ڪيڪ جيان ڪونئري ۽ دز جيان هلڪي هئي ۽ هن کي چپ چاپ بي آواز تڪڙي گهـُـت ياد هئي، جيئن ڪو وڏو پکي هيٺ لهندو هجي.

مئڊليزهاس ۾ هو هڪ هفتي تائين برف پوڻ ڪري ڦاسي پيا. ٻاهر برفاني هوائون گهلي رهيون هيون ۽ هو اندر لالٽين جي دونهاٽيل روشنيءَ ۾ تاش کيڏندا رهيا. جيئن جيئن مسٽر لينٽ وڌيڪ هارايو پئي، تيئن تيئن هن وڏو داءُ پئي لڳايو. آخرڪار هو سڀ ڪجهه هارائي ويٺو. اسڪيز جي رانديگرن کان ڪمايل رقم، سڄي سال جو نفعو ۽ آخر ۾ پنهنجي ساري موڙي به. هن جي اکين اڳيان هن جو مـُـهانڊو اڃا چڱيءَ طرح بيٺو هو، جڏهن هو پتا ڏسي چال پئي هليو. اتي سدائين جوا ٿيندي هئي. برف پئي يا نه پئي. هن جي خيال ۾ هن ساري زندگي جوا ۾ گذاري ڇڏي هئي.

پر ان بابت هن ڪڏهن هڪ سٽ به نه لکي هئي ۽ نه ئي ان ٿڌي روشن ناتال جي ڏينهن بابت ئي ڪجهه لکيو هئائين، جڏهن پهاڙ اڪري ميدان مٿان اڏام ڪري ’بارڪر‘ جي جهاز موڪل تي ويندڙ آسٽريائي فوجين جي ريل گاڏيءَ تي بمباري ڪئي هئي، ۽ جڏهن هو ريل مان لهي ڇڙوڇڙ ٿي ڀڳا ٿي ته مٿانئن مشين گن سان گوليون هلايون ويون. هن کي چڱيءَ ريت ياد هو ته ان حملي کان پوءِ بارڪس ميس ۾ آيو ۽ واقعي جو تفصيل ٻڌائڻ لڳو. ڪيئن نه سانت ڇانئجي ويئي هئي ۽ پوءِ ڪنهن چيو هو ”او خوني! قاتل، حرامزادا!“

هي اهي ئي آسٽرياواسي هيا، جن کي هن نشانو بڻايو هو ۽ انهن سان هينئر اسڪيز راند کيڏي رهيو هو. نه، اهي ساڳيا ته نه هيا. هو جنهن سان سڄو سال برف تي کيڏندو رهيو، سو مسٽر هئن هن وقت قيصر جاگرس ۾ هو. جڏهن هو آرامشين جي ڪجهه مفاصلي تي مٿانهين ماٿريءَ ۾ گڏجي سيهڙن جي شڪار تي ويا هئا ته هنن پاسوبيا جي لڙائيءَ، پرٽيڪا ۽ اسلوني تي حملن بابت ڳالهايو. پر هن ان بابت به هڪ سٽ نه لکي هئي. نه ئي مانٽي ڪارنو، نه ئي سٽي ڪاهم ۽ نه ئي آرسيڊو بابت.

هن وورلبرگ ۽ آرلبرگ ۾ پورا چار سيارا گذاريا هئا. پوءِ هن کي بلوڊنز ۾ گهمڻ ياد آيو جتي هو سوکڙيون ۽ چيري جي شراب جو سواد وٺڻ لاءِ ويا هيا. اتي هڪ ماڻهو وٽن لومڙ کڻي وڪڻڻ لاءِ آيو هو. برف جي ٽڪرن تي ترڪندڙ برف جا زرڙا پئجي رهيا هئا. رانديگر ان تان ترڪندي ڳائيندا وڄائيندا پئي ويا، پهرئين سڌو ئي سڌو، پوءِ وڻن واري ٽن وڪڙن واري رستي تان ۽ پوءِ کڏ اُڪري سراءِ جي پويان روڊ تي اچڻ، پوءِ جتين جون ڪهيون کولي، لاهي، سراءِ جي ڪاٺ واريءَ ڀت سان اڀيون ڪري رکڻ. دريءَ مان لالٽين جي جهڪي روشنيءَ جو ڇڻي ڇڻي ٻاهر اچڻ، جتي دونهاٽيل ماحول ۽ تازي شراب جي گرميءَ ۾ هو هارمونيم وڄائي رهيا هئا. هن کي هر ڳالهه ياد اچي رهي هئي.

”پئرس ۾ اسين ڪٿي رهيا هياسين؟“ هن عورت کان پڇيو، جا هينئر آفريڪا ۾ گاديلي تي سندس ڀر ۾ ويٺي هئي.

”ڪرلان ۾، توکي ياد ناهي ڇا؟“

”مون کي ڪهڙي خبر؟“

”اسين هميشه اتي ئي رهندا هئاسين.“

”هميشه ته نه.“

”اتي به، سينٽ جرمين ۽ پويلين هينري ڪوارٽر ۾ به. تو چيو پئي ته اها جاءِ توکي وڻندي هئي ۽ توکي ان سان پيار هو.“

”پيار رک جو ڍير آهي.“ هينريءَ چيو، ”مان ڪڪڙ آهيان جو ان تي چڙهي ٻانگ ٿو ڏيان.“

”جي توکي مرڻو ئي آهي“. عورت چيو، ۽ ڇا اهو ضروري آهي ته پويان ڇڏي ويندڙ هر شيءِ کي به ختم ڪري وڃين؟ منهنجو مطلب آهي ته تون سڀ ڪجهه پاڻ سان کنيو ويندين؟ پنهنجي گهوڙي کي به ماريندين، زال کي به، پنهنجن سنجن ۽ هٿيارن کي به باهه ڏيندين؟“

”هائو!“ هن چيو ”تنهنجي نڀاڳي دولت ئي منهنجو ڍال، سنج ۽ سواري هئي.“

”نه، ائين نه چئو.“

”ٺيڪ آ، مان چپ ٿو ڪريان. مان توکي ڏکوئڻ نٿو چاهيان.“

”پر تير ته ڪمان مان نڪري چڪو آهي.“

”ٺيڪ آ، ته پوءِ مان توکي ڏکوئيندو رهندس. ان ۾ وڌيڪ مزو آهي. جو ڪجهه مون تو سان ڪڏهن به ڪرڻ چاهيو پئي، سو مان هينئر نه ٿو ڪري سگهان.“

”نه، اهو سچ نه آهي. تو جو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو، مون به اهو ئي پئي ڪيو آهي.“

”اف! مسيح جو واسطو اٿئي. ٻٽاڪ هڻڻ بند ڪر؟“

هن ڏانهس نهاريو، هوءَ روئي رهي هئي.

”ٻڌ،“ هن چيس ”ڇا تون سمجهين ٿي ته مان هي سڀ ڪجهه مزي خاطر ٿو ڪريان؟ يقين ڪر مون کي خود خبر نه آهي ته ائين ڇو پيو ڪريان. اها پاڻ کي مارڻ ۽ توکي زندهه رکڻ جي ڪوشش آهي، مان ته ائين ٿو سمجهان. جڏهن پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو هيوسين ته مان بلڪل ٺيڪ هوس. مون اهڙين ڳالهين جي شروعات ڪرڻ ڪڏهن به نه پئي چاهي. هينئر مان ٽٽيهر جيان خبطي ٿي پيو آهيان ۽ توسان انتهائي بي رحميءَ وارو ورتاءُ ڪري رهيو آهيان. پياري، مان جو ڪجهه چوان، اهو دل ۾ نه ڪر. مان توسان پيار ڪريان ٿو، سچ پچ. توکي خبر به آ ته مان توسان پيار ڪريان ٿو. ڪنهن سان به ايترو پيار نه ڪيو اٿم جيترو توسان ڪريان ٿو.“

هن روايتي ڪوڙ ڳالهايو، اُن سان هو خوشامد ڪري روزي ڪمائيندو هو.

”تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين.“

”او ڪـُـتي“ هن رڙ ڪئي. ”او مالدار ڪـُـتي، اها شاعري آهي، هينئر شاعريءَ مان منهنجي دل ڀرجي چڪي آهي. بي عقلي ۽ شاعري، ڪني شاعري.“

”هاڻي بس ڪر، هئري! هينئر شيطان ڇو پيو ٿيندو وڃين؟“

”مان پويان ڪجهه به نٿو ڇڏڻ چاهيان،“ مرد وراڻيو. ”مان پويان ڪابه شيءِ ڇڏڻ نٿو چاهيان.“

شام ٿي وئي هئي، هو ننڊ مان جاڳيو هـُـيو. سج ٽڪرين جي پويان هليو ويو هو ۽ ميدان تي هوريان هوريان ڇانو اچي رهي هئي. ننڍڙا جانور ڪئمپ جي ويجهو چري پـُـري رهيا هئا. هو تڪڙو تڪڙو ڪنڌ هيٺ ڪري کائي به رهيا هئا ۽ پڇ به لوڏي رهيا هيا. هو هاڻي هنن کي ٻوٽن ۽ جهڳٽن کان گهڻو پري ڏسي رهيو هو. پکي پٽ تي نه رهيا هـُـئا. هو سڀ اڏامي وڻن تي وڃي ويٺا هئا.

هينئر انهن جو تعداد وڌي ويو هو. سندس نوڪر به ڀر وٺي ويهي چڪو هيو.

”ميم صاحبه شڪار تي ويئي آهي،“ ڇوڪري چيو. ۽ اوهان کي ڪجهه کپي ڇا؟“

”ڪجهه به نه.“ هـُـن وراڻيو.

ڪجهه گوشت هٿ ڪرڻ لاءِ هوءَ شڪار تي ويئي هئي. اهو ڄاڻندي ته هئريءَ کي شڪار جو شوق هو، هوءَ گهڻو پري هلي ويئي، ته جيئن هوءَ سندس آڏو ننڍڙي ميداني نظاري جي لطف ۾ خلل نه پيدا ڪري. هوءَ هر ڳالهه جو خيال رکندي هئي. هئريءَ سوچيو. هر شيءِ جو، جا هن کي معلوم هجي، يا پڙهي هجي، يا ڪٿي ٻڌي هجي. هوءَ هر طرح هن جو خيال ڪندي هئي.

ان ۾ سندس ڪو قصور نه هو، جڏهن هوءَ هئريءَ سان ملي ته ختم ٿي وئي هئي. ڀلا ڪا عورت ڪيئن ٿي سمجهي سگهي ته تون جو ڪجهه چئين ٿو اهو سچ نه آهي؟ ته تون عادت موجب رڳو سک ۽ آسائش لاءِ ڳالهائين ٿو؟ جڏهن هو سڀ ڪجهه سچ ۽ ساڀيان ۾ نه ڳالهائيندو هو، ته سندس ڪوڙ سچ ڳالهائڻ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندو هو.

هن لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪو مسئلو ئي نه هو، ڇو جو وٽس سچ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه هيو ئي ڪين. هن پنهنجي ڀرپور زندگي گذاري هئي ۽ سڀ خواهشون پوريون ڪيون هيون ۽ پوءِ هن وري پنهنجي زندگي وڌيڪ واسطن ۽ دولت سان شروع ڪئي، ساڳين ئي خوبصورت جاين ۽ ڪن نين جڳهين تي پڻ.

”تون سوچ ۽ فڪر کان پري رهين، اها عجيب ڳالهه هئي. تنهنجو اندر مضبوط ۽ سگهارو هو ان ڪري تون ڀڄي ڀورا ٿيڻ کان بچي وئين. تون جيڪو ڪجهه ڪندو هئين ان جي توکي ڪا پرواهه نه هوندي هئي، اهو تنهنجو رويو هيو زندگيءَ ڏانهن. هاڻي جڏهن ڪجهه به نٿو ڪري سگهين، تڏهن به تنهنجو ساڳيو بيپرواهيءَ وارو رويو آهي. پر تو پنهنجي ليکي ٿي چيو ته تون انهن ماڻهن بابت لکندين، وڏن دولتمندن جي باري ۾، ته تون درحقيقت انهن مان نه هئين، پر انهن جي ملڪ ۾ هڪ جاسوس هئين، ته تون اهو ملڪ ڇڏي ويندين ۽ ان بابت لکندين ۽ ائين لکندين جيئن ڪو گهر جو ڀيدي لکندو هجي.“ پر هن ايئن ڪڏهن به نه ڪيو. ڇو جو نه لکڻ واري هر ڏينهن، آسائش، عيش ۽ آرام جي هر ڏينهن، هن جي اهليت کي موڳو ۽ ماٺو ڪري ڇڏيو هو ۽ هن جي ڪم ڪرڻ جي ارادي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. آخر نتيجو اهو نڪتو جو هن مورڳو لکڻ ئي بند ڪري ڇڏيو. آفريڪا ئي اهڙو علائقو هو جتي هن زندگيءَ جا پرلطف ۽ خوشگوار پل گـُـذاريا هئا، ان ڪري هو وري اتي موٽي آيو، جيئن ٻيهر لکڻ شروع ڪري سگهي. هتي هنن هڪ آرامده سفري ڪئمپ قائم ڪئي هئي. اتي ڪا تڪليف ته نه هئي، پر گڏوگڏ عيش ۽ آرام به مـُـيسر ڪونه هو. هن سوچيو هو ته اهڙيءَ ريت هو وري لکڻ طرف موٽي سگهندو، سندس روح تي ڄميل دز لهي ويندي، جهڙي ريت شڪاري بدن جي چرٻي ڳارڻ لاءِ جبلن تي شڪار لاءِ هليا ويندا آهن.

هن به هن جي ان خيال کي پسند ڪيو هو. هن چيو ته کيس اها ڳالهه ڏاڍي وڻي پئي. هوءَ ته هر ان ڳالهه کي پسند ڪندي هئي، جا اتساهه ڏياريندڙ هوندي هئي، جنهن ۾ نظارن ۽ جاين جي تبديلي هوندي هئي، جتي نوان نوان ماڻهو هجن ۽ وڻندڙ ڳالهيون هجن. هن گمان پئي ڪيو ته شايد منجهس ڪم ڪرڻ جي ارادي جي سگهه وري موٽي اچي. هاڻي جڏهن ان جو انت ائين ٿيو ۽ هن کي خبر هئي ته ائين ٿيو آهي، ته هن کي ان نانگ جيان نه ٿيڻ گهرجي جو پاڻ کي ئي ڏنگي ڇو جو هـُـن جي چيلهه ڀڄي پئي هئي. پر ان ۾ هن عورت جو ته ڪو قصور ڪونه هو.جيڪڏهن اها نه هجي ها ته ڪا ٻي هجي ها. جيڪڏهن هو ڪوڙ جي سهاري زندهه رهيو پئي ته مرڻ به ان سان گڏ گهربو هوس. هن ٽڪريءَ جي پويان گوليءَ جي ڇٽڻ جو آواز ٻڌو.

هوءَ سٺي نشاني باز هئي. هوءَ دولتمند ڪتي، مهربان سارسنڀار لهندڙ ۽ سندس ڏات جي دشمن. ڪهڙو نه بيهودو خيال هو. هن پنهنجي ڏات ته پاڻ ختم ڪئي هئي. هو ان عورت تي ڏوهه ڇو ڏئي؟ ڇو جو هن ته کيس خوش ۽ سکيو رکيو هو؟ هن پنهنجي ڏات کي استعمال نه ڪري پاڻ ئي ختم ڪيو هو. پاڻ کي ۽ پنهنجي ويساهه کي دوکو ڏئي، ايترو پي ڪري جو سندس فهم ۽ ادراڪ جي ڌار ئي مڏي ٿي وئي. سستيءَ سان، ڪاهليءَ سان، ڊاڙ ٻٽاڪـُـن سان، وڏائيءَ ۽ بدنيتيءَ سان، مطلب ته هر طرح سان. اهو سڀ ڇا هيو؟ پراڻن ڪتابن جي هڪ فهرست؟ آخرڪار هن جي ڏات هئي ڇا؟ اها ڏات ته برابر هئي، پر ان کي ڪتب آڻڻ بجاءِ هن وکر ڪري وڪيو. اهو سڀ ڪجهه اهو نه هو جو هن ڪيو، پر اهو ڪجهه هو جو هو ڪري پئي سگهيو. هن اهو پسند ڪيو ته گذر سفر جو وسيلو پين يا پينسل بجاءِ ڪنهن ٻئي نموني حاصل ڪري. اها به عجيب ڳالهه هئي، ته جڏهن به هو ڪنهن ٻي عورت سان پيار ڪندو هو ته اها عورت اڳينءَ کان وڌيڪ دولتمند هوندي هئي؟ پر جڏهن هو ڪنهن سان به پيار نه ڪندو هو، رڳو ڪوڙ ڳالهائيندو هو، جيئن هينئر هن عورت سان، جنهن وٽ اڳين سڀني عورتن کان وڌيڪ دولت هئي، مڙس به هو، ٻار به هـُـئا، جنهن ڪيترائي عشق به ڪيا پر انهن مان کيس دلي سڪون نه رهيو، ۽ جنهن هن سان هڪ ليکڪ، هڪ مرد، هڪ ساٿيءَ ۽ هڪ فخريه حاصلات طور ڏاڍو پيار پئي ڪيو، اهو عجيب پئي لڳو ته جڏهن هن ان سان پيار نه پئي ڪيو ۽ ڪوڙ پئي ڳالهايو، تڏهن هو ان کي سندس دولت جي عيوض انهن کان وڌيڪ پيار ڏيئي رهيو هو، جن سان هن کي سچ پچ پيار هو.

”اسان سڀني کي ان لاءِ تنقيد جو نشانو بنائڻ گهرجي، جو ڪجهه اسان ڪريون ٿا.“ هن کي خيال آيو. ”بهرحال تون پنهنجو گذر پنهنجي ڏات تي ڪرين ٿو. هن پنهنجي سگهه ۽ صلاحيت کپائي ڇڏي هئي، هڪ نه ٻي شڪل ۾ ۽ سڄي عمر لاءِ، جڏهن تون ڪنهن سان عشق ۾ ڦاٿل ڪونه آهين، ته تون دولت جو معاوضو هونءَ کان بهتر نموني واپس ڪري سگهين ٿو.“ هن اهو سڀ ڪجهه معلوم ۽ محسوس ڪيو هو، پر هو ان بابت به هينئر ڪونه لکندو. نه، هو ان بابت ڪڏهن به نه لکندو، حالانڪه اهو چڱو خاصو لکڻ جوڳو مواد هو.

هينئر هوءَ ڏسڻ ۾ پئي آئي، ميدان مان هلندي ڪئمپ طرف اچي رهي هئي. هن کي جوڌپوري برجيس پهريل هئي ۽ ڪلهي تي رائيفل. ٻن ڇوڪرن کي ڪلهن تي ڪاٺيءَ ۾ لڙڪيل جهنگلي ٻڪر هو ۽ هـُـو سندس پويان پويان اچي رهيا هئا. هوءَ اڃان به خوش نظر عورت هئي، هن سوچيو ۽ سندس جسم وڻندڙ ۽ دلڪش هو. هوءَ ڏاڍو پڙهندي هئي، سواري ۽ شڪار پسند ڪندي هئي ۽ يقينن پيئندي به گهڻو هئي. هوءَ اڃا جوان ئي هئي جو سندس مڙس مري ويو ۽ ڪو وقت هن پاڻ کي ٻن ٻارن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جن کي سندس ڪابه ضرورت ڪانه هئي ۽ ايترا وڏا ٿي چڪا هيا جو هن جي گهوڙن جي ڪڙهه، ڪتابن ۽ شراب جي بوتلن آڏو پريشان ۽ تنگ ٿيندا هيا. شام جو هوءَ رات جي مانيءَ کان اڳ پڙهڻ پسند ڪندي هئي ۽ پڙهڻ وقت اسڪاچ ۽ سوڍا پيئندي هئي. رات جي مانيءَ تائين کيس چڱو نشو چڙهي ويندو هو ۽ مانيءَ تي شراب جي بوتل واپرائڻ بعد، کيس ايترو نشو ٿي ويندو هو جو آرام سان سمهي پوندي هئي.

اهو سڀ ڪجهه عاشقن کان اڳ ۾ هو. پر چاهيندڙ هٿ ڪرڻ کان پوءِ هوءَ ايترو گهڻو نه پيئندي هئي، ڇو جو هن کي هاڻ ننڊ لاءِ نشي جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه پوندي هئي. پر جلد ئي چاهيندڙ کيس تنگ ڪرڻ لڳا. هن اهڙي مرد سان شادي ڪئي هئي جنهن ڪڏهن به کيس تنگ يا بيزار نه ڪيو هو، پر مردن کيس ڏاڍو بيزار ڪري ڇڏيو هو.

سندس ٻن ٻارن مان هڪ هوائي جهاز جي حادثي ۾ مري ويو، جنهن بعد کيس چاهيندڙن جي ضرورت نه رهي. پيئڻ مان کيس نشو نه پئي ٿيو. هن کي وري زندگيءَ جو رخ مٽائڻو پيو. اوچتو هن کي اڪيلائيءَ ۽ تنهائيءَ کان سچ پچ ڀؤ ٿيڻ لڳو. هن کي اهڙي ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ٿي جو سندس خيال رکي.

ان جي شروعات نهايت ئي آسانيءَ سان ٿي. هوءَ سندس لکڻين کي پسند ڪندي هئي ۽ هن جي طرز زندگيءَ تي رشڪ ڪندي هئي. هن سمجهيو ته هيءُ ئي اهو شخص هو جنهن جي کيس ضرورت هئي. جن محبتن سان هن کيس حاصل ڪيو، انهن محبتن ۾ آخر هوءَ پاڻ ڦاسي پئي. اهو سڀ ڪجهه هڪ باقاعدي اوسر ۽ پيش قدميءَ جو حصو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي لاءِ نئين زندگي تخليق ڪئي ۽ پنهنجي پوڙهائپ واري زندگيءَ جو سودو ڪيو.

هن (هئري) اهو سودو پنهنجي تحفظ لاءِ ڪيو هو ۽ آرام آسائش لاءِ پڻ. ان کان ڪهڙو انڪار هو. ٻيو نه ته ڇا لاءِ هو ائين ڪري پئي سگهيو؟ هن کي اها خبر نه هئي. هن جو ڪجهه چاهيو پئي هوءَ کيس وٺي ڏئي پئي سگهي. هن ايترو ته ڄاتو پئي، ته کيس ڪنهن نه ڪنهن عورت سان گذارڻو ئي هو، پوءِ ڇونه هوءَ، جا بدبخت هرلحاظ کان ٻين کان وڌيڪ خوش طبع ۽ قدردان هئي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هوءَ بردبار هئي ۽ ڪڏهن به انڪار نه ڪندي هئي. هاڻ اها زندگي جا هن جوڙي هئي سا به پڄاڻيءَ کي رسي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته ٻه هفتا اڳ جڏهن پاڻيءَ تي هرڻن جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ هـُـو ٻوٽن ۾ اڳتي وڌي رهيا هئا ته سندس سٿر ۾ ڪنڊي جو رهڙو آيو ۽ هن ان تي آيوڊين نه لڳايو هو. هرڻ پاڻيءَ ۾ بيٺا هئا. هنن جون ڳچيون مٿي، ناسون کليل ڄڻ هوا ۾ ڪجهه ڳولهي رهيا هئا. هنن جا ڪن هر آواز کي جهٽڻ لاءِ تيار هئا، جيئن ٿورو کڙڪو ٻڌڻ ۾ اچي ته اُهي ڀڄن ۽ هو واقعي هن جي تصوير ڪڍڻ کان اڳ ئي ڀڄي ويا هئا.

هاڻ هوءَ پهچي ويئي.

هن ڪنڌ ڦيري ڏانهس نهاريو، ”هيلو“ هن چيس. ”مون جهنگلي ٻڪرو شڪار ڪيو آهي.“ هن کيس جواب ۾ ٻڌايو ”ان مان تنهنجي لاءِ ڏاڍو سٺو شوروو ٺهي سگهندو، ان ۾ ڪجهه پٽاٽا کير ۾ گڏينديس. تنهنجي طبعيت هاڻ ڪيئن آهي؟“

”گهڻي بهتر آ“.

”سٺو ٿيو، مون به اهو ئي پئي سمجهيو، مان ويس ته تون ننڊ ۾ هئين“.

”مون سٺي ننڊ ڪري ورتي، تون گهڻو پري ويئي هئينءَ ڇا؟“

”نه، رڳو هن ٽڪريءَ جي پٺيان تائين. ٻڪر تي ڏاڍو سٺو نشانو لڳو.“

”تنهنجو نشانو ڏاڍو پڪو ٿي ويو آهي؟“

”مون کي شڪار وڻندو آهي، آفريڪا وڻندو آهي. سچي پچي. جي تون خوش هجين ها ته مان اڃا به وڌيڪ لطف اندوز ٿيان ها، توکي خبر نه آهي ته توسان گڏ شڪار ڪرڻ ۾ ڪيترو مزو آهي.مون کي هيءُ ملڪ وڻي ٿو.“

”مون کي به وڻندو آهي.“

”جاني، تون سمجهي نه سگهندين ته توکي چاق چڱو ڀلو ڏسي مان ڪيڏي نه خوش آهيان. اڳي جا تنهنجي حالت هئي سا مان برداشت نه پئي ڪري سگهيس. وري ته مون سان ائين نه ڳالهائيندين نه، يا ڳالهائيندين؟ واعدو ڪر.”

”نه!“ هن چيو ”مون کي ته ياد به ڪونهي ته ڇا چيو هـُـيم؟“

”مون کي ڇڏي ته نه ويندين نه؟ مان جواني گذاري چڪي آهيان ۽ هاڻي اڌڙوٽ عمر واري عورت آهيان. اها عورت جا صرف توسان پيار ڪري ٿي ۽ هميشه اهو ڪجهه ڪري ٿي جو تون چاهين ٿو. مان ان محبت ۾ ٻه ٽي دفعا اڳ ئي تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهيان. تون ته مون کي برباد ڪرڻ نه چاهيندين نه، يا برباد ڪندين؟“

هن چيو.

”ان برباديءَ لاءِ ته اسين پيدا ڪيون ويون آهيون. سڀاڻي جهاز به پهچي ويندو.“

”توکي ڪيئن خبر پئي؟“

”پڪ اٿم. ان کي اچڻو ئي پوندو. ڇوڪرن ڪاٺيون ۽ گاهه به ڪٺو ڪري رکيو آهي، نشاندهيءَ لاءِ. مان پاڻ اڄ اتي وڃي ڏٺو. اتي جهاز لهڻ لاءِ ڪافي  جڳهه آهي. ٻنهي ڇيڙن تي دونهين دکائڻ ۽ نشان ڪرڻ لاءِ ڍيريون تيار آهن.“

”تون ڪيئن ٿي سمجهين ته جهاز سڀاڻي ايندو؟“

”مون کي خاطري آهي ته ايندو. اُن کي هن مهل تائين اچي وڃڻ گهربو هو. پوءِ شهر جي ڪنهن باغ ۾ ڪي سٺيون رانديون ڪري سگهنداسين.“

”ڪجهه پيئون نه؟ سج به لهي چڪو آهي.“

”تون سمجهين ٿو ته توکي پيئڻ گهرجي؟“

”وڌيڪ نه، هڪ پيگ پينل سي.“

”ايئن ته پوءِ گڏ ٿا پيون. مولو! وسڪي ۽ سوڍا کڻي اچ.“ هن سڏيندي چيو.

”تون مڇرن وارو بوٽ پائي ويهين ته سٺو.“ هن مشورو ڏيندي چيس.

سنجها ٿيندي وئي ۽ هو پيئندا رهيا. اوندهه ٿيڻ کان ٿورو اڳ، جڏهن شڪار ڪرڻ لاءِ سوجهرو باقي نه رهيو هو، ته هڪ چراخ پهاڙيءَ وٽان سندن اڳيان اچي لنگهيو.

”اهو حرامي هر رات اتان لنگهندو آهي“، مرد چيو ۽ ٻن هفتن کان، مسلسل هر رات.“

”اهو ئي رات جو رڙيون ڪندو آهي. مان ته انهن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيندي آهيان. اهي ڏاڍا بڇڙا جانور آهن.“

هو گڏ پيئندا رهيا. هن کي ڪو سور يا تڪليف نه ٿي سواءِ ان جي ته سڌو ليٽي بي آرامي محسوس ڪري رهيو هو. ڇوڪرن باهه ٻاري هئي، جنهن جي شعلن جا پاڇا تنبوءَ تي پئجي رهيا هئا. هن کي پنهنجي زندگيءَ جي اهڙي سودي مان لطف اچڻ لڳو. هوءَ هن سان سٺو ورتاءُ ڪري رهي هئي. منجهند جو هن بي رحميءَ ۽ زيادتيءَ جو مظاهرو ڪيو هو. ”هوءَ ڏاڍي چڱي عورت هئي. بهترين“. يڪدم هن کي وري احساس ٿيو ته هو مري رهيو هو.

اهو خيال ڌوڪيندو آيو، پاڻيءَ يا هوا جي ڇوهي جيان نه، پر ڪنهن خراب سوچ ۽ سنؤڻ جيان، خالي ذهن سبب ۽ بدسنؤڻ اهو هو جو هڪ چراخ هوريان هوريان سندس اڳيان لنگهي ويو هو.

”وري ڇا ٿيو هئري؟“ هن کانئس پڇيو.

”ڪجهه به نه،“ هن چيو ”تون ڦري ٻي پاسي کان ٿي ويهه، جنهن پاسي کان واءُ پيو گهلي.“

مولوءَ پٽي مٽائي، هيهءِ؟

”هائو. هينئر مان بورڪ پيو استعمال ڪريان.“

”ڪيئن پيو ڀانئين؟“

”ڪجهه اداسي آهي.“

هن چيو ”مان جلد اچان ٿي. ماني گڏ کائينداسين ۽ پوءِ کٽ کڻي اندر ڪنداسين.“

”ٺهيو“، هن پاڻ کي چيو. چڱو ٿيو جو پاڻ ۾ کـِـٽ پـِـٽ بند ڪئي سين. هن ان عورت سان ڪڏهن به گهڻو جهيڙو نه ڪيو هو. جڏهن ته هن کان اڳ جن سان به هن پيار ڪيو هو انهن سان ڏاڍو وڙهندو هو، ايترو گهڻو جو نتيجي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ هر رشتو ناتو ختم ٿي ويندو هو. هو گهڻو چاهيندو هو ۽ گهڻو گهرندو هو ۽ اڃا گهڻو گهري اهو سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيندو هو.

هن جي خيال ۾ هن ڀيري قسطنطنيه وڃڻ جون يادگيريون اچي ويون، جتي هو وڃڻ کان اڳ پئرس ۾ جهيڙو ڪري، اڪيلو هليو ويو هو. هن سڄو وقت فضول خيالن ۾ گهاريو، جڏهن اڪيلائيءَ کي دور نه ڪري سگهيو ته ويتر ويو ان جي احساس ۾ وڌيڪ ڦاسندو، تڏهن هن پنهنجي پهرين محبوبا ڏانهن لکيو جا کيس ڇڏي هلي ويئي هئي ته ڪيئن نه هو اڪيلائيءَ جي احساس کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هو، هن ڪيئن نه هڪ دفعي هن کي ريجينسيءَ جي ٻاهران ڏٺو هو. هن جي خيال ۾ هوءَ ئي هئي ۽ هڪ دفعو ته هو ذري گهٽ هوش وڃائي ويٺو هو ۽ اندر ۾ دک جي پيڙا محسوس ڪئي هئائين. هن ڪيترو وقت رستي تي ان جو پيڇو ڪيو هو جا صفا هن جيان لڳي رهي هئي، پر ويجهو وڃي ڏسڻ کان ڊنو پئي ته متان اها نه هجي، متان اهو احساس لطف زائل ٿي وڃي، جو هن کي ٿي رهيو هو. ڪيئن نه هر عورت، جنهن سان به هن ملاقات ڪئي، کيس هن جي غيرموجودگيءَ جو، تهان ئي وڌيڪ احساس ڏياريو. هوءَ جو ڪجهه هن سان ڪري چڪي هئي، ان جي هن کي ڪا پرواهه ڪانه هئي، ڇو جو هن ڄاتو پئي ته هو سندس محبت مان جان ڇڏائي نه سگهندو. هن ڪلب ۾ ويهي، ٿڌو ٿانيڪو ٿي اهو خط لکي نيويارڪ روانو ڪيو ۽ کيس لکيو ته جواب سندس پئرس واري آفيس تي موڪلي ڇو ته اهو پتو وڌيڪ محفوظ ٿي لڳو. ان رات هن جي غيرموجودگيءَ ۾ هو پاڻ کي خالي خالي ۽ ويڳاڻو محسوس ڪرڻ لڳو. هو ٽاڪزم هوٽل تائين رلندو رهيو. اتي کيس هڪ ڇوڪري ملي وئي ان کي رات جي مانيءَ تي وٺي ويو. هو ساڻس ناچ ڪرڻ واري جاءِ تي ويو. هوءَ نهايت ئي بي ڊولو ناچ نچي، ان ڪري هن کيس ڇڏي هڪ آرمي عورت کي وٺي آيو، جنهن سان هن ڪمپني ڪئي. هن اها عورت هڪ انگريز سولجر کان کسي هئي، جنهن تي تلخ ڪلامي به ٿي. سولجر کيس ٻاهر سڏي للڪاريو ۽ هو ٻاهر گهٽيءَ ۾ آيو، اوندهه ۾ هو پاڻ ۾ وڙهيا. هن کيس ٻه زوردار ٺونشا ڄاڙيءَ هيٺان هنيا، ان بعد به جڏهن هو نه ڪريو ته هن سمجهيو ته مقابلو ڳرو آهي. پوءِ سولجر کيس پيٽ ۽ اک جي هيٺان مڪون وهائي ڪڍيون. هن به سولجر تي وار ڪيو. پر سولجر هن کي چڱي رنڌ ڪڍي سڏ ڏئي، ڪوٽ جي هڪ ٻانهن به ڦاڙي ڇڏيائين. هن سولجر جي ڪن پٺيان ٻه زوردار ٺونشا هڻي پاڻ آجو ڪرايو. سولجر وڃي هيٺ ڪريو ۽ سندس مٿو فرش سان ٽڪريو. هو ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي ڀڳو. هو ٽئڪسيءَ ۾ چڙهيا ۽ باسفورس ڏانهن ”رملي حـصا“ جا چڪر ڏيڻ لڳا. رات ٺري ته هو موٽيا. هوءَ ايئن نظر پئي آئي ڄڻ ڪو پڪل ميوو.

ساڳيءَ ئي رات هو اناطوليه هليو ويو ۽ هن کي ان سفر جون به يادگيريون اچڻ لڳيون، سارو ڏينهن پوست جي پوکن وچان هلڻ. پوست جا هو آفيم ٺاهڻ لاءِ پوکيندا هئا، ڪيڏو نه عجيب نظارو هيو. آخرڪار سڀ پنڌ پيچرا غلط ثابت ٿيا. جتي هنن کي حملو ڪرڻو هو، اتي نئين آيل آفيسر سبب، جنهن کي ڪا ذرو به خبر ڪانه هئي، هنن پنهنجي ئي پيادل فوج مٿان انڌاڌنڌ گوليون هلايون هيون. ساڻن گڏ برطانوي مبصر ٻارن جيان رنو هو.

ان ڏينهن هن پهريون ڀيرو مئل ماڻهو ڏٺا هئا جن کي ناچ وارا گهگها پاتل هئا ۽ پيرن ۾ وڪڙدار چهنب سان ڦندڻن لڳل جتيون پيل هيون. ترڪ باقاعدگيءَ سان هوريان هوريان استقلال سان اچي رهيا هيا ۽ هن گهگهن وارن ماڻهن کي ڀڄندي ڏٺو ۽ آفيسر انهن تي گوليون به هلائي رهيا هئا ۽ پاڻ ڀڄندا به پئي ويا. هو ۽ برطانوي مبصر به وٺي ڀڳا، جيستائين سندن ڦڦڙ هوا سان ڀرجي سور نه ڪرڻ لڳا ۽ وات جو سواد ڪسارو نه ٿي ويو. ترڪ ساڳي ئي ارادي سان وڌندا پئي آيا. هنن ڪن ٽڪرين پويان ترسي ساهي پٽي. پوءِ هن اهو ڪجهه ڏٺو جنهن جو ڪڏهن هن سوچيو ئي ڪين هو ۽ بعد ۾ ته ان کان به خراب حالت ۽ منظر ڏٺا. سو، ان ڀيري جڏهن هو واپس پئرس ويو، ته هو ان بابت ڳالهائي نه سگهيو ۽ نه ئي ان جي ذڪر ڪرڻ جي همٿ ساري سگهيو. اتي هڪ هوٽل ۾ هن هڪ آمريڪي شاعر ڏٺو، جنهن جي اڳيان رڪيبن جو ڍير رکيل هو ۽ پٽاٽي جهڙي منهن تي حماقت پئي وسي. هو هڪ رومانيا جي رهواسيءَ سان، جنهن پنهنجو نالو رستان زارا پئي ٻڌايو. دادا تحريڪ تي ڳالهائي رهيو هو. زارا سدائين هڪ شيشي واري عينڪ لڳائيندو هو ۽ هردم مٿي جي سور جي دانهن ڪندو هو. اتان هو پنهنجي زال وٽ موٽي آيو، جنهن سان هو هينئر وري محبت ڪرڻ لڳو هو. جهڳڙو ختم ڪري ڇڏيو هئائين. مٿس آيل چريائپ جو دورو ختم ٿي چڪو هو ۽ گهر اچي خوشي محسوس ڪري رهيو هو. آفيس وارن سندس ٽپال فلئٽ تي ڏياري موڪلي. اهڙيءَ ريت هڪ صبح جو ٽپال ۾ ان خط جو جواب به اچي پهتو جو هن لکيو هو. هن جڏهن هٿ اکر سڃاتا ته سندس سرير مان سيءَ جا سيسراٽ نڪري ويا. هن ان کي خطن جي ٿهي هيٺان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس زال پڇيو: ”اهو خط ڪنهن وٽان آيو آهي پيارا؟“ ته اها ان نئين زندگيءَ جي شروعات جي پڄاڻي هئي.

هن کي هن سان گهاريل سڀ گهڙيون ۽ جهڳڙا ياد آيا. جهيڙي جهٽي لاءِ هو هميشه خوبصورت جايون پسند ڪندا هئا. اهي جهيڙا جهٽا تنهن وقت ڇو ٿيندا هئا، جنهن وقت هن جو مزاج بهتر هوندو هو، هن انهن مان ڪنهن تي به ڪڏهن نه لکيو، ڇاڪاڻ جو هڪ ته هن ڪنهن جي به دل آزاري ڪرڻ نه پئي چاهي، ۽ ٻيو ته ان کان سواءِ ٻيو گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ به هن وٽ موجود هو. پر هو هميشه سوچيندو هو ته آخرڪار هن کي اهو سڀڪجهه لکڻو ئي پوندو. لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ئي هو. هن دنيا کي تبديل ٿيندي ڏٺو هو، رڳو واقعا ۽ حادثا نه. حالانڪ هن ڪيترائي واقعا ۽ حادثا ڏٺا، ماڻهن کي به جاچيو ۽ پرکيو هو. هن باريڪ ۽ ماٺيون تبديليون به ڏٺيون هيون ۽ هن کي چڱيءَ ريت ياد هو ته ڌار ڌار وقتن تي ماڻهو ڪيئن نه نرالا ۽ نيارا ٿيندا هئا. هو انهن حالتن مان لنگهيو هو، انهن کي جاچيو هئائين، ۽ اهو هن جو فرض هو ته ان تي لکي، پر هينئر هو ڪڏهن به ائين نه ڪري سگهندو.

”ڪيئن پيو ڀانئين؟“ هن پڇيو، جا وهنجڻ کان پوءِ تنبوءَ مان ٻاهر نڪري آئي هئي.

”بهتر“.

”ڪجهه کائيندين؟“ هن مولوءَ کي بند ٿيندڙ (فولـڊنگ) ميز هٿ ۾ کنيون بيٺل ڏٺو ۽ ٻي ڇوڪري کي طعام جا خونچا هٿن ۾ هئا.

”مان لکڻ ٿو چاهيان،“ هن چيو.

”ڪجهه قوت ۽ سگهه حاصل ڪرڻ لاءِ توکي شوروو، ٿورو ڪي گهڻو، وٺڻ گهرجي.“

”مان اڄ رات مري رهيو آهيان،“ هن چيو ”مون کي ڪنهن به ٻل يا قوت جي ضرورت نه آهي .“

”هئري پيارا، مهرباني ڪري اهي ناٽڪي ڳالهيون نه ڪر.“ هن چيو.

”تنهنجي سنگهڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويئي آهي ڇا؟ اڌ سٿر کان مٿي تائين مان ڳري سڙي چڪو آهيان. شوروي پيئڻ جي حماقت ڪرڻ مان ڇا ورندو؟ مولو! وسڪي ۽ سوڍا کڻي اچ.“

”مٺا! ٿورو شوروو پيءُ.“ هن نرمائيءَ سان چيو.

”ٺيڪ آ.“

شوروو گرم هو. هو تيستائين ڪوپ هٿ ۾ جهليون ويٺو رهيو، جيستائين اهو پيئڻ جهڙو ٿڌو نه ٿيو. پوءِ هڪ ڳيت سان ئي پي ويو.

”تون ڏاڍي سٺي عورت آهين.“ هن چيو ”منهنجيون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندي ڪر.“

هن پنهنجو چڱيءَ پر ڄاتل ۽ پيار ڪيل منهن مٿي کڻي ڏانهس نهاريو. ميڪ اپ ٿيل نقلي چهرو ڪجهه شهري ته ڪجهه ڳوٺاڻو، شراب نوشيءَ ڪي قدر بگاڙي ڇڏيو هو. پر شهر يا ڳوٺن ۾ اهڙي سهڻي عورت ٿڌڙا ڪڍندڙ نرم هٿ ڪٿي هوندا آهن! جيئن ”هـِـن هـُـن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس موهيندڙ مرڪ ڏٺي“، هن هڪ ڀيرو وري موت کي ايندو محسوس ڪيو. هن دفعي هو ڌوڪيندو ڇوهي جيان ڪونه پئي آيو، پر هڪ ڦوڪ جيان، هوا جي هڪ هلڪي جهوٽي جيان، جنهن سان ٻرندڙ شمع ڦڙ ڦڙ ڪئي ۽ ان جي لاٽ گهڙيءَ لاءِ ڊگهي ۽ تيز ٿي وئي.

”هنن کي چئو ته پوءِ منهنجي ڄاري کڻي اچي وڻ ۾ لڙڪائين ۽ باهه مچائين. اڄ رات مان تنبوءَ ۾ اندر نه سمهندس. هاڻي هتان چـُـرڻ پرڻ اجايو آهي. اڄ رات صاف آهي. برسات جا به ڪي آثار ڪونه آهن.“

”سو اهڙيءَ طرح تون مري وئين، ڀڻ ڀڻ ڪندي، جا تو پاڻ به نه ٻڌي، ٺهيو، هاڻ وڌيڪ جهيڙو جهٽو ڪونه ٿيندو.“ هو اهڙو وچن ڏيئي پئي سگهيو. هڪ اهڙو تجربو جو هن کي اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. اهڙو تجربو هن هاڻ ضايع ڪرڻ نه پئي چاهيو. يا هو شايد وري ائين ڪري وڃائي. تو هر شيءِ وڃائي چٽ ڪري ڇڏي. پرهاڻ هو شايد ائين نه ڪري.

”مان جيڪي چوان سو تون لکي ته ڪونه سگهندينءَ؟ يا لکي ويندينءَ؟“

”مان ته ڪڏهن اهو سکيو ئي نه آهي.“

”ٺيڪ آهي.“

خير هاڻ ته وقت به ڪونه بچيو هو، جيتوڻيڪ دوربين جيان سڀ ڪجهه هن جي آڏو اچي بيٺو هو ۽ جي ڪو چڱيءَ طرح لکي سگهي ها ته هو انهن کي هڪ مختصر ٽڪري ۾ سمائي پئي سگهيو.

ڍنڍ جي ڪناري تي، هڪ پهاڙيءَ تي ڪاٺ جو جڙيل گهر هو، جنهن تي اڇو رنگ ٿيل هو. در جي ٻاهران هڪ سنهي ڪاٺيءَ جي ننڍي ٿنڀي تي هڪ گهنڊ لڙڪيل هو، جو مانيءَ تي ماڻهن کي اندر ڪوٺڻ لاءِ وڄايو ويندو هو. گهر جي پوئتان آباد زمينون هيون ۽ انهن ٻنين جي پويان ٻيلي جو ڪاٺ پيل هو. گهر کان پتڻ تائين بهڻ جي وڻن جي گهاٽي قطار پئي وئي. ان سان گڏ ٻيا ننڍڙا بهڻ جا وڻ به بيٺا هئا. هڪ رستو ڪاٺين کان پهاڙيءَ تائين پئي ويو ۽ ان رستي تان هو ڪارا ٻير پٽيندو هو. پوءِ اهو ڪاٺ جو گهر ساڙيو ويو ۽ جيڪي به بندوقون باهه ٻارڻ واري کليل جڳهه مٿان ڀت ۾ لڳل هرڻن جي منڍين مٿان رکيل هيون، سي سڀ سڙي ويون ۽ بعد ۾ انهن جون ناليون جي شيهي جون هيون رجائي بارودخاني جي ڪم آنديون ويون. باقي انهن جو ڪاٺ سڙي رک ٿي، هڪ وڏو ڍير ٿي ويو هو. اها رک وڏين ڌات جي ڪٽلين کي صاف ڪرڻ لاءِ صابڻ جو ڪم ڏيندي هئي. جي اوهان ڏاڏي کان پڇندا ته اسان اهي سڙيل ٽڪر کيڏڻ لاءِ کڻون ته هو نه ۾ جواب ڏيندو هو. اهي اڃا تائين هن جون بندوقون هيون ۽ هن ٻيون نه خريديون هيون، ۽ نه هن وري ڪو شڪار ئي ڪيو هو. ٽوٽن ٽڪرن مان وري ساڳيءَ جاءِ تي ٻيهر گهر جوڙيو ويو ۽ ان تي اڇو رنگ ڪيو ويو. ان جي اڳيان واري وڌاوڙي هيٺان بيهي توهان بهڻ جا وڻ ۽ ڍنڍ چڱيءَ ريت ڏسي پئي سگهيا. پر اتي ننڍڙيون توبون يا بندوقون وري ڪڏهن نه آيون. بندوقن جون لوساٽيل ناليون رک جي ڍير تي پيون هونديون هيون ۽ انهن کي ڪڏهن ڪنهن هٿ به نه لاتو.

جنگ کان پوءِ اسان ڪاري ٻيلي ۾ هڪ ڍنڍ مان مڇين مارڻ جو مقاطعو کنيو، جنهن تي پهچڻ جا ٻه رستا هئا. هڪ هيٺان ماٿريءَ مان ٿيندو ٽريبرنگ کان چڪر ڪاٽيندو، وڻن جي ڇانو مان ٿيندو، وڃي سڙڪ ۾ پوندو هو. اهو هڪ پاسيرو روڊ هو، جو ٽڪرين مان ٿيندو، ڪيترين ئي ٻنين مان لنگهندو، وڏن شوازوالـڊ گهرن جي پاسي کان ٿيندو، اچي ان ڍنڍ تي پهچندو هو، اتان ئي اسان جي مڇي مارڻ جي مقاطعي جي شروعات ٿيندي هئي.

ٻيو رستو ٻيلي جي ڇيڙي تائين اڀيءَ چاڙهيءَ وارو هو، جتان اهو مٿان ئي مٿان ٽڪرين تان ٿيندو، چيل جو ٻيلو ٽپي، کليل سرسبز ميدان ۾ وڃي نڪرندو هو. اتان اهو رستو چراگاهن مان ٿيندو هيٺ لهي اچي هڪ پل تي ختم ٿيندو هو. ڍنڍ جي ڪناري سان وڻ هيا ۽ ڍنڍ ڪا ايڏي وڏي ته ڪانه هئي پر اُن جو پاڻي شفاف ۽ وهڪرو تيز هو. وڻن جي پاڙن ۾ تيز وهڪري، کاڌ ڪري دُٻا ٺاهي ڇڏيا هيا. ٽريبرنگ ۾ هوٽل جو مالڪ مند ۾ سٺو ڪمائيندو هو. اتي ماحول ڏاڍو خوشگوار هو ۽ اسين سڀ ويجها دوست هياسين. ٻئي سال پئسي جو ڦهلاءُ وڌيو ۽ مهانگائي ٿي. اڳئين سال جي آمدني ايتري نه هئي، جو سيڌو سامان وٺي، هو هوٽل هلائي سگهي. ان ڪري ڦاهو کائي پنهنجو انت آندائين.

اهو ڪجهه ته تون لکرائي سگهين ٿو، پر ڪانٽري سڪار پي نالي جڳهه بابت تون نه ٿو لکرائي سگهين، جتي گل فروش گهٽين ۾ گلن تي رنگ چاڙهيندا هيا، ۽ رنگ فرش تان وهندو اتي اچي بيهندو هو، جتان بس هلندي هئي. جتي پوڙها مرد ۽ عورتون سستو شراب پيئندا هيا. جتي ٻارن جا نڪ سرديءَ ۾ زڪام کان وهندا هيا. ڪيفي. ڊي. اميچوئر (الهڙن جو شراب خانو) ۾ هر وقت گندي پگهر، غربت ۽ شراب جي ڌپ هوندي هئي ۽ مٿي وئشائون رهنديون هيون ۽ انهن جي محافظ عورت ريپبليڪن گارڊ جي هڪ فوجيءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ وندرائيندي هئي. هن جي ڪمري ٻاهران هال ۾ سندس نوڪرياڻي رهندي هئي، جنهن جو مڙس سائيڪلن جي ڊوڙ ۾ حـصو وٺندو هو. ان ڏينهن صبح جو سندس خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي هئي، جڏهن هـن اخـبار ”لا - آلو” کولي ته خبر پيس ته سندس مڙس پئرس واري ڊوڙ ۾ ٽيون نمبر آيو هو. اها هن جي پهرين وڏي ڊوڙ هئي. خوشيءَ کان هن جي ڳلن تي ڳاڙهاڻ اچي ويئي ۽ ازخود کلڻ لڳي ۽ پوءِ هٿ ۾ راندين واري هيڊي رنگ جي اخبار کڻي ڊوڙندي مٿي چڙهي وئي. جيڪا عورت بالمسيٽيءَ جو اهو وئشا گهر هلائيندي هئي، ان جو مڙس ٽئڪسي هلائيندو هو، ۽ جڏهن هن کي (هئريءَ) صبح جو سوير جهاز ۾ وڃڻو هوندو هو ته هو درکڙڪائي کيس اٿاريندو هو، ۽ ٻئي سفر شروع ڪرڻ کان اڳ بار تي هڪ هڪ گلاس اڇي شراب جو پيئندا هيا. هو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي سڀني پاڙيسرين کي سڃاڻندو هو، ڇو جو هو سڀ غريب هيا.

ان جڳهه جي آسپاس ٻن قسمن جا ماڻهو رهندا هيا، هڪڙا شرابي ۽ ٻيا رانديگر. شرابي ان ريت پنهنجي غربت کي مات ڪندا هيا ۽ رانديگر ان کي ورزش سان. اهي باغين (پئرس ڪميون ۾ حصو وٺندڙ) جي نسل مان هيا ۽ کين پنهنجي سياست سمجهڻ ۾ ڪا جاکوڙ نه ڪرڻي پوندي هئي. هنن کي خبر هئي ته ڪنهن سندن والدين، سندن عزيزن، سندن ڀائرن ۽ سندن دوستن کي گوليءَ جو نشانو بڻايو هو. جڏهن ورسيلز جون فوجون آيون ۽ شهر تي قبضو ڪيو ته هر ان ماڻهوءَ کي ماريو ويو، جنهن جا هٿ پورهئي ڪرڻ سبب کهرا هيا. يا جنهن کي ٽوپي پهريل هوندي هئي، يا ڪا به اهڙي سڃاڻپ هئي، جنهن مان هو پورهيت پئي لڳو. ان غربت ۾، ان علائقي ۾ ئي، بوشيري شيوالاٽن جي پار هڪ گهٽيءَ ۾ شراب جي سهڪاري دڪان سامهون، هن ان لکڻيءَ جي شروعات ڪئي هئي، جيڪو هو اڳتي هلي سڀ ڪجهه ڪرڻ وارو هو. پئرس جو ٻيو ڪو به حصو اهڙو نه هو، جنهن سان هن کي ان حصي جهڙو لڳاءُ هجي. چوڌاري وڻ، اڇو ليپو لڳل پراڻا گهر، جن جي بنيادن وٽ هلڪو ناسي رنگ لڳل هوندو هو. گول چوڪ ۾ ڊگهي سائي رنگ جي بس. فرش تي گلن جو واڱڻائي رنگ پکڙيل، ريوڪارڊينل لموئني جي پهاڙيءَ جو نديءَ طرف اوچتو لاهه، ۽ ٻي پاسي مئو فيٽارڊ جي سوڙهي ۽ ماڻهن سان ڳتيل دنيا. پئنٿن پهاڙيءَ ڏانهن مٿي ويندڙ گهٽي ۽ جنهن مان هو هميشه سائيڪل تي لنگهندو هو، ساري علائقي ۾ اهائي هڪ ڏامر واري گهٽي هوندي هئي، جا سائيڪل جي ٽائرن لاءِ لسي ۽ نرم هئي. جنهن جي پاسن کان سوڙها گهر ۽ سستو بلند هوٽل هو، جتي پال ورليني زندگيءَ جا آخري پساهه پورا ڪيا. جنهن جاءِ ۾ هو رهندا هيا، ان ۾ رڳو ٻه ڪمرا هيا. هن ان هوٽل جي آخري منزل تي هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو هو، جنهن جي مسواڙ سٺ فرئنڪ ماهوار هئي ۽ اتي هو لکندو هو ۽ اتان هو پئرس جون سڀ ڇتيون ۽ دونهي جا منگهه ۽ پريون ٽڪريون ڏسي سگهندو هو.

باقي جڳهه مان ته رڳو ٻيلو ۽ ڪوئلي جي واپاريءَ جو گهر ئي نظر ايندو هو. هو شراب به وڪڻندو هو، گندو شراب. بوشيري شيو لاٽن جي دروازي تي هڪ سونهري رنگ جي گهوڙي جي منڍي لڳل هوندي هئي، جنهن جي زرد رنگ جي درين مٿان زرد سونهري ۽ ڳاڙهي رنگ جون ڪونڊيون لڙڪنديون هيون. سائي رنگ جو سهڪاري جماعت جو دڪان به هو جتان هو شراب خريد ڪندا هيا. سٺو ۽ سستو شراب. باقي ليپي لڳل ڀتيون ۽ پاڙيسرين جون دريون نظر اينديون هيون. پاڙيسري جيڪي رات جي وقت، جڏهن ڪو شرابي ٿڙندو ٿاٻڙندو، اچي گهٽيءَ ۾ ڪرندو هو ۽ روايتي فرانسيسي انداز ۾ ڪنجهندو هو ۽ ڪرڪندو هو، تڏهن دريون کوليندا هيا ۽ ڀڻ ڀڻ شروع ڪندا هيا.

”پوليس وارو ڪٿي آهي؟ ضرورت نه هوندي ته پيو حرامي ڌڪا کائيندو هت، ڪنهن سان مٿي سمهيو پيو هوندو. گماشتي کي سڏي وٺو.“ جيستائين ڪو دريءَ مان پاڻيءَ جي بالٽي نه هاريندو ته ڪنجهڻ ڪرڪڻ بند نه ٿيندو هو. ”اهو ڇا آهي؟ ها ها، پاڻي. ڪنهن عقلندي ڏيکاري آهي.“ ۽ پوءِ دريون بند ٿي وينديون هيون. ميري، هن جي نوڪرياڻي روزانو اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ خلاف پٽڪو پٽيندي چوندي هئي. ”جي ڪو مڙس ڇهين بجي تائين ڪم ٿو ڪري ته گهر ايندي واٽ تي گهٽ پيئندو آهي ۽ گهڻو پئسو نه وڃائيندو آهي ۽ جي هو رڳو پنجين بجي تائين ڪم ڪندو آهي ته هر رات گهڻو پيئندو ۽ گهر ڪجهه نه بچائي ايندو. گهٽ ڪلاڪن جي لاءِ رڳو پورهيت جي زال کي ئي ڀوڳڻو ٿو پوي.

”ڪجهه وڌيڪ شوروو پيئندين؟“ عورت هن کان پڇيو.

”نه. مهرباني. ڏاڍو سٺو هو.“

”ٿورو ٻيو به پي ڏس.“

”مون کي وسڪي ۽ سوڍا کپي.“

”اها تولاءِ چڱي نه آهي.“

”نه، اها مون لاءِ نقصان ڪار آهي. ڪول پورٽر شعر لکيا ۽ انهن جي موسيقي ترتيب ڏني اها به ڄاڻندي ته تون مون لاءِ چري ٿي پيئي آهين.“

”توکي خبر آهي ته تنهنجو پيئڻ مون کي وڻندو آهي.“

”جي ها، پر اهو مون لاءِ رڳو نقصانڪار آهي.“

جڏهن هوءَ ويندي، ”هئريءَ سوچيو“ ته پوءِ مان جيترو چاهيندس اوترو پيئندس. جيترو مان چاهيان ٿو اوترو ته ڪونهي پر جيڪي هت آهي، اهو سڀ پي ويندس. هو ٿڪل هو، ڏاڍو ٿڪل، هن جهٽ سمهڻ پئي چاهيو. هو ماٺ ۾ ليٽيو رهيو ۽ موت هن کان ڪوهين ڏور هو. اهو ڪنهن ٻئي پنڌ پيچري سان هليو ويو هو. هو سائيڪل تي ڪنهن سان ٻيلهه چڙهي ويو هو ۽ رستي تي هوريان هوريان ۽ خاموش چـُـري رهيو هو.

نه، هن پئرس بابت ڪڏهن نه لکيو هو. نه رڳو اهو پئرس جنهن جي هن جي دل ۾ ايڏي جڳهه هئي پر باقي پئرس جو ڇا ٿيندو، جنهن لاءِ به هن لکيو ئي ڪونه هو؟

ان واڙ بابت ۽ انهن ٻوٽن بابت، جي پري کان سليٽي ۽ رُوپي رنگ جا لڳندا هيا. آبپاشيءَ جي تلائن ۾ تکو، شفاف پاڻي ۽ الفا الفا جي گهري ساوڪ. پيچرو جو پهاڙن تائين هليو ٿي ويو ۽ اونهاري ۾ مال ۽ هرڻن جيان شرميلو ۽ ٽاهڙ ٿي پوندو هو، پهاڙي تان هيٺ ايندي رنڀندو، آواز ڪندو، هوريان هوريان ڌوڙ اٿاريندو، چاري لاءِ ايندو هو. پهاڙن جي پويان شام جي روشنيءَ ۾ چوٽيءَ جي صاف چمڪندڙ جهلڪ، چمڪندڙ ماٿريءَ جي ساوڪ ۾ چانڊوڪين راتين ۾ سواري ڪرڻ. هاڻ هن کي ٻيلي جي وچان اچڻ ياد آيو. اوندهه ۾ گهوڙي جو پڇ پڪڙيو، هو اچي رهيو هو، جڏهن ڪجهه به نظر نه پئي آيو ۽ اهي سڀ ڳالهيون جي هن لکڻ پئي چاهيون.

هن کي اڌ مغزي ڇوڪرو ياد آيو، جنهن کي ان ڀيري واڙ ۾ ڇڏيو ويو هو ته جيئن ڪو پلال نه کڻي وڃي، ۽ فورڪ شهر مان آيل اهو حرامي ٻڍو، جنهن ان ڇوڪري کي مار ڏني هئي، جڏهن هو وٽس نوڪري ڪندو هو. ٻڍي اتان ڪجهه چاري کڻڻ جي ڪئي. ڇوڪري جي جهلڻ تي پوڙهي وري کيس مارڻ جو دڙڪو ڏنو. ڇوڪري بورچيخاني مان بندوق کنئي ۽ هن کي ان وقت وهائي ڪڍي جڏهن هو ڀانڊي ۾ گهڙي رهيو هو. جڏهن هو واڙ ۾ موٽي آيو ته هن کي مئي هفتو ٿي چڪو هو. برف ۾ مـَـڙهه سـُـڪي ڄمي ويو هو ۽ ڪجهه حصو ڪتا کائي ويا هيس. جو ڪجهه بچيو هو اهو ڪمبل ۾ ويڙهي، برف - گاڏيءَ تي نوڙيءَ سان ٻڌائون، پوءِ ٻنهي برف تي ترڪڻ واريون جتيون پاتيون ۽ برف - گاڏيءَ کي ڇڪيندا اڳتي هليا ويا. لاش هيٺ اڇلائي، سٺ ميل پنڌ تي هڪ شهر ۾ ڇوڪري کي پوليس جي حوالي ڪيو هو. هن کي خيال ئي ڪونه هو ته هو ڪو ان لاءِ پڪڙيو ويندو. هن سوچيو هو ته هن پنهنجو فرض پورو ڪيو هو ۽ هـُـو، جو هن جو دوست هو، ۽ هن کي ڪو نه ڪو انعام ملندو. هن پوڙهي کي دفن ڪرائڻ ۾ هئريءَ جي مدد ڪئي هئي ۽ هر ڪنهن ڄاتو پئي ته ٻڍو ڪيترو نه بدڪار هو ۽ هن اهو چارو چوري ڪرڻ پئي چاهيو، جو سندس نه هو. جڏهن شيرف ڇوڪري جي هٿن ۾ هٿڪڙيون وڌيون ته هن کي اعتبار ئي ڪونه پئي آيو. پوءِ هن روئڻ شروع ڪيو. اها به هڪ ڪهاڻي هئي جا هن لکڻ لاءِ رکي ڇڏي هئي. هن کي اهڙين ڪيترين ئي ڪهاڻين جي يادگيري هئي. پر هن هڪ به نه لکي هئي. ڇو؟

”تون ٻڌاءِ ته ڇو!“ هن چيو.

”ڇو، مان ڇا ٻڌايان، پيارا!“

”نه، ڪجهه به نه.“

جڏهن کان هن کي هئري مليو هو، هوءَ گهڻو نه پيئندي هئي. پر هن کي معلوم ٿي چڪو هو ته جي هو حال حيات رهيو ته سندس بابت ڪڏهن به نه لکندو. ڪنهن به عورت بابت نه لکندو. سڀيئي دولتمند خوبين کان وانجهيل هوندا آهن. شراب گهڻو پيئندا آهن ۽ سارو وقت خرابين ۾ وڃائيندا آهن. هو موڳا ۽ ڪاهل ۽ سندن زندگي ساڳئي ئي چڪر ۾ پيئي ڦرندي آهي.هن کي غريب جولين ياد آيو، جو رومانوي طور هنن کان هيسيل هيو. هن هڪ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هئي، جنهن جي شروعات هيئن ڪئي هئائين: ”وڏا دولتمند تو کان ۽ مون کان نرالا آهن، مختلف آهن.“ ۽ ڪيئن نه ڪنهن جولين کي چيو هو ته ”هائو، هنن وٽ ٻين کان وڌيڪ دولت آهي.“ پر ان ۾ جولين کي ڪو اهڙو چرچو نظر نه آيو. هن سمجهيو پئي ته هو شان شوڪت وارو نسل هيا ۽ جڏهن هن کي خبر پيئي ته ائين نه هيو ته هو صدمي کان ائين ٽٽي پيو جيئن ڪنهن به ٻئي صدمي کان ماڻهو مايوس ٿي ٽٽي پوي.

هن کي نراس ٿيڻ ۽ صدمي کان ٽٽي پوڻ وارن کان نفرت هئي. توهان کي اهي وڻن به ڇو، جڏهن اوهان کي ساري حقيقت جي پروڙ به هجي. هو سمجهندو هو ته هو هر شيءِ کي مات ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جنهن شيءِ جي هن پرواهه ئي ڪانه ڪئي آهي، سا هن کي ڏک ڪيئن ڏيئي سگهندي.

ٺيڪ آ. هاڻ هو موت جي پرواهه نه ڪندو. جنهن شيءِ کان هو هميشه ڊڄندو هو سو سور ۽ پيڙا هئي. هو هر شخص جيان سور سهي پي چئي سگهيو، جيستائين اهو ڊيگهه نه ڪري ۽ هن کي ٿڪائي نه ڇڏي، پر هت ته ماجرا ئي ٻي هئي. پهريائين سور خطرناڪ حد تائين وڌي ويو، ۽ جڏهن هن محسوس ڪيو ته اهو کيس ڀڃي ڀوري وجهندو، ته اهو سور اچانڪ ختم ٿي ويو.

هن کي گهڻو وقت اڳ جو هڪ واقعو ياد آيو، جڏهن بمباري ڪندڙ آفيسر وليئم سن، بم لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو هو. ان رات هو خاردار تارن وارو لوڙهو ٽپي اچي رهيو هو ته ڪنهن گشت ڪندڙ جرمن مٿس بم اڇلايو هو. هو رڙيون ڪري هر ڪنهن کي چئي رهيو هو ته کيس ماري ڇڏيو وڃي. هو متارو ۽ بهادر مڙس هو ۽ سٺو عملدار هو، پر عجيب حرڪتن ۽ ڳالهين جو عادي هو. ان رات هو تارن ۾ ڦاسي پيو. بم جي ڌماڪي ۽ روشنيءَ ۾ هو ڇرڪي اڀو ٿي ويو ۽ سندس آنڊا پيٽ مان نڪري اچي تارن ۾ ڦاٿا. اهي ايترو ته تارن ۾ وچڙي ويا جو جڏهن کيس جيئرو کڻي آيا ته تارون ڪٽي اهي ڇڏائڻا پين. ”مون کي گولي هڻ، هئري، مسيح جو واسطو ٿي، مون کي گولي هڻ.“ هڪ ڀيري هنن بحث ڪندي چيو ته خدا ڪنهن کي به ايتري تڪليف نه ڏيندو آهي جا هو سهي نه سگهي. ڪنهن وري اهو نظريو پيش ڪيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن سور ايترو وڌي ويندو آهي، جو ان جو احساس پاڻمرادو ئي ختم ٿي ويندو آهي. پر ان رات وارو وليئم سن هن کي هردم ياد هوندو هو. وليئم سن جي تڪليف ڪنهن به صورت ۾ نه گهٽي، جيتوڻيڪ هن کيس اهي سڀ مارفيا جون گوريون ڏئي ڇڏيون، جي هو سدائين پنهنجي لاءِ اهڙن وقتن واسطي بچائي رکندو هو. پر انهن ايڏين گورين به ڪو اثر نه ڏيکاريو.

هينئر به جا هن جي حالت هئي سا ڪا گهڻي تڪليف ڏيندڙ نه هئي. جي حالت ان کان وڌيڪ خراب نه ٿي ته ڳڻتيءَ جهڙي ڪا ڳالهه نه هئي، سواءِ ان جي ته هن سٺي ساٿ ۽ سنگت جي خواهش پئي ڪئي.

هن جهٽ لاءِ ان سنگت ساٿ لاءِ سوچيو، جن کي هن پاڻ وٽ ڏسڻ پئي چاهيو. نه، هن سوچيو، تون جڏهن به ڪجهه ڪندو آهين ته ان کي چنبڙي پوندو آهين ۽ گهڻي اوير ڪندو آهين. هينئر انهن ماڻهن جي اميد ۽ آس تي هو تولاءِ ترسيا ويٺا هوندا، سڀ ماڻهو وڃي چڪا آهن، پارٽي پوري ٿي چڪي آهي، هينئر صرف تون اڪيلو پنهنجي ميزبان سان رهجي ويو آهين.

هينئر مان موت کان به ڪڪ ۽ بيزار ٿي چڪو آهيان، جيئن ٻئي سڀ ڪجهه کان. هن سوچيو. ”ڏاڍو بيزار ٿيو آهيان“. هن زور سان چيو.

”وري ڇا ٿيو، جاني، ڪنهن بيزار ڪيو اٿئي؟“

”ڪو به ڪم جو مسلسل ڪندو رهجي.“

هن سندس چهري کي، پنهنجي ۽ باهه جي روشنيءَ جي وچ ۾ ڏٺو. هوءَ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺي هئي ۽ باهه جي روشني سندس خوبصورت چهري کي تـِـهان ئي وڌيڪ چمڪائي رهي هئي ۽ هن محسوس ڪيو ته هوءَ ننڊاکڙي ٿي لڳي. هن وري چراخ جو آواز ٻڌو، پر اهو گوليءَ جي پهچ کان ٻاهر هو.

”مان لکندو رهيو آهيان،“ هن چيو ”پر مان هينئر ٿڪجي پيو آهيان.“

”سمجهين ٿو ته ننڊ اچي ويندئي؟“

”بلڪل. تون اندر ڇو نٿي ويهين؟“

”مان هت توسان ويهڻ ٿي چاهيان.“

”ڪجهه عجيب عجيب نٿي محسوس ڪرين؟“ هن عورت کان پڇيو.

”نه، رڳو ڪجهه ننڊ پئي محسوس ڪريان.“

”مون کي ڪجهه عجيب عجيب لڳي پيو.“

هن وري محسوس ڪيو ته موت وري اچي رهيو هو.

”توکي خبر آهي ته هڪڙي ڳالهه جا مان ڪڏهن به نه ڇڏي سگهيو آهيان، سا آهي تجسس، ڪجهه ڄاڻڻ جي هورا کورا.“ هن عورت کي چيو.

”تو وڃايو ته ڪڏهين به ڪجهه نه آهي. تو جهڙو مڪمل مرد ته مون ٻيو ڪوبه نه ڏٺو آهي.“

”اي يسوع مسيح،“ هن چيو ”عورت جي ڄاڻ ايتري محدود! اهو ڇا آهي؟ تنهنجي اندورني ٻوجهه؟“

ڇاڪاڻ ته، بلڪل ان وقت، موت آيو هو، ۽ هن پنهنجو مٿو کٽ جي پيرانديءَ کان ٽيڪي ڇڏيو هو ۽ هو هن جو ساهه به سنگهي رهيو هو.

”ان جو ڪڏهن به اعتبار نه ڪج ته ان کي هڪ ڏاٽو به هوندو آهي ۽ هڪ کوپڙي به.“

هئريءَ هن کي چيو. ”سائيڪل تي ويٺل ٻه پوليس وارا به ٿي سگهن ٿا، يا ڪو پکي به ٿي سگهي ٿو، يا چراخ جيان موڪري ٻوٿ وارو به ٿي سگهي ٿو.“

هو هاڻ هن طرف وڌي آيو هو، پر ان کي ڪابه شڪل ڪانه هئي. هن رڳو خلا ۾ جڳهه والاري هئي.

”هن کي چئو ته هتان هليو وڃي.“

اهو ويو ته ڪونه پر جيڪو سو ويجهو ٿيندو پئي ويو.

”ڪهڙو نه خراب ۽ بڇڙو ساهه ٿو کڻين.“ هن کيس چيو. ”او بدبودار حـرامزادا.“

هو اڃان به هن ڏانهن ويجهو وڌي آيو ۽ هاڻي ته هو ساڻس ڳالهائي به ڪونه پئي سگهيو. هو اڃا به ڪجهه وڌي ويجهو ٿيو ۽ هن ڪجهه چوڻ بنان کيس پري ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو هن ڏي اڃا به وڌي آيو ۽ سندس سڄو بار هن جي سيني تي اچي پيو. جڏهن هو هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺو ته نه هو ڳالهائي سگهيو ۽ نه چري پري سگهيو. هن ٻڌو ته عورت چيو ”صاحب کي ننڊ اچي ويئي آهي. کٽ کي آرام سان کڻو ۽ اندر تنبوءَ ۾ هلي رکو.“ هو ساڻس ڳالهائي نه سگهيو جو کيس چئي ته هن کي هلي وڃڻ لاءِ چوي ۽ اهو هاڻ اڃا به وڌيڪ بار سان سندس سيني تي ويٺو رهيو، جو هو ساهه به نه پئي کڻي سگهيو ۽ پوءِ جڏهن هن کٽ کنئي ته اوچتو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو ۽ سندس ڇاتيءَ تان بار لهي ويو.

ان مهل صبح هو. سج کي اڀرئي ڪافي وقت ٿيو ۽ هن هوائي جهاز جو آواز ٻڌو. اهو تمام ننڍو ڏيکارجي رهيو هو ۽ پوءِ هن وڏو چڪر ڪاٽيو. ڇوڪرن ڊڪي باهه ٻاري. ڪاٺين مٿان رکيل گاهه تي گاسليٽ وجهي، هنن باهه دکائي ۽ اهڙيءَ ريت ميدان جي ٻنهي ڇيڙن تي ٻه وڏا نشان ٿي بيٺا ۽ صبح جي هيرن انهن جي دونهي کي ڪئمپ طرف ڌڪي رهي هئي. جهاز ٻه ٻيا چڪر ڪاٽيا ۽ گولائي ڪاٽي ڪجهه هيٺ لٿو ۽ سڌو ٿي آرام سان اچي زمين تي بيٺو. پتلون، ٽوئڊ جي جئڪيٽ ۽ ناسي فليٽ هئٽ پايون ٻڍو ڪامپٽن هن ڏانهن آيو.

”ڇا ٿيو آ، جهونا؟ ڪامپٽن پڇيس.

”ڄنگهه خراب ٿي پئي آهي“، هن جواب ڏنس ”ڪو نيرن پاڻي ڪندين؟“

”مهرباني. رڳو چانهه جي ضرورت آهي.هي پس هاٿ (هوائي جهاز جو نالو) آهي، توکي ته خبر آهي. ميم صاحبه کي کڻي نه وڃي سگهندس. رڳو هڪ ڄڻي جي جاءِ آهي. توهان جي لاري به دڳ ۾ آهي.

هيلن، ڪامپٽن کي پاسيرو وٺي هن سان ڪجهه ڳالهائڻ لڳي، ڪامپٽن اڳ کان به وڌيڪ خوش نظر پئي آيو.

”ٺيڪ آ، توکي مان کڻي ٿو هلان.“ هن چيو ”ميم لاءِ وري موٽي ايندس. هينئر شايد اروشا ۾ رڪڻو پوي. ٻارڻ وٺڻ لاءِ. چڱو ته هاڻي هلون.“

”چانهه جو ڇا ٿيو؟“

”عادت ته ڪونهي، خبر ٿئي، ڇڏينس!“

ڇوڪرن کٽ کنئي ۽ ساون تنبن کان ڦري ٽڪر تان هيٺ لهي، ميدان ۾ اڳتي وڌيا. باهه جي مچن وٽان لنگهيا، جي ڀڙڪي رهيا هئا. گاهه سارو ختم ٿي چڪو هو ۽ هوا باهه کي ڀڙڪائي رهي هئي. هو ننڍڙي جهاز وٽ پهتا. هن کي ڏکيائي سان اندر نيو ويو. اندر ٿيڻ سان ئي هو چمڙي جي ڪرسيءَ تي ليٽي پيو ۽ ڄنگهه هڪ طرف سڌي ڪري رکيائين. سندس سيٽ جي ان پاسي کان جنهن کان ڪامپٽن ويٺو هو. ڪامپٽن انجڻ چالو ڪري اندر گهڙي ويو. هن هيلن ۽ ڇوڪرن کي هٿ لوڏي موڪلايو. جهاز پنهنجي گوڙ شور سان چريو، ڪامپيءَ ٻن باهين جي وچ مان سڌ ڪري جهاز کي زمين تي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. جهاز کي مـِـرُنِ جي کوٽيل کڏن کان بچائيندو، ان کي آخري جهٽڪو کارايو ۽ جهاز زمين ڇڏي مٿي اڏاڻو. هن سڀني کي هيٺ بيٺل ڏٺو، جي هٿ لوڏي رهيا هيا. هيٺان ڪئمپ هئي جا ننڍڙي پئي ٿيندي وئي ۽ ميدان ويڪرو پئي ٿيندو ويو. وڻن ۽ ٻوٽن جا جهڳٽا ننڍڙا ٿيندا پئي ويا. جانورن جا ٺاهيل پيچرا پاڻيءَ جي دٻن ڏانهن ويندا صاف نظر اچي رهيا هيا. هن پاڻيءَ جو هڪ نئون تلاءُ به ڏٺو جو هن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. پٽاپٽي گڏهه ننڍن ننڍن گول دائرن وانگر پئي نظر آيا، ۽ جهنگلي جانورن جون قطارون، وڏن نقطن جيان ميدان ۾ وڌنديون پئي ويون ۽ جهاز جي پاڇي پوڻ ڪري هو ڇڙوڇڙ پئي ٿي ويا. اهي تمام ننڍڙا پئي لڳا. انهن جي چرپر مان ٺينگ ٽپن جو پتو نه پئي پيو. ميدان ڏسڻ جي حد تائين ڀورو هيڊو پئي نظر آيو ۽ سندس اڳيان ڪامپيءَ جي ٽوئڊ جي جئڪيٽ ۽ ناسي فليٽ هئٽ هو. پوءِ هو پهرين ٽڪرين تي پهتا، جنهن تي جهنگلي جانور قطارن ۾ چڙهي رهيا هئا. پوءِ هو پهاڙن جي مٿان آيا، جن جي ماٿرين ۾ وڻن جا گهاٽا ٻيلا هيا. لاهين تي بانس جا وڻ هيا ۽ پوءِ وري گهاٽا ٻيلا آيا، جي چوٽين تي به هيا ته لاهين تي به. اهي ٽپي هو ڪن ٽڪرين تان هيٺ لٿا. جنهن کان پوءِ وري هڪ ٻيو ميداني علائقو آيو، گرم ۽ واڱڻائي - ناسي رنگ جو ميدان. گرميءَ جي ڪري جهاڪا آيا ۽ ڪامپيءَ ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هو ڪيئن ويٺو هو. پوءِ وري پهاڙن جو هڪ ٻيو سلسلو آيو، ۽ اڳيان اوندهه هئي.

پوءِ سڌو اروشا وڃڻ بجاءِ هو کٻي هٿ مڙيا. هن سمجهيو ته جهاز ۾ تيل ڪافي هو. هيٺ نهاريندي هن گلابي متحرڪ ڪڪر ڏٺو، جو زمين جي مٿان هلي رهيو هو ۽ ائين جيئن برفاني هوائن ۾ پهرين برف پوندي آهي ۽ خبر نه پوندي آهي ته ڪٿان آئي. هن سمجهي ورتو ته ڏکڻ کان ماڪڙ اچي رهي هئي. پوءِ هنن مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ لڳو پئي ته هو اوڀر طرف وڃي رهيا هيا. پوءِ اوندهه انڌوڪار ٿي ويو ۽ هو طوفان ۾ اچي ويا. مينهن ايترو تيز ۽ گهاٽو پئجي رهيو هو جو هنن سمجهيو ته ڪنهن آبشار جي وچان لنگهي رهيا هئا. جڏهين هو ان مان ٻاهر نڪتا ته ڪامپيءَ منهن ڦيري هن ڏانهن ڏٺو ۽ ڏند ڪڍي مرڪڻ لڳو. ڪامپيءَ هٿ جي اشاري سان کيس سامهون ڏسڻ لاءِ چيو. هن جو ڪجهه ڏٺو، سو دنيا جيان وسيع، اوچي، وڏي ۽ ناقابل يقين حد تائين اُس ۾ چمڪندڙ ”ڪليمنجارو“ جي چورس چوٽي هئي، تڏهن هن کي خبر پئي ته هيءَ ئي اها جاءِ هئي جتي هو وڃي رهيا هيا.

ٺيڪ ان مهل، چراخ رات جي اونداهي ۾ رڙيون ڪرڻ بند ڪيون ۽ عجيب، صفا انسان جيان روئڻ جو آواز ڪڍڻ لڳو. عورت آواز ٻڌو ۽ بي چينيءَ مان پاسو بدلايو. هوءَ جاڳي ڪانه. هوءَ سپني ۾ پنهنجي وڏي گهر ۾ هئي، جو هڪ ٻيٽ تي هو. اها سندس ڌيءَ جي سامائجڻ جي دعوت کان هڪ ڏينهن اڳ جي رات هئي. ڪنهن ريت ان جو پيءُ به اتي اچي نڪتو هو ۽ هـُـن ڏاڍي ڪٺورتا وارو ورتاءُ ڪيو هو. پوءِ چراخ جو آواز ايترو وڌي ويو، جو هوءَ جاڳي پيئي ۽ جهٽ پل لاءِ سمجهي نه سگهي ته هوءَ ڪٿي آهي. هوءَ ڏاڍي ڊنل هئي. پوءِ هن ٽارچ کڻي ٻيءَ کٽ تي روشني وڌي، جا هنن تڏهن کڻي اندر ڪئي هئي، جڏهن هئريءَ کي ننڊ اچي ويئي هئي. هن کي سندس سرير مڇردانيءَ جي اندران نظر آيو، پر الائجي ڪيئن سندس ڄنگهه ٻاهر هئي ۽ کٽ تان هيٺ لڙڪي رهي هئي. پٽي ساري لهي چڪي هئي، ۽ هوءَ ان کي وڌيڪ ڏسي نه سگهي.

”مولو“ هن سڏ ڪيو. ”مولو! مولو!“

پوءِ هن چيو ”هئري، هئري!“ سندس آواز ڳورو ٿي ويو ”هئري، پيارا، او، هئري!“

پر ڪوبه جواب نه مليو نه ئي هن جي ساهه کڻڻ جو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

تنبوءَ جي ٻاهران چراخ وري ساڳيو ئي عجيب آواز ڪيو، جنهن کيس جاڳايو هو، پر هوءَ پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وڃڻ سبب اهو آواز به ٻڌي نه سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com