سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سُرهَا گُل

باب:

صفحو:3 

تارا

هي گول گول تارا

دل کي لڳن ٿا پيارا

ٿا رات ساري ٽمڪن

ساعت نه هڪڙي ننڊ ڪن

ڦاڙي اکيون ڏسن ٿا

غافل ڏسي کلن ٿا

تارا رهن نه غافل

تارن کي سمجهو عاقل

تارن جي ڏس تي هلندا

دنيا جا قافلا ها!

هو اڄ به ڪٿ گسائن؟

رستو سڌو ٻڌائين

تارن کي جو سڃاڻي

موجون اهو ٿو ماڻي

ساعت ڏسَن ستارا

عامل هڻن ٿا ڍارا

ٿو چنڊ پير پائي

تارا وڃن گُسائي

جئن روشني وڌي ٿي

محفل به تئن ڦٽي ٿي

تارا ٿا منهن لڪائن

لڪ چپ جو فن ٻڌائن

جي ٿا پڇو حقيقت

تارا فلڪ جي زينت

اُڀ تي چڙهي اي ”اظهر

موتين جي آهه چادر

(اصغر آباد، 13- جنوري 1980ع)

چنڊ

 

 

چوڏهينءَ جي رات ڏي چمڪار چنڊ،

دڳ مسافر کي ڏسي نروار چنڊ.

فوج تارن جي سان آ، تيار چنڊ،

فوج ان جو آ سپہ سالار چنڊ.

ڏسندي ڏسندي ٿو وڃي جُهڙ ۾ لڪي،

ٿو ڪري ماڻهن کان شايد عار چنڊ.

چوڏهينءَ جي رات، دريا تي ڏسو،

غسل صحت ٿو ڪري نروار چنڊ.

ڪئن ٿو پيشاني پرين جي سان لڳي؟

آ پرين جي پيرَ جي پيزار چنڊ.

منهنجي چنڊ جو پير، چوڏهن چنڊ لهي،

ڀل ڪري پيو سَوَ دفعا سينگار چنڊ.

چنڊ جي چانڊاڻ موتين جي مثال،

چوڏهين جي رات گوهر بار چنڊ.

وڻج هي وڻجي ڪو، وڻجڻهار ٿي،

آهه چانڊوڪيءَ جو شاهوڪار چنڊ.

چوڏهينءَ کان ٿئي ٿو نظرن جو شڪار،

پندرهينءَ جو ٿي پئي بيمار چنڊ.

ماءُ کي چئي ٿو ته ”لاهي ڏي مون کي،“

جئن ڏسي ٿو آسمان تي ٻار چنڊ.

سِجَ جي روشن، ڀريل بازار ۾،

روشنيءَ جو ٿو ڪري واپار چنڊ.

چنڊ گِرهڻ توڙي مٿس گهيرو ڪري،

ته به ڏئي ٿو وجهه وٺي چمڪار چنڊ.

اهلِ دانش چنڊ کي مِٽي سڏن،

ٿي ويو مٽيءَ سان مڻيادار چنڊ.

چنڊ تي ”اظهر“ لکيو هي نظم آ،

تنهنڪري ان جي ڦري چوڌار چنڊ.

 (دفتر روزنامه ”مهراڻ“ حيدرآباد. 11- جنوري 1979ع)
 

چوڏهينءَ جي رات

 

چنڊ چڙهيو چانڊاڻ ٿي آهي

 

سير چمن جو دل ٿي چاهي

چوڏهينءَ جو چنڊ، چمڪي وارو

 

ساري رات رهي سوڀارو

گڏجي سڀيئي چنڊ ڏسو اڄ

 

ڪري ٿي قدرت ونڊ ڏسو اڄ

ان جي صورت سهڻي آهي

 

مورت ڀي من مُهڻي آهي

”چوڏهن“ ان جي ڪن ٿا حفاظت

 

ٻئي کي ڪهڙي آهي طاقت؟

چوڏهن جو آ انگ به سهڻو

 

اسم به سهڻو، رنگ به سهڻو

چوڏهينءَ جو چنڊ وٺي سهارو

 

ڪري ٿو روشن عالم سارو

چنڊ رکي ٿو گهر کي روشن

 

مسجد ۽ مندر کي روشن

باغ کي روشن، گل کي روشن

 

نرگس ۽ سنبل کي روشن

جهنگ کي روشن، ٿر  کي روشن

 

ڍنڍن، ڍورن، بَر کي روشن

چوڏهينءَ جو چنڊ سخي ٿئي ٿو

 

جوت جي بِکيا وڌي ڏئي ٿو

ڪو ڀي خالي ناهه سوالي

 

چنڊ ڇڏي ڪٿ ڪنهن کي خالي؟

چنڊ جو ٿورو، ٿورو ناهي

 

جڳ کي روشن رکندو آهي

چنڊ کي جئن ئي ٻار ڏسن ٿا

 

”چنڊ آڻي ڏيو!“ ائين چون ٿا

چانڊوڪي ٿي سبق سيکاري

 

ٻارو هرڪو پاڻ سڌاري

چنڊ نه وٺندو ڏوڪڙ آهي

 

جوت مگر ڏي ٺاهي ٺاهي

ڪريو ٿي خادم، اهڙي خدمت

 

جنهن مان جوڙيو جڳ ۾ عزت

ان جو نالو روشن ٿيندو،

جيڪو دنيا جي ڪم ايندو.

 

(تارڪ لائبريري، گهوٽڪي. 14- جنوري 1980ع)
 

درياهه

 

 

مان جهنگ جهر جي رونق وڌائيندو آهيان،

وهي، واهه پٽ تي وهائيندو آهيان.

مان پوکن کي پاڻي رسائيندو آهيان،

سَلن کي اُڀاري، بچائيندو آهيان.

سهي سور سر تي، سدائين سوايا،

زماني کي راحت رسائيندو آهيان.

سي ڏونگر جا ڏک، ۽ هي سختيون سفر جون،

سهان ٿو، نه هرگز ٻڌائيندو آهيان.

ڪشالا ڪري ٿو، وڃي پهچان جت ڪٿ،

وڌي وهڪري کي وڌائيندو آهيان.

پهاڙن جي وڪڙن ۾، لاهين کان لهندي،

ٿي سرمست ملهار ڳائيندو آهيان.

تجارت جي ڪم کي ترقي رسايان،

مان سيني تي ٻيڙيون هلائيندو آهيان.

اچي گرم ڌرتيءَ جي دل کي ٿو ٺاريان،

چمن ۾ نئون رنگ لائيندو آهيان.

شفا جو اثر منهنجي پاڻيءَ ۾ آهي،

پيڻ سان ئي صحت رسائيندو آهيان.

جڏهن مون تي سانوڻ جو پاڇو پوي ٿو،

تڏهن زور پنهنجو پَائيندو آهيان.

سُڪائي سيارو جي گهٽ، گهير، ڍورا،

انهن کي نئين سر وَهائيندو آهيان.

وهان هڪ- ڪَرو ٿو، ٻيائي ڪٿي آ؟

ڪنارن ٻنهي کي رسائيندو آهيان.

چَرندن جي پر گهور لهندو رهان ٿو،

پَرندنَ جون آسُون پُڄائيندو آهيان.

ٿو انسانيت تي رهي منهنجو ٿورو،

نه احسان پنهنجو جتائيندو آهيان.

جي سڪ سان سُڃا، منهنجو دامن وٺن ٿا،

انهن کي مان سائو بڻائيندو آهيان.

عبادت کان اڳ ۾ وَضو ٿو ڪرايان،

بشر کي پَوتَر بڻائيندو آهيان.

زماني ۾ فيض ۽ ڪرم آهه جاري،

سدا گنج پنهنجو لُٽائيندو آهيان.

ڀلائي ڪرڻ آهه عادت ازل کان،

ڀلا ڀال سڀ تي ڀَلائيندو آهيان.

ٿو هر ڪنهن سان نيڪي ڪريان، نيڪ بڻجي،

وسان ڪين ”اظهر“ گهٽائيندو آهيان.

ڪريو بي غرض ٿي چڱا ڪم چِتائي،

وڃو پنهنجو دنيا ۾ نالو ڪڍائي.

(قصر الادب، گهوٽڪي. 3- جنوري 1980ع)

 

 

برسات

 

ڪارا ڪڪر اچن ٿا،

فوجن جيان هلن ٿا،

گڙ گڙ ڪيو گجن ٿا،

ڦڙ ڦڙ ڪيو وسن ٿا،

موتي ڪرن ٿا پٽ تي،

ڇا گهير تي، ڇا گهٽ تي؟

جُهڙ مان کِنوڻ ڏسي ٿي،

پوکن کي اک هڻي ٿي،

برسات سخت پئي ٿي،

درياهه ٿي وهي ٿي،

بارش ۾ شور آهي،

پاڻيءَ کي زور آهي.

ٻارن جي راند آهي،

ڪپڙا لڱن تان لاهي،

برسات ۾ پيا ڪاهي،

ڪنهن کي به خوف ناهي،

 

 

سختي هجي يا نرمي،

 

سردي هجي يا گرمي.

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي،

جيءَ ۾ گهڙي وڃي ٿي،

ڪايا سڄي ڏڪي ٿي،

سردي اچي گُهٽي ٿي،

گهر ۾ پناهه ملندي،

راحت به واهه ملندي.

وَڻ ٽِڻ ڪيو غسل صحت،

آئي گلن ۾ رنگت،

جاڳي زمين جي قسمت،

”اظهر“ ٿي حق   جي قدرت،

ڪَکَ پَن ۾ ساهه آهي،

سرسبز گاهه آهي.

(قصر الادب، گهوٽڪي. 28- ڊسمبر1979ع)
 

سردي

 

 

انهيءَ جو نالو سردي آهي،

 

اچي گهرن ۾ زوريءَ ڪاهي.

جئن سيپٽمبر ماهه ٿو گذري،

 

تيئن هڻي ٿي جهنڊو ٺاهي.

مهمان ٿي جو ڪنهن وٽ ايندو،

 

چانهه ۽ ڪافي کي ٿو چاهي.

ڏينهن جو ڪوٽ ۽ سُئيٽر تَن تي،

 

رات جو اوڇڻ پائي ساهي.

گرمي مڻن منهن، سرديءَ تولو،

 

چڱن ڀلن کي وجهي ٿو ڊاهي.

”انهن کي سردي سبق سيکاري“،

 

چون ٿا جيڪي ”سردي ڇاهي؟“

انهن جا سردي وڻ ٿي وڄائي،

 

جن جي تن تي ڪپڙو ناهي.

امير هيٽر تي هٿ سيڪن،

 

غريب مَچ تي اچن ٿا ڪاهي.

پوهه جو پارو پناهه رب جي،

 

پارو پوک جو ڪم ٿو لاهي.

هاريءَ کي آ ڳڻتي ان جي،

 

فصل ڇڏيو آ پاري ڳاهي.

ڪوهيڙي جي پردي، پويان،

 

واجهه وجهي سج گاهي گاهي،

ڏينهن ننڍا ۽ راتيون اڻکٽ،

 

ڏنو هي ڏس آ ”اظهر“ ڏاهي.

لڳندي سردي ڪيو ڪنارو،

سوير گهر ۾ پهچو ٻارو.

                                (سرحد، 21- ڊسمبر 1979ع)

 

بهار

 

قدرت ڪئي ڀلائي،

 

سرديءَ جي ٿي صفائي،

ڏسجي ٿي خوش خدائي،

 

هر چيز آهه سائي،

وڻ وڻ ۾ آهه وائي،

آئي بهار آئي!

وڻندڙ هوا لڳي ٿي،

 

خوشبو کنيون اچي ٿي،

دل کي خوشي رسي ٿي،

 

نئين زندگي ملي ٿي،

ڪافور ٿي اگهائي،

آئي بهار آئي!

هرهڪ ڪلي کلي ٿي،

 

منهن ماڪ سان ڌُئي ٿي،

پاڻي هوا اگهي ٿي،

 

مکڙي جي گُل ٿئي ٿي،

سرهاڻ ڏي سدائي،

آئي بهار آئي!

ڏسجي چمن ٿو چهرو،

 

رنگ آ گُلن جو گهرو،

بلبل وٺي ٿي بهرو،

 

ڀون ڀون ڪري ٿو ڀونرو،

ڪوئل ڌنڌي مچائي،

آئي بهار آئي!

پاڻي ٿي برف پگهري،

 

پهچي سمنڊ ۾ جلدي،

پوکون پچائي پهچي،

 

دنيا کي گهرج اَنَ جي،

اَنَ سان ٿي سڀ سڻائي،

آئي بهار آئي!

سردي جو گُم نشان آ،

 

گرمي جو رخ عيان آ،

دريا روان دوان آ،

 

اظهر“ اهو بيان آ،

پاڻيءَ جي آ چڙهائي،

آئي بهار آئي!

(علي واهڻ، 4- جنوري 1980ع)
 

گُل

 

گل جي سهڻي سوڀيا صورت،

 

گُل جي آ من مهڻي مورت،

گُل ۾ نرمي، ناز، نزاڪت،

 

گُل ۾ آ خوشبو ۽ رنگت،

هوا لڳي ٿي، کِنڊائي خوشبو،

پري پري پهچائي خوشبو.

گُل سان بلبل جي آ اُلفت،

 

گُل سان ڀونر جي روحي رغبت،

گُل تي پرواني جي طبيعت،

 

ماکيءَ جي مک رکي ٿي چاهت،

سڀن کي آهي دعوت گل جي،

ڪنهن سان ڪين عداوت گل جي.

گُل ٿئي شاهه جي ڇَٽ جي زينت،

 

قبر تي چاڙهن بهر عقيدت،

گُل مان جوڙن عمده شربت،

 

گُلقند سالم رکي ٿو صحت،

گُل جو عطر ڏي روح کي راحت،

مغز کي پهچائي ٿو طراوت.

گُل تي آهه ڪنڊن جو پهرو،

 

تڏهن به گهاري چاق ۽ چهرو،

ناز، نزاڪت ۾ آ نهرو،

 

گهمڻ وارن کي چئي ٿو ٿهرو،

”وٺي وڃو سرهاڻ جو تحفو!

صبر، حيا، ۽ ڄاڻ جو تحفو!“

جيڪو انسان جنگ کٽي ٿو،

 

جيڪو زيارت ڪري وري ٿو،

جيڪو گهوٽ ٿي لائون لهي ٿو،

 

جيڪو ڀي ڪم چڱو ڪري ٿو،

ان کي ”اظهر“ هار پون ٿا،

گُلن جي ماڻهو ورکا ڪن ٿا.

                  (ضلع ڪائونسل هال، سکر. 15- ڊسمبر 1979ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org