سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سُرهَا گُل

باب:

صفحو:5 

بلبل جو فرياد

 

ٿي لڳي بادِ صبا گلزار ۾ وقتِ سحر،

پاڻ سان خوشبوءِ آڻي ٿي ڪيائين مغز تر،

ماڪ سان منهن ڌوئي، گل تازا ٿي سڀ آيا نظر،

برگِ گل جيڪي رهيا گلشن ۾ ها مثل گُهرَ،

حسن گل تي جان و دل سان، مئي فدا بلبل غريب،

گل تان صدقي ٿي مرڻ، سمجهو انهيءَ پنهنجو نصيب،

آيو هڪ ماري چڙي، پر دل نه بلبل جي لڏي،

ڦاهي چالاڪيءَ سان ان، هڪ گل جي ٻوٽي ۾ اڏي،

عشق گل ۾، بلبلِ نادان جيئن ٽپندي رهي،

اوچتو ئي اوچتو تيئن دام ۾ ڦاسي پئي،

ڦاسندي بلبل ڏسي، صياد ڏاڍو خوش ٿيو،

هٿ ۾ بلبل کي جهلي، ٿي باغ کان ٻاهر ويو.

باغ جي در تي چيس بلبل ته ”اي صياد ٻڌ،

مون کي تو ناحق ڪيو آ بند ڪجهه فرياد ٻُڌ،

فصل گل ۾ هي ستم ڪهڙو، ستم ايجاد ٻڌ،

مون کي ماري ڏاڍو پڇتائيندين تون فرياد ٻُڌ،

آهه زندهه جو مري جڳ ۾ ٿو ”اظهر“ بي خطا،

ٿو رهي ماريءَ جي گهر ۾ ڍڳ هڏن جو دائما.

 (ڪراچي. 1940ع)
 

ڳيرو ۽ ڪانءُ

 

ڪانءُ ٿو هڪ ڏينهن ڳيري کان پڇي،

”عقل منهنجو دنگ ٿو رهجي وڃي.

تو سان ماڻهن جي، محبت ٿو ڏسان،

مون کان هرهڪ ٿو مگر نفرت ڪري.

توکي داڻو جت ملي ٿو، بي خطر،

منهنجي خاطر، ٿو اُتي ڏنڊو ڦري.

مان اڃا گهر جي اڱڻ ۾ ٿو اچان،

مون تي ڀترن جو مٿان وسڪار ٿي.“

هيءَ ٻڌي تقرير، ڳيري چئي ڏنس:

”سمجهه توکي ڇو نه ٿي نادان اچي.

تون هڻي ٻارن کي ٺونگا، رت ڪڍين،

۽ انهن کان ٿو وڃين ماني کسي.

چهنب ۾ چيزون کڻي، اُڏري وڃين،

چَو ته توکي ڪير ٿو ڊوڙي پُڄي؟

تون ستائين ٿو سڀن کي بي خطا،

توکي هرهڪ چور ۽ ڊاڪو سڏي.“

مان نه ڪنهن سان وير وڍ ”اظهر“ رکان،

پنهنجو ڪو دشمن نه دنيا ۾ ڏسان.

 

(قصرالادب، گهوٽڪي. 2- جنوري 1980ع)
 

طوطو

انب تي طوطو ويٺو آهي،

لات لنوي ٿو پرڙا ساهي،

انب ٿو کائي ٺاهي ٺاهي،

ميوي جا ٿو ليکا لاهي،

ڪجهه ٿو کائي، ڪجهه ٿو وڃائي،

ڇيهو باغائي کي رسائي.

سائو رنگ ۽ چهنب گلابي،

اکيون ننڍيون پر آهن آبي،

سندس طبيعت آ سيمابي،

اُن کي رهندي آ بي تابي.

هڪ ٽم تان، ٻي ٽم تي وڃي ٿو،

چرپر ۾ هر وقت رهي ٿو.

نقل ڪرڻ ۾ برک ٿئي ٿو،

چئي سگهي ٿو، جيڪي ٻڌي ٿو،

ذهين آ، قرآن پڙهي ٿو،

ڏکيا ڏکيا الفاظ رٽي ٿو،

ڪُٽيءَ کائڻ جو مجنون آهي،

ڏئي ڪُٽيءَ سان منهن ٿو ٺاهي.

ٻارو سمجهو ۽ سمجهايو،

ڏسو پري کان هٿ نه لڳايو،

مِٺوءَ کان آڱر متان ڪپايو،

لوهو پڃرو بند ڪرايو،

ويو اُڏامي، وري نه ايندو،

ڪڏهن نه ڪنهن جو سُونهون ٿيندو.

                                 (قصرالادب، گهوٽڪي. 2- جنوري 1980ع) 

 

قُمري

 

 

سهڻي ۽ سيباڻي قُمري،

”هو حق“ جي ٿي ڳائي ٺمري.

درد ڀريو آواز اچي ٿو،

گويا دلڪش ساز وڄي ٿو.

ان جي گردن سهڻي آهي،

ڪٿي صراحي سينو ساهي؟

شربتي ان جون اکيون آهن،

نرگسي ان جون اکيون آهن.

ننڍڙي، ڳاڙهي چهنب ٿي چمڪي،

ڏاڍي سهڻي وڻي ٿي سڀ کي.

پَرَ ٿا چاندي وانگر چمڪن،

ميناڪاري ڪم ٿا ڏسجن.

مينديءَ جو پيرن تي رنگ آ،

گهمڻ ڦرڻ جو عجيب ڍنگ آ.

دل کي وڻي ٿي سهڻي صورت،

من کي موهي مهڻي مورت.

ان مان معصوميت ٿي نظري،

ان کي ڏسندي دل نٿي ڀرجي.

ان جي صدا ٿي دل کي موهي،

ان جي ادا ٿي دل کي موهي.

سرو تي ويهي ڪري ٿي ”هو هو،“

جهٻا وجهي ٿي ان جي ”ڪو ڪو“.

                      وحدت جا هو گيت ٿي ڳائي،

                     ”اظهر“ حق ڏي ڌيان ڇڪائي.

 

                      (قصرالادب، گهوٽڪي. 27- ڊسمبر 1979ع)

پپيهو

 

 

سريلا گيت ڳائي ٿو پپيهو،

ڏکيل دليون ڏکائي ٿو پپيهو.

نهائينءَ کان سکي هو نينهن ”اظهر“،

اگر عاشق سڏائي ٿو پپيهو.

گلي ان جي ۾ آهي درد ڀريل،

ڇڏي دلين کي گهائي ٿو پپيهو.

مون کي ماضيءَ جي ايوانن ۾ ”اظهر“،

وٺي هٿ کان، گهمائي ٿو پپيهو.

دلين ۾ درد جو آڻي اضافو،

ڇڏي دونهون دکائي ٿو پپيهو.

اندر ان جي ۾ ساجن، آهه ساڪن،

ڇو ڌُم ”پي پي“ جي لائي ٿو پپيهو.

ڪري نشتر جو ڪم آواز اُن جو،

ڇٽل ڦٽ ڀي چِڪائي ٿو پپيهو.

محبت جي چمن ۽ وادين ۾،

وڏي هلچل هُلائي ٿو پپيهو.

وڃن آواز سان واديون به گونجي،

ڇڏي وڻ ڀي وڄائي ٿو پپيهو.

”مري“ ۾ سوز سان ڳائي ترانا،

تتل دليون تپائي ٿو پپيهو.

اچي ٿي گلستان ۾ موسمِ گل،

خبر اهڙي ٻڌائي ٿو پپيهو.

نهائينءَ کان سکي هو نينهن ”اظهر“،

اگر عاشق سڏائي ٿو پپيهو.

اجهو ڪارا ڪڪر آيا ۽ وسندا،

ٻُڌو ملهار ڳائي ٿو پپيهو.

مون کي ماضيءَ جي ايوانن ۾ ”اظهر“،

وٺي هٿ کان، گهمائي ٿو پپيهو.

اندر ان جي ۾ ساجن، آهه ساڪن،

ڇو ڌُم ”پي پي“ جي لائي ٿو پپيهو.

پپيها تنهنجا ٿورا، ڪِين ٿورا،

وساريون ڇو، اسين آهيون نه ڀورا؟

محبت جي چمن ۽ وادين ۾،

وڏي هلچل هُلائي ٿو پپيهو.

 

(ڪوهه مري. 5- مارچ 1980ع)

”مري“ ۾ سوز سان ڳائي ترانا،

تتل دليون تپائي ٿو پپيهو.

 

 

 

 

 

پوپٽ

 


 

جيئن گلشن ۾ اچي ٿو پوپٽ،

گل جو واس وٺي ٿو ٿو پوپٽ،

خوشبو ان کي مست ڪري ٿي،

برگِ گل تي نچي ٿو پوپٽ،

گل جي منهن سان، منهن کي ملائي،

گل کان مِٺيون وٺي ٿو پوپٽ.

گل جي لب تان، لٻ جي ماکي،

چمي ڏيڻ سان چٽي ٿو پوپٽ،

پرن کي کولي، ڪنڌ جهڪائي،

گل کي سجدو ڪري ٿو پوپٽ،

باغ جي صحن ۾ سير جي سانگي،

پريءَ جي صورت اچي ٿو پوپٽ.

ان جي خرا ۾ ناز نوايو،

معشوقن سان ملي ٿو پوپٽ،

ناز جي جهولي ۾ آ پاليل،

ناز و نزاڪت رکي ٿو پوپٽ،

ڪڏهن گهرن ۾ اچي اُڏامي،

اها ڇو غلطي ڪري ٿو پوپٽ؟

چون ٿا ”پنهنجن پوين خاطر،

مثلِ روح اچي ٿو پوپٽ“،

پتنگ ۽ ڀنڀوريءَ کان تڪڙو،

پري پري پهچي ٿو پوپٽ،

گهڻو جڏهن ڀي مينهن وسي ٿو،

گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو پوپٽ.

حرڪت کي هو برڪت سمجهي،

هر جا هلندو رهي ٿو پوپٽ،

پاري وانگر رهي پريشان،

ڪٿي نه ساهه پٽي ٿو پوپٽ،

ننڍو جيت، مگر آ جوڌو،

ڪنهن کان ڪين ڊڄي ٿو پوپٽ.

 

رنگي جو آ رنگ لڳايل،

ڏاڍا رنگ رکي ٿو پوپٽ،

غريب ان کي ڏسي ٿو ڏوران،

شرير ڇوڪر وٺي ٿو پوپٽ،

پيءُ يا ماءُ جي سمجهائڻ تي،

پنهنجي هٿ مان ڇڏي ٿو پوپٽ.

ناز، نفاست جو آ عادي،

نازڪ جسم رکي ٿو پوپٽ،

ان کي هوريان هٿڙا لايو،

ٿوري سَٽ نه سهي ٿو پوپٽ،

شوق شڪار جو انت نه آهي،

پالڻ چاهيو، پلي ٿو پوپٽ.

شيشي اندران شهد لڳائي،

وجهوس، ماکي چٽي ٿو پوپٽ،

شيشي جو ڀي قيد ڪِنو آ،

پو ڇو قيد ڪٽي ٿو پوپٽ؟

صلح جي سُرڪي پيتل آهي،

ڪنهن سان ڪين وڙهي ٿو پوپٽ.

رحم ڪريو، ۽ هوش هلايو،

ٻارو پوپٽ کي نه ستايو.

                                 (ڪراچي يونيورسٽي. 12- ڊسمبر 1979ع)

 

کُڙ کُٻيتو

 

جڏهن سِجُ دنيا مان رخصت ڪري ٿو،

جڏهن بي اونداهي جو تنبو لڳي ٿو.

جڏهن روشنائي وڃي موڪلائي،

جڏهن ٿي سياهي قدم کي وڌائي.

تڏهن کڙکٻيتو اڱڻ ۾ اچي ٿو،

چمن جي گلن وٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

گهڻو وقت لوسڻ، سرنهه ۾ گذاري،

اٿس پوک سان پيار ڪٿ وار واري؟

سچو چمڪي ظاهر ڪري ٿو سچائي،

بنان ڏوڪڙن جي رسائي سهائي.

سندس پٺ مان بجليءَ جو چمڪاٽ آهي،

ٻري ۽ وسامي اِهو ناٽ آهي.

ٻڌايو ڀلا ان کي ڇا ٻار سمجهن؟

سڏن ان کي جادو، يا اسرار سمجهن.

ڏسڻ سان پئي پويان ڪاهي ٿي ٽولي،

”کهي ٿي ۽ کڏ ٿي“ هيءَ ٻارن جي ٻولي.

جيئن کُڙکُٻيتو اکر هي ٻڌي ٿو،

تيئن پاڻ هُرتو هُو پٽ تي ڪري ٿو.

وٺي ٻار ان کي وڄائن ٿا تاڙيون،

گهمن ٿا کڻي ڄڻ هٿن ۾ اماڙيون.

اگر کُڙکُٻيتو هٿن ۾ مري ٿو،

مرڻ بعد ڀي پر نه چمڪو ڇڏي ٿو.

ٿئي سوجهرو جهنگ جي پاسي وڃي ٿو،

وڻن جي پنن ۾ لڪي ننڊ ڪري ٿو.

وري رات آئي، هو موٽي اچي ٿو،

محافظ چمن جو ٿي پهرو ڏئي ٿو.

ننڍي جيت ۾ حق رکي آهه قدرت،

ڏسي روشني ان مان حاصل ڪيو عبرت.

چڱائي ڪري ٿو، ڇڏي ٿو وساري،

انهي ريت ”اظهر“ حياتي گذاري.

چڱائي چڱي آ، هِيُن سان هنڍايو،

اي ٻارو انهيءَ مان، سبق ڪجهه پرايو.

(قصرالادب، گهوٽڪي. 24- ڊسمبر 1979ع)

 

ماکيءَ جي مک

 

ڦري چمن ۾ ٿي ماکيءَ جي مک،

گلن ڦلن ۾ ٿي ماکيءَ جي مک،

رهي وڻن ۾ ٿي ماکيءَ جي مک،

ملي برن ۾ ٿي ماکيءَ جي مک،

هو صبح، سانجهي ڪري ٿي محنت،

ٿي سمجهي محنت کي هوءَ عادت.

گلن کي چوسي مٺو ڪڍي ٿي،

وڃي حفاظت سان گهر رکي ٿي،

ڏکي سکي جو سمر ڪري ٿي،

تڏهن به ڪم کي لڳي رهي ٿي،

هو آههِ ننڍڙي، مگر آ ڏاهي،

تميز ان کي ڏني الاهي.

ان جو گهر به عجيب آهي،

ٿي خانو خانو نرالو ٺاهي،

وڃي ٿي ڪنهن ۾ هوءَ آنا لاهي،

ڪٿي ٻچن کي رکي ٿي ساهي،

رهي ٿو ماکيءَ جو ڪٿ خزانو؟

ڪٿي گذاري مکو ديوانو؟

اگر ڪو انسان وڌي وڃي ٿو،

هوس ۽ لالچ جو هٿ وجهي ٿو،

ڪڏهن نه حملي کان هو بچي ٿو،

مقابلي ۾ سُجي اچي ٿو،

ڪڏهن مکن کان ٿو مار کائي،

ڪڏهن ٿو ماکيءَ جي آر کائي.

ڏسو ٿا ماکيءَ جي مک جو ايڪو،

اچي ٿو جيڪو به ان جي ويجهو،

انهيءَ تي گڏجي ٿئي ٿو حملو،

ٻڌي کان ”اظهر“ ڊڄي ٿو هرڪو،

ٻڌيءَ ۾ قوت خدا جي آهي،

ٻڌيءَ ۾ همت خدا جي آهي.

(قصرالادب، گهوٽڪي. 2- جنوري 1980ع)

 

                               مينهن وساڙو، هنڊول

 

مون کان اگر پڇو ٿا، نالو ”هنڊول، آهي،

رنگ روپ آهه ڳاڙهو، اڌ جسم گول آهي.

سرگم جي سڌ نه آهي، سُرتا، ڪينَ ڄاڻا،

ديپڪ، هنڊول، سارنگ، ملهار ڪٿ سڃاڻا؟

تصوير غم جي آهيان، پوري طرح ڏسو ڀل،

دلچسپ آ حقيقت مون کان اچي پڇي ڀل.

شهدائي ڪربلا کان، اڄ تائين جي مرن ٿا،

دستِ ستم سان جيڪي انسان شهيد ٿين ٿا.

جيڪو به خونِ ناحق، ڌرتي جي دل تي ڪرندو،

رَت جو ته قطرو قطرو ڌرتيءَ ۾ جذب ٿيندو.

برسات جي پوڻ سان، رت جو ڦڙو ٿو اُڀري،

اهلِ نظر کي دنيا ۾، ٿو ”هنڊول“ نظري.

مان روزي دار آهيان، روزو رکيم ڄمڻ سان،

بانگِ اجل ٻڌڻ سان، روزو کلي مرڻ سان.

عالم ۾ ”ڏينهن چوڏهن“ آ مختصر حياتي.

سوئي عدم اماڻي، مون کي پو ذوق ذاتي.

انسان جي زندگي ڀي مثل حباب سمجهو،

تعبير جنهن جو موت آ، اهڙو ئي خواب سمجهو.

 

(گونڊڪ ٻيلو. 23- ڊسمبر 1979ع)

 

ڪوئل

ڪوڪي ڪوڪي ڪاري ڪوئل،

باهه ڀنڀور ۾ ٻاري ڪوئل.

تنهنجا ترانا، ٻڌندي دل تي،

وجد ٿئي ٿو طاري ڪوئل.

تنهنجي ڪوڪ سان، ڏيهه ڏڪي ٿو،

زمزن، غمزن واري ڪوئل.

تنهنجا ترانا، اهلِ دل تي،

بار وجهن ٿا باري ڪوئل.

نغمن سان ٿي درد رسائين،

تنهنجي درد سان ياري ڪوئل.

سوز ڀي آهي، ساز ڀي آهي،

سُر ۾ ٻڏل آ ساري ڪوئل.

دردمندن جي هار هميشه،

تنهنجي راند ۾ ساري ڪوئل.

تنهنجا نغما ڏين ٿا آٿت،

گهڙي نه وجهه تون گهاري ڪوئل.

تنهنجا ترانا دلڪش آهن،

منهنجي دل تو ڌتاري ڪوئل.

تون ٿي بهار جا نغما ڳائين،

خزان وسائي واري ڪوئل.

توکي طرز ڏَسي ڪنهن آهي؟

ڏيهه کي ڏَس هشياري ڪوئل.

ڏيهه ڏنگي ۾ آلاپن سان،

تو آ دلڙي ڏاري ڪوئل.

ڌوئي هٿ، ڪڍ لڳو اٿيئي،

تنهنجي پويان ماري ڪوئل.

تنهنجي مارڻ خاطر ”اظهر“،

ماري ڇو جک ماري ڪوئل؟

منهنجون ياديون، تنهنجا ترانا،

آڻن آڏو، اڳيان زمانا.

 

(اسلام آباد. 6- مارچ 1980ع)

ڀَونر

 

ڀَونر ٿو باغ ۾ سوز سان ڳائي،

دردمندن جو درد وڌائي،

ڊوڙي گل سان ڀاڪر پائي،

گل جي لبن سان لب ٿو لڳائي،

مِٺيءَ سان گل جي چوسي ٿو رس،

ڄڻ ته پيئي ٿو شربت ”نورس.“

ڀَونر گهرن ۾ ايندو آهي،

چاهه سان چڪر ڏيندو آهي،

سڪ ۽ ساءُ جهٽيندو آهي،

اثر هو پاڻ سان نيندو آهي،

چون ٿا ”ڦيرو روح ڪري ٿو،

پنهنجا پويان ڏسڻ اچي ٿو.“

ڀَونر ٿو جوڙي ڪاني ۾ گهر،

ان ۾ لڪائي رکي ٿو شڪر،

شڪر جو آ کنڊ سان ٽڪر،

چون ٿا ”کائڻ ۾ آ بهتر،“

ڏسن ٿا ان کي غور سان شائق،

محنت آهي داد جي لائق.

گل جي محفل جو رهواسي،

گل جي زلفن ۾ پيو آ ڦاسي،

گل جي عشق ۾ آهه اُداسي،

رنگ جو ڪارو، هلڪو ناسي،

شيدي باغ ۾ ناچ ڪري ٿو،

گل جي حسن جو واس وٺي ٿو.

گل جي ڇاتيءَ سان آ ڇاتي،

گل جي عشق ۾ اُن جي حِاتي

گل مان اُن آ عزت پاتي،

گل سان ذوق رکي ٿو ذاتي،

پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٿو ٻڌائي،

گل جا ”اظهر“ گيت ٿو ڳائي.

                   (ميرپورماٿيلو. 9- فيبروري 1980ع)

 

ڪوريئڙو

 

 

ڪوريئڙو ڪيئن ڄار اُڻي ٿو،

حساب سان هر تند رکي ٿو.

غور سان ڏسبو خانا پورا،

ننڍو وڏو ڪو ڀي نه ٿئي ٿو.

اچي شڪار ته کائي خوش ٿيان،

تاڙ ٻڌي هو ويهي رهي ٿو.

جيت جڻيو جئن ڄار سان لڳندو،

فوراً ان ۾ ڦاسي پئي ٿو.

آزادي جي خاطر پنهنجا،

جئن جو هو هٿ پير هڻي ٿو.

جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾،

ڄار ۾ ويتر ڦاسي پئي ٿو.

سڀ کي ساهه پيارو آهي،

ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏئي ٿو.

اظهر“ پهچي ڪوريئڙو اُت،

ان کي پنهنجو قوت ڪري ٿو.

هڪ جي موت ۾ ٻئي جي حياتي،

حال ڏسي هي ڇڄي ٿي ڇاتي. 

 

(انفارميشن آفيس، سکر. 3- فيبروري 1980ع)

مڇر

 

سانوڻ آيو، مڇر آيو،

ماڻهن کي ان خوب ستايو

ڏنگ هڻي بيمار بڻايو،

دوا جو هٿ ۾ دُنگ کڻايو،

وري پيو ”ويدن“ جو وارو،

سُئي هڻڻ جي مارا مارو.

بدن تي مڇر قدم رکي ٿو،

رَتُ ٿو چوسي، ڏنگ هڻي ٿو،

رت ۾ پنهنجو زهر گڏي ٿو،

ماڻهو فوراً کنگهڻ لڳي ٿو،

بت ۾ ٿيندي ڄلول آهي،

طبع ٿي ويندي ملول آهي.

ڪيو مڇر نمرود تي حملو،

نڪ ۾ پيٺو تڪڙو تڪڙو،

ڪري پيو ۽ ٿي ويو کيرو

ويو جهنم ڏي، ٿي بڇڙو،

ڏسو مڇر هڪ شاهه کي ماريو،

اوهان جهڙپ کان پري گذاريو.

جي هيءَ آفت سر تان ٽاريو،

کڏن ۾ تيل مٽي جو هاريو،

ٿئي جي ڪچرو باهه کي ٻاريو،

ڪريو صفائي ملڪ سڌايو،

پلنگ تي ”اظهر“ ٻڌو مَهارو،

ڪيو نه ڪونين کان ڪنارو.

(قصرالادب، گهوٽڪي. 26- ڊسمبر 1979ع)

 

شمع ۽ پروانو

 

 

شمع جو عاشق پتنگ کي ڪوٺن،

جوت ۽ جوهر ڏسي اچي ٿو.

حسن ۾ چقمق جي آ طاقت،

ڪشش تي عاشق ڇڪجي اچي ٿو.

عشق گهڻن جا ڪنڌ ڪپايا،

هو ڀي ناچو نچي اچي ٿو.

مرد کي موٽڻ مهڻو آهي،

رنگ انهيءَ ۾ رجي اچي ٿو.

ڪٿي به رڪجڻ وارو ناهي،

سڀيئي ڀولا ڀڃي اچي ٿو.

حسن جي اڳتان، جيت به هار آ؟

ڪهڙو بازي کٽي اچي ٿو؟

سورهه سر جو سانگو لاهي،

اچي ٿو سينو ڪڍي اچي ٿو.

باهه نه ”ابراهيمؑ “ کي ساڙيو،

انهيءَ غرض سان ڪهي اچي ٿو.

باهه ۽ پاڻي ازل کان دشمن،

ڪير انهن کان بچي اچي ٿو؟

شمع پتنگ سان ڪِيس ڪيو آ،

ڪٽنب سڄو ٿي خاڪ ويو آ.

شمع سوين پروانا ساڙيا،

مُئن جو بدلو وٺڻ اچي ٿو.

شمع ته ساڙڻ لاءِ سڙي ٿي،

سڙي سڙي هي سڙڻ اچي ٿو.

ڇا جو عشق، ۽ ڇا جي الفت؟

ميدان کي سَر ڪرڻ اچي ٿو.

غيرت جو هو صاحب آهي،

غيرت جو ڏس ڏيڻ اچي ٿو.

زالين، مردين عشق ٿئي ڪٿ؟

هي ته بتيءَ سان وڙهڻ اچي ٿو.

ڏيهه ڏنگي ۾ ظلم جي ابتڙ،

علم کي اوچو ڪرڻ اچي ٿو.

جار جهاد جو جيءَ ۾ جرڪي،

موت ڏسي ڀي مرڻ اچي ٿو.

تِري تي سر، ۽ قدم ۾ برڪت،

غازيءَ کي ڪٿ هٽڻ اچي ٿو؟

لڙندو، مرندو، شهيد ٿيندو،

نالو زنده رکڻ اچي ٿو.

ذره ذره لڙندو پتنگ ٿي،

آڻ مڃيندو ظالم تنگ ٿي. 

(ڪراچي يونيورسٽي. 13- ڊسمبر 1979ع)

 

جهنگ جي جهرڪي

 

 

آئي آهي جهنگ جي جهرڪي،

پرڙا ساهي جهنگ جي جهرڪي.

ڪک ۽ اڳڙيون گهر ۾ آڻي،

گهر ٿي ٺاهي جهنگ جي جهرڪي.

گهر جي اندر، آکيري ۾،

آنا لاهي جهنگ جي جهرڪي.

جيت جڻيا ٿي ڏئي ٻچن کي،

واندي ناهي جهنگ جي جهرڪي.

  *

شور مچائي جهنگ جي جهرڪي،

سر ٿي کپائي جهنگ جي جهرڪي.

ولر ڪيو ٿي پوک تي پهچي،

اَنُ ٿي کائي جهنگ جي جهرڪي.

سنگ مان، اَنَ جا داڻا کائي،

ٻچڙ بنائي جهنگ جي جهرڪي.

کانڀاڻيءَ ۽ ٽٽ جو ٽڙڪو،

ڇڏي اُٺائي، جهنگ جي جهرڪي.

      *

ٻار وٺن ٿا جهنگ جي جهرڪي،

وٺي ڪُهن ٿا جهنگ جي جهرڪي.

گهڻا ڪباب ڪري ٿا کائن،

گهڻا رڌن ٿا جهنگ جي جهرڪي.

هٿ ۾ اچڻ سان سياڻا، سمجهو،

فقط ڏسن ٿا جهنگ جي جهرڪي.

جن جي روح ۾ رحم اي ”اظهر“،

ڇڏي ڏين ٿا جهنگ جي جهرڪي.

 

           (ڪوٽ پل. 23- جنوري 1980ع)

 

      شريف آدمي

 

شريف آدمي سر جهڪائيندو ناهي،

هو بندي کي مولا بڻائيندو ناهي.

حقيقت کي هرگز لڪائيندو ناهي،

وڌائيندو ناهي، گهٽائيندو ناهي.

                               *

سخن بي ريا آ چئي ڏيندو آهي،

جو دل ۾، زبان تي اهو ايندو آهي.

نه مرعوب ڪنهن کان، ڪڏهن ٿيندو آهي،

ترانا خوشامد جا ڳائيندو ناهي.

                              *

هو ظاهر ڪري ٿو، جا آهي حقيقت،

ڪٿي جي حضور آ، منڍان اُن جي عادت،

ٿي هر لفظ ان جي مان چمڪي صداقت،

فقط ها ۾ ها هو ملائيندو ناهي.

                           *

خوشامد پسندن کان هو ونءُ وڃي ٿو،

غلط آدمين کان ڪنارو ڪري ٿو.

نه سائين سڏائي، نه سائين سڏي ٿو،

هو ڪنهن کان خوشامد ڪرائيندو ناهي.

هو سر ڏيندو، جي دوست ڪنهن کي سڏي ٿو،

هڙان ۽ وڙان ان کي ”اظهر“ اڏي ٿو.

هو ٿورو ڪري ٿو، وساري ڇڏي ٿو،

هو احسان پنهنجو جتائيندو ناهي.

(قصرالادب، گهوٽڪي. 23- جولاءِ 1978ع)

 

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو

 

 

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

پنهنجي فن ۾ برک لڳي ٿو.

ناچ ڏسڻ جي دعوت ڏي ٿو،

ناچ ڪري هو داد وٺي ٿو،

سُرَ ۽ تار سان پير کڻي ٿو،

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

قدم قدم ۾ ناز نزاڪت،

بَکي کنڀن مان حسن ۽ صورت،

هرهڪ نقش مان ظاهر زينت،

ڪاريگر جي ڏسجي صنعت،

نقش دلين کي ڇڪي وٺي ٿو،

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

مور جا کنڀ عبرت سان ڏسجن،

مور جا کنڀ ڳولي ٿا وٺجن،

مور جا کنڀ قرآن ۾ وجهجن،

مور جا کنڀ راضي ۾ رکجن،

اُن جي کنڀن مان پکو جڙي ٿو،

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

مور اڪيلائيءَ ۾ رهي ٿو،

جڏهن اڪيلو تنگ ٿئي ٿو،

جوش مان هو ”جَهنگار“ ڪري ٿو،

ڊيل کي اهڙي ريت سڏي ٿو،

وڇڙيل ساٿي سڏي گڏي ٿو،

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

 

ان تي مستي طاري ٿئي ٿي،

ڳوڙهن جي هڪ تار هلي ٿي،

قرب سان موتي ڊيل جهٽي ٿي،

اُن مان گويا ويجهي وڌي ٿي،

رنگي ڪيڏو رنگ رکي ٿو؟

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

اُنَ جي پرن تي سون چڙهيل آ،

لباس تن تي سهڻو ڍڪيل آ،

تاج زمرد جوئي جڙيل آ،

ڄڻڪ چمن ۾ گهوٽ سڏيل آ،

گهوٽ کي سهڻو موڙ لڳي ٿو،

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

مور ته مور اي ”اظهر“ آهي،

اُن سان پکي ڪٿ سينو ساهي؟

پرن جي آڏو نيلم ڇاهي؟

پيرن کي جيئن ڏسي ٿو ٺاهي،

ڪارنهه ڏسندي ڳَچَ ڳري ٿو،

مور چمن ۾ ناچ ڪري ٿو.

 

 (فيض هوٽل، ميرپورماٿيلو. 5- فيبروري 1980ع)

 

هوائي جهاز

 

اي سمجهو مٿي ڏس تون هيڪر نهاري،

جهاز آسمان ۾ ڇڏي باهه ٻاري.

ٿو شهزادو هو آسمان جو چوائي،

۽ بحرن جو تارُو تکو ٿو سڏائي.

فرشتو ستارن جو سڏجي سراسر،

هُو تارن جي دنيا جو آهي پيمبر.

فضائن ۾ ڊڪ ڊوڙ اُن جي رهي ٿي،

انهيءَ مان ترقيءَ جي صورتَ بکي ٿي.

هُو اُڀ جا ڪنارا ڪڇيندو رهي ٿو،

۽ طواف شهرن جو ٿيندو رهي ٿو.

هُو ڪڪرن جي سيني کي چيري ڇڏي ٿو،

پهاڙن جي چوٽين کان اوچو هلي ٿو.

هُو خشڪي، تريءَ جو نه ڳِيجُهو رهي ٿو،

نه رڻ پٽ، نه جهنگل، نه پَٽ کي ڏسي ٿو.

هلي ڏاڍو تڪڙو ٿو، هو تيزگام آ،

ٿئي صبح لنڊن، ڪراچيءَ ۾ شام آ.

هوا جي ٿڦيڙن کان واندو نه آهي،

وڃي راڳ ڳائيندو منزل ڏي ڪاهي.

مسافر سفر ۾ نه ٿيندو پريشان،

سفر جي ٿو مشڪل، ڪري جهٽ ۾ آسان.

نه ڳِجهه جو انهيءَ سان آ پرواز پڄندو،

نه پڄندي سرڻ، ۽ نه شهباز پڄندو.

نڪي ساهه وارو، نه پردار ”اظهر“،

مگر هو پکين جو آ سردار ”اظهر“.

(سکر نئون. 25- مارچ 1980ع)

گرامو فون

واڄو واڄٽ ڪيو وڄي ٿو،

روح رنجل کي راحت ڏي ٿو.

هڪڙا گراموفون سڏن ٿا،

۽ ٻيا فونو ان کي چون ٿا.

چاٻي ڏيئي ٿالهي رکبي،

زباني، سُئيءَ جي آڌر وٺبي.

راڳ ٻڌڻ ۾ ايندا سُندر،

گيت ڳائيندو ”ماسٽر چندر.“

ڪڏهن ”مٺو“ ٿو مٺڙو ڳائي،

ڪڏهن ”منور“ ٻول ٻڌائي؟

”ڪنور“ اوچو ٿو ڳائي ڏاڍو،

ان ڏي ڪڍندي دل آ ڪاڍو.

ڪڏهن ”نوناري“ تان هڻي ٿو،

ڪڏهن هو سُر جي ڇيڙ ڪري ٿو.

”جيوڻي“ ٽيهڙ تي ٿي ڳائي،

”بيگم“ خرج ۾ پاڻ ملهائي.

ڪڏهن ٿي سوز سان ڳائي ”ثريا“،

ڪڏهن انباله واري ”زهرا.“

ناچ ٿئي ٿو ڇيريون ڇمڪن،

مينڍون، مرڪون، تانون ٻڌجن.

ساز، سرود، وڄن ٿا سُر سان،

وٺن ادائي تار ۽ گُر سان.

راڳي راڳ وڏا ٿا ڳائن،

ڪڏهن هِنڊول، ملهار، ٻڌائن.

”شاهه“ جون ”اظهر“ وايون ٻڌجن،

”تارڪ“ جون ٿيون ڪافيون ٻڌجن.

(حاجي ڳوٺ. 29- فيبروري 1980ع)

ريڊيو

 

اچو وڄايون ٻارو ريڊيو،

ساهه جو آهه سهارو ريڊيو.

صاف وڄڻ ۾، ڏاڍو پختو،

فلپس جو آهي ڪارو ريڊيو.

-------------------

وهه جو ريڊيو راڳ ٻڌائي،

ڪيئي رنجل ٿو روح ريجهائي،

راڳ غذا آ روح جي بيشڪ،

روح کا طاقت راڳ رسائي.

-------------------

ريڊيو مان آواز اچي ٿو،

سُرَ سان هرهڪ ساز وڄي ٿو.

ڇيرين جو ڇمڪار ڇمان ڇم،

گُر ۽ تار تي ناچ ٿئي ٿو.

-------------------

بي.بي.سي خبرون ٿي ٻڌائي،

دهليءَ مان ٿو سونو ڳائي.

ڪو ٿو روس مان ٻولي، ۽ ڪو،

آمريڪا مان شور مچائي.

هوا جي حرڪت سان آ حرڪت،

حرڪت جي آ باعث برڪت.

پڄي وڃي آواز ڪٿي ٿو؟

اظهر“ قادر جي آ قدرت.

 

(ڪامران هوٽل پنڊي. 4- مارچ 1980ع)

ٽي. وي
 

منهنجي ڏس اي حيدر ٽي.وي،

ڪهڙي آهي بهتر ٽي.وي؟

آندي سکر شهر مان آهي،

ادي وڏي اختر ٽي.وي.

سهڻي ٿي تصوير پسائي،

ڏاڍي وڻندڙ، سندر ٽي.وي.

نوان نظارا نظر اچن ٿا،

قدرت جو آ مظهر ٽي.وي.

دنيا جي هر چيز ڏسون ٿا،

عجب ڏيکاري منظر ٽي.وي.

شام ٿئي ٿي ڏسڻ اچن ٿا،

پاڙي وارا ڇوڪر ٽي.وي.

جهنگل ۾ ڄڻ منگل آهي،

پهچي ويئي گهر گهر ٽي.وي.

سَيارن جي ذريعي رانديون،

پيش ڪري ٿي اڪثر ٽي.وي.

ناٽڪ، فلم ۽ خبرون، خاڪا،

ڏيکاري ٿي هر هر ٽي.وي.

زر وارن کي آهه سهوليت،

وٺي نه سگهندا بي زر ٽي.وي.

عالم. فاضل، تقريرون ڪن،

پيش ڪري ٿي گوهر ٽي.وي.

شاعر، راڳي، اديب، افضل،

ڏيکاري ٿي ”اظهر“ ٽي.وي.

ڪئي ترقي بيشڪ انسان،

ان کي طاقت بخشي يزدان.

 

شام جو نظارو

 

ڊوڙي ڊوڙي ڏينهن جو سج آ ٿڪو،

شام جو ڌرتيءَ جي جهوليءَ ۾ لڪو.

ماٺ ۾ مَٽجي ويو، جو شور هو،

آيو موٽي، جيڪو ٻاهر ڍور هو.

مينهن، ڳئون، رڍ، ٻڪري، اُٺ آيو چري،

صبح جو سڀني کي وڃڻو آ وري.

وئي هوا جي جلدبازي ختم ٿي،

وڻ سمهيا ۽ پن انهن جا پيا جهڪي.

محنتي ماڻهو وريا محنت ڪري،

سيڌي ۽ سامان جو ٿيلهو ڀري.

جهرڪيون آکيرن ۾ پهچي ويون شتاب،

بند ٿيلهي ۾ ڪيا ٻارن ڪتاب.

ڪرڪندي ڪڪڙيون کُڏي ۾ ويون گهڙي،

رات جي آرام جو اُلڪو رکي.

چَو طرف چپ چاپ جو پهرو لڳو،

”ننڊ ڪريو“ هي وقت جو آ گهنڊ وڳو.

ننڊ اچي ٿي، صرف آ ليٽڻ جي دير،

صبح جو اسڪول وڃڻو آ سوير.

 

(قصرالادب، گهوٽڪي، 10- جنوري 1980ع)

 

ٻارن جي دعا

 

آهين تون تعريف جي لائق خدا،

رزق عالم کي ٿو ڏين صبح و مسا.

بادشاهه توکان سوا، ڪوئي نه ٻيو،

مرتبو سڀ کان سندءِ اعليٰ ٿيو.

خاڪ مان پيدا ڪرين، ميوا مٺا،

مينهن اُڀ تان، ٿو وسائين خير جا.

تو بنايو ڏينهن محنت واسطي،

رات بخشي، خوابِ راحت واسطي.

پنهنجي مرضيءَ تي هلائج هر گهڙي،

پنهنجو مستانو بڻائج هر گهڙي.

شوق ڏي پيءُ، ماءُ جي خدمت ڪريون،

هر ننڍي سان پيار ۽ اُلفت ڪريون.

ڏي وڏن جي لئه ادب دل ۾ عيان،

۽ رهن اُستاد، سڀ تي مهربان.

سچ چوڻ جي سگهه ڏي، سڀ کي سچ چئون،

سچ چوڻ ۾ ڪِينَ انسان کان ڊڄون.

علم جي ليليٰ جو ديوانو بڻاءِ،

زندگي ڀر نيڪ رستي تي هلاءِ.

قوم جي خدمت ۾ قائم آ نشان،

سر نثار ”اظهر“ ٿئي پاڪستان تان.

 

(مرحبا هوٽل، ڪوه مري. 5- اپريل 1980ع)

 

تعارف

 

زندگيءَ جون ستاسي بهارون ماڻيندڙ جهور جهونو جوان، باڪمال اديب، شاعر، صحافي ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو سيد اظهر گيلاني، سنڌي زبان جي خدمت ڪندو ٿو اچي، سندس ادبي پورهئي تي نظر ڪبي، ته اسان کي ڪيترائي بي بها موتي چمڪندي نظر ايندا. سيد اظهر گيلاني صاحب 212 ڪتابن جو مصنف آهي، جن مان 19 رديف وار ديوان سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ اُردوءَ ۾ پڻ آهي. علم عروض جو وڏو ڄاڻو آهي.

هر صنف سخن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. آءٌ کيس ان وقت کان سڃاڻان جڏهن آءٌ 20 ورهين جو هئس ۽ ادبي ميدان ۾ بانبڙا پائي رهيو هئس. سيد اظهر گيلاني هڪ بهترين انسان، سٺو دوست ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ ۽ استاد الشعراء آهي. ”جمعيت الشعراء“ سنڌ جو صدر ٿي رهيو آهي. سائين اظهر گيلاني سنڌ جو اهو پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جا ڪلام 1936ع کان 1938ع تائين ٻه سال لڳاتار ريڊيو اسٽيشن دهليءَ تان نشر ٿيندا رهيا، پهريون سنڌي انائونسر ۽ پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ جو شاعر، مڪالمه نگار هجڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل آهي. سنڌي زبان جي ستن اخبارن جي ادارن جا فرائض نهايت حسن ۽ خوبيءَ سان ادا ڪري چڪو آهي. هزماسٽرس وائيس رڪارڊنگ ڪمپني دهلي، ينگ انڊيا رڪارڊنگ ڪمپني بمبئي، ڪولمبيا رڪارڊز ڪمپني لاهور جو آفيسر ۽ شاعر ٿي رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي سنڌي سيڪشن جو انچارج رهي چڪو آهي. صوبائي سطح تي وقت به وقت ادبي ۽ سياسي جماعتن جو عهديدار چونڊبو رهيو آهي.

سيد اظهر گيلانيءَ جتي وڏن لاءِ گهڻو ادبي ڪم ڪيو آهي، اتي هن ٻارڙن کي به نه وساريو آهي. سيد اظهر جو هيءُ ڪتاب ٻارڙن لاءِ آهي. اميد ته ٻارڙا هن ڪتاب مان گهڻو فيض حاصل ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org