سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سُرهَا گُل

باب:

صفحو:4 

  گُل سان گفتگو

 

اي گُل ڏس تون ناخوش ۽ چُپ ڇو رهين ٿو؟

گلستان ۾ رهندي به سختيون سهين ٿو.

تون انسان جي محفل ۾ زينت جو باعث،

تون ايندي، ۽ ويندي جي عزت جو باعث.

چمن ۾ ڪري تنهنجي، مالهي ٿو خدمت،

انهيءَ هوندي ڀي آهين، غمگين صورت.

هوا صبح جي، توکي ننڊ مان اُٿاري،

اچي ماڪ، آهستي منهن تي ڌئاري.

چمڪدار موتي، ٿا جهولي ۾ چمڪن،

بقا ڪٿ، فنا جا ٿا آثار ڏسجن؟

ڪڏهن تاج شاهيءَ جي بڻجين ٿو زينت،

ڪڏهن قبر تي ٿو ڪرين صد عقيدت.

غرض توکي هڪ جهٽ نه راحت رسي ٿي،

نه آ ڏوهه تنهنجو، زمين ڀي ڦري ٿي.

”زماني ۾ هڪ سج ٻه پاڇا ٿين ٿا“

سياڻا هي ”اظهر“ پهاڪو ڏين ٿا.

هي قانونِ فطرت آ مٽي ٿي ويندين!

فنا جي نه هڪ ٿڦ اي نازڪ جهلندين!

                     (ٺُل. 29- جنوري 1980ع)

 

رات جي راڻي حسن حنا

 

 

ملڪئه شب سڀ توکي سڏن ٿا،

 

تنهنجي راڄ ۾ راڄ رهن ٿا،

واس وٺن ٿا، ڀوَنر جيان سڀ،

 

سڪ سان تنهنجو سلام ڪن ٿا،

سنگهو، سڳنڌ ٿي ڏي سمجهاڻي،

رات جي راڻي، رات جي راڻي!

تو سان مشڪ نه عنبر لڳندو،

 

عطر گلاب ۽ حنا نه پڄندو،

طاقت ڪهڙي چنبيلي کي آ،

 

موتيو آڏو زور نه وٺندو،

توتي خوشبو جي آ پڄاڻي،

رات جي راڻي رات جي راڻي!

رات کي بخشو تو آ رتبو،

 

وٺي مزو سرهاڻ جو سڀڪو،

خوشبو تنهنجي کِنڊي وڃي ٿي،

 

هلي ٿو هر محفل ۾ چرچو،

وٺن ٿا نالو ڄاڻي واڻي،

رات جي راڻي، رات جي راڻي!

تون ٿي رسائين روح کي راحت،

 

تو سان ملي ٿي من کي مسرت،

مغز معطر ڪري ڇڏين ٿي،

 

تون ٿي بخشين دل کي طراوت،

توکي سڀ ڪنهن ڇڏيو سڃاڻي،

رات جي راڻي، رات جي راڻي!

رات ٿي آڻي تو ۾ جوڀن،

 

بيشڪ آهين روحِ گلشن،

سخا هلي سرهاڻ جي ”اظهر“،

 

ڀري وڃي ٿو هرڪو دامن،

هوا جي باعث ٿي گڏجاڻي،

رات جي راڻي، رات جي راڻي!

(سکر. 13- فيبروري 1980ع)

 

ڪنڊو ”خار“

 

ڏسو سج جي ذره ۾ ڇا راز آهي؟

 

ڇا پاڻي جي قطري جو پرواز آهي؟

قمر تي فلڪ کي وڏو ناز آهي،

 

انهيءَ مان ئي قدرت جو انداز آهي،

گل و خار جي ڇو ٿا جهڳڙي ۾ گهاريو؟

جو قانون قدرت آ، ان ڏي نهاريو.

گلستان ۾ گل سان ئي زينت ٿئي ٿي،

 

عجب ان جي سرهاڻ رنگت ٿئي ٿي،

ڏسڻ سان بشر کي طراوت ٿئي ٿي،

 

فقط مون کان گل جي حفاظت ٿئي ٿي،

ڪو گل کي پٽي ٿو ته ان کي لڳان ٿو،

مان حاسد جي دل ۾ سدائين چُڀان ٿو.

زمانو ٿو سمجهي ته بيڪار آهيان،

 

نه ڪنهن ڪم اچان ٿو، جو هڪ خار آهيان،

دل بلبل و گل تي ڄڻ بار آهيان،

 

سڌو سنئون سڀن لاءِ آزار آهيان،

برائي آ ٿوري، چڱائي گهڻي آ،

رکي خاصيت خاص مون ۾ ڌڻي آ.

ڏسو منهنجي گلشن ۽ صحرا ۾ صورت،

 

ڏ وٺو ان مان عبرت، اي اهلِ بصيرت،

نه بي سود ڪا شيءِ ڪئي پيدا قدرت،

 

زماني کي هر چيز جي آ ضرورت،

ڏسو ڌوڙ مان ڀي، ملي ڌن وڃي ٿو،

ڪڙو ٽُوهه، انسان جي ڪم اچي ٿو.

ازل کان نه آهي اچائڻ جي عادت،

 

نه مالهي سان وچڙڻ، ڦٽائڻ جي عادت،

آ ماڻهن ۾ گل کي ستائيڻ جي عادت،

 

بنهه گلستان مان مِٽائڻ جي عادت،

مان جيڪو مطلبي ۽ دشمن ڏسان ٿو،

بڻي نشتري، ان کي نشتر هڻان ٿو.

مسافر اگر ويندي رستو مٽي ٿو،

 

ڇڏي پنهنجو وک، بي دڳو ٿي هلي ٿو،

اکيون پوري منهنجي هو سر تي چڙهي ٿو،

 

سوين ڪِوليون ماڪوڙا ڳاهي ڇڏي ٿو،

انهيءَ کي مان آهستي چهنڊي ٿو پايان،

مان اک ٻوٽ راهي، جي اک ٿو پٽايان.

غريبن جي گهر جو مان پيهر ٿيان ٿو،

 

مان پوکن جي چوڌاري پهرو ڏيان ٿو،

مان چورن جا گهٽ گهير پوري ڇڏيان ٿو،

 

نگهابان ٿي هر حفاظت ڪريان ٿو،

ڪندو قدر ”اظهر“ جو انسان هوندو،

نه ٿورو مڃيندو جو نادان هوندو.

(ڪارخانه بلي، سکر. 3- جنوري 1980ع)

 

گرمي

 

بهار ورتي آهي رخصت،

 

ان جي رهندي دل ۾ حسرت،

سر کان پيرن تائين پگهر آ،

 

هر ڪنهن جي آ سر تي مصيبت.

 

 

 

لک جا تن تي ڪرٽ وهن ٿا،

 

باهه جا اُلا دل مان اُٿن ٿا،

پکي فلڪ تان، ڪرن ٿا پٽ تي،

 

ماڻهو آهون، دانهون ڪن ٿا.

 

 

 

کاڌو پيتو زهر لڳي ٿو،

 

لطف حياتي جو نه اچي ٿو،

ڏينهن ڏکن جو، رات غمن جي،

 

لڇندي پڇندي هنڌ ڏنڀي ٿو.

 

 

 

مڇر فوج مثال اچن ٿا،

 

اوسي پاسي ڀون ڀون ڪن ٿا،

لُڇي لُڇي جي اک لڳي ٿي،

 

زهريلي هو سُئي هڻن ٿا.

 

 

 

آهي زر وارن کي راحت،

 

برف وجهي هو پين ٿا شربت،

”آيئرڪنڊيشن“ ۾ ٿا گهارن،

 

ملي انهن کي جيئري جنت.

 

 

 

غريب کي غم، درد ٿو ڏسجي،

 

ان جو چهرو زرد ٿو ڏسجي،

گرميءَ، سرديءَ ۾ اي ”اظهر“،

 

مردن جو پَر مرد ٿو ڏسجي.

(قصرالادب، گهوٽڪي. 22- ڊسمبر 1979ع)
 

مٽيءَ جو ڏيئو

 

ٿي اوندهه ۾ تنهنجي کپي روشنائي،

 

ڪرين واٽ ويندن جي تون رهنمائي،

سڙي پاڻ، سڀ کي رسائين سهائي،

 

سچو آهين، چمڪي ٿي تنهنجي سچائي،

تون خادم ٿي، محفل جي خدمت ڪرين ٿو،

چڱائي ڪندي خود سڙين ٿو، ٻرين ٿو.

 

 

 

ڪنڀر تنهنجي مٽي کڻي گهر آيو،

 

مٽيءَ کي ڪُٽي ان ۾ پاڻي ملايو،

ڏئي مار ٿڦڻي جي، بيحس بڻايو،

 

اهو روپ آ توکي محنت وٺايو،

پچي ڪالهه آئيءَ مان، دنيا ۾ آئين،

ڏئي امتحان، اڄ ٿو ڏيئو سڏائين.

 

 

 

ڪکائن گهرن ۾ تون روشن رهين ٿو،

 

غريبن کي سک ڏيندي سختيون سهين ٿو،

غريباڻي محفل ۾ وهه جو ٺهين ٿو،

 

امراڻي سنگت ۾ ٺٺ کان ٽهين ٿو،

انهن ورتو بجليءَ جو آهي سهارو،

تڏهن تو ڪيو آ کُکن کان ڪنارو.

 

 

 

تون روئندو رهين ٿو رئڻ جو پتو آ،

 

جُهرڻ جو، جِهڄڻ جو، پُڄڻ جو پتو آ،

تپڻ جو، جلڻ جو، ڀڄڻ جو پتو آ،

 

سڙين سوز ۾ ٿو، سڙڻ جو پتو آ،

سهين سور سر تي وفادار آهين،

ٿڌي روشنيءَ جو تون مينار آهين.

 

 

 

اگر لاٽ جو سر هوا ٿي جهڪائي،

 

وَڏي وات فطرت ٿي ”اظهر“ ٻڌائي،

خدا جي اڳيان سيس سڀڪو نوائي،

 

ٿي نِوڙت زماني ۾، عزت وڌائي،

سهي سور ٻين کي رسائين جو راحت،

انهيءَ جي ٿي دنيا ۽ عقبيٰ ۾ عزت.

(انفارمينشن آفيس، خيرپور. 18- ڊسمبر 1979ع)
 

لغڙ جي زباني

 

هڪ لغڙ وڻ سان لڳي اٽڪي پيو،

 

واءُ جي جهٽڪن سان هو پرزا ٿيو،

ان زبانِ حال سان ٿي هئن چيو،

 

”اي ڏسڻ وارا ڏسي، عبرت وٺو“

مون کي هڪ شوقين بازار مان وٺي،

موڪليو سوئي هوا، ڌاڳو ٻڌي.

ڏور جي ڍر سان مان پهتس ٿي پري،

 

مون هوا سان ٿي ڪيون ڳالهيون مٿي،

رعب ڏسندي، ويا پکي پاسو ڪري،

 

ٿي انهن سمجهو مبادا جهڙپ ڏي،

ڪاميابي تي رسي، آيو غرور،

تڪ نه ٿي ڪنهن تي ڪيم، نزديڪ و دور.

آسمان وارن سان رغبت ٿي وئي،

 

منهنجي خاطر، سڀ کي الفت ٿي وئي،

جنهن ڏٺو ٿي، ان کي عبرت ٿي وئي،

 

منهنجي قائم اُت حڪومت ٿي وئي،

اڳڀرو شاهِينَ کان پرواز هو،

دهر وارن، ۽ هوا کي ناز هو.

ٿي بشر تر جيترو نظريو مٿان،

 

آدميءَ جي لاءِ هئي نفرت عيان،

منهنجي دل تي هي هيو غالب گمان،

 

ڇو ڪيو پابند حق آ، ڏور سان؟

جيڪڏهن آزادگي مون کي ملي،

سير عالم جو ڪريان، اوري پري.

سَٽ ڏنم، سَٽ سان پيو ڌاڳو ٽُٽي،

 

وئي ٿڦيڙن سان هوا مون کي وٺي،

ٿي پريشاني، ويس بي حال ٿي،

 

ڄڻ لکڻ واري ڇڏيا ٿاٻا لکي،

آئي شامت، وڻ سان آ پالو پيو،

جسم منهنجي تي ڪنڊن حملو ڪيو.

دل ۾ سمجهان ٿو ته آ منهنجي خطا،

 

وزن کان نڪري ويس، بي انتها،

هي تڪبر جي ملي مون کي سزا،

 

ٿي فقط نظري هينئر راه فنا،

واڳ سڀ ڪنهن جي ٿو حق هٿ ۾ رکي،

حڪم ريءَ ڪک پن نٿو ”اظهر“ چُري.

(قاسمي منزل، پراڻو سکر. 22- جنوري 1980ع)
 

بوڻينڊو

 

بوڻينڊو ٿو مون کي گهائي،

 

بوڻينڊو ٿو سڀ سُر ڳائي،

بوڻينڊو ٿو چاڪ چڪائي،

 

بوڻينڊو ٿو تن کي تپائي،

بوڻينڊو ٿو درد وڌائي،

بوڻينڊو ٿو ڪير وڄائي؟

مٽيءَ مان هي ساز جُڙي ٿو،

 

ڦوڪ ڏيڻ سان واهه وڄي ٿو،

سوز، فراق جي دعوت ڏي ٿو، 

 

وهم وجودي ختم ڪري ٿو،

ڇڏي ڀنڀور کي باهه لڳائي

بوڻينڊو ٿو ڪير وڄائي؟

مٽيءَ ۾ ربّ رنگ رکيو آ،

 

مٽيءَ مان اَنَ ڪڻو مليو آ،

مٽيءَ مان هي جُهڳو ٺهيو

 

مٽي مان انسان جڙيو آ،

مٽيءَ جا هو ڳڻ ٿو ڳائي،

بوڻينڊو ٿو ڪير وڄائي؟

ان سان دل ٿا ڌنار ڌتارن،

 

ڳائي ديپڪ جهنگ کي ٻارن،

سوز فرق جا اُلا اٿارن،

 

ڪري ملهار ٿا ملڪ کي ٺارن،

جُهڙ ٿو گجندي مينهن وسائي،

بوڻينڊو ٿو ڪير وڄائي؟

اظهر“ اُنَ ۾ عشق الستي،

 

سرمد واري موج ۽ مستي،

ختم ڪري ٿو هوڏ ۽ هستي،

 

وحدت جي ڏيکاري وستي،

حق جي پاسي ڌيان ڇڪائي،

بوڻينڊو ٿو ڪير وڄائي؟

(انجن شيڊ، روهڙي. 3- جنوري 1980ع)
 

انڊلٺ

 

  

جُهڙ جمي جهرمر مينهن وسي ٿو،

گجگوڙين کان ڏيل ڏڪي ٿو.

 

 

ڪڪرن مان وڄ واجهه وجهي ٿي،

ڏسڻ وارن کي دعوت ڏي ٿي.

 

 

هوا ڏئي ٿي روح کي راحت،

جُهڙ ۾ پيدا ٿي وئي حرڪت.

 

 

حرڪت کي ئي برڪت سمجهو،

قادر جي هي قدرت سمجهو.

 

 

ڇڄي پئي آ جُهڙ جي ڇاتي،

بزم ڦٽي وئي ڄڻ برساتي.

 

 

وڏي پري ٿي ڪمان ڏسجي،

سنڌي ۾ ان کي ”انڊلٺ“ سڏجي.

 

 

رنگ انيڪ انهيءَ ۾ آهن،

خيال کي ٿا پاڻ ڏي ساهن.

 

 

ڳڻجن رنگ، ڳڻي ڪٿ سگهبا؟

انت کان ٻاهر ڪهڙا لکبا؟

 

 

ڏسي رنگي جو رنگ اي ”اظهر“،

عقل ٿئي ٿو دنگ اي ”اظهر“.

 

(انفارميشن آفيس، سکر. 12- مارچ 1980ع)

 

ڪوئٽا جو سفر

 

نرالي نموني ٿي گاڏي هلي،

هلڻ ۾ هوا کي ٿي پٺتي ڇڏي،

ڏسو ٻاڦ جي زور سان ٿي ڀڄي،

ڪڍي دونهون دل مان ۽ ڪوڪون ڪري،

ٿي مچ کان ٻي گاڏي کي انجڻ لڳي،

تڏهن ڪولپور تائين پهچيو وڃي.

ائين ٿي چڙهائيءَ جي پاسي وڌي،

جيئن ڀٽ تي پوڙهو کڻي لٺ چڙهي،

ائين تڪڙو لاهيءَ جي پاسي اچي،

جيئن لت جي طاقت سان کينهون ڀڄي،

ائين ور وڪڙ راهه، طيءِ ٿي ڪري،

جيئن نانگ زخمي ٿو هوريان هلي.

ائين سرنگهه ۾ ٽرين منهن ٿي وجهي،

جيئن ٻرڙ ڏي نانگ رخ ٿو رکي،

پهاڙن جي چوٽين سان جُهڙ ٿو گسي،

اُتي اُس، اُتي وڏڦڙو ٿو وسي،

پهاڙن کي سبزي ڇڏيو آ ڍڪي،

اکين کي ٿي هر چيز سائي لڳي.

ٿي خوشبوئي عنبر جبل مان اچي،

فضا کي معطر ڪري ٿي ڇڏي،

ٿڌي هير پيغام صحت ٿي ڏي،

ائين غمزده دل کي راحت رسي،

رهن ٿا مٿاهين تي ماڻهو سڀئي،

پهاڙن جي دامن ۾ جايون اَڏي.

انهيءَ ريت گاڏي ٿي وڌندي وڃي،

سڀي مرحلا طيءِ ڪندي ٿي رهي،

ننڍين گودين تي نه دم ٿي پٽي،

هڪا ساهي سيڙهو ڪيون ٿي هلي،

ڏسڻ ۾ جيئن آيو سگنل پري

ڇڏي ڊرائيور ريل هوريان ڪري،

اها آئي گودي اي ”اظهر“ نظر،

کنيو هوم جنهن لاءِ زادِ سفر.

 

                 (ڪوئٽا، بلوچستان. 27- سيپٽمبر 1959ع)

 

استاد جا احسان

 


 

حمد جي لائق فقط ذاتِ خدا،

 

”ڪُن“ چوڻ سان ٿي ويا ارض و سما،

اُن جي قدرت جي ڪٿي آهي ڪمي؟

 

اان زبان اظهار جي خاطر ڏني،

مهرباني آ وڏي، استاد جي،

 

جنهن پَسائي علم جي آ روشني،

علم ٽين اک آههِ هر انسان جي،

 

جِهل ٿو صورت رکي حيوان جي،

واقعي محنت ڪئي اُستاد آ،

 

رهنمائي اُن جي، رهڻي ياد آ،

اُن ئي منزل تي رسايو ڪاروان،

 

ان جي خاطر آهه هي نام و نشان،

اُن اسان کي آ ڏسيو علم و ادب،

 

علم جي اک سان ڏٺوسين پنهنجو ربّ،

ڪهڙا ٿورا، ڪهڙا اُن جا ڳڻ ڳڻيون؟

 

ڇا ثنا جا حرف ڪاغذ تي لکون؟

خير و خوبي سان لنگهي ويو سال آ،

 

آئينده ڀي ان جو رهڻو ڀال آ،

شل مطالع ۾ رهي عمده ڪتاب،

 

نيڪ مقصد ۾ رهون سڀ ڪامياب.

 

(قصر الادب، گهوٽڪي. 9- مارچ 1980ع)

 

   نئون سال

 

 

نئون سال آيو نئون سال آيو،

نئين دور سان ان تعارف ڪرايو،

 

چئي ٿو ته ”ماضي کي دل تان ڀُلايو،“

هيا حوصلو پست، تن کي وڌايو،

نئين سال آ ڀال، بيشڪ ڀلايو،

نئون سال آيو، نئون سال آيو.

نئون سال ڪجهه ڀي کڻي ڪين آيو،

اچي ان هي پيغام آهي ٻڌايو،

گذشته ورهيه آ، اوهان ڇا ڪمايو؟

ڪمايو گهڻو يا، گهڻو آ وڃايو،

خوشي ۾ نه چوندا رهو هيئن اجايو،

نئون سال آيو، نئون سال آيو.

نئون سال چئي ٿو ته ”خود کي سُڌاريو،

برين عادتن کي بُرو سمجهي ماريو،

نه سُستيءَ ۾ پنهنجي حياتي گذاريو،

کٽڻ آيا آهيو، نه بازيءَ کي هاريو،

هي کٽ، هار جو هنڌ آهي هنڍايو،“

نئون سال آيو، نئون سال آيو.

اندر مان ڪڍو ڪوري نفرت، حقارت،

رکو پنهنجي دل ۾ اخوت، محبت،

زبان مان ٿي ظاهر ادب ۽ صداقت،

ٿي صالح عمل لاءِ تدبير همت،

رٺن وٽ وڃي، پاڻ سان ئي ملايو،

نئون سال آيو، نئون سال آيو.

نئون سال چئي ٿو ته ”همت ڪريو ڪجهه،

ارادو پڪو استقامت ڪريو ڪجهه،

ترقي ڪرڻ لاءِ محنت ڪريو ڪجهه،

اي ”اظهر“ ٿي حرڪت ۾ برڪت ڪريو ڪجهه،

جي قسمت رٺل آ، ته رٿ سان ريجهايو

نئون سال آيو، نئون سال آيو.

 

                   (قصر الادب، گهوٽڪي. 1- جنوري 1980ع)
 

سال جا ٻارهن مهينا

 

 

”جنوري1“ کي جن ڪوٺن، ٿڌ کان ڍڪ مون کي خدا،

پاس ٿيان هن سال ۾، دل سان گهران ٿو هيءَ دعا.

”فيبروري2 ۽ مارچ3“ ۾ آ موقعو محنت ڪريان،

پاس ٿيندس امتحان ۾، ڄاڻ پورهيا ساب پيا.

آيو جيئن ”اپريل4“ تيئن موسم وئي تبديل ٿي،

جند ڇڏي سردي ته گرميءَ جا اچي تنبو لڳا.

اهڙي ”مئي5 ۽ جون6“ ۾ ٿي اُس جي تيزي الامان،

ويا سُڪي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، ٿا لڳن گويا ڪنڊا.

زور سان ”جولاءِ7“ ۾ بادل گجن، کِنوڻيون کلن،

وڏڦڙو وسندو رهي ٿو، ۽ لڳي ٿڌڙي هوا.

جيئن ”آگسٽ8“ آيو، لڳي ويو جهنگ جهر ۾ رنگ آ،

چاڙهه پاڻيءَ کي ٿيو، ڀرجي ويا ڍورا ڍٻا.

ماهه ”سيپٽمبر9“ ۾ ورتو، موسمي تَپَ زور آ،

ڪنهن کي آهي منهن اُٿل، ۽ ڪو ڪري آهه ويڪا.

ماهه ”آڪٽوبر10“ ۾ آهي رُت موافق ٿي وئي،

سردي گرمي جا ويا ٿي، ختم سڀ جهيڙا جهٽا.

ٿڌ ”نومبر11 ۽ ڊسمبر12“ ۾ رکيو، ٻيهر قدم،

سال جي تصوير ڪئي آ پيش، ”اظهر“ جي قلم.

(حيات پتافي. 9- جنوري 1980ع)

 

ڪوڙ جي ڪوڙڪي

 

 

نه ڳالهايو ڪڏهن ڀي ڪوڙ، جو بڇڙي بلا آهي،

ڏنگيل ان جو نه بچندو، نيٺ مرندو لادوا آهي.

سدائين رنج ڪوڙي تي، حبيب ڪبريا آهي،

خفا اهڙي بشر کان خالقِ هر دوسرا آهي.

چيو مرسّل ته آهي ”ڪوڙ پڻ ايمان جي قئينچي،“

جهان ۾ ڪوڙ هڻندڙ جو رهيو ايمان خطا آهي.

هجي پٽ، پيءُ، ماتا، ڀاءُ، توڙي دوست ۽ مائٽ،

ٿي ويندو الغرض ڪوڙي کان هرڪوئي خفا آهي.

زباني ڪوڙ جي گو آهه ظاهر، تيز گهوڙي مثل،

مگر منڊو هلڻ ۾ آ، سندس بت کرکنا آهي.

بنائي ڪوڙ کي رهبر، وٺي جو ڪوڙ کان ڪم ٿو،

انهيءَ جي جاءِ جنت ڪٿ، جڳهه تحت الثرا آهي.

چوان حق ٿو، ۽ حق ڄاڻي ته ڪوڙ آ ڪاغذي ٻيڙي،

نه اُڪريو پار اُن تان ڪو، نه اُن جو ناخدا آهي.

موافق ڪونه ڪوڙي سان، رهي ٿو ڪائنات اندر،

مخالف ان جو عالم آ، مخالف خود خدا آهي.

رکي ٿو ڪوڙ اي ”اظهر“ مشابه کوٽي ڏوڪڙ سان،

ذرا سچ چئو ته ڇا بازار ۾ ان جي بها آهي.

 

                                                               (ڪراچي. 1946ع)

ماءُ ۽ ٻار

 


 

اي پياري امان کير تو آ پياريو،

جي ننڊ آئي مون کي ٿڦي ٿي سمهاريو.

ٿي سردي ۽ گرمي ۾ مون ڏي نهاريو،

اکين کي اوجاڳا ڏئي وقت گهاريو،

سڄي رات تو ٿي هندورو هلايو،

ڪنن تي ٿي آواز لوليءَ جو آيو.

مِٺيون ڏيئي منهن تي، تو مون کي ڪڏايو،

دعا لاءِ پنهنجي هٿن کي وڌايو،

ڪري ڪتڪتايون ٿي مون کي کلايو،

تو مکڙيءَ کي ڄڻ ٿي ٽڙيل گل بڻايو،

خوشي منهنجي، توکي ٿي راحت رسائي،

دلي تازگي ۽ مسرت رسائي.

گهمايو ٿي مون کي تو ڏيئي سهارو،

تو ٿڌ ۽ تپش کان ڪرايو ڪنارو،

جي ناچاق ٿي پيس، پيئه بار بارو،

دوا لاءِ تو ٿي ڪيو وارو وارو،

مصيبت سٺهءِ خود، مصيبت نه آئي،

ڪڏهن تنهنجي چپ تي شڪايت نه آئي.

اُچارڻ نه ٿي ڪو، مون کي لفظ آيو،

طريقو تڪلم جو توئي ٻڌايو،

تو اُستاد اول ٿي، مون کي پڙهايو،

غرض آدمي توئي مون کي بڻايو،

هي دولت ملي آهه، تنهنجي بدولت،

وسارڻ سان وسري نه ”اظهر“ محبت.

 

                        (قصر الادب، گهوٽڪي. 25- ڊسمبر 1979ع)

 

پينگهه جو گيت

 

اسان جي پينگهه هيءَ آهي اَها ها ها اُهو هو هو.

هوا جون ٿي سِڪُون لاهي اَها ها ها اُهو هو هو.

اچو دل پنهنجي وندرايو، چڙهڻ ۾ دير ڇو لايو؟

اوهان مان جنهن جي دل چاهي اَها ها ها اُهو هو هو.

هي پختي آ ٻڌل وڻ ۾، نه ڦاسو فڪر ۽ ڳڻ ۾،

اچي جهوٽا ڪڍو ٺاهي اَها ها ها اُهو هو هو.

هو تڪڙي تڪڙي ويندي آ، هو تڪڙي تڪڙي ايندي آ،

هوا وانگر اچي ڪاهي اَها ها ها اُهو هو هو.

هوا تازي ٿي کارائي، ڊنل کي دل ٿي ٻَڌرائي،

اهو ڏس آ ڏنو ڏاهي اَها ها ها اَهو هو هو.

ڪڏهن ٿا عرش تي پهچون، ڪڏهن ٿا فرش تي پهچون،

اسان جي پهچ ڪٿ آهي اَها ها ها اُهو هو هو.

ڇڏيو هن کي مٿي ساهي، متان ڪو رات جو ڊاهي،

لٿو سج، گهر هلو ڪاهي اَها ها ها اُهو هو هو.

اچي ويس فڪر جي وٽ ۾، لکيائين پينگهه تي جهٽ ۾،

لکڻ ”اظهر“ اڳيان ڇاهي اَها ها ها اُهو هو هو.

          (قصر الادب، گهوٽڪي. 25- ڊسمبر 1979ع)

 

اهڙي ٻار سان اُلفت ڪهڙي

 

 

جيڪو ويڙهو گهٽو آهي،

جيڪو هڻندو جهٽو آهي،

جيڪو ڏيندو ڏٽو آهي،

جنهن جو ميرو لٽو آهي،

اهڙي ٻار جي عزت ڪهڙي؟

اهڙي ٻار سان اُلفت ڪهڙي؟

پيءُ ۽ ماءُ کي تنگ ڪري جو،

ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ويٺو ڏنڀي جو،

سوال سٽو ڀي ڪين مڃي جو،

ٽو سڀ کي لفظ ڪڍي جو،

اُن تي مهر ۽ شفقت ڪهڙي؟

اهڙي ٻار سان اُلفت ڪهڙي؟

جيڪو مڪتب ڏي نه وڃي ٿو،

شوق پڙهڻ سان ڪين رکي ٿو،

بڇڙي سنگت ساڻ رهي ٿو،

بڇڙائي جا ڪم ڪري ٿو.

اُن مان ٿيندي فضيلت ڪهڙي؟

اهڙي ٻار سان اُلفت ڪهڙي؟

جنهن جي ڳل تي ڳوڙها جاري،

جيڪو وسائي ويٺو واري،

جنهن جي چپن تي آهه ۽ زاري،

گهر کي ڏئي ٿو ڇڏي ٻهاري،

اُن سان آههِ رعايت ڪهڙي؟

اهڙي ٻار سان اُلفت ڪهڙي؟

جيڪو پَيسو ڪِينَ بچائي،

هٿ ۾ اچڻ سان ڇڏي کپائي،

جيڪو سَوَڙ کان پير وڌائي،

آخر ”اظهر“ ٺوڪر کائي،

اُن وٽ رهندي دولت ڪهڙي؟

اهڙي ٻار سان اُلفت ڪهڙي؟

(اقبال منزل، رتوديرو. 22- جنوري 1980ع)

 

چڪور ۽ چنڊ

 

تون گردش ۾ شب روز ڇا کان رهين ٿو؟

اجايو اهي سور سختيون سهين ٿو.

مون تنهنجي محبت ۾ ٿر بر وسايو،

وڏو درد آهي فلڪ تي رهين ٿو.

پري کان ٿيان ٿو، مان درسن سان پرسن،

تون شايد چچڙ سمجهي مون کان ٽهين ٿو.

هلي آ ته توکي ڏيان جاءِ جيءَ ۾،

تون ڌرتيءَ جي جهوليءَ ۾ ڇا کان لهين ٿو؟

اهو منهنجي آهُنِ جو شايد اثر آ،

ڪڏهن تون ٺهين ٿو، ڪڏهن تون ڊهين ٿو.

دعا وٺ سدائين، رهين ماه ڪامل،

ڇو مون جهڙي عاشق سان ناحق کهين ٿو؟

سوالي کي خالي، ورائڻ چڱو ڪٿ؟

قريب آءُ منهنجي، وهي وڃ، وهين ٿو؟

مان خادم هجان تنهنجي خدمت ۾ ”اظهر“،

فلڪ تي اڪيلو تون آقا ٺهين ٿو؟

سکيو آهين ڪنهن کان، اهو ناز نخرو؟

خدا جي ڏني مان، ڏي مون کي به نخرو.

]چنڊ جو جواب[

مان سمجهان ٿو، تون آهين عاشق اياڻو،

ڪٿي آهين تون، ۽ ڪٿي منهنجو ٿاڻو؟

مان بيوس، نه وس منهنجو مجبور آهيان،

ٿو گردش ۾ گهاريان ڪٿي آهه ماڻو؟

ڦرن وانگي لاٽونءَ جيان عرش وارا،

اوهين فرش وارا، نه هرگز ٿا ڄاڻو.

مان توکان گهڻو ڏور، پهچي نه سگهندين،

ڇو کنڀڙيون هڻي ٿو ٿئين مفت ساڻو؟

مان گهٽتائي پنهنجي، ٿو توکي ٻڌايان،

نه سڏبو آ حالانڪ ”ڪاڻي کي ڪاڻو.“

مون مٽي کي سورج، رکيو آهه روشن،

تو سمجهو ستارن ۾ آ چونڊ داڻو.

رکي منهنجو چمڪو ٿو، صحرا جي صورت،

تون ڌرتي، دل ڪنهن سان رک، ٿي سياڻو.

انهيءَ سان ئي ”اظهر“ وڃي لنَوَ لڳائج،

زمين تي جو آهي ڪو سهڻو سيباڻو.

چڱيءَ جنس جي جنس سان آ محبت،

رهي جنس جي جنس کي ٿي ضرورت.

(ڪارخانه بکي، سکر. 24- جنوري 1980ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org