سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :8

 

 

کل ته سهي!

 

*ممتاز علي سوفاڻي پنگريو.

استاد: سليم! زارو قطار جي معنيٰ ڇا آهي؟

سليم: سائين، ان جي معنيٰ آهي قطار ۾ ويهي روئڻ.

 

*نثار ڪورائي، ارشد لاڙڪاڻو

هڪ شخص جي ٻڪري مسجد ۾ لنگهي ويئي. تنهن تي ملان چيس ته ادا، پنهنجي ٻڪريءَ کي قابو ڪر، مسجد جون نکون ٿي خراب ڪري. هن جواب ڏنس ته ادا، معاف ڪر هي زناور آهي، ڏس آئون ڪو ڪڏهين مسجد ۾ آيو آهيان؟

 

*ڪرتار لال. پي ڪنڌڪوٽ.

هڪ بيوقوف ڏاڍو زور سان ڊوڙي رهيو هو ته هڪ واٽهڙوءَ ٻانهن کان جهلي پڇيس يار، ايڏو ڇو پيو ڊوڙين؟ بيوقوف چيو ڏسين نٿو سامهون واري بورڊ تي لکيل آهي، ”انتهائي رفتار 40 ميل.“

 

* رام ڪمار اترادي ڪنڌڪوٽ.

ڊاڪٽر: (احمد علي) توکي پيٽ ۾ سور ڪيڏي مهل پوي ٿو.

احمد: ڊاڪٽر صاحب، جيڏي مهل اسڪول وڃڻ جو وقت ٿئي ٿو.

 

*اعجاز احمد شيخ لاڙڪاڻو.

زال مڙس جو ڪنهن ڳالهه تي جهڳڙو ٿي پيو. سو ايترو ته وڌي ويو جو مڙس ڪاوڙجي هليو ويو. شام جو جڏهن گهر آيو ته زال کان پڇيائين ته ”کائڻ لاءِ ڇا تيار ڪيو اٿئي؟“

زال جنهن کي اڃا به ڪاوڙ هئي، چيائين ته ،”زهر“.

مڙس کلندي چيو، ”ٺيڪ آهي منهنجي ماني ته هڪ دوست وٽ آهي، تنهنجي کائڻ کانپوءِ جيڪي بچي سو پنهنجي ماءُ ڏي موڪلجانءِ.“

 

*نواب علي کوکر سمي ڳوٺ.

استاد: اسلم، توکي ڪي وڏيون لڙايون ياد هجن ته ٻڌائي.

اسلم: سائين، ياد ته گهڻيون آهن پر امان چوندي آهي ته گهر جون ڳالهيون ٻاهر نه ڪندو ڪر.

 

*پنهور ذوالفقار علي ”نياز“

سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.

ياسين: هاڻي ڪهڙو حال آهي، علي اڪبر؟

علي اڪبر: يار ڪالهه بخار ٽٽو هو، اڄ وري ڪمر ۾ سور ٿي پيو آهي.

ياسين: مڙئي خير آهي خدا ڪندو ته سڀاڻي اها به ٽٽي پوندي.

 

* ميمڻ عبدالوحيد سنڌي لاڙڪاڻو.

ماسترياڻي ڪلاس ۾ پڙهائي رهي هئي” پڙهائڻ وقت ٻارن کان سوال پڇيائين ته: ٻڌايو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا گهر ۾ شينهن وانگر ايندي آهي ۽ ٻڪري جي ٻچي وانگر ٻاهر نڪري ويندي آهي؟

”منهنجو پيءُ.“ پوئين قطار مان هڪ ٻار جواب ڏنو.

 

*عبدالغفور ميمڻ دڙو.

اقبال: سليم، منهنجو پيءُ هر روز پنجاهه ماڻهن کي مائي کارائيندو آهي.

سليم: ڇا هو ايترو سخي آهي؟

اقبال: نه، هو هوٽل ۾ نوڪر آهي.

 

*عبدالغفور وڳڻ ڳوٺ مندر.

اقبال: (مشتاق کي) ڇا اخبار ۾ اهڙي ڪا دردناڪ خبر ڇپيل آهي، جو تون روئي رهيو آهين؟

مشتاق: خبر ته ڪا دردناڪ ڪانهي، مان ته هڪ مضمون پڙهي رهيو آهيان، جنهن جو عنوان آهي. ”روئڻ مان فائدا.“

 

*پروين شيخ مٽياري.

هڪڙا ٽي بيوقوف ريل گاڏي ۾ چڙهيا. هڪڙي بيوقوف چيو ته اڙي ريل ۾ مکيون ڪيتريون نه آهن! ٻئي چيو ته ڇو آيون آهن؟ ته ٽئي چيو ته ٽڪيٽون وٺي آيون هونديون.

 

* روي شنڪر ٽنڊوباگو.

پيءُ؛ (پٽ کي) ابا، هي خط دٻي ۾ وجهي اچ. پٽ ويو سو بازار مان ٿي وري آيو.

پيءُ؛ ابا خط وجهي آئين؟

پٽ: نه بابا، دٻي کي ڪلف ڏنو پيو آهي.

 

*شاهد حسن ڪي. ميمڻ حيدرآباد.

استاد: (شاگرد کي) حامد، تو ڊرائينگ جو ڪم ڪيو آهي؟

شاگرد: جي ها، سائين مون هيليڪاپٽر ٺاهيو آهي؟

استاد: ڏيکار ڪٿي آهي.

شاگرد: سائين، اهو ته اُڏري ويو.

 

هنن سان ملو

 

 

432- نالو: شاهده ”ناز“ ڪرم الله ميمڻ.ڪلاس نائون. عمر: 13 سال. وندر: تقريرون ڪرڻ. پتو: بنگلو نمبر بي -13 جي او آر ڪالوني، حيدرآباد سنڌ.

433- نالو: ونود ڪمار ولد ديوان ڀڳوانداس نانڪاڻي. پڙهندڙ ڪلاس اٺون ڊي. عمر: 12 سال. وندر: سائنس جو علم سکڻ. ائڊريس: ونود ڪمار نانڪاڻي، ڪلاس اٺون ڊي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دادو.

434- نالو: حضور بخش سومرو. پڙهندڙ ڪلاس نائون. عمر: 14 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ قلمي دوستي نڀائڻ. ائڊريس: معرفت گل محمد ميمڻ ٻيڙين جي مانڊڻي وارو، شاهي بازار مورو، ضلعو نواب شاهه.

435- نالو:جيئل داس پرنس. عمر: 15 سال. وندر: ادب سان چاهه رکڻ، ڊائجسٽ پڙهڻ، پراڻي ادب سان خاص دِلچسپي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، وارهه.

436- نالو: عطاءُ الرحمان ڀٽو. عمر: 12 سال. وندر: رسالا پڙهڻ، ڪهاڻيون لکڻ، خط جو جواب ڏيڻ ۽ ڊاڪٽري سان چاهه. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه.

437- نالو: حميد الله، پڙهندڙ ڪلاس اٺون. عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي جي خطن جا جواب جلد ڏيڻ. ائڊريس: معرفت مامون گاڏي وارو، دڙو.

438- نالو: محمود عالم سومرو ولد حاجي محمد صديق سومرو. پڙهندڙ ڪلاس چوٿون. عمر: 9 سال. وندر: ڳائڻ ۽ سنڌي رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ اسڪول، دڙو.

439- نالو: سليم رضا سومرو ولد محمد اسحاق سومرو. پڙهندڙ ڪلاس ڇهون. عمر: 11 سال. وندر: سنڌي رسالا، اخبارون پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب جلد ڏيڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

440- نالو: اسرار اعوان غمدل پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون. عمر: 13 سال. وندر: رانديون ڪرڻ، قلمي دوستي چدا کيڏڻ. ائڊريس: معرفت حاجي قلندر بخش ڏنگر محلو، جيڪب آباد.

441- نالو: محمد ايوب ولد الهوڌايو ڪانڌڙو. پڙهندڙ. ڪلاس نائون. وندر: قلمي دوستي رکڻ، خطن جا جواب ڏيڻ ۽ رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ. عمر؛ 15 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.

442- نالو: محمد جمن زرداري، ڪلاس نائون. وندر: قلمي دوستي رکڻ، اخبارون ۽ گل ڦل پڙهڻ ۽ والي بال راند کيڏڻ. عمر: 15 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سرهاڙي.

443- نالو؛ راجا پرڪاش ڪنگراڻي. عمر: 14 سال. پڙهندڙ: درجو ڇهون. ائڊريس: ڀٽائي مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ.

444- نالو: انيس الرحمان ابڙو.پڙهندڙ ڪلاس اٺون. عمر: 12 سال. وندر: رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، نصرپور.

445- نالو: محمد علي پٺاڻ. عمر: 14 سال. ڪلاس ستون. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گهر نمبر 1-913، دڙي محلو، لاڙڪاڻو.

446- نالو: انور الدين کتري، ڪلاس نائون. عمر: 14 سال. وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڏيپلو.

447-نالو: غلام رسول عرف فضل حسين ولد حاجي مٺن جوکيو. پڙهندڙ ڪلاس ستون. عمر: 15 سال. وندر:قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول، گجو.

448- نالو: منوهر لعل پرڀو مل ٿهراڻي، عمر: 14 سال. پڙهندڙ درجو اٺون. وندر: گل ڦل پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ ۽ علم سان لڳاءُ. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ.

449-نالو: قادر بخش، پڙهندڙ ڪلاس ٽيون. عمر: 7 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ راند ڪرڻ پتو: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، دڙو.

450- نالو: شرف الدين بلوچ. پڙهندڙ ڪلاس ڏهون. عمر: 15 سال. وندر: گل ڦل، سنڌي رسالا پڙهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، کپرو.

451- نالو: منظور احمد ولد عبدالعليم عقيلي. عمر: 12 سال. درجو ستون. ائڊريس: 30 ڊاڪٽرس ڪالوني ايل ايم سي ڄامشورو سنڌ.

452-نالو: پريم ناٿ ولد ويرومل عمر: 12 سال، وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ويرو مل پرڀومل، ميرپورماٿيلو.

453- نالو: گهنشامداس ولد ويرو مل، عمر: 10 سال، وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ويرو مل پرڀومل، ميرپورماٿيلو.

454- نالو:پريتم چند” پرديسي“ عمر: 12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس، خواجه محلا، ٽنڊومحمد خان.

455- نالو: غلام رسول کٽي. پڙهندڙ ڪلاس ستون.عمر: 12 سال.  وندر: گل ڦل ۽ ٻيا سنڌي ٻارن جا رسالا پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سجاول.

456- نالو: يارمحمد ميمڻ، پڙهندڙ ڪلاس ڏهون. عمر: 14 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپوربٺورو.

457- نالو: ارشاد علي ميمڻ، ڪلاس ٽيون. عمر: 7 سال. وندر: شرارت ڪرڻ ۽ پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، دڙو.

458- شهديو ولد شاهومل. پڙهندڙ ڪلاس اٺون. وندر: رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊوڄام.

459- نالو: شمس الدين اعوان ”بلبل“. وندر: پڙهڻ ۽ دينيات سان چاهه. عمر: 10 سال. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ.

460- نالو: غلام رسول مشوري، عمر: 15 سال. پڙهندڙ درجو نائون. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ هڪجيڏنسان دلي محبت ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سرهاري.

461- نالو: اقبال احمد سومرو، پڙهندڙ ڪلاس نائون. عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ، خطن جا جواب جلد ڏيڻ ۽ سنڌي رسالا، اخبارون پڙهڻ، ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

462- نالو: گل حسن زرداري. ڪلاس نائون. عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاري.

463- نالو: اشفاق احمد ميمڻ لاکائي دڙو. عمر: 14 سال. تعليم: اٺون ڪلاس. ائڊريس: معرفت عبدالله ميمڻ لاکائي ڪريانه مرچنٽ دڙو.

464- نالو: سليم رضا ڀٽي ولد احمد خان ڀٽي (پڙهندڙ ڪلاس اٺون)، عمر: 14 سال. وندر: دوستن کي پرچائڻ. پتو: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

465- نالو: لجپتراءِ پٽ شامنداس تلريجا. عمر:14 سال (پڙهندڙ درجو اٺون ب). وندر: گل ڦل پڙهڻ. فوٽبال کيڏڻ ۽ علم سان لڳاءُ. ائڊريس: پاڪستان جنرل اسٽور نزد گهنٽا گهر، ڪنڌڪوٽ.

466- نالو : رحمت الله نوشهرائي ميمڻ. وندر: رسالا پڙهڻ، تعليم: اٺون ڪلاس. عمر: 12 سال. پتو: معرفت محمد سليمان ميمڻ، فريش گرائونڊ واٽر اسڪيم پراجيڪٽ ڪالوني روڊ گهوٽڪي ضلعو سکر سنڌ.

467- نالو: پرڪاش لعل ولد وتومل منڌاڻ، پڙهندڙ ڪلاس اٺون اي، عمر: 13 سال. وندر: پڙهائي سان چاهه رکڻ ۽ بيڊمنٽن کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور، تعلقو ڪنڌڪوٽ.

468- نالو: محمد هارون سومرو، عمر: 12 سال. وندر: ملهه وڙهڻ. ائڊريس: محمد هارون گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

469- نالو: محمد اسحاق کتري، وندر: ٽڪليون جمع ڪرڻ، ويو ڪارڊ جمع ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: محمد هارون کتري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپوربٺورو.

470- عبدالستار سومرو. وندر: قلمي دوستي رکڻ. عمر: 14 سال. ائڊريس: حاجي صديق پان هائوس، دڙو.

471- نالو: فضل الرحمان ميمڻ. ڪلاس نائون، وندر: آکاڻيون لکڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.

472- نالو: غلام قادر پٺاڻ، عمر: 15 سال. ڪلاس نائون-اي . وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. پتو: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ.

473- نالو: ذوالفقار علي بجاراڻي. ڪلاس ستون. عمر: 14 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ فلم ڏسڻ. ائڊريس: معرفت اقبال محمداڻي انسپيڪٽر شڪارپور ناڪو ڪنڌڪوٽ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com