سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :2

علي محمد ”درد“ سولنگي

سهڻي سنڌڙي

گهوريان تو تان جندڙي

منهنجي سهڻي سنڌڙي.

*

تنهنجون وسنديون ويڙهاوسن شل،

هاري ناري سُکيا هُجن شل.

سر سبزُ هُجين ۽ سُکڙي،

منهنجي سهڻي سنڌڙي.

*

ولين جي تون ڌرتي آهين،

ديس واسين جي سرتي آهين.

ماکيءَ کان آهين مِٺڙي،

منهنجي سهڻي سنڌڙي.

*

ٽوپي، اجرڪ، پٽڪي وارا،

ماڻهو مٺڙا ۽ موچارا.

تعريف ڪريان مان ڪهڙي،

مُنهنجي سهڻي سنڌڙي.

مهر خادم

ٽيڙو

ڦر ڦر سونٽو،

ڏاڏي سان راند

کيڏي ٿو پوٽو.

 

کير جو لوٽو،

اميءَ جي هنج تي

ڀائو ببلو موٽو.

 

سُٽ جو ڳوٽو،

خيران لڌو سڪو،

آهي صفا کوٽو!

 

گڏهه کي سونٽو،

هنيون ڏاڍيان نانيءَ،

ڏسي کليو ڏهٽو.

عاشق قمر لاشاري، نئون ڪوٽ

 

منهنجا گيت

غزل ۽ نغما

منهنجا گيت غزل ۽ نغما،

مستقبل جي ٻارن لاءِ.

 

سندر جيڪو سپنو ڏسان ٿو،

ننڍڙن ننڍڙن تارن لاءِ.

 

جيسين هوندس بيچين رهندس،

مان پيريءَ جي سهارن لاءِ.

 

مکڙيءَ مان جيڪو گل ٽڙي ٿو،

دل جي دوست پيارن لاءِ.

 

ارپي ارپي ڇا ارپيندس،

ماڻهن ميگهه ملهارن لاءِ.

 

دل جي دنيا قائم  رکندس،

هوشوءَ، هيمونءَ پارن لاءِ.

 

گلشن ”سنڌو“ سولنگي

منڇر ڍنڍ

بوبڪ شهر جي ڀرسان، ٻارو،

ڏسجي ٿو ته منڇر جو نظارو.

 

اک کُٽي، ڪو دنگ نه ڏسجي،

چئني پاسن پاڻي پسجي.

 

پکي به هت ڏاڍا ٿا ڏسجن،

ڪنگ، ڪانيرو، آڙي ڏسجن.

 

ڄار ۾ ڦاسي مڇي ٿي سڀڪا،

گندڻ، موراکا، ڏنڀرا، ڄرڪا.

 

ڳالهه ڪجي ڇا سونهن سوڀيا جي،

آهي وڏي هيءَ ڍنڍ ايشيا جي.

* * *

الطاف شيخ

ٿلهي پڇ وارو لومڙ

 

ڪنهن زماني ۾ هڪ سهڻيءَ ماٿريءَ ۾ جتي تمام گهڻو مٺو ۽ رس وارو گاهه هو، اتي هڪ هرڻي رهندي هئي. ان ساڳيءَ ماٿريءَ ۾ هڪ ڪڪڙ ۽ سهو پڻ رهندا هئا. ٻيئي ڄڻا هڪ ٿلهي وڻ جي ٿڙ ۾ ٺهيل اونهي ڦوڙ ۾ رهندا هئا.

هرڻي، سهو ۽ ڪڪڙ، ٽيئي ڄڻا هڪٻئي سان هر وقت ملندا رهندا هئا، ۽ سڄيءَ ماٿريءَ ۾ هي تمام سٺا دوست ليکيا ويندا هئا. اهي نه فقط هڪٻئي جي مدد ڪندا هئا، پر ٽيئي ڄڻا گڏجي ماٿريءَ ۾ رهندڙ ٻين جانورن ۽ پکين جي پڻ مدد ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح، ٽيئي ڄڻا تمام گهڻو خوش باش گذاريندا هئا.

۽ پوءِ هڪ ڏينهن، هڪ لومڙ ڪنهن ٻئي هنڌا اچي ان ماٿريءَ ۾ پنهنجو گهر ٺاهيو. ان بعد هرڻيءَ، سهي ۽ ڪڪڙ جي آزادي ۽ سڪون ناس ٿي ويو.

لومڙ بيحد لچو ۽ لالچي هو. هو روزانو ڪڪڙ ۽ سهي جو ڦوڙ جي ٻاهران اچي بيهندو هو ته جيئن هنن مان ڪو نڪري ته کين جهلي کائي وڃي. خوشقمستيءَ سان هنن جو ٽيون ساٿي، يعني هرڻي هميشہ سندن اوسي پاسي ۾ ئي هوندي هئي ۽ کين خبردار ڪري ڇڏيندي هئي ته متان ٻاهر نڪتا آهيو، لومڙ اوهان کي کائڻ جي انتظار ۾ بيٺو آهي! انهيءَ ڪري لومڙ هرڻيءَ تي پڻ سخت ڪاوڙيل هو، پر هو هرڻيءَ کي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو، جو هرڻي ڊوڙ ۾ کانئس تمام گهڻي تکي هئي.

هڪ ڏينهن لومڙ شڪار خاطر ڪيڏانهن پري، جهنگل ڏي روانو ٿي ويو، سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، ڪڪڙ، هرڻيءَ ۽ سهي، ٽنهي گڏجي ويهي ڪنهن اهڙيءَ رٿ جو سوچيو، جنهن ذريعي لومڙ کان بچي سگهجي.

”اسان کي ڪنهن به طرح هن ظالم لومڙ کي هتان هن ماٿريءَ مان ڀڄائڻ کپي.“ هرڻيءَ چيو، ”هن اسان سڀني جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.“

”هائو.“ سهي چيو، ”پر اسان اهو ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟“

”اوهان ڪڏهن ان تي غور ڪيو آهي ته هو پنهنجو ٿلهيءَ ٻُر وارو پڇ ڪيئن ٽيڙيءَ مان ڏيکاريندو رهي ٿو!“ ڪڪڙ چيو، ”جيڪڏهن اسين هن جو اهو پڇ ڪٽي ڇڏيون ته پوءِ هو شرم کان منهن به ڏيکاري نه سگهندو ۽ هتان ڀڄي ويندو.“

”اهو چوڻ ته سولو آهي، پر ڪرڻ ڏکيو،“ سهي چيو، ”پاڻ ۾ ڪير ايترو همت وارو آهي، جيڪو هن جو پڇ ڪٽي ڏيکاري؟“

ڪجهه منٽن لاءِ ٽيئي ڄڻا اونهيءَ سوچ ۾ پئجي ويا. پوءِ هرڻيءَ چيو، ”هڪ اٽڪل منهنجي ڌيان ۾ آئي آهي.“

پوءِ هن اها رٿ ڪڪڙ ۽ سهي سان ڪئي، جن ٻڌي ان کي بيحد ساراهيو.

ٻئي ڏينهن صبح ساجهر، لومڙ جي اٿڻ کان اڳ، هي ٽيئي ڄڻا. هرڻي، ڪڪڙ ۽ سهو ـــ هڪ باغ ڏي روانا ٿي ويا، جيڪو سندن گهر کان ڪو گهڻو پري نه هو. اتي هنن کي ڪاٺ جي تختن مان ٺهيل هڪ ننڍڙو ڪڪڙين جو گهر نظر آيو. سٽاءَ موجب، ڪڪڙ ان ۾ اندر گهڙي ويئي ۽ سهو هڪ تکي ڪهاڙي کڻي، ڀر واري وڻ جي پٺيان لڪي بيٺو، پوءِ انهن کي اتي ڇڏي، هرڻيءَ واپس لومڙ ڏي رخ رکيو.

ماٿريءَ ۾ پهچي، هرڻيءَ، ڏٺو ته هميشہ وانگر لومڙ، ڪڪڙ ۽ سهي جي گهر ٻاهران سندن نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو.

”لومڙ ادا،“ هرڻيءَ کيس نئڙت سان چيو ”ڇو منهنجيءَ ساهيڙيءَ ڪڪڙ کي کانئڻ پٺيان اچي پيو آهين؟“ هوءَ ته پوڙهي ۽ ڪمزور ڪڪڙ آهي، جنهن مان توکي رڳو هڏيون ئي هڏيون نصيب ٿينديون، جيڪڏهن تون مونسان واعدو ڪرين ته هن جو آئندي نالو نه وٺندين ته مان توکي هڪ ٿلهيءَ متاريءَ ڪڪڙ جو ڏس ڏيان.“

”چڱو، آئون واعدو ٿو ڪريان.“ ”لومڙ پنهنجي زبان چپن تي گهمائيندي چيو، ”مون کي جهٽ پٽ ان ٿلهيءَ متاريءَ ڪڪڙ جو ڏس ٻڌاءِ. پر جيڪڏهن ڪا چالبازي ڪندينءَ ته تنهنجي جسم جي به هڪ هڪ هڏي ڀڃي رکندس.“

هرڻي لومڙ کي پاڻ سان وٺي، ان باغ ڏي هلڻ لڳي، جتي هوءَ ڪڪڙ ۽ سهي کي بيهاري آئي هئي.

جڏهن هو ڪڪڙين جي گهر وٽ پهتا ته هرڻيءَ اشارو ڪري لومڙ کي چيو: ”ٿلهي متاري ڪڪڙ ان ۾ اندر ويٺي اٿئي.... شيش! آواز بنهه نه ڪجانءِ. هاڻ دير نه ڪر ۽ وڃي کائينس.“

لالچي لومڙ ڪڪڙين جي گهر جي سوڙهي منهن ۾ پنهنجو ٻوٿ وڌو ۽ پوءِ سوڙهو سنگهورو ٿي پاڻ کي اندر ڌڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، جيئن ڪڪڙ تائين پهچي هن کي جهلي سگهي.

ان ئي مهل سهو پنهنجيءَ لِڪڻ واريءَ جاءَ تان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪهاڙيءَ جي هڪ ئي ڌڪ سان لومڙ جو ٿلهو پڇ ڪپي ڇڏيو.

سور کان لومڙ جون وايون بتال ٿي ويون ۽ گهوڙا پٽ ڪري ٻاهر نڪري آيو. ڏسي کڻي ته سندس پڇ پٽ تي پيو آهي! اهو ڏسي، ڊپ ۽ شرم کان کڻي ٻيلي ڏي رخ رکيائين.

ان ڏينهن کان پوءِ، لومڙ وري ڪڏهن نظر نه آيو ۽ ان ماٿري ۾ مڙيئي جانور هڪ دفعو وري سڪون ۽ سانت جي زندگي گذارڻ لڳا.

رپورٽ ۽ تصويرون: ڪزبانو ناريجو

 

انعامن ورهائڻ واري تقريب

گذريل 19 ـــ آگسٽ 93ع تي، شام جو ستين وڳي، سٽيزن ڪالوني حيدرآباد جي وي. آءِ. پي. پبلڪ اسڪول ۾ ٽين انعامن ورهائڻ جي سالياني تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جو سهرو اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر سائين روشن پنهور ۽ پرنسپال سائين ثناءَ الله جي سر تي آهي. پاڪستان اسٽڊيز سينٽر جو ڊئريڪٽر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب، ۽ سيد غلام حيدر شاهه صاحب خاص مهمان هئا.

تقريب جي شروعات نسيم اعواڻ جي تلاوت شريف ۽ سيما پارس جي نعت شريف پڙهڻ سان ٿي.

سائين روشن پنهور، ايڊمنسٽريٽر، آجياڻي تقرير ۾ اسڪول جي ڪارڪردگيءَ تي روشنيءَ وڌي، شاگردن جي جذبي کي ساراهيو، ۽ والدين جي دلچسپيءَ ۽ تعاون لاءِ سندن ٿورا مڃيا. شمائله، افشان، ثنا، صنم، مونا ۽ عنبرين آجياڻي رقص پيش ڪيو. فيروز محمود جي سنڌيءَ ۾ تقرير، ارم شاهه ناياب عزيز جي پوپٽ واري گيت ۽ سلما، هما، ڪوثر ۽ صائمه جي لوڪ گيت، ”مور ٿو ٽلي،“ ڏاڍو رنگ ڄمايو.

فئنسي ڊريس شو ۾ فيروز ۽ هما سنڌي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، شاهجان ناريجو (بلوچي ڊريس) سڳنڌ ناريجو ۽ شهزور ناريجو (ٿري ڇوڪرو ۽ ڇوڪري) وينا ڪماري (هندڪي ڊريس)، شمائله (گلن واري ڇوڪري)، سيما پارس مغل (ٿري ڊريس)، رويا قاضي، پري جي ڊريس، صنم بخاري ۽ افشان بخاري (انگريزي ڊريس)، عامر رشيد (عربي ڊريس) داد حاصل ڪيو.

فوجي پريڊ ۾ امين ذيشان، عبدالرئوف، منصف، فيروز ۽ نجيب عليءَ پنهنجي فون جو مظاهرو ڪيو.

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب نرسري ڪلاس ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙن شاجهان ناريجو ۽ شفيع محمد چنا، آفاق رئوف، عرفان حسين کي ترتيبوار، انعام ڏنا.

آصف جتوئيءَ جي سنڌيءَ ۾ تقرير، شمائله ناز ميمڻ جي مور ناچ، عاطف، عديل، عبدالرئوف، شهزادي، ناهيد ۽ شمع رند جي اٽي مان ٽافيءَ واري راند، سنڌو بيگ ۽ صبا سعيد جي. گيت تي ٽيبلو، اياز ۽ جهانزيب جي جوانيءَ ۽ پيريءَ وچ ۾ گفتگو، ثنا سومرو جي لوڪ ناچ شائسته شيخ ۽ آصف جتوئي جي مزاحيه خبرن، سڀني کي ڏاڍو لطف ڏنو.

سيد غلام حيدر شاهه صاحب ڪي جيءَ ۾ پوزيشن کڻندڙن، اسماء شاهه (پهرين)، رخام دراني (ٻي)، خرم سمون ۽ نذير احمد اعواڻ (ٽين) ـــ ۽ پهرئين ڪلاس جي پوزيشن هولڊرن ـــ خاور حسن شاهه (پهرين)، مهوش رمضان (ٻي) ۽ راحيلا آغا ۽ بشير شاهه کي انعام ڏنا. سائيڪل واري خاڪي لاءِ منصور آصف ۽ اشفاق، ٻارن جي گيت ”ڪوئل ڪوڪي“ لاءِ بشيران شاهه، مرسلين، مهوش، راحيلا ۽ شاهه خاتون ڪيلي واريءَ راند لاءِ جهانزيب، عامر سجاد، نويد، فرقان، ٿري گيت ”باغ ۾ بلبل“ لاءِ صبا سعيد، کير واري خاڪي لاءِ امبرين ۽ اسماء پوليس آفيسر واري خاڪي لاءِ منصور، آصف، شاهد ۽ منصف عليءَ کي خوب داد مليو.

سائين شاهنواز پنهور هٿان ٻئي ڪلاس ۾ پوزيشن کڻندڙن ـــ راجا زاهد ۽ عبدالغني (پهريون)، ناياب ۽ عزيز (ٻيو)، ارم شاهه ۽ لطيف شاهه (ٽيون) ـــ ۽ ٽئين ڪلاس جي پوزيشن کڻندڙن ـــ منصف علي جتوئي (پهريون)، فيروز محمود ۽ سمعيه پارس (ٻيو)، لاکي ٿڌاڻيءَ کي (ٽيون) انعام ڏياريا ويا.

انگريزي پروگرام ۾، شاهه لطيف تي تقرير لاءِ سنڌو بيگ، انگريزي پوئم (نمبر 1) تي لاکي ٿڌاڻيءَ، تقرير ”رول آف  اسٽوڊنٽ“ تي شائسته شيخ، پوئم تي پرهه بيگ، بريڪ ڊانس تي عاطف ميمڻ کي خوب داد مليو.

سائين الهڏتي سهتي هٿان چوٿين ڪلاس جي پوزيشن هولڊرن ـــ سمائلا ناز (پهريون)، افشان بخاري (ٻيو) ۽ نسيم اختر اعواڻ (ٽيون) کي انعام ڏياريا ويا.

سمعيه، امرتا، صائمه فاضلاڻي، شمع، ارم شاهه، ماريا ميمڻ، سائره ۽ ثنا سومرو گُڏين راند، سنڌو بيگ، شائسته شيخ، صائمه نارائي، شهزادي رند ۽ بشيران سومرو لوڪ گيت (لوٽو مون کي آڻي ڏي) جا پروگرام پيش ڪيا.

ذهني آزمائش جي پروگرام ۾ اي ٽيم ۾، منصور، عرفان، عاطف، نجيب عليءَ، ۽ بي ٽيم ۾ هما فاضلاڻيءَ، صائمه، مهتاب نارائي ۽ ڪوثر پروين ٻرڙو حصو ورتو. افشان بخاريءَ ۽ صنم گل ڊانس پيش ڪئي. سلمه حسن، آصف جتوئيءَ ۽ سنڌو بيگ ڪمپيئرنگ ڪئي.

سائين حافظ غلام سرور ٻرڙي هٿان، پنجين ڪلاس جي پوزيشن هولڊرن ـــ صبا سعيد ۽ صائمه فاضلاڻي (پهريون)، تنزيلا بيگ، ڪاشف سعيد، شڪيل نارائي (ٻيو)، شمائله آغا ۽ نور امبر شاهه (ٽيون) کي انعام ڏياريا ويا. پروفيسر شيخ هٿان، ڇهين ڪلاسي جي پوزيشن هولڊرن ـــ شائسته شيخ ۽ آصف علي جتوئي (پهريون)، شاهين اعواڻ، ڪاشف ميمڻ ۽ هما فاضلاڻي (ٻيو)، ۽ صائمه نارائي (ٽيون) کي انعام ڏياريا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com