سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :6

معشوق علي مير جت

اسان جي سونهاري سنڌ، جيڪا شروع کان عالمن، ولين، بزرگن جي ڌرتي رهي آهي، جن پنهنجو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو، انهن ئي باهمٿ انسانن مان هن ڳوٺ بهار خان ميرجت جو هڪ ننڍڙو شاگرد معشوق علي ميرجت پڻ آهي، جيڪو هڪ غريب شاگرد هئڻ سان گڏوگڏ سخت عملي محنتي ۽ با صلاحيت شاگرد آهي. هن پنهنجي سموري تعليمي عرصي ۾ پهرين پوزيسن حاصل ڪئي، تازو مئٽرڪ جي امتحان ۾ پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ اي، ون گريڊ کڻي، پهرين پوزيشن حاصل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي اسڪول جو نالو روشن ڪيو آهي. ساڻس هڪ ملاقات ڪري، ننڍڙا خيال اوهان تائين پهچايان ٿو.

س: ادا، اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟

ج: سائين، منهنجو پورو نالو معشوق علي ميرجت آهي ۽ پيءُ جو نالو ذاڪر حسين مرحوم آهي منهنجو ڳوٺ بهار خان ميرجت تعلقو ٽنڊوالهيار، ضلعو حيدرآباد آهي.

س: اوهان پنهنجي شروعاتي تعليم ڪٿي حاصل ڪئي؟

ج: تقريباً ڏهه سال اڳ ۾ مون علم جي شهر ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي ئي ڳوٺ بهار خان ميرجت جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس.

س: پنهنجيءَ سيڪنڊري تعليم جي باري ۾ ٻڌايو؟

ج: مون پرائمري پاس ڪرڻ کان پوءِ هاءِ اسڪول بهار خان ميرجت ۾ داخلا ورتي، اتي اچڻ سان پهريائين ڏکيائي محسوس ٿي، پر پوءِ وقت گذارڻ سان ۽ ماهر اُستادن جي نگرانيءَ اُن ڏکيائيءَ کي محسوس ڪرڻ ئي نه ڏنو.

س: اوهان ڪهڙن ڪهڙن درجن ۾ پوزيشن کنئي؟

ج: سائين آئون پهرئين کان وٺي مئٽرڪ تائين پنهنجي اسڪول ۾ پوزيشن کڻندو اچان، اسڪالرشپ ۾ به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيس، پر سرڪار طرفان اسڪالرشپ ڪانه ڏني ويئي.

س: اوهان جي پوزيشن حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟

ج: آئون هر ڪم پنهنجي وقت تي ڪندو آهيان، جيڪي ڪجهه اسڪول ۾ پڙهايو ويندو آهي، اُن کي گهر ۾ غور ڪري پڙهندو آهيان.سبب اُهوئي ڪافي آهي. آئون صرف اسڪول ۾ استادن جي رهنمائي ڪافي سمجهندو آهيان. رڳو ان کي ئي سمجهجي ته گهڻو ڪُجهه حاصل ٿي سگهي ٿو.

س: اوهان جون پڙهڻ کان سواءِ ڪي مشغوليون؟

ج: جي ها، مون اسڪول ۾ يا اسڪول کان ٻاهر ٿيندڙ ڪافي تقريري مقابلن ۽ راندين ۾ حصو ورتو آهي، ۽ انعام پڻ حاصل ڪيا آهن.

س: اوهين پڙهائيءَ ۽ راندين کي ڪيترو وقت ڏيندا آهيو؟

ج: پڙهائي ۽ رانديون الڳ ۽ مختلف شيون آهن، ٻنهي جي اهميت به ضروري آهي انهن کي پنهنجو پنهنجو وقت ڏيڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي.

س: اسڪول کان سواءِ گهر ۾ ڪير رهنمائي ڪندو آهي؟ يا پاڻ پڙهندا آهيو؟

ج: آئون گهڻو ڪري پاڻ تي ڀاڙڻ کي اهميت ڏيندو آهيان، تڏهن به، جڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته پنهنجي ڪنهن استاد يا پنهنجي وڏي ڀاءُ نذر عباس کان جيڪو زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ايم. ايس. سيءَ جو شاگرد آهي رهنمائي وٺندو آهيان.

س: اوهان جي عام مصروفيت ڪهڙي آهي؟

ج: پڙهائيءَ کان سواءِ، هڪ ننڍڙو دڪان.

س: اوهين اڄ جي تعليمي نظام کان متاثر آهيو؟

ج: ايترو خاص نه، ڇو ته اسان جو تعليمي سرشتو، تعليمي ميدان ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ نواڻ کان بلڪل الڳ آهي. اُن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اُن ۾ جديد دور مطابق تبديليون آنديون وڃن.

س: اوهين ڪهڙن مضمونن ۾ دلچسپي وٺندا آهيو؟

ج: مضمونن تي سڀني ۾ دلچسپي وٺبي تڏهن ئي ڪجهه سکي سگهبو، پر پسنديده مضمون بائلاجي، انگريزي ۽ حساب آهن.

س: اوهين پنهنجي اسڪول جي تعليمي ماحول ۽ استادن جي باري ۾ ڇا چوندا؟

ج: اسان جو اسڪول هڪ بهترين تربيت گاهه آهي ۽ هتي ڪافي تجربيڪار ۽ محنتي استاد آهن، جيڪي پنهنجين اڻٿڪ ڪاوشن سان قوم جي مستقبل کي سنوارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.

س: اڄ جي دور ۾ ڪاپي ۽ ٽيوشن جو مرض وڌندڙ آهي ان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟

ج: ڪاپي توڙي ٽيوشن اسان جي تعليمي نظام جي جڏائپ ظاهر ڪن ٿا. جيڪڏهن اڄ جي شاگرد کي مضبوط تعليمي نظام فراهم ڪري ڏنو وڃي ته ڪوبه شاگرد ڪاپي يا ٽيوشن جو سهارو نه وٺندو.

س: اوهان کي سنڌي ادب يا موسيقيءَ سان ڪو لڳاءُ آهي يا نه؟

ج: سنڌ، اُن جو ادب ۽ موسيقي هتي جي هر رهاڪوءَ جي سيني ۾ سمايل آهي، مون کي ٻنهي ۾ دلچسپي آهي. مون رڳو ٻاراڻو ادب نه پر وڏن ليکڪن جهڙوڪ، امرجليل، خليل جبران، شيخ اياز، نورالهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجو کي پڙهيو ۽ ان مان پرايو آهي. موسيقيءَ ۾ عابده پروين منهنجي پسنديده فنڪاره آهي.

س: سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب ڪيئن آهي؟

ج: اسان وٽ ٻاراڻو ادب، اڄ به ديو مالائي ۽ تصوراتي ڳالهين سان ڀريل آهي جيڪا ڳالهه هن دور جي ضرورت نه آهي، هاڻي چراغ عالادين جي ڏيئي بدران چنڊ ستارن جي معلومات جي ضرورت آهي، جنهن کي دلچسپ ڪري پيش ڪيو وڃي.

س: سنڌي ٻولي، شاعريءَ ۽ ادب ۾ ڪا پسنديده شخصيت؟

ج: سنڌي شاعريءَ ۾ لطيف کان پوءِ اياز گل، ادب ۾ امر جليل ۽ خليل جبران.

س: زندگيءَ جو اڻوسرندڙ واقعو؟

ج: جڏهن مون علم جي شهر ۾ پهريون ڀيرو پير پاتو.

س: مستقبل ۾ ڇا ارادو آهي؟

ج: اڃا ته سفر جي شروعات آهي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي. پر ڊاڪٽر بڻجڻ جو ارادو آهي.

س: مستقبل جي معمارن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: حضرت علي عليہ السلام جو قول آهي ته ”اوهين يتيم اُن کي چئو ٿا، جنهن جا ماءُ ـــ پيءُ نه هجن پر آئون يتيم ان کي چوندس، جنهن وٽ علم نه هجي.“

شاهه سائينءَ جو بيت آهي:

سئو ڪَوهه ڪري سِيڪا، تون کهي کڻج وِک،

تاڻج منجهان تِک، ته پنڌ پاسي ڀر نَبري.

گل حسن ”ساگر“ ڪوري

هو ته اسڪول ويو آهي

 

پاڇا به لڙي چڪا آهن، پر ماجد اڃا اسڪول مان نه آيو آهي. سندس ماءُ اوسيئڙي ۾ ويٺي آهي ته ڪنهن مهل منهنجو ٻچڙو ٿو اچي. ٻچڙي لاءِ پچايل، سِڪ سان ماني، سا به ٺَري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي آهي. انهي سوچن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. سوچي ٿي: ٻچڙو ماجد اڃا ڪونه آيو، ائين ته ڪڏهن ڪونه ٿيو آ. الائجي.... الله سائين، خير ڪجانءِ!“ سوچن جي ساگر ۾ لُڙهندي رهي. ذهن تي خيال، متان ڪٿي ماجد.... نه نه... نه!“ لفظ نِڙي ۾ اٽڪجي ٿا پونس. هن کي صبح جو ماجد جا اسڪول ويندي چيل لفظ ياد اچن ٿا: ”چڱو، ممي، ماشاء الله... امان... مون لاءِ ماني پچائي رکجان.“ مان اسڪول کان موٽي اچي کائيندس. اهي لفظ ياد اچڻ تي انديشن جا انبار چڙهي ٿا اچنس. هڪ ئي ته سهارو هُئس. جانو جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ماجد جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪير هو.

جانو، جيڪو ريڙهيءَ تي رانديڪا وڪڻي هنن کي پاليندو هو. هڪ ڏينهن ريڙهي ڪاهي، رستو پار ڪري رهيو هو ته اوچتو گاڏيءَ جو ٽڪر لڳس. اتي ئي سندس ساهه پورا ٿي ويا. پوءِ هن ئي ڏک ڏولاوا ڏوريا. سُور سختيون سهي، ماجد کي پالي وڏو ڪيو. پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي، هن کي پڙهايو هئائين.

سياري جي رات جا اٺ ٿي ويا آهن، پر اڃا به ماجد جو پتو نه آهي. انهيءَ اوسيئڙي ۾ امڙ جون اکيون ڏرا ڏيڻ لڳيون. سڀ ٻارڙا گهرن ۾ آهن ۽ ديون پرين جون ڪهاڻيون پيا ٻڌندا هوندا. پر اڄ هيءَ اڪيلي آهي. ماجد ڪونهي. هُوءَ ڪنهن کي پنهنجن هٿن سان ماني کارائي ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي.

ائين ئي، ساري رات جاڳندي جاڳندي سج جا سونا ڪرڻا ظاهر ٿيڻ لڳا. پکي مٺيون مٺيون لاتيون لنوڻ لڳا. اوچتو ڪنهن ايمبولينس جو هارن به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. آواز آهستي آهستي ويجهو ٿيندو وڃي. اهو هن جي گهر جي ڀر ۾ اچي ختم ٿئي ٿو. ماجد جي ماءُ گهٻرائجي وڃي ٿي. هن جي گهر ۾ پاڙي جو هڪ ڇوڪرو ڊوڙي اچي چوي ٿو، ”م م... ما... ماسي... ماجد“

ماجد جي ماءُ دانهن ڪري ٿي: ”ڇا ٿيو ماجد کي؟“ ايئن چئي، هوءَ بي اختيار ٻاهر وڃي ٿي. ايمبولينس جي چوڌاري ماڻهو مڙيل ڏسي، هيسجي وڃي ٿي. خوف جو ڏينڀو ڏنگ هڻڻ لڳيس ٿو. پاسي ۾ ويٺل ڊرائيور ۽ ڪاريءَ وردي سان پوليس وارو ڏسي، ويتر دانهون ڪرڻ لڳي: ”ڇا ٿيو آهي ماجد کي؟ ”زارو زار روئڻ لڳي ٿي: ”ٻڌايو نٿا... ڇا ٿيو آهي ماجد کي.“

پوليس وارو هن جي ڀرسان اچي مٿي تان ٽوپي لاهي، ڏنڊي بغل ۾ ڏيئي، مُنجهندي چئي ٿو: ”ادِي، ڪالهه ماجد کي هڪ خطرناڪ گروهه اغوا ڪيو هو. انهن سان پوليس جو مقابلو ٿيو، پر ماجد سان گڏ ٻيا به ٻارڙا شهيد ٿيا آهن.“

اهي لفظ سندس هنئين ۾ سُئيءَ جيان چُڀي ٿا پون. ذهن مان ٺڪاءُ نڪري ويس. روئڻ ۽ کلڻ جي گڏيل تاثر ۾ ان ويل ممتا ڦِسي پويس ٿي. اکين ۾ مهراڻي موج جا منظر ملن ٿا. آسمان ڦاڙ دانهون ڪري ٿي: ”نه نه، ... مُنهنجو ماجد ته زنده آهي! هو... هو... هو ته اسڪول ويو آهي... ها ها، ها ها ها... ها ها ها ها!“ ماجد جي ماءُ چرين وانگي ٽهڪ ڏيندي رهي ٿي ۽ مجموعو اڃا به وڏو ٿي وڃي ٿو.

عبدالجبار ”عبد“

 

امڙ جي دعُا

 

هر سال جڏهن پَل جي ٻوٽن ۾ سنگ نڪرندا هئا، ته اسين اهي پٽي ايندا هئاسين ۽ رات جو اُهي گاسليٽ مان ٻوڙي، پوءِ انهن کي ٻاريندا هئاسين، ته اُهي مشعل وانگر ٻرندا هئا.

ڳوٺ جي ٻارن جو اهو معمول هو ته هو روازنو رات جو پَل جي سنگن کي گاسليٽ مان ٻوڙي، انهن جون مشعلون ٻاري، ڳوٺ جي گهٽين ۾ ”عيد عيد مشعلو“ جي راند ڪندا هئاسين.

هر سال جيان هن ڀيري به پَل جو ٻوٽو نسرجي آيو هو ۽ ان ۾ سنگ ڦٽي چڪا هئا. مون به سوچيو ته ڪجهه سنگ پٽي اچان ته جيئن رات جو راند ۾ ڪم اچن.

مون امڙ سان اها ڳالهه ڪئي. ان چيو ته ابا، هينئر ڏينهن تتل آهي، ان ڪري تون سمهي ننڊ ڪر، باقي سڀاڻي پاڙي واري ماسي قائمان سان سندس ٻنيءَ تي وڃج، ڀرسان ئي پل جا گهاٽا ٻوٽا آهن، جتان تون سنگ پٽي اچجانءِ.

مان اما جو چيو مڃي پينگهي ۾ سمهي پيس. اما پينگهو لوڏڻ لڳي ۽ مون کي لولي پڻ ڏيڻ لڳي:

الله هو ـــ الله هو ـــ الله هو...

شالا جواني ماڻين، منهنجا لال،

پنجتنان دي ڇانو هووئي،

هو بلا تون الله دي امان هو ويئي،

الله هو ـــ الله هو ـــ الله هو...

امڙ جي لوليءَ جي مٺڙي آواز تي مون کي ستت ئي ننڊ اچي ويئي. شام جو اما پاڙي واريءَ ماسي قائمان کي چئي ڇڏيو ته سڀاڻٻي منهنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ ٻنيءَ تي وٺي وڃجانءِ.

آئون صبح ٿيڻ جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳس. نيٺ رات گذري ۽ ماسي قائمان ٻنيءَ تي وڃڻ لڳي ته مون کي به سڏ ڪيائين. آئون به گهران نڪري، ماسيءَ سان گڏجي، سندس ٻنيءَ تي آيس. اتي ماسي ته ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لڳي ۽ مون کي چيائين ته ”ابا هُو سامهون پَل جا ٻوٽا اٿئي، انهن مان وڃي سنگ پَٽ.“

آئون به ڊوڙندو وڃي پَل جي ٻوٽن وٽ پهتس ۽ خوشيءَ مان تڪڙ تڪڙ ۾ سنگ پٽڻ لڳس. اوچتو مون کي پنهنجا پير چرندي محسوس ٿيا. ان وقت مون کي پيرن ۾ هوائي چمپل پيل هئي. مون سمجهيو ته پيرن جي هيٺان شايد ننڍڙا ڀتر آهن، جن تان منهنجي چمپل ترڪي رهي آهي، پر مون محسوس ڪيو ته جنهن جاءِ تي آئون بيٺو آهيان، اُتان ڪجهه سُرڪندو پيو وڃان. اڃا جو هيٺ نهاريم ته منهنجو ساهه ئي سڪي ويو اهو هڪ وڏو ڪارو نانگ هيو، جيڪو وڪڙ هنيو ويٺو هو! ان نانگ جي ٿولهه تقريباً منهنجيءَ ٻانهن جي ڏوريءَ جيتري هئي. ان جي مٿان آئون بيٺو هوس!

اهڙيءَ خوفناڪ بلا کي ڏسي، منهنجي جسم مان جان ڇڏائجي ويئي. ڊڄندي ڊڄندي نانگ جي مٿان پير هٽائي، اتي ئي بيهي رهيس، هينئر نانگ مون ڏانهن نهاري رهيو هو ۽ آئون نانگ کي ڏسي رهيو هوس. مون کي ڊپ هو ته جيڪڏهن ڊڪ پائيندس ته ٿي سگهي ٿو ته نانگ ڏنگ هڻي وجهي. ان ڪري آئون نانگ جي جي طرف منهن ڪري آهستي آهستي پوئتي هٽڻ لڳيس. جڏهن ڏٺم ته هينئر نانگ کان چڱو پري آهيان، تڏهن پٺي ڏيئي وٺي ڀڳس ۽ گهر اچي ساهه پٽيم.

منجهند جو پينگهي ۾ ستو پيو هوس ته مون کي صبح وارو نانگ وارو واقعو يادا اچي ويو، جنهن ڪري ڊپ وچان منهنجو جسم پگهر ۾ آلو ٿي ويو. امان پينگهو لوڏي رهي هئي، ۽ مون کي لولي پڻ ڏيئي رهي هئي:

الله هو ـــ الله هو ـــ الله هو...

شالا جواني ماڻين، منهنجا لال!

آئون سوچڻ لڳس ته اها امڙ جي دعا ئي هئي، جنهن جي ڪري اڄ آئون ڪاريهر نانگ جهڙيءَ خوفناڪ بلا کان الله جي امان ۾ رهيس. جيڪڏهن اهو نانگ مون کي ڏنگي ها ته شايد آئون گهر به نه پهچي سگهان ها ۽ اُتي ئي ڍيري ٿي وڃان ها. امان جي لوليءَ جي مٺڙي آواز تي سگهوئي مون کي ننڊ اچي ويئي. جڏهن مان اٿيس ته ڪافي سڪون محسوس ڪري رهيو هوس.

”پارس“ راج ڪپور، خانپور مهر

نظم

جلدي ڪر، مون کي ڏي ماني اما

کڻي ڪتاب ۽ قلم پوءِ، اسڪول وڃان.

*

اڄ آ امتحان منهنجو، محنت ڪئي آ ڏاڍي،

ڪجانءِ تون دُعا، پهريون نمبر اچان.

*

تنهنجو اُميدون سموريون، پوريون ڪندس،

اوسيئڙو ڪر ٿورڙو، آئون وڏڙو ٿيان.

*

محنت جو ڦل ملندو، ناهي ڀئو ڪوئي،

ڪاپيءَ کان ٿو آئون نفرت ڪريان.

*

چڱو، جيجل، ٻاهر انتظار ٿو ڪري ”پارس“

بيهان وڃي قطار ۾، دير ٿي وڃي متان.

نتيجو رنگ ڀريو ـــ 5

سمورا چتر محترم طارق عالم ابڙي ڏٺا، جنهن ۾ پهريون نمبر آيو.

امداد حسين زنگيجو ڪلاس نائون اي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شاهه پنجو سلطان ميهڙ. هن ٻار کي هڪ مهيني جو گل ڦل اعزازي موڪلبو.

نتيجو سوال مڪمل ڪريو ـــ 5

هن ڀيري ڪيترن ٻارن سوالن جا جواب لکي موڪليا. جن مان هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا کين هڪ مهيني جو ”گل ڦل“ اعزازي موڪلبو.

جواب: 1. حضرت عثمان، 2. شهر، 3. مائونٽ ايورسٽ، 4. فولاد، 5. فريد خان.

1. نير حسين ميرجت، سائده ڳوٺ خيرپور ميرس.

2. پنهل جوڻيجو تلهار، بدين.

3. گل حسن سرڪي سومرا محلو، پوسٽ لقمان خيرپور ميرس.

4. محمد حسين خواجه، خواجه محلو ميرپور بٺورو.

5. نصر الله ٻرڙو پوسٽ ڳيريلو، ڏوڪري.

6. مصري جمالي، ايليمنٽري مڊل اسڪول ميرپور بٺورو.

7. عنايت الله سيال ڪلاس ڏهون، هائر سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ.

8. محمد زين العابدين باگراڻي، باگراڻي هائوس، ڇتو مادراڻي وايا ٽنڊو محمد خان.

9. الله بخش بروهي پوسٽ ڇٽو چنڊ، ضلعو ٺٽو.

10. نديم، اختر آرائين پوسٽ مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار.

11. شبير احمد سيٺار، ڪلاس اٺون اي، هاءِ اسڪول حاجي فتح محمد لڳ ڪڙي شڪارپور.

12. مير الهه رکيو ڀنڊ، ڪلاس نائون، هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، ٺٽو.

گل ڦل قلمي دوستي

·نالو: عبدالحميد دايو ـــ ڪلاس: نائون اي ـــ وندر: گل ڦل پڙهڻ ـــ عمر: 14 سال ـــ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور مهر، سکر.

·نالو: غلام مهدي ڀٽ ـــ ڪلاس: نائون اي ـــ وندر: والي بال کيڏڻ ـــ عمر: 14 سال ـــ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻي پور.

·نالو: عبدالقادر ميمڻ ـــ ڪلاس: اٺون اي ـــ وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ـــ عمر: 13 سال ـــ ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو.

·نالو: عرفان علي ڏاهري ـــ ڪلاس: ڏهون اي ـــ وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ـــ عمر: 15 سال ـــ ائڊريس: پوسٽ آفيس مصرجي واءِ وايا ٻانڌي، نواب شاهه.

·نالو: محمد انور هڱورو ـــ ڪلاس: اٺون سي ـــ وندر: عليم سان چاهه ـــ عمر: 14 سال ـــ ائڊريس: هڱورا جنرل اسٽور، شهيد چوڪ کپرو.

·نالو: محمد يوسف هڱورو ـــ ڪلاس: ستون سي ـــ وندر: موسيقي ٻڌڻ ـــ عمر: 15 سال ـــ ائڊريس: هڱورا جنرل اسٽور شهيد چوڪ کپرو.

·نالو: عمران شيخ ـــ ڪلاس: ڏهون بي ـــ وندر: عام معلومات جا ڪتاب پڙهڻ. عمر: 16 سال ـــ ائڊريس: ڀنڀرا محلو مورياڻي روڊ شڪارپور.

·نالو: غلام حيدر هڱورو ـــ ڪلاس: ڇهون سي ـــ وندر: قلمي دوستي رکڻ ـــ عمر: 12 سال ـــ ائڊريس: هڱورا جنرل اسٽور شهيد چوڪ کپرو.

·نالو: غلام ياسين شر ـــ ڪلاس: نائون ڊي ـــ وندر: علم سان چاهه ـــ عمر: 15 سال ـــ ائڊريس: هاءِ اسڪول اوٻاوڙو.

·نالو: غلام حسين هڱورو ـــ ڪلاس: پنجون سي ـــ وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ـــ عمر: 12 سال ـــ ائڊريس: هڱورا جنرل اسٽور شهيد چوڪ کپرو.

·نالو: منصور احمد قاضي ـــ ڪلاس: ستون ـــ وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ ـــ عمر: 12 سال ـــ ائڊريس: ايڇ ـــ ايم خواجا هاءِ اسڪول نواب شاهه.

·نالو: محمد علي چنا ـــ ڪلاس: نائون سي ـــ وندر: ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ ـــ عمر: 15 سال ـــ ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري هاءِ اسڪول نواب شاهه.

·نالو: غلام شبير هڱورو ـــ ڪلاس: ڇهون سي ـــ وندر: سٺا دوست ٺاهڻ ـــ عمر: 12 سال ـــ ائڊريس: هڱورا جنرل اسٽور، شهيد چوڪ کپرو.

·نالو: شبير احمد سيٺار ـــ ڪلاس: اٺون اي ـــ وندر: سنڌي ادب پڙهڻ ـــ عمر: 12 سال ـــ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي فتح محمد شڪارپور.

·نالو: شوڪت علي چاچڙ ـــ ڪلاس: ستون اي ـــ وندر: ٻاراڻو ادب پڙهڻ ـــ عمر: 12 سال ـــ ائڊريس مهراڻ ماڊل اسڪول پنو عاقل.

·نالو: احمد علي شيخ ـــ ڪلاس: نائون سي ـــ وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ ـــ عمر: 13 سال ـــ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ.

·نالو: ديدار علي پاهي ـــ ڪلاس: پنجون ـــ وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ـــ عمر: 10 سال ـــ ائڊريس: پرائمري اسڪول عبدالحميد جتوئي ميهڙ.

·نالو: علي شير چنو ـــ ڪلاس: ستون اي ـــ وندر: ادبي رسالا پڙهڻ ـــ عمر: 14 سال ـــ ائڊريس: مڊل اسڪول ڦلپوٽا، رتوديرو.

·نالو: علام مصطفيٰ هڱورو ـــ ڪلاس: ڏهون سي ـــ وندر: ٻاراڻا رسالا پڙهڻ ـــ عمر: 15 سال ـــ ائڊريس: هڱورا جنرل اسٽور شهيد چوڪ کپرو.

·نالو: ذوالفقار علي خاڪي ـــ ڪلاس: ڇهون اي ـــ وندر: رسالا پڙهڻ ـــ عمر: 10 سال ـــ ائڊريس: وزير ڪريانا اسٽور دادو.

·نالو: ڀرت ڪمار راٺي ـــ ڪلاس: نائون اي ـــ وندر: سنڌي ادب پڙهڻ ـــ عمر: 14 سال ـــ ائڊريس: معراج منزل، ڀرسان سرڪاري اسپتال ٽنڊو محمد خان.

 

خط

ادل! ”گل ڦل“ باقائدگيءَ سان پڙهندو رهندو آهيان، اوهان جنهن جستجو محنت ۽ محبت سان ”گل ڦل“ کي سينگاريندا آهيو اُن جو اسان وٽ قدر آهي، منهنجي صلاح آهي ته رسالي ۾ اڃا وڌيڪ دلچسپيون پيدا ڪريو، مثال طور انعامي مقابلا وغيره ته، رسالو اڃا وڌيڪ دلڪش ٿيندو، وڌيڪ اوهان جي مرضي.

احسان مند خالد ميراڻي

بخارا ٻيرڙي، گهوٽڪي.

ادا! جيئن ته مان اوهان ڏي هي پهريون خط لکي رهيون آهيان ۽ گهڻي وقت کان وٺي پڙهي رهيو آهيان. ”گل ڦل“ سنڌي ٻارن لاءِ تمام سٺو رسالو آهي. آئون هي خط سڪ ۽ چاهت سان لکي رهيو آهيان. اميد ته ڪنهن ڪنڊ ۾ جاءِ ڏيندا، جيئن ٻيهر به اوهان ڏي خط لکي سگهان.

اوهان جو ڀاءُ

احمد علي شيخ (شهداد ڪوٽ).

ادا! جيئن ته آڪٽوبر وارو ”گل ڦل“ هٿن ۾ آهي. سڀ کان پهريائين مٿان ٽائيٽل تمام گهڻو وڻندڙ هو، رسالو کوليم ته الله تعاليٰ جو پاڪ نالو حضور صلعم جن جو ارشاد ۽ لطيفي لات دل ئي موهي ڇڏيو.

هميشہ جيان، اڄ به لکي رهيو آهيان. اميد ته مايوس نه ڪندا.

ادا! گل ڦل“ کي بهتر بنائڻ لاءِ جيڪا اوهان محنت ڪري رهيا آهيو، سا تعريف جوڳي آهي. منهنجي طرفان سڄي عملي کي مبارڪون هجن.

اوهان جو حبدار علي ملهڻ

جهانپور شريف

ادا! هيءُ پهريون ڀيرو خط سڪ چاهت ۽ قرب سان اماڻي رهيو آهيان. رسالي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جاءِ ڏيندا ته وڏا وڙ: ”گل ڦل“ نظر مان گذريو، پڙهي بيحد خوشي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪوشش کي ساراهن کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. اهڙي رسالي شايع ڪرڻ تي، چاچا شمشير الهيدري ۽ ”گل ڦل“ جي پوري سٿ کي لک لک واڌايون، سائين: رسالي اندر حضور ﷺ، حال احوال لطيفي لات، اسلامي تاريخ جو ورق، خراب سنگت، مڱڻهار ۽ شينهن بندوق ۽ بارود جي ايجاد، خٿابين جون رانديون، جهرڪي ۽ ڪٻر، سنڌو، عذرا جي گڏي، بري صحبت، محنت جو سلو ۽ ٻيو مواد پسند آيو.

اوهانجو مُراد علي رند چمبڙ.

*

ادل! مان اوهان جو رسالو ”گل ڦل“ تمام وڏي شوق سان پڙهندو آهيان ۽ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻه ”گل ڦل“ جا خريدار ڪندو آهيان، ڇو ته هن رسالي ۾ ايتري ته معلومات آهي، جيتري پڙهجي ايتري گهٽ آهي، اهڙي طرح سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر وارو رسالو نظر مان گذريو پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي ڇو ته هن آڪٽوبر واري سالي ۾ ڪهاڻيون به اهڙيون ئي سٺيون آهن. جهڙوڪ:! ”حيرت انگيز ڪارنامو“، ”ڏيڏرن جو موت“ ”ڪاپي“ ”ذهين شاگرد عبدالمنان ڀٽي سان ڳالهه ٻولهه“  ”مڱڻهار ۽ شينهن“ ”محنت جو سلو“ ”جهرڪي ۽ ڪٻر“ ”عذارا جي گڏي“ ”بري صحبت“ ۽ ٻيو مواد ڏاڍو پسند آيو. ادا اسان جي دعا آهي ته هي رسالو وڌ ۾ وڌ ترقي ڪري اِها اسان جي دعا آهي.

اوهان جو ڀاءُ الاهي بخش منگي

عمر ڊهو سرحد گهوٽڪي

*

ادل! ماهوار ”گل ڦل“ هر مهيني جيان نهايت نرالي انداز سان ۽ خوبصورت ٽائيٽل سان هٿن ۾ آهي، مواد به من موهيندڙ ۽ ڪافي دلچسپ آهي اوهان کي جس آهي، جو ادبي دنيا م اسان ٻارن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيو. اوهان جي ڪاوشن، ٻاراڻي ادب ۾ پاڻ مڃايو آهي، هونئن به اڄوڪا ٻار مستقبل جا معمار آهن، ”سنڌ جون رانديون“ جي عنوان سان ڀاءُ ولي محمد طاهر زادي سٺي معلومات مهيا ڪئي، هونئن به اسان جون رانديون اسان جي ثقافت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏن ٿيون، ساٿي سليم سهتي جو ترجمو ڪيل ”خوابن جو سير“ جي عنوان سان سٺو متاثر ڪيو، شاعري جي حوالي سان ”خليل عارف سومري، ”آصف مٺياڻوي“ سٺو نڀايو آهي جنهن جي شاعري ۾ نصيحت ڀريا نڪتا نظر آيا.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ

اسد الله چاچڙ پنو عاقل

*

ساٿي! ماهوار ”گل ڦل“ جو آڪٽوبر 93 وارو شمارو پنهنجن سمورن رنگن سان گڏ اچي مليو. ”گل ڦل“ ۾ هاڻي مواد به تمام بهترين شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ”گل ڦل“ هاڻي پهرين جي مقابلي ۾ بهتر ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ”گل ڦل“ ۾ اڃا به ڪجهه تبديليون اچي وڃن ته ”گل ڦل“ مڪمل ”گل“ ٿي وڃي ”گل ڦل“ سنڌي ۾ ٻاراڻن رسالن ۾ سڀني کان اڳ ڀرو آهي.

اوهان جو غلام محمد ڪنڀر عمرڪوٽ سنڌ.

*

ادل! آڪٽوبر 93 جو شمارو اسان جي هٿن ۾ آهي. ٽائيٽل ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. هن دفعي لطيفي لات، خراب سنگت، ڏيڏرن جو موت پڙهي خوشي ٿي، ادا هڪ صلاح آهي ته ”سوال مڪمل ڪريو“ ۽ ”رنگ ڀرڻ“ واري سلسلي ۾ حصو وٺندڙن جا نالا شايع ڪيا وڃن.

اوهانجو ٿرپال داس راٺي

ٽنڊو محمد خان

*

ادا! رسالو ”گل ڦل“ خيرن سان مليو. تازو آڪٽوبر وارو شمارو دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو هو. جنهن ۾ علي بابا جو ترجمو ڪيل ”حيرت انگيز ڪارنامو“ مختيار ڏوگر جي ڪهاڻي ”جهرڪي ۽ ڪٻر“ رضيه نوشين جي ”مڱڻهار ۽ شينهن“ پسند آيا. ادا هڪ شڪايت آهي ته رسالو دير سان ملي ٿو ۽ اسين ”گل ڦل“ جي ڪنهن به سلسلي ۾ حصو نٿا وٺي سگهون، مهرباني ڪري رسالو جلد ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا.

اوهان جو، محمد عارف، ڪلادي.

ڳوٺ ارباب ڪلادي. گهوٽڪي.

*

ادا! آڪٽوبر جو رسالو ڏهين (10) تاريخ مليو، جيئن ”گل ڦل“ کوليم ته جيئن ئي ڏٺم صفحي 69 تي منهنجو نالو هو هن ڀيري دل خوش ڪري ڇڏيو. ڀائو غلام مصطفيٰ پنهور جي لکيل ڪهاڻي ”محنت جو سلو“ تمام گهڻي پسند آئي، ڀائو توهان جو رسالو اسان جو سڄو ڪلاس پڙهندو ۽ پسند ڪندو آهي. مهرباني.

عارف علي سهتو

نيشنل هاءِ وي روڊ راڻي پور

*

ادا! آڪٽوبر وارو ”گل ڦل“ پڙهي بيحد خوشي ٿي آئون توهان جو رسالو باقائدگي سان پڙهان ٿو. توهان سنڌي ادب جي تمام ڏاڍي خدمت ڪري رهيا آهيو. منهنجي طرفان توهان جي سڄي عملي کي مبارڪون هجن، ادا، آئون ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان. اميد اٿم ته ضرور شايد ڪندا.

ٻيو ته آڪٽوبر وارو شمارو تمام گهڻو پسند آيو.

ادا پرنٽنگ ۾ ڪجهه غلطي ٿي آهي اها غلطي ڪهاڻي ”ڏيڏر جو موت“، ۾ ٿي ۽ آخر جي  سٽن ۾ ٿي. مهرباني.

اوهان جو ڀاءُ

ڀرت ڪمار راٺي ٽنڊو محمد خان.

*

ادا! تازو ڪالهه آئون اوهان جي رسالي گل ڦل جي رسالي گل ڦل جي لاءِ هڪ پنهنجو مضمون موڪلي چڪو آهيان. جنهن جو نالو ”هندو مذهب هڪ فنڪارانا مذهب آهي.“ مون اهو مضمون ڏاڍي محنت سان لکيو آهي. مون کي اميد آهي ته اوهان ڪنهن ايندڙ پرچي ۾ منهنجي انهيءَ مضمون کي ڇاپيندا ته آئون اوهان جو بي حد ٿورائتو رهندس.

اوهان جو ڀاءُ

ڪيڊٽ سريندر ڪمار آڏواڻي

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو

ادا، مذهب تي مضمون آهي ۽ فنڪارانا مذهب ڪيئن ٿيو، اختلافي مضمون آهي، ان لاءِ معذرت.

رنگ ڀريو نمبر ـــ 7

 

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، پهريون نمبر ايندڙ تصوير جي رنگ ڀريندڙ ٻار کي رسالو، هڪ مهيني جو مفت ۾ موڪلبو.

 

 

سوال مڪمل ڪريو ـــ 7

 

هيٺ ڏنل سوال مڪمل ڪري موڪليو. جن ٻارن جا سمورا جواب صحيح هوندا، ان کي هڪ مهيني جو رسالو اعزازي موڪلبو.

1. عظيم صوفي شاعر مولانا رومي جي مزار........... شهر ۾ آهي.

2. سڀ کان هلڪي گئس جو نالو ............. آهي.

3. ملٽري ٽئنڪ جي ٺاهيندڙ جو نالو................ آهي.

4. جهانگير بادشاهه جو مقبرو.............. شهر ۾ آهي.

5. آمريڪا جي صدر ڪينڊي کي........................ سن ۾ قتل ڪيو ويو هو.

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com