سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل/ مئي 1992ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل اپريل/ مئي 1992ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڪلام الله

بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيمِ

(شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي)

الله وياج جي نفعي کي نابود ڪري ٿو، ۽ سخاوت جي نفعي کي وڌائي ٿو. الله نٿو پسند ڪري ڪفر ۽ گناهه ۾ گرڪيلن کي.                                        (سورت البقره آيت 276)

* شاهنواز پيرزادو

حضور ﷺ

عورت ۽ مرد کي تعليم هڪ جهڙي حاصل ڪرڻ گهرجي.

                                (مشڪواة شريف)

ڇپائيندڙ پاران

”گل ڦل“ ٻارن جو اڪيلو ماهوار رسالو آهي؛ پر اُن جي سرڪيوليشن صرف ساڍا ٽي هزار آهي. ڇا پڙهيل سنڌي ٻارن جي شرح اهائي آهي” يا ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق ئي نه آهي؟ يا پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو سنڌي ٻار کي شوق نه آهي! آخر ”گل ڦل“ ڏهه هزار، ويهه هزار، پنجاهه هزار... ڇو نٿو ڇپجي! سنڌي ٻارن جي گهڻائيءَ جي هٿن ۾ ”گل ڦل“ ڇو نه آهي؟ اها ذميواري ڪنهن جي آهي؟ ٻارن جي، مائٽن جي، يا استادن جي! اهو سچ آهي ته جيڪي ٻار پنهنجي ٻاروتڻ کان ئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نٿا پڙهڻ، اُنهن جي ٻولي وڏي هوندي تائين ڪچي ئي رهي ٿي، ۽ اهو به سچ آهي ته اسان ٻارن کي خود سندن ٻوليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ڏنو ئي ڇاهي! اسين ته هنن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ تي هرکائي به نه سگهيا آهيون. ائين سنڌي ٻار ٻين ٻولين ۾ ٿو پڙهي. ۽ هو ٻين ٻولين جو اثر ٿو قبول ڪري. ۽ ائين ئي هو پنهنجي ٻوليءَ کان، پنهنجي ڪلچر کان دور ٿيندو ويندو آهي. ٻين ٻولين ۾ کوڙ رسالا، ڪتاب، ڪومڪ، ڪارٽون،... اسٽڪر، پوسٽر، الاءِ ڇا ڇا ٿو ڇپجي. ۽ اسان وٽ؟ ۽ اسان وٽ رڳو ”گل ڦل“ آهي! اُن کي گهڻن ٻارن جي هٿن تائين پهچائڻ ٿا چاهيون. ان لاءِ اسان کي ”گل ڦل“ ۾ اُهو ڪجهه ڏيڻُ پوندو، جيڪو 8 کان 80 سالن تائين جا ٻار پڙهڻ گهرن ٿا. اُهو سڀ ڪجهه هنن جي وهيءَ سارو ڏيڻو پوندو ۽ ان لاءِ اسان کي گهرجن ٻار ليکڪ ۽ ٻارن جا ليکڪ، اسان کي اميد آهي ته اهي ٻيئي پنهنجين ذميوارين کي پورو ڪندا ۽ اسان ڏانهن اهڙو مواد موڪليندا، جيڪو ٻارن لاءِ دلچسپ، معلوماتي، وندر جهڙو ۽ منجهن تخليقي صلاحيتن جاڳائڻ جهڙو هجي، لکندڙن کي سندن لکڻين جو اُجورو ڏنو ويندو، ڇو ته اهو هنن جو حق آهي.

ان ڏس ۾ پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي رٿن جي آجيان ڪئي ويندي.

ڄام شورو سنڌ

30- مئي 1992ع

سيد امداد حسيني

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

ڳالهه ٻولهه

پيارو ٻارؤ گل ڦل جو هي پرچو اڇريل ۽ مئي جو گڏي ڪڍي رهيا آهيون. جيئن اڳئين ليٽ نڪري وڃي، ۽ پرچو هر مهيني پوري وقت تي اوهان کي ملندو رهي. توهان جون شڪايتون اسان وٽ پهچنديون رهن ٿيون. پر ڪن مجبورين سبب رسالو دير سان نڪرندو رهيو آهي. ڪجهه شڪايتون اوهان سان به آهن. گهڻا ٻار ڪهاڻيون ۽ مضمون نقل ڪري ٿا موڪلين. نه ڇپڻ تي وري ناراضپي جو خط ٿا لکن. ان لاءِ ٻارؤ ڪجهه اوهان به پنهنجي جوابداري محسوس ڪريو ۽ نقل کان پاسو ڪريو. نقل ڪرڻ چڱي ڳالهه نه آهي. ڏسو امتحان حال ۾ ٻار نقل ڪري پاس ته ٿي ٿا وڃن پر جڏهن هو عملي زندگي ۾ چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهن ٿا ته اتي کين ڪجهه به نه ٿو اچي ۽ پوءِ هو پريشان رهن ٿا. گذري ويل وقت واپس ورڻو ئي نه آهي. ان وقت انهن کي احساس ٿيندو آهي ته ڪاش اسان محنت ڪريون ها ۽ ان لاءِ ٻارؤ توهان هينئر سان وقت کي سجايو ڪري ڪم آڻيو ۽ خوب محنت ڪريو. ائين ڪرڻ سان زندگي ۾ اوهان سدائين سوڀارا رهندا.

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

حقيقت هن حال جي ظاهر ڪريان زبان

لڳي ماٺ مروئن کي رسي سَورُ شبان

ٽاڪر ٽڪي ڪان، جبل سڀ جلي وڃي.

مٿيون بيت لطيف سائين جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سر ڪوهياري جي دستان پنجين جو چوٿون نمبر بيت آهي سمجهاڻي: هن بيت ۾ شاهه سائين سسئي جي فراق جي ترجماني ڪندي فرمائي ٿو ته جي زبان سان پنهنجي برهه جو اظهار ڪريان ته مرون به داستان ٻڌي سُن پئجي وڃن، ۽ ڌنار کي جهوري وٺي وڃي، ٽڪر جيڪر قائم ڪين رهن، ۽ سمورا جبل سڙي بسم ٿي وڃن. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سسئي کي پنهون لاءِ ڪيڏي نه سڪ هئي.

معنيٰ: شبان: ڌنار، ٽاڪر= ٽڪري.

ڊاڪٽر نواز علي شوق

اسلامي تاريخي جو هڪ ورق

ڪعب جي ڌيءَ نسيبه جي پُٽ جو نالو عماره هو. انهيءَ ڪري هُوءَ اُمِ عماره يعني عماره جي ماءُ سڏي ويندي هئي، سندس ڪلهي تي هڪ اهڙو داغ هو، جنهن کي ڏسندي ئي اها پڪ ٿي ويندي هئي ته اُهو ڪنهن گهري زخم جو نشان آهي. نوجوان ڇوڪريون جِنِ حضور نبيءَ ڪريم ﷺ جن جو زمانو ڪونه ڏٺو هو، يا جيڪي ان دور ۾ ننڍڙيون هيون، سي اُم عماره جي ڪلهي تي اهو گهرو نشان ڏسي کانئس پڇنديون هيون ته اهو زخم کيس ڪيئن رسيو؟ هر ڪنهن چاهيو ٿي ته اُحد واري جنگ جو داستان اُم عماره جي زباني ٻُڌون. ڇاڪاڻ ته هوءَ ان جنگ ۾ شريڪ هئي ۽ کيس ان موقعي تي سخت زخم رسيو هو. اُن جنگ ۾ اُم عماره جو مڙس ۽ سندس ٻئي پُٽَ دشمنن سان مقابلو ڪندي، رسول مقبول ﷺ جن جي حفاظت جو فرض ادا ڪندا رهيا ۽ اُمِ عماره پنهنجن ڪلهن تي مَشڪون پاڻيءَ جون ڀريندي رهي. هُوءَ زخمي سپاهين کي نه فقط پاڻي پياريندي رهي. پر انهن جي مَلم پٽي پڻ ڪندي رهي.

شروع ۾ ماڻهن جي ٿورائي ۽ جنگي هٿيارن جي گهٽ هئڻ جي باوجود اسلام جا سپاهي دشمن کي زبرست شڪست ڏيڻ وارا هئا. پر هڪ پهاڙي تي موجود نگهبانن جي ٿورڙي غفلت سبب دشمن جي فوج اسلامي لشڪر تي پٺيان حملو ڪيو. اُنهيءَ حملي سبب حالتن ۾ ڦيرو اچي ويو نبي سڳوري جي چوڌاري جيڪي سپاهي بيٺا هئا، سي غمگين نظر اچڻ لڳا.

بهادر نسيبه جڏهن هيءَ حالت ڏٺي ته پاڻيءَ جي مَشڪ ڇڏي ترار هٿ ۾ کنيائين. ڪڏهن هُوءَ تير ڪمان کان ڪم وٺي رهي هئي ته ڪڏهن وري ترار سان دشمنن تي حملا ڪري رهي هئي. ميدان جنگ مان ڀڄندڙ هڪ سپاهي جي زِرهه کسي ورتائين. دشمن جو مقابلو ڪرڻ مهل اُها زره سندس وڏو بچاء ٿي وئي.

جنگ هلندي اوچتو آواز آيو ته خود مُحمّد ڪٿي آهي اهو ٻُڌي نسيبه ان آواز طرف ڊوڙي ۽ ويجهو وڃي اُن دشمن تي ڀرپور حملو ڪيائين، جيڪو اهو آواز ڏيئي رهيو هو. جيئن ته دشمن ٻه زِرهون پهريل هو تنهن ڪري ان تي نسيبه جي حملن جو ڪو اثر نه ٿيو. پر هن بدبخت وجهه وڍي نسيبه جي ڪلهي تي زوردار حملو ڪيو. جنهن سبب نسيبه جو ڪُلهو اهڙو زخمي ٿي پيو جو سال کان وڌيڪ عرصو ان جو علاج ٿيندو رهيو.

نبيءَ ڪريم ﷺ جن نسيبه جي هڪ پُٽ کي چيو ته: ڀَڄُ وڃي پنهنجي ماءُ جي مَلم پٽي ڪر. سندس پُٽ تيزيءَ سان وڃي پنهنجي ماءُ جي زخم تي پٽي ٻڌي، پوءِ وري هُوءَ بهادر عورت جنگ وڙهندي رهي.

ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائين ته سندس هڪ پُٽ زخمي ٿي پيو آهي. هوءَ تکو تکو اوڏانهن وئي ۽ وڃي پنهنجي پُٽَ جي ملم پٽي ڪيائين. ٻنهي جهانن جا سردار اُم عماره جي بهادري ڏسي رهيا هئا ۽ خوشيءَ مان مُرڪي رهيا هئا. پنهنجي پُٽَ جي ملم پٽي ڪرڻ کان پوءِ کيس چيائين ته پُٽ شاباس، ميدانِ جنگ ۾ ڪاهي پؤ. اڃا هو جملو پورو مَس ڪيو هُئائين ته نبي ڪريم ﷺ جن چيس ته تنهنجي پُٽ کي اجهو هن شخص زخمي ڪيو آهي. اهو ٻڌندئي بهادر نسيبه شير وانگر ان شخص تي حملو ڪيو.

هڪ ئي ڌڪ سان ان کي پورو ڪري ڇڏيائين. اهو ڏسي نبي سڳوري کيس چيو ته، ”نسيبه تو پنهنجو بدلو ورتو. خدا جو شڪر آهي جو توکي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ان ڪاميابي توکي عزت ۽ سرخروئي عطا ڪئي.

اُن جنگ ۾ ڪجهه مسلمان شهيد ٿيا ۽ ڪجهه زخمي ٿيا. نسيبه پڻ سخت زخمي هئي ۽ ائين معلوم ٿيو ته هيءَ بهادر عورت بچي نه سگهندي.

اُحد واري وقت کان پوءِ رسول مقبول ﷺ جن اسلامي سپاهين کي حمراء الاسد طرف وڃڻ جو ارشاد فرمايو اسلامي لشڪر اوڏانهن روانو ٿيو. پر نسيبه جيئن ته گهڻو زخمي هئي، تنهن ڪري لشڪر سان گڏ هلي نه سگهي.

حمرا الاسد کان موٽڻ بعد نبي سڳور هڪ شخص کي نسيبه جي طبيعت پڇڻ لاءِ موڪليو. ان واپس اچي نسيبه جي خير سلامتي جي خبر ڏني.

مختار گهمرو

قلفي

ٿڌڙي مٺڙي قلفي ٻارو

آيو ڪالو قلفي وارو

پاڙي ۾ جو هوڪو آيو،

کير ملائي واري قلفي،

ياسر ناصر ڊوڙي آيا،

آڪاش سعيد ۽ پهتو زلفي

جلدي پهتا ٻار ويهارو،

آيو ڪالو قلفي وارو.

خالص کير منجهان مون ٺاهي،

ڏيڍ رپئي ۾ وڏڙي قلفي،

پستا ۽ باداميون تن ۾،

آڌي واري ننڍڙي قلفي.

کائي هرڪو ٻار پيارو،

آيو ڪالو قلفي وارو.

قلفي گرميءَ جي آ دشمن،

کائي سڀڪو ڳائيندو آ،

شوق وڏي مان ٻار ٻڍو،

جوان هميشہ کائيندو آ.

چسڪو هن جو آهه نيارو،

ڪالو آيو قلفي وارو.

قلفي کائي قرب وڌايو،

ايڪو الفت ڪريو ٻارو،

علم وڌي ٿو سمجهه وڌائي،

ديس جي خدمت ڪريو ٻارو،

ديس اسان جو آهه دلارو.

آيو ڪالو قلفي وارو.

قلفيءَ ۾ مختار مزو آ،

ڊوڙي جلدي کائو ٻارو،

ڄڻ ته مکڻ سان ماکي آهي،

خوب وڌو آ مائو ٻارو.

ٻالڪ ٿيندو ڀاڳ ڀلارو،

آيو ڪالو قلفيءَ وارو.

 

نثار بزمي

سائين خدا بخش مرحوم

ها ٻارو! ماڻهو هڪ جهڙا نه هوندا آهن. هر ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي ۽ اُٿِڻي ويهڻي پنهنجي هوندي آهي. ڪي ماڻهو کٽا کارا ۽ ڪؤڙا ڪَسارا هوندا آهن ۽ ڪي وري ماکيءَ جهڙا مٺڙا ۽ گلن جهڙا سرها ۽ سهڻا هوندا آهن.

اڄ جنهن مِٺي ۽ موهيندڙ ماڻهوءَ جو اسين ذڪر ڪري رهيا آهيون. ان جو نالو هو ”سائين خدا بخش“ هڪ نالي چڙهيو ۽ نيڪ دل استاد، اڍائي گهرن جو خير گهرندڙ، ٻين جي ڏک ۾ ڏکندڙ.

ٻارو! سچ پچو، ته اهڙو ڀلارو ۽ ڀاڳوند استاد مون پنهنجي عمر ۾ ڪٿي نه ڏٺو هون، ته سنڌ ۾ استادن (ماسترن) جو عدد ستارن کان به سرس پيو نظر اچي. مگر سائين خدا بخش جهڙا استاد صدين کان پوءِ ڄمندا آهن.

تعلقي ڳڙهي ياسين جي ”مرزاپور“ ڳوٺ ۾ اهڙو ماڻڪ موتي ”محّمد حسن خان جوڻيجي“ جي گهر ۾ چمڪيو. اڄ کان نوي ورهيه کن اڳ سنڌي ست درجا پاس ڪري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. مگر ٿوري ئي وقت هن فرض ادائي ۽ نيڪ نيتيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو. مان پاڻ سائينءَ جو شاگرد ٿي رهيس. ڇا ڳالهه ڪجي سندس سچائيءَ جي. نَنهَن کان چوٽيءَ تائين نجو سون هو. اڳتي هلي جڏهن ساڳئي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، ته علم، ادب ۽ اخلاق جا واهڙ وهائي ڇڏيائين. پري پري جا پياسي هتان اُڃ اُجهائي ويا.

ليونگ سرٽيفيڪيٽ امتحان (فائنل امتحان) زنده هو. شاگرد ست درجا پڙهي وري پورو هڪ سال اهڙي امتحان جي تياري ڪندا هئا. سائين خدا بخش مرحوم کان اڳ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد انهيءَ منزل تي پهچي پاس ٿيا هئا.

مگر سائينءَ علم جي ديگ چاڙهي ڇڏي هئي. سوين شاگرد انهيءَ مان ٻه ڦَڪَ ڀري روزگار سان لڳا هئا. ڏهن سالن ۾ هڪ سؤ چاليهه شاگرد سائينءَ کان سکيا وٺي اڳتي وڌي ويا. ۽ هيءَ ڳالهه به حيرت جهڙي هئي، ته جيڪي به ۽ جيترا به شاگرد فائنل امتحان ۾ ويهندا هئا، ته سڀئي پاس ٿيندا هئا. اهو سائينءَ جو رڪارڊ هو.

سموري زندگي پنهنجي ڳوٺ مرزاپور جي اسڪول ۾ رهيو. اهو به هڪ رڪارڊ هو. ڪڏهن به اسڪول اندر فرض کان هڪ گهڙي به غافل نه رهيو. ٻن پيرن تي بيهي تعليم ڏنائين. واه سائين واه! شال جنت ۾ هُوندين منهنجا سائين!

ٻارو! ماستريءَ جي نوڪري جيڪڏهن ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪبي ته پوءِ اها ڄڻ عبادت ٿي ويندي. هونءَ، ته ورهاڱي کان اڳ وارا ماستر صاحب سڀ سچار ۽ ايماندار هئا. مگر سائين خدا بخش مرحوم جو مثال لڀڻ مشڪل هو. مان ته ڇا مگر تعلقي ڳڙهي ياسين جا وڻ به شاهدي ڏيندا ته سائينءَ جهڙو محنتي ۽ مانائتو استاد وري ٻيو نه ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com