سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل/ مئي 1992ع

باب: --

صفحو :6

مرتضيٰ گوهر صالحاڻي اڄڻ

هُنري تعليم ۽ اڄ جو نوجوان

اسان جي موجوده معاشري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد، سرڪاري يا نيم سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ آهي پر علم پرائڻ جي معنيٰ اها نه آهي. علم جي معنيٰ ڄاڻ. ڄاڻ مان مراد لکڻ پڙهڻ جي ڄاڻ، تاريخ، سائنس، سماجي نظام، وڻج واپار جي ڄاڻ اچي وڃي ٿي. اسان وٽ پڙهڻ براءِ نوڪري انگريزن جي دؤر ۾ شروع ٿيو. انگريزن حڪومت هلائڻ لاءِ دفتري نظام قائم ڪيو. ان لاءِ کين پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ضرورت هئي، پڙهيل ماڻهن جي گهٽ تعداد هئڻ ڪري سڀني کي سٺين نوڪرين تي رکيو ويو ۽ وڌيڪ پڙهيل ماڻهن جي ضرورت جي پيش نظر اسڪول قائم ڪيا ويا جتي مقامي زبان سان گڏ انگريزي پڻ پڙهائي ويندي هئي. هر پڙهندڙ کي نوڪري آساني سان ملي ويندي هئي علم حاصل ڪرڻ سان بيشمار فائدن سان گڏ روزگار آسان ٿيڻ ڪري هر ماڻهو تعليم حاصل ڪري نوڪري جو طلب گار ٿيو ۽ آخر اڄ جو دؤر آيو آهي جو بيروزگارن جي مناسبت سان روزگار جا ذريعا گهٽ آهن، آبادي روز بروز وڌي رهي آهي ملڪن ۽ دنيا جي حد بندين ۽ ڪاروباري پاليسين ڪري بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي.

تعليم حاصل ڪندڙ هر شخص جي دلي خواهش آهي ته تعليم پوري ڪرڻ تي کيس سٺي نوڪري ملي جنهن ڪري سٺو روزگار حاصل ٿئي. بيروزگاري جي هن عالم ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي، ملڪي، بين الاقوامي حالتن جي پيش نظر اسان جي تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد ڪيترو نه محدود ٿي ويو آهي، اسان نوڪر ٿيڻ لاءِ پريشان آهيون ۽ نه مالڪ ٿيڻ لاءِ.

ڇا اسان صرف ڪلارڪ، پٽيوالا چوڪيدار استاد، آفيسر جي نالي ۾ مُنڇي يا ڪمدار ٿيڻ لاءِ علم حاصل ڪري رهيا آهيون.

اسان کي علم جي ڄاڻ سٺي طرح حاصل ڪرڻ گهرجي جيئن پنهنجو سماجي ڪردار احسن نموني ادا ڪري سگهون. زندگي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهون. علم جي هر شاخ تي دسترس هئڻ گهرجي، ضروريات زندگي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي نوڪري بجاءِ يا ان سان گڏ ٻيو متبادل ڳولڻ گهرجي! اهو آهي فني يا هنري تعليم جديد ٽيڪنيڪل ڪمپيوٽرائيزڊ ۽ تيز رفتار آٽوميٽڪ مشين جي استعمال سبب ۽ وڌندڙ آبادي ڪري نوڪرين جو اهو حال آهي ته اميدوار گهڻا نوڪريون گهٽ، روزگار جي وسيلن جي گهٽ هئڻ ڪري بيروزگاري، بيڪاري، اسان جي حاصل ڪيل ڊگرين جي اهميت پڻ بيڪار فاجائي سواءِ پريڪيٽيڪل ٽيڪنيڪل ورڪ وارين ڊگرين جي.

ڇو ته ان وقت جڏهن اسان کي ڊگرين سان گڏ هنرن جي ڄاڻ هوندي ته اسان ڪامياب زندگي لاءِ روزگار جو وسيلو پنهنجي ”فني يا هنري ڪم“ کي بنائينداسين. هر ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ته روزگار جا وسيلا روز بروز محدود ٿي رهيا هجن ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورتن آهر اسان کي نون هُنرن ۽ هُنري تعليم طرف توجه ڏيڻ گهرجي ڇو ته تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ، نوڪري نه ملڻ جي صورت ۾ پنهنجي سکيل هنر وسيلي روزگار حاصل ڪري سگهجي ٿو؟.

بيروزگاري جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت پڻ ”هُنري تعليم“ جو منصوبو رٿيو آهي. جنهن مان اسان کي فائدو وٺڻ گهرجي مثلا ٽيڪنيڪل ڪاليج، مين پاور ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ووڪيشنل سينٽر وغيره وغيره.

تعليم سان گڏ پاڻ ۽ پنهنجي ننڍن ڀائرن، دوستن کي هنري تعليم ۽ هُنرن جي سکيا تي توجه ڏيڻ جي اهميت سمجهائڻ گهرجي، ڇو ته هميشہ اهي قومون مقابلي ۾ سگهاريون هونديون آهن جن وٽ روزگار جا ذريعه هوندا آهن.

نوڪري به روزگار جو هڪ ذريعو آهي پر پنهنجو ڪاروبار ڄڻ حڪومت آهي ڪاروبار ۾ ڪا پابندي نه آهي چاهي هڪ شهر ۾ ڪري يا ڏهن ۾، هڪ ملڪ ۾ ڪري يا پوري دنيا ۾ هرڪو اهليت آهر ميدان ۾ ويٺو آهي.

هنرن ۾ تعليم سان گڏ، ٽائيپنگ، ڪمپيوٽر ورڪ، بجلي جو ڪم، بُوڪ بائينڊنگ، مشنري جي مرمت، پئراميڊيڪل، ڊرائيونگ، ريڊيو، ٽي وي ميڪنڪ وغيره يعني هر اهو ڪم جنهن جي سکڻ جو موقعو هجي ۽ ان جي معاشري ۾ اهميت هجي.

تعليم سان گڏوگڏ هنر سکڻ ڪري، سکيل هنر ڪجهه وقت کان پوءِ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا آهن. ته مشيني زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي استعمال ۽ سنڀال ۾ پڻ مدد ملندي، جيئن استعمال ۾ ايندڙ موٽر سائيڪل کي رِپيئر ڪرڻ ۾ ٻين کي تڪليف ايندي پر جيڪڏهن هڪ شخص ان جي هُنر جي ڄاڻ رکندڙ هوندو ته آساني سان ان جي ريپئرنگ ڪندو اهڙي طرح ٻين جي محتاجي ۽ پئسي جي خرچ کان بچاءُ ٿي ويندو.

ٻين هنرن مان به ڪافي فائدا آهن جيڪڏهن اسان ويچار ڪنداسين ته اسان کي هي زندگيءَ به هنرمندي جو هڪ نمونو نظر ايندي جيڪا ڪيترن ئي هُنرن جي ڄاڻ تي مبني آهي.

ايم- اياز جوکيو مالماڙي

همت مردان مدد خدا

روز جيان صبح جي سج پنهنجي ڪرڻن جي نور جي جلوي سان جهان کي جرڪائي ڇڏيو هو. ننڍڙو صادق جنهن جي چهري تي معصوميت جو اولڙو هو. سندس ننڍڙن ڪومل جذبن ۾ انيڪ خيالات شامل آهن، هو سوچن جي سمنڊ ۾ غرق، ٿيلهو ڪڇ ۾ ڪندي، واريءَ تي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندو روز جيان هلندو رهي ٿو. سندس جذبا سنڌوءَ جي ڇوليءَ جيان ڇوليون کائي رهيا هئا. هو سوچي رهيو آهي ته مان محنت سان پڙهي، ڏونگر ڏاري، مشڪلاتن کي منهن ڏيئي هڪ ڏينهن ضرور ڊاڪٽر ٿيندس ۽ پنهنجي ڏتڙيل قوم، جي مارو ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪندس. اهي پهه پچائيندو اسڪول جي ويجهو پهچي ٿو. ۽ اسڪول جي گهنٽيءَ جو آواز سندس ڪن تي پوي ٿو. هو سوچن جي اٿاهه سمنڊ مان پار ٿي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو اچي ڊيسڪ تي ويهي ٿو ۽ ڪتاب کولي سبق ياد ڪرڻ لڳي ٿو. ڪافي ڏينهن کان هو انهيءَ عزم ۽ ارادي سان محنت ڪري رهيو هو ته مان محنت سان پڙهي ڊاڪٽر ٿيندس ۽ قوم جي خدمت ڪندس. سندس انهيءَ اٽل ارادي، ۽ محنت رنگ لاتو ۽ اڄ کيس محنت جي موڙي ملي يعني کيس انعام ۽ اڪرام سان نوازيو ويو. انهن انعامن اڄ سندس راهه ۾ پيل سمورين رڪاوٽن کي دور ڪرڻ جو عزم ۽ حوصلو عطا ڪيو. اڄ سندس معصوم چهري تي مرڪ هئي ۽ هو موڪل جو انتظار ڪرڻ لڳو. انهيءَ لاءِ ته جيئن، کيس جيڪا محنت جي موڙي ملي، اها امان جيجل کي ڏيکاري داد حاصل ڪيان. اڃان اهوئي سوچي پيو ته موڪل جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ هو اسڪول کان نڪري گهر ڏي راهي ٿيو. ساڳئي رستي تان تيز وکون کڻندي گهر پهتو پري کان ماءُ کي ڏسي چوڻ لڳو ”امان، او امان ڏس مون کي انعام مليو آهي ۽ مان اڃان به وڌيڪ محنت ڪري ڊاڪٽر ٿي ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪندس.“

صادق جي ماءُ پنهنجي ٻچڙي جي اهڙن ٻولن تي خوش ٿي کيس ڳراٺڙي پائي، پيار ۽ پاٻوهه سان سندس ڳل تي چميون ڏيڻ لڳي. ۽ کيس چوڻ لڳي ها پٽ دل لڳائي پڙهه الله توکي ضرور ڪامياب ڪندو.

ٻارو، اها ته حقيقت آهي ته وقت ڪنهنجون واتون ناهي ڏسندو، سو وقت جو چرخو گذرندو رهيو، هفتا، مهينا ۽ سال گذرندا رهيا. صادق محنت سان پنهنجي ڪيل ارادي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ جفاڪشي ڪندو رهيو.

جيئن ته محنت ڪنهنجي به اجائي نه ويندي آهي. اڄ صادق خوش هو. ڇاڪاڻ ته سندس محنت ۽ ارادي رنگ لاتو ۽ سندس مستقبل روشن ڏيئي جيان جرڪڻ لڳو ڇاڪاڻ ته اڄ هن پنهنجي منزل ماڻ ۽ هن ڊاڪٽريءَ جي امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. اهڙن سهڻن نمبرن ۾ پاس ٿيڻ ڪري کيس جلدئي گورنمينٽ جي نوڪري ملي ويئي. اڄ صادق نه پر هو ڊاڪٽر صادق بڻجي ويو آهي. هو غريبن جو گولو آهي ۽ نهايت سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان غريبن جي خدمت ڪري رهيو آهي!....

ٻارو، توهان به صادق وانگر هميشہ هر ڪم کي توڙ نڀائڻ لاءِ اٽل ارادو ڪري پوءِ قدم وڌايو جيئن چوندا ناهن ته ”همتِ مردان مددِ خدا“ پوءِ ان ۾ الله به اوهان جي مدد ڪندو.


 

عاشق جوکيو

ايمانداريءَ جو سلو

هڪ ڳوٺ ۾ اسلم نالي هڪ هاري رهندو هو. جيڪو تمام غريب هوندو هو. هن کي هڪ سليم نالي پٽ هوندو هو. جڏهن سليم ڇهن سالن جو ٿيو ته هن کي پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو.

سليم هڪ تمام نيڪ ۽ سلڇڻو ڇوڪرو هو، سڄي ڪلاس ۾ هن کان وڌيڪ پڙهائي ۾ ڪوبه هوشيار نه هو. هو سڄي ڪلاس جو مانيٽر پڻ هو. هو صبح جو سوير اٿي فجر جي نماز پڙهي تلاوت ڪلام پاڪ ڪري پوءِ ناشتو ڪرڻ بعد گهر جي سڀني وڏن کي سلام ڪري اسڪول ويندو هو. هن کي دين سان به ڏاڍي محبت هئي. ۽ پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو ۽ پنهنجي پاڙي وارن سان سٺي اخلاق ۽ محبت سان ڳالهائيندو هو. ان ڪري هن ڳوٺ جا ماڻهو کيس تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. سليم جو جڏهن به امتحان ٿيندو هو ته ان ۾ هي پهريون نمبر ايندو هو تنهن ڪري هن کي وڌيڪ استاد توڙي مائٽ مٽ هر وقت پيار ڪندا هئا.

سندس پهرئين نمبر اچڻ تي ٻيا ڇوڪرا سڙندا هئا، پر هي انهن کي نه ليکيندو هو، سندس پيءُ ۽ ماءُ هن کي سٺيون نصيحتون ڪندا هئا ته پٽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو ڪجانءِ سدائين سچ ڳالهائيندو ڪجانءِ. پنهنجي پڙهائي ۾ ڌيان رکجانءِ، ننڍن وڏن جو ادب ڪجانءِ جيڪو برائي ڪري ان سان تون چڱائي ڪجان. هي پنهنجي پيءُ ماءُ جي ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندو هو.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته سليم جڏهن اسڪول مان پڙهي واپس گهر پئي ويو ته هن واٽ تان هڪ سؤ روپين جو نوٽ لڌو. هن جي ننڍڙي دماغ ۾ گهڻائي خيال اچڻ لڳا ته بازار وڃي شيءِ وٺان بوٽ وٺان يا ٻيو ڪجهه بهرحال اوچتو هن جي دماغ ۾ سندس پيءُ ماءُ جون نصيحتون ياد اچي ويون ۽ پوءِ هيءُ سڌو واپس اسڪول ۾ هيڊ ماستر وٽ ويو.

هيڊ ماستر کي سڄو حال ٻڌائي، سؤ روپيا ڏنائين ته سائين مون هي رستي تان لڌا آهن، تنهن تي هيڊ ماستر هن جي ايمانداري ۽ سچائي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ اهو پڻ چيائين ته جيڪڏهن تو جهڙا ٻار هوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به معاشرو خراب نه ٿيندو ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. ٻئي ڏينهن صبح جو اسيمبليءَ ۾ سڀني شاگردن کي سليم جي ايمانداري جو هيڊ ماستر ٻڌايو ۽ چيائين ته هي سؤ روپيا ڪالهه واٽ تان سليم لڌا آهن جنهن جا به هجن سو وٺي وڃي. تنهن تي هڪ ڇوڪر چيو ته سائين اهي منهنجا ڪالهه رستي تي ڪري پيا هئا، جڏهن آءٌ گهر ويس ته ڪتابن ۾ ڏٺم ته سؤ روپيا ڪونه آهن اهي سؤ روپيا بابا سائين مون کي ڪتابن لاءِ ڏنا هئا ۽ پوءِ هيڊ ماستر اهي پئسا ان ڇوڪري کي ڏنا، سڀئي استاد توڙي شاگرد ۽ جيڪي شاگرد سليم سان سڙندا هئا. اهي سليم جي ايمانداري ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ پاڻ به اهو احد ڪيائون ته اسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائينداسين ۽ پوءِ سليم کي هيڊ ماستر ان جي ايمانداري جي ڪري هن کي 50 روپيا انعام ڏنو ۽ هي پنجاهه (50) روپيا وٺي آفيس کان ٻاهر آيو ته اهي ڇوڪرا جيڪي سليم سان سڙندا هئا. اهي سليم جي ايمانداري ڏسي تمام گهڻا خوش ٿيا ۽ سليم کي چيائون ته دوست اسان کي معاف ڪر ۽ پوءِ سليم انهن کي معاف ڪيو ۽ پوءِ سليم جا سٺا  دوست ٿيڻ لڳا. سليم پوءِ خوشيءَ ۾ سڌو گهر آيو ۽ پنهنجي ايمانداريءَ جي ڳالهه پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ٻڌايائين ۽ پنجاهه روپيا پڻ انهن کي ڏنائين هن جا پيءُ ۽ ماءُ هن جي ايمانداري ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پنجاهه روپين مان ڪجهه ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏنائون.

احسان علي سومرو

سُسِتي

هڪ ڇوڪرو تمام سُسِت ۽ ڪاهل هو. سندس پيءُ کيس اسڪول پڙهڻ لاءِ موڪليندو هو ۽ هو جڏهن اسڪول کان گهر موٽندو هو ته پنهنجا ڪتاب پنهنجي ڀائرن کي ڏيئي ڇڏيندو هو ۽ جيڪو اسڪول ۾ ڪم ٿيندو هو، سو اهو ڪم به پاڻ ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. سڄو اسڪول جو ڪم پنهنجي دوستن کان ڪرائيندو هو. ۽ هو ڪم نه ڪرڻ جي ڪري ڪيترا ڀيرا فيل ٿي پيو ۽ فيل هئڻ جي ڪري ان جي دل نه چاهيندي هئي جو هو اسڪول وڃي پوءِ خراب ڇوڪرن جي دوستي ۾ اچي ويو ۽ خراب ڇوڪرن سان رلندو ڦرندو رهيو، آخر هن جا ڀاءُ سڀ پڙهيا لکيا ٿي ويا ۽ هي اڻ پڙهيو رهجي ويو. پوءِ هن جي پيءُ هن کي چيو ته تون پڙهي نه سگهئين هاڻي ڇا ڪندين، ڇوڪري چيو مون کي زمين جو ڪجهه حصو ڏيو ته مان ٻني پوکيندس پيءُ هن کي زمين جو ڪجهه حصو ڏنو. جڏهن ڇوڪرو ٻني تي هر وهڻ ويو ته ڇوڪرو ٻني کي ڏسي سوچڻ لڳو ته مان ايتري ٻني ڪيئن پوکي سگهندس ايتري ۾ پکين جو بادشاهه به اچي ويو ۽ انهيءَ ڇوڪري، پکين جي بادشاهه کي سڄي ڳاله ٻڌائي پکين جي بادشاهه چيو، تون نه گهٻراءِ مان تنهنجي مدد لاءِ پنج هزار پکي ٿو موڪليان.

پکين جو بادشاهه اهو چئي هليو ويو ڪجهه دير کان پوءِ پنج هزار پکين جو لشڪر اچي گڏ ٿيو ۽ ان ڇوڪري کي سموري ٻني ٿوري دير ۾ کيڙي ڏنائون، جڏهن ٻني کيڙجي وئي ته ڇوڪرو وري ڪجهه سوچڻ لڳو ته هاڻي مان ايتري ٻني ۾ ٻج ڪيئن پوکي سگهندس. وري پکين جو بادشاهه اچي ويو وري ساڳي حقيقت ڇوڪري پکين جي بادشاهه کي ٻڌائي پکين جي بادشاهه ڇوڪري کي چيو ته مان تنهنجي مدد لاءِ ڏهه هزار پکي موڪليان ٿو. پکين جو بادشاهه اهو چئي هليو ويو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ڏهه هزار پکي آيا ۽ هر پکي پنهنجي چهنب ۾ ٻج کڻي ٻني ۾ اُڇلڻ لڳو ۽ ان جي ٻني سموري پوکجي وئي. جڏهن فصل تيار ٿيو ته ڇوڪرو وري ڪجهه سوچڻ لڳو ته وري پکين جو بادشاهه اچي ويو. ڇوڪري سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي پکين جي بادشاهه ان ڇوڪري کي چيو ته مان تنهنجي مدد لاءِ پنجاهه هزار پکي موڪليان ٿو. ٿوري دير ۾ پنجاهه هزار پکي اچي ويا ۽ ڇوڪري جي فصل کي لڻڻ لڳا ۽ سڀن پکين فصل لُڻي ان مان داڻا ڪڍي کائڻ لڳا ته ڇوڪرو انهن پکين کي داڻا کائيندي ڏسندو رهيو ۽ ڇوڪرو پنهنجي سُسِتيءَ تي ڏاڍو شرمندو ٿيو.

پيارو ٻارو: توهان ڏٺو ته ڇوڪرو پنهنجي انهيءَ سُسِتي ڏاڍو شرمندو ٿيو. پيارا ٻارو! توهان کي سُسِت نه پر چُست ٿيڻ گهرجي.

بشارت اليات جوکيو

ڳالهيون موتين جهڙيون

·       جيڪو ماڻهو ڪنهن ظالم کي ظلم ڄاڻڻ کان پوءِ به ساٿ ڏي اهو دين مان نڪري ويو. (پاڻ سڳورا صلعم)

·       ڳالهه جي جانچ ڪريو ۽ ڳالهائيندڙ طرف ڌيان نه ڏيو ته اُهو ڪير آهي. (حضرت علي ڪرم الله وجهہ)

·       جيڪڏهن اوهان سکڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي هرهڪ غلطي اوهان جو سبق آهي. (ارسطو)

·       زندگي کاڻ مان لڌل موتي آهي. ان کي جوڙڻ ۽ مڙهڻ اوهان جو ڪم آهي. (برنارڊشا)

·       منهنجي عظمت جو حاصلو اهو آهي ته آءٌ پنهنجي جهالت کان باخبر ٿيس. (سقراط)

عبدالجبار ”عبد“

نِم جي وڻ جي زباني

آءٌ پهريائين نِموري جي شڪل ۾ هوس، ته هڪ ڪانو اچي مون کي کاڌو ۽ آءٌ ڪانوَ جي پيٽ ۾ هلي ويس، ٿوري دير کان پوءِ، ان ڪانو وٺ لاٿي. ان وِٺ سان گڏ آءٌ به ڪانو جي پيٽ مان ٻاهر نڪري آيس، پر منهنجو ماس ختم ٿي چڪو هو ۽ فقط گوري جي شڪل ۾ هئس!! اتي منهنجي مٿان مٽيءَ جا تهه ڄمي ويا! ڪجهه وقت کان پوءِ مينهن وٺو ۽ ڌرتي مينهن جي پاڻيءَ سان سيراب ٿي. نتيجي ۾ آءٌ به هڪ سلي جي صورت ۾ زمين کان ٻاهر نڪتس. ستت ئي مون مان گؤنچ ڦٽا ۽ ٽاريون نڪتيون ۽ پن ڄميا! آهستي آهستي آءٌ وڌي وڏو وڻ ٿيس.

ماڻهو مون کي ”نم جو وڻ“ سڏڻ لڳا. خبر اٿو ته مان ڪيڏو نه ڪارائتو آهيان. ماڻهو منهنجا ڏندڻ پٽي انهن سان پنهنجا ڏند صاف ڪندا آهن. توهان کي مسجدن اندر منهنجا ڏندڻ ضرور نظر ايندا. ڇاڪاڻ ته نمازي اڳ ۾ منهنجي ڏندڻ سان ڏند صاف ڪندا آهن ۽ پوءِ وضو ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڏندڻ ڪرڻ سنت نبوي آهي. منهنجي ڇانو به ڏاڍي گهاٽي، ٿڌڙي ۽ دلپسند آهي. ان ڪري ماڻهو منهنجي ڇانو ۾ ويهڻ پسند ڪندا آهن.

اهوئي سبب آهي، جو امڙ ايلسا قاضيءَ به منهنجي تعريف ۾ هڪ انگريزي نظم لکيو هو. منهنجو ڇوڏو ۽ پن به ڏاڍا ڪارائتا آهن. جيڪي چمڙيءَ جي ڪيترين ئي بيمارين لاءِ مفيد آهن ۽ دوائن ٺاهڻ جي به ڪم اچن ٿا.

ڇوڪريون وري منهنجي نمورين مان گورا ڪڍي، انهن کي ڪٽِ، تيل ۾ ملائي وڏي شوق سان مٿي ۾ پائينديون آهن. ائين ڪرڻ سان انهن جون جُوئون به مريو وڃن ۽ سندن وار به ڊگها ۽ گهاٽا ٿين. منهنجو ڪاٺ به ڏاڍو مضبوط آهي، ان مان عمارتي سامان ۽ ٻيو فرنيچر به سهڻو ٺهندو آهي. منهنجي ڪاٺي جيئن ته ڪڙي آهي، ان ڪري مون کي گهڻو ڪري سرو به نه لڳي. ٻڪريون، اٺ ۽ ٻيا جانور منهنجا پن به شوق سان کائيندا آهن. آءٌ ٻارڻ جي به ڪم اچان. مطلب ته مان ڏاڍو ڪمائتو وڻ آهيان.

منهنجو هڪڙو دشمن به آهي. ان جو نالو آهي ”ڪهاڙو“ ڪهاڙو هونءَ ته منهنجو ڪجهه به نه بگاڙي سگهي. پر جڏهن منهنجو ئي ساٿي ڳن جي صورت ۾ ساڻس ملي ٿو ۽ انساني هٿ ان کي منهنجي مٿان زور سان هڻن (وهائين) ٿا، ته تڏهن آءٌ ٽڪر ٽڪر ٿيو وڃان!!

آءٌ جيئري ته انساذات ۽ ٻين ساهوارن جي ڪم اچان، پر موت کان پوءِ به عمارتي سامان ۽ ٻارڻ جي ڪم اچان ۽ صبر سان ڪهاڙي جا وار به سهندو اچان!!

ڏسو! مون وٽ ڪيڏو نه صبر آهي، جو برائي جو بدلو به ڀلائي ۾ ڏيان ٿو، تون اي انسان جا ٻچڙا! مون کان سبق سک ۽ برائي جو بدلو ڀلائي جي صورت ۾ ڏئي ۽ ٻين لاءِ پنهنجو تن، من ۽ ڌن قربان ڪري ڇڏ ته پوءِ ساري دنيا تنهنجا گيت ڳائيندي.

غلام مصطفيٰ سولنگي

ٻه ڀينر

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته برما ملڪ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ عورت رهندي هئي، جنهن کي ٻه ڌيئر هيون. وڏي ڌيءَ گستاخ، بخيل ۽ مطلبي هوندي هئي، تنهن هوندي به ماءُ هن کي تمام گهڻو چاهيندي هئي ۽ هر ڀيري هن جي پُٺڀرائي ڪندي هئي، ان جي برعڪس ننڍي ڌيءَ فرمانبردار، مهربان ۽ رحمدل هوندي هئي.

هڪ ڀيري ماءُ ننڍي ڌيءَ کي چيو ته کوهه تان پاڻي ڀري اچي. هن دِلا کنيا ۽ ڳوٺ کان ٻاهر واري کوهه تي هلي آئي، هوءَ اڃا کوهه مان پاڻي ڇِڪي رهي هئي ته اوچتو هڪ ٻُڍڙي عورت ظاهر ٿي ۽ چوڻ لڳي، ”ڌيءَ! مون کي پاڻي ڍُڪ پياريندينءَ؟“

ها، ها، ڇونه!“ ائين چئي هن پاڻيءَ جو ڏولُ ڀري پوڙهي عورت کي ڏنو.

پوڙهي عورت پاڻي پِي، ڍَءُ ڪيو ۽ چيائين، ”تون هڪ رحمدل ۽ سٻاجهي ڇوڪري آهين، هاڻي جڏهن به تون کلندينءَ ته تنهنجي وات مان موتي نڪرندا!“ ائين چئي پوڙهي عورت هَلي وئي ۽ پوءِ جڏهن هوءَ کلندي هئي ته هن جي وات مان موتي نڪرندا هئا، ان ڪري هڪ ڀيري ماءُ ننڍي ڌيءَ کي چيو ته کوهه تان پاڻي ڀري اچي. هن دِلا کنيا ۽ ڳوٺ کان ٻاهر واري کوهه تي هلي آئي، هوءَ اڃا کوهه مان پاڻي ڇِڪي رهي هئي ته اوچتو هڪ ٻُڍڙي عورت ظاهر ٿي ۽ چوڻ لڳي، “ڌي!“ مون کي پاڻي ڍُڪ پياريندينءَ؟“

”ها ها، ڇو نه!“ ائين چئي هن پاڻيءَ جو ڏولُ ڀري پوڙهي عورت کي ڏنو.

پوڙهي عورت پاڻي پِي، ڍَءُ ڪيو ۽ چيائين، ”تون هڪ رحمدل ۽ سٻاجهي ڇوڪري آهين، هاڻي جڏهن به تون کلندينءَ ته تنهنجي وات مان موتي نڪرندا!“ ائين چئي پوڙهي عورت هَلي وئي ۽ پوءِ جڏهن هوءَ کلندي هئي ته هن جي وات مان موتي نڪرندا هئا، ان ڪري سڀئي ماڻهو هن کي  ”موتي“ جي نالي سان سڏيندا هئا.

هڪ هفتي کان پوءِ جڏهن وڏي ڀيڻ جو پاڻي ڀرڻ جو وارو آيو ته هوءَ کوهه تي اچي وئي ۽ پاڻي ڀرڻ لڳي. ايتري ۾ اها پوڙهي عورت ظاهر ٿي ۽ کيس چيائين،“ ڌيءَ! مون کي پاڻي ڍُڪ پياريندينءَ؟

هوءَ ڪاوڙ ۾ ڀَرجي وئي ۽ رڙ ڪندي چيائين. ”ٽَري وڃ هتان! ڪونهي پاڻي مون وٽ مان گنديءَ عورت کي پاڻي جو هڪ قطرو به نه ڏيندس.“

گندي عورت جو لفظ ٻڌندي ئي اها پوڙهي عورت هڪ خوبصورت پريءَ جي روپ ۾ اچي وئي ۽ هي لفظ چئي اُڏامي وئي،“ تون هڪ خود غرض، گستاخ ۽ ظالم ڇوڪري آهين. هاڻي جڏهن به تون کلندينءَ ته تنهنجي وات مان ڏيڏر نڪرندا،“

.... ۽ ائين ئي ٿيو، هوءَ جڏهن به کلندي هئي ته هن جي وات مان ڏيڏر نڪرندا هئا. تنهنڪري سڀئي ٻار هن کي چيڙائيندا هئا ۽ ڏيڏري جي نالي سان سڏيندا هئا.

عبدالله ”عاصم“ سومرو

عبرتناڪ سزا

شام ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو، جيڪو ڏاڍو رحمدل هو. تنهنڪري عوام ان کان تمام گهڻو خوش هئي.

هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي وزير، سپاهين سان گڏ پنهنجي شاهي سواريءَ تي سوار ٿي شڪار جي ارادي سان وڃي رهيو هو ته اوچتو هڪ ڀتر اچي هن جي مٿي ۾ لڳو، جنهنڪري بادشاهه ڪجهه پريشان ٿي ويو ۽ اتي ڪجهه وقت لاءِ سواريءَ کي رڪجڻ جو حڪم ڪيائين.

ويجهو ئي هڪ انب جو وڻ هو، جنهن جي هيٺان هڪ ڇوڪرو بيٺو هو جيڪو بار بار هڪ ڀتر وڻ کي هڻي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان وڻ منجهان ٻه مٺا پڪل انب هيٺ ڪِرن پيا، ڇوڪرو اهو عمل بار بار دهرائي رهيو هو، بادشاهه اهو نظارو ڏسي رهيو هو ته چند سپاهي ڇوڪري کي پڪڙي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا ڇوڪرو ڀؤ کان ڏڪڻ لڳو.

بادشاهه وزير کان پڇيو ته ”هن ڇوڪري کي ڪهڙي سزا ڏني وڃي؟“ وزير وراڻيو ته هن جي ايڏي بدتميزي تي هن کي قتل ڪيو وڃي تنهن تي سپاهين چيو ته نه- هن کي ڪوڙا لڳايا وڃن. ان تي بادشاهه چوڻ لڳو ته ان کان ڀلو آهي ته ڇو نه هن کي انعام سان نوازيو وڃي.

وزير ۽ سپاهي وائڙا ٿي ويا ڇو ته حقيقت ۾ ڇوڪري جي ان گستاخي تي ان کي سزا ملڻ کپي ها، مگر هن کي ته انعام سان نوازيو پئي ويو.

بادشاهه هنن جي منهن مان سواليه نظرون ڏسي چوڻ لڳو

”جڏهن هڪ انب جو وڻ ئي ڀتر لڳڻ سان ٻه مِٺا انب ڏئي ٿو مان ته اشرف المخلوقات آهيان مون کي اها ڳالهه زيب نه ٿي ڏئي جو مان ان کي سزا ڏيان.“

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي بادشاهه پنهنجي خزاني واري وزير کي حڪم ڪيو ته هن جي جهولي کي اشرفين سان ڀريو وڃي تنهن تي بادشاهه جي حڪم جي تعميل ڪئي ويئي.

بادشاهه جي اها عبرتناڪ سزا ٻڌي ڇوڪرو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ بادشاهه کي ڍير ساريون دعائون ڏيندو رهيو.

نتيجو رنگ ڀريو

هن ڀيري به سمورا چتر محترم  طارق عالم ڏٺا، پهريون نمبر آيو 1- محمد اڪرم جوڳي ڳوٺ ڪيهر ضلع لاڙڪاڻو 2- ثمينه گل ميمڻ هالا نوان 3- عزيزالله پليجو جنگ شاهي 4- محمد عمر پنوهر مٺياڻي 5- آصف ابڙو ڏوڪري 6- ڪميل رضا ميمڻ نواب شاهه 7- علي اڪبر لغاري ڳوٺ بخشو لغاري 8- طالب علي شيخ صوڀو ديرو 9- اي. ايس نظاماڻي ٽنڊو سومرو 10- ڪرم الله تنيو 11- ذوهيب علي سهتو هالاڻي 12- عطا محمد ڇڄڙو 13- غلام رسول منگي داد لغاري 14- اي. ڊي ماٽي 15- ساگر ماٽي 16- ساگر عبدالحئي نائچ قاسم آباد 17- محمد نوح درس ڍليار 17- کٿور احمد پتافي 18- محمد بخش نواز مٺياڻي 19- سرون ڪمار خانپور مهر 20- حبيب الله تنيو نصيرآباد 21- اظهر حسين راڌڻ 22- غلام حسين جوکيو ٺٽو 23- اسد الله خاصخيلي ڏوڪري 24- جاويد احمد ڀٽي نواب شاهه 25- ممتاز احمد مهر ٻيرڙي 26- اشرف علي ملاڻو ڳوٺ حاجي فاضل ملاڻو 27- غلام شبير جوڳي لاڙڪاڻو 28- صدرالدين لنڊ ڳوٺ حاجي محمد بخش لنڊ 29- محمد بخش سومرو ڏهرڪي 30- اطهر علي ملڪ هنڱورجا 31- سڌير مل اوڏ ڏوڪري 32- مهيش ڪمار آڏواڻي ميرپور ماٿيلو 33- نصير حسين مير جت خيرپور ميرس 34- فيصل احمد ٺٽو 35- عبدالستار لغاري داد لغاري 36- نارائڻ کيمچند آڏواڻي سجاول 37- پورڻ داس داد لغاري 38- علي رضا قريشي ٺٽو 39- جسارت حسين ڀٽي لوهي شريف 40- شهمير علي ڪنڀر ڏوڪري 41- عبدالغفار سومرو لاڙڪاڻو 42- عائشه امبرين ميهڙ 43- سجاد حسين ڳوٺ غلام محمد 44- حاڪم علي ڪليري لوهي شريف 45- مقبول احمد ميمڻ ٺٽو 46- الهرکيو سومرو ڇاندڻ شريف 47- خالد حسين محراب خان سهرياڻي 48- غلام رسول مير احسان واهڻ 49- منير احمد لغاري مير محمد لغاري 50- عبدالحميد سومرو ڏهرڪي 51- فدا حسين بلوچ ميهڙ 52- منظور احمد ڀٽو ڏهرڪي 53- الطاف احمد مهڙ نواب شاهه 54- ملڪ فيض محمد تنيا بقا شاهه 55- محمد پريل گاڏهي ڪي- اين شاهه 56- رضا محمد مڪلي 57- عبدالغفور ميمڻ ٺٽو 58- زاهده پروين مٽياري 59- محمد عباس ٺٽو 60- شاهده ڀٽو هالا نوان 61- شڪيل احمد قاضي ٺٽو 62- محمد مراد جويو وارهه 63- فقير مولا بخش مهر راڻو مهر 64- عبدالستار لغاري داد لغاري 65- محمد رفيق وارهه 66- ثناء الله پليجو جنگ شاهي 67- خليل احمد ڊگهه گهوٽڪي 68- غلام قادر لغاري تلهار 69- غزالا پارس چنڙ نواب شاهه 70- محمد رضا خاصخيلي باقر خان نظاماڻي 71- ذيشان ٽالپر ٽنڊو ڄام 72- قائم دين لغاري سانگهڙ 73- لعل محمد سريوال ڳوٺ غلام حيدر سريوال 74- ڪاشف حسين سومرو شڪارپور 75- نويد احمد مورياڻي نئون ڪوٽ 76- ديوان ڪشنچند ڇتو ماڌاراڻي 77- امدا علي 78- بشير احمد ميمڻ ٺٽو 79- عرفان علي ڳوٺ محمد شريف آرائين 80- وفا حاجي گبول ڳوٺ رسول بخش گبول 81- نثار احمد جمالي تلهار 82- آر. ڪي سنڌي سانگهڙ 83- منظور احمد پيرزادو ڏهرڪي 84- غلام مجتبيٰ ڏهرڪي 85- قبول احمد گبول ڳڙهي چاڪر 86- عبدالحڪيم ڳوٺ ڀٽي 87- نديم الرحمان شيخ مٺياڻي 88- محمد حسن ٻگهيو ڳوٺ پٺاڻ 89- ذوالفقار علي گاڏهي. ڪي. اين شاهه 90- گل بهار حسين ڪنڊيارو 91- ياسر خان قائم خاني ٽنڊو محمد خان 92- قربان ڪولاچي ماٿيلو 93- ساجد حسين لغاري مسڻ وڏي 94- شاهد حسين پريو تنيا 95- افضل حسن ڀنڀرو بڇيري 96- منظور احمد ڪولاچي ماٿيلو 97- شوڪت علي سولنگي نصيرآباد 98- ياسين عبدالقادر لغاري داد لغاري 99- سرفراز علي شيخ مٺياڻي 100- گرمک داس داد لغاري 101- خدا بخش ميمڻ ٺٽو 102- هريچند لعل ماتلي 103- عاشق حسين رند لقمان 104- غلام عباس مشوري ڏوڪري 105- محمد حنيف پلي ڍورو نارو 106- توفيق وارث ڳوٺ تنيا 107- وڪيو مل ڳوٺ ميوو خان ٽالپر 108- بهار علي خاصخيلي ڳوٺ سومرو خاصخيلي 109- محمد علي سومرو ٻيرڙي 110- سيد اڪرار عالم ماٿيلو 111- غضنفر ٻيرڙي 112- اياز احمد قريشي ٺٽو 113- عادل بخاري ٻيرڙي 114- غلام مصطفيٰ باگراڻي ڳوٺ محمد اسحاق باگراڻي 115- جاويد احمد رناڻي 116- محمد حاجن مهتم لوهي شريف 117- پرڪاش موٽلاڻي سکر 118- طارق حسين خشڪ شهداد ڪوٽ 119- راهب علي چنا ڳوٺ جروار 120- محمد صديق ملاح ٻيرڙي 121- سنگيتا ٻائي کپرو 122- محمد اڪرم اوٻاوڙو 123- عباس ڪلهوڙو محبت ديرو جتوئي 124- رضا محمد بروهي باقي خان نظاماڻي 125- آفتاب احمد پتافي چوهڙ پتافي 126- محمد عمر ڏيرو ملدسي 127- فريد احمد شيخ شهداد ڪوٽ 128- رئيس احمد ميمڻ شڪارپور 129- سيد علي رضا شاهه بخاري لاڙڪاڻو 130- حافظ عبدالوهاب انڍهڙ پنو عاقل 131- ذوالفقار علي لغاري ڪوڏو لغاري 132- نثار احمد موچي ڳوٺ جند وڏو موچي 133- علي اڪبر ڪليري لوهي شريف 134- محسن قيوم ابڙو ڏوڪري 135- مٺو مل مائيسري ڳوٺ گل حسن ناهيون 136- محمد رمضان ڀٽو ڏهرڪي 137- راجا سهيل شبير اعواڻ 138- قمبر علي لغاري ميرپورخاص 139- رياض احمد تنيو نصير آباد 140- شفيق احمد ڪانڌڙو نصيرآباد 141- وزير احمد دايو داد لغاري 142- آصف لاکو خيرپور ميرس 143- احمد علي سيال هالاڻي 144- ڪيول رام لوهي شريف 145- جاويد عرفان لاشاري نواب شاهه 146- ماجد حسين سنديلو ڏوڪري 147- پيشورام صوفي رام 148- ناظم علي ڦلپوٽو ڪرڙ خان ڦلپوٽو 149- مڪيش ڪمار ميرپور ماٿيلو 150- گل بهار لغاري ڪامارو شريف 151- مهمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو 152- احمد خان سومرو شهدادپور 153- قادر بخش سومرو وارهه 154- نور محمد شاهه بخاري بڪيرا شريف 155- غزل محمد شيخ لاڙڪاڻو 156- مهتاب چنڙ نواب شاهه 157- شڪيل احمد.

نتيجو اچو ته انگريزي سکون

(1) Foundry (2) Country (3) pound (4) Boundary (5) Hound (6) Wounded (7) Sound (8) Lounge (9) Mountain (10) Ground.

1- ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاهه 2- اي، ايس نظاماڻي ٽنڊو سومرو 3- قبول احمد گبول ڳڙهي چاڪر 4- سرون ڪمار خانپور مهر 5- ساگر ماٽي 6- سجاد علي ميمڻ گجو 7- سليم اڪبر ميمڻ هالا نوان 8- محمد سليمان لغاري ڳوٺ بخشو لغاري 9- حنيف پٺاڻ مٺياڻي 10- سليم اختر شيخ خيرپور ناٿن شاهه 11- احمد خان پٺاڻ نواب شاهه 13- امير حاڪم علي ڪليري لوهي شريف 14- محمد عمر پنوهر مٺياڻي 15- نور احمد جروار 16- غلام مجتبيٰ لاڙڪ نئون ڪوٽ 17- ساگر اعجاز قريشي مڪلي 18- عبدالفتاح سميجو ٺل 19- صفدر علي تنيو ڳوٺ تنيا 20- گل بهار تنيو پريو تنيا 21- ممتاز علي جهتيال راڌڻ اسٽيشن 22- غلام حسين تنيو ٺٽو 23- اختيار حسين پيرزادو هنڱورجا 24- احسان الاهي ميراڻي وڪڙو 25- ظهور احمد چنا فريد آباد 26- الهه وسايو سومرو ڇاندڻ شريف 27- ممتاز احمد ٻيرڙي 28- جسارت حسين ڀٽي لوهي شريف 29- جميل احمد ڀٽو باگو ڀٽو 30- شاهد حسين ڀٽو باگو ڀٽو 31- علي اصغر ڀٽي سوئي 32- خليل احمد کتري ٺٽو 33- آفتاب حسين موريو ڏوڪري 34- فيصل احمد سوداگر ٺٽو 35- آر. ڪي سنڌي سانگهڙ 36- غلام حسين جيسر ڏوڪري 37- چني لعل راڌڻ اسٽيشن 38- آصف مسعود پنوهر دادو 39- زاهد حسين تنيو ٻير شريف 40- بخت علي ڀٽي لوهي 41- اونڪار لال دولتاڻي ميرپور ماٿيلو 42- اعجاز ڪليري لوهي 43- سدورو لغاري داد لغاري 44- عبدالقادر لغاري داد لغاري 45- صوف لغاري داد لغاري 46- حبيب ابڙو باڊهه 47- سڌير ملاوڏ ڏوڪري 48- محمد ابراهيم خشڪ ٺٽو سيمنٽ فيڪٽري 49- محمد خان ٽالپر ڇتو مادراڻي 50- عبدالفتاح سميجو ٺل 51- نرجن لال جيسواڻي جروار 52- منير احمد مير جت خيرپور ميرس 53- منظور احمد ڀٽو ڏهرڪي 54- چندر لال مينگهواڙ ڇتو مادراڻي 55- ڪلثوم الطاف باگراڻي ڇتو مادراڻي 56- سڪندر علي ميمڻ ڄام شورو 57- علي اظهر قريشي ٺٽو 58- نانڪ رام جروار 59- پارس لطيف پنهور 60- عظميٰ پنهور 16- برکا پنهور ڄام شورو 62- سيد اسلم شاهه چوهڙ جمالي 63- گرمک داس مينگهواڙ داد لغاري 64- خالد حسين ممڀاڻي ٺٽو 65- قادر، ايس قاضي ڏوڪري 66- ساجد علي ممڀاڻي ٺٽو 67- اقبال عباسي ٺٽو 68- غلام مجتبيٰ مٽياري 69- عبدالمجيد ميمڻ مٽياري 70- محمد مراد جويو وارهه 71- محمد عباس اگهيم ٺٽو 72- عزيز الله پليجو جنگ شاهي 73- اياز لطيف جويو وارهه 74- ميوو خاصخيلي عظيم خاصخيلي 75- محمد اسلم نظاماڻي باقر خان نظاماڻي 76- مقبول احمد ميمڻ ٺٽو 77- نور احمد ٽالپر ڇتو مادراڻي 78- محبوب علي ڪيريو وڪڙو 79- اڪبر علي سومرو ٺارو شاهه 80- طارق حسين خشڪ شهداد ڪوٽ 81- انيش ڪمار جيسواڻي جروار 82- محمد اسحاق جويو ڏوڪري 83- وحيد الدين جوڻيجو ڏوڪري 84- اشوڪ ڪمار راڌڻ اسٽيشن 85- محمد حسن ٻگهيو ڳوٺ ٺلاهه 86- سرفراز علي شيخ مٺياڻي 87- ممتاز علي جانوري دڙو 88- پرڪاش لال ڇاندواني ڏوڪري 89- علي اصغر ارباب محمد ارباب کپرو 90- خرم انصاري خيرپور ميرس 91- نويد احمد مبشر نئون ڪوٽ 92- پرڪاش پربت موٽلاڻي ڳوٺ جروار 93- قربان ڪولاچي ماٿيلو 94- محمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو 95- عبدالحڪيم ڀٽي لوهي 96- برڪت علي گهنڃو گهوٽڪي 97- حافظ عبدالوهاب انڍهڙ سومراڻي 98- محمد پريل گاڏهي ڪي. اين شاهه 99- شاهه محمد چنا ٻيرڙي 100- ناظم علي ناز ڦلپوٽو ڳوٺ ڪرڙ خان ڦلپوٽو 101- هالار ميراني ڄام شورو 102- شاهد علي ميمڻ شڪارپور 103- مرڪ ڪونج عباسي محبت ديرو جتوئي 104- مختيار علي ميمڻ لاڙڪاڻو 105- مهتاب چنڙ نواب شاهه 106- زين العابدين ڪلوڙ چنگلاڻي 107- عمران عبدالهادي ميمڻ پيٽارو 108- محمد انور پنوهر دادو 109- شفقت محمود پتافي چوهڙ پتافي 110- مڪيش ڪمار ميرپور ماٿيلو 111- علي اڪبر ڪليري لوهي 112- افتخار احمد عباسي ڪراچي 113- نومي مختار عباسي ڪراچي 114- محمد رمضان ڀٽو ڏهرڪي 115- ثاقب محمد شيخ لاڙڪاڻُ 116- سيد شفقت حسين شاهه بخاري محبت ديرو جتوئي 117- امداد علي بوزدار مومل جي ماڙي 118- سيد اقرار عالم بخاري مومل جي ماڙي 119- غضنفر بخاري ٻيرڙي 120- فرمان علي سومرو ٻيرڙي 121- ذوهيب علي گهمرو پير جو ڳوٺ 122- نواب علي فاروقي جند وڏو موچي 123- فقير محمد ياسين تنيو پوسٽ تنيا 124- عبدالوحيد شيخ ڳاڙهي موري 125- محمد عامر شيخ سکر 126- سينگار علي ڀٽو محبت ديرو جتوئي 127- علي انور قريشي ٺٽو 128- ذوالفقار علي ڳورڙ ٿرڙي محبت 129- عبدالله عاصم سومرو مرزاپور 130- وحيد علي ٻگهيو فريد آباد 131- الهڏنو ڪلهوڙو ڳوٺ پريو تنيا 132- محمد رفيق ڇٽو وارهه 133- حاجي گبول ڳڙهي چاڪر 134- توفيق سهيل احمد ڪانڌڙو نصير آباد 135- سعيد فرح شيخ سکر 136- حضور بخش 137- لياقت علي چاچڙ پنو عاقل 138- اسد الله شاهه بخاري محبت ديرو جتوئي 139- پرويز علي ڀٽو محبت ديرو جتوئي 140- جميل احمد ڪنڀر محراب پور 141- محمد حاجن مهتم لوهي 142- فهد مختار عباسي لاڙڪاڻو 143- سنيل ڪمار پنجاني نصيرآباد 144- منصور احمد پيرزادو 145- پيشورام صوفي فقير 146- فياض احمد گهنڃو ڏهرڪي 147- شفيق الرحمان سومرو ٿرڙي محبت 148- فتح علي ڪلهوڙو ڀوري جا ڀاڻ 149- عابده جسڪاڻي جوهي 150- سمون انيلا احسان راڌڻائي 151- تاج الملوڪ منگي ٿرڙي محبت.

 

اچو ته انگريزي سکون

 

هيٺ ڏنل خاني ۾، انگريزي جا لفظ مٿان کان هيٺ ۽ کاٻي کان ساڄي رکو، جيئن ٻه لفظ ٺهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com