سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل/ مئي 1992ع

باب: --

صفحو :5

واڳونءَ گدڙ کي سندس زال جو منهن ڏيکارڻ لاءِ چيو ته گدڙ چيس اسان جي اها ريت آهي ته ڪنوار جو منهن سندس چاچو ڏيکاريندو آهي. واڳون بيقراريءَ سان پڇيو ته چاچو وري ڪٿي آهي؟ گدڙ چيو اهو ته آهي درياءَ جي هن ٻئي پاسي پهچاءِ واڳونءَ هڪدم کيس ٻئي پاسي پهچايو. هاڻ ته گدڙ لهڻ شرط جهنگ ۾ گم ٿي ويو. واڳونءَ هفتو درياء وٽ هن جو بيقراريءَ سان انتظار ڪيو، پر تڏهن به گدڙ جي نه موٽڻ تي درياء ۾ ٽپو ڏنائين ۽ هليو ويو هُن پار. اتي پهچي ڇاٿو ڏسي ته مار! سندس ڪنوار اڃا تائين ساڳيءَ طرح ساڳي هنڌ پنهنجي مڙس جي انتظار ۾ پوتي پايو ويٺي آهي. زال کي اڪيلو ڏسي واڳون آهستي آهستي شرمائيندو شرمائيندو، ڪنوار تائين اچي پهتو. پوتي هٽائي ته هڪ سڪل ڪاٺي پئي هجي پوءِ ته واڳونءَ کي خار وٺي وئي، اصل تپي باهه ٿي ويو هن پڪو پهه ڪيو ته گدڙ کان بدلو ضرور وٺبو. اهو خيال ڪري پنهنجي اصلي جڳهه تي موٽي آيو ۽ ڪناري وٽ پاڻيءَ جي اندر لڪي ويهي رهيو اوچتو هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو گدڙ پاڻي پيئڻ لاءِ اتي پهتو. واڳونءَ کي ڪناري تي موجود نه ڏسي جيئن ئي پنهنجيون ٽنگون اڳيان ڪري پاڻي پيئڻ لاءِ منهن وڌائين ته واڳون اٽڪل ڪري سندس ٽنگ قابو ڪري ورتي پر گدڙ ته بلڪل نه ڊنو ۽ ڏاڍي چالاڪيءَ سان چيائين ”اڇا ته چاچا سائين توهان آهيو پوءِ ڀلا توهان منهنجي سڪل ڪاٺي ڇو قابو ڪئي آهي ٺهيو ڀلا جي وڻيو ٿي ته ڀلي رکوس، آئون ٽيڪ ڏيئي هلڻ لاءِ ٻي ڪاٺي کڻي وٺندس. واڳونءَ گدڙ جي ٽنگ کي ڪاٺي سمجهي ڇڏي ڏنو. گدڙ يڪدم وٺي پري ٿيو ۽ ڪجهه پرڀرو ٿي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو ”اڙي چريا چٻ چاچا تنهنجو مغز کر مغز ٿي ويو آهي اِهي حرڪتون ڇڏي ڏي درويش ته چڱو ٿيندئي.“ پوءِ ته واڳون اصل ڇتو ٿي پيو، شڪار ته هٿن مان هليو ويو هو هاڻي ڇا ٿي سگهيو ٿي؟ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ واڳونءَ کي خيال آيو ته گدڙ ٻير ڏاڍا کائيندا آهن سو ٻير جي وڻ هيٺان اچي رهڻ لڳو نيٺ سندس مراد پوري ٿي ۽ نيٺ گدڙ اچي پهتو. وڻ وٽ واڳونءَ جي پيرن جا نشان ڏسي گدڙ سڀ سمجهي ويو ۽ پري بيهي چوڻ لڳو ته ”ادا وڻ اڄ ڀليڪار به نٿو چئين ڇا ٿيو اٿئي ڪاوڙيو آهين ڇا؟“ اهڙي قسم جا سوال ٻڌي واڳونءَ سوچيو شايد وڻ به ڳالهائيندا آهن سو يڪدم اتان کان جواب ڏيڻ لڳو ته ”نه نه ادا گدڙ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي صرف تو اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي آهي هاڻي اچ جلد وڻ جي پوئين پاسي تي ڪچهري ڪريون. چالاڪ گدڙ اهو ٻڌندي ئي تمام وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ چوڻ لڳو ”چاچا هاڻ تون به ٿو پيريءَ ۾ چرچا ڪرين، ڪڏهن وڻ به ڳالهائيندا آهن ڇا؟“ ائين چئي گدڙ جهنگ ۾ گهڙي گم ٿي ويو. واڳون ويچارو ٻاٿون کائيندو رهجي ويو پر چرين حرڪتن کان باز نه آيو سو وري هڪ نئين ڳالهه سوچي اچي گدڙ جي غار ۾ وڃي لڪي ويٺو. گدڙ جڏهن گهمي ڦري پنهنجي غار ڏانهن موٽيو ته اتي واڳونءَ جي ريڙهين پائڻ جا نشان ڏسي وري ان جي بيوقوفي سمجهي ويو ۽ وري نئين ڳالهه سوچيندي چيائين ”پياري غار منهنجو سلام توتي، ٻڌاءِ ڪهڙا حال اٿئي؟“ اڄ ته واڳون به پڪو ٿيو ويٺو هو تنهن به ورندي ڪين ڏنيس. وري گدڙ چيو اڙي اڄ ڇا ٿيو اٿئي هونئن ته پئي بڪ بڪ ڪندي آهين تڏهن به جواب ڪونه مليس پوءِ گدڙ چيو چڱو جي نٿي ڳالهائي ته پوءِ آئون ٿو وڃئين. واڳون ڏٺو ته اهو موقعو به ٿو هٿن مان وڃي سو يڪدم چيائين ”نه نه پيارا، اهڙي ته ڪابه ڳالهه ناهي تون ڏاڍو انتظار ٿو ڪرائين.“ پوءِ ته گدڙ ان جي بيوقوفي سمجهي ويو ۽ چوڻ لڳو، اڙي موڳا مٽر غارون به ڪڏهن ڳالهائينديون آهن.“ چڱو چاچا چريا هاڻ خدا حافظ وري زندگي رهي ته ملي وينداسين پوءِ ته گدڙ هڪ وڏو سفر اختيار ڪيو سفر ڪندي ڪندي هڪ اهڙي جڳهه پهتو جتي ڪيترائي گدڙ رهندا هئا پوءِ ته انهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهن گدڙن سان ادب سان پيش آيو ۽ سندن دلين ۾ جلدي جاءِ ڪري ورتائين پوءِ گدڙن کيس هڪ خوبصورت غار رهڻ لاءِ ڏني، ڪم ڪار تي لڳايائونس ۽ هڪ خوبصورت جوان گداڙيءَ سان سندس شادي ڪرايائون پوءِ ته سائين گدڙ جون رڳون موجون ئي موجون هيون. سندس چالاڪي، عقلمندي، ۽ هوشياري ڏسي سڀني گدڙن سندن حاڪم جي جي مرڻ کان پوءِ کيس اتي جو حاڪم ڪيو اهڙي طرح سان چالاڪ گدڙ تمام خوشين ۾ گذارڻ لڳو.

سنڌيڪار: حميد  ”ناز“ سومرو                چيني ڪهاڻي

سون جو گلدان ۽ ڀولڙو

گهڻي وقت جي ڳالهه آهي. ڪنهن جڳهه تي ٻه گهرا دوست رهندا هئا. هڪ ڏينهن هو قدرتي جڙي ٻوٽين جي تلاش ۾ جبل تي ويا ته انهن کي هڪ سون جو گلدان هٿ لڳي ويو. هڪ دوست جي خواهش هئي ته هو اڪيلو ئي گلدان تي قبضو ڄمائي. جڏهن ته ٻيو دوست تمام نيڪ دل هيو گلدان جي عيوض ملندڙ پئسن مان پنهنجو حصو غريبن ۾ ورهائڻ چاهي پيو. لالچي دوست چوڻ لڳس ته ”پيارا ڀاءُ! مون کي پڪ ناهي ته هي گلدان سچ پچ سون جو آهي. نيڪ دل دوست جواب ڏنس ”ها! ممڪن آهي ائين ئي هجي. پوءِ به اسان کي پرکڻ ته گهرجي، اگر هي سون جو نه ٿيو ته به پريشان ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي. اسان کي به ته هي اتفاق سان ئي مليو آهي.

ٻئي واپس اچي لالچي دوست جي گهر ترسيا ۽ رات جي ماني وقت لالچي دوست نيڪ دل دوست کي چيو ”ڀاءُ! گلدان في الحال هتي ڇڏي وڃو مان ڪنهن کي ڏيکاري سڃاڻپ ڪرائي ڇڏيندس. جڏهن تون اڳئين دفعي ايندين ته حصو ورهائي ڇڏينداسين.

نيڪدل دوست کي هن تي پورو ڀروسو هيو، تنهن ڪري هو رضامند ٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي نيڪ دل دوست پنهجي گهر هليو ويو ۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ واندڪائي مليس ته ٻيهر لالچي دوست وٽ آيو، پر اندر ايندي ئي لالچي دوست کي تمام غمگين ۽ اداس ڏٺائين ته پڇڻ لڳس ”ڪهڙي ڳالهه آ ادا؟ ايترو اداس ڇو آهين. ڇا ٻڌايائين دوست، اهو سڀ ان گلدان ڪري آهي: لالچي دوست چوڻ شروع ڪيو“ تون ڄاڻين ٿو منهنجي ڪيتري خواهش هئي ته گلدان سون جو نڪري پر ڪاش تون منهنجي مايوسي جو اندازو لڳائي سگهين جڏهن گلدان کي باهه ۾ وڌم ته هو ڳري پاڻي ٿي ويو. دراصل هو معمولي ٽين جو ٺهيل هيو بلڪل فضول. اسان ان کي کڻي گهر آڻي اجايو وقت برباد ڪيوسين.

ايماندار دوست کي دل ئي دل ۾ ڏک ٿيو ته دوست ان کي ڳريل ٽين نه ڏيکاريو هو ”تڏهن به منهن ٺيڪ ڪري دوست کي دلجاءِ ڏيڻ لڳو ”پيارا ڀاءُ! گلدان جي ڪري دل ننڍي نه ڪر اسان کي به ته اچانڪ مليو هو سون جو نه نڪتو ته گولي هڻينس ان کي“

لالچي دوست جڏهن ڏٺو ته دوست کي يقين اچي ويو آهي ته ان جي خوشي جي جاءِ نه رهي. هاڻي هو اڪيلو ئي سوني گلدان جو مالڪ هيو. هن زال کي حڪم ڏنو ته سندس دوست لاءِ بهترين کاڌو تيار ڪري. ٻئي ڏينهن موڪلائڻ کان پهريان نيڪ دل دوست لالچي دوست کي چيو ”ڀائو توهان وٽ بنجر ۽ ويران جبل آهن جڏهن ته مون وٽ جبل، دريا، نديون ۽ گاهه سڀ ڪجهه آهن جبلن تي گل ڦٽل آهن ۽ ميوي جا وڻ به آهن پنهنجي ٻنهي ٻارن کي مونسان گڏ ڇڏ ته ڪجهه ڏينهن مون وٽ رهي اچن.“

لالچي دوست سون جو گلدان ملڻ تي ايترو خوش هيو جو جلدي راضي ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ”اڙي ڀائو! منهنجا ٻار تنهنجا ٻار ئي ته آهن توکي ڪا پريشاني تڪليف نه هجي ته ڀلا مون کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو.“

ائين نيڪ دل دوست ٻارن کي وٺي پنهنجي گهر واپس آيو رستي ۾ هو هڪ اهڙي جاءِ وٽان گذريا جتي گهڻا ئي ڀولڙا رهندا هئا. نيڪ دل ماڻهون ٻارن جي لاءِ ٻه ڀولڙا پڪڙي آيو جن کي حاصل ڪري ٻارن جي خوشي جي ڪا انتها نه رهي. هو ڀولڙن کي گهر وٺي آيا ۽ انهن کي طرح طرح جون اٽڪلون ۽ موسيقي تي ناچ سيکاريو. هنن ڀولڙن کي اهو به سيکاريو ته جيڪڏهن ڪوئي سڏي ته هو ان ڏي هليا وڃن. ٻنهي ٻارن پنهنجا پنهنجا نالا ڀولڙن تي رکي ڇڏيا.

ٽن مهينن کان پوءِ نيڪ دل ماڻهو پنهنجي دوست ڏي نياپو موڪليو ته اچي ٻار وٺي وڃي. ۽ جنهن ڏينهن دوست اچڻ وارو هو ان ڏينهن ٻارن کي جبل تي ميوي پٽڻ لاءِ موڪلي ڇڏيائين. جڏهن لالچي دوست آيو ته وڏي ڏکويل لهجي ۾ چيائين ”او! ڀائو! ڪهڙي منهن سان تنهنجي سامهون اچان؟“

لالچي دوست گهٻرائجي چيو ”ڀائو آخر ڇا ڳالهه آهي؟ تون ايترو پريشان ڇو آهين؟“

”او! سمجهه ۾ نٿو اچي ڪيئن بيان ڪيان. ڪيتري افسوسناڪ ڳالهه آهي!“ ايماندار ماڻهوءَ چيو ”منهنجي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.“

لالچي دوست چيو ”ڀاءُ جيڪا ڳالهه آهي! بي جهجڪ چئه! اسان سڳن ڀائرن وانگر آهيون. سڄي ڳالهه مون کي ٻڌاءِ ته جيئن مان به تنهنجي ڏک ۾ شريڪي ٿي سگهان.“

تڏهن نيڪ دل دوست ڏک واري انداز ۾ چوڻ شروع ڪيو ”پيارا ڀاءُ!“ ٿيو ائين ته تنهنجا ٻئي ٻار پهريان جڏهن منهنجي گهر آيا ته تمام خوش ۽ چڱا ڀلا هئا پر هڪ ڏينهن اوچتو هو ڀولڙن ۾ تبديل ٿي ويا! هاڻي انهن ۾ انسانن واري ڪابه ڳالهه نه رهي آهي.

ڏينهن جا ڏينهن وڻن تي ٽپا ڏيندا ڪرندا ۽ ڦرندا آهن. ڳالهه ڪندي ڪندي نيڪ دل دوست ٻارن جو نالو وٺي سڏ ڪيو ته ٻئي ٺينگ ٽپا ڏيندي اچي ويا ۽ آس پاس ڪلابازيون لڳائي مهمان سان ويجها ٿي ويا.

لالچي دوست اهو سڀ ڪجهه ڏسي هڪو ٻڪو رهجي ويو. هو ڪافي دير ڀولڙن کي ڏسندو رهيو پوءِ جيئن سڄو معاملو هن جي سمجهه ۾ اچي ويو ته نيڪ دل دوست کي چوڻ لڳو. ”پيارا دوست! مان پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪريان ٿو. هو گلدان واقعي ئي سون جو هيو ۽ ڪونه ڳريو هو تون مون کي منهنجا ٻار موٽائي ڏي، مان توکي گلدان جو اڌ حصو ڏيندس.“

نيڪ دل دوست کليو ۽ ٻارن کي سڏڻ جبل تي هليو ويو ٻئي ڏينهن لالچي دوست ان کي گڏ گهر وٺي آيو ۽ سون جي گلدان جو حصو نيڪ دل دوست جي حوالي ڪيو.


 

پير مهتاب پيرزادو

لالو

لالو اسان جي ڪلاس ۾ تمام گهڻو شرارتي ڇوڪرو هو. لالو جڏهن صبح سان اسڪول ويندو هو ته سڀني ڪلاسي ڇوڪرن سان ڀاڪر پائي ملندي هو لالو ڪلاس ۾ گهڙڻ سان ئي وڏا، وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. لالو جا شرارتي ڪم هي هئا. فري پيرڊ ۾ ڊيسڪ تي چڙهي نچڻ ۽ بل ڏيڻ، ڪلاس ۾ لڳل راڊون ۽ پکا بند ڪرڻ ۽ رسيس ۾ ڪرائي جي سائيڪل کڻي تيز چڪر لڳائڻ. لالو روزانو اسڪول ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن لالو اسڪول نه ايندو هو ته اسڪول ۾ مايوسي لڳي پئي هوندي هئي. هرهڪ استاد لالو جي پڇا ڪندو هو. لالو ننڍيون، ننڍيون شرارتون ته ڪلاس ۾ ڪندو هو. پر لالو سوچيو ته ڪا وڏي شرارت ڪيان جيئن اسڪول بند ٿي وڃي.

لالو پاڙي ۾ به شرارت جي ڪري مشهور هو.

سج پنهنجي مقرر وقت تي لهي ويو. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽڻ لڳو. لالو جو به پيءُ رمضان مينهن کي هو امان، هو امان ڪندو اچي گهر پهتو. لالو جي پيءُ وڏي ڪاٺين جي ڀري چلهه جي ڀرسان اڇليندي چيو ته لالو پٽ اسڪول ويو هئين.

لالو. هائو بابا ڀل امان کان پڇو.

لالو جو پيءُ رمضان پنهنجي زال نوري ڏانهن ڏٺو. جيڪا پٽڙي ڀت کي ڏوئي گهمائي رهي هئي.

رمضان: لالو جي ماءُ لالو اسڪو ويو هو. نوري چڙ ۾ چيو. ”ها ها ويو هو.“

لالو ٻئي ڏينهن اسڪول آيو. اسڪول پهچڻ شرط ئي سڀني ڪلاسي ڇوڪرن سان وڏي ڌام ڌوم سان مليو. ان ڏينهن بجلي بند هئي. گرمي تمام گهڻي هئي. سڀئي ڇوڪرا پگهر ۾ شم لڳا پيا هئا. لالو سوچيو ڇونه اڄ بيهوش ٿي ڪري پوان من ڪا موڪل ٿي پئي. ائين سوچي لالو ڊيڪس تان هيٺ ڪري پيو. سائين، لالو بيهوش ٿي ويو آهي. اهو سڄو لڙ سڄي اسڪول ۾ پکڙجي ويو. هاءِ ابا هڪ ڇوڪرو گرمي سبب بيهوش ٿي ويو آهي. ادا گرمي به ته آهي. سڀني استادن کي خبر ته هئي لالو شرارتي آهي. ڪيو هوندئي مکر. پر لالو اهڙو مکر ڪيو جو سڀني استادن کي پريشان ڪري ڇڏيائين. سائين هيڊ ماستر تڪڙو تڪڙو آيو. پٽيوالي کي موڪل لاءِ گهنڊ هڻڻ لاءِ چيو، سائين هيڊ ماستر لالو جي نازڪ حالت ڏسي اسپتال کڻائي ويو.

لالو پنجن ڏينهن کان پوءِ اسڪول آيو. ڪلاس ۾ گهڙڻ سان ئي سڄي ڪلاس ۾ لالو، لالو پئجي وئي سڀني ڇوڪرن ۽ استادن لالو کان حال احوال ورتا. لالو پنهنجي ڪامياب ترڪيب تي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو رهيو.

گهڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ وري اچي لالو کي شرارت ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. لالو سوچيو شرارت ڪبي ته بيهوش ٿيڻ واري ئي ڪبي. پر هاڻ رڳو بجلي بند ٿئي. هاڻ لالو بجلي بند ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. بجلي تي ڪٽون کائڻ لڳو. وڏا وڏا ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو. قدرت سان هڪ ڏينهن بجلي به بند ٿي وئي. لالو کي وجهه ملي ويو. وري ساڳئي گرمي.

استاد بورڊ تي لکي رهيو هو. لالو ڊيسڪ تان اٿيو. هڪ وڏي اوٻاسي ڏئي آرس ڀڃين ڪلاس جا سڀئي ڇوڪرا لالو ڏانهن ڏسڻ لڳا. لالو ٿورو مرڪي وري ڊيسڪ تي ويهي رهيو. لالو وري اٿي سڄي ڪلاس تي نظر وڌي. سڀئي ڇوڪرا خاموشي سان پنهنجي ڪم ۾ لڳا پيا هئا.

بيهي بيهي کڻي پاڻ کي ڇڏيائين هيٺ هيو فرش سو لالو کي ڏاڍو ڌڪ لڳو. لالو کي ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿيڻ واري ترڪيب وسري وئي. ڪياڙي کي کنهي اٿڻ لڳو. ياد آيس مان هي ڇا ٿو ڪيان وري هيٺ ڪري پيو. لالو جو ٻيهر بيهوش ٿيڻ ڇوڪرن توڙي استاد کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو. استاد چاڪ هاڻان هٿ ڇنڊيندو لالو جي مٿان آيو. لالو مکر ڪيو بلڪل بيهوش لڳو پيو هو. استاد لالو جي شرارت کي سمجهي ويو ته ڇوري مکر ڪيو آهي.

استاد چيلهه تي هٿ رکي بيهي رهيو. ڪجهه سوچي ڇوڪرن کي چيائين ته لالو کي ڪتڪتاڙيون ڪڍو. استاد جو چوڻ ئي ڇوڪرن لالو کي اچي ڪتڪاڙين سان ورايو. سو وڌو ٽهڪ ڏئي اٿي بيهي رهيو. سڀئي ڇوڪرا کل ۾ ويڙهجي ويا. استاد کان به کل نڪري وئي. پر لالو کي مار ڏيڻ لاءِ جهٽ ۾ کڻي منهن ۾ گهنج وڌائين.

سڀئي ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺا. استاد لڪڻ گهرائي اچي لالو کي ورتو لالو جون رڙيون هجن. استاد لالو کي ڏاڍي ٺاهوڪي مار ڏني پوءِ لالو سڀني ڇوڪرن جي اڳيان قسم کنيو ته آءٌ آئينده اهڙي ڪابه شرارت نه ڪندس.

لالو خراب شرارت ڪرڻ کان هميشه لاءِ توبهه ڪري ڇڏي.

سنڌيڪار: عبدالقدير سومرو

ڏندن جي حفاظت

ڏندن جي حفاظت جو صحت تي گهڻي حد تائين مدار هوندو آهي ۽ اگر غور سان ڏٺو وڃي ته خوبصورت ۽ چمڪيدار ڏند انمول هيرن کان وڌيڪ قيمتي آهن. معدي ۽ هاضمي جا 90 سيڪڙو مريض ڏندن جي مرصن ۾ مبتلا هوندا آهن. انسان جي صحت لاءِ مرض هڪ اهڙو خطرو آهي جنهن جو مثال مشڪل سان ملي سگهندو. ان لاءِ اهوئي مناسب آهي ته ڏندن جي حفاظت جي طرف شروع کان ئي بي پناهه توجه ڏني وڃي.

ڏندن جي حفاظت جي سلسلي ۾ سڀ کان وڏو احتياط اهو ئي آهي ته هميشہ کائڻ کان پوءِ ڏندن کي چڱي طرح صاف ڪيو وڃي ته جيئن ان جي وٿين ۾ کاڌي جا ذرا نه رهجي وڃن. اگر ڏينهن ۾ هر کاڌي کان پوءِ پوري طرح ڏندن جي صفائي نه ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ صبح جو سوير ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ ڏندن کي خوب صاف ڪرڻ هر ماڻهو کي پنهنجو فرض سمجهڻ گهرجي. رات جو سمهڻ کان اڳ ڏندن کي صاف ڪرڻ ان لاءِ به ضروري آهي ته کاڌي جا جزا اگر ڏندن جي وٿين ۾ رهجي ويا ته هي خراب صورت اختيار ڪري هڪ تيزابي مادو پئدا ڪندا آهن، جيڪي ڏندن جي چمڪ کي ختم ڪري ان جي صحت کي نقصان پهچائيندا آهن. ڪڏهن غذا جي خراب ٿيڻ ڪري وات ۾ بدبوءِ پئدا ٿي ويندي آهي. ان کان علاوه اگر ڏند باقائدگي سان صاف نه ڪيا وڃن ته ان تي ميراڻ جو تهه ڄمي ويندو آهي، جنهن سان ڏندن جون پاڙون ڪمزور ٿي وينديون آهن.

ڏندن جي خراب ٿيڻ ڪري ڪي جراثيم مستقل طور تي ڏندن ۾ رهڻ لڳندا آهن ۽ جڏهن اسان کاڌو کائيندا آهيون ته اهي ئي جراثيم کاڌي سان گڏجي معدي ۾ پهچي مختلف مرضن کي جنم ڏيندا آهن. ان کان علاوه اهي ئي جراثيم گلي جي غدودن، نڪ، ڪن ۽ ڦڦڙن تائين پهچي انهن عضون ۾ شديد قسم جي بيمارين پيدا ٿيڻ جو سبب بڻيا آهن. ڏندن جي صفائي لاءِ مناسب قسم جي برش جي صحيح استعمال ڪنهن حد تائين مفيد ضرور آهي مگر نم يا ڄار جو تازو ڏندڻ برش کان بهتر ۽ مفيد آهي. هميشہ تازو ڏندن ڏيڻ گهرجي. هڪ دفعو ڏندڻ ڏيئي ان کي ٻئي دفعي استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هڪ ماڻهو کي ٻئي ماڻهو ڏندڻ هرگز استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

ننڍن ٻارن جي صورت ۾ ڏندن جو سٺي حالت ۾ رهڻ، ان جي صحيح قسم جي خوراڪ تي دارومدار رکي ٿو.، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انسان جي خوراڪ ۾ ان قسم جون شيون ضرور شامل هجن، جن ۾ چوني جو لوڻ ٻه ٻيا وٽامن ”سي“ ۽ ”ڊي“ موجود هجن. چوني جو لوڻ زياده تر کير، بصر، ساين ڀاڄين ۽ ميون ۾ موجود هوندو آهي. (حياتين) وٽامن سي ليمن ۾ موجود هوندي آهي. انهيءَ لاءِ انهن کي انساني خوراڪ ۾ ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه صوف ۽ انگور به وات ۽ ڏندن کي صاف ڪندا آهن. ڪمند چوسڻ به ڏند لاءِ هڪ عمدو مشغلو آهي. خوراڪ ۾ ڪي اهڙيون به شيون شامل هجڻ گهرجن جيڪي ڪجهه سخت هجن ته جيئن چٻاڙڻ سان ڏندن جي ورزش ٿي وڃي.

گل ڦل قلمي دوستي

·                      نالو: نديم احمد سومرو

ڪلاس: پنجون

وندر: ڪتابن سان چاهه

عمر: 10 سال

ائڊريس: پرائمري مين اسڪول نصيرآباد.

·                      نالو: هوت خان

ڪلاس: نائون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: اسد سينٽر ڪاليج روڊ دادو.

·                      نالو: سدورو لغاري

ڪلاس: نائون (اي)

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول داد لغاري.

·                      نالو: عابد حسين سومرو

ڪلاس: نائون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول داد لغاري.

·                      نالو: سجاد علي ميمڻ

ڪلاس: ستون (اي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول گجو ضلع ٺٽو.

·                      نالو: مير محمد سمون

ڪلاس: نائون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت حڪيم انيس احمد سمون ٽنڊوالهيار.

·                      نالو: طارق حسين جوڻيجو

ڪلاس: اٺون (اي)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول اميد علي خان جوڻيجو شهدادڪوٽ.

·                      نالو: غلام مصطفيٰ گهمرو

ڪلاس: نائون (سي)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول کهڙا.

·                      نالو: امتياز احمد گهمرو

ڪلاس: ستون (اي)

وندر: ڌرتي سان پيار

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول کهڙا.

·                      نالو: عبدالحفيظ پيرزادو

ڪلاس: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول هالاڻي ڪنڊيارو.

·                      نالو: احسان علي سومرو

ڪلاس: ڏهون (سي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: پوسٽ ڏهرڪي ضلع سکر.

·                      نالو: علي اصغر ڀٽي

ڪلاس: ڏهون (سي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول ڏهرڪي.

·                      نالو: وسيم احمد پيرزادو

ڪلاس: ستون (اي)

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول هالاڻي ڪنڊيارو.

·                      نالو: نعمت الله ميراڻي

ڪلاس: ٽيون (اي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 8 سال

ائڊريس: پرائمري اسڪول وڪڙو.

·                      نالو: جسارت حسين ڀٽي

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: اداڪاري ڪرڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول لوهي سکر.

·                      نالو: ڪريم بخش پتافي

ڪلاس: نائون (بي)

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول داد لغاري.

·                      نالو: محمد بخش سومرو

ڪلاس: ستون (بي)

وندر: ريڊيو جا پروگرام ٻڌڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول ڏهرڪي.

·                      نالو: بشير احمد ٻٻڙ

ڪلاس: اٺون (ڊي)

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول ڏهرڪي.

کل ته سهي

·       جج (ملزم کي) جڏهن تو چوري پئي ڪئي، ان وقت تو پنهنجي ڌي ۽ زال جي باري ۾ ڪجهه نه سوچيو هو.

ملزم: سوچيو هو سائين، پر دڪان ۾ صرف مرداڻا ڪپڙا پيل هئا.

برڪت علي گهنجو گهوٽڪي

·   دوست (ٻئي دوست کي) يار ڪلهه ٽي وي تي سگريٽ پيئڻ خلاف هڪ اشتهار ڏٺم ته مون کي الاهي شرمندو ٿيڻو پيو.

ٻيو دوست: پوءِ پڪ تو سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏنا هوندا.

پهريون دوست: مون ٽي وي کي ڀڃي ڇڏيو.

ساهڙ پنهور سنڌي، يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو.

·   هڪڙي موالي (ٻئي موالي کي) چيو ته هل ته هلي رڍون چورايون. جڏهن رڍن جي ويجهو آيا ته ان وقت آسمان تان جهاز لنگهيو جنهن جي آواز تي رڍن ٽاهه کائي ڀڄڻ شروع ڪيو.

موالين سمجهيو ته رڍون اسان کي پڪڙن ٿيون، سو وٺي ڀڳا: هڪڙو موالي کڏ ۾ ڪري پيو. هڪ رڍ کڏ جي مٿان اچي بيٺي ۽ ٻاٻا ڪرڻ لڳي. موالي رڙ ڪري چيو خدا جي واسطي ڪوڙ نه ڳالهاءِ مان اڪيلو آهيان.

فيروز گل مير جت بهار خان مير جت

·       مهمان، ميزبان کي شڪايت ڪندي چيو ته ”توهان جي گهر جون مکيون ڏاڍو تنگ ٿيون ڪن.

ميزبان چيو: ها ادا، جيڪا به ڪني شئي ڏسن ٿيون ان تي ويهن ٿيون.

رفيق احمد ڪانڌڙو ڳوٺ علي محمد ڪانڌڙو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com