سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

باب: --

صفحو :2

غلام محمد لاکو

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي

عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ جيڪي ناليرا سنڌي شاعر پيدا ٿيا، انهن ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وڏي حيثيت رکي ٿو. مخدوم صاحب ذات جو منڱريو هو. سندس تعلق ننڍڙي واهڻ گرهوڙ سان هو. هو صاحب سن 1739ع ۾ ڄائو. ان سال نادر شاهه، هندستان تي حملو ڪري وڏي خونريزي ڪئي. عبدالرحيم، هڪ سال جو ٻار هو، تڏهن نادري قهر سنڌ تي به ڪڙڪيو ۽ هن ظالم هتان جي حڪمران کي به تابع بنايو. عبدالرحيم فقير زماني جي دستور موجب تعليم حاصل ڪئي ۽ عربي، سنڌي توڙي فارسي ٻولين تي مهارت حاصل ڪيائين. سندس شغل ۾ درس ۽ تدريس به شامل هئي. ته ڪتابن لکڻ شعر چوڻ جو به کين ملڪو حاصل هو. ابتدا ۾ مخدوم صاحب ظاهر پرست ملان هو. ان دور ۾ خواجه محمد زمان جي سلوڪ ۽ فقيريءَ جو سنڌ ۾ وڏو چرچو هو. مخدوم گرهوڙي پنهنجي پر ۾ خواجه صاحب کي نهايت گهٽ سمجهندو هو. ليڪن بعد ۾ پاڻ لواري شريف پهتو ۽ هن درٻار سان لاڳاپجي ويو. ان ريت معرفت ۽ سلوڪ جون راهون پار ڪري پاڻ به فقيري رنگ ۾ رڱجي ويو.

مخدوم عبدالرحيم شريعت جو صاحب هو. درس ۽ تدريس جو مشغلو جاري رکيائين. پاڻ چند ڪتاب به لکيا اٿس. مسڪيني ۽ فقيري هوندي به پاڻ ڪنهن ظالم، جابر ۽ ڏاڍي جي ڪاڻ نه ڪڍيائين. مخدوم صاحب جنهن دور ۾ زندگي ڪاٽي، اهو دور سياسي طرح سنڌ جي تاريخي ۾ انتهائي مشڪل هو. ان صورتحال ۾ هي بزرگ سنڌي سماج کان الڳ ٿلڳ نه هو. سندس حياتيءَ ۾ سنڌ تي گهڻن ئي ڌارين حاڪمن حملا ڪيا. انهن حملن ۾ هتي جي ماڻهن وڏي تڪليف ڏٺي ۽ عذاب سٺا. گرهوڙي فقير ان صورتحال ۾ هڪ بيت چيو آهي:

متان کائين کچڻي، حاڪماڻي هنڌا،

رڌي هوندائون رت ۾ ماري مسڪينا!

مطلب ته ظالمن کان پري رهڻ جي تلقين ڪندي، گرهوڙي مرحوم اسان کي وڏو سبق ڏنو آهي. عبدالرحيم فقير کي پنهنجي مرشد لاءِ به وڏي عزت هئي.

اتران ٿي عيد، ڏکڻ ڏٺو چنڊ،

جهڙيون ڦڙيو جنڊ، گجي ٿو گرهوڙي تي!

مخدوم عبدالرحيم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا. خواجه محمد زمان جا سنڌي بيت عربي زبان ۾ ترجمون ڪيائين. قرآن پاڪ جي هڪ صورت ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪيائين. ان کان علاوه سنڌي زبان ۾ ڪيترو ئي شعر به چيو اٿس. سندس سنڌي شاعري ڊاڪٽر دائود پوٽي ”ڪلام گرهوڙي“ نالي سان ڇاپي پڌري ڪئي آهي. مخدوم صاحب سڄي زندگي ڪفر بدعتن ۽ غير اسلامي ڪمن خلاف جهاد ۾ گذاري. آخر ۾ ڪافرن سان لڙندي مهاڏيو جي معرڪي ۾ شهيد ٿي ويو. هي واقعو سن 1778ع ۾ ٿي گذريو. ان وقت سندس عمر صرف اوڻيتاليهه سال هئي. مخدوم صاحب جو مقبرو گرهوڙ شهر تعلقي کپري ۾ هڪ مٿانهين جاءِ تي آهي. مقبري جي اتر ۾ مسجد به موجود آهي. هر مهيني جي پهرين سومر رات اتي هڪ وڏو ميڙو مچي ٿو. جتي هندو ۽ مسلمان توڙي امير ۽ فقير وڏي تعداد ۾ اچن ٿا. ان موقعي تي راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي.

رياض شاهد رضوي

نظم

ننڍڙا مٺڙا منهنجا ڀاءُ، سچ سان بيت جي لونءَ لڳانءِ.

ڪوڙ سمورو آهي ڪچ، سچ ته بيٺو ننڍڙا نچ.

سچ جو مٿاهون مان آهي، ڪوڙ جو ڪوئي شان ناهي.

ڪوڙي کان سڀڪو ڪري نفرت، سچي کي سڀڪو ڏئي عزت

ڪوڙ تي ڪنهنجو ناهي اعتماد، سچ سدائين رهي شاد.

سچ سان پنهنجي لونءَ لڳاءِ، ننڍڙا مٺڙا منهنجا ڀاءُ.
 

شمن الدين عرساڻي                 (سائنسي ڪهاڻي)

چنڊ تي جاسوسي

عابد ۽ زاهد ٻه خانگي جاسوس هئا. هو پنهنجي ڪم ۾ سڄي دنيا اندر مشهور هوندا هئا. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ڪا ڳجهي واردات ٿيندي هئي، جا سمجهه ۾ نه ايندي هئي، ته اهو منجهيل معاملو هنن کان سلجهايو ويندو هو. هو پنهنجي عقل ۽ جستجوءَ سان اهو راز فاش ڪري ڇڏيندا هئا.

عابد چيف جاسوس هو. هو سنهي هاٺيءَ، ڊگهي قدبت وارو سهڻو نؤجوان هو. زاهد سندس اسٽنٽ هو، جيڪو کانئس عمر ۾ ننڍو، قد ۾ ڇوٽو ۽ بت ۾ ڳرو ۽ رنگ به ڪجهه سانورو هوس. هو ٻئي ڄڻا پنهنجي آفيس ۾ ويٺا هئا. ڀر واري ڪمري ۾ سندن سيڪريٽري، سڪينه ميز تي رکيل فائيل اُٿلائي پٿلائي رهي هئي. اڄ هنن کي ستون ڏينهن هو، جو ڪو نئون ڪيس ڪونه مليو هُئن. هو ڏاڍا تازا توانا ۽ هشاش بشاش لڳي رهيا هئا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ چرچا گهٻا ڪري رهيا هئا.

زاهد چوڻ لڳو! ”يار عابد، خدا جا بندا! هاڻي واندڪائي جي وقت مان فائدو ڇو نه وٺون! ڪو سير تفريح جو پروگرام کڻي بنايون!“

عابد کلي چيو ”ها! توکي ته رلڻ پنڻ جا موقعا کپن! اڙي ڪم جو سوچ ڪم جو؛ ڀلا ڪٿي سير ڪرڻ هلون؟“

”اڙي دوست! ڇو پيو وهلور وڃين“ زاهد منٿ ڪندي چيو. کيرٿر قومي پارڪ ڏانهن نڪري هلنداسون. اُتي دنيا جا ڪيترا عجيب غريب جانور آندا اٿن. ٻڌو اٿم ته انهن لاءِ فطري ماحول به بنايو ويو آهي. ٻيو نه ته سنڌ جي هل اسٽيشن گورک تي پسار ڪنداسون. رني ڪوٽ تي نئون عجائب گهر ٺاهيو اٿن، سو ڏسنداسون. ڀٽ شاهه تي ميوزيڪل ڪاليج ۾ نئون فنڪارن جو مظاهرو ڏسنداسون ۽ لطيف ڊئريميٽيڪل هال ۾ لطيفي ڊراما ڏسي روح ريجهائينداسون.“

”بس بس ڳالهين ۾ تو سڀ ڪجهه ڪري ورتو.“ عابد کيس خاموش ٿيڻ لاءِ اشارو ڪندي چيو ” هينئر هينئر سگنل مليو آهي. بلب روشنن نٿو ڏسين ڇا؟ پهرين ڏسون ته سهي ته ڪهڙو نياپو آهي؟“

عابد ٽيليفون جو رسيور ڪن تي رکيو. سيڪريٽري جو نرم ۽ هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”سر اوهان سان مرڪزي حڪومت جي جاسوس کاتي جو سربراهه ڳالهائڻ گهري ٿو.“

”ٺيڪ آهي“ عابد وراڻيو ۽ پوءِ ڳالهائڻ لڳو.

”هيلو! خانگي جاسوس عابد ڳالهايان پيو.“

”سائين ڇا معاملو آهي؟“

”عابد ڳالهه هيءَ آهي ته چنڊ تي کاڻين واري کاتي ۾ هڪ عجيب واردات ٿي آهي. اُتي جا جاسوس مسئلو حل ڪري نه سگهيا آهن. هنن اسان کان مدد طلب ڪئي آهي. توهان کي سڀاڻي صبح سان ئي اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي!“ ٻئي طرف کان آواز آيو.

”پر سائين ايترو جلد اسين ڪيئن تياري ڪري سگهنداسون؟“ عابد جواب ڏنو.

”هي اسان سڀني جي عزت جو معاملو آهي، توکي ان جو سٺو معاوضو به ملندو اسين ڪوبه عذر ڪونه ٻُڌنداسون. هينئر ئي مکيه آفيس مان هدايتون وٺي ان مطابق تياريون ڪري ڇڏ. توکي ۽ تنهنجي اسسٽنٽ ٻنهي کي مزدور جي روپ ۾ اُتي وڃڻو آهي!“

ٽيليفون بند ٿي ويو. عابد مسڪرائيندي زاهد کي چيو. ”ٻَچُو اڃا سير سياحت جو پروگرام بناءِ. هاڻي هل اڳوپوءِ چنڊ جو سير ڪَر!“

”يار! مارائي ڇڏيئي، وڌءِ نه رنگ ۾ ڀنگ. هتي گهمي ڇيهه ڪيوسون، هاڻي ٿا چنڊ تي هلي ڇائي پايون!“

”اڙي مرين ڇو ٿو. توکي معاوضو به ته اُن جو سُٺو ملندو. رڳو سڄو ڏينهن اُتي مزدور ٿي ڪم ڪرڻو پوندئي؟“ عابد کلندي ڳالهه ڪئي.

زاهد کان رڙ نڪري وئي. ”مارايئي نه يار. هاڻي اسين ڪوڏرون به هڻنداسون. نه بابا نه!“

عابد کلي ڏنو ”صفا ڪو ٿلهو بي ايمان آهين؟“

”اڙي اهو ته ٻاهريون نمونو هوندو. اصل ڪم ته جاسوس ڪرڻي آهي!“

ٻئي ڏينهن عابد ۽ زاهد خلائي اسٽيشن تي پهتا، جتي هڪ خلائي جهاز چنڊ تي وڃڻ وارو هو. هنن جون به سيٽون اڳيئي رزروڊ ٿيل هيون. هو ٻين مسافرن سان اندر ويا ۽ پنهنجين سيٽن تي وڃي ويٺا. هو بدليل ويس ۾ هئا ۽ ٻين مسافرن سان ائين واقفيت ڪرايائون ته نباتات واري شعبي ۾ مزدوريءَ جون ٻه جايون خالي هيون، جتي سندن مقرري ٿي آهي. هڪ هفتي کان پوءِ خلائي جهاز چنڊ تي لٿو.

چنڊ جي زمين پٿريلي هئي ۽ تمام وڏا وڏا جبل اتي هئا، جن جون چوٽيون تمام اوچيون هيون. هنن هماليه جي ايوريسٽ ۾ ڪي- ٽو چوٽيون به ڏٺيون هيون، پر هي ته انهن کان به مٿي ٿي لڳيون. چنڊ تي لهڻ کان پوءِ هو هدايتن مطابق هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ پهتا، جتي جاسوسي کاتي جو هڪ ملازم رواجي ڊريس ۾ ساڻن مليو ۽ هنن کي وڌيڪ هدايتون ۽ ڪارڊ ڏئي ويو هليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com