سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

باب: --

صفحو :6

سلام ۽ سنيها

·      محمد رحيم مير بحر ٽنڊوالهيار: ادل ڪهاڻي موڪليان ٿو شايع نه ڪندا ته مان خط لکڻ ۽ رسالو پڙهڻ ڇڏي ڏيندس. (ادل تون سوچ اها ڪهاڻي ٻارڙن جي ڊانء جي آهي.)

·                عاشق حشين خشڪ: ادل فوٽو موڪلي رهيو آهيان مهرباني ڪري خط به ڇپيندا. (ڀاءُ ٻيو حڪم)

·      پير عبدالحفيظ خياروي نواب شاهه: ادل گل ڦل هن مهيني وارو ڏاڍو وڻيو. سمورو مواد ٺيڪ ٺاڪ هو. (ادل مهرباني).

·      بخش علي چانڊيو ٽنڊو ڄام: ادل ڪهاڻي موڪليم شايع ڪيو. وري نظم جاڙا ڀائر موڪليان ٿو شايع ڪندا. (ڀاء نظم شايع ٿيڻ جهڙو ڪونهي)

·      عذرا پروين عباسي نواب شاهه: ادل آڪٽوبر جو رسالو ٺيڪ ٺاڪ هو. نقل ڪندڙ ٻارن جو مواد اڳتي لاءِ نه ڇپيو. ڀاء انور هالائيءَ کي چئو ته هر مهيني گل ڦل لاءِ لکي. (ڀيڻ تفصيلي خط لکڻ لاءِ مهرباني. سائين انور هالائي کي چيو اٿئون مواد موڪليندو ته شايع ڪبو)

·      شعيب جلباڻي رتوديرو: ادل هن ڀيري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو انٽرويو ڏنو اٿو. ۽ مضمون به ٻارن جي سلسلن ۾ ان جو ڇپيو اٿو اهو ته انصاف نه ٿيو (جلباڻي ڀاء، ڊاڪٽر ذوالفقار جو مضمون نه هو پر اهو ذوالفقار علي سيال شاگرد آهي. جنهن جي ائڊريس به لکيل آهي. رسالي ۾ اتفاق اهو ٿيو آهي جو گڏ ڇپيا آهن. اميد ته غلط فهمي دور ٿي وئي هوندي.)

·      ديدار حسين شاهه ٽنڊو محمد خان: ادل نظم ڇاپيندا ۽ اڳ به ڪهاڻي موڪلي اٿم. (ڀاء نظم درست نه آهي)

·      شيخ اعجاز سنڌي لاڙڪاڻو: ادل منهنجو ڪافي مواد اوهان وٽ آهي شايع ئي نٿا ڪريو. (ڀاءُ ٻاراڻو مواد شايع ڪبو)

·      نظير احمد سنڌي ڪنڌڪوٽ: ادل عرض اهو آهي ته محمد اسلم مسرور انصاري گڊو ۾ استاد آهي ۽ ٻارن جي سلسلن ۾ حصو وٺي ٿو. ۽ هيمنت ڪمار به انٽر جو شاگرد آهي. (ڀاء هاڻ استاد ب ٻارڙن جي حق تي ڌاڙو ٿا هڻن ڇا ڪجي اميد ته سائين مسرور کي ضرور احساس ٿيو هوندو)

·      صلاح الدين عباسي سکر: ادل آڪٽوبر وارو پرچو ٺيڪ ٺاڪ هو. منهنجو مواد ڇو نه ٿا شايع ڪيو. (حاضر ڀاءُ ٻئي ڀيري)

·      ساحر سنڌي: ادل مضمون ٺيڪ ٺاڪ هئا. هي پرچو تمام سٺو هو. هڪ لفظ هو جو صحيح نه هو. (ادل شاعري ۾ اچي سگهي ٿو)

·      غلام مرتضيٰ چنو: ادل رسالو ته ٺيڪ ٿو نڪري پر اسان جو مواد نه ٿا شايع ڪريو. (ادل مواد شايع ٿيڻ جهڙو شايع ڪبو)

·      منصور عبدالفتاح ڪونڌر خانواهڻ: ادل ثريا سوز جي ڪهاڻي انسان رسالي ۾ 1960ع ۾ ڇپيل آهي. (ڀاء اسان کي خبر آهي. پر ڀيڻ پاڻ موڪلي هئي سندس لکيل آهي)

·      اشوڪ ڪمار مٺي: ادل منهنجو انعام ڪونه مليو آهي ڇا اهو انعام اوهان ٺڳي ڪري کائي ويا. (ڀاء اسان رجسٽرڊ بڪ پوسٽ ڪري موڪليو آهي اميد ته اوهان کي هاڻي مليو هوندو.)

·      جاويد چنه ٽالپر وڏا: ادل جڏهن رسالو دير سان نڪري ٿو. توهان تاريخ به وڌائي لکو. توهان ٻارڙن جي ذهن کي کولڻ لاءِ مختلف ملڪن جو تعارف ڏيو. (ڀاء، تاريخ لکڻ وقت ته پڪ هوندي آهي ته رسالو پوري وقت تي ايندو. پر پوءِ ڪي فني مجبوريون ٿين ٿيون.)

·      اعجاز اداس ٺٽو ڇڄڙا: ادل رسالو دير سان ٿو اچي ٻيو ته ساليانو خريدار ڪيئن ٿجي. (ڀاء مئنيجر بڪ اسٽال جي نالي ٽيهه رپيه مني آرڊر ڪري موڪليو. گل ڦل اوهان کي ملي ويندو.)

کل ته سهي

(1)  مهمان (ميزبان کي) آئون جڏهن کان ماني کائي رهيو آهيان تڏهن کان ٻلي جي نظر مون ڏانهن آهي.

ميزبان: ٻلي ويچاري پنهنجي پيالي کي سڃاڻي ٿي.

 

(2) آفيس ۾ آفيسر لکي رهيو هو ته هڪ مڇر اچي چڪ هنيس آفيسر ڪاوڙ ۾ مڇر کي ”اڙي تون ڏينهن جو پيو چڪ پائين“ پٽيوالي وچ ۾ چيو (شائين اوور ٽائم تي آهي“

اتقيٰ ڪم طاهر زاده ٽنڊوالهيار

 

(3) ڊاڪٽر نرس کي ”ٻه نمبر بيڊ وارو مريض ڪيڏانهن ويو“ نرس ”سر ان کي سيء پي لڳو. مون ان کي هڪ سئو چار ڊگري بخار واري مريض سان گڏ سمهاري ڇڏيو آهي.

قاب قوسين طاهرزاده ٽنڊوالهيار

 

(4) استاد (امتحان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾) ”ٻارؤ جيڪي به پڇڻو آهي سو هينئر ئي پڇي وٺو. هڪ شاگرد ”سائين پوءِ ٻڌايو ته پيپر ۾ ڪهڙا سوال لکيا اٿو؟“

آنند ڪمار وانڪائي مٺي

 

(5) هوائي جهاز اڏامڻ وارو هو ته هڪ مسافر پائليٽ کي چيو ته: ”صاحب جهاز ۾ پئٽرول ته پورو پيل آهي نه“ پائليٽ پڇيو ته ”ان ۾ توهان جو ڪهڙو واسطو“ مسافر چيو ته ”ائين نه ٿئي ته مٿي پئٽرول کٽي وڃي ۽ اسان جي ڳوٺ جي بس جي ڊرائيور وانگر اڌ پنڌ کان پوءِ ڌڪو ڏياريو.“

حافظ محمد ابراهيم سومرو ڪنڊيارو

 

(6) هڪ دوست ٻئي کي ”يار مونکي ضروري ڪم سان وڃڻو آهي. ٽي ٿين ته اٿارجان ”ٻيو دوست“ يار اٿاريندو سانء ضرور پر جڏهن ٽي ٿين ته ياد ڏيارجان!

شوڪت منگي ڪڪڙ

 

(7) هڪ ڳوٺاڻو شهر گهمڻ لاءِ نئون نئون وڃي رهيو هو. رستي ۾ هڪ ڪتي اچي ورايس همراهه هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. ڪو به پٿر نظر نه آيس. هڪ پٿر زمين ۾ اڌ تائين پوريل هو. واٽهڙو ڏاڍو زور لڳايو. پٿر زمين مان ڪونه نڪتو. واٽهڙو ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو ”هتان جا ماڻهو به عجيب آهن پٿرن کي به ٻڌايو ڇڏين ۽ ڪتن کي به ڇوڙيو ڇڏين.

عمران خان ڏيٿو لونگ ڏيٿو

 

(8) پٽ پيءُ کي ”بابا مون کي هوائي جهاز وٺي ڏي؟“

پيءَ ”پٽ اهو مهانگو آهي امير وٺندا آهن“ پٽ، بابا پوءِ مون کي امير وٺي ڏي“

عبدالحميد سهتو لاڙڪاڻو

(9) استاد ڪلاس ۾ شاگردن کي ”ايڪي ۽ اتحاد تي ليڪچر ڏيندي چيو ته، ايڪي ۽ اتحاد جي معنيٰ آهي ته جيڪو ڪم ڪجي اهو گڏجي ڪجي ڇو ته پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سان محبت ۽ پيار وڌي ٿو.

استاد ليڪچر ڏئي وڃي ٻاهر ويٺو. سڀ شاگرد اتي ويا ۽ چيائونس ”سائين پاڻي پي اچون“

استاد ڪاوڙ مان چيو ”اڙي سڀ“

شاگرد: سائين اوهان جو ٻڌايو ته جيڪو ڪم ڪجي اهو گڏجي ڪجي. ڇو ته گڏجي ڪم ڪرڻ سان محبت ۽ پيار وڌي ٿو.

اشرف زمان پيرچنڊامي

محمد علي ”ماجد“

نظم

بک ۾ پيو ٿو تڙپي ٻالڪ

سيء ۾ پيو ٿو تڙڪي ٻالڪ

انگ اگهاڙو پيٽ بکارو

هو ڏس ويٺو سڏڪي ٻالڪ

هيڏي ساري دنيا آهي

ڀور ڳڀي لاءِ ڦٿڪي ٻالڪ

هن جو ڪير نه ساٿي سهاريو

ڳلي ڳلي پيو ٿو ڀٽڪي ٻالڪ

”ماجد“ اهڙو واءُ گهلي ڪو

ديس جو هر هڪ مرڪي ٻالڪ

ننڍڙا اديب

سلطان صلاح الدين ايوبي

صليبي جنگين جو هيرو سلطان صلاح الدين ايوبي جا فاتحانه ڪارنامه ئي سندس عالمگير شهرت ۽ عظمت جا باعث ناهن بلڪه سندس انسانيت، شرافت اعليٰ قطر تي ۽ فراخ دلي کيس هڪ عظيم انسان ۽ شريف ترين فاتح جي حيثيت سان دنيا جي نظرن ۾ قابل احترام بڻايو. بالخصوص اهڙين جنگين ۾جيڪي بنيادي طور تي انتهائي مذهبي جذبن سان لڳيون هجن. صليبن جا ظلم جڏهن حد کان وڌي ويا ته قدرت صلاح الدين ايوبي کي پيدا ڪيو. سلطان صلاح الدين جي والد نجم الدين ايوبي ۽ چاچو اسرين شير ڪده سلطان نورالدين زندگي جا خاص مقرب هئا. نجم الدين دمشق جو حاڪم ۽ شير ڪوه زندگي جو سپه سالار رهيو. سلطان قليل عرصي کي جنهن تي عيسائيت جو قبضو هيو فتح ڪيو. ساحلي علائقي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان بيت المقدس جي طرف متوجه ٿيو جنهن ۾ هزار عيسائي فوجي مقيم هئا. سلطان شهر جو محاصرو ڪيو ۽ آخرڪار 1187ع ۾ اسلامي پرچم بيت المقدس ۾ ٺهرايو. سلطان جو اهو سلوڪ جيڪو ان عيسائي محصورن سان ڪيو. اهو فياضي و حسن سلوڪ جو بهترين مثال آهي. ان مسلمان فاتح خون جو هڪ هڪ قطرو به هتي ڪيرائڻ گواره نه ڪيو ان مقدس شهر جي محاصري جي دوران چوائي موڪليو ته توهان وانگر آئون به بيت المقدس کي خدا جو گهر سمجهندو آهيان. خونريزي کي ان جي تقدس جي توهين ڪرڻ پسند نٿو ڪريان. سلطان صليبي مفتوحن جي ان بيوائن ۽ ڇوڪرين سان شريفانه سلوڪ ڪيو جيڪي پنهنجي مڙسن ۽ والدين جي قتل يا قيد هئڻ کان پوءِ يروشلم اچي ويون هيون. سلطان جي سامهون رحم جون طالب هيون. سلطان پڇيو ته اهي ڇا ٿيون چاهن. انهن رحم جي درخواست ڪئي. ته عيسائن جي اکين مان دنيا تاريڪ ٿي ويئي. پاپاءِ اعظم صدمي ڪري مري ويو. گهر گهر ماتم ڪيو ويو ڇو ته انهن منجهان بعض جا مڙس اڳي ئي مري چڪا هئا ۽ ڪن جا قيدخانن ۾ بند هئا. انهن سڀني جون جاگيرون ۽ زمينون ضبط ڪيون ويون هيون. انهن جي اها حالت زار ڏسي سلطان خود روئڻ لڳو ۽ انهن کان پڇيو ته انهن جا مڙس ڪٿي ڪٿي قيد آهن. ۽ جتي جتي قيد هئا آزاد ڪيا ويا ان کان پوءِ سلطان حڪم ڏنو ته مقتول يا مقيد ماڻهن جي زالن ۽ سندس ڌيئرن کي ان جي ذاتي خزاني مان رنبي مطابق رقم ڏني وڃي. ان لحاظ سان اها غازي يا مجاهدڻي نه بلڪه محسن ۽ محافظ ملت اسلاميه به هيو. سلطان اعليٰ قائدانه ۽ جنگي صلاحيتن جو مالڪ ئي نه بلڪه بهترين منتظم ۽ لائق حڪمران به هيو. قوم جو خيرخواه به هيو ۽ قوم ان سان محبت ڪندي هئي ان لاءِ پنهنجي سڄي دولت قوم جي ڀلائي ۽ جهاد جي انتظامن تي خرچ ڪري ڇڏي. پاڻ سادي ۽ وڏي محنت واري زندگي بسر ڪيائين عيش و آرام کان کيس سخت نفرت هئي. علماء ۽ دانشورن جي صحبت پسند ڪندو هيو ۽ انهن جي قدر ڪندو هو. مصر ۽ شام ۾ ان گهڻائي مدرسه قائم ڪيا. سندس علمي و تعليمي ذوق کي ڏسي سندس پوين اهل خاندانن اميرن بلڪه عورتن تائين مدرسن جي علاوه  گهڻيون ئي مسجدون قائم ڪرايون. شرعي حڪمن جي پابندي جو وڏو اهتمام ڪيو.

20 فيبروري 1993ع جي رات تي سلطان کي سخت بخار ٿي پيو ۽ آخرڪار اهو ئي بخار سندس موت جو سبب بڻيو. 2 مارچ 1993ع اربع جي ڏينهن وقت فجر ان مور مجاهد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو دمشق ۾ ان کي سپرد خاڪ ڪيو ويو.

خليل اختر بخاري

انعامي مقابلو

هن کي ٻه سو رپين جي ضرورت هئي ڇاڪاڻ ته امتحانن جي في ڀرائڻي هيس. هن کي خبر هئي ته ڳوٺ ويندس تڏهن به امان وٽان پئسا نه ملي سگهندا ڇو ته ماءُ سلائي جي مشين هلائي گهر جي سفر لاءِ مشڪل سان ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائيندي هئي، جنهن مان پنهنجي پٽ جي ڪتابن ڪپڙن ۽ فين لاءِ بچائي رکندي هئي پيءُ ته ننڍي هوندي هن دنيا مان رخصت ٿي ويو هوس. هن سوچيو ته اگر آئون ڪٿان پئسا هٿ ڪريان فارم ڀرجڻ جي آخري تاريخ آفت وانگر سر تي پهچي رهي هئي دل ۾ خيال آيس ته ڇو نه احمد کان جيڪو منهنجو ننڍي هوندي جو دوست آهي تنهن کان پئسا گهران، اهو سوچي احمد جي گهر اچي ٿو پر احمد ٻن مهينن لاءِ پنهنجي چاچي جي ڳوٺ ويل هو. دل ۾ خيال ڪيائين ته اسڪالرشپ ڏني هيم شايد اهو وظيفو منظور ٿيو هجي، پر اهي به جلد نٿي ملي سگهيا ويچار ڪندي لائبرري ۾ اچي ٿو ۽ هڪ ڪتاب جي ورق گردائي ڪرڻ لڳي ٿو، اڙي هي ڇا؟ هن کان پنهنجي وات مان حيرت سان رڙ نڪري ٿي 200 رپين جو انعام! هي خوس ٿئي ٿو مقابلي ۾ بنا عنوان تي ڪهاڻي لکڻي هئي جنهن تي ٻه سؤ رپيه انعام رکيل هو. سوچي ٿو ته ڪهڙي ڪهاڻي لکان بادشاهه، وزير جي نه چورن جي ڪهاڻي يا جنن پرين جي ڪهاڻي- هي سوچي ٿو ڪهڙي لکان نيٺ هي هڪ دلچسپ ڪهاڻي لکي ٿو ۽ ڪتاب کي احسان ڀرين نظرن سان ڏسي ٿو. ڪتاب کي خوشي وچان چمي ٿو. اڙي هي ڇا؟

هن جي مٿي تي جهڙو آسمان ڪريو پوي، رسالي جي سرورق تي سال 86 لکيل هو، جڏهن ته هينئر سال 87 هلي رهيو هو.

”ليلاف قوسين“ طاهرزاده

جادو جي پينسل

جاويد کي شڪار جو تمام گهڻو شوق هو، هو هر خميس جي ڏينهن تي پنهنجي دوستن کي گڏ وٺي جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ ويندو هو.

هڪ دفعي شڪار لاءِ وڃي رهيو هو ته ان جا دوست سندس گهر جي سامهون اچي لنگهيا جاويد انهن کي چيو ته ڇا اڄ شڪار تي هلڻ جو موڊ ناهي تنهن تي سندس دوستن چيو نه دوست اڄ ڏاڍي گرمي آهي ان ڪري اسين ڪونه هلنداسين اهو ٻڌي جاويد سوچيو هاڻ ته مون کي اڪيلو ئي وڃڻو پوندو اهو سوچي هو اڪيلو پاڻ ئي شڪار لاءِ هليو- ٻارو خبر اٿوَ شڪار لاءِ جهنگ ۾ وڃڻو پوندو آهي ۽ جهنگ جاويد جي گهر کان گهڻو پري ڪونه هو پر جڏهن هو اتي پهتو ته رستو ڀلجي ويو ۽ اخر ٿڪجي ٽٽجي هڪ جاءِ تي ويهي رهيو اُتي اوچتو ڪنهن جانور جي رڙ جو آواز آيو- جاويد ان پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اتي نه پهچي سگهيو پر جڏهن اهو آواز وڌيڪ زور سان اچڻ لڳو ته جاويد کان رهيو نه ٿيو ٻيو دفعو ان آواز پٺيان وڃڻ لڳو ۽ ان جاءِ تي پهچي ويو جتان اهو آواز اچي رهيو هو هُن ڏٺو ته هڪ شينهڻ جي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي اهو ڏسي جاويد پريشان ٿيڻ لڳو ته شينهڻ هڪدم انساني آواز ۾ چيو منهنجو مانلو نيڪدل پري آهي هڪ جادوگر منهنجي پيٽ ۾ اهو چاقو هڻي چيو هو ته جيستائين تنهنجي پيٽ مان اهو چاقو ڪو انسان جو ٻچو نه ڪڍندو تيستائين تون ائين شينهڻ بڻي رهنديئن ۽ ڦٿڪندي رهنديئن پر شايد خدا توکي منهنجي مدد جي لاءِ موڪليو آهي. جيڪڏهن تون منهنجي پيٽ مان هي چاقو ڪڍي ڇڏين ته آئون توکي هڪ اهڙي پينسل ڏيندس جيڪا تنهنجو هر ڪم ڪندي اِهو ٻڌي جاويد شينهڻ جي ويجهو آيو ۽ هڪدم سندس پيٽ مان چاقو ڪڍي ڇڏيو- شينهڻ جاويد جي مهرباني مڃي ۽ هُن کي هڪ پينسل ڏني.

جاويد رحم دل پري جي مهرباني مڃي پنهنجي گهر هليو آيو- گهر اچي هُن کي ياد آيو ته سڀاڻي هُن جو امتحان آهي. ٻئي ڏينهن اسڪول پهتو ته استاد امتحان جا پيپر سڀني ڇوڪرن ۾ ورهايا. سوالتمام ڏکيا هئا جاويد کي به سوالن جا جواب بلڪل ڪونه ٿي آيا پر اوچتو جاويد کي بيڪدل پري جي ڏنل پينسل جو خيال آيو، هُن هڪدم قميص جي کيسي مان اُها جادو جي پينسل ڪڍي ۽ کيس حڪم ڪيو ته پيپر جي سڀني سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ ڪجهه ئي منٽن ۾ پينسل سڄو پيپر لکي ڏنو. جيئن ته جاويد جو اهو آخري پيپر هو ۽ ٻئي ڏينهن تي امتحان جو نتيجو نڪرڻو هو- پيپر جو ٽائيم ختم ٿيڻ تي استاد سڀني جو ٽائيم ختم ٿيڻ تي استاد سڀني ڇوڪرن کان پيپر واپس ورتا ۽ ان تي اسڪول جي موڪل ٿيڻ جي گهنٽي به وڳي.

جاويد پنهنجي گهر پهتو ڏينهن گذريو رات آئي ماني کاڌائين ۽ جلد سمهي رهيو- صبح جو سوير سوير جاڳيو جلدي جلدي تيار ٿي ناشتو ڪري اسڪول ويو جڏهن رزلٽ نڪتي ته جاويد پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو هو- پر ان کان پوءِ جاويد ڪڏهين به جادو جي پينسل کان ڪو ٻيو ڪم ڪونه ورتو.

زينب شيخ

اسڪولي زندگي جا ڏهه سال

مس مس ڪري اسڪول جا نو سال گذري ويا. يعني پهرين ڪلاس کان وٺي نائين ڪلاس تائين ۽ نائون ڪلاس به پاس ڪري ڏهين ۾ اچڻ واري سڄي جدوجهد نون سالن تي مشتمل آهي. اهي نو سال ڪيئن گذريا ۽ هاڻي ڏهون سال ڪيئن گذرندو اچو ته توهان کي ٻڌايون. اسان کي اسڪولي زندگي ڪڏهين نه وڻي، سچ ٿا ڳالهايون ڇو ته سچ جو مان مٿانهون اهو اسان ڪتابن ۾ پڙهيو آهي. ها ته اسڪولي زندگيبه ڪهڙي زندگي آهي. صبح جو پنهنجي پياري ننڊ کي الوداع چئي، اٿي تيار ٿيون ۽ پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿيون. جتي مان سمجهان ٿي ته، نه پر توهان به سمجهندا هوندا. ڏسندا هوندا ته هر ڪو بيزار نظر اچي ٿو. يعني شاگرد استادن کان ته استاد شاگردن کان بيزار يعني ته ايتري حد تائين بيزاري آهي جو اگر ڪو شاگرد سوال جو صحيح جواب به ڏئي ٿو ته استاد کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ٿي. ۽ ان کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪن ٿا ۽ آخري حربو ڊيسڪ مٿان بيهاريو ڇڏين. اگر شاگرد صفائي ۾ ڪجهه چوي ته چون استاد سان منهن ماري ٿو ڪرين شرم نٿو اچئي. پوءِ ظاهري ڳالهه آهي شاگرد کي اهو صحيح جواب به غلط ٿو لڳي. پوءِ ظاهري ڳالهه آهي شاگرد کي اهو صحيح جواب به غلط ٿو لڳي. پوءِ ڇا خاڪ شاگرد پرهندو ۽ سمجهندو. انهي ڪري استاد شاگرد کان بيزار ته وري شاگرد پڙهائي کان بيزار. مطلب ته هر ڪوئي بيزار. ها ته مون ڳالهه پي ڪئي ته مون اسڪولي زندگي جا نو سال بنا بيزاري سان گذاريا اڳيان هلي خبر پوندي ته مان ڪيئن بنا بيزاري سان نو سال گذاري آيس ۽ هاڻي هڪ سال گذارڻ جو ارادو آهي. ڏهين ڪلاس جي ڪتابن کي ڏسو ته مار رڳو حساب ئي حساب. کڻ فزڪس سا چوي ته مان حسابن کان بغير اڌوري، کڻ ڪيميسٽري ته چوي مان فارمولن کان بغير اڌوري. اردو جي ڳالهه ڇڏي ڏيو. ان جو ڪتاب اڃا نه ڏٺو. ”ورتو ئي ڪونهي ته ڏسنديس ڇا خاڪ“ امتحانن جي ڏينهن ۾ وٺندس. رهيو انگلش ته انگلش کي انگلش ٻي وهن ڏيو. رهيو حساب ته اهي ته آهن ئي حساب، سو چوي مان ڪنهن بغير اڌورو نه آهيان. مئٽرڪ ۾ اچڻ کان پوهر ڪو شاگرد پڙهڻ ۾ لڳو پيو آهي يعني ڪتابي ڪيڙو. مان اهڙي چري ٿوروئي آهيان. پر ها هڪ اهڙو وقت ايندو آهي جو مان خود ڪتابي ڪيڙو ٿي ويندي آهيان. ۽ پاڻ کي چريو تسليم ڪندي آهيان. اهو وقت امتحان جو وقت آهي. ظاهري ڳالهه جنهن سڄو سال ته پرهيو نه لکيو تنهن کي ڇا سمجهه ۾ ايندو. ان وقت هڪ پراڻي روايت ڪم ايندي آهي ۽ اها روايت آهي ”رئڻ“ جي. پوءِ ته سڄو ڏينهن ڪتاب جي هڪ هڪ سوال جي جواب هڪ هڪ سٽ کي پيا رٽيندا آهيون. اها ڪهڙي وڏي مشڪل ڳالهه آهي اسان جهڙن لاءِ ان صورت ۾ اسان جي سڄي سال جي جمعپونجي ختم ٿيو وڃي. يعني دماغ خالي ٿيو وڃي. امتحان شروع ٿين ٿا. امتحان ختم ٿين ٿا. ۽ پوءِ رزلٽ به چوي ته مان اجهو ٿي اچان. رزلت به پنهنجو فرض نڀايو ۽ هميشہ جيان اسان جهڙن جي پراڻي روايت اسان جي ڪم آئي ۽ سڀ پيپر ڪليئر. ان سان گڏ اسڪولي ڏهه سال به ڪليئر هاڻي ڪاليج جي ڳالهه ڪاليج جڏهن وينداسين تڏهن وري ملاقات ٿيندي.

فرزانه ترڪ

·    جنهن شخص علم حاصل ڪيو، مگر سوچ ويچار جي پاڻ ۾ عادت نه وڌي، ان جي سڄي محنت ڄڻڪ رائگان وئي.

·    عالم، جيڪو پنهنجي علم موجب عمل نه ٿو ڪري، ته اُهو ان بيمار جي مثل آهي؛ جنهن وٽ دوا آهي، پر علاج طور ان کي استعمال نه ٿو ڪري.

·          دنيا ۾ هر شيءِ جي حد مقرر ٿيل آهي، مگر علم جي حد ڪابه ڪانهي.

اچو ته مضمون لکون-34

اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي ويو آهي ان مقبوليت کي ڏسي اسان پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون نگارن کي انعام ۾ ڪتاب موڪليندا آهيون.

شرط

(1)  مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا.

(2) هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون 34 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

(3) مضمون ٻن فل اسڪيپ جي پنن کان مٿي نه هجي. مضمون پني جي هڪ پاسي لکيل هجي. ٻنهي پاسي لکيل مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

(4) مضمون سان گڏ پوري ائڊريس لکڻ گهرجي (گهڻا ٻار مڪمل پتو نه ٿا لکي موڪلين ان لاءِ انعامي ڪتاب نه ملڻ جي صورت ۾ ادارو ٻڌل نه رهندو.)

عنوان

(اسڪول ۾ ڪمپيوٽر جي اهميت)

 

مضمون موڪلڻ جو پتو

ايڊيٽر گل ڦل سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو

نتيجو اچو ته مضمون لکون- 32

ماهه آڪٽوبر جي پرچي ۾ ”اچو مضمون لکون“ جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

نورنگ علي گولاٽو ڪنڌڪوٽ، شمن جوڻيجو ڏوڪري، پهلاج رام پنو عاقل، بيوس پون ڪمار ڪشمور، اختر علي هڪڙو گهوٽڪي، حبدار علي ڪي اين شاهه، عبدالرزاق بوسڻ وڏا بوسڻ، ممتاز علي ابڙو پيارو ڳوٺ، ممتاز سولنگي ڪشمور، محمد الدين ڀٽي ميرو خان، اسرار احمد ڪولاچي، محمد يعقوب ڊهيو پنو عاقل، ڪمال الدين پنهور ميرپورخاص، درمحمد منگي پنوعاصل، محمد اقبال خاصخيلي پيارو ڳوٺ، عظيم جروار شير خان جروار، نثار احمد سولنگي دادو، ارشاد علي آرائين ڪين اين شاهه، الطاف حسين مهيسر ڪمال ديرو، ذڪريا شر جهول، وزير احمد ماڇي ٺل، ذوالفقار سولنگي ٽنڊو محمد خان، آغا شرف الدين پٺاڻ ڪنڌڪوٽ، گلفام شاهه ڪڍڻ، فيض محمد تنيو اڳڙا، اياز علي جوڻيجو لاڙڪاڻو، اسدالله عمراڻي نواب شاهه، شمس النهار سومرو ميرپور ٻرڙو، پير عبدالحفيظ سڪرنڊ، قطب الدين شاهه تنيا بقا شاهه، الهه بچايو ڏاهري سرهاري، اين ايم مينگهواڙ نئون ڪوٽ، اصغر علي ڀٽي سڪرنڊ، عبدالسلام جوڻيجو ممون ڌوڻ لاشاري، رسول بخش سيلرو الهڏنو سيلرو، امرت فضل الله ڪوٽڙي، صبغت الله ميرپور ٻرڙا، اير- ڪي- ايڇ- اي- ڪي ڪشمور، محمد عظيم هاليپوٽو حيدرآباد، سچڻ خان لاشاري پڊعيدن، بشير احمد اگهم ڳوٺ جمع اگهم، شاهه محمد ٻوسڻ رتوديرو، الهه بخش لغاري ميرپورخاص، محمد اسلم جلباڻي رتوديرو، حبيب الله سولنگي ڪنڊو خان سولنگي، عنايت الله راهي بلوچ ڪوٽڙي، ايشور شرما مٺي، عطاءالله دڙو، ضمير احمد سومرو لونگ خان سومرو، محبوب علي ابڙو پيارو اسٽيشن، منظور حسين ميمڻ رسول آباد، بدرمنير سنڌي دليل خان ميتلو، ساقي انور بڙدي ميرواهه، ظهور الاهي سومرو نواب شاهه، اشفاق احمد قريشي دادو، احمد شاهه خانپور، پرشوتم داس کتري هٿونگو، دليپ ڪمار پهلاج راءِ ڪوٺاري مٺي، جنسار علي اڄڻ لاٽيشن، هيرو ڪمار راڌڻ اسٽيشن، بي نظير جوکيو جنگ شاهي، رفيق احمد شيخ پنو عاقل، نصرالله سومرو ڪنڌڪوٽ. کنگهار مينگهواڙ نئون ڪوٽ، ديارام مڪواڻو ميرپورخاص، واحد بخش هشوق جوڻيجو مرزاپور، گدا حسين سيال اڳڙا، ڪريم داد مهر نئين واهي، مينهار سٺيو سيد متو شاهه، عبدالجبار اڄڻ عليم اڄڻ، ذوالفقار مگسي سانگهڙ، شاد ڏيپلائي ڏيپلو، خادم حسين گل گهنڃو پنو عاقل، ارشاد احمد ڪونڌر خانواهڻ، حيدري سيد قاسم علي شاهه خانواهڻ، نظام الدين سولنگي رزاق ڏنو سولنگي، مفتي فيض محمد سومرو ميرپور ٻرڙو، هوت چند سونو مل نئون ڪوٽ، مهيش ڪمار آڏواڻي شهدادڪوٽ، اعجاز ميمڻ ڏيپلائي عمرڪوٽ، اشرف علي شاهه ڦڪا، ممتاز علي عباسي لاڙڪاڻو، اداس جبار جلباڻي رتوديرو، رميش ڪمار لهاڻو ٽنڊوباگو، ممتاز جروار سنڌي ڪارياڻو، ذاڪر حسين گاڏهي ڪي اين شاهه، عذرا پروين عباسي نواب شاهه، ستار سنڌي جوهي، شام سندر ٻڌواڻي ڏيپلو، الطاف احمد قريشي سيوهڻ، توفيق حيدر تنيو پريو تنيا، شعيب جلباڻي رتوديرو، مسرور احمد سهتو ڪنڊيارو، محسن علي سومرو سکر، طفيل علي مغل ٺٽو، ابرار علي شاهه بقا شاهه، هريش ڪمار مٺي، اعجاز احمد مهر پراڻو سکر، عطاءالله لاکو آباد لاکا، شاهد علي قريشي هاشمي حيدرآباد، حفيظ الرحمٰن ميمڻ ڏيپلو، مور خان ڀٽو بهارپور، ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو، فاروق احمد قريشي دادو، عبدالغفور ڪونڌر خانواهڻ، عطاءالله خان هنڱورو کپرو، جميل احمد خلجي کهڙاڻي، مشتاق احمد ميمڻ هنڱورجا، ديدار علي جلباڻي دوڙ، نظير حسين سومرو بهارو ملار، من شاد علي جمع ڳوٺ ڪراچي، علي شير ڀٽِ نواب شاهه، نذير احمد ڀٽي نواب شاهه، مجاهد فاروق اعظم ميمڻ ڪنڌڪوٽ، شيخ غلام شبير ڪڍڻ، جنسار علي اڄڻ لاڻيشن، شوڪت علي وسطڙو نواب شاهه، منصور عبدالفتاح ڪونڌر خانواهڻ، رفيق علي سومرو ڳيريلو، ذوالفقار سيال مير محمد سيال، مظهر علي ڏوتيو لاڙڪاڻو، رياض علي مغل ٺٽو، غلام رسول سومرو دادو، شڪيل احمد کتري ٺٽو، غلام مجتبيٰ ڪهيري تلهار، پاهورام راڄو خاناڻي، محمد نور گاڏهي ميهڙ، اعجاز علي کٽي تلهار، دلدار علي ڀنڊ دادو، حسن بانو سومرو جوهي، زين العابدين کوسو جوهي، مشتاق احمد ميمڻ سجاول، بي نظير عالم ڪولاچي ميرپور ماٿيلو، خالد احمد سومرو شڪارپور، برڪت علي مهيسر ڪنڍيارو، خالد منصور ميمڻ سکر، آغا سفير احمد ميتلو خانپور مهر، مهچل ناز گوماڻي مٺي، مجاهد علي سومرو رتوديرو، محبوب علي ملڪ قاسم آباد ڪالوني دادو، ابوبڪر کتري تلهار، خالد احمد سڪرنڊ نواب شاهه، گل محمد ميمڻ سجاول، گلاب چند ٿري آرجماني نئون ڪوٽ، محمد اسحاق مغل ميرپور ٻرڙو، عاشق حسين اوڍاڻو ڪوٽڙي، ابن مرحوم مسڪين محمد اسلم راڄپر ڪنڊيارو، محمد صادق شهدادپور، امداد علي منگي سکر، اشفاق احمد ميمڻ دڙو، عزيزالله سنڌي شاهپور چاڪر، حامد علي مهر روڪ شري، سڪندر علي رند غوث بخش رند، سوڀارو خان رند شاهه علي رند، راجيش ڪمار موراڻي ڏيپلو، پرديپ ڪمار موراڻي ڏيپلو،علي اصغر زرداري راڌڻ، فيروزالدين ميمڻ سکر. محمد هاشم لقمان سومرو، ارشاد عليميمڻ نئون ديرو، بيوس گڊو خان شيخ اداسي لاڙڪاڻو، پرماش ڪمار پنو عاقل، اعجاز علي نئون ديرو، محمد عالم ڪلهوڙو راڌڻ اسٽيشن، محمد عرس ڏيٿو نيو محبت، عاجز علي گوهر ٿيٻو ڪوٽڙي ڪبير، ايم رمضان سيلرو رتوديرو، افتخارحسين جوکيو تنيا بقا شاهه، ذيشان علي مگسي نواب شاهه، رحيم بخش صوفي فقير عمرڪوٽ، رعايت علي ڪپري هاڏيرو، محمد پريل تنيو پريو تنيا، راجڪمار راٺي ڏيئي شهر، سلطان احمد کوسو جوهي، آصف علي شيخ مٺياڻي، شير محمد ٽانوري ڪنڊيارو، ذوالفقار علي لونگاڻي مٺي، نور احمد گجو ميمڻميرپور ساڪرو، رياض پارس ملاح خانواهڻ، گل حسن سٺيو ٽنڊومحمد خان، فياض حسين ڪليري نواب شاهه، آصف عباس خواجه بدين، محفوط علي ميرجت بهار ميرجت، ظهور احمد لاڙڪ، منصور جهتيال ڪوٽڙي، انتخاب عالم جمالي تلهار، شفيق الرحمان تلهار، اياز امان الله سومرو لاڙڪاڻو، عبدالسميع ڏاهري نوابشاهه، ڪوثر پروين سومرو جوهي، راجيش ڪمار راٺوڙ، محمد بخش ولد نور محمد جوڻيجو، ايم يوسف گهانگهرو رتوديرو، طفيل احمد سومرو دادو، جاويد احمد سومرو جيڪب آباد، بيوس نياز حسين خاصخيلي ڏوڪري، ممتاز سٺيو سيد متو شاهه، اسلم خان جمالي ڪنڌڪوٽ، مقصود عالم ڪولاچي چاڪر خان ڪولاچي، ايم يامين بسم بهلاني ٽنڊوباگو.

ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون پهريون ۽ ٻيون نمبر قرار ڏنا ويا آهن. اهي پنهنجي پوري ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

1-     نورنگ علي گولاڻو، معرفت خان بهادر هوٽل وارو لڳ ريلوي اسٽيشن ڪنڌڪوٽ.

2-    شمن جوڻيجو رانجهن مٺائي وارو پوسٽ آفيس ڏوڪري.

ٻه سؤ رپين جي شاندار ورڇ

گل ڦل پرولي 7 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو.

هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين حصي آهر انعام موڪلبو.

جواب: 1- هنج پکي 2- ٻارهن سڱو هرڻ 3- هاٿي 4- چمڙو 5- ڪمي 6- گهوڙو 7- ماڻهو 8- ڪڪڙو.

1-     منير احمد ولد عبدالرحيم کٽي چوهڙ جمالي ٺٽو.

2-    شمس النساء پوسٽ صوفي فقير وايا ڍورو نارو.

3-    ذوالفقار علي ڪارو مڱڻهار دڙو ضلع ٺٽو.

4-    حاجي زاهد حامد زاهد سوئيت مارٽ حاجي ٺٽو.

5-     وحيد سومرو گهر نمبر 1033 هاشمي گهٽي پنج هٽِ خيرپور ميرس.

واشديو سنڌو

گل ڦل پرولي 9

ٻه سؤ رپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 2 ڊسمبر 1987ع

گل ڦل پرولي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد حصو وٺي سگهن ٿا. مهرباني ڪري وڏا (نوجوان) هي ڪوپن نه ڀري موڪلين ويهن کان مٿي درست جواب اچڻ تي ويهن ٻارن کي ڪڻن وسيلي انعام ڏبو. باقي نالا شايع ڪبا. پرولي جو ڇپيل حصو ڪٽي موڪلڻ گهرجي. سادي پني تي يا فوٽو اسٽيٽ ٿيل پني تي جواب قبول نه ڪبو.

پرولي: ٻارو! تصوير ۾ 12 جارا ڏيکاريل آهن انهن جارن ۾ ڪيترائي ڏيئا رکيل آهن. ڪي ته ٻرن پيا ۽ ڪجهه وساميل. انهن ٻارهن جارن کي چئن ڀائر ڀينرن سليم، ظفر، تبسم ۽ ممتاز ۾ ان طرح ورهائڻو آهي جيئن هر هڪ جي حصي ۾ ٻه ٻه ڏيئا اچن. پر اهڙي ورهاست انهن ڀائر ڀينرن ۾ ڪانه ٿي سگهي. آخر طارق کي گهرايو ويو طارق دماغ ڊوڙايو ۽ ان مسئلي جو حل ڳولي ڪڍيو.

ٻارؤ، هاڻي اهو اوهان کي ٻڌائڻو آهي ته طارق مٿين ٻارهن جارن کي ڪهڙي طرح چئن ڀائر ڀينرن ۾ ورهايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com