سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

باب: --

صفحو :3

چنڊ تي هر منزل ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ پٽڙي واريون گاڏيون هلنديون هيون. هو هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ٿي هڪ رستي تي وڃي لٿا. جتان ٻه فرلانگ کن ورن وڪڙن وارين واٽن تان پنڌ ڪندا هڪ سرنگهه نما جاءِ تي اچي پهتا. اُتي ڏاڪڻ نظر آين، جيڪا خودڪار هئي ۽ پاڻهين پاڻ مٿي هلندي پئي وئي. منزل تي هنن پاڻ کي هڪ ڪشادي ورانڊي وٽ بيٺل ڏٺو، جتي هڪ اردلي بيٺو هو ۽ هنن کي سلام ڪندي چيو ته ”اندر هليا وڃو.“

عابد ۽ زاهد اندر ويا ته اتي ”چنڊ ڪالوني“ جو ڊئريڪٽر مسٽر آفتاب سندن انتظار ڪري رهيو هو. هن مسڪرائيندي کين ڪرسين تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو.

”سائين ڪهڙو معاملو آهي؟“ عابد پڇيو.

”اسان چنڊ جي رهواسين جي جياپي جو سوال آهي! ڪو تخريبڪار گپت ڪاررواين سان اسان جي لئبارٽريءَ کي نقصان رسائي چنڊ جا فصل اجاري رهيو آهي!“

زاهد وچ ۾ ٽپڪندي کل مسخري ڪرڻ لڳو. ”اوهان مان ڪو اهڙو مڙس نه هو جو منجهيل سُٽَ کي سلجهائي. هاڻي ڏسو اسان جو ڪمال ڪيئن ٿا وار جي کل لاهيون!“

عابد ڳالهه ڪٽيندي چيو ”سائين هن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪريو، هي چرچي جي موڊ ۾ آهي. اسان کي تفصيل سان ٻڌايو ته توهان جو شڪ ڪهڙي شخص ۾ آهي زمين تان هتي آيل آهي يا ٻئي ڪنهن گرهه جو آهي؟ هتي جو مستقل رهواسي ته ائين مشڪل ڪندو.“

”اها کوجنا به اوهان کي لڳائڻي آهي“ آفتاب چيو.

”پوءِ به معاملي تي ڪا روشني ته وجهو؟“ عابد چيو.

هڪ هفتو اڳ جي ڳالهه آهي ته فوڊ ڪنٽرولر اطلاع ڏنو ته ٻوٽن اُپائڻ واري لئبارٽريءَ جو هڪ حصو نابود ٿي چڪو آهي ۽ سڀيئي ٻوٽا سڪي ويا آهن. اسان وٽ ٻوٽن اپائڻ جو طريقو اهو آهي ته هيٺان نلڪين ۾ پاڻياٺ وڌي ويندي آهي، جنهن جي مٿان چادر پيل هوندي آهي. ان تي ٻجن جو ٻورو پکيڙيو ويندو آهي ۽ ٻوري تي آهستي آهستي پاڻيٺ پوڻ سان سلا اُسرندا آهن ۽ اسين هر قسم جو اناج ۽ ميوو اتان پيدا ڪندا آهيون.

ايتري ۾ زاهد جي کونگهرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. عابد کلي آفتاب ڏانهن نهاريندي چيو ”توهان دل ۾ بلڪل نه ڪندا. هونه رڳو توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيو آهي بلڪ غور به فرمائي رهيو آهي!“

آفتاب مسڪرائيندي ڳالهه کي وري جاري رکيو.

”هڪ هفتو اڳ ۾ فصل اُپائيندڙ مصنوعي ميدان ۾ هڪ حصي تان اوچتو ئي اوچتو ٽماٽن جو فصل سڙي سڪي ويو. اسان پهرين ته خيال ڪيو ته اهو سڀ ڪجهه اتفاقي ٿيو آهي پر ماهرن تپاس واري رپورٽ ۾ لکيو ته، ڪنهن نلين رستي فصلائي پاڻيٺ ۾ زهر ملايو آهي، جنهن جي ڪري ٻوٽا سڪي ويا.“

”ڪهڙو زهر مليل هو؟“ عابد اکيون بند ڪري پڇيو.

”پوٽاشيم سلفائيڊ“ ڊئريڪٽر جواب ڏنو.

”ڀلا ان کان پوءِ توهان ڪهڙا اُپاءُ ورتا؟“ عابد وڌيڪ انڪوائري ڪندي پڇيو.

”بس اهوئي ته هتان جي جاچ ۾ ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو. وري ڪجهه ڏينهن رکي ساڳيو ئي واقعو ٿيو. ڪڻڪ جي اڌ کان وڌيڪ فصل جو خانو خراب ٿي ويو. ماهرن وري به ساڳي رپورٽ ڏني.“

”ڇا فصل وري به سڪي ويو؟“ عابد حيرانيءَ مان چيو.

ها اڄ ان کي چوٿون ڏينهن ٿيو. اسان يڪدم عالمي هيڊ ڪوارٽر کي رپورٽ ڪئي. اسان کاڌ خوراڪ جون ضرورتون پنهنجي اُپت مان ئي پوريون ڪندا آهيون. پر هيل اهڙي حالت ٿي آهي جو شايد هر کاڌي جي شيءِ (توهان جي) دنيا کان گهرائڻي پوي. اسان جي لاحاصل ڪوشش باعث ئي توهان کي موڪليو ويو آهي.“

زاهد ننڊ مان ڇرڪ ڀريندي چيو: ”هون! اهو ته پڪ ئي پڪ ڪنهن جاسوس جي ڪارروائيءَ جو ڪم آهي.“

سڄي حقيقت سمجهڻ کان پوءِ عابد ڊئريڪٽر کان چنڊ جي جاسوس جون ڪارگذاريون ۽ سندن رپورٽون وٺي پڙهيون ۽ ان بعد عابد ۽ زاهد مزدورن جي ڪپڙا پاتا ۽ ظاهري طور هو مصنوعي ميدان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هليا ويا.

اٺن ڏينهن کان پوءِ هو رات جي وڳڙي ۾ ڳجهيءَ طرح ڊئريڪٽر آفتاب سان ڪنهن لڪل جاءِ تي مليا.

”ڪجهه پتو لڳو؟“

”جي ها!“ عابد جواب ڏنو. ”مون وٽ ڪا ڪارائتي ڳالهه آهي.“

”ڇا سڳ مليو آهي؟“ ڊئريڪٽر بي قراريءَ مان پڇيو.

”ڪجهه سڳ ته مليو آهي پر اڃا سؤ پيسا ڳالهه ڪرڻي آهي.“ عابد تمام اطمينان سان ڳالهه ڪئي.

پر نيٺ ڇا معلوم ڪيو اَٿوَ؟ آفتاب وري سوال ڪيو.

”ڀلا مان جنهن حصي ۾ ڪم ڪريان پيو، اُتي ”شان“ نالي ڪو زرعي مزدور ڪم ڪندڙ آهي؟ اهو ڪيتري عرصي کان آهي؟“ حامد معلوم ڪندي پڇيو.

”مان معلوم ڪري وٺندس، توهان هن جي باري ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه معلوم ڪئي آهي؟“

”منهنجي خيال ۾ هو اصل ۾ ”شان“ ناهي.“ حامد جواب ڏيندي چيو. ”منهن تي پلاسٽڪ جو چهرو لڳل اٿس. اهو شڪ مون کي سندس نڪ کي غور سان ڏسڻ تي ٿيو، جو يقينا مصنوعي آهي.“ ڊئريڪٽر آفتاب کان ڇرڪ نڪري ويو اها حيرت جهڙي ڳالهه چئبي توهان جو خيال آهي ته اهو شخص جيڪو ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ناهي پر ڪو ٻيو نالو نشان رکي ٿو ۽ اصل ۾ ٻيو ماڻهو آهي.

”يقينا ائين ئي آهي“ عابد اڃا به ڳالهه کوليندي چيو ”ڀلا جيڪي ملازم صحيح ڪم نه ڪندا آهن تن خلاف ڪهڙو قدم کڻندا آهيو؟“

”اسين انهن کي ڌرتيءَ ڏانهن واپس موڪليندا آهيون ۽ هڪ دفعو واپس وڇڻ کان پوءِ کين ڪنهن به گرهه تي نوڪري ملي نه سگهندي آهي.“ ڊئريڪٽر جواب ڏنو.

”پر اهڙن ماڻحن جو ڪو رڪارڊ ته رکيل هوندو؟“ عابد پڇيو.

”بلڪل ائين آهي“ ڊئريڪٽر وضاحت ڪندي چيو ”اسان وٽ جيڪي به ملازم نوڪريءَ ۾ داخل ٿيندا آهن يا خارج ويندا آهن، تن جا رڪارڊ تي ٽي مختلف پوزن وارا فوٽو- هڪ سامهون وارو ۽ ٻه سائيڊ پوز رکيا ويندا آهن. ان کان سواءِ آڱرين جا نشان به انهن جا رجسٽر تي هنيا ويندا آهن.“

هي ”شان“ هتي ڪڏهن کان ڪم ڪري پيو؟“ عابد پڇيو.

ڊئريڪٽر هڪدم ٽيليفون ڪيو ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ جواب وصول ڪري ٻڌايائين ته اٽڪل ڇهه مهينا ٿيا اٿس. مگر هن جي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي. هو بلڪل خاموشي طبع ۽ سڀني کان الڳ ٿلڳ گذاريندو آهي.“

عابد چيو ”بلڪل اسان به اهوئي ڏٺو آهي.“ هن هڪ منٽ کان پوءِ وري ڳالهايو. ”ڇا توهين هتي انهن ملازمن جو رڪارڊ گهرائي سگهو ٿا، جن کي گذريل ٻن سالن ۾ نوڪريءَ مان خارج ڪري واپس ڌرتيءَ ڏانهن موڪليو ويو آهي.“

ڊئريڪٽر آفتاب چيو ”آئون رڪارڊ ته هتي گهرائي وٺان ٿو پير حيران آهيان ته توهان ان مان ڇا ٿا معلوم ڪرڻ گهرو؟“

واسطيدار کاتي کي ٽيليفون تي حڪم پهچايو ويو تيستائين چانهه ۽ بسڪوٽن سان ريفريشمينٽ جو دور هليو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ رجسٽر سندن اڳيان آڻي رکيو ويو.

عابد ۽ زاهد جلدي رجسٽر جا پنا اٿلائيندا فوٽن جو معائنو ڪندا رهيا. اوچتو هڪ پني تي عابد جي آڱر رڪجي بيهي رهي ۽ تمام غور سان ٽنهي پوزن کي ڏسڻ لڳو. ان بعد آفتاب کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”سائين، اجهو توهان جو ملزم، جيڪو توهان ڌرتيءَ ڏانهن ڏيڍ سال اڳ ۾ واپس ڪيو هو، سو وري موٽي آيو اَٿوَ ۽ تخريبڪاري ڪري توهان کان پنهنجي بي عزتيءَ جو پورو پورو بدلو وٺي رهيو آهي!“

ڊئريڪٽر جون اکيون ڦاٽي ويون. ”اڙي، پر هن جو نالو ته ”مانُ“ آهي، کيس برابر منهنجي سخت رپورٽ ڪري نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو.“

”نه نه سائين“ زاهد کلندي چيو.

”اهو ساڳيو ئي مانُ وري شانُ بنجي توهان وٽ ڪم ڪري رهيو آهي!“

ڊئريڪٽر پڇيو ”پر توهان اهو ڪيئن ٿا چئو؟ ٻنهي جون تصويرون ته بلڪل مختلف آهن؟“

عابد ڳالهه سمجهائيندي چيو ”سائين منهنجا پلاسٽڪ سان شڪل بدلجي نئون روپ وٺي سگهي ٿي، پر انسان جي مٿي جي مٿي جي بيهڪ ڪنهن به طرح سان بدلجي نٿي سگهي.“

”پوءِ هٿن جون آڱريون“ ڊئريڪٽر اڃا وڌيڪ پڇندي چيو.

”شان“ پڪ ئي پڪ آڱرين مٿان پلاسٽڪ جي تمام سنهي نازڪ چمڙي چاڙهي آهي، جنهن تي هٿراڌو نشان پيل آهن. ان ڪري ”شان“ جي آڱرين جا نشان ”مان“ جي آڱرين جي نشانن کان مختلف بيٺا آهن.

آفتاب ٻڌندي ئي اُٿي کڙو ٿيو ”ائون هينئر ئي کيس گرفتار ڪرايان ٿو.“

زاهد ٽهڪ ڏيندي چيو ”نه نه منهنجي سرڪار ائين نه ڪريو. اڃا ڳالهه جو ڳاٽو ته جهلڻ ڏيو. ڏسون ته سهي ته هو اهو ڪم ڪيئن ٿو ڪندو رهي؟“

ڊئريڪٽر چيو ”ٺيڪ آهي“ سڀاڻي کان آئون به توهان سان گڏ رهندس، ان بدمعاش کي ڪيئن به ڪري پڪڙڻو آهي!“

 

پنجن ڏينهن تائين، عابد، زاهد ۽ چنڊ کاتي جو ڊئريڪٽر آفتاب ٽيئي ڄڻا ”شان“ جي هلت چلت تي سارو وقت سخت نگراني ڪندا رهيا. پر هن اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي، جنهن مان هنن کي ڪو شڪ پوي. کيس اها خبر به نه هئي ته ڪي ماڻهو مٿس ڪا چوڪسي ڪري رهيا آهن. آفتاب ته ايتريقدر بددل ٿي پيو جو سڄي ڳالهه کي هڪ مفروضو سمجهڻ لڳو.

ڇهين ڏينهن عابد ڏٺو ته ”شان“ اوچتو هڪ وچتر نموني جي باريڪ سئيءَ جهڙي شيءِ ڪڍي ۽ اُن کي سارين جي مصنوعي پوکي ۾ ويندڙ ننڍڙين سوڙهين پاڻيٺ وارين نالين ۾ ٽنبڻ لاءِ هٿ وڌايو.

عابد جهاڙين مان نڪري اوچتو رڙ ڪئي ”مانَ، انسان ٿي تنهنجي حقيقت اسان کي معلوم ٿي چڪي آهي!“

شانُ پنهنجو اصلوڪو نالو ٻڌي سڄو حراسجي ويو ۽ ڊپ مان ڇرڪ ڀري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين ٿي ته عابد کڻي ڪرائيءَ ۾ هٿ وڌس.

هن جي ڇڏ ڇڏان ۾ زاهد به نڪري آيو، جنهن کيس پٺيان ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي کڻي سوگهو جهليائينس. ٿوري دير ۾ ڊئريڪٽر آفتاب به پوليس جي عملي سان جاءِ واردات تي پهچي ويو.

شانَ جو سڄو پول پڌرو ٿي پيو، ته هو اصل ۾ مانُ آهي ۽ پوکون ساڙڻ واري تخريبڪاري سندس هٿان ٿيل هئي. هو هاڻي گرفتار ٿي جيل ۾ وڃي چڪو هو. مانَ کي سچ پچ ته پنهنجي ڪَئي تي ڏاڍو پڇتاءُ هو ته، هُنَ پنهنجي ذاتي دشمني پاڙڻ لاءِ ناحق انسان ذات کي نقصان پهچايو. هُن سمجهو ٿي ته پوکون اجاڙيندو ته ڊئريڪٽر آفتاب نااهل ثابت ٿيندو ۽ کيس هميشه لاءِ چنڊ تان نيڪالي ملي ويندي.

هن منجهيل ڪيس کي حل ڪرڻ کان پوءِ عابد ۽ زاهد هڪدم ڌرتيءَ ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ سندن ناماچار اڳي کان به گهڻو ٿيڻ لڳو.

 

مجاهد حسين خواجه

ڪبوتر ۽ داڻو

هڪ ڪبوتر هڪ ڪڻڪ جو داڻو هٿ ڪيو ۽ ان داڻي کي چوڻ لڳو ته اي مزيدار داڻا! مون کي گهڻو عرصو ٿيو آ ته آئون تنهنجي تلاش ۾ هوس ۽ مون کي ٻه ٻچا به آهن جيڪي حد کان وڌيڪ بکيا آهن. مان گهڙين جون گهڙيون آسمان ۾ اڏامندو رهيس رڻن ۽ رُڃن کان گذريس ۽ پوءِ روءِ زمين ۾ چوڌاري ڦريس ۽ پنهنجي ننهن سان زمين کي کوٽيم ۽ نيٺ توکي وڃي لڌم، ۽ هاڻي توکي گهرجي ته تون منهنجي ٻچن کي ڍوء ڪرائين.“

ڪڻڪ جي سفيد داڻي جواب ڏنو ”مان هڪ داڻي کان وڌيڪ نه آهيان، بهتر آهي، ته تون مون کي زمين ۾ پوک ته جيئن آئون ڪجهه وقت کان پوءِ تنهنجي ٻچن کي ڍوء ڪرائي سگهان.“

ڪبوتر خوش ٿي ان کي زمين ۾ پوکيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪبوتر ڏٺو ته هڪڙو ننڍو ٻوٽو ٻاهر نڪتل آه. ٻوٽي ڪبوتر کي چيو، ”اي ڪبوتر مون کي پاڻي گهرجي جي پاڻي نه مليو ته تو جيڪا محنت ڪئي آه سا برباد ٿي ويندي.

تون ڪڪرن کي منٿ ڪر ته پاڻي رسائين ۽ پوءِ تنهنجو ۽ تنهنجن ٻچن جو کاڌو نڪري پوندو.“ ڪبوتر يڪدم پنهنجن پرن کي کولي آسمان ڏانهن اُڏاڻو ۽ ڪڪرن تائين پهچي ڪڪرن کي چيائين وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ ٻچا منهنجا اُڃايل آهن. مون هڪ ڪڻڪ جو داڻو پوکيو آه ۽ ان کي پاڻي جي سخت ضرورت آه. ڪڪرن اهو ٻُڌي جواب ڏنو ته اسان سڀ ڪجهه ڏسون پيا تو پنهنجن ٻچن خاطر هيتري ساري محنت ڪري هتي پهتو آهين. اسين تنهنجي ضرور مدد ڪنداسين. اُن کان پوءِ مينهن پوڻ شروع ٿيو. وڻ ٽڻ ساوا ٿي پيا ۽ ڪڻڪ جي ٻوٽي کي پاڻي مليو.

ڪبوتر صبح جو ٻوٽي وٽ وڃي ڏسي ته ڪڻڪ جو ٻوٽو ۽ ٻيا وڻ ٽڻ سڀ روئن پيا. ڪبوتر پڇيو ته ”توهان سڀ ڇو پيا روئو؟“ ڪڻڪ جي ٻوٽي جواب ڏنو ته ”اسان پاڻي پي، ڍوء ڪيو هاڻي اسان کي روشني جي ضرورت آه، ۽ تون وڃي سج کي چئو ته هو پنهنجن ڪرڻن سان اسان کي نوازي“ ڪبوتر وري پنهنجا پر کولي آسمان ڏانهن اُڏاڻو ٿي ويو، ۽ ساڙيندڙ سج وٽ پهچي ويو. سج ڪبوتر کي ڏسي چيو، ”اي ڪبوتر هتان هليو وڃ نه ته تون سڙي ويندين سج پنهنجن ڪرڻن سان ڪبوتر کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو پر دلير ڪبوتر چيو، ”اي روشن سج مون کي ٻه ننڍا بکيا ٻچا آهن، جن لاءِ مون ڪڻڪ جو ٻوٽو پوکيو آه. ان ڪري توهان جي ڪرڻن جي ضرورت آه. آئون توهان کي گذارش ٿو ڪريان ته منهنجن ٻچن تي رحم ڪريو.“ سج چيو ته تون هڪ محنتي پکي آهين ۽ مان تنهنجي مدد ڪندس ۽ پوءِ سج سڄي عالم کي پنهنجن ڪرڻن سان روشن ڪيو- ۽ ڪڻڪ جو ٻوٽو به وڌي وڏو ٿيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪبوتر ان ڪڻڪ جي ٻوٽي وٽ ويو ڇا ڏسي ته ڪڻڪ جو ٻوٽو سڄو سنگن سان ڀريو پيو آه پوءِ ڪبوتر تمام گهڻو خوش ٿيو.

اُنهن پڪل سنگن ڪبوتر کي چيو ته دير نه ڪر اسان کي پنهنجي آکيري ۾ کڻي وڃ ته توکي ۽ تنهنجن ٻچن کي ڍوء ڪرايون. ڪبوتر اُنهن سنگن کي کڻي پنهنجي آکيري ۾ کڻي آيو. ٻچن ۽ سندن ماءُ کائي ڍوء ڪيو ۽ پوءِ ٻچا خوش ٿيڻ لڳا.

 

زاهده محبوب لغاري

عظيم تحفو

راڻي جڏهن اسڪول کان موٽي گهر آئي ته گهڻي اداس هئي. هوءَ آهستي آهستي اچي سمهي پئي. راڻي کي جڏهن ماڻس، اداس ۽ اوٻاڻڪو ڏٺو ته اچي راڻي کي سيني سان لاتائين ۽ پريشاني جو سبب پڇيائين. ”ڇا ڳالهه آهي راڻي تون اداس آهين منهنجي مٺي ڇا مس توسان وڙهي آهي. سبق پڪو ڪونه ٿيو.“ راڻي وراڻيو، ”نه امڙ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي“ پوءِ ڇا ڳالهه آهي؟ راڻيءَ جي پيءُ راڻي کان سوال ڪيو. ”بابا مان ڇا ڪريان، سڀاڻي اسان جي مس جي سالگرهه آهي. سڀ شاگردياڻيون مس کي تحفا ڏينديون. پر مان؟“ راڻي معصوميت سان پيءُ کي جواب ۾ چيو. پڻس چيو ”بس راڻي ڌيءَ ڳالهه به ايتري تون نا اميد ٿي وئين“ ”نه بابا سائين نا اميد ناهيان، اسان جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ۽ مس به چوندي آهي ته نا اميدي گناهه آهي. ربّ پاڪ وڏو ڪارساز آهي انهيءَ مان ڪنهن کي به نا اميد ٿيڻ نه گهرجي، پر بابا سائين مون کي پروين جي يادگيري ٿي اچي.“ پڻس وراڻيو ”پروين جي يادگيري؟“ راڻي، ”ها بابا سائين هو منهنجي غريبي تي ٺٺولون ڪندي آهي. مس جڏهن مون کي پيار ڪندي آهي، منهنجي ڪم تي شاباس چوندي آهي“ تڏهن پروين حسد ڪندي آهي راڻيءَ جا اهي لفظ پڻس لاءِ ڏک ڀريا ٿيا اکين ۾ لڙڪ اچي ويس ۽ چيائين ”راڻي واقعي پاڻ غريب آهيون، ڏس ڌيءَ منهنجا والد جيڪڏهن مون کي پڙهائين ها ته اڄ مان سکي هجان ها. تنهنجي هر خواهش پوري ڪريان ها. پر ڌيءَ مان به ته اهو عهد ڪيو آهي ته مان نه پڙهيس ته ٺهيو پر پنهنجي ڌيءَ کي پڙهائيندس ها تون ڏک نه ڪر مان تنهنجي تحفي جو به بندوبست ڪندس“ اڄ مزدوري جا پئسا سيٺ ڏيندو مان تنهنجي لاءِ سٺو تحفو وٺي ايندس. تون اهو مس کي ڏجان“ راڻي، ”بابا سائين ربّ پاڪ پنهنجي مدد ڪندو مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي غريبن جي مدد پاڻ الله سائين ڪندو آهي.“ پڻس وراڻيو، ”او منهنجي ڌيئڙي تون ڪيتريون نه سٺيون ڳالهيون ڪرين ٿي.“ راڻي، ”ابو اهي ڳالهيون مون ڪتابن مان پڙهيون آهن، ابو علم روشني آهي. ها ابو توهان جيڪا مون کي خرچي ڏيندا آهيو. مان انهي مان بچت ڪري جيڪي پئسا بچندا آهن اهي شاگردن جي مدد لاءِ مس کي ڏيندي آهيان. مس انهن مان قلم ڪتاب ۽ ڪاپيون وٺي انهن کي ڏيندي آهي.“ پڻس، ”واه! منهنجي راڻي پٽ واه! تو ته منهنجي دل خوش ڪري ڇڏي.“ راڻي، ”ابو اهي ڳالهيون سڀ ڪتابن ۾ هونديون اهن. ابو، مان پڙهي ڊاڪٽر ٿينديس. پنهنجي مارن جي خدمت ڪندس.“ پڻس، ”منهنجي ڌيءَ توکي ربّ سائين ڪامياب ڪندو“ راڻي، ”آمين بابا سائين“ ڌيءَ راڻي، ”هاڻي مان وڃان ٿو سيٺ کان پئسا وٺڻ ۽ تنهنجي لاءِ تحفو وٺڻ.“ راڻي، ”پيءَ جي واٽ نهارڻ لڳي، شام جو سندس والد خالي هٿين گهر آيو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس. ”راڻي ڌيءَ سيٺ پئسا ڪونه ڏنا. ربّ ڪونه ڇڏيندو.“ راڻي ”پر بابا سائين الله سائين جو حڪم هي ته مزدور کي پورهئي جو پئسو سندس پگهر سڪڻ کان به پهرين ڏجي.“ پڻس، ”ها پٽ اهي ڳالهيون ڪير ٿو سمجهي. ۽ انهيءَ تي عمل ڪري.“ راڻي، ”پر بابا سائين مان مس کي ڇا ڏيندس.“ ”ڌيءَ تون ربّ پاڪ تي رک، ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو“ راڻي، پوري رات سوچيندي رهي ته مان مس کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس سج اڀريو راڻي سوچيندي رهي. سج اڀري مٿي نڪري چڪو هو راڻي کي اوچتو ياد آيو. سندس ڪومايل دل م خوشيءَ جي لهر اچي وئي. ها مان اهو تحفو ڏيندس. مس خوشيءَ سان قبول ڪندي پر پروين ته وڏو تحفو آڻيندي ۽ مون تي کلندي راڻي اهو سوچي ٿي. ”ها ٺيڪ آهي“ راڻي جلدي سان سنڌڙي جي سائين ڀٽ ڌڻي جو رسالو چمي هٿ ۾ کنيو. مس ڏانهن سندس گهر رواني ٿي. مس جي هر طرف سهڻا سهڻا تحفا پيا هئا پروين به هڪ وڏو تحفو آندو هو، پروين هر هر راڻي ڏانهن ٿي ڏٺو مس پنهنجي سڀني مهمانن جو شڪريو ادا ڪري سڀني ٿورن جو اعلان ڪري وئي. جڏهن مس راڻي جو تحفو ڏٺو، تڏهن بيحد خوش ٿي ۽ عظيم تحفو تسليم ڪندي راڻي کي انعام ڏيندي گهڻو پيار ڪيائين. اهو ڏسي پروين گهڻي لڄي ٿي ۽ اچي راڻي کي ڀاڪر پاتائين ته راڻي واقع تنهنجو تحفو عظيم آهي.

فقير شهمير خان

جنهن کي رب رکي

رشيده جي حياتيءَ جا ڏينهن، ڪتابن جي ورقن جيان روز- بروز اٿلبا پئي رهيا. ماضيءَ جا ڦٽ، ارشد جي وجود ميساري ڇڏيا هئس. هوءَ هاڻي فقط ارشد جي دم سان پاڻ کي وابسته ڪري چڪي هئي. هوءَ ارشد کي اسڪول وٺي وڃڻ لاءِ مڪمل طور تي تياري ڪري چڪي هئي. هوءَ آخري بار ارشد کي چمي ڏئي، گهر کان ٻاهر نڪتي.

صبح جي روشنيءَ جي ڪرڻن، زندگيءَ ۾ حرارت پيدا ڪري ڇڏي هئي. هر طرف چهل پهل هئي. ڪي پيادا وڃي رهيا هئا ته ڪي صاحب حيثيت موٽرن- ڪارن ۾، مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڀڄي، ڊڪي، ڊوڙي رهيا هئا. دنيا جي هن تيز رفتاريءَ ۾ افراتفريءَ ۾ رشيده، ارشد کي هٿ مان سوگهو جهلي، احتياط سان وڃي رهي هئي. رشيده کي اهڙي ماحول کي ڏسندي، ڪوفت ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ئي ماحول ۾ رهي. امجد کيس جدائي جو داغ هميشه لاءِ ورثي ۾ ڏئي ويو هو. اڄ کيس امجد شدت سان ياد اچي رهيو هو، جنهن کي هن ئي ماحول افراتفري ۽ تيز رفتاري ڇني ڌار ڪري ڇڏيو هو.

رشيده کي اهو صبح ياد آيو، جڏهن امجد کيس ”خدا حافظ“ چئي ۽ ارشد کي پيار ڪري، ڊيوٽيءَ تي روانو ٿيو هو ۽ پوءِ ڪجهه ئي دير کان پوءِ امجد جو ساڪت جسم، جنهن ۾ زندگيءَ جي حرارت نه هئي، سامهون پيو هو. امجد جي مجسمي کي سماج جي ڪنهن ظالم فرد پاش پاش ڪري ڇڏيو هو. پر امجد رشيده کي هن ظالم سماج ۾ اڪيلو نه ڇڏيو هو. ارشد سندس اميدون بنجي چڪو هو. ”امان، اسڪول اچي ويو.“ ارشد جي آواز تي، رشيده جي خيالن جو محل مسمار ٿي چڪو هو ۽ هوءَ، ارشد کي اسڪول ڇڏي گهر موٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com